مطلب ته انهيءَ وقت سومرن ماڻهن ٿريءَ جي آسپاس گڏ
ٿي سومري نالي هڪ شخص کي حڪومت جي گاديءَ تي
ويهاريو. هن، ڪجهه وقت انهيءَ قوم جو سردار رهي،
ملڪ جي پسگردائيءَ کي فسادين کان صاف ڪيو ۽ صاد
نالي هڪ زميندار سان، جو انهيءَ ملڪ ۾
خودمختياريءَ جو دم هڻي رهيو هو، صلح جو ڳانڍاپو
ڳنڍي سندس نياڻي نڪاح ۾ آندي، انهيءَ مان (کيس)
ڀونگر نالي پٽ پيدا ٿيو، جنهن پيءُ جي فوت ٿيڻ
کانپوءِ موروثي حڪومت جي گاديءَ تي ويهي اڳتي قدم
وڌايو ۽ آخر بيماريءَ جي بستري تي جان، قبض ڪندڙ
جي حوالي ڪئي. انهيءَ کان پوءِ دودي نالي سندس پٽ
حڪومت جي ڪاروبار جو سنڀاليندڙ [60] ڪي سال
خودمختياريءَ سان گذاريا ۽ نصرپور تائين ملڪ قبضي
۾ ڪيو. هو اول جوانيءَ ۾ انتقال ڪري ويو. کانئس
پوءِ سنگهار نالي هڪ ڇوڪرو رهيو تنهن ڪري تاريءَ
نالي سندس ڌيءَ ڪجهه وقت تائين حڪومت ڪئي ۽ رعيت
سندس تابعدار ۽ فرمانبردار رهي، جڏهن سنگهار بالغ
ٿيو ته بادشاهيءَ جي تخت تي ويهي ملڪ ۽ مالڪ جو
ڪاروبار سنڀالڻ لڳو، ۽ جيڪي ماڻهو سرڪشي، نافرماني
۽ بغاوت ڪري رهيا هئا تن کي تنبيهه ڪري ۽ سيکت
ڏيئي، ڪڇ ملڪ تي چڙهائي ڪري، ناڪني تائين ملڪ هٿ
ڪيائين. هن ٿوري وقت کان پوءِ آخرت جو سفر قبول
ڪيو، ۽ کانئس پوءِ ڪوبه فرزند نه رهيو. سندس زال
همون نالي وڳه ڪوٽ ۾ حڪومت ڪرڻ لڳي ۽ محمد تور ۽
ٿرڙيءَ جي حڪومت تي پنهنجا ڀائر مقرر ڪيائين، ٿوري
وقت اندر دودي جا ڀائر، جيڪي ڪنهن ڪنڊ ۾ لڪا پيا
هئا، تن نڪري همون جي ڀائرن جون پاڙون پٽي ڇڏيون.
ايتري ۾ دودي جي اولاد مان هڪ شخص ڦتوءَ نالي ظاهر
ٿيو، جنهن وٽ ڏاڍو لشڪر اچي گڏ ٿيو، هو حڪومت جي
دعويدار جماعت، جيڪا کڙي ٿي هئي، تن سڀني جو بنياد
ڪڍي پاڻ حڪومت جي تخت تي ويٺو. ڪجهه وقت حڪومت ۾
مشغول رهڻ کانپوءِ سندس حياتيءَ جا ڏينهن پورا
ٿيا. هن کان پوءِ خيري نالي هڪ شخص بادشاهيءَ جو
سنڀاليندڙ ٿي ملڪ جي معاملات ڏانهن توجهه ڪيو. هو
وڻندڙ اخلاق جو مالڪ هو پر ٿورن سالن کان پوءِ
سندس حياتيءَ جو سج پڻ مماتي جي افق ۾ غائب ٿي
ويو. کانئس پوءِ ارميل نالي هڪ شخص حڪومت جي
گاديءَ تي ويٺو. هو ظالم ۽ ماڻهو ايذائيندڙ هو،
جنهن ڪري ماڻهن هن جي ظلم کان متنفر ٿي سندس قتل ۽
موقوف ڪرڻ جو ارادو ڪيو.
جيئن ته سما جماعت جا ماڻهو ڪڇ طرف کان اچي سنڌ جي
گرد و نواح ۾ ويٺا هئا، ۽ انهن ۽ سنڌ جي ماڻهن ۾
دوستي ۽ لاڳاپن جو رستو جاري [61] ٿي چڪو هو، ۽
سما جماعت ۾ انڙ نالي هڪ شخص هو جنهن جي پيشانيءَ
۾ هدايت جا نشان بکي رهيا هئا، تنهن ڪري ملڪ جا سڀ
مکيه ماڻهو باک ڦٽڻ وقت مخفي طور سندس گهر ۾ گڏ
ٿيا، ۽ هڪ ٻئي سان صلاح ڪري يڪراءِ ٿي ارميل کي
قتل ڪري سندس سر شهر جي دروازي تي لڙڪايائون، تنهن
کان پوءِ ماڻهن اتفاق ڪري انڙ کي بادشاهي جي تخت
تي ويهاريو.
ڄام انڙ بن بابيني جو ذڪر
اميرن جي ٺهراءَ موجب مستقل حاڪم ٿيو ۽ وٽس گهڻي
خلق اچي گڏ ٿي، هو وڏو لشڪر وٺي سيوستان (سيوهڻ)
جي فتح ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو ۽ سيوستان جي آسپاس
پهچي، ملڪ رتن سان جيڪو ترڪي شهنشاهه جو گورنر هو،
مقابلي جي ميدان سنگاريائين، ملڪ رتن پڻ لشڪر تيار
ڪري قلعي کان ٻاهر نڪري، جنگ جي ميدان ۾ حاضر ٿي،
لڙائي جي باهه ڀڙڪائي، ڄام انڙ پهرينءَ جنگ ۾ ڀڄي
ويو. ٻيو ڀيرو ڀائرن جي مدد سان لشڪر گڏ ڪري
لڙائيءَ لاءِ آيو. هن ڀيري ملڪ رتن گهوڙي
ڊوڙائيندي، گهوڙي کان جدا ٿي زمين تي ڪنڌ ڀر ڪري
پيو. ڄام انڙ سندس سر ڌڙ کان ڌار ڪري سيوستان جي
قلعي تي متصرف ٿيو. ملڪ فيروز ۽ علي شاهه ترڪ جيڪي
بکر جي پاسي رهندا هئا، تن کيس خط لکيو ته ههڙي
دليري لائق نه هئي. هاڻي بادشاهي لشڪر جي (مقابلي
جي) تياري ڪري ميدان ۾ مڙس ٿي بيهج. هو هنن ڳالهين
کان متاثر ٿي ٿرڙيءَ ڏانهن هليو ويو ۽ انهن ئي
ڏينهن ۾ بيمار ٿي عالم آخرت ڏانهن راهي ٿيو. سندس
حڪومت جو زمانو ٽي سال ۽ ڇهه مهينا هو.
ڪن جو هيءَ خيال آهي ته جڏهن ڄام انڙ سيوستان فتح
ڪري موٽيو تڏهن هڪ رات عيش عشرت جي مجلس قائم ڪري
شراب نوسيءَ ۾ مشغول هو ته ايتري ۾ باغين جي هڪ
ٽولي جي پهچڻ جي خبر پهتي. ڪاهي بن تماچيءَ کي، جو
سندس وڪيل هو باغين جي دفع ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيائين.
هو هو مستيءَ جي حالت ۾ يلغار ڪري انهيءَ ٽولي وٽ
پهتو. [62] ۽ لڙائي وقت گرفتار ٿي پيو، ۽ انهن
ماڻهن هن کي قيد ۾ بند ڪيو. ڄام انڙ انهيءَ کان
غافل رهي عيش عشرت جي مجلس ۾ مشغول رهيو. ڪاهو بن
تماچيءَ هيءُ ساڙ دل ۾ ڳجهو رکي، ڪنهن اٽڪل سان
دشمنن جي چنبي مان ازاد ٿي، ڄام انڙ کان منهن موڙي
وڃي بکر جي قلعي ۾ پهتو، ۽ علي شاه ترڪ سان ملاقات
ڪيائين. علي شاهه ترڪ، ملڪ فيروز جي صلاح سان،
لشڪر ڪٺو ڪري بهرام پور جي قلعي ۾ ڄام انڙ کي قتل
ڪيو ۽ ملڪ فيروز کي قلع جي حڪومت حوالي ڪري پاڻ
موٽي ويو. ڄام انڙ جي ماڻهن ٽن ڏينهن کانپوءِ
ٺڳيءَ ۽ اٽڪل سان ڪاهي بن تماچيءَ ۽ ملڪ فيروز کي
قتل ڪري ڇڏيو.
ڄام جوڻو بن بابينو جو ذڪر
جڏهن ڄام انڙ رحلت ڪئي ته سما قوم ۾ ڄام جوڻي
”ڄامي“ جو خطاب اختيار ڪري، دل ۾ ساريءَ سنڌ جي
فتح جو خيال آڻي، پنهنجي ڀائرن ۽ مائٽن سان
مهربانيون ڪيون ۽ کين حاڪم مقرر ڪيو. اهي ٽلٽيءَ
جي رستي کان درياءَ ٽپي، قتل، ڦرلٽ ۽ بکر جي ڳوٺن
۽ واهڻن کي برباد ڪرڻ ۾ مشغول ٿيا. سمن جي ماڻهن ۽
بکر جي حاڪمن جي وچ ۾ ٻه ٽي دفعا سخت ويڙهه ٿي.
ترڪن کي مقابلي جطاقت نه هئي، تنهن ڪري هو بکر جو
قلعو خالي ڪري اُچ هليا ويا. ڄام جوڻجو انهيءَ
لشڪر جي ڀڄي وڃڻ جي خبر ٻڌي لاڳيتو منزلن تي
منزلون ڪندو بکر ڏينهن روانو ٿيو، ۽ جيستائين
سلطان علاؤالدين پنهنجي ڀاءُ الغ خان کي ملتان جي
پاسي تي مقرر ڪيو تيستائين ڪيترا سال سنڌ ۾ خود
مختيار گذاريائين. الغ خان ڄام جوڻي جي دفع ڪرڻ
لاءِ ملڪ تاج ڪافوريءَ ۽ تاتار خان کي سنڌ ڏانهن
موڪليو. لشڪر جي پهچڻ کان اڳ ئي اجل مٿس راتاهو
ڏنو ۽ هو خناق جي مرض ۾ گذاري ويو. سندس حڪومت جو
وقت 13 سال هو. سلطان علاؤالدين جو لشڪر بک جي گرد
و نواح ۾ پهچي بکر جو قلعو هٿ ڪري سيوستان روانو
ٿيو. [63]
ڄام تماچي بن ڄام انڙ [۽ سندس پٽ خير الدين]
[هو] ملڪ جي چونڊ ماڻهن جي اتفاق سان بادشاهيءَ جي
موروثي تخت تي ويٺو. سلطان علاؤالدين جو لشڪر جنگ
ڪري ڄام تماچي بن انڙ کي قيد ڪري عيال سميت دهليءَ
وٺي ويو، جتي هن کي فرزند ڄاوا، (انهيءَ عرصي ۾)
سمن جي جماعت ٿرڙيءَ جي پسگردائيءَ ۾ ٿي گذاريو، ۽
ڄام انڙ جي ڪامورن ملڪ جو ڪاروبار هٿ ۾ کڻي
معاملات جو انتطام ۽ بندوبست پئي ڪيو. ڪجهه وقت
گذرڻ کانپوءِ ملڪ خير الدين ولد ڄام تماچي جو
ننڍپڻ ۾ پيءُ سان گڏجي دهليءَ ويو هو، سو پيءُ جي
فوت ٿيڻ کانپوءِ سنڌ ۾ آيو ۽ ملڪ تي متصرف ٿي
گاديءَ تي ويٺو.
ٿوري وقت کانپوءِ سلطان محمد شاهه گجرات جي رستي
کان سنڌ ۾ آيو، جيئن ته ڄام خير الدين کي اڳ ۾ ئي
قيد و بند جي تڪليف جو تجربو هو، تنهن ڪري سلطان
محمد شاه جي گهرائڻ جي باوجود هو حاضر ٿيڻ لاءِ
تيار نه ٿي سگهيو. نيٺ سلطان محمد شاهه بن تغلق
شاهه ٺٽي جي آسپاس آخرت جي سفر سڌاڻو.
بيان ۾ آندو اٿن ته هن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ وصيت
خواه ورثي موجب سلطان فيروز شاهه بادشاهيءَ جي تخت
تي ويهي دهليءَ وڃڻ جو ارادو ڪيو ۽ ڄام خير الدين
جو ڪي منزلون تعاقب ڪري، سيوستان جي تعلقن جي هڪ
ڳوٺ سن، جي پسگردائيءَ مان پوئتي موٽي ويو. سلطان
فيروز شاهه کي اهو ڏک دل ۾ رهيو. سلطان فيروز شاهه
جي وڃڻ کانپوءِ ڄام خير الدين عدل ۽ انصاف عام
پکيڙيو ۽ رعيت ۽ عام مخلوق جي آرام لاءِ ڏاڍي ڪوشش
ڪندو رهيو. ڄام نيڪ انجام جو هڪ عجيب واقعو بيان
ڪندا آهن ته هڪ ڏينهن پنهنجن خاص ماڻهن ۽ نوڪرن
سان سير تماشي جي خيال سان نڪتو. اوچتو ماڻهن جا
هڏا هڪ کڏ ۾ پيل سندس نگاهه تي چڙهيا، واڳ ورائي
گهڙي ساعت انهن پراڻن هٿن [64] ۾ نهاريائين. تنهن
کانپوءِ پنهنجن نوڪرن ڏانهن منهن ورائي چيائين ته
ڪي ڄاڻو ٿا ته هڏا مون کي ڇا ٿا چون؟ هو ڪنڌ هيٺ
ڪري خاموش رهيا. ڄام فرمايو ته هي ڪي مظلوم ماڻهن
آهن ۽ انصاف گهري رهيا آهن. بس پوءِ ته انهن لاشن
جي احوال بابت جاچ کي لڳي ويو. پير مردن کي
سڏايائين، جنهن سان انهيءَ سر زمين جو تعلق هو ۽
کانئس انهن هڏن جو احوال پڇيائين. پير مر وراڻيو
ته اڄ کان ست ورهيه اڳ گجرات کان هڪ قافلو هتي
پهتو، جن کي فلاڻي ٽول ڪهي مال کڻي ويئي هئي.
انهيءَ مال جو گهڻو حصو اڃا موجود آهي. ڄام هن حال
کان واقف ٿي، انهيءَ مالڪ گڏ ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جنهن
تي انهيءَ مان گهڻو گڏ ڪيائون، پوءِ گجرات جي حاڪم
ڏانهن ماڻهو موڪليائين، ته هيءَ مال ڪٺلن جي وارثن
مان جيڪي موجود هجن، تن کي پهچايو وڃي، ۽ قاتلن
کان قصاص ورتائين، ڪجهه سالن کانپوءِ هن فاني جهان
کي الوداع ڪري هميشه واري جهان ڏانهن روانو ٿيو.
ڄام بابيني [ٻانڀيڻي] جو احوال
پيءُ جي مرڻ کانپوءِ اميرن ۽ مکيه ماڻهن جي صلاح
سان پيءُ جي موروثي تخت تي ويٺو، انهيءَ عرصي ۾
فيروز شاهه پڻ هندستان ۽ گجرات جي ملڪن کان دلجاءِ
ڪري سنڌ ملڪ جي فتح لاءِ ورتو. هوڏانهن ڄام ڀنڀو
به جنگ جو ميدان سينکاري مقابلي لاءِ تيار ٿيو.
سلطان فيروز شاهه ٽي مهينا انهي پسگردائيءَ ۾
ترسيو. آخر جڏهن پاڻيءَ اٿل کاڌي ۽ مڇر گهڻا ٿيا،
تڏهن سلطان برسات جي ابتدا ۾ پٽن (گجرات) ڏانهن
روانو ٿيو ۽ برسات کانپوءِ وري ٻيو دفعو اڻ ڳڻيو
لشڪر ساڻ ڪري موٽي آيو، سخت لڙايون ٿيون، نيٺ ڄام
ڀنڀو گرفتار ٿيو ۽ پورو سنڌ ملڪ فيروز شاهي غلامن
جي تصرف هيٺ آيو. سلطان، ڄام کي پاڻ سا دهليءَ وٺي
ويو. هو ڪجهه مدت [65] سلطان فيروز شاهه جي
نوڪريءَ ۾ رهيو، ۽ وڻندڙ خدمتون بجا آندائين. آخر
سلطان فيروز شاهه شاهاڻيون مهربانيون فرمائي کيس
بادشاهي تخت عنايت ڪيو ۽ هو وري سنڌ ملڪ ۾ اچي
نهايت خودمختياريءَ سان حڪومت تي ويٺو، پندرهن
سالن جو عرصو حڪومت ۽ بادشاهي هلائي، آخر آخرت جي
سفر تي روانو ٿيو.
ڄام تماچيءَ
جو احوال
ڀاءُ جي فوت ٿيڻ کانپوءِ حڪومت جي تخت تي ويهي،
ملڪ ۽ حڪومت جي ڪاروبار ۾ مشغول ٿيو. هو آرام پسند
هو، جنهن ڪري عيش ۽ خوشيءَ ۾ وقت گذاريندو هو.
تيرهن سالن جو عرصو بادشاهيءَ جي گاديءَ تي ويهي
طاعون جي بيماريءَ ۾ گذاري ويو.
ڄام صلاح الدين جو احوال
ڄام تماچيءَ جي فوت ٿيڻ کانپوءِ حڪومت جي ڪاروبار
۾ مشغول ٿيو. پهريائين سرحد جي معاملن ڏانهن
متوجهه ٿيو، جي ڪن رذيلن جي سرڪشيءَ ڪري، هيٺ مٿي
ٿي ويا هئا، انهيءَ ٽوليءَ جي انتظام ۽ گوشمالي
ڏينڻ لاءِ هڪ لشڪر موڪليائين. آخر هن ٽوليءَ جي
تاديب ۽ تنبيهه کان پوءِ ڪڇ ڏانهن متوجهه ٿيو. ڪڇي
ماڻهن سان هن جون سخت لڙايون ٿيون، مگر سڀني جنگين
۾ فتح جو سهرو صلاح الدين جي سر تي آيو، ۽ فتح ۽
غنيمتون هٿ ڪري موٽي آيو. هو لشڪر ۽ رعيت جي چڱيءَ
طرح پرگهور لهندو هو. يادرهن سالن ۽ ڪن مهينن کان
پوءِ هنن فاني جهان کان جاوداني ملڪ ڏانهن انتقام
ڪري ويو.
ڄام نظام الدين بن ڄام صلاح الدين جو احوال
پيءُ جي فوت ٿيڻ کانپوءِ اميرن جي اتفاق راءِ سان
بادشاهيءَ جي تخت تي ويٺو. سندس چاچا جيڪي ملڪ جي
مصلحت خاطر قيد ۾ هئا، تن کي ٻاهر ڪڍيائين، انهن
جا نالا ملڪ سڪندر
ڪرن، بهاؤالدين ۽ آمر هئا، هر هڪ کي ڪنهن نه ڪنهن
ڪنڊ ۾ موڪلي، ملڪ جون واڳون ڪن منشين
جي حوالي ڪري، پاڻ رات ڏينهن عيش [66] عشرت ۾ مشغول رهڻ لڳو، ۽
ملڪي معاملات جي ڪابه خبر ڪانه رکندو هو، انهيءَ
حد تائين جو سندس چاچا ٻڌي ڪري، لشڪر گڏ ڪري شهر ۾
آيا ۽ ڄام نظام الدين جي گرفتار ڪرڻ جي پويان پيا.
هو چاچن جي شر کان واقف ٿي، ڪن سپاهين جي صلاح سان
اڌ رات جو شهر مان نڪري، گجرات ڏانهن هليوويو. صبح
جو هي ماڻهو ڄام نظام الدين جي ڀڄي وڃڻ جي خبر
معلوم ڪري پويان پيا ته ايتري ۾ شهر جي مکيه ماڻهن
هي جهيڙو ۽ بدانتظامي ڏسي پاڻ ۾ ٻڌي ڪري، ڄام علي
شير کي، جو هڪڙي ڪنڊ ۾ گوشي نشين هو، ڳولي هٿ ڪري،
کڻي حڪومت جي تخت تي ويهاريو. ڄام رستي ۾، باقي
جهان جو رستو ورتو ۽ سندس اچا نااميد ٿي موٽي وڃي
جهنگل ۾ گذارڻ لڳا.
ڄام علي شير [بن تماچي] جو احوال
وڏن ۽ مکيه ماڻهن جي اتفاق راءِ سان بادشاهيءَ جي
تخت تي ويهي خلق تي انصاف ۽ احسان جا دروازا
کوليائين. هو نهايت داناءءَ ۽ بهادر هو. پهريائين
حڪومت جي ڪاروبار ڏانهن توجهه ڪري، سنڌ ولايت جو
جوڳو انتظام رکيائين. سندس حڪومت جي زماني ۾
انهيءَ ملڪ جا ماڻهو امن امان ۾ رهي وقت آرام سان
گذايندا رهيا. هن نموني کي ٿورو وقت گذريو ته هن
عيش عشرت جو رستو ورتو ۽ گهڻو ڪري چانڊوڪين راتين
۾ سير ڪندو هو. تماچيءَ جا پٽ سڪندر، ڪرن ۽ فتح
خان جي جهنگل ۾ سرگردان هئا، سي علي شير جي سير ۽
بيپرواهيءَ کان واقف ٿي، راتين جو پنڌ ڪري، ڏينهن
جو جهنگلن ۾ گذاري نيٺ اچي شهر کي ويجهو پهتا. شهر
جي هڪ جماعت کي پاڻ سان متفق ڪري، جمعي رات مهيني
جي تيرهين تاريخ، جڏهن ڄام علي شير دستور موجب ڪن
ڳاڻ ڳڻين خاص ماڻهن سان هڪ ڊونڊڙيءَ ۾ ويهي درياءَ
جو سير ٿي ڪيو، ۽ اڌ رات ٿيڻ تي موٽي پنهنجي گهر
وڃڻ گهريائين ته اوچتو [67] هي ماڻهو تراريون
اگهاڙيون ڪري سندس ڪڍ پيا. جيڪي ماڻهو ساڻس گڏ
هئا، تن گهڻو ئي بچاءَ جي ڪوشش ڪئي پر ڪوبه فائدو
نه ٿيو، ۽ هڪ گهڙيءَ ۾ ڄام علي شير کي شهادت جو
شربت پياري، ڊڙندا سندس حويليءَ ۾ ويا، لڙ ۽
غوغاءَ تي ماڻهو خبردار ٿي گڏ ٿيا، پر ڏٺائون ته
معاملو هٿ کان نڪري ويو هو. آخر لاچار ٿي انهن جي
حڪومت تسليم ڪيائون. علي شير جي حڪومت جو وقت ست
سال هو.
ڄام ڪرن جو احوال
ڄام علي شير جي شهادت کانپوءِ ڀائرن جي اتفاق راءِ
سان حڪومت جي گاديءَ تي ويٺو. هو شهر جي شريف ۽
مکيه ماڻهن کان ناراض هو ۽ سندس دل انهن ماڻهن کان
ڦريل هئي، سو چيائين ته وهڻ سان ماڻهن کي قيد ڪري
ڪن کي قتل ۽ ڪن کي بند رکي، تنهن ڪري انهيءَ ڏينهن
يا ٻئي ڏينهن هن بادشاهيءَ جي مجلس سينگاري ۽ عام
درٻار ڪري عام خاص ماڻهن کي گهرائي سندن دلجوئيءَ
جون ڳالهيون ڪندو رهيو. آخر کاڌي جو دسترخوان
وڇايائون ۽ هو کاڌو کائي طهارت جي جاءِ ڏانهن
روانو ٿيو ته انهيءَ وچ ۾ فدائين جي جماعت، جا
انهن ماڻهن جي ترغيب ۽ لاچائڻ تي اچي حاضر ٿي هئي،
کيس طهارت جي جاءِ جي دروازي تي ٽڪرا ٽڪرا ڪري
ڇڏيو، ڪرن جي ڪسڻ جو باعث فتح خان بن سڪندر هو.
تنهنڪري سپاهين ۽ رعيت جي اتفاق راءِ سان اهوئي
بادشاهيءَ جي گاديءَ تي ويٺو.
ڄام فتح خان بند سڪندر جو احوال
هو بادشاهيءَ جي تخت تي ويهڻ سان حڪومت جي قاعدن ۽
بادشاهيءَ جي قانونن کي مضبوط ڪري، حڪومت جي
معاملات ۾ ڏاڍي سجاڳي ۽ هوشياري ڏيکارڻ لڳو.
انهيءَ وقت ۾ حضرت صاحبقرآن امير تيمور گورکان جو
پوٽو مرزا پير محمد ملتان جي آسپاس پهتو. ملتان جي
وچ جا شهر وٺي ٿورو وقت اتي ترسيو. [68] تي لشڪر
جا اڪثر گهوڙا مري ويا، جنهن ڪري مرزا جو لشڪر
پريشان ٿي پيادو ٿي پيو. هيءَ حقيقت جڏهن صاحبقرآن
جي گوش گذار ڪئي ويئي، تڏهن خاص طبيلي مان ٽي هزار
گهوڙا مرزا ڏانهن موڪليائين. هن مهربانيءَ تي مرزا
طاقتمند ٿي ڀٽي واهڻ جي ماڻهن تي ڪاهه ڪئي، جن
سرڪشيءَ ۽ شوخيءَ جو دم ٿي هنيو، ۽ سندن گهر تڙ
فنا ڪيائين، ۽ بکر ماڻهو موڪلي شهر جا مکيه ماڻهن
گهرايائين. دهليءَ جي بادشاهن جا ماڻهو مقابلي جي
طاقت نه ساري جيسلمير جي رستي کان ڀڄي ويا. بکر
شهر جي رهاڪن مان ابو الغيث، جو هڪ سيد بزرگ ۽
زهد، صلاح ۽ پرهيز گاريءَ جي زيور سان سينگاريل
هو، سو مرزا (پير محمد) جي ملاقات تي روانو ٿيو ۽
سيد المرسلين جي روح ڏانهن متوجهه ٿي، آنحضرت کان سفارش جي استدعا ڪيائين.
روايت آهي ته حضرت سيد المرسلين مرزا پير
محمد کي خواب ۾ آيا ۽ سيد ابوالغيث کيس ڏيکاري
فرمايائون ته هيءُ شخص منهنجو فرزد آهي، ان جي
اعزاز ۽ اڪرام جو خيال رکج ۽ هن جي نقصان کان هٿ
بند رکج. مرزا پير محمد کي ننڊ مان سجاڳي ٿي،
انهيءَ پياري جي ملاقات جو انتظار ڪرڻ لڳو، جنهن
کي خواب ۾ ڏٺو هئائين. نيٺ يارنهن ڏانهن پوءِ سيد
ابوالغيث حاضر ٿيو. مرزا پير محمد پنهنجي درٻار ۾
ويٺو هو ۽ سندس ساڄي ۽ کاٻي امير جمع هئا. سندس
نظر سيد ابو الغيث تي پيئي ته سڃاڻي بي اختيار
استقبال ڪيائنس ۽ سيد ابوالغيث کي ڀاڪر ۾ وٺي ڏاڍي
تعظيم ڏيئي آڻي پنهنجي ڀر ۾ ويهاريائين. [هيءَ حال
ڏسي] امير سيد ابو الغيث جي احوال معلوم ڪرڻ لاءِ
شائق ٿيا. مرزا خواب جو قصو اميرن کي ٻڌايو ۽
انهيءَ ئي ڏينهن گهوڙو ۽ تحفا ڏيئي موٽي وڃڻ جي
اجازت بخشي اروڙ جو پرڳڻو سيد ابوالغيث کي انعام
ڏنائين.
صاحبقرآن جي اچڻ کانپوءِ جڏهن مرزا پير محمد
دهليءَ جي فتح ڏانهن [69] متوجهه ٿيو، ۽ زماني جي
گذرڻ ڪري رولو بادشاهه دهليءَ جي تخت تي قابض ٿيا،
تڏهن ملتان جو ملڪ لانگاهن جي قبضي ۾، ۽ پوري سنڌ
ولايت سنڌ جي بادشاهن جي تصرف
هيٺ آئي.
قصو ڪوتاهه، ڄام فتح خان سخي ۽ بهادر هو. سندس
سخاوت ۽ مروت مشهور هئي. هن جي حڪومت پندرنهن سال
۽ ڪي مهينا رهي، جڏهن سندس حياتيءَ جي مدت ختم ٿي
ته فاني حويليءَ کان هميشه واريءَ منزل ڏانهن
انتقام ڪري ويو.
ڄام تغلق بن سڪندر جو احوال
ڄام فتح خان جڏهن بيماريءَ جي بستري ۾ داخل ٿيو ۽
موت جون نشانيون ڏسڻ ۾ آيس، تڏهن وفات کان ٽي
ڏينهن اڳ پنهنجي ڀاءُ تغلق کي حڪومت جي گاديءَ تي
ويهاري، حڪومت جي واڳ ۽ بادشاهيءَ جي ڏور سندس
حوالي ڪري کيس ڄام تغلق جو لقب ڏنائين. هن تخت تي
ويهڻ شرط ڀائرن کي سيوستان ۽ بکر جي قلعن جو حاڪم
مقرر ڪيو ۽ پاڻ گهڻو وقت سير ۽ شڪار ۾ مصروف رهندو
هو. جڏهن ٻروچن بکر جي آسپاس فتنو ۽ فساد کڙو ڪيو،
تڏهن ڄام وڏو لشڪر ساڻ ڪري آيو ۽ ٻروچن جي سردارن
کي تنبيهه ڪري موٽي ويو. هن سڀ ڪنهن پرڳڻي ۾ ٿاڻو
مقرر ڪيو. هو 28 سال حڪومت ڪري طبعي موت سان گذاري
ويو.
ڄام سڪندر جو احوال
سندس پٽ پيءُ جي جاءِ تي تخت نشين ٿيو. جيئن ته هو
ننڍيءَ عمر جو هو تنهن ڪري سيوستان ۽ بکر جي حاڪم
پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ خودمختيار ٿي ويا ۽ سندس
حڪم کان انڪار ڪري هڪٻئي جي مخالفت ڪرڻ لڳا. ڄام
سڪندر ٺٽي کان نڪري [70] بکر ڏانهن روانو ٿيو. اڃا
نصرپور تائين ڪين پهتو ته پويان مبارڪ خان نالي هڪ
شخص، جو ڄام تغلق جي حياتيءَ ۾ دربانيءَ جي عهدي
تي هو. اوچتو بغاوت ڪري پاڻ کي ”ڄام مبارڪ“ جو لقب
ڏيئي حڪومت جي تخت تي ويٺو، جنهن صورت ۾ ماڻهو هن
سان متفق نه هئا، تنهن ڪري سندس حڪومت ٽن ڏينهن
کان وڌيڪ نه رهي سگهي، ۽ ٺٽي شهر جي ماڻهن کي ٽاري
ڄام سڪندر ڏانهن ماڻهو موڪليو. هيءَ خبر جڏهن کيس
پهتي، تڏهن ٻين حاڪمن سان صلح ڪري ٺٽي موٽي آيو، ۽
ڏيڍ سال کان پوءِ هن دنيا جي تنگ مڪان کان حياتيءَ
جو اسباب آخرت جي ڪشادي محلات ڏانهن کڻي ويو.
ڄام رائڏني جو احوال
تاريخ 6 جمادي الاول سن 858هه ۾، ڄام رائڏني بغاوت
ڪئي. هيءُ ڄام رائڏني ڄام تغلق جي زماني ۾ ڪڇ جي
سرحد جي گرد و نواح ۾ رهندو هو ۽ انهن ماڻهن سان
لاڳاپو ٿي ويو هوس، ۽ تجريبڪار ماڻهن جي وڏي جماعت
تيار ڪئي هئائين، جن جي ڏاڍي دل وٺندو رهندو هو.
انهن پڻ هن جي پيشمانيءَ ۾ هدايت ۽ بزرگيءَ جا
نشان ڏسي نهايت سچائيءَ سان پاڻ سندس حوالي ڪيو
هو، جڏهن هن کي سڪندر جي فوت ٿيڻ جي خبر پهتي تڏهن
هو وڏي لشڪر سان ٺٽي ۾ آيو ۽ ماڻهن کي گڏ ڪري ظاهر
ڪيائين ته ملڪ وٺڻ لاءِ نه آيو آهيان، بلڪه انهيءَ
لاءِ آيو آهيان ته مسلمانن جي مال ۽ عزت جي حفاظت
ڪريان. مان پاڻ کي بادشاهيءَ جو لائق نه ٿو
سمجهان، توهان جنهن کي به هن جو لائق سمجهو تنهن
کي ويهاريو. پهريون ماڻهو جيڪو بيعت ڪندو سو آءُ
هوندس، جنهن صورت ۾ اتي اهڙو ڪو به ماڻهو ڪونه هو،
جيڪو هن ڪم جي لائق هجي، تنهن ڪري سڀني گڏجي کيس
بادشاهيءَ جي تخت تي ويهاريو. هن ڏيڍ سال جي عرصي
۾ ساري سنڌ ولايت [71] سمنڊ کان وٺي ماٿيلي ۽
اوٻاوڙي جي سرحد گاجريلي ۽ ڪنڌيءَ تائين پنهنجي
قبصي ۾ آندي.
ڄام رائڏني جي حڪومت کي ساڍا اٺ سال گذريا ته ڄام
سنجر جو انهيءَ وقت سندس خاص ۽ رازدار ماڻهن کي
پاڻ سان متفق ڪري، جنهن وقت هو خلوت ۾ شراب پي
رهيو، تنهن وقت شيشي ۾ زهر وجهي هڪ رازدار جي هٿ ۾
ڏنائين. هن انهيءَ مان ڍڪ پيتو ته ٽن ڏينهن کان
پوءِ گذاري ويو.
ڄام خوبصورت جوان هو، جو هڪ وڏي جماعت سندس منهن
تي عاشق هوندي هئي، ۽ بنا پگهار جو پنهنجو سمورو
وقت سندس خدمت ۾ صرف ڪندي هئي. روايت ٿا ته ڪن
حڪومت جي تخت تي ويهڻ کان اڳ هڪڙي ڪماليت جي، صاحب
درويش جو ڄام سنجر ڏانهن خاص توجهه هو. هڪ رات
سنجر انهيءَ پياري جي خدمت ۾ پهچي نياز نئڙت کان
پوءِ درويش کي عرض ڪيو ته ”آءُ چاهيان ٿو ته ٺٽي
جو بادشاهه ٿيان، پوءِ ڀل ته کڻي سمورو عرصو اٺ
ڏينهن هجي.“ درويش فرمايو ته ”تون بادشاهه ٿيندين
۽ اٺ سال حڪومت ڪندين.“
جڏهن ڄام سنجر کي حڪومت جي تخت تي ويهاريو ۽ حڪومت
جي ڪاروبار جون واڳون سندس اختيار ۾ ڏنيون. جيئن
ته هو درويش جي دعا سان بادشاهيءَ جي تخت تي چڙهيو
هو، تنهن ڪري سڀني طرفن جي ماڻهن سندس اطاعت قبول
ڪئي ۽ فرمانبرادريءَ جا حق ادا ڪيا. سندس
بادشاهيءَ واري وقت ۾ سنڌ ملڪ ۾ اها رونق پيدا ٿي
جو اهڙي هن کان اڳ ڪنهن به زماني ۾ نه ٿي. سچاهين
[72] توڙي رعيت نهايت آرام ۽ فراغت ۾ وقت ٿي
گذاريو. ڄام سنجر عالمن، صالحن ۽ درويشن جي هميشه
دلجوئي ۽ رعايت ڪندو هو. جمعي ڏينهن فقيرن ۽
مسڪينن کي گهڻي خيرات ڏينهن هو، ۽ حقدارن واسطي
وظيفا ۽ پگهارون مقرر ڪيون هئائين.
چون ٿا ته سنجر جي حڪومت کان اڳ ٻيا به حاڪم
عهديدارن کي تمام ٿورو ڏيندا هئا. بادشاهي جڏهن
جھام سنجر جي حوالي ٿي، تڏهن قاضي معروف نالي هڪ
شخص هو جنهن کي اڳين حاڪمن بکر جي فضا تي مقرر ڪيو
هو ۽ کيس گهٽ پگهار ڏيندا هئا، ۽ جنهن صورت ۾
قاضيءَ جو پگهار تمام ٿورو هو، تنهن ڪري هو مدعي ۽
مدعا عليه کان ڪجهه وٺندو هو. هيءَ ڳالهه ڄام سنجر
جي ڪن پيئي ته قاضي کي ڇينڀ ۽ سختيءَ سان مدعي ۽
خواهه مدعا عليه کان ڪجهه وٺي ٿو، تڏهن قاضيءَ کي
حاضر ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيائين. قاضي حاضر ٿيو. ڄام
فرمايو ته مون کي خبر پيئي آهي ته تون مدعي ۽ مدعا
عليه کان ڇينڀي ڪجهه وٺين ٿو. وراڻيائين: هائو!
بلڪه آءُ ته شاهدن کان پڻ ڪجهه وٺڻ چاهيان ٿو، پر
مان انهن کان ڪجهه وٺان تنهن کان اڳ هو نڪري ٿا
وڃن. ڄام کان بي اختيار کل نڪري ويئي. قاضيءَ عرض
ڪيو ته سڄو ڏينهن دارالقضا ۾ ويهي وقت ٿو گذاريان
۽ منهنجا ٻار منجهند ۽ رات جي مانيءَ کان سواءِ
رهن ٿا. ڄام قاضيءَ کي خوب انعام ڏنا ۽ لائق پگهار
مقرر ڪري، حڪم جاري ڪيائين ته ساري ملڪ ۾ عهديدارن
جون سٺيون پگهارون مقرر ڪيون وڃن، جيئن هو تمام
آرام سان وقت گذارين.
جڏهن سندس بادشاهي اٺين سال پهتي ته هن ڳڻتين سانڀ
ريل جهان مان انتقال ڪري ويو.
ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جو ذڪر
(بن ڀنڀو انڙ بن صلاح الدين بن تماچي)
سنجر جي فوت ٿيڻ کانپوءِ تاريخ 25 ربيع الاول سن
866 هه [73] ۾، بادشاهيءَ جي گاديءَ تي ويٺو. هن
جي ويهارڻ تي سڀ ماڻهو، عالم، صالح، رعيت ۽ سپاهي
متفق هئا. هن خود مختيار حاڪم ٿي سر بلنديءَ جي
جهنڊو بلند ڪيو.
روايت ڪن ٿا ته ابتدا ۾ ڄام نظام الدين علم جي طلب
ڪندو هو. مدرسن ۽ خانقاهن ۾ گذاريندو هو ۽ نهايت
نهٺو، خلق ۽ وڻندڙ صفتن ۽ سهڻن اخلاقن سان موصوف
هو. ڪمال درجي جي زهد ۽ عبادت جو مالڪ هو. سندس
فضيلت ۽ حالت هن کان زياده آهي، جو ان مان ڪجهه
ٿورو لکي سگهجي.
تخت نشين ٿيڻ سان وڏو لشڪر وٺي بکر ۾ آيو، ۽ هڪ
سال رهي ڦورون جون پاڙون پٽي هر قسم جو ذخيرو وڏي
انداز ۾ بکر جي قلعي ۾ رکيائين. دلشاد نالي هڪڙو
سندس گهر ڄائو نوڪر هو ۽ مدرسن ۾ سندس خدمت ڪندو
هو،تنهن کي بکر ۾ مقرر ڪري، سنڌ جي پسگردائيءَ ۽
سرحدن جو اهڙو قسم جو انتظام رکيائين جو ماڻهو
آرام سان رستن تي آمد و رفت ڪندا هئا. اتان دلجاءِ
ڪري هڪ سال کان پوءِ موٽي اچي 48 سال ٺٽي ۾
خودمختياريءَ سان گذاريائين.
سندس حڪومت جي زماني ۾ عالمن، صالحن ۽ فقيرن جو
ڏاڍي آرام ۾ وقت ٿي گذريو. سپاهي ۽ رعيت پڻ آسودا
۽ خوش هئا.
ڄام نظام الدين ملتان جي حاڪم سلطان حسين لانگاهه
جو همعصر هو، ۽ سندن وچ ۾ دوستي ۽ محبت جو رستو
قائم هو، ۽ هڪٻئي ڏانهن هميشه تحفا ۽ سوکڙيون
موڪليندا هئا..
ڄام نظام الدين هر هفتي پنهنجي طبيلي ۾ ويندو هو ۽
گهوڙن جي پيشانيءَ تي هٿ ڦيري چوندو هو ته اي
بختاورؤ! جهاد کان سواءِ توهان تي سواري ڪرڻ نٿو
چاهيان، ڇاڪاڻ ته چئني سرحدن تي اسلامي حاڪم آهن.
[74] دعا ڪريو ته شرعي سبب کان سواءِ ڪٿي به نه
وڃان ۽ نه وري ٻيو ڪو هتي اچي، متان مسلمانن جو
خون بنا ڏوهه جي وهي، ۽ الله سبحانه و تعالى وٽ
شرمندو ٿيان.
هن جي بادشاهيءَ جي زماني ۾ سنت نبوي
جي پيروي ايتري ته شايع ٿي ويئي جو ان کان وڌيڪ تصور ڪري سگهجي.
مسجدن ۾ جماعت سان نماز پڙهڻ جو دستور اهڙو ته
رائج ٿي ويو هو. جو ننڍا خواهه وڏا مسجد ۾ اجيلي
نماز پڙهڻ پسند نه ڪندا هئا، جيڪڏهن ڪنهن وقت ڪنهن
کان جماعت گسي ويندي هئي ته نهايت پشيمان ٿي، ٻه
ٽي ڏينهن استغفار پڙهڻ کي پڙهڻ لڳي ويندو هو.
ڄام نظام الدين جي حڪومت جي پوين ڏينهن ۾ شاهه بيگ
جي لشڪر قنڌار کان اچي اڪڙي، چانڊوڪي ۽ سيڊيچي ۾
ڦر ڪئي. جھام هڪ وڏو لشڪر مغلن جي فساد بند ڪرڻ
لاءِ چاڙهي موڪليو، جن جلوگير نالي مشهور ڳوٺ وٽ
اڳ وٺي سخت لڙائي ڪئي.
انهيءَ لڙائيءَ ۾ شاهه بيگ جو ڀاءُ قتل ٿي ويو ۽
ٻيا شڪست کائي قنڌار موٽي ويا ۽ ڄام نظام الدين جي
حياتيءَ ۾ وري سنڌ ۾ نه آيا.
ڄام نظام الدين انهيءَ وقت جي عالمن سان گهڻو وقت
علمي بحث مباحثا، ۽ ڳالهه ٻولهه ۾ گذاريندو هو.
جناب مولانا جلال الدين محمد دواني شيراز کان سنڌ
ملڪ ۾ اچڻ جو ادارو رکي پنهنجن ٻن شاگردن مير شمس
الدين ۽ مير معين کي ٺٽي موڪلي، اتي اچي رهڻ جي
استدعا ڪئي، (جنهن تي) ڄام نظام الدين لائق
حويليون مقرر ڪري گذاران جو اسباب تيار ڪيو، ۽ هنن
هٿان راهه خرچ لاءِ پئسا پڻ موڪلائين، پر قاصدن جي
پهچڻ کان اڳ مولانا آخرت جو سفر اختيار فرمايو،
جيئن ته مير شمس الدين ۽ مير معين کي ڄام نظام
الدين جي صحبت وٺي ويئي هئي، تنهن ڪري موٽي اچي
ٺٽي ۾ رهيا. [75]
ڪجهه وقت کان پوءِ ڄام نظام الدين هميشه رهندڙ ملڪ
ڏانهن لڏي ويو ۽ کانئس پوءِ سنڌ ملڪ جي حالات ۾
تمام خلل پئجي ويو.
اصل
۾ ”سنکدر“ آهي، پر اسان جي خيال ۾ ڪتاب جي ڀل
کان ”ن“ جو ڪاف جي پوئتان هجڻ گهرجي، اڳيان ٿي
ويو آهي، ۽ صحيح ”سڪندر“ آهي. (مترجم)
اسان
جي خيال ۾ هتي مير معصوم جي عبارت ۾ خلل آهي.
ڄام نظام الدين جو لشڪر ملن کي ڪٿي پهتو،
انهيءَ لاءِ فقط ”مشهور ڳوٺ“ لکيو ويو آهي،
ڳوٺ جو نالو ڪونهي. البت مير قانع تحفته
الڪرام، ص 53، ج 3 ۾ انهيءَ جاءِ جو نالو سيوي
لکيو آهي. خود مير معصوم به ص 112 ۾ ائين لکيو
آهي. و الله اعلم (مترجم)
|