هن کانپوءِ وري سندس احوال ڪونه ٿو ٿئي. فقط
”تريپوليه دروازي“ تي جيڪو ڪتبو آهي، تنهن مان
هيترو معلوم ٿئي ٿو ته هو سن 1014هه ۾ رياست جئپور
۾ هو.
انهيءَ زماني ۾ اربع ڏينهن ترهين جمادي الاآخر (تشرين اول سن 1605ع) سندس مربي اڪبر بادگھاهه گذاري ويو، ۽
جهانگير بادشاهه سندس خدمتن جي قدر داني ڪري، کيس
سن 1015هه ۾ ”امين الملڪ“ جي عهدي تي مقرر فرمائي
بکر موڪليو.
سندس تصنيفات:
مير معصوم جامع ۽ متفنن طبع جو مالڪ هو، هو هڪ بهادر ۽ بيباڪ سولجر هجڻ سان
گڏ (1) هڪ ماهر طبيب، جهانديده سيلاني، خوشخط ڪتبه
نويس، برجستو شاعر ۽ ايماندار تاريخ نويس هو. هو
هر فن ۾ پنهنجو يادگار ڇڏي ويو آهي:
(الف) طب ۾ ٻه ڪتاب لکيائين: ”طب – نامي“ جنهن جو
هڪڙو نسخو سيد منور علي معصوميءَ وٽ موجود آهي،
جنهن ۾ 85 صفحا آهن : (2) ”مفردات معصومي“ جنهن جا
ڪي جزا روهڙي ميونسپالٽيءَ جي ميمبر شيخ عبدالرحيم
وٽ موجود آهن.
(ب) مير معصوم هڪ شيرين ڪلام شار هو. ”نامي“ تخلص ڪندو هو. ملا عبدالقادر بدايوني (3، ص - 36) چوي
ٿو ”سليقه درست درشعر و معما وطبع بلند و فطرت
عالي دارد“ (شعر ۽ معما جي فن ۾ صحيح سليقي، طبع
بلند ۽ اعلى درجي جي فطرت جو مالڪ آهي.) سيد منور
علي شاهه معصوميءَ وٽ سندس ديوان جو نسخو موجود
آهي. هن ديوان جو نسخو سيد علي محمد شاهه راشديءَ
وٽ پڻ موجود آهي، جو هن پنهنجي قلم سان مٿئين نسخي
تان ڪاپي ڪيو آهي. هن ديوان ۾ ڪنهن جي مدح ۾ چيل
ڪوبه قصدو موجود نه آهي، جنهن مان معلوم ٿو ٿئي ته
مير معصوم جي بلند فطرت کي ڪنهن به انسان جي مدح
گوارا نه هئي، ڇاڪاڻ ته مدح ۾ عموماً ناجائز
مبالغو ڪرڻو ۽ ڪوڙ ڪٽڻا پوندا آهن. ڊاڪٽر
دائودپوٽي صاحب مير معصوم جي تاريخ جي مقدمي ۾،
جتي مير معصوم جو احوال ڏنو آهي، اتي ”ديوان نامي“
مان گهڻائي شعر نقل ڪيا آهن. اسان ناظرين جي تفريح
لاءِ ڪي ٿورا شعر هتي ڏيون ٿا. ”ديوان نامي“ هن
غزل سان شروع ٿئي ٿو:
باد از ابتدائي سخن تا به انتها
صلوات بر روان، روان بخش مصطفى
گاهي و عيدش آيت اني آنا العزيز
گاهي کند بمرده استبشروا ندا
زان روکه شد غبار درت بادرا نصيب
اني وجدت قرت عيني من الصبح
”نامي“ که در هوا ئي تو خواهد سپرد جان
در هر دکون وصل تومي خواهد ا خدا
پنهنجي پيريءَ متعلق چوي ٿو:
باد خزان و زيد فرو ريخت نو بهار
عمر عزيز رفت نه کرديم هيچ
کُار
پيري رسيد دور جواني گذشت هيچ
غفلت نه شدت گم از دل آلوده روزگار
تاج غرور برسرو در بر قبائي ناز
دامن کشان بجيفئه دنيا در افتخار
بار امل بگر دن کار، عمل خراب
بيچاره آدمي که گرفتار ڪاروبار
مير معصوم جون هيٺيون ٻه ربايون ڪتاب ”نشتر عشق“ ۾
قلمبند ٿيل آهن.
رباعي -1
نامي زغم فراق محزون مي گشت
درباد يه که باد مجنون مي گشت
خورشيد اگر پائي نهادي آنجا
سرتا بقدم آبله و خون مي گشت
رباعي – 2
درعشق بتان مشق جنون بايد کرد
جان را بفراق رهنمون بايد کرد
چون شيشه پرز خون بايد شد
وانگه زرده ديده برون بايد کرد
تنهن کانسواءِ ”نظاميءَ“ جي ”پنج گنج“ جي تتبع ۾
پنج مثنويون پڻ ”خمسه“ جي نالي سان ٺاهيون هئائين،
جي سن 1013هه ۾ جوڙي تيار ڪيائين، انهن مان جيڪا
مثنوي ”هفت پيڪر“ جي مقابلي ۾ ٺاهيائين، تنهن جو
نالو اڄ تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي، باقي چئن
مثنوين جا نالا هيٺين طرح آهن:
1.
معدن الافڪار
مطابق
مخزن الاسرار
2.
حسن و ناز
مطابق
خسرو شيرين
3.
اڪبر نامه
مطابق
سڪندر نامه
4.
پري صورت
مطابق
ليلى مجنون
نهايت افسوس آهي جو هي سڀ مثنويون هن وقت ناياب
آهن.
(ج) مير معصوم کي پنهنجي وقت جي معتبر تاريخ نويسن
مان شمار ڪيو ويو آهي: جيئن ته ماثر الامرا ۽
طبقات اڪبريءَ جي مصنفن کيس تاريخ نويسيءَ جي فن ۾
يگانئه روزگار تسليم ڪيو آهي، پر مير معصوم جي وقت
اسان جي بحث هيٺ آهي، تنهن مان ڪا مير صاحب جي
تاريخي قابليت ۽ يگاني معلوم ڪانه ٿي ٿئي. سجھي
تاريخ ۾ صرف ٽن تاريخي ڪتابن جا حوالا ڏنا اٿس:
”تاريخ مرآت الجنان“، ”تاريخ گزيده“ ۽ ”چچ نامه“،
گوياڪ ٻيون سڀ تاريخون يا ته مير معصوم جي نظر مان
ئي ڪونه گذريون آهن يا ته انهن تي اعتماد نه ڪري،
جھاڻي واڻي انهن کي نظر انداز ڪري ڇڏيو اٿس ۽
تاريخ معصوميءَ جو سڄو مواد پنهنجي يادگيريءَ مان
لڳندو ويو آهي، جنهن ڪري کانئس ڪيتريون تاريخي
غلطيون سرزد ٿينديون رهيون آهن. مثلاً: برهمڻ
گهراڻي جي بيان ۾ چچ کان پوءِ سندس ڀاءُ چندر کي،
جنهن قريب اٺ سال حڪومت ڪئي، وچان ڪڍي هڪدم سندس
پٽ ڏاهر کي تخت تي وهاريو اٿس. محمد بن قاسم جي
سنڌ تي حملي جي سلسلي ۾ پڻ ڏاڍي گڙ ٻڙ ڪئي اٿس.
مثلاً : سندس خيال ۾ محمد بن قاسم پهريائين نيرون
ڪوٽ کي گهيرو ڪيو. تنهن کانپوءِ ديبل تي ڪاهي وڃي
مسلمان قيدين کي آزاد ڪرايائين. حالانڪه خود چچ
نامه يا ٻين عربي تاريخن جهڙوڪ: فتوح البلدان ۽
تاريخ يعقوبي مطابق محمد بن قاسم پهريائين ديبل
وٺي، پوءِ نيرون ڪوٽ تي چڙهائي ڪئي هئي. هوڏانهن
هن نوجوان فاتح جي وفات جو حادثو حرف بحرفه چچ
نامه تان نقل ڪري کڻي رکيو اٿس، جو بلڪل غلط ۽
تاريخي حقيقتن جي بر خلاف آهي، جيڪڏهن مير صاحب
ٿوري تڪليف وٺي بلاڌريءَ جي، فتوح البلدان يا
يعقوبيءَ جي ڪجهه ورق گرداني ڪري ها ته ههڙي فاش
غلطيءَ جو مرتڪب ٿيڻو نه پويس ها.
هيءَ ته هئي گذريل وقت جي تاريخ، پر مير معصوم ته
خود پنهنجي وقت جا چشمديد واقعا به ڇڏي ويو آهي ۽
پنهنجي تاريخ ۾ انهن جو ذڪر ڪونه ڪيو اٿس: مثلاً:
نظام الدين چشتي ۽ ماثرالامرا جو مصنف ملا
عبدالباقي نهاوندي ٻڌائن ٿا ته ”نصرپور جي نزديڪ
بوهريءَ وٽ، خان خانان جي جاني بيگ کي گهيري وقت،
خان خانان جي لشڪر ۾ اهڙو ته اچي ڏڪار پيو هو جو
اڪبر بادشاهه کي، رائسنگ جي هٿان ٻه لک پنجاهه
هزار رپيا روڪ، هڪ لک مڻ اناج، ڪجهه وڏيون توبون ۽
ڪي ئي توبچي مدد ۾ موڪلڻا پيا هئا“ پر مير معصوم
پنهنجي تاريخ ۾ اهڙي اهم واقعي ڏانهن ڪوبه اشارو
نه ڪيو آهي.
هن سڄي خردبرد جو سبب ائين ٿو معلوم ٿئي، ته مير
معصوم جي پيرسني ۽ عديم الفرصتي آهي، ڇاڪاڻ ته هن
هيءَ تاريخ 65 ورهين جي ڄمار ۾ لکي آهي، تنهن
هوندي به هيءُ ڪتاب خاص خوبين کان خالي نه آهي، جن
جو ذڪر هيٺ ڪريون ٿا:
تاريخ معصوميءَ جي اهميت، ان جي تاليف جو سبب ۽ تاريخ
مير معصوم ڪٿي به پنهنجي هن ڪتاب جي تصنيف جي
تاريخ ڪانه ڏني آهي. البت ص 124 تي جتي مرزا شاهه
بيگ هٿان بکر جي قلعي جي مرمت جو بيان ڪيو اٿس،
اتي چوي ٿو ”تا اين زمان که سن تسع والف ست همان
قلعه موجود ست“ [هن وقت تائين، جو سن 1009هه آهي،
اهو قلعو موجود آهي.] جنهن مان نتيجو وٺي سگهجي
ٿو، ته هيءُ تاريخ سن 1009هه جي لڳ ڀڳ لڳي وئي
آهي.
هن تاريخ جي لکڻ جو سبب مير معصوم خود پاڻ واضح
ڪيو آهي، هو پنهنجي ڪتاب جي منڍ ۾ چوي ٿو ته هن
هيءُ ڪتاب پنهنجي پٽ مير بزرگ لاءِ لکيو آهي ته هو
گذري ويلن جو احوال پڙهي عربت وٺي ۽ هنن جي چڱن
اخلاقن جي پيروي ۽ برين عادتن کان پاسو ڪري.
قدامت جي لحاظ کان تاريخ معصوميءَ، چچ نامه کان
پوءِ پهريون ڪتاب آهي، جو سنڌ جي تاريخ بابت
دستياب ٿي سگهيو آهي. تاريخ طاهري، بيگلارنامه،
ارغون نامه، ترخان نامه ۽ تحفطاهري، بيگلارنامه،
ارغون نامه، ترخان نامه ۽ تحفةالڪرام وغيره، جي هن
کان پوءِ ٺاهيا ويا آهن، سي سڀ هن ڪتاب جا خوشه
چين آهن ۽ اهو ڪتاب ئي سندن معلومات جو ذريعو آهي.
ماثر رحيميءَ جو مصنف، سنڌ جي حاڪمن جو ذڪر ڪرڻ
وقت، تاريخ معصوميءَ تي اعتبار ڪري ٿو، ۽ هن باري
۾، طبقات اڪبريءَ تي هن ڪتاب کي ترجيح ڏئي ٿو.
تاريخ معصوميءَ جو آخري حصو، جنهن ۾ سلطان محمود
خان جو احوال ۽ سنڌ جي ڏاکڻي ڀاڱي جي، خان خانان
هٿان فتح ٿيڻ جو بيان آهي، سو نهايت قابل اعتماد
آهي، ڇاڪاڻ ته اڪثر واقعا مؤلف جا اکين ڏٺا آهن ۽
پاڻ انهن ۾ شريڪ رهيو آهي. سلطان محمود خان بکريءَ
جو بيان اهڙو تفصيلوار سن ڏيئي لکيو اٿس، جو ائين
پيو ڀانئجي ته مصنف سندس دربار جو نامه نگار هو،
ٻيو ڪو مؤرخ ايترو اونهو وڃي نه سگهي ها.
ازانسواءِ مرزا شاهه حسن، مرزا عيسى خان ۽ سلطان
محمود خان جي احوال ختم ٿيڻ کان پوءِ، منجهائن هر
هڪ وقت جي عالمن ۽ فاضلن جو جيڪو بيان ڪيو اٿس، سو
نهايت قيمتي آهي، جيڪڏهن مير معصوم هن طرف توجهه
نه ڪري ها ته اجھ هنن بزرگن جو نالو نشان گم ٿي
وڃي ها.
پڻ ڪتاب جي عبارت نهايت سليس، صاف، شسته ۽ مشڪل
استعارن ۽ تشبيهن کان پاڪ آهي، جنهنڪري فارسي
انشاءَ ۽ عبارت جي لحاظ کان هيءُ تاريخ ٻين تاريخن
۾ ممتاز آهي.
مطلب ته هنن سڀني ڳالهين جي بناءِ تي تاريخ معصومي
هڪ تاريخي خزانو آهي، جو اڄ تائين پنهنجي ملڪي
زبان ۾ شايع نه ٿيو هو، ۽ خدا خير جي جزا عطا ڪري
سنڌ جي حڪومت کي جنهن سنڌي ادبي بورڊ کي وجود ۾
آڻي، ههڙن ناياب خزانن کي سنڌي زبان ۾ شايع ڪرڻ جو
انتظام ڪيو.
مير معصوم جا اخلاق:
مير معصوم ڏاڍو زاهد ۽ متقي ماڻهو هو. سندس همت جي
بلندي ۽ سخاوت هن حد کي پهتل هئي، جو هندستان مان
بکر جي عامي ۽ رواجي ماڻهن کي به سوکڙيون موڪليندو
هو ۽ شهر جي ننڍن وڏن لاءِ سالانا، ماهانا،
روزينا، فصلانا ۽ جمعگيون (اها رقم جا سڀ ڪنهن
جمعي تي پهچائجي) مقرر ٿيل هئس، پر جڏهن پويون
دفعو وطن موٽي آيو، تڏهن ماڻهن سان اهو سهڻو سلوڪ
ڪونه رکيائين ۽ ڪنهن سبب ڪري ماڻهو کانئس ڏکوئجي
پيا، سندس حڪم هوندو هو ته سڀ ڪنهن جاگير جي
ايراضيءَ ۾ شڪار لاءِ جهنگل جو ٽڪرو ضرور ڇڏيو
وڃي.
مير معصوم جي وفات:
مير معصوم جي سال وفات متعلق پوين تاريخ نويسن ۾
اختلاف آهي. هڪڙا مؤرخ سندس مزار لکيل ڪتبي:
مير معصوم آن شهه برج شرف
آفتاب شرع دين فخر زمن
روز جمعه سادس ذوالحج گشت
عازم جنت بامر ذوالمنن
سال فوتش از خرد جستم بگفت
”بودنامي صاحب ملڪ سخن“
جي آخري مصرح ”بودنامي صاحب ملڪ سخن“ جي آڌار تي
سندس وفات جو سن 1014ع مقرر ڪن ٿا. ڇاڪاڻ ته
انهيءَ مصرع جا جيڪڏهن ابجد جي حساب موجب انگ جمع
ڪبا ته 1014ٿيندا. ٻيا وري ماثر الامرا جي قول
”درسنه يکهزار و پائزده از بارگاهه جنت مکاني
بعنوان امين الملکي به بکهر رفته که وديعت حيات
سپرد“ [سن 1015هه ۾ جنت مڪان (جهانگير بادشاهه) جي
درگاهه مان ”امين الملڪ“ جو عهدو وٺي بکر ويو ۽
وڃي وفات ڪيائين] جي تقليد ۾ سندس لاڏاڻي جو سال
1015هه ٺهرائين ٿا، پر انهن وٽ مزار واري ڪتبي جو
ڪوبه جواب ڪونه آهي. ڊاڪٽر دائودپوٽي صاحب هنن
ٻنهي قولن ۾ هن طرح تطبيق ڏياري آهي ته ”بودنامي
صاحب ملڪ سخن“ دراصل ”بوده نامي صاحب ملڪ سخن“
هوندو. يعني اصل مصرح ۾ ”ه“ وڌيڪ هوندي جا ڪنهن
سبب کان مزار تي اڪيرجڻ کان رهجي وئي آهي. ائين
فرض ڪرڻ سان 1014هه ۾ پنج عدد ٻيا به وڌيڪ پوندا ۽
جملي عدد 1019هه ٿي پوندا، جو مير معصوم جي وفات
جو سال آهي. پنجاب يونيورسٽيءَ جو پروفيسر محمد
شفيع پڻ ”روز روشن“ جي حوالي جي بنا تي ڊاڪٽر صاحب
جي تائيد ڪري ٿو. اسان جي خيال ۾ پڻ اها راءِ
زياده وزندار آهي.
مير معصوم جا آثار:
جيئن مٿي گذري آيو، مير معصوم جا نيڪ آثار ڪتبن جي
صورت ۾ سڄي هندستان بلڪ افغانستان تائين پکڙيل
آهن، جن مان گهڻن جو ذڪر ڊاڪٽر دائودپوٽي صاحب
تاريخ معصوميءَ جي مقدمي ۾ ڪيو آهي. مير معصوم جي
ذوق طبع جي شاهدي ”ذخيرت الخوانين“ جو مصنف اجهو
هن طرح ٿو ڏئي: ابروان، نخشوان، تبريز ۽ اصفهان
کان وٺي، قنڌار، ڪابل، ڪشمير، هندستان ۽ دکن
تائين، جتي به ويو ته اتي پنهنجا شعر لکي پٿرن تي
اڪيرائي، يادگار قائم ڪيائين، جهڙوڪ: اڪبر آباد
جو دروازو، فتح پور، سڪريءَ جي مسجد وغيره، عمارتن
جو تمام گهڻو شوق هوس، گهڻين جاين تي مسجدون،
مسافر خانا، رباطون، پليون ۽ کوهه ٺهرايائين.
خصوصاً پنهنجي شهر بکر کي، جو سندس رهڻ جي جاءِ
هو. ڏاڍين عاليشا عمارتن، ڦردار درختن وغيره سان
تمام گهڻو سينگاريو اٿس. سنڌو نديء، جا بکر جي
قلعي جي چوڌاري پيئي وهي، تنهن جي وچ ۾ ”سيتاسر“
نالي هڪ عمارت ٺهرائي هئائين، جنهن جهڙي روءِ زمين
تي ٻي عمارت ڪانهي. هن جي تاريخ ”گنبذ دريائي“ مان
ڪڍي اٿس، پنهنجو قبرستان سنڌو نديءَ جي ڪناري تي
هڪڙيءَ ٽڪريءَ جي مٿان، جنهن جي هيٺان باغات آهي،
اهڙو ته عجيب ٺاهيو اٿس، جنهن جهڙو ڪم ڪٿي ڪونه ٿو
ڏسائي. پهريائين هڪ منازو آهي، جنهن جي اڳيان
دهليءَ ۽ مانڊوا جا منارا هڪ پٿر جي برابر آهن. هن
جو هڪ حصو پڪين سرن جو ٺهيل آهي، پر ائين پيو ڏسجي
گويا ڪا پلٽ ڪري ٺاهيو ويو آهي. پنهنجي پيءَ ۽
ڀائرن جا مقبرا انهي جي ڀر ۾ تيار ڪرايا اٿس. ۽
انهيءَ قبي ۾ پنهنجي قبر تي اهڙيون آيتون ۽ حديثون
جيڪي مغرفت تي دلالت ڪن ٿيون، ڪتبي جي صورت ۾
اڪيرايون اٿس. پنهنجي قبر جي لوڙهه تي الله تعالى
جا نانوي نالا پڻ لکايا اٿس. هن عمارت کي سٺ سال
گذري چڪا آهن. مگر انهن ۾ ڪوبه نقصان ظاهر نه ٿيو
آهي. (ورق 66)
هن شهادت نقل ڪرڻ کانپوءِ اسان هت مير معصوم جي
فقط انهن آثارن جو مختصر ذڪر ڪريون ٿا، جي سندس
وطن بکر ۽ ان جي آس پاس آهن:
|