ص 61. قلعه واهکه:
سنڌي زبان ۾ انهي ي ”وڳ ڪوٽ“ يا ”وجه ڪوٽ“ چون ٿا،
هن جي جاءِ پراڻ نديءَ جي اڀرندي پنج ميل ۽ الله
بند جي مٿان هئي جنهن وقت ۾ ڪڇ جو رڻ ڪشتي رانيءَ
جي لائق درياءَ هو، انهيءَ وقت وڳ ڪوٽ هڪ چڱو بندر
هو. (ڏسو: آثار قدم سنڌ“ تاليف ڪزنس ص 122)
ص 61. محمد تور (محمد طور)
: ٿرڙيءَ کان پوءِ سومرن جو تختگاهه هو، سندس دڙا
تعلقي ميرپور بٺوري ۾ شاهه ڪپور جي پسگردائيءَ ۾
گونگڙي واهه جي ڪناري تي موجود آهن. نهايت آباد، ۽
سر سبز شهر هو. تاريخ طاهريءَ جو مؤلف سيد محمد
طاهر نسياني (1030هه) چوي ٿو: ”نه فقط هن حقير
بلڪه گهڻن ماڻهن (انهيءَ شهر جا دڙا) عبرت جي اکين
سان ڏٺا آهن ۽ ڄاڻن ٿا. بلڪ انهيءَ جڳهه جي ويران
ٿيڻ کان پوءِ اتي جي اڪثر رهاڪن جي اوالاد، ساڪوره
(ساڪره) پرڳڻي ۾ جو سمن ڄامن جي وقت ۾ آباد هو،
سڪونت اختيار ڪري ڳوٺ ٻڌو آهي، جنهن کي پڻ ساڳيو
محمد طور سڏين ٿا.“ (ص 29) محمد طور جي ويران ٿيڻ
لاءِ ٻه سبب بيان ڪن ٿا: هڪ هيءَ ته سنڌو ني يعني
مهراڻ پنهنجو پراڻو وهڪرو ڦيرائي، سيوهڻ طرف وهڻ
لڳو، تنهن ڪري هي شهر، جنهن جي آبادي مهراڻ جي
پاڻي تي موقوف هئي، پاڻي نه ملڻ ڪري ويران ٿي ويو،
(تارط طاهري ص 30، 50) ٻيو هيءَ ته سلطان
علاؤالدين خلجي (695 – 751) جي لشڪر سالار خان جي
اڳواڻيءَ هيٺ انهيءَ کي ويران ۽ برباد ڪري ڇڏيو.
(تحفته الڪرام ڇاپو بمبئي جلد 3، ص 48) اسان جي
خيال ۾ پهريون سبب ڪافي قوي آهي، ڇاڪاڻ ته چنيسر
جو علاؤالدين جي درٻار ۾ وڃڻ ۽ کانئس لشڪر وٺي
دودي سان جنگ ڪرڻ يا عمر سومري کي سزا ڏيڻ لاءِ
علاؤالدين جو لشڪر موڪلڻ هڪ ڏند ڪٿا جهڙي ڳالهه
آهي.
ص 62 – ڄام انڙ بن يا بنيهه
: ”يابنيه“ جي صورتخطي ۾ اختلاف آهي، تاريخ مبارڪ
سآهي ”بانبنهنيه“ تاريخ فيروز شاهي تاليف سراج
خفيف ”بانبهنه ۽ تحفته الڪرام ”پانيه“ ٿو لکي، پر
اسان جي نظر ۾ هن نالي جي صورتخخي [294] ”بانبهه“
(سنڌي ڀنڀو) آهي، ڇاڪاڻ ته اهو نالو انهي تلفظ سان
سنڌ جي ڄامن ۾ اڄ تائين مشهور معروف آهي. (پڻ
حاشيه صفحو 369)
2 62-ملڪ تن:
ڄام جي هٿان ملڪ رتن جي قتل جو واقعو ابن بطوط جي
لفظن ۾، جو هن واقعي کان ٿورا ڏينهن پوءِ 734هه)
سيوهڻ ۾ پهتو، هن طرح آهي: (رحلته ابن بطوط ج1، ص
105- 108): هن شهر ۾ اميرونار (انڙ) سامري (سومره
)
۽ امير قيصر رومي رهندا هئا، اهي ٻئي سلطان جا
تابعدار هوندا هئا. ۽ انهن وٽ
اٽڪل 1800 سور هئا، ساڳئي شهر ۾ رتن نالي هڪ هندو
ڪافر پڻ رهندو هو، جو حسابن ۽ لکپڙهه ۾ ماهر هو،
پوءِ هو ڪن اميرن سان گڏجي هندستان جي بادشاهه
(يعني سلطان محمد شاهه تغلق) وٽ ويو. بادشاهه کيس
پسند ڪري سندس الو ”سنڌ سردار“ رکيو ۽ کيس انهيءَ
ملڪ جو حاڪم بنائي سيوهڻ ۽ ان جا پرڳڻا جاگير طور
عطا ڪرڻ سان گڏ کيس سڀئي مرتبا جهڙوڪ: نقارا ۽
ٻيون سڀ اهي نشانيون جيڪي وڏن اميرن کي ڏنيون
وينديون آهن، ڏنيون، انهيءَ ملڪ ۾ پهچڻ تي ونار،
قيصر ۽ ٻين کي هن ڪافر کي اڳرو ڪرڻ ڏکيو لڳو، سو
سندس قتل ڪرڻ جي ٺهراءُ ڪيائون، سندس اچڻ کان ٿورا
ڏينهن پوءِ کيس حال احوال معلوم ڪرڻ لاءِ شهر
جياسپاس ۾ نڪرڻ جي صلاح ڏنائون، جنهن تي هو
ساڻنگڏجي نڪتو، رات جي اونداهيءَ ٿيڻ تي وٺي محلي
۾ [295] شور کڙو ڪيائون ۽چوڻ لڳا ته انهيءَ تي
ڪنهن شينهن حملو ڪيو آهي، پوءِ ڪافر جي تنبوءَ تي
ڪاهي ويا ۽ کيس قتل ڪيائون ۽ شهر ۾ موٽي اچي، اتي
جيڪو سلطان جو مال هو تنهن تي قبضو ڪيائون، جو
ٻارنهن لک... هو ۽ مٿئين ونار کي پنهنجو سردار
بنائي سندس نالو ملڪ فيروز رکيائون. هن سمورو سال
لشڪر کي ورهائي ڏنو، پوءِ پنهنجي قبيلي کان پري
هجڻ ڪري اچي کيس ڊپ ورايو سو جيڪي ساڻس مائٽ هئا
تن سوڌو، نڪري پنهنجي قبيلي ڏانهن هليو ويو. باقي
بچيل لشڪر قيصر روميءَ کي پنهنجو سردار بنايو. اها
خبر وڃي سلطان جي ٻانهي عماد الملڪ سر تيز کي
پهتي، جو انهن ڏينهن سنڌ جو امير الامراءُ هو ۽
ملتان ۾ رهندو هو. هو لشڪر گڏ ڪري خشڪي ۽ سنڌو
نديءَ رستي تيار ٿيو، ملتان ۽ سيوهڻ جي وچ ۾ ڏهن
ڏينهن جو پنڌ هو، قيصر هن جي مقابلي لاءِنڪتو، ۽
لڙئي لڳي، جنهن ۾ قيصر ۽ سندس ساٿي بري شڪست کائي
وڃي شهر ۾ قلعي بند ٿيا، هن (عماد الملڪ) هنن جو
گهيرو ڪيو ۽ منجنيقون لڳايائين، جنهن ڪري گهيرو
سخت ٿيو. آخر هنن چاليهن ڏينهن کان پوءِ امان
گهريو، جنهن تي هن کين امان ڏنو، پر جڏهن وٽس حاضر
ٿيا، تڏهن ساڻن وعدي خلافي ڪري، سندن مال ضبط ڪري،
انهن جي قتل جو حڪم ڏنائين، پوءِ هر روز انهن مان
چونڊ ڪري ڪن کي قتل ڪندو هو ۽ ڪن جون کلون لهرائي،
اهي کلون بهه سان ڀرائي قلعي جي مٿان لڙڪائيندو
هو. جنهن ڪري قلعي جي اڪثر حصي تي اهي کلون لڙڪيل
ٿي رهيون، جن کان ڏسندڙ دهلجي ويندا هئا، انهن جون
سسيون وچ شهر ۾ گڏ ڪرايون هئائين، جيڪي اتي هڪ
ٽڪري وانگيان ٿي پيون هيون. آءُ ان شهر ۾ هن واقعي
کان پوءِ وڃي اتي جي هڪ وڏي مدرسي ۾ منزل انداز
ٿيو هوس ۽ ان جي ڇت تي سمهندو هوس، جڏهن رات جو
جاڳندو هوس ته اهي لڙڪيل کلون ڏسندو هوس، جن کان
دل پريشان ٿيندي هئي ۽ مدرسي ۾ ٽڪڻ دل کي نه وڻيو،
تنهن ڪري اتان (ٻئي هنڌ) هليو ويس.
ص 62 – ملڪ فيروز ۽ علي شاهه ترڪ: ڏسو ص 74 ته اتي
علي شير نالو ڏنل اٿس، شايد علي شير جاندار (مراد)
آهي، (تاريخ مبارڪ شاهي ص 111) اودري سلطان جو
ڀاءُ ملڪ فيروز يا فيروز ملڪ، باريبڪ جو نائب هو
(تاريخ مبارڪ شاهي ص 98) نهايت افسوس آهي جو ڪنهن
به تاريخ هنن آفيسرن جا نالا ۽ سندن سنڌ تي مقرري
جو بيان نه ڏنو آهي، ليڪن عماد الملڪ سر تيز جي
باري ۾ تارخ مبارڪ ساهي (ص 107) چوي ٿي ته سلطان
محمد شاهه تغلق [296] سن 744هه ۾، يعني سيوهڻ جي
واقعي کان ڏهه سال پوءِ، ملتان جا پرڳڻا هن جي
حوالي ڪيا تنهن سيوهڻ جي واقعي کان ڏهه سال پوءِ
ملتان جا پرڳڻا هن جي حوالي ڪيا تنهن ڪري ممڪن آهي
ته اهو عماد الملڪ سن 734هه ۾ پڻ ملتان جو حاڪم
هجي. هن ڳالهه ۾ اسان کي ابن بطوطه جي روايت تي
اعتبار ڪرڻ گهرجي. (اگرچ ص 94 ۾ ڀل کان انهيءَ سر
تيز جو لقب قطب الملڪ لکيو اٿس)، خصوصن جڏهن ته
تاريخ مبارڪ شاهي جي صفحي 98 ۾ آيو آهي ته سلطان
محمد شاهه تغلق پنهنجي تخت نشينيءَ واري سال (يعني
725) ۾ ملڪ سر تيز کي عماد الملڪ جو خطاب عطا ڪيو.
ص 63- بهرام پور: انگريزن جي حڪومت کان اڳ
حيدرآباد جو هيٺيون حصو، کي هن وقت ٽنڊو ڊويزن ٿا
چون، سو ان ۾ اچي ٿي ويو ۽ بهرام پور جو قلعو گهڻو
ڪري گوني تعلقي ۾ هو.
ص 63 – سلطان علاؤالدين: سلطان علاؤالدين خلجي سن
815هه (مطابق 1315ع) ۾ گذاري ويو ۽ ڄام جوڻجو سن
734هه ۾ حاڪم ٿيو، پوءِ ڪيئن چئي سگهبو ته سلطان
علاؤالدين خلجي پنهنجي ڀاءُ الغ خان کي ملتان واري
پاسي تي مقرر ڪيو، جنهن ملڪ تاج ڪافوريءَ ۽ تاتار
خان کي ڄام جوڻي کي ڪڍڻ لاءِ سنڌ موڪليو، تنهن ڪري
هن کان پوءِ جيڪي به بيان ڪيو ويو آهي، سر حقيقت
جي خلاف آهي ۽ تاريخ معصومي خواهه تحفته الڪرام ۾
واقعات جي تسلسل ۾ اختلاف (گڙٻڙ) ظاهر آهي، انهيءَ
ڪري جيڪي به سمن جي باري ۾ پهريائين چئي آيا آهن،
تنهن کي بي بنياد سمجهڻ لازمي آهي، پڻ طبقات اڪبري
۽ فرشتي جي مصنف ڄام جوڻي جي حوالي ۾ هن واقعي جو
ذڪر نه ڪيو آهي.
ص 64- ڄام تماچي:
هن ڄام جو نالو نڪو آئين اڪبري (ص 559) ۾ آيو آهي
نه طبقات اڪبري (ج 3، ص 513) ۾ ” [297]
ص 64- سلطان علاؤ الدين جو لشڪر:
هي بيان پڻ سموري تاريخي تسلسل جي بر خلاف آهي،
تنهن ڪري انهيءَ کي نظر انداز ڪرڻ گهرجي.
ص 64- ٿوري وقت کان پوءِ:
يعني ماهه محرم سن 752هه جي 24 تاريخ کان پوءِ.
ص 65- ڄام بابيني جو بيان:
طبقات اڪبري وارو هن ڄام جو نالو ڄام بان هتيه
(يعني بانبهنه) بن انڙ ٿو لکي (ج 3 ص 513) ۽ فرشتو
(ج 2، ص 15) هن کي ڄام ماني بن ڄام جونا ٿو سڏي، ۽
هنن ٻنهي مؤرخن ڄام تماچي بن ڄام انڙ ۽ ڄام خير
الدين بن ڄام تماچي جا نالا وچ مان ڪڍي ڇڏيا آهن.
ص 65- ڄام بابينو جنگ جو ميدان سينگاري – الخ : هتي مير معصوم هڪ وڏي ڌوڪي جو شڪار ٿي ڄام خير الدين ۽ ڄام
بابيني جي تاريخي واقعن کي گڏي ڇڏيو آهي. ص 51 ۾
فيروز شاهه جي احوال ۾ چوي ٿو ته ”سلطان ننگر ڪوٽ
فتح ڪرڻ کان پوءِ ٺٽي ڏانهن رخ ڪيو، ٺٽي پهچڻ ٺٽي
جو والي ڄام خير الدين آباد جي قلعي ۾ قلعي بند ٿي
ڪجهه عرصو لشڪر جو بچاءُ ڪيو الخ“ ، هتي وري اهو
سمورو احوال ڄام بابيني جي ذڪر ۾ بيان ڪري ٿو.
تاريخ فرشته پڻ هي سڀ واقعا ڄام ماني بن ڄام جونا
جي حڪومت جي بيان ۾ ٻڌايا آهن. در حقيقت تاريخ
نويسن ۾ هڪ وڏو مونجهارو پيدا ٿيو آهي. تاريخ
فيروز شاهي جو ”مؤلف شمس سراج عفيف (ص 245 – 246 ۽
تاريخ مبارڪ شاهي (ص 131) وارا هن مشڪل کي قدري حل
ڪن ٿا. ٻئي تاريخ نويس ڄام جو نالو نه ٿا کڻن پر
چون ٿا: ”ڄام ۽ بابينو“ امان گهري
سلطان فيروز [298] شاهه جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ خاص
مهربانين سان نوازيا ويا. هن جاءِ سراج عفيف جي
شاهدي زياده معتبر آهي، هو چوي ٿو ته:
”حضرت فيروز شاهه ٺٽي جي سر زمين کان مرڪز ڏانهن
موٽي وڃڻ گهريو، سو ڀنڀي جي ڀاءُ ڄام تماچيءَ جي
پٽ کي ٺٽي جي حڪومت ڏيئي... ڄام ۽ ڀنڀي ۽ سندس
سموري اٽالي کي ساڻ وٺي دهليءَ ڏانهن موٽي ويو. (ص
247) ... ڄام نيڪ فام ڀنڀو، پنهنجي سموري اٽالي
سوڌو شاهي رعب جي اثر سبب سلطان کان به اڳي دهلي
پهتو. فرمان ٿيو ته انهن کي بادشاهه جي حويليءَ
سان لاڳيتو جڳهه ڏني وڃي، جيئن هو دلجاءِ سان
انهيءَ جاءِ ۾ رهڻ لڳن ۽ سندن سمورو اٽالو انهيءَ
جاءِ ۾ رهي، پوءِ هو انهي نهايت فرحت واريءَ جاءِ
۾ وسڻ لڳا ۽ انهيءَ جاءِ کي ”سرائي ٺٽه“ نالو
رکيائون، حضرت فيروز شاهه ٻه لک تنڪا ڄام لاءِ ۽
ٻه لک تنڪا ڀنڀي لاءِ روڪڙا، انعام طور پنهنجي
خزاني مان سالانه مقرر ڪيا. از ان سواءِ روزانه
ڪپڙا، سامان ۽ بي انداز نعمتون ايتريون ته ٿي
ملين، جو ٺٽي کي بلڪل وساري ڇڏيائون، (ص 253) ...
جڏهن هن کي ڪجهه سال گذريا ۽ ڀنڀي جو ڀاءُ تماچي
ٺٽي ۾ ڦري ويو، تڏهن جي شر دفع ڪرڻ لاءِ حضرت
شهنشاهه ڄام کي ٺٽي موڪليو. ڄام ٺٽي پهچي تماچي کي
دهليءَ شهر ڏانهن روانو ڪيو. ڀنڀي پڻ دهليءَ ۾ رهي
سلطان فيروز شاهه جي خدمت ٿي ڪئي. سلطان تغلق شاهه
بادشاهي جي تخت تي وهڻ سان (معنى سن 790هه ۾) ڀنڀي
کي سفيد ڇٽ عطا ڪري ٺٽي روانو ڪيو. ڀنڀي رستي ۾
ساهه خدا کي ڏنو.“ (ص 254)
هن فقري مان نتيجو وٺي سگهجي ٿو ته اهو ڄام جنهن
جو سراج عفيف نالو نه کنيو آهي. ڄام خير الدين
آهي، پڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ڄام خير الدين ۽ ڄام ڀنڀو
(جو [299] جھام خير الدين جو وڏو پٽ هئڻ گهرجي)
گڏجي حڪومت ڪندا هوندا، ۽ سندن حڪومت جو زمانو
ساڳيو آهي. دهليءَ وڃڻ ڪري سندن غير حاضريءَ ۾ ڄام
خير الدين جو (ٻيو) پٽ (يعني ڄام جوڻو) (تاريخ
معصومي، ص، 51) ۽ ڀنڀي جو ڀاءُ تماچي گڏجي حڪومت
ڪندا هوندا.
ص 66- ڄام تماچي:
تاريخ فرشتا (ج 2،ص 616) هن کي ”ڄام تماچي بن ڄام
ماني“ لکي ٿو، جيئن ته تاريخ معصومي موجب ڄام
تماچي ڄام ڀنڀي (بابينه) جو ڀاءُ آهي، تنهن ڪري
نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته ڄام خير الدين جو اصلي نالو
ماني هو. هن لحاظ کان خير الدين ڄام جوڻي جو پٽ
هوندو ته ڄام تماچيءَ جو، جيئن مير معصوم چيو آهي
ته اسان کي فرض ڪرڻ گهرجي ته ڄام تماچي بن انڙ جو
ڪوبه وجود ڪونه آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڄام انڙ کي
تماچيءَ نالي ڪو پٽ هجي ها ته جيڪر بغير ڪنهن
فاصلي جي سندس جاءِ نشين ٿئي ها. والله اعلم
بالصواب.
ص 66- تيرهن سالن جو عرصو:
آئين اڪبري (ص 559) ۽ طبقات اڪبري (ج 3، ص 514)
موجب تيرهن سال ڪي مهينا.
ص 66- ڄام نظام الدين؛
آئين اڪبري (ص 559)
طبقات اڪبري
(ج
3، ص 514) ۽ تاريخ فشته (ج
2، ص 671) موجب ڄام نظام الدين جي حڪومت ٻه سال ۽
ڪي مهينا هئي.
ص 68 – علي شير جي حڪومت ست سال رهي:
آئين اڪبري (ص 559)، طبقات اڪبري (ج 3، ص 551) ۽
تاريخ فرشته (ج
2، ص 617) موجب علي شير جي حڪومت ڇهه سال ۽ ڪي
مهينا هئي.
ص 68- ڄام ڪرن جو بيان:
مٿين مورخن موجب هن ڄام جي حڪومت فقط ڏيڍ ڏينهن
هئي.
ص 70- ڄام تغلق جو بيان:
فرشته (ج2، ص 617) ڄام تغلق جي احوال ۾ (چوي ٿو ته
جنهن صورت ۾ دهليءَ جي شهنشاهت ۾ پهرين رونق ۽ چل
پل نه رهي هئي، تنهن ڪري انهن کان [300] دل پلي
گجرات، جي بادشاهن سان دوستي ۽ واقفيت جو رستو
رکيائين. بلڪ هن کان پوءِ سمن جي قوم مان جيڪو به
تخت تي وهندو هو، سو گجرات جي حاڪمن سان دوستي ۽
يگانگت پيد اڪري (سندن) لاڳاپي جي ذريعي پنهنجي
حڪومت جو بچاءُ ڪندو هو ۽ تاريخ مرات سڪندري ۾ آيو
آهي ته ڄام جوني پنهنجون ٻه ڌيئر هڪڙي بيبي مرغي
(مرکي) نالي احمد آباد جي مشهور عارف شاه عالم کي
۽ ٻي بيبي مغلي نالي سلطان محمود شاهه (گجراتي)
(845- 855) کي ڏنيون هيون. بيبي مغلي مان فتح خان
ڄائو، جو پوءِ محمود بيکر (بيگره) جي نالي سان وڏي
۾ وڏو گجرات جو بادشاهه ٿي گذريو آهي (پر) جنهن
صورت ۾ ڄام جوڻي بن بابيني (ڀنڀي) جو دور (هن) کان
اٽڪل هڪ سئو ورهيه اڳ ۾ گذري چڪو آهي، تنهن ڪري
اسان کي فرض ڪرڻ گهرجي ته اهي ڄام تغلق جون ڌيئر
هيون.
ص 71 – ڄام راءِ ڏني جو بيان:
طبقات اڪبري جي مصنف ۽ فرشته هن ڄام جو ذڪر نه ڪيو
آهي. آئين اڪبري پڻ هن جو نالو نه کنيو آهي. _بلڪ)
هن کي سنجر جو همنام ڳڻي ٿو. ”سنجر عرف رادهن“
ماثر رحيمي وارو (ج 2، ص 221) ڄام راءِ ڏني جو
عربي نالو ”ڄام نظام الدين“ لکي ٿو. جيڪڏهن ڄام
راءِ ڏني جي بغاوت جو سال سن 858 آهي ۽ جيڪڏهن ڄام
نظام الدين عرف ڄام نندي جي تخت نشيني جي تاريخ
(ڏسو ص 73) سن 866هه پڻ درست آهي ته پوءِ هنن ٻنهي
حاڪمن جو وچ وارو عرصو اٽڪل اٺ ورهيه ٿئي ٿو، جو
ڄام سنجر جي حڪومت جو عرصو آهي، جنهن ڪري اسان کي
ڄام سنجر ۽ راءِ ڏنو هڪڙو ڳڻڻ گهرجي يا ته وري ڄام
نظام الدين جي تخت نشينيءَ جي تاريخ 8 سال پوئتي
رکڻي پوندي (پڻ ڏسو حاشيه ص، 76)
ص 75- شاهه بيگ:
شاهه بيگ ارغون جنهن کي تاريخن ۾ شاهه شجاع بيگ پڻ
چيو اٿن.
ص 75- جلو کير = جلو گير
: بولان جي دڙي ۾ بيبي نانيءَ جي ويجهو هڪ جڳهه جو
نالو آهي. [301]
ص 75- شاهه بيگ جو ڀاءُ يعني سلطان محمد.
ص 75- ۽ ڄام نظام الدين جي حياتي تائين وري سنڌ ۾
نه آيا: مير معصوم جي تقرير حقيقت جي مطابق ٿي ڏسجي، پر طبقات اڪبري جي
مصنف (ج 3، ص 517) هن طرح بيان ڪيو آهي.
”هن (يعني ڄام نظام الدين) جي زماني ۾ شاهه بيگ
قنڌار کان اچي سن 899هه ۾ سيوي جو قلعو،
جو هن جي گماشتي بهادر خان جي هٿ هيٺ هو، فتح ڪيو
۽ پنهنجي ڀاءُ سلطان محمد کي اتي ڇڏي پاڻ قنڌار
موٽي ويو. ڄام نندي مبارڪ خان
کي سلطان محمد تي چارهي موڪليو. مرزا عيسى ڄام جي
لشڪر سان جنگ ڪري کٽيو ۽ شاهه بيگ سندس پويان اچي،
ڄام نندي جي گماشتي قاضي قاذن کان بکر جو قلعو
انهن ڏينهن ۾ اهڙو مضبوط نه هو جهڙو هاڻي آهي. هو
سيوهڻ جي قلعي تي پڻ متصرف ٿي، باقي بيگ جي حوالي
ڪري قنڌار موٽي ويو. ڄام نندي سيوي، ڇڏائڻ لاءِ
وري وري لشڪر موڪليو، پر ڪجهه ڪري نه سگهيو.
طبقات اڪبري جي مصنف جو اهو بيان ته شاهه بيگ
ارغون، سيويءَ جو شهر ڄام نندي [302] جي گماشتي جي
هٿان ڇڏايو، درست ٿو ڏسجي، باقي هيءَ ڳالهه ته
شاهه بيگ بکر ۽ سيوهڻ جا قلعا پڻ ڄام جي قبصي مان
ڇڏايا هئا، حقيقت جي خلاف ٿي ڏسجي، ڄام نندي بار _
بار سيوي ڇڏائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي، سا ئي هن لاءِ ڪافي
ثابتي آهي، ته هي ٻئي قلعا هن جي هٿ ۾ هئا، ڇاڪاڻ
ته سيوي گهڻو مٿي ۽ سنڌ جي هاڻوڪين حدن کان ٻاهر
آهي. هي ٻئي قلعا جيڪڏهن دشمن جي هٿ ۾ هجن ها ته
هو هن کي پويان ڇڏي، سيويءَ ڏانهن لشڪر ڪيئن ٿي
موڪلي سگهيو؟ ص 76 – لڏي ويو: تاريخ طاهري (ص 7)
بيگالار نامو (ورق 8- الف) ۽ تحفته الڪرام ڇاپو
بمبئي (ج 3، ص 53) موجب ڄام نظام الدين
سن 914هه
۾ رحلت فرمائي، حساب موجب سندس حڪومت جو عرصو 48
سال ٿئي ٿو، جهڙيءَ طرح مير معصوم پڻ (ص 74) ظاهر
ڪيو آهي، طبقات اڪبري، متاثر رحيمي ۽ فرشته سندس
حڪومت جي مدت 62 سال لکي آهي، ليڪن تحفته الڪرام
۾جو مصنف (ج 3، ص 53) آهي، چوي ٿو ته: ”زياده“
صحيح ائين آهي ته 50 گهٽ ۽ چاليهن کان مٿي آهي.“
تاريخ معصومي (ص 112) مان معلوم ٿئي ٿو ته ڄام
نظام الدين سن 923هه جي پڇاڙيءَ ۾ وفات ڪئي،
جيڪڏهن سن 923هه مان 48 سال ڪاٽينداسين ته سندس
تخت نشينيءَ جو سال تقريباً 875هه ٿيندو، تنهن ڪري
اسان کي ڄام راءِ ڏنو، ڄام سنجر، ڄام نظام الدين
جي حڪومت جا سال هن طرح مقرر ڪرڻ گهرجن:
ڄام راءِ ڏنو 848هه – 866هه (ساڍا اٺ سال)
ڄام سنجر 868هه – 884 (اٺ سال)
ڄام نندو 874هه 923هه (اٽڪل 49 سال)
ص 76. سلطان مظفر گجراتيءَ وٽ پناهه ورتائين: سن 924هه ۾ جيئن عبدالله محمد بن عمر المڪي پنهنجي تاليف ”ظفر الواله
بمظفر وآله“ ۾ تصريح ڪئي آهي: سن 924هه ۾ ڄام
فيروز جي سوٽ مرحومه بيبي راڻيءَ جي سلطان مظفر
سان شادي ٿيڻ کان پوءِ [303] ڄام فيروز جو مائٽ
ڄام صلاح الدين جانپانپر پهتو ۽ مظفر سان ملي
نهايت عزت، احسان ۽ شاندار بخششن سان سرفراز ٿيو.
ساڳيءَ طرح بيبي راڻيءَ به کيس گهڻو ئي مال ڏنو ۽
سندس لاءِ تنبوءَ جو پڻ عرض ڪيائين، جو مظفر کيس
ڏنو ۽ هو انهيءَ ئي سال سنڌ ڏانهن موٽي ويو. (ص
137)
ص 76 – شاهه اسماعيل جي ظاهر ٿيڻ سبب: شاهه اسماعيل صفوي (950 – 930) جنهن شيعي مذهب جي رائج ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر
ڪانه ڇڏي ۽ اهل سنت کي هيءُ مذهب اختيار ڪرڻ تي
مجبور ڪيائين، جنهن به شيعه مذهب اختيار ڪرڻ کان
انڪار ڪيو تنهن کي خون آشام ترار جو لقمو بنايائين
تبريز ۽ هرات جي شهرن ۾ سنين جي قتل عام جو حڪم
ڏنائين. سن 916هه ۾ جڏهن فريد الدين احمد
تفتازاني، جيڪو ٽيهن سالن تائين هرات ۾ شيخ
الاسلام جي عهدي تي (فائز) رهيو، شيعه مذهب قبول
ڪرڻ کان انڪار ڪيو تڏهن شاهه اسماعيل کيس اهل سنت
جي عالمن جي هڪ جماعت سميت قتل ڪرائي ڇڏيو، انهيءَ
ڪري گهڻائي عالم پنهنجي مذهب جي حفاظت ۽ عزت جي
بجاءُ خاطر هرات مان ڀڄي ٻين ملڪن ڏانهن هليا ويا.
ص 77 - ڄام صلاح الدين ٺٽي جي شهر ۾ بادشاهيءَ جي
تخت تي ويٺو:
هيءَ واقعو سن 924هه ۾ ٿيو، جيئن عبدالله محمد بن
عمر مڪي پنهنجي تاريخ ۾ واضح ڪيو آهي. (ڏسو
ظفرالواله بمظفر وآله، ص 137)
ص 77- سندس والده:
تاريخ طاهري 0ص 72) موجب سندس والدهه جو نالو
”مدينه ماڇاڻي“ آهي.
ص 79- جيئن ته سومرن ۽ سمن جو احوال بابت – الخ: جيئن مقدمي ۾ چيو ويو آهي، نسخي ح ۾ سومرن بنسبت هڪ مختصر فصل
آهي ۽ اسان انهيءَ کي بعينه هتي نقل ڪريون ٿا:
”نقل آهي ته دودو سنڌ جو مستقل حاڪم هو. هو ڀائرن
جي شرارت کان رنج ٿي [304] سلطان ناصر الدين محمود وٽ دهلي
وڃي رهيو هو ته اتان ڪا مدد وٺي پاڻ کي حاڪم
بنائي. رستي ويندي ملتان جي ويجهو قطب العارفين
شيخ پٺي رحمت الله عليه سان ملاقات ٿيس، جنهن
سڳوري کيس سنڌ جي حڪومت جو واعدو ڪيو. مٿئين شيخ،
دودي سومري کان پنهنجي مزار متبرڪ واسطي زمين جو
ٽڪرو زرخريد ڪري ورتو. اگرچه دودي ڏوڪڙ قبول نه ٿي
ڪيا، ليڪن شيخ انهيءَ تي راضي نه ٿيو، آخر دودي
شيخ جي رضمانديءَ خاطر پئسا وٺي زمين جو ٽڪرو
خادمن جي حوالي ڪيو.
جڏهن
مٿيون دودو سومرو دهليءَ ۾ سلطان ناصر الدين محمود
جي خدمت ۾ پهتو ۽ پنهنجي ڏکويل احوال جي سربستي
خبر، حضور ۾ عرض ڪيائين، تڏهن بادشاهه کيس شاهي
انعامن ۽ خسروانه نوازشن سان سرفراز فرمائي،
پنهنجي درٻار جي ويجهڙن ۽ مقربن ۾ داخل ڪيو. هڪ
ڏينهن دودي، سلطاني دربار جي ڪنهن خاص ماڻهوءَ سان
جور و جعا جا ڪي ٿورا واقعا بيان ڪيا ۽ انهيءَ جي
معرفت ڀائرن جي ظلم و ستم ۽ بيوفائيءَ جا اهي
واقعا سلطان جي ڪن مبارڪ تائين پهتا. سلطان جي دل
مبارڪ تي نهايت رقت طاري ٿي ۽ صبح سويري لشڪر جي
حاضر ڪرڻ ۽ ڳڻڻ جو حڪم ڏنائين، ٿوري ئي وقت ۾ اٽڪل
پنجاهه هزار پيادا ۽ سوار ۽ ٽي سئو مست هاٿي
بادشاهه جي خدمت ۾ گڏ ٿيا ۽ دودي سان گڏ سنڌ ڏانهن
روانا ٿيا. هن روايت ۾ اختلاف آهي، ڪي چون ٿا ته
سلطان پاڻ به نفس نفيس دودي سان گڏجي سنڌ ڏانهن
روانو ٿيو ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته سارنگ خان نالي
پنهنجي هڪ خاص غلام کي دودي جو همراهه ڪري سنڌ
اماڻيائون.
چون ٿا ته جڏهن شاهي قيامت خيز لشڪر، اچي دودي
جيڀائرن تي ڪڙڪيو تڏهن هو سنڌ جي لشڪر ۽آسپاس مان
هڪ وڏي جماعت گڏ ڪري پنهنجو عيال ۽ اطفال [305]
درياءَ جي ڪناري تي ڇڏي سامهون ٿيا. آخر ٻئي لشڪر
سمنڊ وانگيان ڇوليون هڻڻ لڳا ۽ گهڻي خلق ڪٺل ۽
ڦٽيل ٿي. ٻئي ڏينهن دودي پيغام موڪليو ته توهان
جيڪڏهن پنهنجي ڪئي کان پشيمان ٿيا هجو ته پوءِ
ترار ڳچيءَ ۾ وجهي اچي اسان وٽ حاضر ٿيو ته توهان
جون بي ادبيون معاف ڪيون وڃن. هنن هيءَ ڳالهه پسند
نه ڪئي، ۽ ساڳئيءَ طرح لڙائي جاري رکندا آيا. نيٺ
انهن مان گهڻا ماڻهو قتل ٿي ويا ۽ باقي جيڪي ٿورا
وڃي رهيا سي پنهنجا ٻار ٻچا وٺي ابڙي نالي (هڪ
شخص) وٽ ويا.
خبرن جا نقل ڪندڙ هن طرح روايت ڪن ٿا ته ابڙي وٽ
سومرن جي ٻارن ٻچن وڃڻ کانپوءِ هن پنهنجن ڀائرن جي
جماعت کي گڏ ڪري پنهنجي لشڪر کي حاضر ٿيڻ جو حڪم
ڏنو. ايتري ۾ دودي سومري ابڙي کي پيغام موڪليو ته
”تون هڪ نهايت ضعيب ماڻهو آهين، تنهنجو هنن ڳالهين
سان ڪهڙو واسطو جيڪي به باقي بچيل خواهه ڀڳل
(سومرا) ۽ ٻار ٻچا تو وٽ آيا آهن، سي بنان هٻڪ جي
هيڏانهن ڏياري موڪليو. توهان سان ڪا به گفتگو يا
قيل مقال ڪيا نه رهندي.“ ابڙي جواب ۾ هن طرح پيغام
موڪليو ته ”شال ائين خدا نه گهريو هجي! ته جيڪي
عورتون اسان جي سام پيون هجن تن کي توڏانهن ڏياري
موڪليان. الله پاڪ جي مهرباني ۽ حضرت بادشاهه جي
بخت جي برڪت سان اميد آهي ته هي ٻه چار ضائفائون
(زالون) اسان کي ڪوبه هرج ڪونه رائينديون. هن بندي
کان اهڙو ڪوبه ڪم نه ٿيندو جو شرمندگيءَ ۽ ڪنڌ هيٺ
ڪرڻ جو باغث هجي.“ انهيءَ کان پڇوءِ دودو پنهنجو
لشڪر سينگاري ابڙي ڏانهن روانو ٿيو. هوڏانهن ابڙو
پنجاهه سوار وٺي محافظ بڻجي پنهنجي لشڪر جي چوڌاري
چڪي لڳائي رهيو هو ته اوچتو دودو هڪ وڏي لشڪر ۽
گهڻي خلق سان پري کان ظاهر ٿيو. ابڙو انهن ئي
پنجاهه سوارن سان مست هاٿي ۽ گجندڙ شينهن وانگر صف
سنواري لڙائيءَ جي ميدان ۾ گهڙي پيو ۽ ٻنهي طرفن
کان بهادرن جون گجگوڙيون ۽ هڪلن جو آواز آسمان ۾
[306] گونجڻ لڳو. ابڙي ثابت قدم رهي ڪيترن کي قتل
ڪري ڇڏيو. بادشاهه جي فتحمند لشڪر درياءَ وانگر
ڇولين ته ڇوليون (ٿي هيون) ۽ هڪ ٻئي پٺيان فوجن
مٿان فوجون پهچي رهيون هيون، ابڙو، جو ساهه کان هٿ
ڌوئي چڪو هو، تنهن ڪيترن کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ
ڦٽجي بهادريءَ جو حق بجا آندائين. آخر لشڪر چئني
طرفن کان حملو ڪري ڌڪ هڻي کيس گهوڙي تان ڪيرائي
قتل ڪري وڌو، جيڪي سومرا باقي بچيا تن نهايت ناميد
ٿي ترارون ڪڍي، پنهنجا ٻار ٻچا قتل ڪري، پاڻ
لڙائيءَ جي ميدان ۾ اچي لڙائيءَ جي باهه ڀڙڪائي،
جنهن صورت ۾ حياتيءَ جي اميد ڪانه هين. تنهن ڪري
هٿ پير هڻڻ ۾ ڪوبه قصور ڪونه ڪيائون ۽ آخر سڀئي
ڪسي ويا.
چون ٿا ته سومرن جون ست نيڪبخت عورتون، جن اهڙي ته
پاڪدامني ۽ پرهيزگاريءَ سان عمر گذاري هئي جو مٿن
ڪنهن به نامحوم جو نظر نه پيئي هئي، تن بي پردگيءَ
جي خوف کان نهايت زاريءَ سان پروردگار (پاڪ)، جو
بي وسيلن ۽ فرياد ڪندڙن جو وسيلو آهي، جي دربار ۾
هٿ کنيا ۽ اميد ڀرين اکين سان دربار ايزدي ڏانهن
واجهائڻ لڳيون. سندن دعا بروقت قبول ٿي، زمين ڦاٽي
پيئي ۽ اهي ستئي ستيون زمين ۾ هليون ويون. هاڻي
اتي ساموئي وٽ درياءِ جي ڪناري تي انهن ستن ڀينرن
جون قبرون ٺاهي ڇڏيون اٿن، جيڪي ٺٽي جي ماڻهن جي
زيارتگاهه آهن.
روايت ڪئي اٿن ته گهڻي ڪوس ۽ ڪوشش کان پوءِ سارنگ
خان دودي کي ٺٽي جي حڪومت جي گاديءَ تي ويهاري،
پاڻ ڪن ٿورو ماڻهن سان موٽي ويو. دودي انهيءَ کان
پري ڪي سال خودمختيار رهي حڪومت هلائي، وڌيڪ
جھاڻڻهار ڄاڻي ٿو.
ص 80- سلطان ابو سعيد مرزا:
سلطان ابو سعيد بن سلطان محمد بن ميران ساهه بن
تيمور (855 -872) ۾ اوزون حسن آق قيونلي سان لڙائي
ڪندي شڪست کائي، ميانه وٽ، اوزون حسن جي هٿ چڙهيو،
جنهن ٽن ڏينهن کان پوءِ سلطان ابو سعيد کي مرزا
يادگار محمد جي هوالي ڪيو. مرزا کيس پنهنجي [307]
ڏاڏي گوهر شاد خاتون جي قصاص ۾ قتل ڪري ڇڏيو. (ڏسو
تاريخ ادبيات فارسي، تاليف پروفيسر برائون جلد 3،
ص 389)
ص 80- قرا باغ جي واقعي کان پوءِ:
ترخان نامي جي مصنف، جنهن سڀ واقعات مير معصوم کان
ورتا آهن، جي عبارت هن طرح آهي؛ ”بعداز شهادت ابو
سعيد در واقعه قرا باغ الخ. ”منهنجي خيال ۾ اچي ٿو
ته مير معصوم هتي ابو سعيد تيموريءَ جي شاهدت جو
واقعو سلطان ابو سعيد ايلخاني (716-736هه) جي
قراباغ ۾ موت سان ملائي ڇڏيو آهي. تذڪره دولت شاهه
(ص 478) موجب سلطان ابو سعيد کي موقان جي صحرا ۾
شهادت جي درجي تي رسايون.
ص 80- سلطان يادگار مرزا:
يادگار محمد بن سلطان محمد بن بايسنقر، ابو الغازي
سلطان حسين جي هٿان ٻه دفعا شڪست کائي سن 875هه ۾
قتل ٿي ويو. (دولت شاهه ص 425-430)
ص 80- سلطان احمد
مرزا (872-899هه)
سلطان ابو سعيد مرزا جو وڏو پٽ هو.
ص 80- سلطان حسين مرزا:
اهو آهي ابو الغازي سلطان حسين بن منصور بن بيقرا،
هو هرات جو حاڪم (832-911هه) هو. سندس احوال لاءِ
ڏسو جلد ٽيون، تاريخ اديبات ايران، تاليف پروفيسر
برائون سڀني جاين ۾.
ص 80- تڪدري:
صحيح نڪدري جيئن بابرنامي وغيره ۾ آهي، سڀني جاين
تي صحيح ڪري ڇڏڻ گهرجي.
ص 98- شيرم زڪه:
ارڪسن ”تاريخ هند“ (جلد اول، ص 215) ۾ ۽ بيورج
بابرنامه (جلد اول، ص 195، هاشيه 3) ۾ هن ماڻهو جو
نالو شيرم زڪر لکن ٿا.
ص 99- ڪزڪ:
شايد ته صحيح صورتخطي ڪيرڪي آهي، جيئن ت بابر نامه
(جلد اول، ص 191) ۾ آيو آهي، جيحون نديءَ جي هڪ
پتڻ هوندو هو. [308]
ص 104- سن 915:
وري صفحه 107 ۾ سن 917 لکيو اٿس، خبر ٿئي پوي ته
ڪهڙو سال وڌيڪ صحيح آهي.
ص 109- جڏهن ظهير السلطنته و الخلافته (بابر)
قنڌار جي آسپاس پهتو:
بابر جي قنڌار طرف هيءَ چرپر سن 923هه ۾ ٿي هئي
(ڏسو بابر نامه ص 365- 431 مترجم جو حاشيه)
ص 110- سن 921هه ۾ اچي ڪاهان (ڳاهن) ۽ باغبان تي
حملو ڪيو؛ مير معصوم هن واقعي کي 14 سال اڳ ۾ رکيو آهي. بابر 28
ربيع اولاول سن 925هه) مطابق 20 مارچ سن 1519ع جي
احوال ۾ چوي ٿو ته ”جڏهن قراتو ۾ پهتاسون ته اتي
قزل نالي شاهه بيگ ارغون جي قاصد خبر آندي ته شاهه
بيگ ڪاهان (ڳاهن) جو ڳوٺ وٺي ڦري لٽي موٽي ويو.
(بابر نامه جو انگريزي ترجمو تاليف بيورج، ص 395)
باغبانان (هاڻي باغبان) سيوهڻ کان 27 ميل اتر طرف
خدا آباد ۽ دادوءَ جي وچ ۾ هڪ ڳوٺ آهي.
ص 111- ٻئي سال – الخ
: يعني سن 922هه تاريخ معصومي موجب جيئن ماقبل جي
مطالع مان معلوم ٿئي ٿو، پر هن واقعي کي پڻ ٽي –
چار سال پوئتي يعني قنڌار جي محاصري کان ٻه ٽي
مهينا اڳ فرض ڪرڻ گهرجي.
ص 111- مهينا تير جي شروعات ۾:
يعني مهيني جون سن 1520ع – رجب سن 926هه.
ص111- هن ئي سال مرزا شاهه حسن – الخ
: يعني مير معصوم جي چوڻ موجب سن 921 هه ڇاڪاڻ ته
هن سال جي لکڻ ۾ پڻ غلطي ڪئي اٿس. حقيقت ۾ [309]
شاهه حسن سن 924هه ۾ پيءُ کان رنج ٿي وڃي بابر جي
خدمت ۾ حاضر ٿيو هو. جيئن ته ارسڪن (تاريخ هند ج
اول، ص 534) ۽ بيورج (بابر نامه ص 365-34) صاف طرح
لکيو آهي. اٽڪل ٻه سال بابر بادشاهه جي خدمت ۾ هو
۽ سن 926هه جي پڇاڙيءَ ۾ قنڌار جي آخري محاصري کان
ٿورو اڳ کانئس موڪلائي وڃي پنهنجي پيءَ سان مليو
هو.
ص 111- سن 922 – الخ:
صحيح سن 926، جيئن ارسڪن (تاريخ هند، جلد اول، ص
355) ۽ بيورج (بابر نامه ص 2، 43، 433) واضح ڪيو
آهي.
ص 112، سن 923- الخ:
جنهن صورت ۾ بابر قنڌار کي 13 ماهه شوال سن 928هه
(سيپٽمبر سن 1522ع، تي پنهنجي قبضي ۾ آندو، جيئن
ته بيورج (بابر نامه) جي ترجمي
(Appendix J xxx II-xxxv) ۾ ثابت ڪيو آهي، تنهن ڪري شاهه بيگ ارغون پڻ قنڌار جون ڪنجيون
انهيءَ سال بابر جي حوالي ڪيون هونديون.
ص 112- مير غياث الدين:
تياريخ حبيب السير جي مصنف خواند مير جو ڏوهٽو.
ص 112- ۽ کيس ٺٽي جي فتح ڪرڻ جي ترغيب ۽ لالچ
ڏياريائين: تارخ طاهري (ص 72( ۾ شاهه بيگ جي ڪاهه جي سبب بابت چوي ٿو ته
ڄام فيروز پاڻ درياءَ خان جي خود سريءَ کان تنگ ٿي
پنهنجي ماءُ مدينه ماڇاڻيءَ کي دانهين بنائي، سن
922هه ۾ شاهه بيگ وٽ قنڌار موڪليو ته و اچي کيس
غلامن جي عار کي ڇڏائي. (تحفته الڪرام ج 3، ص 54)
۾ پڻ ساڳيو سبب ڏنل آهي.
ص 113- ۽ شاهه بيگ سن 924هه جي پڇاڙءَ ۾ - الخ: صحيح سن 926هه، جيئن ص 79 ۾ لکيل آهي. [310]
ص 113- ۽ ٺٽي کان ٽي ڪوهه ڏکڻ طرف خانواهه جي
ڪناري تي
منزل انداز ٿيو. تاريخ طاهري (ص 72-73) ۾ آيل آهي ته شاهه بيگ باغبان کي لٽي درياءَ جي
انهيءَ ئي ڪناري کان، جو قنڌار ڏانهن آهي (اچي)
ٺٽي جي سامهون خانواهه تي، يعني انهيءَ واهه تي جو
دريا خان ساڪوري پرڳڻي ۽ ٻيءَ زمين جي آباديءَ
واسطي جبل جي دامن ۽ شهر جي آسپاس کوٽايو هو. لٿو،
مٿئين واهه ۽ ڊگهي مسافريءَ جي ٿڪ سبب رات اتي
ترسي، صبح جو لڙائيءَ لاءِ تيار ٿيو. دريا خان ڄام
فيروز کي چيو ته ”هيءَ مصيبت اسان تي ڪانه آندي
اٿوَ، بلڪ پنهنجي پير تي ڪهاڙو هنيو اٿوَ“ ڄام
فيروز ان جي نصيحت کي ٻڌو، اڻ ٻڌو ڪري، دلجاءِ سان
گهر ۾ ويهي رهيو ۽ دريا خان پنهنجن ماڻهن سميت
تيار ٿي، ڏينهن جا پهريان ٽي پهر مغلن جو مقابلو
ڪيو، جنهن کان پوءِ نڙيءَ ۾ سنڌائتو تير کائي شهيد
ٿيو. باقي ڄامن مان ڪوبه مغلن جي لشڪر کي سامهون
ڪونه ٿيو.
تاريخ طاهريءَ جي احوال مان ظاهر ٿو ٿئي ته
خانواهه ٺٽي شهر جي اتر ۾ هو ۽ نه ئي ڏکڻ ۾ جيئن
مير معصوم چيو آهي ته پڻ مير عصوم جو هيءَ بيان ته
”انهن ڏينهن ۾ گهڻو ڪري درياءُ ٺٽي جي اتر پاسي
کان ٿي وهيو“ حقيقت جي خلاف ٿو ڏسجي
اسان کي گهرجي ته اتر جي بدران ڏکڻ فرض ڪيون،
ڇاڪاڻ ته هڪ ضعيف باٺارو سياري جي موسم (محرم
927هه ڊسمبر 1520ع) ۾ جڏهن پاڻي لهي ويندو آهي، ته
سنڌو ندي ٽپي نه ٿو سگهجي. تاريخ طاهري جي بيان
مان معلوم ٿو ٿئي ته شاهه بيگ خانواهه ٽپيو هو، ۽
نه درياءُ.
ص 114- قصه مختصر 11 محرم سن 926هه ۾ [311] –الخ: صحيح سن 927هه جيئن بيگلار نامه (صف 16) ۽ تحفته الڪرام (ج 3،
ص 54) ۾ لکيل آهي.
ص 114- ٺٽي شهر کي ڦرندا لٽيندا –الخ: هن واقعي جي تاريخ خرابي سنڌ (927هه) لکي اٿن. تحفته الڪرام (ج3، ص 54).
تاريخ طاهري هي واقعو مرزا شاهه حسن جي ڏينهن ۾
لکيو آهي، ليڪن غلطي ڪئي اٿس.
ص 118- قصو مختصر 14 محرم الحرام سن 927هه-الخ: جيڪڏهن ٺٽي جي بربادي سن 927هه ۾ ٿي هئي، ته پوءِ هي واقعو هڪ
سال پوءِ يعني سن 928هه ۾ رکڻ گهرجي. ”ظفر الواله
بمظفر و آله“ جي مصنف هن واقعي کي سن 926هه ۾ لکيو
آهي (ص 138) پر ڀل ڪئي اٿس.
ص 119- هيبت خان:
بيگلارنامه (ص 25) موجب فتح خان.
ص 119- ٻنهي لشڪرن ۾ وڏي لڙائي ٿي:
بيگلار نامه (ص 24) موجب هي لڙائي جالار ۾ ٿي هئي.
ص 120- آخر قتل ٿي ويو:
بيگلارنامه (ص 524) ۾ آهي ته ڄام صلاح الدين حميد
سربان ۽ سندس پٽ مير فتح خان، مير خوش محمد بيگ جي
هٿان قتل ٿيا، جڏهن پيءَ ۽ پٽ جا سر ڄام فيروز جي
پٽ، جنهن کي صلاح الدين پاڻ وٺي ويو، سميت نواب
مرز شاهه حسن جي اڳينا آندائون، تڏهن مهتر سنبل
عرض ڪيو ته وقت جي تقاضا اها آهي ته ڄام فيروز جي
پٽ کي پڻ ڪپي. هنن ٻنهي سرن سان ملائي ڇڏڻ گهرجي
ته سنڌ جو پرڳڻو مدعين جي شورش کان بالڪل صاف ٿي
پوي. وڏن اميرن پڻ هن صلاح کي عين ثواب سمجهي
منظوري ڏني. نواب ميرزا شاهه حسن جواب ۾ فرمايو ته
توهان جو فرمائڻ حالتن موافق (ٺيڪ) آهي، پر والد
بزرگوار سانس انجام اقرار ڪري کيس پنهنجو پٽ سڏيو
آهي، تنهن ڪري هن کي ايذائڻ صلاح ڀريو نه آهي.
هيءَ خبر ڄام فيروز کي پهتي [315] ته پنهنجي دل ۾
خيال ڪيائين ته جڏهن اميرن هي خيال ڪيو آهي، تڏهنن
جو ارادو (پورو) ٿي رهندو. (ص 26) اهو وهم دل ۾
پڪو ڪري گجرات ڏانهن ڀڄي ويو. (اتان) جاڙيجا ماڻهو
گڏ ڪري سنڌ ۾ پهتو، انهيءَ ڀروسي تي ته ساڻس گهڻو
لشڪر مددگار آهي ۽ آمرولد امر جي برغلائڻ ۽
لالچائڻتي، سندس دماغ ۾ لڙائيءَ جو پڪو خيال ويٺو
۽ سنڌ جي علائقي کي پنهنجي قبصي ۾ آڻڻ جو محڪم
ارادو ڪيائين، پنجاهه هزار لشڪر ساڻس گڏ هو.
باقي احوال مير عصوم ص 143 ۾ داخل ڪيو آهي. بيگلارنامه جي بيان مان معلوم
ٿئي ٿو ته ڄام
فيروز،
شاهه بيگ جي حياتيءَ ۾ ڀڄي ويو هو. سڳئي بيان ۾
”طفر الواله بمظفر و آله“ جو مؤلف چوي ٿو (ص 138)
”سن 26 ( ۽ 900) ۾ ڄام صلاح الدين، سلطان مظفر جي
مدد سان سنڌ هٿ ڪئي ۽ ڄام فيروز مغلن ڏانهن وڃي،
کانئن مدد وٺي سنڌ ڏانهن موٽي آيو. هن ۽ ڄام صلاح
الدين جي وچ ۾ سخت لڙائي لڳي، جنهن ۾ ڄام صلاح
الدين قتل ٿي ويو. ملڪ فيروز جي هٿ چڙهيو ۽ هو
بادشاهيءَ جي عشق ۾ پنهنجي خواهش جي تابع ٿيو.
سندس نفس هڪ ڳالهه ٺاهي جوڙي اڳيانس پيش ڪئي ۽
سندس خواهش پوري ٿي، مگر جيئن چيو ويندو آهي ته
”المستجير بعمرو عند کربته کا لمستجير من الرمضاءِ
بالنار“ (مصيبت وقت عمرو سان پناهه وٺندڙ ائين
آهي، جيئن ڪو گرميءَ کان، باهه سان پناهه وٺي)
تنهن ڪري ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ داخل ٿيڻ تي مغل حڪومت جي
لال رکڻ لڳا، هو سندس وزير دريا خان، جنهن تي هن
جي وجود جو مدار هو، لاءِ کڏون کوٽڻ لڳا ۽ وجهه
وٺي کيس بيڌڙڪ ٺڳيءَ سان قتل ڪري ڇڏيائون. ڄام
فيروز جي دل ۾ کانئن خدشو پيدا ٿيو ۽ سنڌ مان
گجرات نڪري ويو، جتي سلطان مظفر سان ملي، حڪومت
حاصل ڪيائين، ۽ هن جي وڏن بادشاهن مان ليکجڻ ۾
آيو. اهو واقعو سن 929هه ۾ ٿيو. مظفر جي وفات کان
پوءِ، هن پنهنجي ملڪ موٽي اچي، هن جو هڪ پاسو هٿ
ڪيو، جنهن تي مغل هن لڙائي لاءِ گڏ ٿيا ۽ هو گجرات
موٽي آيو، جتي سلطان بهادر بن مظفر جي مٿس مهرباني
ٿي ۽ اهو سن 35هه (يعني 935هه) ۾ ٿيو.
ص 121- بريالوءِ: صحيح پريالوءِ، رياست خيرپور ۾ هڪ شهر آهي.
ص 125- سياري جي شروعات ۾:
سال 928جو سيارو، مهينو ذوالحج [313] (آڪٽوبر سن
1523ع) يا شروع ٿيو، پوءِ شاهه بيگ مهيني شعبان سن
928هه ۾ ڪيئن وفات ڪئي هوندي؟ پاينده محمد ترخان
کي سال 929هه جي آخر (آڪٽوبر 1523ع) يا سال 930هه
جي اوائل ۾ (نومبر 1523ع) ۾ فض ڪرڻ گهرجي (ڏسو
شاهه بيگ جي وفات تي ص 127 جو حاشيه)
ص 126- اگهم:
هاڻي هن شهر کي ”ڪوٽ اگهاماڻي“ چوندا آهن،
حيدرآباد کان ڏکڻ اڀرندي ٽيهن ميلن تي آهي.
ص 129- خبر پهتي ته ظهير السلطنت و الخلافت – الخ: بابر سن 925هه (21 صفر = 22 فيبروري 1519) ۾ بهره شهر کي صلح
سان ورتو، ۽ بهره جي رهاڪن چار سئو هزار اشرفيون
امان جي ڍل طور قبول ڪيون. (ترجمه بابر نامه، ص
383) ۽ تاريخ 24 صفر 925هه ( = 25 فيبروري 1519ع)
شاهه حسن ارغون خوشاب جي فتح ڪرڻ لاءِ مقرر ٿيو ۽
هو خوشاب جي رهاڪن کي مطيع ڪري ۽ هنن کان ڍل وٺي
تاريخ 12 مارچ (= ربيع اولاول) تي اچي بابر جي
لشڪر سان مليو. (ترجمو بابر نامه ص 388) هيءُ پڻ
معلوم آهي ته بابر بادشاهه کي هن کان اڳ ۾ ئي
هندستان وٺڻ جو ارادو هو، پوءِ ڪيئن چئي سگهبو، ته
هيءُ کٽڪو ٽن سالن گذرڻ کانپوءِ، شاهه بيگ جي موت
جو باعث ٿيو.
ص 127- هي واقعو 22 شعبان سن 928هه ۾ ٿيو – الخ: طبقات اڪبري 0ج 3، ص 520) ۽ تاريخ فرشته (ج2، ص 621) شاهه بيگ
جي وفات جي تاريخ 930هه لکي آهي. (ارسڪن، بيل ۽ ني
الياس پڻ هن تاريخ کي اختيار ڪيو آهي. (دليلن لاءِ
ڏسو بيورج، انگريزي ترجمو بابر نامه جو ص 7 -4)
ترخان نامي جو مؤلف، جنهن گهڻيون تاريخي حقيقتون
مير معصوم کان ورتيون آهن، هن ڳالهه ۾ پڻ مير
معصوم سان مافقت ڪري لکي ٿو ته ”شاهه بيگ گجرات
ملڪ ۾ پهچڻ کان اڳ (مهينو) شعبان سن 928هه ۾ آخرت
جي سفر تي روانو ٿيو“ شهر [314] شعبان سندس وفات
جي تاريخ آهي. سندس حڪومت جو عرصو 15 سال هو جنهن
صورت ۾ مير معصوم تاريخن ۽ سنن جي لکڻ ۾ نهايت بي
جوابدار ۽ غلط رهيو آهي، تنهن ڪري اسان کي سن
930هه اختيار ڪرڻ گهرجي، اگرچ اهو پڻ اشڪال کان
خالي ناهي
|