سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تاريخ معصُومي

باب؛ --

صفحو ؛ 8

ڄام فيروز جو احوال

جڏهن ڄام نظام الدين آخرت جو سفر اختيار ڪيو، تڏهن سندس پٽ ڄام فيروز ننڍيءَ ڄمار جو هو، ۽ ڄام سجر جو ڏوهٽو ڄام صلاح الدين، جو ڄام جي عزيزن مان هو تنهن بادشاهيءَ جي تخت تي ويهڻ جي خواهش ڪئي. دريا خان ۽ سارنگ خان جيڪي ڄام جي اعتبار وارا غلام هئا ۽ ۽ نهايت دٻدٻو ۽ اثر هون، تن هيءَ ڳالهه قبول نه ڪئي، بلڪ سندس بدران ٺٽي جي شريفن ۽ مکيه ماڻهن جي صلاح سان ڄام فيروز کي بادشاهيءَ جي تخت تي ويهاريائون.  جھام صلاح الدين جنهن جهيڙو ۽  تڪرار ڳنڍيو هو سو مايوس ٿي گجرات هليو ويو، ۽ وڃي سلطان مظفر گجراتيءَ وٽ پناهه ورتائين، جيئن ته سلطان مظفر جي اهليه ڄام صلاح الدين جي سؤٽ هئي، تنهن ڪري سلطان مظفر سندس طرفداري ڪندو رهيو.

ڄام فيروز ابتدا جوانيءَ ۾ تخت تي ويٺو هو، تنهن ڪري عيش کي لڳي ويو ۽ گهڻو ڪري اندر حرم ۾ رهڻ لڳو. ڪڏهن ڪڏهن ٻاهر ايندو هو ته مخنث ۽ مسخرا سندس مجلس ۾ هوندا هئا ۽ رازداري ۽ مسخري پيا ڪندا هئا. سندس وقت ۾ سما ۽ خاصخيلي شهر جي ماڻهن تي ڏاڍا ظلم ڪندا هئا. دريا خان روڪيندو هون ته انهيءَ جي بي عزتي ڪندا هئا، جنهنڪري دريا خان موڪل وٺي اچي پنهنجي جاگير تي ڳاهن ۾ رهيو ۽ انهن ڏينهن ۾ مخدوم عبدالعزيز ابهري محدث ۽ سندس ٻه فرزند مولانا اثير الدين ابهري ۽ مولانا محمد، جن مان هر هڪ متبحر عالم هو. ڳاهن ۾ تشريف فرما ٿي ڪي سال علم جي اشاعت کي لڳي ويا. سندن اچڻ جو سبب شاهه اسماعيل (صفوي) جي، سن 918هه واري بغاوت هئي. مٿيون مولانا [76] سڀني نقلي خواهه عقلي عملن جو جامع هو ۽ هر علم ۾ عمديون تصنيفون ڪيل اٿس، جن مان سندس لکيل ”مشڪوات“ (شريف) جو شرح پڻ آهي، پر پورو نه ڪري سگهيو: انهيءَ جو مسودو مولف جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي. اڪثر استعمال ٿيندڙ ۽ رواج هيٺ آيل ڪتابن تي حاشيا لکيا اٿس، اتي ئي ڳاهن جي سرزمين تي آخرت جي سفر تي روانو ٿيو. سندس مزار ڳاهن جي مقبري ۾ آهي، جا اتي جي ماڻهن جي زيارتگاهه آهي.

قصو مختصر ته ڄام فيروز جڏهن عيش عشرت ۾ لڳي ويو ۽ ملڪ جا بنياد ڊهڻ لڳا، تڏهن انقلاب پسند ماڻهن ڄام صلاح الدين ڏانهن ماڻهو موڪلي، کيس انهيءَ حال کان واقف ڪيو ته ڄام فيروز گهڻو وقت مست ۽ غافل ٿو رهي، دريا خان جو ملڪ جي لاءِ اجهو هو. سو پڻ عذر پيش ڪري گوشي نشين ٿي وڃي، ڳاهن ۾ ويٺو آهي، هاڻي وقت آهي، جلد ئي پاڻ کي هت پهچايو. ڄام صلدين الدين ٺٽي جي ماڻهن جا خط سلطان مظفر جي گذارش ۾ آندا، جنهن تي سلطان مظفر گهڻو لشڪر ڄام صلاح الدين سان همراهه ڏيئي، کيس ٺٽي موڪليو، ۽ هو ڳاليتيون منزلون ڪندو، دور دراز سفر ڪٽي، يڪدم اچي ٺٽي وارو درياءَ ٽپڻ لڳو. ڄام فيروز جا ماڻهو پريشان ٿي کيس ٻئي رستي کان ڪڍي ويا. ڄام صلاح الدين ٺٽي جي شهر ۾ بادشاهيءَ جي تخت تي ويٺو ۽ ڄام فيروز کي سندس والده ڳاهن ۾ دريا خان وٽ وٺي ويئي، ۽ عاجزيءَ سان گذريل تفصيرن جي معافي ورتائين. دريا خان اڳين حقن کي نظر ۾ رکي لشڪر گڏ ڪرڻ کي لڳي ويو، جڏهن بکر ۽ سيوستان جو لشڪر متفق ٿي ڄام فيروز جي جهنڊي هيٺان گڏ ٿيو، ۽ بلوچ خواهه راڄ جي ماڻهن پڻ توجهه ڪيو، تڏهن درياءَ خان لشڪر وٺي ڄام صلاح الدين کي دفع ڪرڻ ڏانهن روانو ٿيو. ڄام صلاح الدين اڳتي وڌي لڙائي ۽ جنگ شروع ڪرڻ گهري، پر حاجي جو سندس مکيه وزير هو، تنهن صلاح اها ڪئي ته ڄام صلاح الدين پاڻ شهر ۾ رهي ۽ جنگي هاٿي ۽ لشڪر ساڻس (حاجي سان) همراهه ڪري جنگ تي موڪلي جنهن ڪري ڄام صلاح الدين پاڻ شهر ۾ ترسي حاجي وزير کي لڙائيءَ تي موڪليو. ٻنهي لشڪرن جي وچ ۾ لڙائيءَ جي باهه ڀڙڪي، ۽ ٻنهي طرفن کان بهادر جنگ ۾ ڪسڻ لڳا. آخر درياءَ خان جو لشڪر شڪست کاتي هٽڻ لڳو. حاجي وزير سواريءَ جي حالت ۾ ڄام صلاح الدين ڏانهن عريضو موڪليو ته فتح توهان جي آهي، دلجاءِ ڪيو، جنهن صورت ۾ بيگاهه ٿي ويو هو، تنهن ڪري وڌيڪ پيڇو نه ڪري سگهيو. قاصد عريضي سميت درياءَ ماڻهن جو هٿ چڙهي ويو. هن هڪدم عريضي جو مضمون ڦيرائي حاجي وزير جي نالي سان ٻيو عريضو لکيو ته توهان جو لشڪر شڪست کائي ويو، دشمن جو لشڪر زور آهي، توهان پنهنجو اهل و عيال ٺٽي مان ٻاهر ڪڍي وڃو، دير بلڪل نه ڪندا، پاڻ هڪٻئي سان چاچڪن ۾ ملنداسون. هن عريضي ملڻ شرط ڄام صلاح الدين رمضان شريف جي 9 تاريخ افطار ڪرڻ کانسواءِ ئي، درياهه ٽپي ويو ۽ کيس شڪست آئي. سندس حڪومت جو عرصو 8 مهينا رهيو، جڏهن حاجي وزير ڄام صلاح الدين سان ملي ملامت ڪئي ته ڀڄي نڪرڻ جو (آخر) باعث ڪهڙو هو، تڏهن هن حاجيءَ جي عريضو ڪڍي ڏيکاريو. حاجيءَ چيو ته هيءَ مون نه لکيو آهي. نيٺ درياءَ خان جي چالاڪيءَ کان واقف ٿي ڏاڍو افسوس ڪيائين. ليڪن معاملو هٿ کان نڪري چڪو هو ۽ قدامت مان ڪوبه فائدو نه ٿيو. (بله خواه مخواهه) افسوس ڪرڻ لڳا. هوڏانهن درياءَ خان ٻه ٽي منزلون پڇيو ڪري آخر عيدالفطر جي ڏينهن ڄام فيروز کي ٺٽي ۾ آڻي عيد گاهه ۾ نماز اداڪئي.

ڄام فيروز ڪي سال استقلال سان [78] گذريا، جيستائين سن 926هه ۾ شاهه بيگ ارغون سنڌ جي فتح ڏانهن رخ رکيو. شاه بيگ جي لڙاين جا واقعا پنهنجيءَ جاءِ تي مذڪور ٿيندا.

جيئن ته سومرن ۽ سمن جي احوال بابت ڪوبه اهڙو نسخو ڏسڻ ۾ ڪونه آيو، جنهن ۾ سندن احوال مفصل لکيل هجي، تنهن ڪري جيڪو اجمالي بيان لکيل مليو سو هتي لکيو ويو آهي. جيڪڏهن ڪنهن به پياري کي وڌيڪ واقفيت هجي ته ملائي ڇڏي. [79]

ارغوني حاڪمن جي بادشاهيءَ، ۽ سندن حڪومت جي عرصي ۾ لڙاين جي واقعات جو احوال

مير ذوالنون ارغون جي مختصر احوال جو احوال

امير ذوالنون بن مير حسن بصري جو قوم جي گهڻن بهادرن کان بهادريءَ ۽ ليريءَ ۾ ممتاز هو، سو سلطان ابو سعيد مرزا جي زماني ۾ سندس ملازمن جي لسٽ ۾ وقت گذاري رهيو هو، ۽ مقابلي ۽ جنگ جي ڏينهن ۾ مردانه ڪوششون ڏيکاريندو هو، جنهن ڪري مٿس ابو سعيد مرزا جي نظر عنايت ۽ مهرباني ٿيڻ لڳي، ۽ قسمين قسمين اعام اڪرام حاصل ڪري ڀائرن ۽ عزيزن کان مرتبي ۾ وڌي ويو، ۽ سندس جهڙا مٿس رشڪ ڪرڻ لڳا.

قرا باغ جي واقعي کان پوءِ امير ذوالنون پنهنجي پيءُ جي خدمت ۾ هرات هليو ويو. ڪي ڏينهن سلطان يادگار مرزا جي خدمت ۾ پڻ گذاريائين، تنهن کانپوءِ سمر قند ويو، جتي مٿس سلطان احمد مرزا جي نظر التفات ٿي، ۽ ٻه ٽي سال انهيءَ ملڪ ۾ گذاريائين، انهيءَ کانپوءِ ترخاني ۽ ارغوني اميرن ۾ تڪرار ٿيڻ ڪري وري ٻيو دفعو خراسان ڏانهن روانو ٿيو، جيئن ته اتي وڃي سلطان حسين مرزا جو منظور نظر ٿيو، تنهن ڪري غور ۽ داور ملڪن جي سنڀال سندس حوالي ٿي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ زماني ۾ هزاره ۽ تڪدري جي ماڻهن جو انهن ملڪن تي تمام گهڻو غلبو ٿي ويو هو.

امير ذوالنون سن 884هه ۾ ٿورڙي لشڪر سان اوڏانهن روانو ٿيو، ۽ ٽن چئن سالن جي مدت ۾ انهيءَ جماعت سان ٻه چار ڀيرا لڙايون ڪري، بادشاهي بخت جي برڪت سان سڀني لڙاين ۾ آندائين. هزاره ۽ تڪدري جا ماڻهو خواهه ٻيا [80] هيءَ حقيقت بار بار مشاهدي ڪرڻ کانپوءِ فرمانبردار ٿيا، ۽ وري ڪڏهن به مخالفت نه ڪيائون. مير ذوالنون جي حسن خدميءَ قبوليت جو شرف حاصل ڪيو، ۽ فتحمند خاقان سلطان حسين مرزا، قنڌار فراه ۽ غور ملڪن جي ساري ڪاروبار جي واڳ سندس هٿ ۾ ڏني. مير ذوالنون انهيءَ ملڪ ۾ استقلال حاصل ڪري شال، مستونگ ۽ انهن جي پسگردائيءَ تي پڻ قبضو ڪري ورتو. والله علم.

مير ذوالنون ارغون جو بديع الزمان مرزا سان اخلاق ۽ سچائيءَ جي رستي سان هلڻ

جيئن مٿي بيان ٿي آيو، فتحمند خاقان، مير ذوالنون جي تربيت ۽ پرورش ڪري، کيس نشان ۽ جهنڊي جي نوازش سان سرفراز ڪري قنڌار، گرم سير ۽ داور جي سر زمين عطا ڪئي. ٽن چئن سالن کانپوءِ، مير ذوالنون چڱو لشڪر تيار ڪيو ۽ هزاري، تڪدري، قبچاق ۽ قنڌار جي مغلن کي پاڻ سان متفق ڪيائين. هيءَ خبر جڏهن فتحمند خاقان جي ڪن پيئي. تڏهن هڪدم مير ذوالنون جي گهرائڻ جو حڪم جاري ڪيائين، ۽ هو به بنا کٽڪي ۽ بنا دير اچي تخت آڏو حاضر ٿيو، تحفا گذارش هيٺ آندائين، شهزادن ۽ بادشاهي اميرن وزيرن کي پڻ سندن درجن مطابق لائق سوکڙيون پيش ڪيائين، جنهن ڪري سڀ ماڻهو مير ذولانون جي تعريف، سچائي ۽ خير خواهي ڳائڻ لڳا. ايتري هوندي به بادشاهه والا جاه کي اطمينان حاصل نه ٿيو. مير ذوالنون نهايت داناءُ هو، پنهنجي فراست (دانائي) ۽ دروا انديشيءَ سان معاملي جي نوعيت سمجهي ويو. سو ڇا ڪيائين جو پاڻ کي مرزا بديع الزمان سان کڻي وابسته ڪيائين، ۽ خلوت ۾ خواهه محفل ۾ سندس خدمت ۾ پهچي هر روز ڪو نئون نذرانو عرض رکندو هو. نيٺ هڪ رات مرزا کي عرض ڪيائين ته مان [81] معاملي جي رخ مان سمجهان ٿو ته بادشاهه مون کي موڪل ڪانه ڏيندو، تنهن ڪري [ارادو اٿم ته] مان پنهنجي ماڻهن کي موڪلي ڏئي ڇڏيان ته پنهنجي گهر موٽي وڃن. مرزا سندس مصلحت جي تعريف ڪئي، ۽ مير ذوالنون ڪن ٿورن ماڻهن سان قريباً هڪ سال شاهي ڪئمپ ۾ رهيو. آخر هڪ رات فتح مند خاقان جي خاص مجلس ۾ هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون هلي رهيون ته پاڻ ڳالهائيندي ڳالهائيندي فرمايائون ته ذوالنون بابت خير خواهن جي ڪهڙيءَ راءِ آهي؟ اهل مجلس اڃا جواب ۾ ويچار ڪري رهيا هئا ته مرزا بديع الزمان عرض ڪيو ته قنڌار جي حڪومت ڪوبه امير قبول نه ٿو ڪري، جنهن کي به اقتدار جي حڪومت لاءِ مقرر ڪري موڪليو اٿوَ، سو ٻن ٽن سالن جي عرصي ۾ وبا جي بيماريءَ جو شڪار ٿي فنا ٿي ويو آهي، تنهن ڪري مير ذوالنون کي موڪليو وڃي ته ٻن حالتن کان خالي نه ٿيندو: يا ته فرمانبردار ٿي رهندو يا نه رهندو، تنهن کان پوءِ ٻن حالتن کان خالي نه آهي: يا پکڙيل مرض ۾ گرفتار ٿيندو يا نه، پر جيڪڏهن مرض جي چنبي کان به ڇٽي ويندو ته به اسان جي چنبي کان ڇٽي نه سگهندو. بادشاهه هي سخن پسند ڪري فرمايو ته چڱو هي معاملو توهان جي اختيار ۾ آهي. مرزا بديع الزمان مير ذوالنون جو ذمو پاڻ تي کنيو، ۽ فتح مند خاقان قيمتي سروپاءِ، لغام ۽ زين سميت گهوڙو ۽ لشڪر جو سامان جهڙوڪ؛ نقارو ۽ جهنڊو مير ذوالنون جي حوالي ڪرڻ، ۽ شاهي آفيس مان شاهي مهر سان سندس مقرريءَ جي فرمان جاري ڪرڻ جو حڪم عنايت فرمايو. مير ذوالنون پڻ هڪ عهد نامو لکي مرزا جي حوالي ڪيو ته جڏهن به مرزا کي ڪو حادثو پيش ايندو ته هو دل و جان سان مدد ڪندو ۽ جنهن وقت به حاضر ٿيڻ جو فرمان صادر ٿيندو ته بنا دير اچي حاضر ٿيندو. مرزا جي مهربانيءَ کي خيال ۾ رکي مير ذوالنون هڪ تڪڙو قاصد قنڌار موڪلي، پنهنجي هدات واري فرزند شاهه بيگ کي گهرايو. [تنهن سان گڏ] عبدالرحمان ارغون، زينڪ ترخان، جعفر ارغون، ۽ سلطان محمود بکري جو والد مير فاضل پڻ ٻه سئو سوار سان ڪري يلغارون ڪري، اچي خراسان پهتا. شاهه بيگ جي اچڻ ڪري، فتحمند خاقان، مرزا بديع الزمان ۽ حڪومت جي دفتر سان تعلق رکندڙن سڀني کي پوري تسلي حاصل ٿي.

مير ذوالنون جي قنڌار رواني ٿيڻ جو احوال

مير ذوالنون جڏهن فتحمند خاقان جي خدمت ۾ گهڻو عرصو گذاريو، تڏهن مراد مند شهزادن، ناليوارن اميرن ۽ عزت ماب وزيرن مير ذوالنون جي مشڪل حل ڪرڻ ڏانهن توجهه ڪيو، ۽ حضور ۾ عرض ڪيائون ته قنڌار جي سرحدن تي خلل پيدا ٿي ويو آهي، جيڪڏهن فرمان اعلى هجي ته مير ذوالنون ڪاروبار ڏانهن متوجهه ٿي بندوبست ڪري. فرمان اعلى جاري ٿيو ته مير ذوالنون پنهنجو فرزند ۽ پنهنجا امير حاضريءَ ۾ ڇڏي پاڻ قنڌار وڃي. حڪم ٿيڻ سان مير ذوالنون موقعي کي غنيمت سمجهي پنهنجو پٽ، امير ۽ ماڻهو ساڻ وٺي يلغارون ڪندو قنڌار روانو ٿيو، ۽ ڳپل ماڻهو سامان ۽ هٿيارن سميت گهر ۾ ڇڏي ويو، ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ خاقان بلند مڪان فرمايو ته امير ذوالنون نوروز تائين ترسي نوروز جو جشن گذاري پوءِ قنڌار وڃي. هڪڙو سردار هن جي جاءِ تي آيو. سامان اسباب ساڳئي حال ۾ موجود ڏسي. احوال معلوم ڪري مير ذوالنون جي رواني ٿيڻ جي ڪيفيت وڃي حضور ۾ عرض ڪيائين. خاقان جي زبان مان نڪتو ته امير ذوالنون اهڙو ويو جو اسان کي وري نه ڏسندو. سڀني شهزادن ۽ اميرن پناهه گهري چيو ته هو موٽي ايندو. سندس گهوڙن جو طبيلو، اٺ، گهر جو فرش ۽ ٻيو اسباب سمورو سندس گهر ۾ جيئن جو تيئن پيو آهي. بادشاهه فرمايو ته اهوئي ته هن جي عقل ۽ دانائيءَ جو ڪمال آهي، جو اسان کي راند ڏيئي ويو، حقيقت ۾ هو به ائين دلداريءَ جو فرمان لکي امير عليءَ جي هٿان، جو دربار جو معتمد عليه هو، مير ذوالنون ڏانهن روانو ڪيائين. امير علي نهايت تڪڙو وڃي، جنهن وقت هو فراه کان روانو ٿي رهيو هو، انهيءَ وقت کيس پهچي، حڪم پهچايو. مير ذوالنون توجهه ڪري ڏاڍيءَ تعظيم سان فرمان ورتو. [83] ۽ مضمون کان واقف ٿي ڏاڍي خوشي ڪيائين، ۽ امير علي کي معذرت طور چيائين، ته هاڻي جڏهن گهر کان ٻن منزلن تي اچي پهتا آهيون تڏهن فرزندن سان ملاقات ڪري، ڪاروبار کان واقف ٿي، پوءِ توهان سان گڏجي هلنداسون، قنڌار پهچڻ تي منزل انداز ٿي، امير علي جي ڏاڍي تعظيم ۽ عزت ڪيائين. مير ذوالنون پنهنجي پٽن شاهه بيگ، محمد مقيم ۽ پنهنجي ڀاءُ  مير سلطان عليءَ جي روبرو کيس پنهنجي تنبوءَ ۾ گهرائي ملاقات ڪئي. اوڀارين لهوارين ڳالهين کان پوءِ، چيائين ته اسان کييقين آهي ته بادشاهه وري اسان کي موڪل نه ڏيندو، بلڪ پشيمان ٿيو آهي، تون سچي ٻڌاءِ (ته ڳالهه ڪيئن آهي).[1]

جنهن صورت ۾ هن گهڻي مهرباني ڏٺي هئي، تنهن ڪري سندن مرضي مطابق ڳالهه ڪيائين، پوءِ کيس گهوڙو، پوشاڪ ۽ گهڻو سون ڏيئي موڪل ڏنائين، امير علي موٽي فتحمند خاقان جي خدمت ۾ پهتو ۽ حقيقت حال عرض رکي مير ذوالنون جو عريضو خلوت ۾ پيش ڪيائين. [ظاهر آهي] جڏهن معلومات هٿان نڪري چڪو هو، تڏهن پشيمانيءَ کان سواءِ ڪوبه فائدو نه ٿيو. وا الله اعلم بالصواب.

مرزا بديع الزمان جي قنڌار وڃڻ جو احوال

جڏهن مرزا بديع الزمان، ڏنگيءَ طبع هجڻ ڪري فتحمند خاقان کان ڏکوئجي ۽ ڀائرن کان نااميد ٿي گرمسير قنڌار جي ملڪن ڏانهن روانو ٿيو، تڏهن انهيءَ ملڪ ۾ پهچڻ کان پوءِ، مير ذوالنون ۽ سندس فرزندن شاهه بيگ ۽ محمد مقيم بلادير سندس استقبال ڪري، نياز ۽ قرباني جا فرائض بجا آندا، ۽ وس آهر سندس دل مبارڪ کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي، انهيءَ عالي مقام بادشاهه جي ڪاروبار جي انتظام تي پورو توجهه ڏنائون، انهن ئي ڏينهن ۾ بديع الزمان مرزا مير ذوالنون جي نياڻي سڳوريءَ جي گهر ڪري انهيءَ کي پنهنجي نڪاح ۾ آندو، ۽ ڪي ڏينهن عيش عشرت سان، خوشيءَ ۽ آرام ۾ [84] گذاريا. انهيءَ تعلق ڪري مير ذوالنون ۽ سندس اولاد جي اخلاص جو بنياد ڏانهنس نهايت مضبوط ٿيو، ۽ انهيءَ ڪري مرزا جو استاد شيخ علي طغائي ڪاوڙيو، ۽ نيٺ قيد ۾ پيو. صورت حال هئين هئي ته هڪڙي ڏينهن مير ذوالنون داور جي ڪنهن مزار جي زيارت ۾ مشغول هو ته هڪ فدائي فرياديءَ جي صورت ۾ سامهون اچي مير ذوالنون کي ڇرو هنيو جنهن تي سندس نوڪرن هن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو. معلوم ٿيو ته اها حرڪت شيخ علي دغائيءَ جي چرچ تي ٿي هئي. مير ذوالنون ۽ سندس اولاد هن جي قتل ڪرڻ جو ارادو ڪيو، پر امير شيخ علي مرزا بديع الزمان جي تنبوءَ ڏانهن ڀڄي ويو ۽ ارغوني ٻن ٽن هزار سوارن سان شاهي تنبوءَ کي مرڪز وانگيان گهيري ويا ۽ سندس حضور ۾ ماڻهو موڪلي امير شيخ عليءَ جي طلب ڪيائون. بديع الزمان مرزا فرمايو ته توهان وڃو اسان شيخ عليءَ کي موڪليون ٿا. هنن مرزا جو پيغام قبول نه ڪيو. ليڪن سخت قسمن کائڻ سان تاڪيدي وعدو ڪيائون، ته شيخ عليءَ کي نه ڪهندا، اقرار کانپوءِ بديع الزمان مرزا، شيخ عليءَ کي مير ذوالنون جي حوالي ڪيو. ۽ هو دوباره کانئس راضي ٿي خدمت لاءِ ڪمر ڪشي بيٺو ۽ امير شيخ علي فتحمند خاقان جي دربار ۾ حاضر ٿي، وڏن اميرن جي سلسلي ۾ داخل ٿيو، جن ڏينهن ۾ مرزا بديع الزمان داور جي سر زمين تي گذاري رهيو هو، انهيءَ ڏينهن ۾ مرزا بديع الزمان جي پٽ مرزا محمد مؤمن جو تڪليف ڏيندڙ حادثو مشهور ٿيو.

محمد مؤمن مرزا ولد بديع الزمان مرزا جو گرفتار ٿيڻ ۽ انهيءَ نونهال جو الاهي تقدير جي جهولي سان پاڙئون پٽجڻ جو احوال

محمد مؤمن مرزا سج جهڙو شهزادو هو، ڦوه جوانيءَ ۾ [85] سندس زندگانيءَ جو ٻوٽو اجل جي سخت هوا سبب ڪري پيو، جنهن جي مختصر صورت حال هن طرح آهي ته جڏهن سندس والد بزرگوار سندس ڏاڏي يعني فتحمند خاقان سلطان حسين مرزا کان رنج ٿي قنڌار ڏانهن واڳ ورائي، تڏهن محمد مؤمن مرزا استرآباد ۾ ٿي رهيو. پيءُ قنڌار ڏانهن ويندي وقت پياري فرزند ڏانهن پيغام موڪليو ته توکي منهنجي سنت ڪرڻ مناسب آهي، ۽ توکي هيڏانهن واڳ ورائڻ گهرجي. شهزادي پيءُ کي پيغام موڪليو ته شاهي خاندان کان منهن موڙي پنهنجي ملازمن وٽ پناهه وٺڻ توهان لاءِ مناسب ڏسڻ ۾ نٿو اچيم. بديع الزمان مرزا فرزند جي راءِ تي آفرين ڪئي، ۽ جيڪي ساڻس ڀروسي جوڳا ماڻهو هئا تن مان ڪي موڪلي تاڪيد ڪيائينس ته جيئن ته چاچا انتقام لاءِ تيار آهن، تنهن ڪري سندن ڳالهين تي متان ٺڳجين ۽ جيڪڏهن ڏاڏو بزرگوار توکي گهرائي ته جهان جي سردار جي حڪم جي تابعداري ڪري پاڻ کي خدمت ۾ رسائج، ۽ جيڪڏهن حڪم جي برخلاف ڪو ماڻهو ايڏانهن جي حدن ۾ داخل ٿئي ته لڙائي ڪج.

مطلب ته جڏهن مظفر حسين مرزا استر آباد جي پسگردائيءَ ۾ اچي لٿو، تڏهن محمد مؤمن مرزا خبر ٻڌي چاچي جي فرمانبرداريءَ ۾ قدم رکي استقبال ڪرڻ ۽ ملڪ ۽ مال سندس حوالي ڪري ڪنهن پاسي نڪري وڃڻ ٿي چاهيو ته ايتري ۾ بديع الزمان مرزا جو فرمان کيس پهتو ته ڪنهن به صورت ۾ اختيار جي واڳ پنهنجي هٿان نه ڇڏج، ۽ لشڪر گڏ ڪري لڙائي جي ميدان ۾ قدم ک. تنهن ڪري محمد مؤمن مرزا لشڪر سينگاري استر آباد کان ٻاهر نڪتو ۽ گهوڙو لڙائيءَ جي ميدان ۾ ڪڏايائين. مظفر حسين مرزا به بي انداز لشڪر سان ميدان ۾ آيو، ۽ نعرن نغارن ۽ شرناين جا آواز ٻنهي طرفن کان بلند ٿيا ۽ اک ڇنڀ ۾ تيرن تگتن جو مينهن وسڻ شروع ٿيو. قصو ڪوتاهه جنگي جوڌن ۽ بهادرن پاڻ ۾ ڳنڍجي جنگ جو ڀڀڙو ٻاريو، ۽ قيامت [86] جي ڏينهن جي نشاني ظاهر ٿيڻ لڳي. مطلب ته محمد مؤمن مرزا بهادرن جي هڪ فوج کي موت جي خاڪ تي ليٽايو، پر ايتري ۾ شوميءَ تقدير سبب محمد مؤمن جي گهوڙي جي تنگ ڇڄي پيو ۽ پاڻ زين تان اچي زمين تي ڪريو. ڪرڻ سان هڪڙو سپاهي اچي ساڻس ڳنڍيو. مرزا مظفر حسين هيءَ خبر ٻڌي هڪدم پاڻ اچي اتي پهتو ۽ ڀائٽي کي ڀاڪر ۾ وٺي دلداري ڏيئي بروقت استر آباد ۾ آڻي کيس چانديءَ جي زنجير ۾ قيد ڪيائين. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ پنهنجي مامي امير محمد برندق برلاس جي هٿان کيس هرات ڏينهن موڪلائين. جنهن کيس مهيني صفر سن 903هه ۾ اتي پهچائي قلعي ۾ قيد ڪيو، ۽ فتحمند خاقان جي خدمت ۾ حاضري لاءِ روانو ٿي،مرغاب نديءَ جي ڪناري تي اچي زمين بوسيءَ جو شرف حاصل ڪري حقيقت حال عرض ڪئي. [هوڏانهن] مظفر حسين مرزا جي الده خديجه بيگي بيگم، شهزاده، محمد مؤمن مرزا جي زندگي پنهنجي پٽ مظفر حسين مرزا لاءِ موت جو پيغام تصور ڪري، هن بادشاهيءَ ۽ اقبال جي باغ جي نونهال کي ظلم جي جهولي سان ڪيرائڻ تي پوري همت خرچ ڪئي، ۽ خواجا نظام الملڪ کي، جو انهيءَ وقت ملڪ ۽ مال جو مختيار هو، پاڻ سان متفق ڪري، هڪ رات جڏهن فتحمند خاقان شراب جي نشي ۾ بي خبر هو تڏهن انهيءَ شهزادي جي قتل جو حڪم حاصل ڪري يار علي بخشيءَ ۽ عبدالواحد گهوڙي سوار پنهنجن ٻن اعتبار جوڳن ماڻهن سان انهيءَ ڪم لاءِ مقرر ڪري، تمام جلدي روانو ڪيائين، ٻئي ڏينهن جڏهن فتحمند خاقان گذريل رات جي حڪم کان واقف ٿيو، تڏهن هڪ تڪڙيء ماڻهوءَ هٿان فرمان مبارڪ موڪليائين ته انهيءَ اکين جي ٺار کي هرگز ايذاءُ نه رسائجو. ليڪن اها بدڪار جماعت، خديجه بيگم جي مبالغي ۽ تاڪيد سبب نهايت جلد پنڌ پورو ڪري اچي اتي پهتي، جتي محمد مؤمن مرزا قيد هو. شهزادو ڪيفيت حال معلوم ڪري ٽپو ڏيئي اٿيو ۽ انهن کان پڇڻ لڳو. پوءِ اهي بدعاقبت بدخت [87] اهڙي جواب کي، جنهن جو خاندان ۾ مثال ڪونه هو، قتل ڪري انهيءَ ئي رات لشڪر ڏانهن واپس واريا. ٿورو پنڌ مس ڪيائون ته کين اهو ماڻهو مليو جنهن معافي جو پروانو ٿي آندو، پر جڏهن تقدير پنهنجو ڪم ڪري چڪي هئي، تڏهن پشيمانيءَ ۽ افسوس کان سواءِ ڪوبه فائدو ڪونه ٿيو. صبح جو سوير امير جئنيدا، جو شهر ۾ موجود هو، شهر جي رهاڪن ۽ مکيه ماڻهن جي صلاح سان سندس پاڪ جسم جي تجهيز و تڪفين جو بندوبست ڪري کيس هرات جي مدرسي شريف ۾ دفن ڪيو، جڏهن پنهنجي هدايت واري پٽ جي سهادت جي خبر بديع الزمان مرزا کي پهتي، تڏهن پريشانيءَ ۽ بي صبريءَ ۾ بدلي وٺڻ جو پڪو ارادو ڪري لشڪر گڏ ڪرڻ جو حڪم ڪيائين. [2]

سلطان حسين مرزا جي قنڌار ڏانهن روانو ٿيڻ ۽ انهيءَ بادشاهه جي رستي مان واپس موٽڻ جو احوال

جڏهن بخت واري بادشاهه جي ڪن تي هيءَ خبر پيئي ته بديع الزمان مرزا، مير ذوالنون ارغون سان گڏ تمام گهڻو لشڪر گڏ ڪري محمد مؤمن مرزا جي بدلي وٺڻ لاءِ مقابلي ۽ لڙائي جي تياري ڪري رهيو آهي، تڏهن فتحمند خاقان پاڻ گرمسير ۽ قنڌار ڏانهن روانو ٿيو. مرزا بديع الزمان ۽ مير ذوالنون حضرت جي روانگيءَ کان واقف ٿي، فراه، داور ۽ قنڌار جي زميندارن ۽ هارين کي حڪم ڪيو، جنهن تي هنن کاڌي پيتي جي جا شيءِ ميسر ٿي سگهي سا قلعن ۾ داخل ڪئي ۽ انهيءَ ملڪ جي ساري آمدني ڪارگر ماڻهن کي عطا ڪيائون. امير ذوالنون پشنگ جي قلعي کي ايڏو مضبوط ڪيو هو، جو جيڪڏهن مثلاً: ماڪوڙي چڙهڻ جي ڪوشش ڪري ها ته به رستو نه مليس ها، ۽ پاڻ انهيءَ قلعي ۾ ٿي ويٺو. بديع الزمان مرزا ڪنهن ٻئي بلند قلعي کي مضبوط بنايو. شاهه بيگ قنڌار جي قلعي کي ۽ محمد مقيم داور جي قلعي کي، ۽ فيصلو اهو ٿيو ته جيڪڏهن فتحمند خاقان [88] پشنگ ڏانهن روانو ٿئي ته بديع الزمان مرزا جنگ جي ارادي سان لشڪر گاهه جي پيٺان ڦري اچي، جيڪڏهن پهريان بديع الزمان جي دفع ڪرڻ ۾ مشغول ٿئي، ته مير ذوالنون لشڪر جي پويان ڦري اچي. قصو ڪوتاهه، فتحمند قاخان فراه جي ولايت لنگهي داور جي سر زمين تي آيو، پر کاڌي جي نه لڀڻ ڪري شاهي لشڪر ۾ ڏڪار پيو ۽ اهڙي سخت حالت ٿي جو قريب هو ته سپاهه ظفر پناهه متفرق ۽ پريشان ٿي مير ذوالنون ڏانهن هليو وڃي. ايتري ۾ بادشاهه کي خبر پيئي ته بيست جي قلعي ۾ جنهن جي سنڀال عبدالرحمان ارغون جي ذمي آهي، اناج جو گهڻو ذخيرو رکيل آهي، ۽ اهو آسانيءَ سان هٿ ڪري سگهجي ٿو،تنهن ڪري وڃي انهيءَ قلعي جي ٻاهران فتح جو جهنڊو کوڙيائون. عبدالرحمان جي دل ۾ خوف پيدا ٿيو، جنهن ڪري ڪوبه ماڻهو جنگي اوزار استعمال ڪري تنهن کان اڳ ۾ آڻ مڃي، سلطان جي خدمت ۾ حضر ٿي، قلعو حوالي ڪيائين. حقيقت ۾ جيڪڏهن عبدالرحمان بيگ رڳو ٻٽي ڏينهن ثابت قدم رهي، قلعي داريءَ جون رسمون بجا آڻي ها ته فتحمند خاقان جو لشڪر نهايت تنگ ٿئي ها، ڇاڪاڻ ته انهيءَ قلعي جي فتح ٿيڻ هوندي به لشڪر ۾ اهائي تنگي باقي رهي، ۽ فتحمند خاقان موٽڻ ۾ مصلحت سمجهي انهيءَ ئي منزل کان هرات جي تختگاهه ڏانهن موٽي ويو.

بديع الزمان مرزا جو شاهه بيگ ارغون سان گڏجي النگ نشين ۾ سلطان حسين مرزا جي مبارڪ لشڪر ڏانهن رواني ٿيڻ جو احوال

هن احوال جي ڪيفيت هن طرح آهي ته بهار جي ابتدا ۾ سلطان حسين مرزا ڪجهه وقت عيش عشرت ۾ مشغول ٿيو، ۽ سپاهي ٽڙي پکڙي پنهنجي جاين ڏانهن هليا ويا ۽ باقي ڪي ٿورا امير سلطان حسين جي لشڪر ۾ وڃي رهيا، هيءَ خبر وڃي بديع الزمان مرزا ۽ شاهه بيگ ارغون ولد مير ذوالنون کي پهتي جي گرمسير ۾ رهيا پيا هئا. [89] موقعو غنيمت ڄاڻي فيصلو ڪيائون ته ٽي _ چار هزار سوار ساڻ وٺي خاقان جي لشڪر ڏانهن يلغار ڪري اوچتو وڃي لشڪر گاهه نصرت پناهه تي ڪٽڪجي. اهو ارادو ڪري هوا جهڙن تکن گهوڙن تي سوار ٿيا، ۽ هڪڙي گهڙي به پن ڪرڻ کان آرام نٿي ڪيائون. پنجن ڇهن ڏينهن ۾ وڃي سبزوار جي گرد و نواح ۾ پهتا. فريدون حسين مرزا کي خبر پئجي ويئي، جنهن قلعو محڪم ڪري ٻٽي تکا ماڻهو هڪ ٻئي جي پويان درگاهه معلى ڏانهن روانو ڪري، والد بزرگوار جي خدمت ۾ حادثي جي حقيقت عرض رکي، النگ نشين ۾ هن خبر پهچڻ تي سپاهه جي ٿوري هئڻ سبب خاقان عاليجاهه جي درگاهه جا مقرب ماڻهو ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويا. هڪدم پنهنجا ڪي مقرب هرات جي تختگاهه ڏانهن روانو ڪري، سلطان حڪم فرمايو ته قلعي کي مضبوط ڪر امير علي شير قلعي جو انتظام سنڀالي، ۽ حڪم پهچڻ شرط لشڪر ڪئمپ ڏانهن روانو ڪري، سلطان حسين مرزا هڪدم کاهي کوٽائي محافظ دستو اڳڀرو موڪليو. هوڏانهن جيڪي ماڻهو اڳتي ويا هئا، تن لشڪر ڏسي، خبر آندي ته ڪٿي به ترسن نه ٿا ۽ واچ مينهن وانگيان پهچي رهيا آهن. سچ پچ جيڪڏهن بديع الزمان مرزا ۽ شاهه بيگ انهيءَ طريقي سان ڪاهي انهيءَ رات ڇانوڻيءَ ۾ پهچن ها ته جيڪر اڳرائي ڪري سلطاني لشڪر کي هيٺ مٿي ڪري ڇڏين ها ۽ هن مهم جو فيصلو پنهنجي مرضيءَ موجب ڪن ها. مگر سلطان مرزا جو بخت زور هو، تنهن ڪري کين اها توفيق نه ٿي، ۽ اسفراين جي گرد و نواح ۾ رات سمهي گذاريائون. صبح جو سوير جڏهن لشڪر فتح اثر جا ٽولن مٿان ٽولا ستارن وانگيان جمٿي لشڪر گاهه معلى ۾ اچي رهيا هئا، تڏهن بديع الزمان مرزا ۽ شاهه بيگ لشڪر جي ٿوري هجڻ واري گمان تي جيڪو کين هو، اچي ڪئمپ ۾ پهتا. پهچڻ شرط ٻنهي طرفن کان نغارن، شرناين ۽ نعرن جا آواز بلند ٿيا. بديع الزمان مرزا ۽ شاهه بيگ وفادار سپاهي ساڻ وٺي جنگ ڇيڙي عجيب لڙائي ڪئي. نيٺ بادشاهه پنهنجي سر محافي ۾ سوار ٿي ميدان ۾ آيو. [90] بس پوءِ ته سج اڀرڻ سان ستارن وانگيان هرڪو ماڻهو هيڏانهن هوڏانهن گم ٿي ويو. بديع الزمان غور ڏينهن هليو ويو، ۽ شاهه بيگ داور ڏانهن، فتحمند خاقان ڪامياب ۽ خوش ٿي هرات ڏانهن رخ رکيو، ۽ بادشاهه حقيقيءَ جي حمد ۽ شڪر گذاريءَ جي بجا آڻڻ کي لڳي ويو. هيءُ واقعو شعبان سن 903هه ۾ ٿيو.


[1]   اصل ۾ لفظ ”ساربان“ آهي، ساربان جون ٻه معنائون آهن، هڪ امير (Prince) ٻي اٺ هلائيندڙ، اوٺي (Camel Driver) اسان هت پهرينءَ معنى کي ختيار ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته امير ذوالنون جهڙي جليل القدر امير ڏانهن دلجو ئي ۽ دلاسي واسطي هڪ جت کي موڪلڻ ڪا معنى نٿو رکي. (مترجم)

[2]   بخشي _ نائب ناظم، سيڪريٽري، خزانچي، انسپيڪٽر (مترجم)

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org