ايتري ۾ بادشاهه جي غيرت واري رڳ جنبش ۾ آئي، ڇاڪاڻ ته جڏهن
بادشاهي بخت جي هماءَ لاهور جي تختگاهه تي پنهنجي
منزل جو پاڇو وڌو، تڏهن مرزا جاني بيگ مرزا شاهه
حسن جي دستور جي پروي ڪري اطاعت جا فرض بجاءِ نه
آندا، بلڪ خود مختياريءَ جو دم هڻڻ لڳو، تنهن ڪري
نواب خان خانان کي ٺٽي جي فتح ۽ بلوچن جي بندوبست
لاءِ مقرر ڪيائون، جنهن ساڳي سال جي 22 شوال خريف
جي وچ ڌاري بکر ۾ [250] قدم رکي، ڪاروبار ۽ ضروري
امور سنڀاليا، انهن ئي ڏينهن ۾ تاريخ جي جوڙيندڙ
فقير (مير محمد معصوم) به گجرات کان اچي ملازمت جو
شرف حاصل ڪيو ۽ سهڻي اتفاق سان والده به ڪجهه
تحفو موڪليو هو سو به سندن نظر انور هيٺ آندم.
حضرت ڪمال توجهه ۽ مهربانيءَ کان پڇيو ته توهان کي
والده کان جدا ٿئي گهنا سال ٿيا آهن. عرض ڪيم ته
اٽڪل ويهه سال ٿي ويا هوندا، تنهن کان پوءِ عنايت
فرمائي [هن بدي لاءِ] حڪم ڪيائون ته پنهنجي والده
جي خدمت ۾ حاضر ٿي وري درگاهه جي ملازمت ۾ موٽي
اچي ۽ بخشي سندس جاگير کي ڪنهن ٻئي پرڳڻي سان
تبديل ڪن. اتي محمد
صادق خان واهر ڪري چيو ته جنهن صورت ۾ بکر ٿو وڃي
تنهن صورت ۾ جيڪڏهن سندس جاگيرون به انهيءَ پاسي
ڏانهن مقرر ٿينديون ته چڱو ٿيندو، حضرت فرمايو ته
بکر خان خانان جي جاگير مقرر ٿي چڪو آهي. نواب خان
خانان حاضر هو تنهن عرض ڪيو ته جيڪڏهن حضرت کين
بکر جي سرڪار مان جاگير عنايت ڪندو ته ٻانهي کي
قبول آهي ۽ ٻانهي کي انهيءَ جي عيوض ڪنهن ٻيءَ
جاءِ تان عنايت ٿئي. جنهن تي حضرت حڪم فرمايو ته
سندن جاگير بکر جي سرڪار مان ڏني وڃي. حڪم موجب
بخشين، درٻيلو، ڪاڪڙي ۽ چانڊوڪي، بنده لاءِ جاگير
طور مقرر ڪيو، جاگير مقرر ٿيڻ کان پوءِ حضرت نهايت
بنده پروري فرمائي، ٻيڙيءَ تي تشريف فرما ٿيو ۽
پنهنجي خاص پوستين سان سرفراز ڪري رخصت ڪيائون ۽
پنهنجي زبان الهام بيان سان فرمايائون. ”بنشين و
سفر کن که بغايت خوب است“ مطلب ته تاريخ 14 صفر سن
999هه تي بکر پهتس ۽ نواب خان خانان پڻ بکر تشريف
فرما ٿيو، جنهن صورت ۾ هوا گرم ۽ پاڻيءَ جي اٿل
هئي، تنهن ڪري ڪي ڏينهن بکر ۾ ترسيو ۽ لُڌي نڪرڻ
سان مؤلف کي بهادر خان، ملا محمود ۽ ٻين سان گڏي
رخصت ڏنائون.
جڏهن سيوهڻ ۾ پهتا سون ته نواب خان خانان پڻ پويان تشريف [251]
فرمائي اچي رسيو. سيوهڻ جا ماڻهو قلعي ۾ ٿي ويٺا.
نواب اميرن جي جماعت سان صلاح ڪئي ته ڇا ڪرڻ
گهرجي؟ جاني بيگ جي سر تي ٺٽي وڃون يا پهريائين
سيوهڻ جي مهم پوري ڪري، پوءِ اڳتي وڌون. سڀني
يڪراءِ ٿي فيصلو ڪيو ته سيوهڻ رستي تي آهي، اسان
جي ماڻهن ۽ ٻيڙين جو لنگهه اتان آهي، تنهن ڪري
بهتر ٿيندو ته سيوهڻ فتح ڪري پوءِ اڳتي وڌون. اهو
فيصلو ڪري درياءَ ٽپي، سيوهڻ جي چوڌاري مورچا
تقسيم ڪري، سرنگهه ٺاهڻ کي لڳي ويا. ايتري ۾ معلوم
ٿيو ته نواب جاني بيگ وڏو ڪٽڪ وٺيو ٺٽي کان جنگ
لاءِ اچي رهيو آهي. هيءَ خبر ٻڌڻ سان گهيرو ڇڏي
جاني بيگ ڏانهن متوجهه ٿيا. جاني بيگ هيءَ خبر ٻڌي
نصرپور جي مٿان درياءَ جي ڪناري تي بوهريءَ جي ڳوٺ
۾ قلعو بنائي محڪم ٿي ويٺو، خان خانان جڏهن انهيءَ
قلعي کان ڇهن ڪوهن تي پهتو، تڏهن جاني بيگ سئو ٻه
سئو جنگي غراب ۽ ٻيون گهڻيون ٻيڙيون خسرو خان ۽
ٻين اميرن سان ساڻ ڏيئي، خان خانان جي ڪئمپ ۽
بيڙين تي چاڙهي موڪليا، ۽ درياءَ جي ٻنهي ڪنارن تي
فوجون مقرر ڪيون، خان خانان پڻ ڪجهه لشڪر ڪناري تي
لاهي ڪئمپ کان
اڳڀرو درياءَ جي ڪناري تي توبن لاءِ پنجن ڇهن
جريبن جيتري زمين تي واريءَ ۾ ننڍڙو قلعي ٺهرائي،
محمد مقيم بخشيء، علي مردان ترمذي ۽ هن ڪتاب جي
مؤلف کي ڪن ٻين اميرن سان انهيءَ قلعڙي تي مقرر
ڪيو، ۽ اهو اهڙي هنڌ واقع هو، جو غورابن کي اتي
پهچي قلعي جي آڏو لنگهڻو ٿي پيو، ڇاڪاڻ ته درياءَ
جي پرئين ڪپ تي هڪ وڏو جهلو هو ۽ انهن کي مجبوراً
قلعي آڏو لنگهي ڪئمپ تائين پهچڻو هو. سچ پچ ته
اها صلح محمد مقيم معلوم ڪئي هئي ته توبن کي اڳتي
موڪلڻ مان اهو فائدو ٿيدو جو ڪئمپ کي ڪوبه ايذاءُ
نه پهچي سگهندو.
تاريخ..... شوال سن
999هه ۾ سج لڙڻ کان پوءِ غراب پهتا، ڏٺائون ته هڪ
طرف کان جهلو آهي ۽ ٻئي طرف ۾ قلعي سامهون بٺيون
آهن، لاچار بيهي رهيا، ٻنهي طرفن کان ٿوري توبن جي
جنگ ٿي [252] خانخانان راتو رات هڪ ٽولو ڪئمپ جي
سامهون درياءَ جي هن طرف ٽپايو. هوڏانهن جاني بيگ
جيڪو لشڪر مقرر ڪيو هو تن رات جو اچي ڪئمپ تي حملو
ڪيو، مگر جڏهن ته هتي نهايت دور انديشي ۽ احتياط
ٿيل هو تنهن ڪري ڪجهه نه ڪري سگهيا، صبح جو اهي
غراب ڪئمپ ڏانهن متوجهه ٿيا، ۽ هن قلعڙي مان جنهن
۾ توبون هيون، توبون ڇوڙڻ شروع ڪيائون، جيڪا به
توب مٿي ٿي ويئي، سا غراب کي لڳي وري انهيءَ لشڪر
کي وڃي ٿي لڳي، جو خانخانان درياءَ تان ٽپايو هو.
نيٺ توبن جا دهانا گهڻو هيٺ ڪيائون، جنهن ڪري توب
پهريائين غراب کان درياءَ جي اورئين طرف ٿي لڳي ۽
ائين ٿي ڏٺو ته پهريائين پاڻيءَ ۾ لڳي پوءِ ٽپو
کائي اَٺَ نَوَ ٻيڙيون ٿي ڀڳائين ۽ ڪي ماڻهو به ٿي
ماريائين، جيئن ته هن وٽ به غرابن لاءِ پورو
بندوبست هو، ۽ هر غراب ۾ واڍو مقرر هو، تنهن ڪري
نقصان پهتل غراب کي هڪدم تيار ٿي ڪيائون، انهيءَ
ڏينهن اهريءَ طرح جنگ ڪندا رهيا ۽ توب اندازي
ٿيندي رهي. پاڻيءَ جي هڪڙي طرف خان خانان جي لشڪر
۽ ٻئي طرف جهلو، تنهن ڪري غرابن کي مجبورن درياءَ
جي وچ مان اچڻو ٿي پيو، جنهن صورت ۾ پاڻي تکو هو،
تنهن ڪري کين اڍائن پهرن تائين ته ونجهه ڏيڻو ٿي
پيو، ۽ جنگ به ٿي ڪيائون، توب جي ڌڪ سان سندس گهڻا
ماڻهو قتل ٿي ٿيا. نيٺ محسوس ڪيائون ته هي قلعو
ٽپي نه سگهندا، ۽ سندن گهنا ماڻهو تلف ٿي رهيا
آهن، تنهن ڪري لاچار ڀڄي ويا. خان خانان جي غرابن
سندن پيڇو ڪيو، ۽ درياءَ جي ٻئي طرف کان مٿن لشڪر
حملو ڪيو، خسرو خان چڱي رداري ڪري رهيو هو، پنهنجو
غراب پٺيان رکي ٻين سڀني غرابن کي اڳيان ڪيو
هئائين، ڪجهه غراب جن ۾ فرنگي سپاهي ۽ ڪي ٻيا
سپاهي هئا، هٿ آيا، خسرو خان جي غراب کي بادشاهي
غراب وڃي پهتو هو، پر اوچتو بادشاهي غراب جي
داروءَ جي اسٽور کي باهه لڳي ۽ ڪجهه لشڪر انهيءَ
وچ ۾ سڙي ويو. [253] انهيءَ ڪري خسرو خان جو غراب
۽ ٻيا غراب نڪري ويا. سندن گهڻا ماڻهو قتل ٿيا ۽
وڏي فتح حاصل ٿي.
ٻئي ڏينهن ڪوچ ڪري جاني بيگ جي قلعي ڏانهن توجهه ڪيو ويو. هن
قلعو محڪم ٺاهيو هو ۽ قلعي اندر ڪجه جهلي جو ٽڪر
به هو، تنهن ڪري ان جو وٺڻ ڏاڍو مشڪل هو، جڏهن
گهيري کي گهڻا ڏينهن گذري ويا ۽ خان خانان ۽ اميرن
ڏٺو ته ڪجهه ڪري نٿو سگهجي، تڏهن هڪ رات چئني طرفن
کان قلعي تي حملو ڪيائون، پر جڏهن ته قلعو مضبوط
هو، تنهن ڪري ڪوبه فائدو نه ٿيو. هن کان پوءِ صلاح
ڪيائون ته اسان کي ٺٽي ملڪ ۾ پکڙجي وڃڻ گهرجي، ڪي
سيوهڻ وڃو، ته ڪي ٺٽي، ته ڪي بدين، ڪي فتح باغ ۽
ڪي جون ڏانهن، شاهه بيگ خان، شاهه گر قلعي تي وڃي،
جو شاهه قاسم خان ارغون ٺاهيو آهي. (انهيءَ صلاح
موجب) نواب خان خانان ٺٽي روانو ٿيو ۽ ٻيا فتح
باغ، بدين ۽ جون ڏانهن ويا. شاهه بيگ وڃي شاهه گر
قلعي کي گهيرو ڪيو، ۽ خان خانان جي ملازمن سيد
بهاؤالدين، بختيار بيگ، هن ڪتاب جي مؤلف، حسن علي
عرب، جان بيگ ۽ مقصود بيگ آغا سيوهڻ وڃي، سيوهڻ کي
گهيرو ڪيو. جڏهن قلعي وارن جو حال تنگ ٿيو، تڏهن
قلعي وارن جا خط جاني بيگ ڏانهن ويا ته”جيڪڏهن
اسان وٽ پهتا ته واهه واهه نه ته قلعو هٿان ويو.“
جاني بيگ ڏٺو ته قلعو هٿان وڃي ٿو، سو هڪدم سيوهڻ
ڏانهن متوجهه ٿيو، جڏهن ويهن ڪوهن تي پهتو تڏهن
اسان پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته ڇا ڪرڻ گهرجي. سڀني جي
راءِ ٿي ته جنگ ڪرڻ گهرجي، سو قلعي جو گهيرو ڇڏي
جاني بيت ڏي روانا ٿياسين، خان خانان، جاني بيگ
جي هن لشڪر ڏانهن وڃڻ جي خبر ٻڌي، پنهنجا ڪي امير
جهڙوڪ: محمد خان نيازي، بهادر خان ۽ سندس ملازم
ميان دولت خان کي سندن مدد لاءِ موڪليو، لڪيءَ کي
ويجهو پهتا هئاسون ته هيءَ جماعت پڻ اچي ملي، هي
ٻئي لشڪر گڏجي هڪ هزار ٻه سئو سوار ٿيا، جاني بيگ
جبل جي طرف [254] کان ڏهه هزار سوار، ڪيئي پيادا،
تير انداز ۽ درياءَ جي طرف کان غراب ۽ توبخانو ساڻ
وٺي تيار ٿي آيو. جڏهن ڇهن ڪوهن تي پهتو ته
خانخانان جي ماڻهن صلاح ڪئي ته جيڪڏهن اسان هت
ويهي رهنداسون ته هو اسان سان چئني طرفن کان جنگ
ڪندو، ڇاڻ سامهون تير اندازن جو لشڪر جبل جي
طرفان، غراب درياءَ جي طرفان ۽ سيوهڻ وارا پٺيان،
تنهن ڪري جاني بيگ سان اتي وڃي جنگ ڪرڻ مناسب
ڏٺيسون. اهو فيصلو ڪري ... تاريخ
فوجون تيار ڪري جاني بيگ ڏانهن روانا ٿياسون.
جاسوسن جاني بيگ کي ٻڌايو ته لشڪر اچي رهيو آهي،
پر جاني بيگ ڪنهن طرح قبول نه ڪيو ۽ چيائين ته اهي
ماڻهو آهن، گهڻا؟ کين ڪهڙي طاقت آهي جو اسان تي
هلان ڪري ايندا! اوچتو اسان جي لشڪر جي رئي ڏسڻ ۾
آين، اتي کيس لشڪر جي اچڻ جو يقين ٿيو، ۽ پنهنجو
لشڪر ٺيڪ ڪرڻ لڳو، منجهند جو ويجهو ٻنهي لشڪرن جو
ٽڪر ٿيو، جڏهن اسان جي مقدمي سان جنگ ٿي، تڏهن ڪي
ماڻهو طاقت نه ساري ڀڄي ويا، ۽ جاني بيگ جو لشڪر
پيڇو ڪري وچ وٽ پهتو، هاڻي جاني بيگ جي ماڻهن جون
ٽوليون ٽوليون ٿي پهتيون، ۽ جنگ ٿيندي رهي، ٽي _
چار دفعا سخت لڙائي لڳي، آخر جاني بيگ جي ماڻهن
شڪست کاڌي، جاني بيگ پاڻ ثابت قدم رکي ڏاڍي لڙائي
ڪئي، آخر جڏهن فائدو نه ٿيو، تڏهن ڀڄي ويو، ۽ سندس
گهڻا ماڻهو قتل ۽ قيد ٿيا، جاني بيگ جنگ جي ميدان
کان ويهه ڪوهه پري انڙ پور ۾ اچي هڪ قلعڙو ٺاهي
مضبوط ٿي ويٺو. بادشاهي خير خواهه اُتي به وڃي
پهتا ۽ محاصرو ڪيائون، ٿورن ڏينهن کان پوءِ نواب
خان خان پڻ پهچي مورچا تيارڪرايا. هر روز لڙائي ٿيندي، رهي ۽ ٻنهي طرفن کان
گهڻا ماڻهو ڪسندا رهيا، آخر مٽي پٽي قلعي ڏانهن
روانا ٿياسون ۽ مٽيءَ جا ڍير وڃي کاهيءَ سان لڳا.
جاني بيگ حاضر ٿي صلح لاءِ آماده ٿيو. [255] سندس
عرض جي هيءَ صورت هئي، ”مان ٽيهه غراب ۽ سيوهڻ جو
قلعو اوهان کي ڏيان ٿو، پاڻ ٺٽي ۾ پهچڻ کانپوءِ
اچي توهان سان ملاقات ڪندس.“ خان خانان اميرن کان
صلاح پڇي، ته سڀني يڪراءِ ٿي چيو ته اسان ڪم اچي
اڄ صبح تي پهچايو آهي، هاڻي جڏهن سندس حالت تنگ ٿي
آهي، تڏهن صلح ڪرڻ نه گهرجي ۽ اهو به اهتمال آهي،
ته ٺٽي پهچڻ تي جاني بيگ جي راءِ ڦري وڃي. خان
خانان چيو ته ”جيڪڏهن اسان قلعي کي چنبڙي پونداسون
ته هڪ ته ٻنهي طرفن کان ماڻهو قتل ٿيندا ٿا رهن ۽
ٻيو ته هنن جو اهل عيال پاڄين جي هٿ چڙهندو ۽
انهيءَ ۾ هن جي بي عزتي ٿيندي، تنهن ڪري اسان صلح
ٿا ڪريون ۽ پاڻ جهڙو پنج هزاري درجو (کيس) حضرت جي
خدمت مان وٺي ڏينداسون“ بيشڪ، سندس رايو صحيح هو،
جاني بيگ جي ايلچين اچي قول قرار ڪري، غراب آڻي
حوالي ڪيا، سيوهڻ ڏانهن پڻ قلعي ڏيڻ لاءِ ماڻهو
موڪليائين، ۽ پاڻ ٺٽي روانو ٿيو.
خان خانان آب ڪلانيءَ جي موسم سن ۾ گذاري، سياري
جي شروع ۾ ٺٽي متوجهه ٿيو. فتح باغ کي ويجها پهتا
هئاسون، ته جاني بيگ استقبال تي آيو ۽ خان خانان ۽
سندس وچ تي ملاقات ٿي ۽ ڏاڍي مزيدار صحبت حاصل ٿي.
جاني بيگ کي اتي ڇڏي خانخانان ٺٽي جي سير ڏانهن
متوجهه ٿيو، ٺٽي پهتو ته پويان جاني بيگ به آيو ۽
جيڪي وس ۾ هوس، سو اميرن ۽ لشڪر تي صرف ڪيائين ۽
ڏاڍيون صحبتون ڪيائون، اتان سمنڊ جي سير لاءِ
لاهري بندر ويا، جڏهن ته جاني بيگ کي ساڻ وٺي
درگاهه ۾ حاضر ٿيڻ جو حڪم آيو هو، تڏهن دولت خان ۽
خواجه مقيم کي ملڪ جي بندوبست لاءِ پنهنجو نائب
مقرر ڪري، اتان سڌو درگاهه معلى ڏانهن روانا ٿيا ۽
جاني بيگ کي پاڻ سان وٺي [256] يلغارون ڪندا ويا ۽
تاريخ....
پائبوسيءَ جي شرف سان مشرف ٿيا. خان خانان جي عيض
ڪرڻ تي حضرت جاني بيگ سان نهايت لطف ۽ مهربانيءَ
سان پيش آيو ۽ ٺٽي جو ملڪ سندس حوالي ڪيو ۽ جاني
بيگ حضرت جي خدمت ۾ رعايت ۽ اعتماد حاصل ڪري، پنج
هزاري منصب سان
سرفراز ٿيو. مٿس حضور جي ڏاڍي مهرباني ۽ توجهه
ٿيو. انهيءَ حد تائين جو خسرو شاهه کي سندس
داماديءَ لاءِ مقرر فرمايائون، جنهن وقت حضرت دکن
ڏانهن متوجهه هو ۽ احمد نگر ۽ قلعو اسير فتح ٿي
چڪا هئا، انهيءَ وقت جاني بيگ سرسام جي بيماريءَ ۾
27 رجب سن 1008هه ۾ گذاري ويو ۽ نواب غلاميءَ جي
عرض ڪرڻ تي ”ته ٺٽي جو ملڪ مرزا جاني بيگ جي پٽ
مرزا غازي بيگ جي حوالي ڪيو وڃي.“ حضرت انهيءَ کي
عطا ڪيو.
(هي ڪتاب) تاريخ 22 شعبان المعظم سن 1045هه
ناچيز فقير محمد رضا بن مرحوم دريائي بن داروغه
گهر رحمهه الله تعالى جي هٿان (لکجي) پورو ٿيو.
هرکه خواند دعا طمع دارم، زانکه من بنده گنهه گارم
گنهگار بندو آهيان عيبدار، دعا جو پڙهندڙ کان
اميدوار. [257]
توضيحات، تعليقات ۽ استدراڪات
نوٽ: هيٺ تعليقات ۾ ڄاڻايل صفحن جا حوالا ترجمي جي متن ۾ ڏنل
صفحن سان تعلق رکن ٿا، گهڻو حصو هاشيي جو تاريخ
معصومي جي مصحح ۽ محشي شمس العلماءِ ڊاڪٽر عمر بن
دائود پوٽي جي محنت جو نتيجو آهي. مترجم پنهنجا
نوٽ چورس ڏنگين ۾ رکيا آهن. حاشيي ع.م“ مان مراد
آهي، شمس العلماءِ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي
جا نوٽ،
ص3 . المنتسب: اسير ڳڙهه جي ڪتبي ۽ قنڌار جي محراب جي خيال کان ”اما“
(ماءُ جي پاران) جو لفظ هت وڌائڻ گهرجي.
ص 4: تاريخ گزيدهه ۾ لکيل آهي:
تاريخ گزيدهه جي اصل عبارت هن ريت آهي ”شش بار
هزار هزار دينار زر سرخ بران عمارت خرچ ڪرد“
(انهيءَ عمارت تي ڇهه دفعا هزار هزار سونيون
اشرفيون خرچ ڪيائين) ص 274 آنجهاني پروفيسر برائون
جي ڇپايل.)
ص 5: تاريخ آمرات الجنان:
شايع مصلح الدين لاريءَ جي جوڙيل
هن جي وفات سن 96هه جي جمادي الاول الخ: تاريخ
گزيده ص. 276 موجب وليد بن عبدالملڪ مهيني جمادي
الاخر سن 96هه جي وچ ڌاري وفات ڪئي. نَوَ سال ۽ اٺ
مهينا بادشاهي ڪيائين، سندس عمر 45 ورهيه هئي.
معصومي وليد جي تاريخ وفات ۽ عمر جي مدت ۾ ڀل ڪئي
آهي.
ص. 6 عبدالملڪ جي خلافت واري وقت ۾ الخ:
هيءَ پڻ حقيقت جي خلاف آهي، چچ نامي جي عبارت هن
طرح آهي: چون ٿا ته سرانديپ جي بادشاهه بواقيت جي
ٻيٽ مان حجاج لاءِ تحفا ۽ سوکڙيون جهڙوڪ: وڻندڙ
موت ۽ جواهر، حبشي غلام ۽ ٻانهيون ۽ ٻيا موزون ۽
بي مثل تحفا دارالخلافت ڏانهن موڪليا، جن سان گڏ
ڪيتريون مسلمان عورتون پڻ ڪعبي شريف جي زيارت ۽
دارالخلافت جي سير لاءِ روانيون ٿيون، قاذرون جي
حد ۾ پهچڻ تي مخالف هوا لڳي ۽ ٻيڙا توائي ڪري وڃي
ديول جي ڪناري تي ڪڍيائين، نڪامره نالي چورن جي
ٽولي، جي ديول ۾ رهندا هئا، اٺ ئي ٻيڙا پڪڙي ويا
الخ“[259]
ص. 6: ديول بندر وٽ جو هاڻي ٺٽي جي بندر ۽ لاهريءَ جي نالي سان
مشهور آهي:
ڪن مورخن جهڙوڪ: ابو الفضل (آئين اڪبري ص _ 556) ۽
سيد محمد طاهر نسياني (تاريخ طاهري ص – 21) ديول
بندر کي ٺٽي جي شهر سان منجهائي ڇڏيو آهي (ديول
بندر کي ٺٽي جو شهر سمجهي ويٺا آهن) مگر در حقيقت
ديول بندر ٺٽي جي شهر کان بالڪل علحدو هو، جيئن
مير معصوم وضاحت ڪئي آهي. تحفته الڪرام ۽ تاريخ
طاهريءَ جي عبارت سان پڻ هن حقيقت تي روشني پوي
ٿي. تاريخ طاهري جا تحفته الڪرام کان آڳاٽي آهي،
لاهريءَ بندر جو بيان هن طرح ڪري ٿي: (ص _ 157)
ٺٽي جي شهر ۽ بندر جي درميان خشڪي خواهه پاڻيءَ جي رستي ٻن
ڏينهن جو پنڌ آهي ۽ سمنڊ اتان کان هڪ منزل تي آهي،
ليڪن هڪ سنهو واهه، جنهن کي ٺٽي جا ماڻهو ”نارقي“
سڏين ٿا، اچي مذڪوره بندر جي هيٺان پهچي ٿو. ڪن
جاين کان اٽڪل ڏهه طنابون ۽ ڪٿان زيادهه ويڪرو ۽
اونهائي ۾ تانگهو آهي. درياءَ (۽ شهر) جي وچ تي
مياڻي نالي ڳوٺ کان سواءِ ٻي ڪا آبادي ڪانه آهي.“
هتان معلوم ٿو ٿئي ته لاهري بندر (ننگر) ٺٽي شهر کان تمام پري
هو، پر ڏينهن گذرڻ ڪري سمنڊ (يعني عمان يا بحر
عربي) هن کان هڪ منزل پري ٿي ويو هو.
تحفته الڪرام جو مصنف (ج – ص -199) مازندراني سيدن جي بيان ۾
لکي ٿو: ” سندن وڏو سيد بدر الدين مازندران مان
لڏڻ کان پوءِ شان وارين چائٺين زيارت جو
شرف حاصل ڪري سن 997هه ۾ عربي سمنڊ جي رستي ديول
بندر ۾ لهي ٺٽي ۾ ٽڪڻ لاءِ روانو ٿيو، (پر) ساڪري
پرڳڻي جي هالا ڳوٺ ۾ پهچڻ ... تي اتي ئي هميشه
لاءِ رهجي پيا.“
تحفته الڪرام جي هيءَ عبارت پڻ ديول يا لاهري بندر جي ٺٽي کان
پري هجڻ تي دليل آهي، ڪزنس
(Cousins)
پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جا ثار قديمه“ ۾ هن نظريي جي
تائيد ڪري ٿو. [260]
هاڻي اسان کي هن منجهائيندڙ مسئلي ڏانهن توجهه ڪرڻ گهرجي ته
ديول بندر ۽ لاهري بندر هڪ ئي هو يا ڌار ڌار،
يورپي سياح جيڪي پوين صدين ۾ سنڌ ملڪ ۾ آيا تن مان
ڪن سنڌ جي بندر کي ديول ۽ ڪن لاهري سڏيو آهي ۽
ڪنهن به ساڳئي وقت ٻن بندرن موجود هجڻ ڏانهن اشارو
نه ڪيو آهي. هن ڳالهه ڪن ماڻهن کي ڌوڪو ڏنو آهي ته
ديول ۽ لاهري ساڳي شيءِ آهي. ايبٽ
(Abbot)
پنهنجي تاليف ”سنڌ“ (ص _43-55) ۾ گهڻي بحث ڪرڻ
کانپوءِ به ڪنهن مفيد نتيجي تي ڪونه پهتو آهي ۽
(Haig)
پنهنجي ڪتاب
“The Indus Delta Country” (ص-68) ۾ لاهري بندر کي لوهراڻي ٺهرايو آهي، جيڪو
البيروني
“Alberuni’s India” (ص-205، 208، 260، 316) جي (تحقيق) موجب مهراڻ جي الهندي دهاني
تي بندر ديول کان 12 فرسخ (36 ميل) پري هو. بنده
جي گمان ۾ هيگ هن راءِ ۾ سچو آهي، عرب جا سياح ۽
تاريخ نويس جهڙوڪ: ابن خرداذ به (ڪتاب المسالڪ
والممالڪ ص – 62) ۽ اصطخري (ڪتاب : امسالڪ و
الممالڪ ص 157) ۽ مقدسي (احسن التقاسيم ص – 479) ۽
مسعودي (معروج الذهب ج 1، ص- 378() سڀئي متفق آهن
ته ديبل مهراڻ جي ڇوڙ جي الهندي طرف ۽ هن کان گهڻو
پري عربي سمنڊ جي ڪناري تي واقع آهي. مسعودي جي
عبارت هن طرح آهي: فاذا اجتاز جميع ماذ ڪرنا من
الانهار (اي الا نهار الخمست في بلاد فنجاب) ببلاد
فرج بيت الذهب و هو المولتان، اجتمعت بعد المولتان
والمنصوره في الموضع المعروف بد و شاب، فاذا انتهى
جميع ذالک الىمدينت الرور من غربها و هي من اعمال
المنصوره، سمي هنالک ”مهران“ ثم ينقسم قسمين و يصب
کلا القسمين من هذا الماءِ العظيم المعروف بهران
السند في مدينت شاکره من اعمال منصوره في البحر
الهندي و ذالک على مقدار يو مين من مدينه الديبل
[261]
(پوءِ جڏهن اهي سڀ درياءَ جن جو بيان ڪيوسون، (يعني پنجاب جا
پنج درياءَ ملتان جي حد ٽپي اڳتي وڌن ٿا، تڏهن
ملتان ۽ منصوري کان بعد دوشاب نالي هڪ جاءِ تي پاڻ
۾ گڏجن ٿا، پوءِ جڏهن اهي سڀ رور (اروڙ) جي شهر
وٽ، جو منصوري جي ضلعن مان هڪ ضلعو آهي، ان جي
الهندي طرف کان پهچن ٿا ته اتي کين ”مهراڻ“ جي
نالي سان سڏيو وڃي ٿو، جو پوءِ ٻن حصن ۾ ورهائجي
ٿو ۽ هن وڏي درياءَ، جو ”سنڌمهراڻ“ جي نالي سان
مشهور آهي، جا ٻئي حصا منصوري جي هڪ ضلعي شاڪرهه
(ساڪرهه) وٽ هندي سمنڊ (عربي سمنڊ) ۾ ڇوڙ ڪن ٿا ۽
اهو ديبل جي شهر کان ٻن ڏينهن جي پنڌ تي آهي.)
پوءِ مسعوديءَ جي (چوڻ) موجب ديبل ۽ مهراڻجي ڇوڙ جي وچ ۾ ٻن
ڏينهن جو پنڌ يا بيرونيءَ موجب ڻانهن فرسنگ (36
ميل) هوندو هو، تنهن ڪري جيڪڏهن شاڪرهه (هاڻي
ميرپور ساڪرهه) کي لاهري بندر يا لهراڻي مقرر
ڪنداسون ته پوءِ ديبل جو متعين ڪرڻ نهايت آسان ٿي
پوندو، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن سڌُ ڪبو ته ساڪرهه ۽ گسري
بندر جي وچ ۾ فاصلو اٽڪل 12 فرسنگ يا 36 ميل
ٿيندو. (انهيءَ ڪري) ديبل بندر جي جڳهه اتي فرض
ڪرڻ گهرجي. ايليٽ پڻ ديبل کي ڪراچيءَ جي ويجهو
مقرر ڪيو آهي، اگرچ انهيءَ ٻيا دليل پيش ڪيا آهن،
گسري بندر ۽ ڪلفٽن
(Clifton)
جي وچ ۾ عبدالله شاهه جو هڪ مقبرو آهي، جنهن لاءِ
عام ماڻهو چوندا آهن ته اسلامي لشڪر سان سنڌ فت
ڪرڻ لاءِ آيو هو، اها قر ضرور عبيدا: بن نبهان جي
آهي، ڇاڪاڻ ته بديل بن طهفه کان اڳ ۾ حجاج بن يوسف
انهيءَ کي ديبل فتح ڪرڻ لاءِ موڪليو هو. (بلاڌري
فتوح البلدان ص ص، 435، 36-436)
اسان جي ڪلام جو اهو خلاصو آهي، يوروپي لکندڙن پنهنجي گمان موجب
ڌُڪا هنيا آهن. هيگ ديبل جي جڳهه ساڪري جي ويجهو
”ڪاڪريڪيرهه“ جي دڙن وٽ مقرر ڪئي آهي. (مٿيون ڪتاب
ص ص، 46، 47) ليڪن قوي احتمال آهي ته اتي لاهري
بندر هو ۽ راورٽي
(Mihran of Sindh)
236، ص 317 حاشيه 486 ص 468) کي پير پٺي جي
نزديڪيءَ ۾ مقرر ڪيو آهي ۽ هن نظريي ۾ تحفته
الڪرام جي مصنف سان موافق آهي، ڇاڪاڻ ته هن ٻن ٽن
جاين تي (ج – ص ص، 247، 252) پير پٺي کي ديولي
سڏيو آهي ۽ ص 454 تي چوي ٿو: مخفي نه رهي ته لاهري
بندر جو آڳاٽي زماني ۾ ديبل بندر جي نالي سان
مشهور هو، سو هڪ عجيب شهر، ساداتن سڳورن ۽ وقت جي
ڀلارن جو سڪونت گاهه هو. هينئر ڪن سالن کان (يعني
1181 هه تصنيف تحفته الڪرام کان اڳ) شهر رهاڪن
سميت گم آهي، آباديءَ جو باقي بچيل حصو ڌاراجا جي
سامهون واري زمين ڏانهن لڏي ويو آهي.“
بهرحال هيءَ بحث ڊگهو آهي ۽ گهڻي تحقيق جو محتاج آهي، اسين هن
کي ٻئي موقعي لاءِ ڇڏيون ٿا ۽ پنهنجي ڪتاب ”سنڌ
تحت سيطرت العرب“ ۾ انهيءَ تي هڪ مبسوط مقالو
لکنداسون.
[262]
ص 8: دارالاخلافت کان حڪم صادر ٿيو _ الخ
: حجاج بن يوسف خليفي جي حڪم سان _هريون)محمد بن
قاسم کي نه موڪليو هو، بلڪه کانئس اڳ عبيدالله بن
نبهان ۽ بديل بن طهفه کي ديبل فتح ڪرڻ لاءِ موڪليو
هئائين، پر ٻئي شڪست کائي شهيد ٿي ويا. (بلا ذري،
طبع ليڊن، ص، 435) انهن جي شهادت کان پوءِ نجومين
جي صلاح سان محمد بن قاسم کي سنڌ جي فتح ڪرڻ لاءِ
مقرر ڪيائين.
ص 8 – الور: جا دڙا اڄ تائين روهڙيءَ جي ويجهو ظاهر آهن.
ص 12- کانئس پوءِ سندس وڏو پٽ ڏاهر جاءِ نشين ٿيو:
هتي مير معصوم اختصار خاطر چچ جي ڀاءُ چندر جو
نالو ڪڍي ڇڏيو آهي، جنهن چچ کان پوءِ ست سال حڪومت
ڪئي هئي.
ص16- برهمناباد: هن قديم شهر جا دڙا جن کي سنڌيءَ ۾ ڀانڀرا
چوندا آهن، اڄ تائين شهدادپور جي اڀرندي ۾ 8 ميل
پري حيدرآباد جي اتر اڀرندي طرف ۾ سٺ ميل جي پنڌ
تي (جمڙائو واهه جي اڀرندي يا کٻي ڪپ لڳ) موجود
آهي.
ص 21 – نيٺ اسلامي لشڪر گهوڙا هڪلي نيرون ڪوٽ جي قلعي جي ٻاهران
پهچي: هتي مير معصوم تاريخي سلسلي ۾ گڙ ٻڙ ڪئي آهي، چچنامه ۽ عربي تاريخن جهڙوڪ:
بلادري ۽ يعقوبي موجب مير محمد بن قاسم ابتدا ديبل
جي گهيري سان ڪئي ۽ ان جي فتح ۽ قيدين آزاد ڪرائڻ
کان بعد نيرون ڪوٽ تي ڪاهه ڪئي هئائين.
ص 21- ٽلٽيءَ جي سامهون درياءَ ٽپي – الخ:
خبر ناهي ته مير معصوم جي مائخذ ڪهڙي آهي، (آڳاٽي
زماني ۾ ٽلٽي سنڌو نديءَ جي ڪناري تي هئي ۽ پراڻي
شهر جا دڙا اڄ تائين ظاهر آهن، اڄ ڪلهه ماڻهو
بلاولپور جي پتڻ تان (263) لنگهندا آهن. بلا ذري ۽
چچنامه موجب محمد بن قاسم سيوستا جي فتح کانپوءِ
نيرون ڪوٽ ڏانهن موٽيو هو ۽ ان جي ويجهڙائيءَ ۾
اچي مهراڻ ندي ٽپيو هو. (بلاڌري ص 438) پر يعقوبي
جي روايت ٿورو گهڻو مير معصوم جي تائيد ڪري ٿي،
ڇاڪاڻ ته انهيءَ موجب فعبر [محمد بن قاسم] نهر
السند و هو دون ”مهراڻ“ وسار الى ”سعبان“ ففتحهاثم
سار نحوشط ”مهران“ فلما بلغ ”داهر“ ملڪ السند
مڪانه وجه اليه جيشا عظيما“ (پوءِ محمد بن قاسم
سنڌ جو درياءَ، جو مهراڻ کان ننڍو آهي، ٽپي سعبان
(سيوهڻ) ڏانهن ويو ۽ انهيءَ کي فتح ڪري مهراڻ جي
ڪناري ڏانهن هليو. سنڌ جي بادشاهه ڏاهر کي جڏهن
سندس اچڻ جي خبر پيئي، تڏهن هن جي سامهون هڪ وڏو
لشڪر موڪليائين.) هن روايت مان ظاهر ٿو ٿئي ته
محمد بن قاسم سيوهڻ جي قريب ٽلٽيءَ جي سامهون
درياءُ ٽپيو هوندو. لٿي پٿي مير معصوم جيڪو رستو
بيان ڪيو آهي، سو وڌيڪ فطري آهي.
ص 23 – گچيري ڍنڍ:
هن لفظ کي ”کيجري، کنجري، گچري، کجيري“ وغيره لکيو
اٿن. اسان جي گمان آهي ته جيڪڏهن محمد بن قاسم
ٽلٽيءَ جي سامهون سنڌ جو درياءَ ٽپيو هوندو ته
پوءِ ضروري انهيءَ جاءِ جي ويجهو ڇانوڻي هنئين
هوندائين، جا اڄ ڪلهه ”گچيري“ جي نالي سان مشهور
آهي، مون ٻڌو آهي ته هن شهر جي آسپاس آڳاٽي زماني
۾ هڪ ڍنچ هئي، جنهن جا نشان اڃا تائين ظاهر آهن،
پر جيئن چچنامه لکي ٿو ته محمد بن قاسم ”جهم“ جي
پتڻ وٽان دياءَ ٽپيو هو، ۽ ٻنهي ڌرين جو مقابلو
راور ۽ جيپور جي وچ ۾ هڪ خليج (نار) وٽ ٿيو هو،
تنهن مان نتيجو وٺي سگهجي ٿو ته جنهن ڪولاب
کنجريءَ ڏانهن مير معصوم اشارو ڪيو آهي، سو ڪينجهر
ڍنڍ کان سواءِ ٻيو ڪونهي. تحفته الڪرام، جلد، 3 ص،
181 ۾ چوي ٿو ته ”کولاب کنجر در قريب زمين سرند
رهه و جهم خليجي به تمام فضاست“ (ڪينجهر جي ڍنڍ
سونڊا ۽ جهم جي
ويجهو هڪ نهايت ڪشادي خليج (نار) آهي.)
ص 23 – رفيان
: اندازي مان معلوم ٿئي ٿو ته سيوهڻ ۽ درٻيلي جي
وچ ۾ ڪا جڳهه هئي (ڏسو متن صفحو 210، 226) راورٽي
پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جو مهراڻ ۽ ان جون شاخون“ (ص 240
جرنل انجمن همايون ايشيا ۽ بنگال سال 1892ع) ۾
ڪنجري ڍنڍ کي ”ڪنگري“ سان، جا روهڙيءَ جي ڏکڻ
الهندي ۾ آهي، جي مطابق ٺهرائي ۽ رفيان کي (264)
رافيان پڙهي ”رافي ديره“ جو ڪنگريءَ جي ڏکڻ الهندي
طرف آهي، ان کي هڪ سمجهي کلي غلطي ڪئي آهي.
ص 24- ٿريءَ جي آسپاس:
هن ٿريءَ کي اڄ ڪلهه ٿرڙي سڏين ٿا. هن جا دڙا
حيدرآباد ضلعي ۾ محبت ديري جي ويجهو موجود آهن، هي
سومرن جي تختگاهن مان هڪڙو هو، جيئن سندن احوال ۾
لکيل آهي.
ص 27 – اسڪندره : هن شهر کي پراڻو اُچ ٺهرايو اٿن. (ڏسو راورٽي: مهران
ص 244 – 255، حاشيو نمبر 192)
ص 29 – 31 محمد بن قاسم جي پڇاڙيءَ جي ڳالهه:
هيءَ سڄي ڳالهه چچنامه تي ٻڌل آهي، ۽ مير معصوم
ڪنهن به تحقيق ۽ ويچار کان سواءِ اها پنهنجي ڪتاب
۾ داخل ڪئي آهي، اسان هن ڳالهه جي ترديد سڀني
دليلن سان چچنامه جي حاشيي ۾ لکنداسون، هتي فقط
بلاڌري جي هيٺئين فقري نقل ڪرڻ تي اڪتفا ٿا ڪريون.
ماتات الوليد بن عبدالملک (96 هه) وولى سليمان بن عبدالملک،
فاستعمل صالح بن عبدالرحمان على خراج العراق، وولى
يزيد ابن ابي کبشته السکسکي السند، فحمل محمد بن
قاسم مقيدا مع معاويته بن المهلب... فحبسه صالح
بواسط... وعذبه في رجال من آل ابي عقيل حتى قتلهم،
و کان الحجاج قتل آدم اخا صالح و کان يرى رلي
الخوارج (فتوح البلدان ص 441)
(وليد بن عبدالملڪ جي مرڻ تي سليمان بن عبدالملڪ حاڪم ٿيو. هن
صالح بن عبدالرحمان کي عراق جي ڍل (وصول ڪرڻ) تي
مقرر ڪيو ۽ يزيد بن ابي ڪبشت سڪسڪيءَ کي سنڌ جو
حاڪم بنايو، جنهن محم دبن قاسم کي ٻيڙيون وجهي
معاويه بن مهلب سان ڏياري موڪليو، پوءِ صالح هن کي
واسط ۾ قيد رکيو ۽ ابي عقيل جي گهراڻي جي ٻين
آدمين سان گڏ، کيس عذاب ڏيئي، نيٺ سڀني کي قتل ڪري
ڇڏيائين، ۽ حجاج صالح جي ڀاءُ آدم کي قتل ڪيو هو،
ڇاڪاڻ ته هو خارجين جهڙا خيال رکندوهو.)
|