سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تاريخ معصُومي

باب؛ --

صفحو ؛ 5

سن 94هه جي اوائل ۾ ڏاهر جا پٽ بهادرن جو هڪ دستو ساڻ ڪري اچي اسڪندره جي قلعي ۾ قلعي بند ٿي ويٺا. هي قلعو نهايت مضبوط هو. هنن اتان اچي سنڌ جي ڪن پرڳڻن کي لٽيو. محمد بن قاسم هن خبر ٻڌڻ تي اوڏانهن روانو ٿيو ۽ انهيءَ قلعي وٽ پهچي محاصرو شروع ڪيائين. ٿوري وقت کان پوءِ اناج جيکوٽ سبب تڪليف پيدا ٿي ۽ اسلامي لشڪر گوشت تي وقت گذارڻ لڳو. محمد بن قاسم ڪي داناءَ ماڻهو ڏاهر جي پٽن ڏانهن موڪلي کين مهرباني ۽ رعايت جو دلاسو ڏنو، جنهن تي هنن جواب ڏنو ته اسان کي يقين آهي ته راجا ڏاهر جيئرو نڪري ويو آهي ۽اسان کي اميد آهي ته هو جلدي هندستان کان وڏو لشڪر وٺي اچي بدلو وڄندو. محمد بن قاسم ڏاهر جي زال لاڏيءَ کي اروڙ کان گهرائي، پنهنجن پٽن ڏانهن رواني ڪرڻ جو حڪم ڏنو ته وڃي سندن غلط گمان دور ڪري. لاڏيءَ کي حاضر ڪري [27] قلعي وارن ۽ ڏاهر جي پٽن ڏانهن موڪليائون. هنن انهيءَ کي دروازي کان ٻاهر جهليو ۽ قلعي جي فصيل جي مٿان ٿي بيٺا. ڏاهر جي زال جنگ جي واقعي ۽ سندس سردارن جي ڪسڻ جي ڪيفيت ناليوار خاطر خواهه تفصيل سان ٻڌائي، روڄ راڙو شروع ڪيو. سڀني هن کي ڪوڙو سمجهي پٿر ۽ ڀتر هنيا ۽ چيائون ته تون هن جماعت سان هڪ ٿي ويئي آهين. تنهنجي ڳالهه قبول نه آهي. پوءِ لاڏيءَ کي موٽائي آيا ۽ قلعي ڪشائن جي اوزارن ڏانهن توجهه ڪري منجنيق ۽ ٻيا آتش بازيءَ جا اوزار ڪم آندائون. ٿوري وقت ۾ اهو قلعو فتح ٿيو ۽ ڪافرن کي برباد ڪري گهڻن کي قتل ڪيائون، باقي جيڪي ٿورا بچيا تن اسلام جي اطاعت قبول ڪئي ۽ روڪڙ ۽ بي انداز سامان مسلمانن جي لشڪر جي هٿ چڙهيو. قلعي ۾ جيڪو بتخانو هو، جڏهن انهيءَ کي ڀوڳائون تڏهن انهيءَ مان وڏو خزانو ظاهر ٿي پيو، جو خليفي لاءِ ضبط ڪيائون، ۽ محمد بن قاسم موٽي وڃي اروڙ پهتو.

ماه ربيع الاول سن 94هه جي اوائل ۾، احنف بن قيس بن رواح اسديءَ کي اروڙ جو حاڪم بنائي پاڻ [محمد بن قاسم] ملتان جي فتح ڏانهن متوجهه ٿيو. ملتان جا مکيه ماڻهو استقبال ڪري اچي سندس خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ هن عهدنامو ڪري مال ۽ ڍل ٻڌي، دائود بن نصير بن وليد عثمانيءَ کي ملتان جي حڪومر تي مقرر ڪيو، ۽ خزيم عبدالملڪ بن تميم کي ديبالپور جي ڪوٽ جو وائي بنايائين، جو درياءَ جي ڪناري تي هڪ وڏو قلعو هو. جڏهن ملتان کان ديبالپور روانو ٿيو هو ته انهيءَ وقت محمد بن قاسم جي جهنڊي هيٺ اٽڪل پنجاهه هزار پيادا ۽ سوار ماڻهو گڏ ٿي چڪا هئا. هر طرف تي فوج مقرر ڪيائين. اسلام جو لشڪر قنوج جي سرحد تائين پهتو ۽ انهيءَ ملڪ جي راجائن ۽ شهزادن سڀني اسلام جي فرمانبرداريءَ ۾ اچي [28] دارالخلافت جي ملازمن کي هر سال مال ۽ ڍل بلاعذر، پهچائي ڏيڻ قبول ڪئي.[1]

محمد بن قاسم هر طرف ۽ هر شهر ۾ اعتماد جوڳا ماڻهو مقرر ڪري دلجاءِ سان پوئتي موٽيو ته ايتري ۾ خليفي وليد جي طرفان حڪم پهتو، جنهن جو قصو هن طرح آهي ته الور جي قلعي فتح ڪرڻ وقت محمد بن علي بن طهمان سان گڏ حبشي غلامن جي هٿان دارالخلافت ڏانهن موڪليل قيدين ۾ ڏاهر جون ٻه ڌيئر به موڪليون هئائين. هڪ رات خليفي انهن ٻنهي ڀينرن کي حرمسراءِ ۾ گهرائي حويلي جي ٻانهين جي حوالي ڪيو ته انهن کي غمخواري ڪن ۽ جڏهن رستي جي تڪليف کان آرام حاصل ٿئين، تڏهن کين خدمت ۾ حاضر ڪن. ٻن مهينن جي عرصي کانپوءِ خليفي جي حڪم سان ٻنهي سنڌي قيدياڻين کي حاضر ڪيائون ۽ ساڻن گڏ هڪ ترجمان آندائون. سندن منهن تان جيئن نقاب هٽايائون ته خليفي هڪ ئي نظر سان انهن ٻنهي پرين جي حسن تي حيران ٿي پڇيو ته توهان جو نالو ڇا آهي” ڪ چيو ته منهنجو نالو پرمل ديو ۽ ٻيءَ چيو ته سورج ديو، خليفي هڪڙي کي بستري تي اچڻ جو حڪم ڏنو، انهيءَ تي هن اٿي عرض ڪيو ته آءٌ بادشاهه جي خوابگاهه جي لائق ٿي نٿي سگهان، ڇاڪاڻ ته محمد بن قاسم اسان ٻنهي ڀينرن کي پاڻ وٽ رکي پوءِ بادشاهه ڏانهن موڪليو آهي. ترجمان انهن جي ڪلام جي مضمون کان خليفي کي واقف ڪيو. خليفو غصي ۽ غيرت کان باهه ٿي ويو. حڪم فرمايائين ته هن بي ادبيءَ جي پاداش ۾ محمد بن قاسم پاڻ کي ڳئونءَ جي کل ۾ بند ڪري دارالخلافت ۾ حاضر ٿئي، ۽ زياده تاڪيد لاءِ دڙڪي طور خليفي فرمان جي حاشيي تي پنهنجي هٿ سان لکيو ته محمد بن قاسم جتي به پهتو هجي ته پاڻ کي ڍڳيءَ جي کل ۾ بند ڪري خدمت ۾ حاضر ٿئي ۽ حڪم کان تجاوز نه ڪري. انهن ڏينهن ۾ محمد بن قاسم اڌاپور ۾ پهتو هو ته  خليفي جي حاجب هيءُ حڪم کيس پهچايو.[29] فرمان پڙهڻ کانپوءِ به حڪم جي پيرويءَ خاطر حاجب کي چيائين ته توکي جو حڪم ٿيو آهي، سو عمل ۾ آڻ، هن حڪم موجب محمد بن قاسم کي ڪچيءَ کل ۾ بند ڪيو. ٽن ڏينهن کان پوءِ سندس روح جو پکي جسم جي پڃري کان خالي ڪري ويو. حاجب انهيءَ کي صندوق ۾ رکي دارالخلافت ڏانهن روانو ٿيو. شام ولايت ۾ پهچي عام دربار جي ڏينهن اها صندوق جنهن ۾ محمد بن قاسم بند هو، خليفي وليد جي اڳيان حاضر ڪيائين. (خليفي) پڇيو هو زنده آهي. حاجب عرض ڪيو ته ڪچي چم ۾ بند ڪرڻ کان پوءِ ٽئين ڏينهن دنيا مان لڏي ويو. خليفي جي حڪم تي صندوق حرم اندر کڻي ويا. پاڻ صندوق جي مٿان بيهي حڪم ڪيائين ته ان جو پُڙ کوليو وڃي ۽ راءِ ڏاهر جي ڌين کي گهرائي چيائين، منهنجو حڪم اجهو هن طرح جاري آهي، اچو ۽ محمد بن قاسم کي اچي ڏسو. ٻنهي ڀينرن اڳتي وڌي ڏسي سڃاتو  ۽ هٿ کڻي خليفي لاءِ دعا ۽ تعريف ڪيائون. (تنهن کانپوءِ) عرض ڪيائون ته عادل بادشاهه کي وڏن ڪمن ۾ تڪڙ ڪرڻ ۽ دوست خواهه دشمن جي چوڻ تي جلدي ڪري حڪم ڪڍڻ نه گهرجي. خليفي فرمايو ته هن ڳالهه جو مطلب ڇا آهي؟ چيائون ته اسان جي محمد قاسم سان دشمنيءَ هئي تنهن ڪري هن تي تهمت رکي هئيسون، ڇاڪاڻ ته اسان جو پيءُ هن جي هٿان قتل ٿيو، ملڪ ۽ دولت اسان جي خاندان مان نڪري ويا ۽ اسان قيدي ۽ گرفتار ٿي ڌارئي ملڪ ۾ پيونسون. بادشاهه ڪاوڙ ۾ اچي اسان جي حال  جي نتيجي جي تحقيق ۽ اسان جي ڳالهه جي سچ ۽ ڪوڙ معلوم ڪرڻ کانسواءِ ههڙو حڪم صادر فرمايو، حالانڪه محمد بن قاسم اسان جي پيءُ ۽ ڀاءُ جي بجاءِ هو ۽ هن جو هٿ اسان جي پاڪ دامن کي مطلقاً ڪونه پهتو هو، پر جڏهن پيءُ جو انتقام وٺڻ اسان جو مقصد هو، تڏهن انهيءَ کي هن خيانت سان منسوب [30] ڪيوسين، جيتوڻيڪ اسان جو مطلب ته حاصل ٿيو، پر انهيءَ ڪري خليفي جي عدالت جط طريقي ۾ نقصان ثابت ٿيو. هنن ڳالهين ٻڌڻ تي خليفو ڏاڍو پشيمان ٿيو ۽ سندس سيني ۾ ڪاوڙ جي باهه ڀڙڪڻ لڳي. آخر سندس حڪم ڪرڻ تي ڏاهر جي انهن ٻنهي ڌين کي گهوڙن جي پڇن سان ٻڌي شهر جي چوڌاري ڦيرائي وڃي دجله ۾ اڇلايائون ۽ محمد بن قاسم کي دمشق جي قبرستان ۾ دفن ڪيائون. [2]

روايت ڪئي اٿن ته محمد بن قاسم جي فوت ٿيڻ کانپوءِ ٻه سال پوءِ، هندستان جا ماڻهو بعاوت ڪري بي فرمان ٿيا ۽ (فقط) ديبالپور جي سرحد کان وٺي سمنڊ تائين ملڪ خليفي جي گورنر جي تصرف ۾ رهيو، جڏهن 96هه ۾ خليفو آخرت جي ملڪ ڏانهن انتقال ڪري ويو ۽ کانئس پوءِ سليمان بن عبدالملڪ خلافت جي تخت تي ويٺو، تڏهن عامر ابن عبدا: کي سنڌ جو حاڪم مقرر ڪيائين، انهيءَ کانپوءِ مروان بن محمد جنهن جو لقب القادر بالله هو، ابوالخطاب کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو، ۽ سن 133هه ۾ عبدالله بن عباس، جو عباسي گهراڻي جو پهريون خليفو هو ۽ ”سفاح“ جي لقب سان مشهور هو، تنهن دارالخلافت مان هڪ فوج سنڌ ڏانهن موڪلي، بني اميه جي سڀني نوڪرن کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، چئن سالن کانپوءِ عباسي (خليفي) ابو جعفر منصور هندستان لاءِ هڪ لشڪر مقرر فرمايو ۽ سن 170 هه ۾ هارون رشيد، مهدي ابوالعباس کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو، جيڪو سنڌ ملڪ ۾ گهڻو زمانو رهيو. [31]

ڀاڱو ٻيو

انهن بادشاهن جو ذڪر جن عباسي خليفن جي گورنر جي حڪومت کانپوءِ سنڌ ملڪ ۾ بادشاهيءَ جو جهنڊو بلند ڪيو

تاريخ نويسن لکيو آهي ته بني اميه گهراڻي وارن جي خلافت کانپوءِ عباسي خليفن جي گورنرن سنڌ ملڪ ۽ ملتان ۾ انتظام جي واڳ ورتي، ۽ هارون ۽ مامون جي زماني ۾ هندستان جو ڪجهه حصو پڻ سندن حڪومت هيٺ هو. عباسي خليفن جي گورنرن جي حڪومت، القادر بالله ابو العباس احمد بن اسحاق بن المقتدر بالله جي زماني تي پوري ٿي، جڏهن سن 416هه ۾ رمضان شريف جي وچ ڌاري سلطان محمود غازي هندستان جي فتح ڪرڻ جي ارادي سان غزنيءَ جي تختگاهه کان ملتان پهتو، تڏهن ملتان ۽ اُچ هٿ ڪري، القادر بالله جي گورنر کي ڪڍي ڇڏيائين، ۽ عبدالرزاق وزير کي ڪجهه فوج ساڻ ڏيئي ملتان کان سنڌ جي تابع ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيائين، ۽ هو سن 417هه ۾ بکر جي معاملات کان دلجاءِ ڪري، سيوستا ۽ ٺٽي ڏانهن متوجهه ٿيو، ۽ اڪثر عربن کي ڪڍي ڇڏيائين. باقي جيڪي ماڻهو عيال ۽ ٻارن ٻچن سان هئا، ۽ فضيلت ۽ چڱي حالت پڻ رکيائون ٿي، انهن جي حوالي شريعت جا عهدا ڪري، انهن جي گذارن واسطي پگهارون ۽ وظيفا مقرر ڪيائين.

سن 421هه جڏهن سلطان محمود انتقال ڪيو، تڏهن سندس والد ارشد سلطا مسعود غزنيءَ جي تخت تي ويهي پيءُ جي موروثي ملڪن سنڌ ۽ هندستان کي قبضي ۾ آندو. رعيتي هر سال جي مال ۽ ڍل [32]ساڳئي دستور موجب غزني جي پايي تخت ڏانهن کڻي ويندا هئا، ۽ جڏهن سن 433هه ۾ هن فاني دنيا کي الوداع چئي باقي جهان ڏانهن روانو ٿيو، تڏهن سندس پٽ سلطان مودود بادشاهيءَ جي تخت کي پنهنجي ويهڻ سان سينگاري پيءُ ۽ ڏاڏي جي تصرف هيٺ آيل ملڪ تابع ڪيا. اهو پڻ سن 441هه ۾ عالم بقاء ڏانهن روانو ٿيو. کانئس پوءِ سلطان مجدود سندس جاءِ نشين ٿي موروثي ملڪن تي قبضو ڪيو. اجل جڏهن انهيءَ جي پڻ طلب ڪئي، تڏهن لاهور جي شهر ۾ عالم جاوداني ڏانهن راهي ٿيو، انهيءَ کان پوءِ خسرو ملڪ جو وارو آيو، جو غزنوي بادشاهن جي اولاد مان هو. هن به ڪجهه وقت ڪاميابيءَ جا پيالا پيتا. آخر سن 583هه ۾ سلطان غياث الدين غوري لاهور تي غالب ٿي خسرو ملڪ کي هٿ ڪيو، ۽ کيس غزنيءَ موڪلي قيد ۾ رکيائين، جڏهن غزنوي بادشاهن جي جعلي اولاد غورين جي هٿ چڙهيو، تڏهن سڀني کي فنا جو شربت پياريائون.

سلطان شهاب الدين محمد بن سام غوري

سلطان غياث الدين جڏهن هندستان کان موٽي خراسان ڏانهن توجهه ڪيو، تڏهن سن 599هه ۾ هو پايي تخت هرات ۾ گذاري ويو، ۽ هرات جي جامع مسجد ۾ جيڪو گنبذ ٺاهيو هئائين، انهيءَ ۾ دفن ڪيو ويو.

”دو در دارد اين باغ آراسته درو بند از هر دور برخاسته

در آ از در باغ بنگر تمام ز ديگر درباغ بيرون خرام“

ــــــــــــــــــــهــــــــــــــــــــ

[رکي ٿو ٻه در هيءُ عجيب بوستان،

ٻنهي تي هن آ روڪ جو ڪو نشان،

اچي هڪڙي در کان سجھو باغ ڏس

نڪر در ٻئي کان نه پل هڪ ترس.]

بادشاهي سلطان شهاب الدين غوريءَ (ڏانهن) منتقل ٿي. هن سن 591هه ۾ ڀاءُ جي پاران هندستان تي حملو ڪري، ملتان ۽ اُچ [33] فتح ڪري، قطب الدين ايبڪ ٽن مهينن جي عرصي ۾ سموري سنڌ تي متصرف ٿي سيف الملوڪ کي سنڌ ۾ ڇڏي پاڻ دهليءَ جي تختگاهه ڏانهن روانو ٿيو هو. هوڏانهن شهاب الدين آهستي آهستي لشڪر ملتان کان هندستان ملڪ ڏانهن نيئي رهيو هو ۽ شهر، قلعا ۽ ملڪ وٺندو ٿي ويو، ۽ نيٺ وڃي انهيءَ ملڪ جو تختگاهه دهلي فتح ڪيائين، ۽ دهلي انهيءَ ڏينهن کان سلطان جي گاديءَ جو هنڌ ٿي، ۽ قطب الدين ايبڪ کي انهيءَ ملڪ ۾ پنهنجو جاءِ نشين مقرر ڪري پاڻ خراسان وڃڻ جو ارادو ڪري رهيو هو، ته ايتري ۾ پنهنجي ڀاءُ سلطان مغز الدين جي وفات جي خبر مليس، جنهن ڪري نهايت ڏک ۾ ڀرجي جلدي روانو ٿيو. غزي جي شهر ۾ پهچڻ کانپوءِ لشڪر کي ترڪستان جي ٽن سالن جي سفر جي تياري ڪرڻ جو حڪم ڏنائين. انهيءَ وچ ۾ خبر پهتس ته لاهور جي آسپاس ڪن کوکرن بي فرمانيءَ جو رستو اختيار ڪيو آهي. انهن جو دفعي ڪرڻ اهم ۽ وڌيڪ مناسب ڄاڻي اوڏانهن ڊوڙيو، ۽ گهڻن دشمنن کي انتقام جي ترار جو شڪار ڪيائين. موٽڻ وقت دميڪ جي منزل ۾ هڪڙي فدائي کوکر جي خنجر جي زخم سان شهيد ٿيو.

شهادت ملک  بحروبر شهاب الدين،

کر ابتدائي جهان مثل او انيامده يک

سويم زغزه شعبان سال ششصد و دو.

فتاده در ده غزنين به منزل دميک،

[زمين، زمن جو شهنشاهه شهاب الدين ٿيو شهيد،

جو ابتدائي جهان کان نه ٿيو سندس ڪو مٽ.

ڇهه سو ٻه سال ۽ شعبان جي ٽين هئي تاريخ،

شهيد ٿيو رهه غزنين ۾ جائي دميڪ وٽ.]

غزنيءَ جي فتح کان وٺي آخر عمر تائين سندس بادشاهيءَ جو وقت 22 سال ۽ ڪي مهينا هو. سندس وارثن مان فقط هڪ نياڻي رهي، ڇون ٿا ته سون، چاندي ۽ جواهرن جو و0و خزانو هوس، انهيءَ مان پنج سو مڻ ته الماس (هيرو) نڪتو، جو هڪ قيمتي جوهر آهي، ٻي روڪڙ ۽ مال جو هن تي قياس ڪري سگهجي ٿو. نو ڀيرا هندستان جو سفر ڪيائين، ٻه ڀيرا شڪست کاڌائين، باقي ٻيا ڀيرا [34] ڪامياب رهيو. بادشاهه عادل، خدا ترس ۽ خلق تي مهربان هوندو هو. عالمن ۽ صالحن جي عزت ۽ خدمت ڪندو هو.

سلطان قطب الدين جو ذڪر

سلطان شهاب الدين  غوري، قطب الدين ايبڪ کي دهليءَ ۾ پنهنجو جاءِ نشين بنائي حراسان ولايت ڏانهن روانو ٿيو هو، پوءِ جڏهن سندس فوت ٿيڻ جي خبر، قطب الدين ايبڪ کي پهتي، تڏهن خود مختياريءَ جو جهنڊو بلند ڪري خطبو پنهنجي نالي تي پڙهيائين. ماڻهو کيس سلطان قطب الدين سڏڻ لڳا ۽ هند ۽ سنڌ جي حڪومت جون واڳون سندس هٿ ۾ آيون. آخر سن 607هه ۾ لاهور جي شهر ۾ پولو کيڏندي گهوڙي تان ڪري پيو ۽ وفات ڪيائين. چوڏهن سال خطبو پنهنجي نالي پڙهيائين ۽ هند ۽ سنڌ سندس قبضي هيٺ رهي.

آرام شاهه بن قطب الدين ايبڪ جو احوال

پيءُ جي فوت ٿيڻ کانپوءِ دهليءَ جي اميرن جي اتفاق راءِ سان بادشاهيءَ جي تخت تي ويٺو پر لائق نه هجڻ ڪري کيس حڪومت جي گاديءَ تي آرام نصيب نه ٿيو. آرام شاهه جي ميرن کيس حڪومت جي تخت جو لائق نه ڏسي سلطان شما الدين التتمش ڏانهن ماڻهو موڪلي، کيس دهليءَ گهرائي، بادشاهه بنايو، انهن ڏينهن ۾ هندستان جو ملڪ چئن حصن ۾ ورهائجي ويو. دهليءَ جي تختگاهه جو تعلق شمس الدين التتمش سان ٿيو. اُچ، ملتان ۽ سنڌ ناصر الدين قباچه جي فرمان هيٺ آيا. لکنؤ خلجي بادشاهن جي ضابطي ۽ انتظام هيٺ آئي، لاهور ۽ پسگردائي تاج الدين يلدز جي ماڻهن فتح ڪيا. انهيءَ وقت ۾ چنگيز خان جي هڪ فوج ناصر الدين جي لڙائي واسطي آئي.

بادشاهه ناصر الدين قباچه کي [35] انهيءَ لشڪر جي مقابلي جي طاقت نه هئي، تنهن ڪري ملتان جي شهر ۾ قلعي بند ٿي ويهي رهيو. مغلن چاليهه ڏينهن دروازو کولي ڇڏيو ۽ خلق کي انعام ۽ احسان سان نوازڻ سان گڏوگڏ ڏاڍي بهادري ۽ مردانگي ڏيکاري. نيٺ جڏهن [مغلن جي] لشڪر کي فتح نصيب نه ٿي تڏهن لاچار موٽي ويا.

جيئن ته سنڌ ملڪ سندس (ناصر الدين قباچه) هٿ هيٺ هو، تنهن ڪري خراسان، غور ۽ غزنيءَ جا ڪيترا مکيه ماڻهو چنگيز خان جي حادثي سبب سندس خدمت ۾ پهتا ۽ انهن مان هر هڪ کي انعام اڪرام عطا ڪيائين.

سن 623هه جي آخر ۾ سيوستان جي پرڳڻي تي ملڪ خان خلجي ۽ سندس ساٿي غلبو ڪري ويا، تنهن ڪري ملڪ ناصر الدين قباچه انهيءَ جماعت جي شره دفع ڪرڻ ڏانهن توجهه ڏنو. ٻنهي ڌرين ۾ سخت لڙائي ٿي ۽ ملڪ خان قتل ٿي ويو.

جيئن ته ناصر الدين قباچه جي بخت جي اچي پڄاڻي ٿي هئي، سو سن 624هه ۾ سلطان شمس الدين التتمش اُچ تي چڙهائي ڪئي، ناصر الدين قباچه بکر ڀڄي ويو، ۽ سلطان پنهنجو وزير نظام الملڪ محمد بن اسعد اُچ جي محاصري تي مقرر ڪري پاڻ دهلي موٽي ويو. نظام الملڪ 28 جمادي الاول سن 625هه اڱاري ڏينهن اُچ صلح سان وٺي بکر جي قلعي متوجهه ٿيو. ناصر الدين قباچه اتان پڻ ڀڄڻ جو ارادو ڪري ٻيڙيءَ ۾ ويٺو، ۽ جڏهن درياءَ جي وچ ۾ پهتو ته (اوچتو) سندس عمر جي ٻيڙي فنا جي درياءِ ۾ غرق ٿي ويئي.

سلطان شمس الدين التمش جو احوال

سن 624هه ۾ نظام الملڪ محمد بن اسعد، سلطان شمس الدين جي طرفان سنڌ جي حڪومت تي مقرر ٿيو ۽ سنڌ ملڪ جو ضابطو ۽ انتظام جهڙو رکڻ گهرجي، تهڙو رکي، شهرن جي آباديءَ ۽ رعيت جي آرام [36] لاءِ نهايت ڪوشش ۽ محنت ڪيائين، ۽ 633هه ۾ نور الدين محمد کي سنڌ جي سنڀال تي ڇڏي پاڻ دهليءَ ڏانهن موٽي ويو. سلطان شمس الدين دهليءَ جي پايئه تخت ۾ 633هه جي 26 شعبان سومر ڏينهن رحلت فرمائي ويو.

سلطان مسعود جو احوال

سلطان مسعود شاهه ابن رڪن الدين فيروز شاهه بن سلطان شمس الدين التمش 639هه ۾ دهليءَ جي بادشاهت کي پنهنجي وجود سان عزت بخشي موروثي ملڪن جو مالڪ ٿيو. سن 643هه جي صفر مهيني ۾ مغلن جي لشڪر جو سنڌو ندي ٽپي اُچ جي سر زمين کي گهيري ڪرڻ جي خبر دهليءَ ۾ مشهور ٿي، جنهن تي مسعود شاهه دشمنن جي دفع ڪرڻ ڏانهن توجهه ڪيو. مغل هن جي اچڻ جي خبر ٻڌي اُچ جي ٻاهران اٿي بکر جي رستي کان خراسان ڏانهن ڀڄي ويا، ۽ سلطان مسعود شاهه بکر پهچي نور الدين محمد کي موقوف ڪري سنڌ ملڪ، ملڪ جلال الدين حسن جي حوالي ڪيو ۽ پاڻ اتان دهليءَ ڏانهن واڳون ورايائين.

ملتان پهچڻ تي ڪن شرابي نوجوانن مسعود شاهه جي محفل ۾ پهچي کيس عياشيءَ جي ترغيب ڏني، ۽ في الحقيقت هو پاڻ به شراب خوريءَ ڏانهن مائل هو، تنهن ڪري انهيءَ ڳالهه ۾ حد ٽپي ويو ۽ حڪومت جي ڪمن ۾ خلل پوڻ لڳو. اميرن مخفي طور سندس چاچي سلطان ناصر الدين محمود ڏانهن، جو ڀڙايچ ۾ موجود هو، ماڻهو موڪلي کيس اچڻ لاءِ عرض ڪيو، ناصر الدين تمام جلديءَ سان دهليءَ اچي بادشاهي جي تخت تي ويٺو. هن مسعود شاهه کي آچر ڏينهن تاريخ 23 محرم سن 647هه ۾ [37] گرفتار ڪري قيد ڪيو، ۽ مسعود شاهه جي حياتيءَ جا ڏينهن قيد خاني ۾ پورا ٿيا.

سلطان ناصر الدين محمود بن سلطان التمش جو احوال

سن 634هه جي محرم الحرام، اڱاري ڏينهن قصر فيروزه ۾ دهليءَ جي بادشاهيءَ جي تخت تي ويٺو، ۽ ڪي سال خودمختيار رهي حڪومت هلايائين. تاريخ 22 شوال، سن 649هه، سومر ڏينهن لاهور، ملتان، اُچ ۽ بکر ڏانهن روانو ٿيو، جتي پهچي سيوستان جي ولايت قتلغ خان، اُچ ۽ ملتان جي سنڀال ملڪ سنجر جي حوالي ڪري دهليءَ جي تختگاهه ڏانهن موٽي آيو.

نصر الدين دهليءَ جي پايه تخت ۾ پهچڻ کانپوءِ لکنؤ تي وڃڻ جو ارادو ڪيو، پر جنهن صورت ۾ امير ۽حڪومت جي ڪارڪنن سلطان جو اوڏانهن وڃڻ مناسب نه سمجهيو تنهن ڪري سرڪشن جي تنبيهه ۽ تاديب لاءِ هڪ وڏو لشڪر تيار ڪري ملڪ جلال الدين جي هٿ هيٺ انهيءَ پاسي ڏياري موڪليائون، سن 656هه جي آخر ۾ مغلن جو لشڪر اُچ ۽ ملتان جي پسگردائيءَ ۾ آيو. سلطان انهن جي دفع ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو ته مغلن جو لشڪر جنگ کانسواءِ موٽي ويو ۽ سلطان پڻ واپس آيو.

چون ٿا ته ناصر الدين سال ۾ ٻه قرآن شريف لکندو هو ۽ انهن جي قيمت پنهنجي خاص گذاران تي خرچ ڪندو هو. هڪ دفعي اهڙو اتفاق ٿيو، جو هڪڙي امير بادشاهه جو لکيل قرآن شريف زياده بها سان خريد ڪيو. بادشاهه کي هن حقيقت جي خبر پيئي ته اها ڳالهه کيس نه وڻي، ۽ حڪم ڪيائين ته هن کان پوءِ منهنجو لکيل (قرآن شريف) مخفي طور رواجي قيمت ۾ وڪيو وڃي، هيءُ پڻ روايت آهي ته بادشاهه پنهنجي بيبيءَ کان سواءِ جا سندس لاءِ کاڌو تيار ڪندي هئي. ٻي ڪابه نوڪرياڻي يا ٻانهي نه رکندو هو. هڪڙي ڏينهن هن بادشاهه کي چيو ته ماني پچائڻ ڪري منهنجي هٿن ۾ هميشه درد رهي ٿو، جيڪڏهن توهان ڪا اهڙي ٻانهي خريد ڪندا، جا ماني پچائيندي رهي ته ڪو به قصور ڪونه ٿيندو. سلطان جواب ۾ فرمايو ته بيت المال خدا جي بندن جو حق آهي، مون کي انهيءَ مان ڪنهن به ٻانهي خريد ڪرڻ جو ڪوبه حق نه آهي، صبر ڪر ته خدا وند تعالى توکي آخرت ۾ جزائي خير ڏئي.

”جهان خوابيست بيش چشم بيدار

بخوابي دل نه بندد مرد هوشيا.“

[جهان هڪ خواب آ، لئه چشم بيدار

نه رکندو خواب سان دل مرد هوشيار.]

سن 663هه ۾ سلطان ناصر الدين بيمار ٿيو ۽ 11 جمادي الاول سن 664 هه ۾ دنيا کان آخرت ڏانهن انتقال ڪيائين. سندس اولاد مان ڪوبه ڪونه هو. سندس بادشاهيءَ جي مدت اڻويهه سال ٽي مهينا ۽ ڪي ڏينهن هئي.


[1]   اصل ۾ ”بني تميم“ آهي پر اسان جي نظر صحيح ”بن تميم“ آهي جئين اسان سنڌي ترجمي ۾ لکيو آهي. (مترجم)

[2]   حاجب جو عام طور سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪوٽوال ڪيو ويندو آهي، پر در حقيقت حاجب جو درجو ڪوٽوال کان گهڻو مٿي آهي. اڄ ڪلهه جي اصطلاح ۾ جيڪڏهن سندس ترجمو پوليس آفيسر ڪجي ته موزون ٿيندو، ڇاڪاڻ ته اسلامي حڪومت ۾ حاجب جا فرائض پوليس آفيسر جي فرائض جهڙا هوندا آهن. انگريزيءَ ۾ حاجب جو ترجمو هيئن ڪيو ويو آهي.

“Chamberlaim Doorkeeper a minister of state aporter a cutain” (Persian English Dictrionary by Staingass).

(مترجم)

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org