سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تاريخ معصُومي

باب؛ --

صفحو ؛ 3

(ح) اروڙ واري درياءَ جي سير وارا پٿر: ايسٽوڪ صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ مير معصوم جي هڪ ٻيءَ يادگار جو ذڪر ڪيو آهي. هو چوي ٿو ته ”اروڙ ۾ مون قابل توجهه فقط ٻه پاهڻ ڏٺا، جن تي ڪتبا اُڪريل هئا، ڪتبن تي لکيڪ عبارت جو مطلب هيءُ هو ته اهي پٿر مير معصوم جا هڻايل آهن. انهيءَ لاءِ ته انهن جي وسيلي درياءَ جي اڳين سير جو پتو پوي.“

انهن پٿرن جي ذريعي مير معصوم اروڙ واري درياءَ جي پوزيشن نروار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر افسوس آهي جو اهي پٿر اڄ عدم پيدا آهن.[1]

مير معصوم جو اولاد:

مير معصوم کي اولاد ڪيترو ۽ ڪهڙو هو، تنهن جو ڪو پتو ڪونه ٿو پوي، البت سندس فرزند ارشد ”مير بزرگ“ جنهن لاءِ هيءُ ”تاريخ سنڌ“ تصنيف ڪئي اٿس، تنهن جا ڪجهه ٿورا گهڻا حالات ”ماثر الامرا“ مان معلوم ٿين ٿا. هو ابتدا ۾ اڪبر بادشاهه جو چوڪيد هو. جهانگير جي پٽ خسرو سلطان جي بغاوت وارن ڏينهن ۾، کيس رست مان، هٿيارن پهرين واري حالت ۾ پڪڙي وٺي آيا، ۽ ڪوٽوال بيان ڏنو ته هيءُ به انهيءَ فساد ۾ شامل آهي. مير بزرگ انڪار ڪيو، تنهن تي جهانگير کانئس پڇيو ته: ڀلا هن بيگاهه وقت هٿيار ڇو ڇهريا اٿئي؟“ جواب ڏنائين ته: ”بابي جي وصيت اٿم ته چوڪيءَ جي رات تو وٽ هٿيار هجڻ گهرجن.“ چوڪي نويس پڻ شاهدي ڏني ته اڄ رات سندس چوڪي جو وارو هو. انهيءَ تي بادشاهه کيس معاف ڪري، سندس پيءُ واري ملڪيت ۽ مال کيس بخشي، قنڌار جي بخشيگريءَ جو عهدو عطا ڪيس، پوءِ ڪيترو وقت هو اتي رهيو ۽ پيءُ جي رقم جا اٽڪل ٽيهه – چاليهه لک هئي، اجاين خرچن ۾ وڃائي ڇڏيائين. سندس دماغ ۾ ايڏو ته خلل پيدا ٿي ويو هو، جو ڪنهن سان به نياز ۽ نئڙت سان ڪين هلندو هو، نه ڪنهن گورنر سان ٺهندو هو، وٽس نوڪر چاڪر گهڻائي رهندا هئا، ۽ وضع قطعه عمدي هس. نظم خواه نثر ۾ چڱي دسترس رکندو هو، ۽ هٿ اکر به سٺا هئس. هڪ وقت جهانگير بادشاهه جي عمرڪاب هو مانڊوا پڻ آيو هو، ۽ دکن تي مقرر ٿيو هو. اتي ڪيترو وقت رهيو، پر جنهن صورت ۾ سندس جاگيرن جي آمدني، سندس خرچ لاءِ ڪافي نه ٿي ٿي، تنهن ڪري انهيءَ عهدي تان استعيفا ڏئي، پنهنجي اباڻي وطن بکر موٽي آيو، ۽ پيءُ جي ملڪيت ۽ باغ تي قناعت ڪري ويهي رهيو. آخر سن 1044 هه ۾ گذاري ويو، سندس اولاد سکر جي شهر ۾ اڃا تائين موجود آهي، ۽ ”معصومي سيد“ سڏبا آهن.

بس نامور بزير زمين دفن کرده اند،

کز هستيش بروي زمين بر نشان نماند.

خيري کن اي فلان غنيمت شمار عمر.

زان پيشتر که بانگا برآيد فلان نامد.

بي بنياد زماني جي واقفن جي صاف دلين ۽ سخن سڃاڻندڙن عقلمندن جي پاڪ قلبن تي مخفي نه هوندو ته هيءُ هڪ قيمتي ڪتاب آهي، جنهن ۾ سنڌ جي فتح، اسلام جي لشڪر جي، بدبخت ڪافرن جي لشڪر سان، جنگ ڪرڻ جا واقعا، بني اميه ۽ بني عباسي جي گهراڻن جي خليفن جي گورنرن ۽ جن حاڪمن انهن جي زماني پوري ٿيڻ کانپوءِ سنڌ تي حڪومت جو جهنڊو بلند ڪيو تن جي حڪومت جي مدت، ارغوني بادشاهن جي غلبي جو ذڪر ۽ انهن جي حڪومت جو عرصو، انهن جي لڙاين ۽ ڪن شهرن ۽ ملڪن کي مطيع ڪرڻ جا واقعات، انهن جي حياتيءَ جي زماني پوري ٿيڻ تائين حقيقتون، هن ملڪ جو خلافت پناه، سايئه الله بادشاهه غازي جلال الدين محمد اڪبر (شل الله تعالى سندس ملڪ ۽ بادشاهيءَ کي هميشه لاءِ سلامت رکي ۽ ساري دنيا تي سندس ڀلائي ۽ احسان جاري رکي) جي حڪومت هيٺ منتقل ٿيڻ جون خبرون، ۽ انهن حاڪمن ۽ اميرن جو ذڪر آهي، جيڪي انهيءَ بلند درگاه جي طرفان بکر، سيوستان ۽ ٺٽي جي حڪومت ۽ سنڀال لاءِ مقرر ٿيندا رهيا.

هيءُ ڪتاب چئن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي:

ڀاڱو پهريون: سنڌ جي فتح ۽ بني اميه ۽ عباسي خليفن طرفان ايندڙ حاڪمن جي حڪومت جي زماني جي ذڪر بابت.

ڀاڱو ٻيو: انهن بادشاهن جي بيان ۾ جيڪي هندستان جا حاڪم هئا ۽ سنڌ پڻ سندن گورنرن جي تصرف هيٺ هئي، ۽ سومرن ۽ سمن جي حڪومت جي بيان ۾.(1)

ڀاڱو ٽيون: ارغوني حاڪمن جي حڪومت جي بيان ۾.

ڀاڱو چوٿون: سنڌ ملڪ  جو (اڪبري) درگاه جي اطاعت جي دائري ۾ منتقل ٿيڻ، ۽ انهن اميرن جي حڪومت ۽ نگرانيءَ لاءِ، هن ڪتاب (جنهن جو نالو ”تاريخ سنڌ“ آهي) جي لکڻ جي وقت تائين انهيءُ دربار مان مقرر ٿيندا رهيا. والله المستعان و عليه التڪان. (الله ئي مددگار آهي ۽ انهيءَ تي توڪل آهي.)

تعريف ۽ شڪرانا انهيءَ ملڪ جي مالڪ جا جنهن پنهنجي عام حڪمت جي تقاضا موجب دنيا جي ڪاروبار جو بندوبست ۽ انسانن جي ڪمن جو انتظام، عدالت پسند بادشاهن جي وجود سان ڳنڍيل رکيو. لولا السطان لاکل الناس بعضم معضا (جيڪڏهن بادشاهه نه هجي ها ته جيڪر ماڻهو هڪ ٻئي کي کائي وڃن ها) جو سچو ڪلام هن حقيقت جي تائيد ڪندڙ آهي.

”خداوند ڪه هه شبه است و مانند

بقدرت بر خداوندان خداوند

خداونديه که اورا نيست هتما

گواه بر هستيءِ او جمله اشيا

نظام مملکت از خسروان داد

زعدل خسروان زيب جهان داد

نباشد از بدوران بادشاهان

شود از حادثات اين دهر ويران.“

______

 [خدا، جنهن جو نه آ ڪو مٽ نه مانند

آ قدرت سان رئيس جو به خاوند

اهو مالڪ نه جنهن جو ڪو به همتا

سندس هستيءَ تي شاهد جمله اشيا

نظام ملڪ لئي پيدا ڪئين شاد

دنيا جو عدل سان ٿيو زيب ۽ جاءِ

نه دنيا ۾ هجن ها جيڪڏهن شاد

لڳي ها چوطرف فتني سندي باه]

۽ پاڪ صلواتون ۽ برڪت ڀريون سوکڙيون انهي مخلوقات جي سردار مٿان نازل هجن شال، جنهن جي نبوت جي جهنڊي جي بلندي “ کنت نبيا و آدم بنين الماءِ والطين“ (آءٌ بني هوس حالانڪ آدم مٽي ۽ پاڻي ۾ هو) مان ظاهر آهي، ۽ هن جي رسالت جو شاندار علم ”وما ارسلناک الا رحمت اللعالمين“ (اسان توکي فقط دنيا لاءِ رحمت ڪري موڪليو آهي) مان واضح. شال الله تعالى هن تي، هن جي اولاد ۽ اصحابن تي ۽ انهن تي جيڪي اخلاص سان سندن تابع ٿيا آهن، قيامت تائين رحمت ڪندو رهي.

”محمد گر نخست آمد و جودش

جهان موجود از فيضان جودش

چنا بگرفت گردوت را بشوکت

که بر چرخ برين زد پنج نوبت (2)

شرف از وي زمين و آسمان را

بلندي داد قدر او جهان را

اساس دين چنا داد استقامت

که آباد است تا روز قيامت

[محمد خلق ۾ ٿيو پهريون پيدا

ٿي ان جي فيض مان دنيا هويدا

رسي وئي آسمان تي ان جي شوڪت

وڳي نيلي گنبذ تي ان جي نوبت

شرف ان کان زمين ۽ آسمان کي

سندس عزت ڏني عزت جهان کي

ڪيائين دين جو بنياد محڪم

قيامت تائين جو رهندو منظم]

اما بعد (حمد ۽ صولات کان پوءِ): گهڻي وقت کان وٺي هن ڪتاب جي لکندڙ محمد معصوم (تخلص ”نامي“ ولد سيد صفائي حسين، جو پيدائش جي خيال کان ترمذي ۽ رهايش ۽ دفن جي لحاظ کان بکري آهي، جنهن جي نسبت سبزوار ۾ پيدا ٿيندڙ ۽ قنڌار ۾ رهندڙ ۽ هميشه لاءِ آرام ڪندڙ سيد شير قلندر بن بابا حسن اندال سان ملي ٿي.) جي ضعيف دل ۾ سنڌ جي فتح جي واقعن ۽ اتي جي حاڪمن جي ڪجهه احوال لکڻ ۽ خبرن ۽ روايتن جي ڳولا ڦولا ڪري هڪ مجموعي تيار ڪرڻ جو خيال پيدا ٿيندو ٿي رهيو، پر ناموافق زماني جي مشڪلاتن ۽ ڏنگي چال واري آسمان جي مصيبتن جي ڪري اهو ڪم نٿي سگهيو، ۽ ”الامور مرهونته با وقاتهه“ (سڀ ڪم پنهنجي وقت تي منحصر آهي) جي خواهش موجب دير ٿيندي ٿي رهي. نيٺ هن وقت مهنجي اکين جو ٺار ۽ منهنجي دل جو ميوو مير بزرگ (شال خداوند ڪريم کيس پنهنجن صالح ٻانهن مان بنائي) هن ڪتاب جي لکڻ ۽ جوڙڻ جو سبب ئي هن دستاويز جي لاءِ علته غائي بنيو. لاچار هنن ورقن جي لکڻ ڏانهن متوجهه ٿيس ته مان امڪان جي پينگهي ۾ تربيت پاتلن ۽ گذريل انسانن جي حالت مطالع ڪرڻ سان هوُ خير ۽ شر جي نتيجن، ۽ نفعي ۽ نقان جا مادن کان واقفيت حاصل ڪري، هوشيار، عقلمندن ۽ تجربيڪار سهڻن اخلاقن وارن جي سهڻيءَ سيرت مان هدايت لهي، ۽ انهيءَ شاندار جماعت جي وڻيل اخلاقن ۽ اعلى طريقن جي پيروي ڪري، ۽ غفلت ۽ تڪبر وارن جي اڻوڻيل دستور ۽ سندن خصلتن ۽ بيڪار ماڻهن جي ردي عادتن کان پاسو ڪري. توفيق، پناه ۽ مدد الله جي طرفان آهي. [2]

ڀاڱو پهريون

سنڌ جي فتح ۽ وليد بن عبدالملڪ جي خلافت واري زماني ۾ دار السلام (سلامتي جي گهر) بغداد مان فتحمند لشڪر جي مقرر ٿيڻ انهن جي حق کان بي خبر ڪافرن جي لشڪر سان لڙائي ڪرڻ جي واقعن ۽ بني اُميه ۽ بني عباس گهراڻن جي خليفن طرفان مقرر ٿيل گورنرن جي حڪومت جي عرصي جو احوال

سهڻيون تعريفون ۽ واکاڻون انهيءَ پيدا ڪرڻ کي جڳائين جنهن انسانن جي جدا جدا ٽولن جي شخصيتن ۽ اخلاقن کي ڌار ڌار پيدا ڪيو، ۽ حڪومت ۽ جهانداريءَ جي رستن تي هلندڙن جا ڪم پڻ هڪٻئي جي ابتڙ خليقا: ”فمنهم ظالم لنفسه و منهم مقصد و منهم سابق بالخيرات“ (انهن مان ڪي پاڻ تن ظلم ڪندڙ ۽ ڪي درميانا آهن ته ڪي وري ڀلائين ۾ اڳرائي آهن.) تنهن کانپوءِ، هوشيارن ۽ دانائن جي پاڪ دلين تي مخفي نه رهي ته تاريخدان هن ڳالهه تي متفق آهن ته سنڌ جي فتح، وليد بن عبدالملڪ جي خلافت واري زماني ۾، حجاج بن يوسف ثقفيءَ جي ڪوشش ۽ بندوبست سان ٿي هئي، جيئن علي بن حامد بن ابي بڪر ڪوفيءُ ”تاريخ سنڌ“ ۾ جا ”چچ نامه“ جي نالي سان مشهور آهي، لکيو آهي، ۽ هنن پنن جي لکندڙ، خلل ۾ وجهندڙ ڊگهين ۽ ملول ڪندڙ عبارتن کان پاسو ڪري، جيڪي ڪجهه ضروري آهي، سو هنن ورقن ۾ لکي ٿو، توفيق ڏيڻ وارو الله پاڪ آهي.

وليد بن عبدالملڪ جي مختصر احوال جو احوال

ڪن تاريخ نويسن جي چوڻ موجب وليد هڪ ظالم حاڪم هو، پر گهڻن مورخن جي اعتقاد موجب هو بني اميه (جي گهراڻي) مان ڀلي ۾ ڀلو خليفو هو، ڇاڪاڻ ته دمشق واري جامع مسجد جا ”جامع بني اميه“ جي نالي سان مشهور آهي، انهيءَ ٺاهي هئي. ”تاريخ گزيدهه“ ۾ لکيل آهي ته ڇهه ڀيرا ڏهه ڏهه لک سونا دينار انهيءَ جي اڏاوت تي خرچ ڪيائين، چون ٿا ته هر روز ٻارنهن هزار ماڻهو انهيءَ مسجد تي ڪم ڪندا هئا. مديني شريف ۾ رسول الله جي مسجد کي هن ڪشادو ڪرايو، ۽ بيت المقدس ۾ مسجد اقصى کي پڻ نئين سر اڏايائين، سڀ ڪنهن نابين کي سونهون ڏنائين، ۽ ڪوڙهين کي به ٻي مخلوق کان جدا ڪري، انهن لاءِ وجهه معاش مقرر ڪيائين، سندس خلافت جي زماني ۾ فرغانا تائين مارواءُ النهر جا شهر، ڪابل، سنڌ ۽ ملتان جون حڪومتون فتح ٿيون. ”تاريخ مرات الجنان“ ۾ هن طرح لکيل آهي، ته گهڻي ظلم هوندي به وليد گهڻو قرآن پڙهندو هو، ۽ رمضان شريف جي مهيني ۾ ٻارهن ختما پورا ڪندو هو. ”تاريخ گزيده“ ۾ لکيل آهي ته وليد پنهنجي خلافت واري زماني ۾ برپٽ جي رستي تي پاڻيءَ جا تلاءَ ٺهرايا هئا ۽ دمشق ۾ اسپتال ۽ مهمان خاني جو بنياد وڌو هئائين. کانئس اڳ هيءُ رسم ڪانه هوندي هئي. نماز جي ٻانگ لاءِ منارو ٺاهڻ سندس ايجاد آهي. سندس وفات سن 96هه جي جمادي الاول مهيني ۾ ٿي. هن جي عمر 49 سال ۽ ٿورو مٿڀرو هئي، ۽ سندس حڪومت جو عرصو 9 سال 8 مهينا ۽ ڪجهه قدر مٿڀرو هو. وڌيڪ خدا ٿو ڄاڻي [5]

ڪن واقعن جو ذڪر، ۽ اسلامي لشڪر ۽ سڳورن وفدن جي دارالسلام بغداد مان اچڻ جي باعث جو احوال

”تاريخ سنڌ“ ۾ لکيل آهي ته عبدالملڪ جي خلافت جي وقت ۾ خليفي، هندستاني ٻانهين ۽ ٻئي سامان جي خريد ڪرڻ لاءِ، پنهنجا ڪي نوڪر سنڌ ۾ مقرر ڪيا هئا. شام جا ڪي واپاري انهن ماڻهن سان گڏجي سنڌ ملڪ ۾ پهتا، ۽ ٻانهيون ۽ گهربل سامان هٿ ڪري درياءَ جي رستي سان موٽيا، جڏهن ديبل بندر وٽ جو هاڻي ٺٽي جي بندر ۽ لاهريءَ جي نالي سان مشهور آهي، پهتا ته ڦورن جي هڪ جماعت مٿن حملو ڪري گهڻن کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ ڪن کي قيد ڪري مال ۽ شيون کڻي ٺٽي ويا. ڪي ماڻهو جند ڇڏائي ڀڳا ۽ واقعي جو احوال وڃي خليفي جي خدمت ۾ عرض رکيائون. خليفي جي غيرت جوش ۾ آئي ۽ لشڪر تيار ڪيائين. انهيءَ لشڪر جي تياريءَ هلندي خليفي تي موت اوچتو حملو ڪيو، ۽ هو آخرت جي دنيا ڏانهن روانو ٿيو، ۽ اهو لشڪر اتي ئي رهجي ويو، جڏهن سندس وفات کانپوءِ سندس لائق فرزند وليد خلافت جي گاديءَ تي ويٺو ۽ حجاج بن يوسف کي ڪوفي جو گورنر ڪري موڪليائين. جنهن ٻنهي عراقن جو ڪاروبار درست ڪري ڪرمان، خراسان ۽ سيستان جي ملڪن جي ڪمن سرانجام ڪرڻ ڏانهن توجهه ڏنو، ۽ مڪران ۽ سنڌ ملڪ جا حالات معلومات ڪري خليفي کي عرض ڪيائين ته سنڌ جي ماڻهن خليفي جي انهن نوڪرن جي جيڪي سامان خريد ڪرڻ لاءِ ويا هئا، بي ادبي ڪري سندن مال ۽ سامان لٽيو ۽ گهڻن ملازمن کي قتل ۽ ڪن کي قيد ڪيو. هو، [6] ۽ خليفي مرحوم انهيءَ قابل ملامت جماعت کان انتقام وٺڻ لاءِ انهيءَ ملڪ واسطي هڪ لشڪر مقرر فرمايو هو، مگر ايتري ۾ بيمار ٿي پيو، ۽ بقا واري جهان ڏانهن روانو ٿي ويو، جيڪڏهن حڪم ٿيندو ته ممڪن آهي ته انهن ماڻهن جي آزاد ٿيڻ سان گڏ دولت پڻ هٿ اچي، پر جيئن ته دور انديشيءَ ۽ احتياط جي خيال کان دشمن جو احوال ۽ طور طريقا معلوم ڪرڻ ضروري آهي، تنهن ڪري حجاج مٿئين عريضي جي جواب ملڻ کان اڳ ئي سنڌ جي حالات جي جاسوسي ڪرڻ ۽ دشمن جي انداز ۽ اتي جي لشڪر بابت معلومات حاصل ڪرڻ ٻه هوشيار ماڻهو مقرر ڪيا، ۽ هن واقعي کي بهاني ۽ ذريعي بنائي انهن ٻنهي آدمين هٿان هڪ خط روانو ڪيو. انهيءَ وقت سنڌ جو حاڪم چچ جو پٽ ڏاهر هو، جڏهن حجاج جو خط کيس ڏنائون ته عزت ۽ تعظيم سان ورتائين ۽ خط جو مضمون معلوم ڪري هن گناه کان انڪار ڪيائين، ۽ پنهنجي بيڏوهي ظاهر ڪندي نفاق ڀريل زبان مان سچائيءُ ۽ اتفاق جا جملا ڪڍڻ لڳو، ۽ بيخبري ۽ ناواقفي ظاهر ڪندي هن واقعي بابت پڇا ڪيائين، ۽ چيائين ته جنهن ٽولي خليفي جي نوڪرن جي ههڙي بي ادبي ڪئي آهي، تن جي ڳولا لاءِ آدمي روانا ڪريون ٿا، جيڪڏهن هٿ لڳا ته انهن کي سزا ڏينداسون ۽ جيڪو مالڪ کڻي ويا آهن، سو واپس وٺي خليفي جي خدمت ۾ موڪلينداسون، پوءِ اهڙا ماڻهو مقرر ڪيائين ۽ هنن ٻنهي ماڻهن کي سهڻن بهانن سان خوش ڪري معذرت جو هڪ جواب لکيائين ته ”ديبل بندر ۾ ڦورن جي هڪ جماعت رهي ٿي، جن هيءُ بي ادبي ڪئي آهي، ۽ هو اسان جي اختيار کان ٻاهر آهن.“ آخر اهي ماڻهو لشڪر ۽ ملڪ جي حقيقت کان واقفيت حاصل ڪري حجاج جي خدمت ۾ پهتا ۽ سنڌ جو احوال گوشگذار ڪيائون، جنهن صورت ۾ حجاج جي عريضي جي جواب (7) ۾ دارالخلافت کان حڪم صادر ٿيو هو، ته هو پنهنجي سوٽ محمد بن قاسم کي سنڌ ملڪ جي تابعدار ڪرڻ لاءِ مقرر ڪري، لشڪر جي تياري بغداد جي خزاني مان ڪري، تنهن ڪري حجاج هڪ مهيني جي عرصي ۾ پنڌرهن هزار ماڻهن کي، جن مان ڇهه هزار گهوڙي سوار، ڇهه هزار اٺ سوار ۽ ٽي هزار پيادا هئا، تيار ڪري سنڌ ڏانهن روانو ڪيو ۽ کيس ٽيهه هزار درهم خرچ لاءِ پڻ ڏنائين ته ضرورت جي وقت لشڪر تي خرچ ڪري، هي لشڪر سن 92هه ۾ روانو ٿيو، وڌيڪ علم الله وٽ آهي.

سنڌ جي حڪومت جو اڳين حاڪمن کان چچ بن سيلاج برهمڻ ڏانهن منتقل ٿيڻ جو ذڪر

خبرن جا راوي ۽ سخن جا پرکيندڙ هن طرح بيان ڪن ٿا ته الور مهراڻ نديءَ جي ڪناري تي هڪ نهايت وڏو شهر هو، جنهن ۾ بلند عمارتون،مضبوط محلاتون، ميويدار وڻن سان ڀريل باغ ۽ تمدن ۽ شهرت جو اهو سڀ سامان موجود هو، جنهن جي مقيم، خواه مسافر کي خواهش ٿي سگهي ٿي، انهيءَ طرف جي ملڪ ۽ شهرن جو مالڪ مختار ۽ صاحب اقتدار سيهرس راءِ بن ساهي هو، جيئن ته سيهرس راءِ نيڪوڪار ۽ عدالت پسند هو، ۽ عام خلق جون گردنون سندس قسمين قسمين مهربانين ۽ طرحين طرحين احسانن جي بار هيٺان سدائين جهڪيل هونديون هيون، تنهن ڪري عام ۽ خاص ماڻهن جا ٽولاسندس فرمانبرداري دل و جان سان ڪندا آهن، ۽ سندس ملڪ جون حدون اڀرندي طرف کان ڪشمير ۽ قنوج، الهندي طرفن کان مڪران ۽ عربي سمنڊ جي ڪناري يعني ديبل بندر جو هاڻي لاهري بندر جي نالي سان مشهور آهي، ڏکڻ کان سورت  بندر [8] ۽ ديو بندر ۽ اتر طرف کان قنڌار، سيستان، ڪوهه سليمان، ڪردان ۽ ڪي ڪنان جي حسردن تائين هيون. هن ملڪ کي چئن حصن ۾ ورهائي، هر هڪ حصو هڪڙي حاڪم جي سنڀال هيٺ ڏيئي الور جي شهر کي پنهنجو تختگاه مقرر ڪيو، ۽ گهڻو زمانو عيش ۽ آرام ۾ گذاريائين، سندس ملڪ ۾ ڪنهن به امير خواه رعيتيءَ سرڪشي ڪانه ڪئي، سڀئي نهايت فرمانبرداري ڪندا رهيا. اوچتو نيمروز جي بادشاهه جو هڪ وڏو لشڪر ايران کان ڪرمان جي رستي ڪيچ ۽ مڪران ۾ پهچي، اتي جي ماڻهن کي ڦري لٽي ڪيترن ماڻهن کي قيد ڪري موٽي ويو. هيءُ خبر جڏهن سيهرس کي ملي، تڏهن ڏاڍو ڪاوڙيو، ۽ وڏو لشڪر تيار ڪري ڪيچ ۽ مڪران جي حد وٽ پهچي، نيمروز جي بادشاهه ڏانهن خبر موڪليائين. هو پڻ لڙائيءَ لاءِ تيار ٿي جلد ئي سندس سامهون ٿيو. ٿوري ئي وقت ۾ هڪ ٻئي جي ويجها ٿيا ۽ ٻنهي لشڪرن جي درميان لڙائي جي باهه ڀڙڪو کاڌو. صبح کان وٺي منجهند تائين لڙائي ۽ ڌڪا ڌڪي هلي، نيٺ نيمروز جو بادشاهه سنڌ جي حاڪم تي غالب پيو، ۽ انهيءَ کي ڀڄائي ڪيائين، ڀڄڻ واري وقت ۾ هڪ تير سيهرس جي نڙيءَ ۾ لڳو، جنهن ڪري سندس روح جو پکي وڃي جهنم جي وچ ۾ قراري ٿيو. نيمروز جو لشڪر اڌ رات تائين سيهرس جي لشڪر کي لٽي موٽي ويو. ٻئي ڏينهن سنڌ جا سپاهي جيڪي ٽڙي پکڙي ويا هئا، سي گڏ ٿي الور جي تختگاهه ڏانهن روانا ٿيا. الور ۾ پهچڻ شرط متفق ٿي سيهرس جي پٽ راءِ ساهيءَ کي تخت تي ويهاريائون، راءِ ساهسيءَ انهن قاعدن جو خيال رکيو، جيڪي سندس پيءُ مقرر ڪيا هئا، عدل، انصاف، احسان، بردباري، نهٺائي، [9] سياست ۽ زبردست دستور العمل بنائي انهن مان هر هڪ وصف کي پنهنجي جاءِ تي عمل ۾ آڻيندو رهيو، جنهن ڪري ماڻهن ۽ شهرن ۾ امن ۽ آرام پيدا ٿيو، هن پنهنجي تخت نشيني کان هڪ سال پوءِ وڏو لشڪر ساڻ ڪري، پنهنجي ملڪ جي طرفن جو سير ڪيو. ۽ جتي به ڪو سرڪش ۽ فسادي ڏٺائين ته انهيءَ جون پاڙون پٽي ڪڍيائين، جڏهن دلباءِ ٿيس، تڏهن الور جي سر زمين تي رهي خوشيءءَ ۽ آرام جا اسباب پيدا ڪري، پنهنجي ۽ مخلوقات جي واسطي خوشيءَ ۽ خرمي جا ذريعا پيدا ڪيائين.[4] [5][3]

 

هن ملڪي ۽ مالي معاملن لاءِ چار قانون مقرر ڪيا هئا:

پهريون قانون فوج لاءِ هو هر هڪ لاءِ جيڪا پگهار مقرر ڪئي هئائين، سا کيس بنا قصور ملندي رهي.

ٻيو قانون رعيت لاءِ هو، ته ڍل يا عشر جو جيڪو مال مٿين رکيو هئائين، سو هر هڪ رعيتي گهرڻ کان سواءِ ٽن قسطن ۾ ادا ڪندو رهي. سندس ڪمال عدالت جي هڪڙي نشاني هيءَ هئي ته اَن ۽ روڪڙي محصول جي عيوض، رعيت کي حڪم ڪيائين، جن الور، سيوستان، اوچ، ماٿيلي، مؤو ۽ سورائي جا ڇهه قلعا مٽيءَ سان ڀري تيار ڪيا، انهن مان گهڻا اڃا تائين آباد آهن.[6]

 

ٽيون قانون واپاري ماڻهن سان لاڳو هو ته انهن ماڻهن تي جيڪا ڍل مقرر هئي سا تحصيلدار جي گهرڻ کانسواءِ خزاني جي سنڀاليندڙن کي پهچندي رهي.

چوٿون قانون مزدورن ۽ ڪاريگرن سان لاڳو هو ته هنرمندن ي هر هڪ ٽولي تي مالي کاتي جي پاران جيڪا خدمت مقرر هئي، ان جي هو پوئواري ڪندا رهن. [10]

راءِ ساهسي بن سيهرس کي رام نالي هڪ وزير هو، جنهن کي خودمختار بنائي سمورو ڪاروبار سندس حوالي ڪيو هئائين، ۽ هو پڻ ضروري ڪمن جي جوڙجڪ ۾ اهڙي قسم جو غور ڪندو هو، جو ذرو به پوئتي رهيو يا گهٽ وڌ نه ٿيندو هو، جنهن ڪري راءِ ساهسيءَ کي ايتري ته دلجاءِ هوندي هئي، جو هو رات ڏينهن بي فڪر ٿيو حرمسراءِ ۾ عيش ۽ خوشيءَ ۾ پيو گذاريندو هو، جيڪڏهن ڪڏهن ڪڏهن ڪو ضروري ڪم ٿي پوندو هو يا سرحد جي اميرن طرفان ڪي خط پٽ ايندا هئا ته رام وزير راءِ ساهسيءَ جي حرمسراءِ ۾ وڃي، ضروري گذارش ڪندو هو، اوچتو هڪ ڏينهن رام وزير مجلس ۾ ويٺو هو، جتي برهمڻ ۽ هوشيار ماڻهو گڏ ٿيا هئا، ته ايتري ۾ چچ نالي هڪ خوبصورت نهايت فصيح ۽ بليغ نوجوان حاضر ٿيو. حاضرين مجلس هن جي زبان جي فصاحت ۽ روانيءَ کان حيران ٿيا. هن کان پڇيائون ته: ”ڪٿان ٿو اچين، ۽ نالو ڇا اٿئي“ چيائين ته: ”منهنجو نالو چچ آهي ۽ آءٌ سيلاج جو پٽ آهيان“ سيلاج انهيءَ شهر جو هڪ مشهور برهمڻ هو. اهڙيءَ طرح جڏهن رام وزير جي ساڻس صحبت ٿي ته کيس انعامن اڪرامن سان نوازيائين، ۽ کيس مالي ڪمن ۾ دخلڪار ڪري پنهنجو نائب بنايائين. هو حساب جو علم، سنڌي ۽ هندي ٻوليون ۽ اکر کي چڱيءَ طرح ڄاڻندو هو. ٿورن ڏينهن کانپوءِ پري واقفيت پيدا ڪري، ملڪي ۽ مالي ڪم چڱيءَ طرح پورو ڪندو رهيو. سندس بخت جي ستاري زور وٺي کيس انهيءَ حد تي پهچايو، جو رام وزير جو رڳو نالو وڃي رهيو. اوچتو رام وزير بيماريءَ ۾ گرفتار ٿي بستري تي پئجي رهيو. اوچتو راءِ ساهسي محل ۾ اندر وڏو جشن تيار ڪري خوشيءَ ۽ عيش [11] ۾ مشغول هو ته ايتري ۾ ديبل جي سرحد کان ڪي خط پهتا، جن جو جواب ضروري هو. دربان اهي خط راءِ ساهسيءَ وٽ پهچايا. هن کي انهيءَ مجلس مان ٻاهر اچڻ ڏکيو لڳو، تنهن ڪري حڪم ڪيائين ته تخت جي آڏو پردو ٽنگي چچ کي اندر سڏيو وڃي. راڻي سوهنديو (يءَ) چيو ته هو برهمڻ آهي، سو کانئس ايترو ملاحظه ۽ پردو ڇا جو؟ هن کي اندر ڏسڻ گهرجي. چچ جڏهن تخت جي سامهون حاضر ٿيو، تڏهن دعا ۽ تعريف ڪري، جيڪي خط سرحد کان آيا هئاسي پڙهيائين ۽ مضمون عرض ڪرڻ کان پوءِ جواب حاصل ڪري، هڪ اهڙو خط تيار ڪيائين، جو ٻڌي راءِ ساهسي خوش ٿيو، ۽ هن کي هڪ قيمتي سروپاءِ انعام ڏنائين، ۽ آئنده لاءِ حڪم ڪيائين ته هو محل اندر اچي ضروري ڪم عرض ڪندو رهي. راڻي سوهنديو (يءَ) ڏسڻ سان، چچ جي حسن ۽ جمال تي چري ٿي، سندس وصال جي خواهان ۽ سندس ميلاپ جي گهوري ٿي. نيٺ هڪ ڌوُتي هٿ ڪري چچ ڏانهن موڪلي دل جو راز ظاهر ڪيائين. چچ انڪار ڪندي چيو ته مان برهمڻ آهيان، مون کان خيانت نه ٿيندي، خصوصاً بادشاهه جي حرم ۾، ڇاڪاڻ ته انهيءَ ۾ ساهه جو خوف ۽ گهر تڙ جي ويرانيءَ جو ڊپ آهي، ليڪن راڻيءَ جي دل تي عشق غالب ٿي ويو هو، سندس آرام، قرار کاڌو ۽ پيتو ڇڏائجي ويو هئو، سا بي آراميءَ کان اڌ ڪٺل پکيءَ وانگر ڦٿڪڻ لڳي. آخر هيءُ راز عام ماڻهن جي زبان تي آيو، ۽ ڪن خود مطلب ماڻهن هيءَ حقيقت راءِ ساهسيءَ جي ڪن تي آندي، جنهن تي هن فرمايو ته چچ ايماندار ۽ برهمڻ ماڻهو آهي، هن کان اهڙو ڪم نه ٿيندو.


[1]   عزيز محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، جن ڏينهن ۾ مسلم ليگ يونيورسٽي عليڳڙهه مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري وٺڻ لاءِ “Sindh Under the Arabs” مضمون تيار ڪري رهيو هو. تڏهن تحقيقات ڪندي، هن اروڙ جي ڳوٺ کان اٽڪل ڏيڍ ميل پنڌ تي شاهه شڪر گنج جي درگاهه جي ڀرسان هڪ پٿر ڏٺو هو، جنهن کي اگرچ ڌنارن ڌڪ هڻي مٿس لکيل ڪي اکر ڊاهي ڇڏا هئا، تاهم ٿوري غور سان ڏٺو ويو ته انهيءَ پٿر تي لکيل ڪتبي تي هيٺيان لفظ لکيل هئا:

”بردار قدم چوره نور دان،

دربايده پائي نه چو مردان.

بغرموده سيادت پناه

امير محمد معصوم مرقوم شد سن 1008

جيڪڏهن اسٽوڪ صاحب جو اشارو انهيءَ پٿر ڏي آهي ته پوءِ آسانيءَ سان چئي سگهجي ٿو، ته صاحب موصوف جو اهو خيال ته اهي پٿر درياءَ جي اڳئين سير معلوم ڪرڻ لاءِ هئا، غلط آهي، جيڪڏهن اهي پٿر ڪي ٻيا هئا، ته پوءِ هيءُ مير معصوم جو نئون يادگار چئبو، جنهن جو ذڪر اڳي ڪنهن به مضمون ۾ نه آيو آهي. (مترجم)

[2]   علئه غائي – اهڙو غرض يا مطلب جو ڪنهن ڪم ڪرڻ کان اڳ ۾ خيال ۾ اچي، جنهن ڪري اهو ڪم ڪيو وڃي، پر انهيءَ مقصد تي عمل، انهي ڪم جي پوري ٿيڻ کانپوءِ ٿئي. مثلاً: کٽ جي مٿان سمهڻ، کٽ ٺاهڻ لاءِ علته غائي آهي، پر اهو غرض پورو کٽ ٺهي وڃڻ کان پوءِ ٿئي ٿو. (مترجم)

[3]   عراق، عرب ۽ عجم (مترجم)

[4]   اصل ۾ ”لاهوري“ لکيل آهي، پر حاشيي تي نسخي ف . م جي حوالي سان ”لاهري“ لکيل آهي.

[5]    اصل ۾ ”صورت لکيل آهي، جو غلط آهي. (مترجم)

[6]   عشر هڪ قسم جي ڍل آهي، جنهن موجب زميندار کان سندس زمين جي ٿوري خواهه گهڻي پيدائش مان ڏهون حصو وصول ڪيو ويندو آهي، جنهن صورت ۾ هيءَ ڍل اسلام جي ايجاد ڪيل آهي، تنهن ڪري اسان سمجهي نه ٿا سگهون ته راءِ ساهيءَ جي زماني ۾ اها ڪيئن جاري ٿي، شايد مير معصوم هيءُ لفظ اصطلاحي معنى ۾ نه پر فقط ڍل جي معنى ۾ استعمال ڪيو آهيِ. والله علم (مترجم)

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org