سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تاريخ معصُومي

باب؛ --

صفحو ؛ 15

سن 963هه ۾ جڏهن بهادر خان، قباد خان، يعقوب بيگ، شاهه تردي بيگ، مظفر خان ۽ ترسون محمد خان قنڌار کان بکر ۾ آيا، ته سلطان محمود خان نهايت انسانيت سان پيش اچي، امداد ۽ اعانت ڪري، هن جماعت جي ضروريات جو انتظام ڪري کين هندستان روانو ڪيو. ساڳئي سال جي پڇاڙيءَ ۾ شاهه ابوالمعالي کي قيد ڪري بکر آنادائون، ۽ ست مهينا قيد ۾ رهيو، جڏهن بادشاهه سلامت جو حڪم سندس ڇڏڻ بابت صادر ٿيو ته ملتان جي رستي درگاهه ڏانهن موڪليائين.

سن 964هه جي شروع ۾ مرزا عيسى ترخان، ارغونن جي ڀلائڻ تي وڏو لشڪر ساڻ ڪري بکر آيو، ۽ پندرنهن ڏينهن مسڪين ترخان جي تخت جي سامهون ويهي لڙائي جاري رکيائين. هن عرصي ۾ هڪ دفعو صفن جي لڙائي به ٿي. [221] جيئن ته سلطان محمود خان کي مرزا شاهه حسن جي اميرن کان جيڪي سندس ملازمت ۾ هئا، بدگمان ڪيائون ته مرزا عيسى انهن ماڻهن جي گهرائڻ تي آيو آهي، ۽ ماهه بيگم پڻ هن باري ۾ ڪجهه لکيو هو، تنهن ڪري پڻ قلعي کان ٻاهر ڪين نڪتو. انهيءَ جنگ ۾ مرزا عيسى جو جيڪو به ماڻهو، سلطان محمود جي هٿ چڙهيو، تنهن کي قتل ڪرائي ڇڏيائين، ۽ سلطان محمود جو جيڪو به ماڻهو مرزا عيسى مير مقصود قبق ڱي ايلچي ڪري موڪليو ۽ سلطان محمود خان جي والده کي لکيائين ته سلطان محمود خان سختي ڏيکاري، شوخيءَ جهڙيون ڳالهيون لکي شاهه قطب الدين جي ناٺيءَ مير حاج هٿان مرزا عيسى ڏانهن ڏياري موڪليون. انهيءَ وقت جي مطلق العنان وڪيل ملا محب عليءَ جي چغليءَ تي مير لطفي، درويش محمد پٽ سوڌو، شير محمد پٽ سوڌو، احمد غزنوي پٽ پٽ سوڌو ۽ ملا منشي قتل ٿيا، ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ رنگين جي جماعت، جن کي مرزا عيسى مدد لاءِ گهرايو هو، ٺٽي ۾ پهچي جمعي ڏينهن، جنهن وقت ننڍا وڏا ماڻهو جامع مسجد ۾ حاضر ٿيل هئا، مسجد جي چوڌاري ۽ شهر جي اڪثر گهٽين ۾ دوا هاري چئني پاسن کان شهر کي باهه ڏني. اڪثر ماڻهو جيڪي مسجد ۾ هئا، سي قتل ٿي ويا ۽ ڪيترا شهر جا ماڻهو سڙي ويا ۽ هنن سڄي شهر کي ڦريو ۽ برباد ڪيو. هن خبر ٻڌڻ تي مرزا عيسى غصي ۾ اچي موٽي ويو. هڪ هفتي کان پوءِ سلطان محمود خان بکر مان لشڪر وٺي ٻاهر نڪري سندس پٺيان پيو، ۽ سيوستان تائين پهچي. درياءَ جي ٻنهي ڪنارن جي ربيع جو فصل لتاڙي ناس ڪيائين. سيوستان جي چوڌاري وارن باغن کي به پٽڻ چاهيائين ٿي، پر ڪاتب الحروف جي ڏاڏي سيادت پناهه سيد مير ڪلان جي سفارش تي انهيءَ ارادي کان باز آيو. موٽڻ وقت مرزا عيسى جي طرفان شيخ الاسلام عبدالوهاب پوراني ايلچي ٿي آيو [222] ۽ درٻيلي جي آسپاس اچي سلطان محمود سان ملاقات ڪري صلح ۽ اتفاق جا بنياد محڪم ڪري، نئين سر عهد ۽ پيمان مضبوط ڪري نئون دستاويز لکي، مهر هڻي حوالي ڪيائين ته اڄ کان پوءِ وري واعدي خلافي نه ٿيندي.

مٿئين سال جي آخر ۾ بيرم خان جي ماڻهن خواجه معظم کي آڻي بکر پهچايو، ۽ ڇهن مهينن کان پوءِ کيس گجرات وڃڻ جي موڪل ملي ۽ انهيءَ سال ۾ ساهه محمد خان قنڌاري، قنڌار سلطان حسين مرزا بن بهرام مرزا جي حوالي ڪري پاڻ هندستان روانو ٿيو.

سن 965هه ۾ خان جهان جو پيءُ ولي بيگ بکر ۾ ايو ۽ سلطان محمود خان ساڻس خصوصيت جو رستو رکي، ڏاڍي خوشي ۽ دوستيءَ جي روش ورتي.

انهيءَ سال ۾ خان خانان بيرم خان جي عززياڻي گوهر تاج خانم بنت شاهه تردي بيگ، ولي بيگ جي ڪوشش سان سلطان محمود خان جي نڪاح ۾ آهي، ۽ عجيب طريقو رٿي شهر ۽ بازار ۾ هڪ دستور سان قبا تيار ڪيائون، ۽ متعدد مجلسون ڪري قسمين قسمين حظ حاصل ڪيائون.

انهيءَ سال ۾ ظل الاهي شهنشاهه طهماسپ جي طرفان خانيءَ جي خطاب، علم، نقاري، ڏهه هزاري جهنڊي ۽ سروپاءِ جي نوازش سان ممتاز ۽ سرفراز ٿيو. سن 965هه ۾ ملا محب علي درگاهه عالمپناهه ۾ ايلچي ٿي ويو، ۽ بلوچن جي انتقال ڪري وڃڻ سبب اُچ، ججو واهڻ ۽ ڀٽي واهڻ، سلطان محمود جي جاگير مقرر ٿيا.

جيئن ته سلطان محمود خان جي ماڻهن ۽ خان ناهر جي وچ ۾ مال جي ادائگي [223] ۽ ڏيتي ليتيءَ تان تڪرار ٿي پيو، تنهن ڪري سلطان محمود خان سن 966هه ۾ خان ناهر جي سيکت ۽ تنبيهه لاءِ سيتپور روانو ٿيو، ۽ سيتپور جي قلعي کي ٻه مهينا گهيرو ڪيائين، جنهن ۾ ناهر خان جا گهڻا ماڻهو قتل ٿيا، جڏهن قلعي وارا عاجز ٿيا، تڏهن سيادت پناهه خواجه ڪلان، مسڪين مردودي، فضائل دستگاهه مولانا عبدالل مفتي ۽ مير يار محمد صدر جي سفارش تي ناهر خان ڳچيءَ ۾ ترار لڙڪائي، قلعي جي فصيل تي چڙهي، عاجزي ۽ نيزاري ظاهر ڪئي، ۽ چار لک لاري ڏڻ سان گڏ تقصير جي معافي گهريائين، ۽ خان مذڪوره صلح جو بنياد رکي بکر موٽي ويو.

ساڳئي سال ۾ پنهنجي ڀاءُ امير سلطان کي، جنهن کان شڪ پيدا ٿيل هوس، هندستان جي رخصت ڏنائين، ۽ سندس عزيز ابو الخير بنان اجازت هندستان روانو ٿي ويو.

سن 966هه ۾ خبر پهتي ته بيرم خان مڪه شريف ڏانهن روانو ٿيو آهي ۽ هن رستي سان اچي ٿو، سلطان محمود انهيءَ خيل سان ته جيئن ته جنت آشيانيءَ کي اها جڳهه وڻي ويئي هئي، ۽ ڪيترو عرصو اتي رهيو پيو هو. حتى ڪ هن حد تائين تنگي پهتي هئي جو جُوار، موتي ڏيئي خريد ٿي ڪيائون، ۽ گهنا ماڻهو انهيءَ تنگيءَ تلف ٿي ويا هئا: متان هن کي به اها جاءِ پسند اچي وڃي ۽ اتي رهي پوي، ٻٻرلوءِ جي چار باغ کي ويران ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ويران ڪرائي ڇڏيو. سلطان محمود خان جي ولي بيگ سان سڱابندي هجڻ ڪري، بيرم خان کي بکر ڏانهن اچڻ جو ارادو هو، پر هن خبر ٻڌڻ تي سلطان محمود چار باغ ويران ڪري ڇڏيو آهي، گجرات واري پتڻ جي رستي سان هليو ويو.

سن 968هه ۾ مرزا محمد باقي ترخان پيءَ ۽ ڀاءُ سان رنج ٿي بکر ۾ آيو، ۽ سلطان محمود خان ساڻس نوازش ۽ مهربانيءَ [224] سان پيش آيو ۽ کيس لائق جڳهن ۾ جاءِ ڏيئي مروت ۽ انسانيت جو سلوڪ ڪيو.

سن 969هه ۾ شاهه طهماسپ جو ايلچي حق بردي بيگ، لعلن جو هار، تاج، جڙاءُ دار ڪمربند، قيمتي سروپاءِ، ڇٽ اتاغه  جيغئه زلف  عُقار  ۽ ٻيون قسمين قسمين نوازشون ۽ بادشاهي انعام کڻي آيو. سلطان محمود خان استقبال ڪري انهن مهربانين سان مشرف ٿيو ۽ حق بردي بيگ کي هڪ سال پاڻ وٽ رکي ٻئي سال عمدا تحفا مهيا ڪري، سيد ابوالمڪار سان گڏ عراق موڪليائين. شهه طهما سپ وري ٻيو دفعو حق بردي بيگ کي مير ابوالمڪارم سا گڏ ڏياري موڪليو ۽ سلطان محمود خان کي ”خان خاني“ جي خطاب ۽ طرحين طرحين نوازشن ۽ مهربانين سان نوازيو. [3][2][1]

970هه ۾ مرزا محمد صالح هڪ بلوچ هٿان زخم کائي شهيد ٿيو، تنهن ڪري انهيءَ سال مولانا عبدالله مفتيءَ ۽ مير عبدالمجيد کي مرزا صالح جي تعزيت واسطي مرزا عيسى خان ڏانهن موڪلي، انهيءَ سان گڏ مرزا محمد باقيءَ جي گناهه معاف ڪرڻ لاءِ پڻ استدعا ڪيائين. مرزا عيسى اهو عرض قبول ڪري شيخ عبدالوهاب ۽ مير يار محمد ترخان کي سلطان محمود خان ڏانهن موڪلي، ڏاڍي نرمي اختيار ڪئي. موٽندي مولانا عبدالله آخرت جو سفر اختيار ڪيو. هنن پيارن جي بکر ۾ پهچڻ کان پوءِ سلطان محمود خان، مرزا محمد باقيءَ کي تمام عزت ۽ اڪرام سان روانو ڪيو.

سن 973هه ۾ ارغون، مرزا عيسى جا مخالف ٿي پيا، اٽڪل هڪ مهينو مخالفت ۽ فساد ڪندا رهيا. نيٺ وڏيرن ۽ مکيه ماڻهن انهيءَ فتني کي ٽاري فسانه جو غبار وهاريو، ۽ فيصلو ٿيو ته ڪي پرڳڻا ارغونن جي هٿ ۾ رهندا، درياءَ ٽپندي مرزا محمد باقي آتش بازي ڇوڙي، جنهن ۾ انهن جا ڪيترا ماڻهو تلف ٿيا [225] ۽ گهڻا جلاوطن ٿي، ڪيبڪ، عوض، شاهه منصور، تيمور ۽ مراد حسين سان گڏ بکر آيا، پهريائين ته اچڻ سان سلطان محمود خان هنن سڀني کي گرفتار ڪيو، آخر پنهنجي والده جي صلاح سان قيمتي پوشاڪون، عراقي گهوڙا ڏيئي، مهربانين ۽ نوازشن سان پيش آيو، ۽ انهن ماڻهن جي عرض تي پنهنجا ماڻهو ساڻن گڏي ڏنائين، جن وڃي سيوستان جي قلعي جو محاصرو ڪيو. اٽڪل چار پنج مهينا ويٺا، پر ڪجهه نه ڪيائون، جڏهن پاڻيءَ جي اٿل آئي تڏهن مرزا عيسى هڪ وڏي لشڪر سان اچي انهن کي تڙي ڪڍيو. رفيان ڳوٺ جي سامهون ٻنهي ڌرين ۾ لڙائي ٿي، جنهن ۾ شڪست کائي سلطان محمود خان جا چڱا چڱا ماڻهو قتل ٿيا. مرزا عيسى درٻيلي جي سامهون کاهي هڻي ويٺو، ۽ ٻنهي طرفن ۾ خط و ڪتابت جاري ٿي ۽ هڪ ٻئي ڏانهن ڏک ڏوراپي جا خط پٽ لکي نيٺ صلح جو فيصلو ڪيائون ۽ مرزا عيسى جو دارفنا کان داربقا ڏانهن انتقال ڪيائون ۽ مرزا محمدءَ جو حڪومت جي گاديءَ تي ويهڻ پنهنجي جاءِ تي مذڪوره ٿيو آهي.

مٿئين ذڪر ڪيل حقيقتن جو تفصيل

ناهيد بيگم جو پنهنجي والده جي ملاقات لاءِ اچڻ

هن کان اڳ ٿورو مذڪوره ٿيو هو ته ماهه بيگم حضرت فردوس مڪاني بابر بادشاهه جي لشڪر جي هٿ چڙهي هئي، ۽ کيس ناهيد بيگم اتي ڄائي هئي، ماهه بيگم انهيءَ کي ڇڏي ڪابل کان ڀڄي قنڌار آئي، هينئر جڏهن حضرت ظل الاهي، خلافت پناهي، جلال الدين اڪبر بادشاهه غازي، هندستان فتح ڪيو تڏهن ناهيد بيگم کي ٺٽي اچي پنهنجي ماءُ سان ملاقات ڪرڻ جو خيال پيدا ٿيو. حصور مان اجازت حاصل ڪري، ٺٽي اچي ماهه بيگم سان ملاقات ڪيائين ۽ مرزا محمد باقيءَ سان پنهنجي ڌيءَ جو سڱ پڻ ڪيائين. سندس اها ڌيءَ محمد باقي پنهنجي [226] نياڻي ناهيد بيگم سان گڏي، درگاهه مولى ڏانهن موڪلي، ايتري ۾ ارغون باغي ٿي، ناهيد بيگم سان شامل ٿي، موٽي ٺٽي پهچي، محمد باقيءَ سان جنگ ڪري، شڪست کائي بکر آيا، محمد باقي، ماهه بيگم کي ڪوٺيءَ ۾ قيد ڪري سندس ان پاڻي بند ڪري ڇڏيو، جا نيٺ ان حالت ۾ دنيا کان گذاري وئي.

سلطان محمود خان ناهيد بيگم کي چيو ته جيڪڏهن منهنجي نالي فرمان آڻيندا ته مان توهان سان هلي،محمد باقيءَ کان توهان جوانتقام وٺندس، ناهيد بيگم جڏهن درگاهه مولى ۾ پهتي تڏهن احوال ٻڌائي، سلطان محمود خان نالي پروانو حاصل ڪري، ڪا ٻي مدد حاصل ڪرڻ کانسواءِ سلطان محمود خان جي قول تي اعتبار ڪري، بکر رواني ٿي، ۽ محب علي خان ۽ مجاهد خان کي به عرض ڪيائين ته توهان پڻ ساڻ هجو. حضور بادشاهه سندن جاگير، ملتان جي آسپاس وارا ڳوٺ فتحپور ۽ ڪهرور، مقرر فرمائي، موڪل ڏني، ارغوني جماعت جيڪا محمد باقيءَ کان ڀڄي سلطان محمود وٽ آئي هئي ۽ سلطان محمود خان انهن کان بدگمان ٿي، کين بکر مان پيرين پيادو ڪڍي هندستان جي موڪل ڏني هئي، سي ماڻهو محب علي خان، مجاهد علي خان ۽ ناهيد بيگم سان رستي ۾ مليا. هنن کي جيئن ته ٺٽي جو ارادو هو تنهن ڪري هنن ٻن ٽن سون ارغونن کي دلاسو ڏيئي پاڻ سان همراهه ڪيائون. هي خبر سلطان محمود خان کي پهتي، ته جنهن صورت ۾ پاڻ هن جماعت کي ڪڍي ڇڏيو هئائين تنهن ڪري اها خبر ٻڌي ڪاوڙيو، ايتري ۾ محب علي خان، مجاهد خان ۽ ناهيد بيگم جا خط پهتا ته اسان توهان جي واعدي تي اچي رهيا آهيون، ۽ اوٻاوڙي ۾ پهتا  آهيون. جو بکر کان چاليهن ڪوهن جي پنڌ تي آهي، سلطان محمود خان ڪاوڙيو ۽ جواب ۾ سخت خط لکيائين. سلطان محمود خان جي خط جيڪي محب علي خان، مجاهد خان ۽ ناهيد بيگم جي نالي هئا، سي مطالع ڪري هنن کي ڏاڍو تعجب ٿيو ته اسان سلطان محمود خان جي دليريءَ تي اعتبار ڪري حضرت شهنشاهه کان مدد جي اجازت به ڪانه ورتي ۽ هو پاڻ [227] اسان سان هن طرح پيش ٿو اچي. ساڻن جيڪي ماڻهو هئا تن کي ۽ ارغونن کي گهرائي صلاح ڪيائون ته ڇا ڪرڻ گهرجي، ۽ سڀني جي راءِ ڪهرور موٽي وڃڻ ۽ حضرت جي خدمت ۾ عرضداشت موڪلي ڪمڪ طلب ڪرڻ تي بيٺي، انهن ڏينهن ۾ قلجه بهادر اوزبڪ ولايت کان آيو هو. انهيءَ کي به پنهنجو همراهه ڪيو هئائون، تنهن کان پڻ صلح پڇيائون. هن چيو ته مان مسافر آهيان، جيڪا توهان جي صلاح ٿيندي مان تابع آهيان، مگر جڏهن وري وري زور ڏنائون تڏهن چيائين ته جيڪڏهن مون کان ٿا پڇو ته مان آهيان سپاهي،مون سان هڪ ٽولو همراهه ڪري ڏيو ته وڃي سلطان محمود خان جي لشڪر سان هڪڙي جنگ ڪريان، جڏهن مان ڪسي وڃان ته پوءِ توهان موٽي وڃجو، جيڪڏهن فتح ٿئي ته پوءِ مقصد حاصل آهي، مجاهد خان به جنهن صورت ۾ مردانو مرد هو تنهن ڪري چيائين ته تمام چڱي ڳالهه ٿا ڪريو، پهريائين مان اتفاق ڪريان ٿو ۽ اڳتي وڌان ٿو، اهڙيءَ طرح ارڻوعي جماعت مان پنجويهن ماڻهن هي فيصلو ڪيو ته اسان اڳتي وڌنداسون. اهڙيءَ طرح ٽيهن ماڻهن جو ٽولو جن لڙائي ڪرڻ جو اقرار ڪيو هو، سي مقدم ٿيا، ۽ باقي رهيل هڪ سئو ويهه ماڻهو پٺيان ٿيا ۽ اهو ئي فيصلو ڪري اوٻاوڙي کان منزل پٽي ماٿيلي روانا ٿيا. سلطان محمود جو اٽڪل ٻه هزار لشڪر جو ماٿيلي جي قلعي ۾ سلطان محمود خان جي غلام مبارڪ خان سان هو، سو نڪري لڙائي لاءِ تيار ٿيو، هوڏانهن مجاهد خان انهي فيصلي موجب ٽيهن ماڻهن سان اچي سامهون ٿيو. مجاهد خان ۽ قلجه بهادر اڳواڻ ٿي ڪاهه ڪئي ۽ خوب مقابلو ڪيائون. آخر الله تعالى کين فتح ڏني ۽ مبارڪ خان ڀڄي لشڪر سوڌو ماٿيلي جي قلعي ۾ آيو. مجاهد خان انهن ئي ٿورن ماڻهن سان فتح ڪئي ۽ ٻي جماعت تائين نوبت ڪانه پهتي. [آيت سڳوري] ”ڪم من فئته قليله غلبت فئته ڪثيره باذن الله“ جي مصداق هتي پوري طرح ظاهر آهي. مبارڪ خان ماٿيلي جي قلعي ۾ قلعي بند ٿي [228] سلطان محمود جي خدمت ۾ حقيقت حال عرض ڪئي. سلطان سان گڏي موڪليا. جڏهن زين العبادين، لنجواريءَ ۾ پهتو، جو بکر کان 18 ڪوهه پري آهي، ته مجاهد خان کي خبر پهتي، ايتي ۾ سلطان محمود جي جنگ لاءِ موڪليو، جنهن زين العابدين سلطان لنجواريءَ مان منزل پٽڻ ٿي گهري، ته ابو الخير جي اچڻ جي خبر پهتي، هن پنهنجو خاص عملو لنجواريءَ جي قلعي ۾ ڇڏي ابوالخير جي حملي ڪرڻ شرط زين العابدين سلطان جا ماڻهو ڀڄي ويا ۽ زين العابدين هڪ ٽوليءَ سان ڪجهه وقت بيهي لڙائي ڪئي، انهيءَ وقت سلطان محمود خان جو هڪ عزيز حيدر نالي خوب حملا ڪري ڪسيويو. زين العابدين سلطان ڏٺو ته ساڄو کاٻو ۽ وچ جا گهڻا ماڻهو ڀڄي ويا آهن ۽ ساڻس گڏ ڪوبه ڪونه رهيو، سو ڦري لنجواريءَ وٽ آيو ۽ مجاهد خان جا ماڻهو عجيب فتح ڪري مرزا مجاهد خان وٽ آيا. هن شڪست کان ماٿيلي جي قلعي ۾ قلعي بند ٿيل ماڻهن جون دليون ٽٽي پيئون ۽ پهرين صفر 980هه ۾ مبارڪ خان پناهه گهري،قلعي مان نڪتو ۽ مجاهد خان قلعي ۾ اچي ماٿيلي پرڳڻي تي متصرف ٿيو.

مٿئين مهيني جي ويهين تاريخ جناب نواب اعتماد خان، جو حضور شهنشاهه جي طرفان سلطان محمود خان جي نياڻي وٺي اچڻ لاءِ مقرر ٿيو هو، بکر پهتو ۽ قيمتي بادشاهي سروپاءِ، ترار جو جڙاءُ دار پٽو،لغام ۽ هني سميت گهوڙو ۽ چار هاٿي پاڻ سان آندائين، سلطان محمود خان ڏاجي ۽ بادشاهه جي ڊول جهڙين [229] شين جي تياريءَ کي لڳي، قسمين قسمين قيمتي ڪپڙا، طرحين طرحين جواهر، سون ۽ هٿيار مهيا ڪري خوب تياري ڪئي، ۽ جشن ۽ خوشيءَ جو بندوبسترکي عام جلس ڪري تمام کاڌو پيتو خلق کي کارايو ۽ پندرهن ڏينهن تائين دسترخوان کليل رکيائين، هر زور پنج سئو ڍور بورچيخاني ۾ ڪم آندا هئا، جنهن ڏينهن نڪاح جي مجلس ٿي، تنهن ڏينهن علماءَ، مشائخ ۽ وڏا ماڻهو گڏ ٿيا، هر هڪ کي مناسب تحفو پيش ڪيائين ۽ خانسامانن گهڻيون ئي لذيذ شيون تيار ڪري ديوانخاني جي صحن ۾ تقسيم ڪيون. اعتماد خا کي ٽيهه هزار رپين جو نقد ۽ جنس انعام ڏيئي پندرهين رجب سال هلندڙ ۾ حرم محترم کي زين العابدين سلطان، نوروز خان ۽ ٻين اعتماد جوڳن ماڻهن ۾ عصمت پناهه پرده نشين عورتن سان گڏي، جيسلمير جي رستي کان روانو ڪيائين.

هي ماڻهو جيسلمير ۾ جڏهن پهتا ته انهن ڏينهن ۾ حضرت ظل الله، ناگور جي شهر ۾ تشريف فرما ٿي شڪار ۾ مشغول هو، ۽ مير محمد خان اٽڪل کي سروهي جي فتح لاءِ موڪلي خبرن جي انتظار ڪري رهيو هو. اوچتو هڪ راجپوت ايلچيءَ جي ويس۾ مير محمد خان کي خنجر هڻي ڦٽي وڌو، جنهن ڪري حضرت بادشاهه جلدي انهيءَ پاسي واڳون ورائي منزلون ڪندو گجرات جي فتح لاءِ روانو ٿيو.

هنن ماڻهن جي موڪلڻ کان پوءِ سلطان محمود خان، مبارڪ خان جنهن جي حوالي ملڪ ۽ دولت جي ٻڌ ڇوڙ ۽ انتظام جون سموريون واڳون ڪري ڇڏيو هيائين ان تي پورو اعتماد رکي کيس ڏيڍ هزار پوريءَ طرح هٿياربند ۽ بهادر سوارن جو لشڪر ساڻ ڏيئي الور ۾ مقرر ڪيو ته جيئن اتي رهي مخالفت کي رفع دفع ڪري، پر جنهن ۾ الله پاڪ جو ارادو سلطان محمود جي حڪومت جي ماڙيءَ ڊاهڻ سان تعلق رکي چڪو هو، تنهن ڪري اهو لشڪر مخالفن سان متفق ٿي مخالف مقابلو ڪرڻ لڳو. [230]

 

تفرقو، پريشاني، ۽ سلطان محمود خان جي هن فاني دنيا مان جاوداني جهان ڏانهن لڏي وڃڻ جو احول

هن پُر ملال جهان جو بقا ائين جلد زائل ٿيڻ وارو آهي، جيئن سج جو ڪمال ۽ عزت ۽ مرتبي جو سج جهڙ جي اُس وانگيان بي بقا آهي، جڏهن الله تعالى جي گهر ڪنهن حاڪم جي حڪومت جي فنا ٿيڻ سان تعلق وٺندي آهي، تڏهن وڏي لشڪر سان سندس جٽاءُ هرگز نه ٿيندو آهي، ۽ جڏهن مالڪ الملڪ لايزال جو ارادو ڪنهن امير جي لشڪر کي ڇڙو ڇڙ ڪرڻ جو هوندو ته باوجود صحيح عقلي تدبير جي به اهو بيهي نه سگهندو.

اذا ما ارادا لله تغير دولته  *  فان قضاءَ الحق لا يدافع

فکيف بقاءَ الملڪ من دون حکمه   *  ولا ينفع التدبيرو الحکم قاطع.

[ڪنهن به دولت جو مٽائڻ ٿو جڏهن چاهي خدا، پوءِ نه هلندي ڪو به حيلو حق جي تقدير سان، پوءِ خدا جي حڪم ريءَ ڪيئن ملڪ کي رهندو جٽاءُ، جڏهن قاطع حڪم ٿو ٽاريو نه ٿئي تدبير سان.]

هن جومثال هيءُ آهي ته جڏهن بادشاهه قدير جي تقدير سلطان محمود خان جي دولت ۽ زندگانيءَ جي ڊهڻ سان متعلق ٿي، تڏهن گهڻا اسباب ۽ ماڻهن هوندي...[4]

 

زين العابدين سلطان ۽ نوروز خان کي، جي ملڪ جي ٽيڪ هئا، پنهنجي نياڻيءَ سان گڏي، درگاهه عالم پناهه ڏانهن رواني ڪرڻ کان پوءِ، پنهنجي حڪومت جي واڳ، مبارڪ خان ۽ سندس پٽ بيگ اوغليءَ جي هٿ ۾ ڏنائين. مبارڪ خان جي زال جا داناءُ عورت هئي سا به انهيءَ سفر ۾ خان جي نياڻيءَ سان همرڪاب هئي. بيگ اوغلي هميشه شراب ۾ مشغول هوندو هو، سو ڪن اوباش ماڻهن وٽس اچي کيس گهمراهه ڪيو، ته سلطان محمود خان ٻڍو ٿي ويو آهي، جيڪڏهن اهو نه هجي ته صرور توهان ئي ملڪ ۽ مال جا مالڪ ٿي وڃو. مطلب ته هن نمڪ حرام ٿي، پنهنجي مالڪ جي قتل رڪائڻ جو ارادو دل ۾ ڌري سلطان محمود خان جي ڪن نوڪرن کي پاڻ سان متفق ڪيو. هن ڳالهه کي جڏهن ڪجهه ڏينهن گذريا ته هيءَ خبر مشهور ٿيڻ لڳي، سلطان محمود خان جي تمغاچيءَ ناليء هڪ هندو ملازم بيگ اوغليءَ جي خيانت ۽ دست درازيءَ [231] جو احوال سندس حضور ۾ عرض ڪيو. بيگ اوغليءَ پڻ هيءَ خبر ٻڌي، شام جي نماز وقت خواجه خضر جي دروازي کان، جو سندس نگرانيءَ هيٺ هو، پنهنجي زال ۽ ڀيڻ وٺي ٻاهر نڪري، راتو واهه وڃي الور ۾ مبارڪ خان سان گڏيو، کيس ائين ٻڌايائين ته سلطان محمود خان تنهنجي ۽ منهنجي ڪُهڻ جو ارادو ڪيو آهي. مون کي خبر پيئي سو مان نڪري آيس، تنهن ڪري پنهنجي آزاديءَ جو فڪر ڪرڻ گهرجي. اها رات هيءَ بدبخت سپاهين جي دفعا گهرائي، سلطان محمود خان جي مخالفت جي ترغيب ڏيندو رهيو. مبارڪ خان جو ارادو هو ته پاڻ ٻارن ٻچن سوڌو ناگور پهچي، اتان حضرت شهنشاهه جي ملازمت ۾ حاضر ٿئي. مگر ڪن ماڻهن کيس برغلايو ته ماڻهو سڀ توهان سان متفق آهن، تنهن ڪري توهان کي هتان سوار ٿي، بکر وڃي حڪومت جون واڳون هٿ ۾ وٺڻ گهرجن، انهيءَ ئي صبح جو مبارڪ خان دماما وڄائيندو رهڙيءَ ۾ اچي لشڪر جون صفون سينگاري، قلعي جي سامهون ٿي بيٺو سلطان محود خان، مبارڪ خان ڏانهن پروانو لکيو ته توکي ٻه سئو ڪارن ليرن ۾ خريد ڪري هن درجي تي پهچايم ۽ هاڻي نمڪ حرام ٿو ٿين؟ بهتر آهي ته پنهنجي تفصير کان معافي وٺي حرمين شريفين جو رستو وٺي وڃ. بيگ اوغليءَ نامناسب جواب لکي موڪليو، پر ٿوريءَ گهڙيءَ کان پوءِ سلطان محود خان جا ملازم کانئس جدا ٿي درياءَ جو ڪنارو وٺي قلعي ڏانهن هلڻ لڳا، ۽ هو پاڻ پريشان ٿي گجرات جو ارادو ڪري الور ويو ۽ ڪجهه لشڪر ساڻس گڏ الور هليو.

تاريخ 22 رجب سن 980هجريءَ ۾، بيگ اوغلي ڪي ماڻهو ساڻ ڪري محب عليءَ خان ۽ مجاهد خان وٽ وڃي سلطان محمود خان جي مخالفت ۽ سندن موافقت ظاهر ڪئي. مجاهد خان انهيءَ صبح جو سوار ٿي پنهنجا ماڻهو ساڻ ڪري روهڙيءَ روانو ٿيو. هوڏانهن مبارڪ خان سندس استقبال لاءِ نڪتو. ٻنهي لشڪرن جي ملڻ کان پوءِ محب علي خان [232] ۽ مجاهد خان اچي روهڙيءَ ۾ لٿا. محمود خان قلعي ۾ اندر آندائين، جنهن ڪري قلعو سپاهين ۽ ٻين ماڻهن سان ڀرجي ويو. انهن ئي ڏينهن ۾ نواب سعيد خان اوچتو اچي جيڪي مبارڪ خان ۽ بيگ اوغليءَ کان سڙيا ويٺا هئا، تن محب علي خان ۽ مجاهد خان کي ٻڌايو ته سعيد خان، مبارڪ خان جي گهرائڻ تي آيو آهي، ۽ اڄ رات مبارڪ خان ۽ بيگ اوغليءَ کان سڙيا ويٺا هئا، تن محب علي خان ۽ مجاهد خان کي ٻڌايو ته سعيد خان، مبارڪ خان جي گهرائڻ تي آيو آهي، ۽ اڄ رات مبارڪ خان هتان نڪري، انهيءَ وٽ ويندو ۽ پوءِ توهان جو معاملو درستٿي نه سگهندو. انهيءَ تي محب علي خان ۽ مجاهد خان انهن کي ڳؤرين ٻيڙين ۾ قيد سندن مال متاع تي قبضو ڪيو. خواجه مناج جو پٽ روهڙيءَ مان ڀڄي مخصوص خان وٽ ويو هو، جنهن ڪري خواجه مناج کي پڻ قيد ڪيائون، ٿوري وقت کانپوءِ سعيد خان گندران جي ڳوٺ ۾ ڦُر ڪئي. سلطان محمود خان ڏانهنس خط لکيو ته توهان ڪيئن آيا آهيو؟ هو معذرت ڪري منزل پٽي ملتان هليو ويو. انهيءَ کان پوءِ مجاهد خان طاقت پيدا ڪري لڙائيءَ لاءِ تيار ٿيو.

سلطان محمود خان پنهنجي ڀائٽي محمد قلي بيگ کي غراب ۾ سوار ڪري جنگ تي موڪليو. اتفاقاً جنگ هلندي، باهه جو وڏو ڀڀڙ ٻري پيو. محمد قلي بيگ ۽ ٻين گهڻن ماڻهن سڙي ۽ ٻڏي، ساهه ارواحن جي مالڪ جي حوالي ڪيو ۽ عجيب قسم جي شڪست آئي. ٿورن ڏينهن کان پوءِ مجاهد خان جا ماڻهو ڪجهه ٻيڙيون هٿ ڪري پنهنواريءَ وٽان، جا بکر کان پنج ڪوهه آهي، درياهه ٽي سکر ڏانهن آيا، ۽ جڏهن به لڙائي پي ٿي، ته بکر جا ماڻهو سڪست کائي ڀڄي ٿي ويا، نيٺ هڪ ڏينهن سکر جي درياهه تي پل ٻڌي، سڄو لشڪر هن ڀر ٽپايائون، ترڪن جي جماعت جيڪا سلطان حسين مرزا قنڌاريءَ [233] جي ايلچيءَ خواجه محمد رحيم سلطان سان بکر آئي هئي، سا پڻ قلعي کان نڪري سامهون ٿي. سلطان محمود خان پنهنجي ڀاءُ امير سلطان جي برج تي چڙهي بيٺو، جو اڀرندي طرف هو. مجاهد خان سپاهين جو هڪ ٽولو وٺي صف جي وچ تي ڪاهيو، ۽ لڙائي ڇڙي، بکر جي لشڪر کي سردار ڪونه هو، ۽ بکر جي ڪيترن جوانن پڻ همت ڪري اتي پهچي خوب حملا ڪيا، پر جيئن ته بخت ساٿي نه هو، تنهن ڪري نيٺ شڪست کائي ڀڳا، ۽ ڪيترا ماڻهو جنگ جي ميدان ۾ قتل ٿيا، سلطان محمود خا هي جنگ ڏسڻ کان پوءِ قلعي بند ٿي وهڻ جو فيصلو ڪري، قلعي جي اوزارن ۽ ٿيارن سان جنگ ڪرڻ لڳو، جڏهن قلعي بنديءَ کي گهڻو وقت گذريو، تڏهن ماڻهن ۾ بيماري پکڙي ۽ اڪثر ماڻهو بستري داخل ٿيا ۽ عدم جو رستو وٺي روانا ٿيا. پوءِ جڏهن قلعي ۾ گندگي ۽ سخت بيماري پيدا ٿي، تڏهن وقت جي مصلحت خاطر ڪن ماڻهن کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏنائون، کاڌي ۽ ضروري شين جي پڻ عجيب تنگي پيدا ٿي، ۽ حالت هن حد کي پهتي، جو گوشت ۽ گيهه جو سير ٻي روپئين ۽ مڇيءَ جو سير ٽيهن ٽڪن کي وڃي پهتو. ٻئي طرف مبارڪ خان، بيگ اوغلي ۽ مناج خان، جي فساد جي جڙ هئا، سي محب علي خان جي نوڪرن هٿان نهايت بري نموني برباد ٿيا.

سلطان محمود خان جا ماڻهو جڏهن اجمير ۾ حضرت جي خدمت ۾ حاضر ٿيا، ۽ حرم وارن سميت تحفا پيش ڪيائون، تڏهن اهي حضور کي ڏاڍا پسند آيا، ۽ قبول پيا، ۽ بکر جي حڪومت جو فرمان سلطان محمود جي نالي مير جي تواچيءَ هٿان جاري ڪري موڪليائون، محب علي خان ۽ مجاهد خان فرمان عاليشان کان انحرافي ڪري حڪم جي ابتڙ عمل ڪيو ۽ مير جي تواچي پڻ قلعي ۾ بند رهيو.

رجب سن 980هجريءَ جي ابتدا کان وٺي رمضان 982هه تائين سلطان محمود خان، جلندر جي بيماريءَ ۾ مبتلا رهيو، ۽ ڪو علاج معالجو ڪارگر نه ٿيو، لاچار موت قبول ڪري، [234] عالم پناهه جي دربار ۾ عرضداشت موڪلي، ڪنهن گماشتي موڪلڻلاءِ استدعا ڪيائين ته قلعو انهيءَ جي حوالي ڪري.

قلعي ج مالڪ ۽ قلعي وارن جي حالت تمام تنگ ٿي، ته انهن ڏينهن ۾ مير ابوالخير جنهن جي گهر ۾ سلطان محمود جي همشيرهه هئي. ٽيهن سوارن سان سيتپور جي رستي کان گنجابي ويو، ۽ وڃي ڪجهه ٿورو گهڻو سامان هٿ ڪيائين. مجاهد خان، هن جي اچڻ کان ڳڻتيءَ ۾ پئجي، بکر جي مهم کان هن پاڻ ڏانهن متوجهه ٿيو. مجاهد خان جي ماءُ صايمه بيگم ظلم شروع ڪري ڏنو، جيڪو به بيمار قلعي کان ٻاهر ٿي نڪتو، تنهنجو پيٽ ڦاڙي سون جي تلاش ٿي ڪيائين. قلعي وارن جڏهن هي حال ڏٺو، تڏهن قلعي اندر مرڻ بهتر ڄاڻي صبر ڪري ويهي رهيا. سلطان محمود جو مرض جيئن ته روز بروز وڌندو ٿي ويو، تنهن ڪري کيس ڪنهن طبيب چيو ته هن پريشانيءَ جي حالت ۾ شراب مفيد آهي، سو انگوري شراب هٿ ڪرڻ گهرجي. عالمن ۽ بزرگن کي سڏي چيائين ته چاليهه سال ٿيا آهن، جو مون شراب کان توبهه ڪئي آهي، هينئر پڻ هي ڪم نه ڪرڻ بهتر ٿو ڄاجھان، جڏهن مرض سخت ٿي ويو، هٿ پير سڄي ويا ۽ سوڄ دل جي سري تائين وڃي پهتي، تڏهن 8 صفر 982هه تي ڇنڇر جي ڏينهن منجهند جو هن عالم فانيءَ کان جهان جاودانيءَ ڏانهن رحلت ڪري ويو.

هيءَ خبر محب علي خان ٻڌي، لشڪر گڏ ڪري، ٻيڙين ۾ سوار ٿي، قلعي جي چوڌاري آيو. قلعي وارن مڙسي ڪري خوب جنگ ڪري کيس هٽائي ڪڍيو. اميرن، سيدن، عالمن، مشائخن ۽ وڏيرن هن ڳالهه جو قسم کنيو ته قلعو محب علي خان ۽ مجاهد خان کي نه ڏيندا ۽ درگاهه مان جيڪو به [235] ماڻهو ايندا تنهنجي حوالي ڪندا. جڏهن هن ڳالهه تي اتفاق ٿيو، تڏهن خزاني مان سچاهين کي پگهارون ڏيئي قلعي جي حفاظت ۾ سر ڌڙ جي بازي لڳايائون، جيستائين ٻارهين جمادي الاول 982هه سومر ڏينهن گيسو خان بکر ۾ آيو، جڏهن هو قلعي کان ڏهن ڪوهن تي پهتو، ته محب علي خان غراب ۽ ٻيڙيون موڪليون ته کيس اوڏانهن وڃڻ کان روڪي، روهڙيءَ وٺي اچن ۽ ملاقات کانپوءِ جهڙو اتفاق ٿئي...  گيسو خان قلعي جي اميرن ڏانهن ماڻهن جي چهري تي روز بروز تازگيءَ جا نشان ظاهر ٿيندا ويا. هوڏانهن مجاهد خان گنجابي جو قلعو صلح سان هٿ ڪري، ڪن فدائين جي چرچ تي مير ابوالخير کي قتل ڪرائي ڇڏيو هو، ايتري ۾ گيسو خان جي بکر جي قلعي ۾ اچڻ جي خبر ٻڌائين ۽ تڪڙو تڪڙو واپس وريو. باقي احوال چوٿين حصي ۾ پنهنجيءَ جاءِ تي مذڪور ٿيندو. انشاءَ الله تعالى.[5]

 

بکر جي حاڪم سلطان محمود خان جي صفتن جو ٿورو احوال

سلطان محمود خان صفتن جو جامع هو، پورو بهادر ۽ ڏاڍو سخي هو. ننڍپڻ کان وٺي انتقال جي ڏينهن تائين دولت ۽ فراغت ۾ گذاري، سخاوت جو حق بجا آڻيندو رهيو. سندس همت مشهور آهي، سندس مزاج تي تکائيءَ جو غلبو هو، جڏهن ڪاوڙبو هو ته پاڻ کي ضابطي ۾ نه رکي سگهندو هو. خونريزيءَ کان ڪوبه ملاحظو نه ڪندو هو، بلڪ ٿوري وهم ۽ بدگمانيءَ تي ماڻهن جو گهر ٻار برباد ڪري ڇڏيندو هو. پاڻ اگرچ ظلم ڪندو هو پر ٻين جي ظلم جو روادار نه هوندو هو. سپاهي، امام خواه رعيت سندس حڪومت جي عرصي ۾ آسودا هئا. قرآن شريف جو هڪ هزار هڪ ختما پورا ڪيا هئائين. بکر شهر کي سهڻي ڊزائين تي انتظام سان سينگاريائين ۽ هن بخاور جي ولادت [236] 898 هجريءَ ۾ ٿي هئي، ۽ 84 سالن جي عمر ۾ رحلت فرمايائين، راقم الحروف سندس تاريخ ”دربهشت آسود“ 982هه لڌي آهي. هن کي جذبي جي اهڙي ته حالت پيا ٿي هئي، جو انهيءَ حالت ۾ اڪثر وقتن تي مرزا شاهه حسن جي حڪم سان سندس پيرن ۾ زنجير وجهي ڇڏيندا هئا ۽ هو پاڻ کي، انهن زنجيرن سوڌو، مرزا شاهه حسن جي ديوانخاني واري برج جي سامهون، جتان خطرناڪ ڪُن آهي، پاڻي جي اٿل ۾ کڻي ڦٽو ڪندو هو، ۽ درياهه جي ٻئي ڪپ کان ڀڳل ٽڪريءَ جي سامهون پاڻيءَ مان نڪري ايندو هو. هيءَ ڳالهه ماڻهن جي ڏنل هئي.

 

سلطان محمود خان سان حڪومت واري عرصي ۾ همعصر عالمن ۽ سيدن جو احوال

1- شاهه قطب الدين محمد ابن شاهه محمود بن شاه طيب هروي جو بيان: گهڻو وقت شيخ الاسلاميءَ جي سڳوري عهدي تي فائز رهيو. هن سڳور جو ذڪر مرزا شاهه حسن جي معاصر بزرگن ۾ ٿي چڪو آهي.

2- مير سيد صفائي بن سيد مرتضى الحسيني الترمذي: نقابت ۽ ڪثرت ذوق جي صفت سان موصوف هو، ۽ سخا ۽ احسان جي گهڻائيءَ ۾ مشهور هميشه عالمن فاضلن سان محبت رکندو هو، ۽ مسافرن خواهه پاڙيسريءَ سندس احسان جي ستر خوان مان فائدو وٺندا رهندا هئا، ۽ هميشه ”التعظيم لا مرالله والشفقته على خلق الله“ جي مقتضا موجب عمل ڪري محتاجن ۽ زيردستن جي امداد ۾ خدا ڪارڻ گهڻي ڪوشش ڪندو هو. شاهه قطب الدين جي فوت ٿيڻ کانپوءِ شيخ الاسلاميءَ جي عهدي تي فائز ٿيو ۽ ڪيترا سال مستقل طور گذاري، ذيقعد 991هه ۾ عالم آخرت ڏانهن روانو ٿيو.

شاهه قرشي  سيد صفائي کافراحت فلک لوائي نورش[6]

ناگاهه آزين جهان فاني، افتاد به آن جهان عبورش،

تاريخ چو جستمش زنامي، گفتا ”پرنور باد گورش“[237]

[شاهه قرشي صفائي سيد رسيو فلڪ تي جنهن سندو نور،

ناگه ڇڏيائين جهان فاني، ويو ٻئي جهان ڏي ٿيندي مسرور،

نامي کان پڇيسون جڏهن تاريخ، چيائين نور هجي سندس گور.]

جامع مسجد جا سندن جڳهه جي ڀرسان واقع آهي، سا انهيءَ احسان جي کاڻ جي نشاني آهي.

3- شيخ مير غورماني جو بيان: شيخ رڪن الدين علاؤالدوله سماني جي اولاد مان هو ۽ شيخ عبدالوهاب پورانيءَ جي همشيره، شيخ جي نڪاح ۾ آيل هئي. نهايت خوش طبع ۽ لطيف گو هوندو هو، ۽ موسيقي جي علم جي ڏاڍي واقفيت هيس، سلطان محمود خان جي حڪومت جي اوائل ۾، هو ٺٽي کان بکر ۾ آيو، ٻه سال گذاري هندستان وڃڻ جو ارادو ڪيائي. سن 980هه جي اخير ۾ هندستان ۾ گذاري ويو.

4- مولانا عبدالله متيءَ جو ذڪر: اصل ۾ ملتاني هو، ملتان جي واقعي کانپوءِ بکر آيو، ديني ۽ يقيني علمن جي سيکارڻ جي مشغولي رکندو هو، حقيقت ۾ مولانا عقلي علمن ۾ وڏي قابليت جو مالڪ هو. مولانا جي طبع جي تيزيء ۽ ذهن جي نزاڪت تمام بلند هئي، ۽ سهڻي صورت ڏانهن شوق جي ڪشش ۽ اندر جي شورش پڻ رکندو هو. بزرگن جي مزارن جي زيارت تي هميشه ويندو هو. سن 970هه ۾ طبعي موت ويگهي گذاري ويو.

5- قاضي دائود جو بيان: اصل فتحپور جو هو، جا سيويءَ جي پسگردائيءَ ۾ آهي، سلطان محمود خان جي حڪومت جي اوائل ۾ بکر شهر جي قضا جو عهدو قبول ڪري، شرعي مقدمن جا فيصلا ڪندو هو، في الحقيقت هو صاحب پنهنجي زماني جو يگانو هو. نهايت دينداري، امانت، پرهيز گاري ۽ درويشيءَ جو مالڪ هو. ڪنهن ڌر ڏانهن لاڙو يا چشم پوشي ڪانه ڏيکاريائين، شريعت ۽ تقوى جو نهايت پابند هو. شوال سن 981هه ۾ بکر جي ميدان ۾ وفات فرمايائين. [7]

 

6- مير محمود پورانيءَ جو بيان: بلند اقبال سيدن مان هو. پهريائين هرمز جي رستي کان ٺٽي پهچي، شيخ بايزيد پورانيءَ جي پاڪدامن نياڻيءَ [238] سان شادي ڪيائين، پوءِ بکر اچي سڪونت اختيار ڪيائين، نهايت زهد ۽ تقوى جو مالڪ هو. هميشه گوشه نشين رهندو هو، ۽ ماڻهن سان آمد رفت ڪا نه هوندي هيس، ڪڏهن ڪڏهن عيدن جي ڏينهن ۾ وڏين مجلسن ۾ سلطان محمود خان جي اميرن جي ملاقات لاءِ ايندو هو. سن 977هه جي اوائل ۾ دارالفنا کان دارالبقا ڏانهن روانو ٿيو.

7- مير ابوالمڪارم ولد مير غياث الدين ممد سبز واري جو ذڪر: مرزا شاهه حسن ۽ سلطان محمود خان جي اميرن جي سلسلي ۾ داخل هو، سلطان محمود خان هن کي عراق جي بادشاهه، شاهه طهماسپ ڏانهن ايلچي ڪري موڪليو هو، ۽ شاهه کان ”سلطاني“ جو خطاب عطا ٿيو هوس، نهايت خوش طبع، علمي ڪمالات سان سينگاريل هو، طبع موزون هيس.

8- مير يونس محمد ارغون جو بيان: ابتدا ۾ جنت آشياني محمد همايون بادشاهه ۽ محمد زمان مرزا جي ملازمت ۾ هو، انهيءَ کان پوءِ مرزا شاهه حسن ۽ سلطان محمود خان جي اميرن جي لڙهيءَ ۾ پوئي ويو. ترڪي ۽ فارسي شعر چڱو چوندو هو. آخر عمر ۾ قناعت ۽ گوشي نشيني اختيار ڪيائين، سن 985هه ۾ عالم فانيءَ کي الوداع ڪيائين. وفات کان ٻه ڏينهن اڳ پنهنجي وفات جي تاريخ لڏائين ته:

”رستم از قيد اين و آن اي دل“

9- ذڪر مولانا يار محمد عرف مولانا ياري: مولانا هرات جو هو، نهايت خوشطبع ۽ بلاغت ۾ نهايت ڪمال کي پهتل هو. انشاءَ جي فن پنهنجي وقت جو بينظير هو. شعر سٺو پوندو هو. سندس شعرن مان هڪڙو هي آهي:

”گجرات خوش د ياري اما بشرط ياري،

بي يار چون تو ان بود در اين چنين د ياري“

[گجرات ملڪ سهڻو پر پر شرط آ، هجي يار، بي يار آهه مشڪل گهارڻ گهڙي انهيءَ پار.]

سلطان محمود خان کيس ايلچي بنائي درگاهه معلى ۾ موڪليو، پر جڏهن [239] ڪم نه ڪري سگهيو، تڏهن اتان موٽي سيتپور ۾ سڪونت اختيار ڪيائين، ۽ اتي ئي فوت ٿيو.

10-        ذڪر مخدوم قاضي عثمان درٻيلي: نقلي ۽ رواجي علمن جي سڀني قسمن ۾ پوري مهارت هيس، هميشه علمن جي پاڙهڻ ۽ فائدي ڏيڻ ۾ مشغول رهندو هو. سهڻن اخلاقن ۽ وڻيل صفتن سان موصوف هو. علم جي ڪمال ۾ وڏي عمر هوندي به منجهس تواضع ڪسر نفسي جو گڻ هو. دنياوي ڳالهين سان قطع تعلق جهڙو کيس حاصل هو، تهڙو سندس هم عصرن مان ڪنهن ۾ ڏسڻ ۾ نٿي آيو. في الواقع تعلق ”ترڪ ما في ايدي الناس“ تي عمل ڪري ڪنهن به ماڻهوءَ کان ٿورو يا گهڻو نذر خواهه بخشش قطعا قبول نه ڪندو هو. فاضلن ۽ طالبن جي جماعت هميشه وٽس رهندي هئي، جن جي مهماني جو انتظام جيئن جڳائي، تيئن ڪندو هو. مخدوم جي وفات 1002هه ۾ ٿي.

11-        مخدوم عباس هڱورچائي جو بيان: مخدوم صاحب اصل پاٽ جو ويٺل هو. 947هه جي اوائل ۾ هنڱورچن ۾ تشريف فرمائي اچي رهيو. علم تفسير، حديث، فقه ۽ ٻين علمن ۾ ڪمال مهارت هيس، مسئلن جي تحقيق ۽ تدقيق تمام پوري ۽ ڪامل نموني ۾ ڪندو هو. زهد ۽ تقوى ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. رات ۽ ڏينهن جي هر وقت ۾ قسمين قسمين عبادتن ۾ مشغول رهندو هو. حديث جي پڙهڻ وقت نياز ۽ نئڙت ڪندو هو. قال رسول صلي الله اله عليه وسلم چوڻ وقت بي اختيار ٿي ويندو هو، ۽ سندس اکين مان ڳوڙها وسندا هئا. [240] جنهن ڪري ٻڌندڙ کي حديثن جي ٻڌڻ جي طاقت نه رهندي هئي. مولانا بلند مرتبي جو مالڪ هو. 14 شعبان 998هه ۾ عالم آخرت ڏانهن روانو ٿيو. سندس عمر 96 ورهيه هئي.

12-        مولانا ابراهيم ولد مولانا جمال الدين مفتيءَ جو ذڪر: نهايت زاهد عابد ۽ گوشه نشين هو. فقه جي علم ۾ سندس مٽ ڪونه هو. اڪثر فتوى پڇدڙ پنهنجن دستاويزن کي سندس فتوى لکڻ سان زينت ڏيکاريندا هئا. مولانا نهيت تقوى ۽ پرهيزگاريءَ سان موصوف هو. ۽ 98 ورهين جي ڄمار ۾ عالم عقبى ڏانهن رحلت ڪري ويو.

13-        مولانا قاسم ديوان جو ذڪر: ابتدا ۾ مخدوم ميران جي خدمت ۾ رهي علم جي تحصيل ڪري، مطلول پڙهي، ولايت روانو ٿيو، ۽ مولانا محمود سرط جي مدرسي ۾ پهچي، سندس خدمت ۾ رهي معقول ۽ منقول علم پڙهي سنڌ ۾ آيو. ڪيترو وقت درس ڏيڻ ۾ مشغول رهيو. سلطان محمود جنهن وقت سيويءَ جي حڪومت تي مقرر ٿي هو ته مولانا کي گڏ هلڻ جي تڪليف ڏيئي مولانا جي خدمت ۾ قرآن شريف ۽ ڪي ٻيا ڪتاب پڙهڻ پڙهيائين. مولانا بکر ۾ علمن جي اشاعت ۾ مشغول رهيو. مولانا قاسم جي وفات 977هه ۾ ٿي.

 

سلطان محمود خان جي حڪومت پوري ٿيڻ کانپوءِ سنڌ ملڪ جو درگاهه جي غلامن جي تصرف هيٺ اچڻ، ۽ انهن حاڪمن جو بيان، جي وقت بوقت بکر جي حڪومت تي مقرر ٿيندا آيا

مٿي لکي آيا آهيون ته گيسو خان 12 جمادي الاول سن 982هه ۾ بکر ۾ آيو، ۽ فرمان عاليشان جاري ٿيو ته بکر جو ملڪ اڌو اڌ ڪري، محب علي خان ۽ مجاهد خان کي ڏيئي، ٺٽي جي فتح ڏانهن رخ ڪري، محمد باقي ترخان کي هٿ ڪيو وڃي. انهيءَ وقت مجاهد خان گنجابي ملڪ ۾ هو، جڏهن گيسو خان جي بکر جي قلعي ۾ اچڻ جي خبر ٻڌائين ته تمام تڪڙو بکر روانو ٿيو مجاهد خان جي پهچڻ کان اڳ ۾ گيسو خان سکر شهر جي خالي ڪرائڻ جو ارادو ڪيو، پر مجاهد خان جي ماڻهن مجاهد خان جي اچڻ تائين [ائين ڪرڻ] موقوف رکيو، جا ڳالهه گيسو خان قبول نه ڪري، سکر ڏانهن لشڪر موڪليو. مجاهد خان جي وڪيل، وڪيل خان انهيءَ ۽ ڀت جي آڙ وٺي لڙائي ڪئي، جا سکر جي چوڌاري کنئين هئائون، ۽ ٻنهي طرفان ڪي ماڻهو قتل ۽ گهڻا ماڻهو زخمي ٿيا. هن واقعي کان ٽي ڏينهن پوءِ مجاهد خان اچي پنهنجا ماڻهو روهڙيءَ وٺي ويو، ۽ سکر جو سڄو پاسو گيسو خان جي هٿ هيٺ ڇڏيائين. اگرچ روهڙيءَ جو طرف ۽ بکر جو پرڳڻو محب علي خان ۽ جاهد خان جي تصرف هيٺ هو ته به جيڪي ماڻهو گڏ ٿيا هئا، سي دلشڪستا ٿي پيا.

ايتري ۾ ڪي ارغون ڀڄي بکر آيا، جن کي گيسو خان شاهه بابا ولد جان بابا ترخان جي چرچ تي، قتل ڪرائي ڇڏيو، گيسو خان [242] تندمزا ۽ شوخ طبع ماڻهو هو. هڪ ڏينهن يحى تواجي تي عام جلس ۾ سختي ڪري سندس پيرن ۾ ٻيڙيون وڌائين، ٻن مهينن کان پوءِ جڏهن مجاهد خان محب علي خان کي عيال ۽ اطفال جي سنڀال لاءِ پوئتي ڇڏي ٺٽي فتح ڪرڻ ڏانهن متوجهه ٿيو ۽ راڻيپور ۾ لشڪر تيار ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڏينهن ترسيو ته گيسو خان بکر وارن جي چورڻ تي روهڙيءَ تي حملو ڪرڻ جو خيال رکي، جمع ڏينهن 20 رمضان سن 982هه ۾، پنهنجو لشڪر ٻه حصا ڪري، پاڻيءَ مان لنگهايو: هڪ حصو شهر جي باغ جي سامهون روهڙيءَ ڏانهن متوجهه ٿيو ته ٻيو حصو وري ٻيڙين ۽ غرابن ۾ ويهي، جنگ ۽ آتشبازيءَ لاءِ تيار ٿي، خواجا خضر جي آستاني جي سامهون اچي لنگهيو. محب علي خان جا ماڻهو سوار ٿي عيد گاهه جي طرف ڏانهن نڪتا، ته اوچتو درياءَ وارن ماڻهن غرابن مان نڪري مجاهد خان جي ٻيڙين ک يباهه ڏني، جڏهن باهه جا شعلا بلند ٿيا، تڏهن اهي سوار جي ٻاهر نڪتا هئا، سي ڦري پنهنجن گهرن ڏانهن روانا ٿيا، ايتري ۾ گيسو خان جي سوارن اڳتي وڌي آتشبازيءَ جون دٻيون شهر ۾ اڇليون ۽ هر جڳهه باهه ڀڙڪڻ لڳي. محب علي خان سوار ٿي ڀڄي ويو ۽ بکر جو لشڪر روهڙيءَ جي چئن طرفن کان داخل ٿي، ڦرلٽ ڪري ٽپهريءَ تائين شهر کي برباد ڪري محب علي خان جو علم ۽ نقارو هٿ ڪري قلعي ۾ کڻي ويو. مجاهد خان هن خبر پهچڻ تي يلغار ڪري روهڙيءَ آيو. ارمان ۽ افسوس ڏاڍو ٿيس، پر بادشاهي ملاحظو ڪري گيسو خان کي هٿ نه لاتائين ۽ گيسو خان بکر جي قلعي ۾ بي اعتدالي شروع ڪري ڏني. عالم پناهه جي درگاهه ۾ سندس ٿورو احوال پهتو، تنهن ڪري ملڪ جي نگراني نواب ترسون محمد خان جي حوالي ٿي. محرم سن 983هه جي اوائل ۾، محمد طاهر خان ولد شاهه محمد سيف الملوڪ، محمد قاسم خان ۽ مرزا محمد سلطان، روهڙيءَ جي شهر ۾ منزل ڪري، بکر جي جاگير متعلق فرما عاليشان جو نقل گيسو خان ڏانهن بکر موڪليو. پهريائين [243] ته انڪار ڪرڻ لڳو ۽ انهن ماڻهن کي بيڪار رکيائين، پر جڏهن وچ ۾ ڳالهه ٻولهه هلي، تڏهن گيسو خان سيادت پناهه سيد صفائيءَ ۽ بکر جي سڀني مخدومن کي طاهر خان، قاسم خان ۽ مرزا محمد خان کي نصيحت ڪرڻ لاءِ موڪليو. خانن ته مخدومن کي خدا کان ٿي گهريو، سو سڀني کي پاڻ وٽ رهايائون ته حقيقت حال جيئن آهي تيئن يادداشت جي صورت ۾ تيار ڪري عالم پناهه جي درگاهه ۾ موڪلين. پهريائين ته مخدومن انڪار ڪيو ۽ معافي گهري ته اسين يادداشت تڏهن لکنداسون، جڏهن ٻئي ڌريون حاضر هونديون. تنهن تي خانن فرمايو ته گيسو خان جا وڪيل حاضر آهن. انهن جي روبرو صرف سچا واقعا لکو. وڌيڪ ٻي ڪابه تڪليف ڪانه ٿا ڏيون، جڏهن مخدوم معاملي ۾ شروع ٿيا ۽ گيسو خان ڏٺو ته ڪم خراب ٿو ٿئي ۽ هيءُ يادداشت برباديءَ جو باعث ٿيندي، تنهن ڪري مجبور ٿي ماڻهو موڪليائين ته آئون قلعو ڏيان ٿو، اوهان يادداشت نه موڪليو. خانن چوائي موڪليو ته اسان يادداشت لکائي رکون ٿا، جيڪڏهن تون قلعو نه ڏيندين ته پوءِ مهرون هٽائي حضور ۾ موڪلينداسون. گيسو خان مجبور ٿي مٿين خانن کي قلعي ۾ آندو.

شاهي حڪم صادر ٿيل هو ته گيسو خان، ترسون خان جي ڀائرن ۽ ٻين سيدن ۽ بزرگن سان گڏ سلطان محمود خان جي خزاني ۽ ڪارخاني جي سڀني جڳهن جي تحقيق ڪري، هنن سڀني ماڻهن جي مهر سان مفصل ڪاغذ تيار ڪرائي درگاهه ۾ موڪلي. حڪم موجب خزاني تحقيق ڪئي وئي. سلطان محمود خان جي حرمسراءِ جا ماڻهو پڻ حڪم موجب درگاهه ڏانهن تيار ٿيا. خان جهان جي همشيره جا سلطان محمود خان جي پٽ راڻي هئي، سا حڪم موجب لاهور رواني ٿي، ايتري ۾ خواجه سراءِ، راءِ سنگ درباريءَ ۽ منشي بنوليداس به خزاني جي تحقيق ۽ سلطان جي حرمن جي رواني ڪرڻ لاءِ آيا. روهڙي ۾ ٻيهر خزاني جي چڪاس ڪري، ساڳئي سال جي پهرين رجب تي ناگور جي رستي کان روانا ٿيا. [244]

ترسون خان جي درٻار مان رخصت وٺڻ وقت ڪنهن وزير ۽ عرض ڪيو ته سيف الملوڪ جي اولاد سرحد جي لائق نه آهي، تنهن ڪري حضور عاليءَ بکر جي بدران آگري جي حڪومت ترسون خان جي حوالي ڪري، بنوليداس جي نالي عارضي آرڊر ڪيو ته هو بکر سرڪار جو خزانچي ٿي مال ۽ معاملي جو انتظام ڪري، تنهن کان پوءِ حضور پنهنجي اعتماد جي بناءَ تي مير سيد محمد امروهه، مير عدل کي هزاري منصب سان سرفراز ڪري، بکر جي حڪومت سندس حوالي ڪئي. هو جنهن صورت ۾ سيد ۽ عالم هو، تنهن ڪري بکر جي امامن جي صدارت جو حڪم به سندن نالي جاري ٿيو ته هر هڪ لاءِ سندس لياقت آهر مدد معاش مقرر ڪري. هو ساڳئي سال جي 11 رمضان شريف تي بکر ۾ تشريف فرما ٿيو، ۽ مخدومن ۽ بزرگن سان نهايت عزت ۽ اڪرام سان پيش اچي، اٽڪل پنجاهه هزار ايڪڙ زمين سيدن، عالمن، مشائخن، سردارن ۽ ٻين بانشندن کي هر هڪ جي حال آهر عطا ڪيائي. سندس حڪومت جي زماني ۾ مخدوم ڏاڍا فارغ البال هئا، پڻ پنهنجي حڪومت جي اوائل ۾ سيوهڻ ڏانهن لشڪر روانو ڪيائين. ڪاڪڙي پرڳڻي جا منڱڻيجا ماڻهو انحرافي ڪري مير عدل جي ماڻهن سان بري طرح پيش آيا (سبب ڇا هو ته) سيد محمد مير عدل رعيت سان دستور العمل ۾ سختي اختيار ڪئي ۽ داڻ بنديءَ  جي دستور موجب بغير ڪنهن فرق جي هر هڪ ايڪڙ تي پنج مڻ محصول مقرر ڪري، ماڻهن جي پوکن تي ڪاراوا مقرر ڪيائين، جن رعيت تي تمام سختي ڪئي. مطلب ته مير عدل جا ماڻهو گنبٽ ۽ ڀچراهه جي وچ واري قلعي ۾ اچي رهيا. منڱڻيجن بغاوت ڪري وصول ڪندڙن تي تير وسايا، جنهن ڪري مير عدل جا چڱا ماڻهو شهيد ٿيا، ۽ هنن بدبختن سڀني مومنن خواه ڪافرن کي قلعي اندر جيڪو کوهه هو تنهن ۾ وجهي، مٽيءَ سان ڀري ڇڏيو. مير عدل هن واقع کان ڪاوڙجي پنهنجن ماڻهن کي سيويءَ کان گهرايو. [245] جي ڪاڪڙيءَ وارن کان انتقام وٺڻ لاءِ روانا ٿيا ۽ ٿوري ئي توجهه سان منڱڻيجا جلاوطن ٿي ڀجھي ويا. آخر ٿوري وقت کان پوءِ مير عدل جو فرزند سيد ابوالفضل جو لشڪر جو سردار هو، انهن جي پٺ ڇڏي بکر جي قلعي ۾ موٽي آيو. ٿوري وقت کان پوءِ مير عدل سير ڇوڙائي، ۽ گهڻي رت نڪرڻ ڪري ضعيف ٿي پيو، ۽ اٺين شعبان سن 984هه ۾ الله پاڪ جي رحمت جي پاڙي ۾ وڃي آرامي ٿيو. سندس فوت ٿيڻ کانپوءِ حضرت شهنشاهه ظل الله بکر جي حڪومت پيءُ جي دستور موجب سيد ابوالفضل جي حوالي ڪئي، جنهن ٻئي سال ڪاڪڙيءَ جي اڳواڻن کي قيد ڪرائي هڪ ٻن ماڻهن کي هاٿيءَ جي پيرن هيٺان چيٿاڙائي مارايو. [9][8]

تاريخ 2 ذوالقعد سن 985هه ۾، درگاهه جو هڪ معتمد، اعتماد خان خواجه سراءِ بکر جي حڪومت لاءِآيو، هو جيئن ته تند مزاج هو تنهن ڪري سپاهين، رعيت خواهه امامن سان سٺو سلوڪ نه ڪيائين. ڪي مخدوم کانئس ناراض ٿي عالم پناهه جي درگاهه ڏانهن متوجهه ٿيا. اگرچه هن ماڻهو موڪلي معافي گهري، مگر مخدومن کي تسلي نه ٿي ۽ سفر جو پڪو ارادو ڪيائون، جڏهن حضورت ظل الاهي جي درگاهه ۾ پهچي انهيءَ بدبخت جي شڪايت بيان ڪيائون، ته حضرت جي زبان مان نڪتو ته جيئن ته هن ههڙن بزرگن کي رنجايو آهي، سو ضرور ڪسي ويندو، ۽ جيئن ظل الاهيءَ جي زبان الهام بيان مان نڪتو تيئن ئي ٿيو. اهو حادثو هن طرح ٿيو، ته هو هميشه ٽوڪ ۽ مسخري جو شيوو اختيار ڪري چڱن ماڻهن کي به غليظ ۽ روڪيڪ الفاظ چوندو هو ۽ ماڻهن جي توهين ڪندوهو. انهيءَ ڪري سپاهين جي هڪ ٽولي اتفاق ڪري تاريخ 10 ربيع الاول سن 986هه جي ڏينهن، کيس ديوانخاني ۾ شهيد ڪيو. اعتماد خان کان پوءِ حضور، بکر جو ملڪ مشترڪ طور مسند عالي فتح خان مهارت ۽ راجا توڏر مل جي عزيز مسند عالي راجا پرمانند جي جاگير مقرر فرمايو. [146] ۽ مٿئين سال جي رجب مهيني ۾ اهي ٻئي مسند عالي بکر ۾ اچي ساڻن تعلق رکندڙ جاين تي متصرف ٿيا، ٻن سالن کانپوءِ، پرمانند حڪم موجب دربار جي چوڪيءَ واسطي عالم پناهه جي درگاهه ڏانهن روانو ٿي ويو، ۽ ڌاريجا ماڻهو سندس ڀاءُ ماڌو داس سان مخالف ٿي وڃي الور جي قلعي ۾ قلعي بند ٿي ويٺا، ۽ ٻه ٽي دفعا جنگ ٿي، جنهن ۾ ٻنهي طرفن جا ماڻهو قتل ٿيا، آخر اوباش ماڻهن حملو ڪيو، جنهن تي مسند عالي فتح خان پنهنجا ماڻهو فسادين کي دفع ڪرڻ لاءِ موڪليا، ۽ اهي ماڻهو شڪست کائي ڇڙو ڇڙ ٿي ويا. انهن ڏينهن ۾ فتح خان درگاهه ڏانهن روانو ٿيو، ۽ جڏهن حضرت جي حاضريءَ جو شرف حاصل ڪيائين، تڏهن سندس عهدو وڌائي، پرمانند جي جاگير (پڻ) ڦيرائي سندس پگهار ڪيائون، فتح نهايت ساده دل ۽ زر دوست ماڻهو هو. مٺي زبان ڏاڍي ڪم آڻيندو هو ۽ ماڻهن سان سلوڪ ۽ گذران چڱو ڪو هئائين. سمانه جي پسگردائيءَ جي زميندارن مان هڪڙو ناتجربيڪار ۽ اڻ آزمودگار ماڻهو شهاب خان نالي سندس وڪيل هوندو هو هو، فريد دهر جي چرچ تي، خان ناهر جي ماڻهن سان ڳنڍجي، لشڪر وٺي ڪن ڪوٽ  جي قلعي تي ويو، جو ابراهيم خان ناهر جي قبضي ۾ هو. وڏي جنگ ٿي جنهن ۾ فتح خان جا چڱا ماڻهو ڪسجي ويا. شهاب خان پڻ انهيءَ جنگ ۾ ڀائرن سان گڏ ڪم آيو. هي خبرون درگاهه جي ڪچهريءَ وارن جي ڪن پيون ته انهن ئي ڏينهن ۾ سندس جاگير مٽائي نواب محمد صادق خان جي تنخواهه ۾ مقرر فرمايائون، ۽ حضور، نواب محمد صادق خان جي تنخواهه ۾ جاگير ڏيئي، کيس ٺٽي فتح ڪرڻ جي خدمت جو حڪم ڪيو. [10]

مٿيون نواب اڱاري ڏينهن ربيع الاول سن 994هه ۾ بکر آيو، مخدومن ۽ بزرگن سندس استقبال ڪيو. سڀني جي عزت ۽ تعظيم بجا آندائين، ٿورو وقت بکر ۾ رهي بکر جي معاملن کي صاف ڪري، ساڳئي سال جي ذوالحج مهيني ۾، سيوستان روانو ٿيو. خان مذڪور جي وڃڻ کان اڳ ۾ سندس ماڻهن [247] هڪ ٻه دفعا پاٽ وڃي، مرزا جاني بيگ جي ماڻهن سان لڙائي ڪئي، ۽ مرزا جاني بيگ جا چڱا ماڻهو، جهڙوڪ: سلطان محمود خان برندق، ڪوچڪ بن سبحان قلي ۽ عبدالله ڪانجرجه انهيءَ جنگ ۾ مارجي ويا. دستم جو پيءَ رستم گرفتار ٿيو، ۽ محمد صادق خان جي طرف جي فتح ٿي، جڏهن هو پاڻ روانو ٿيو، تڏهن مرزا جي لشڪر جي سردار سبحان قليءَ، ارغون درياءَ جي ڪناري تي، قلعو ٺاهي، لڙائيءَ جو سامان ۽ هٿيار سينگاري، غراب ۽ ٻيڙيون گهڻيون ئي قلعي جي هيٺان گڏ ڪري بيهاريون. جڏهن محمد صادق خان جو لشڪر اتي پهتو، تڏهن هو غرابن ۾ جنگ لاءِ نڪتو. انهيءَ دفعي پڻ ارغون لشڪر شڪست کاڌي، سبحان قلي جيئرو هٿ آيو، گهڻي جماعت قتل ٿي ۽ ڦٽي، ٻارهن غراب پڻ هٿ آيا.

محمد صادق خان هنن فتحن کان خوش ٿي سيوستان جو محاصرو ڪيو، گهيري کي جڏهن ڪافي وقت گذريو، تڏهن هڪ وڏي سرنگهه هنيائون، جنهن ڪري قلعي جو اڳيون دروازو ۽ فصيل اڏامي ويئي، محمد صادق خان حڪم ڪيو هو ته منهنجي اجازت کانسواءِ ڪوبه ماڻهو قلعي ۾ اندر نه وڃي، جڏهن دونهون ۽ بخار بند ٿيو ته قلعي وارن هٿون هٿ ٻي ڀت ڪڍي، توبون ۽ گولا ڇوڙڻ شروع ڪيا، ۽ جيڪي ماڻهو قوت بازو سان ڇت ۽ دروازن جي دالان تي چڙهي ويا هئا، سي سڀ زمين تي ڪري پيا، پر انهن کي ڪوبه نقصان ڪونه پهتو. ايتري ۾ مرزا جاني بيگ به خشڪيءَ ۽ درياءَ جو لشڪر وٺي، مهراڻ جي سامهون آيو، جو سيوهڻ کان ڇهه ڪوهه آهي. محمد صادق خان محاصرو ڇڏي، مرزا جاني بيگ جي جنگ ڏانهن توجهه ڪيو، ۽ جڏهن لڪيءَ واري جبل جي سامهون پهتا ته مرزا جاني بيگ محمد صادق خان جي ڪئمپ جي سامهون غراب آڻي توبون ۽ گولا ڇوڙيا، ٿورن ڏينهن کانپوءِ جڏهن اڃا هڪ ٻئي جي سامهون ٿي لڙائيءَ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. [ته انهيءَ وچ ۾] بادشاهي فرما پهتو ته مرزا جاني بيگ [248] لائق تحفا درگاهه ۾ موڪلي عاجزي، اخلاق ۽ نياز ظاهر ڪيو آهي. محمد صادق خان موٽي بکر آيو ۽ ٿوري وقت کان پوءِ، جهان پناهه جي درگاهه ڏانهن راهي ٿيو.

انهيءَ کان هڪ سوال پوءِ جاگير ۾ ڦيرو آيو، ۽ جيڪي به سال بکر جي جاگير جو تعلق مٿئين خان سان هو تن ٻنهي سالن جي خريف جي پوکن تي ماڪڙ جي مصيت آئي، جنهن کان بکر ۾ ڏڪار ۽ مهانگائي اچي ويئي، اڪثر ماڻهو ملڪ ڇڏي هيڏي هوڏانهن هليا ويا، ۽ سميجن ۽ بلوچن ماڻهن درياءَ جي ٻنهي ڪنارن کي لٽي، ڪا به آبادي نه ڇڏي.

ربيع الثاني سن 996هه ۾ جاگير، نواب اسماعيل قلي خان ڏانهن منتقل ٿي ۽ سندس پٽ رحمان قلي بيگ بکر ۾ آيو. هو جيئن ته هڪ بختاور امير زادو هو، تنهن ڪري بکر جي ماڻهن سان نهايت شفقت سان پيش آيو. قلعي وارن کي چڱو قوت گذران ۽ مهربانيون عطا ڪيائين، ۽ بکر جي ويراني سندس ڪوشش جي برڪت سان آباد ٿيڻ لڳي، جڏهن اسماعيل قلي خان ملتان ڇڏي درگاهه ڏانهن ويو ته سندس جاگير ۾ تغير ٿيو ۽ اها شيرويه سلطان جي حوالي ٿي.

محرم الحرام سن 997هه جي اول ۾ شيرويه بکر ۾ آيو. هو پاڻ شرابي هو، تنهن ڪري پنهنجو ڪاروبار زرخريد غلامن جي حوالي ڪري، رات ڏينهن فسق و فجور ۽ لهو لعب ۾ مشغول رهندو هو. هو پاڻ مجلس ۾ تمام گهٽ ويندو هو ۽ سندس مجلس ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن کي اجازت ملندي هئي. اڪثر فقيرن جا وظيفا ۽ پگهار معطل رهيا. هو هڪ دفعي مال ۽ معاملي جي انتظام لاءِ ٻاهر نڪتو، ۽ ٿورو وقت هڪڙي دڪان ۾ منزل ڪري مال ۽ ڏيتي ليتي وصول ڪيائين، پنهنجي پٽ محمد حسن کي سيويءَ هٿ ڪرڻ لاءِ موڪليائين، پٺاڻن لشڪر گڏ ڪري جنگ ڪئي، شيرويه جي پٽ جي مقدمي ۾ بڙدي بلوچ هئا، جي پهرئين ئي حملي ۾ پاسو ڪري ويا، ۽ هنن ماڻهن بنا ڪنهن ملاحظي جي وچ تي حملو ڪيو. [249] ڪيترا ماڻهو قتل ٿي ويا ۽ وڏو انداز گرفتار ٿيو. نيٺ شڪست کائي پوئتي موٽيا، جنهن صورت ۾ گرم هوا جا ڏينهن هئا، تنهن ڪري ڪيترا ته رڃ ۽ اُڃ وگهي مري ويا ۽ جيڪي موٽي آيا، سي به ڪيتري وقت کان پوءِ اصلوڪي حالت ۾ آيا.

جڏهن هن جي ظلم جي برائيءَ حد کي پهتي، ته اوچتو سندس بدليءَ جي خوشخبري عالم الغيب طرفان بکر جي ماڻهن کي پهتي، ماڻهو انهيءَ شرير جي شر کان آزاد ٿي امن ۾ آيا، بکر جو ملڪ ٻيو دفعو نواب محمد صادق جي جاگير ۾ منتقل ٿيو. تاريخ 12 ربيع الاول سن 998هه ۾ نواب محمد صادق خان جي پٽ مرزا محمد زاهد بکر ۾ تشريف فرما ٿي، امامن ۽ رعيت سان چڱو سلوڪ ڪيو ۽ ظلم جي ڦٽيلن جي دلين تي عدل جو مرهم رکيائين. مرزا زاهد نهايت سهڻو ۽ خوش اخلاق ۽ عالمن ۽ فاصلن سان اڪثر صحبت رکندو هو ۽ محمد صادق خان جي سند مطابق سڀني جا وظيفا ۽ پگهارون جاري ڪري، ظالمن جي ايذاءَ جو هٿ مظلومن کان روڪيائين. محمد صادق خان جو وڪيل خواجه محمد معصوم پڻ سهڻين صفتن سان سينگايل هو، ۽ ننڍي خواهه وڏي معاملي ۾ اونهو ويندو هو، بکر جا مانهو دلجاءِ ڪري کيتي ۽ آباديءَ کي لڳي ويا. انهيءَ سال جي ربيع اوچتو آفت سماوي پهتي ۽ ايڏي لحاظ هوندي به رعيت جي مٿان اونداها ڏينهن آيا ۽ ٿورڙي وقت ۾ پيدائش ناياب ٿي، ٻيو دفعو ڏڪر، مهانگ ۽ تنگي ظاهر ٿي.


[1]   هڪ قسم جو گل جو ڪن خاص قسم جي پکين جي پرن مان ٺاهيندا آهن. (مترجم)

[2]   پڳ ۾ لڳائڻ جو هڪ زيور (مترجم)

[3]   شراب: ڳاڙهي يا ٻين رنگن وارو هڪ قسم جو ڪپڙو:  شاندار فرنيچر وغيره (مترجم)

[4]   هتي سڀني نسخن ۾ خال آهي. (مترجم)

[5]   هتي اصل متن ۾ خال آهي. (مترجم)

[6]  اصل متن ۾ لفظ قريشي آهي، جو مصرعه کي وزن مان ڪڍي ٿو ڇڏي، خود سيد صفائي جي تربت تي به قرشي ”ي“ کانسواءِ آهي، عرب پڻ قريش ڏانهن نسبت ڪرڻ وقت قرش چوندا آهن. (مترجم)

[7]  لفظي ترجمو: سندس حياتيءَ جي دستاويز تي وت جي مهر لڳائي ويي. (مترجم)

[8]   هتي اصل ۾ منگچه آهي، نسخي ”م“ مڱڻيجه آهي جو وڌيڪ صحيح آهي ڇاڪاڻ ته انهيءَ علائقي ۾ مڱڻيجا ذات جا ماڻهو اڃا تائين موجود آهن.

[9]   اصل ۾ لفظ کن کوٽ آهي، پر نسخي ”ر“ هتي دانه بندي لکيو آهي، تنهن ڪري ترجمي ۾ داڻ بندي لکيو ويو. (مترجم)

[10]   شايد ڪنڌڪوٽ (مترجم)

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org