سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تاريخ معصُومي

باب؛ --

صفحو ؛ 13

جڏهن قلعي وارن کي سوڙهو گهٽيائون تڏهن مرزا شاهه حسن ٺٽي کان سن ۾ اچي کاهي کوٽي گهڻيون، ٻيڙيون گڏ ڪري منزل ڪري ويهي رهيو، ۽ مير عليڪ ارغون کي سيوستان تي مقرر ڪيائين. مير عليڪ ڪجهه لشڪر وٺي رات جو بادشاهي ڪئمپ ا۾ اچي سڌو بزار کان قلعي ڏانهن هليو ويو. هن جي قلعي ۾ پهچڻ کان پوءِ ڪئمپ جي ماڻهن معلوم ڪيو ته، مرزا شاهه حسن جا ماڻهو آهن، اڳ ۾ مطلق ڪنهن کي خبر ڪانه پيئي. حضرت جنت آشياني سرنگهه هڻڻ جو حڪم فرمايو. سرنگهه کانپوءِ برج (ٺلهه) جو هڪ ٽڪرو اڏامي ويو، پر قلعي وارن هڪدم ٻي ڀت ڪڍي ڇڏي. آخر حضرت جنت آشيانيءَ کي مهسوس ٿيو ته ارغونن جو انتظام مضبوط آهي ۽ قلعي فتح ڪرڻ جا هٿيار موجود نه آهن. نيٺ سيوستان جي محاصري کي ستن مهينن گذرڻ کان پوءِ مخالف هوا ۽ پاڻيءَ جي اٿل اچي ويئي. هوڏانهن مرزا شاهه حسن اناج جي اچڻ وڃڻ جا رستا بند ڪري ڇڏيا هئا، جنهن ڪري محاصري جي ڊيگهه، پاڻيءَ جي اٿل ۽ لشڪر گاهه ۾ اناج جي گهٽ پهچڻ ڪري اڪثر سپاهي ڀڄڻ لڳا ۽ مکيه ماڻهن مان مير طاهر صدر، خواجه ڪري اڪثر سپاهي ڀڄڻ لڳا ۽ مکيه ماڻهن مان مير طاهر صدر، خواجه غياث الدين جامي ۽ مولانا عبدالباقي ذڪر ميرزا شاهه حسن وٽ آيا. مرزا انهن کي نهايت عزت ۽ تعظيم سان ٺٽي موڪليو ۽ مير برڪ، مرزا حسن ۽ قاسم حسين سلطان مرزا يادگار ڏانهن روانا ٿيا، انهيءَ وچ ۾ بادشاهه کي خبر پيئي ته اهو ماڻهو مرزا کي لالچائي قنڌار نيئي رهيا آهن.

مرزا يادگار ناصر جڏهن بکر جي آسپاس هو تڏهن بکر جي قلعي جا ماڻهو ٻه دفعا ٻاهر نڪري اوچتو يادگار ناصر مرزا تي ڪاهي آيا ۽ محمد قلي قابوچي، شير دل بيگ ۽ ٻين ڪن ماڻهن کي ڦٽيائون ۽ قتل ڪيائون. هيءَ لڙائي ڪوڪ ترخان، محمود جي ڀاءُ امير بيگ، دوست محمد، هندو علي ڪابلي ۽ جوهره جي سرڪردگيءَ هيٺ ٿي هئي. ٽيون ڀيرو پڻ قلعي جا ماڻهو بهادريءَ سان نڪري روهڙيءَ جي ڪناري واريءَ زمين جي [173] واريءَ تي اچي وڙهيا. هن دفعي مرزا خود سوار ٿي چڱي اڳرائي ڪئي، جنهن ڪري قلعي جا ماڻهو ڀڄڻ لڳا، ڪن پاڻ کي درياه ۾ اڇلايو ۽ ڪي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ٻيڙي ڇوڙي ويا ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ مرزا شاهه حسن يادگار ناصر مرزا ڏانهن امير قلي مهردار موڪلي، دوستيءَ جو سلسلو چوري، ظاهر ڪيو ته ”مان ٻڍو ٿيو آهيان، ۽ ڪو فرزند ڪو نه اٿم، پنهنجي نياڻي اوهان سان منڱايان ٿو، ۽ جيئن ته منهنجي حياتيءَ مان باقي ڪي ڏينهن رهيا آهن، تنهن ڪري هيءُ ملڪ جنهن جو مون سان تعلق آهي، سو توهان جي ملڪيت آهي ۽ توهان کي گهڻائي خزانا ڏيان ٿو ۽ گجرات جو ملڪ پڻ گڏجي فتح ڪيو ويندو.“ مطلب ته يادگار ناصر مرزا، مرزا شاهه حسن جي واعدن تي ٺڳجي، محمد همايون بادشاهه جي مخالفت تي تيار ٿي ويو.

هوڏانهن بادشاهه لشڪر جي تنگي ڏسي مرزا يادگار ناصر ڏانهن لڳو لڳ ماڻهو موڪلي، اچڻ جي ترغيب ڏيندو رهيو ۽ مرزا مذڪور عذر پيش ڪندو ۽ دير ڪندو رهيو. يادگار ناصر مرزا جي مخالفت جي خبر جڏهن بادشاهه کي پئي، تڏهن هيءُ خبر ٻڌڻ سان هڪدم سيوستان جي آسپاس کان اٿي، بکر ڏانهن روانو ٿيو. انهيءَ وچ ۾ قنبر بيگ ارغون سيوستان جي قلعي ڏانهن ڀڄي ويو ۽ ڪجهه ٻيا ماڻهو به بي وفائيءَ جو رستو وٺي ڪئمپ کان ڌار ٿي ويا ۽ بادشاهه وڃي روهڙيءَ ۾ لٿو. مرزا يادگار لاچار بادشاهه جي خدمت ۾ حاضر ٿي جيڪو ٿورو گهڻو اناج وٽن هو، سو بادشاهي نوڪرن جي حوالي ڪيو، پر اناج نه ملڻ ڪري ماڻهن کي ڏاڍي تڪليف پهتي، نيٺ بادشاهه ڪجهه وقت کان پوءِ پنهنجي خاص عملي کي سلطان محمود ڏانهن موڪليو. سلطان محمود استقبال ڪري تردي بيگ بڪاول ۽ ٻين خدمتگارن کي سروپاءَ ڍڪائي ۽ هر هڪ کي ڪجهه ڏوڪڙ ۽ اناج ڏيئي موڪل ڏني. بادشاهي ماڻهن جي وڃڻ کان پوءِ مرزا جي اميرن کي ديواخاني ۾ گڏ ڪري اناج گهرائڻ جي حقيقت ظاهر ڪيائين. سڀ ڪنهن ڪجهه نه ڪجهه چيو. سلطان محمود خان سئو خرار اناج، ساهي حرمسراءِ لاءِ موڪليو ۽ باقي [147] ڪئمپ ۽ لشڪر تنگي ۽ تڪليف جي ڪري سنڌ جي شهرن ۾ پکڙجي ويا، ۽ سڀ ڪنهن ٽوليءَ ڪنهن نه ڪنهن طرف ڏانهن رخ رکيو. اڪثر ماڻهو تلف ٿي ويا ۽ ٻه ٽي ڀيرا ٻنهي طرفن ۾ جنگ به ٿي، جنهن ۾ بادشاهي ماڻهو غالب ٿي رهيا،ليڪن جنهن صورت ۾ قلعي فتح ڪرڻ جا هٿيار ڪونه هئا، تنهن ڪري قلعي جي مهم ۾ دير پوندي رهي.

الله تعالى ي ڳجهين حڪمتن ۽ خاص مصلحتن جي خواهش موجب جڏهن ته نامراديءَ جي اوٽ ۾ مراد جا ڪيترائي اسباب تيار ٿيندا آهن، جڏهن بادشاهه جي ارادي موجب سنڌ ملڪ ۾ مراد پوري نه ٿي، تجربي جي ڪسوٽيءَ تي ماڻهن جي نالائقي ظاهر ٿي. لشڪر جي ڪوڙائي، ڀائرن جي بزدلي ۽ بيوقوفي ۽ زماني جي نامواقفت جو بادشاهه مشاهدو ڪري چڪو هو، تڏهن دنيا جا لاڳاپا ٽوڙي الاهي رستي، جي سالڪن جي واديءَ ۾ قدم رکڻ ۽ ڪعبي شريف جي چائٺ پڪڙي، حجاز جي مقدس زمين تي رهڻ ۽ گوشه نشيني اختيار ڪرڻ چاهيائين، جنهن تي دربار جي ملازمن ۽ مقربن عرض ڪيو ته توهان جي خاطر اشرف ۾ هي سهڻو ۽ وڻندڙ خيال آيو آهي، مگر ماڻهن جي بي سرو ساماني ۽ پريشاني به حضرت کي معلوم آهي، ۽ هڪ وڏو جماعت همرڪاب آهي، جيڪڏهن حضرت بادشاهه هي رستو اختيار ڪندا ته هي سڀ ماڻهو حادثن ۾ پائمال ٿي ويندا، ۽ ههڙيءَ تنگدستيءَ جي حالت ۾ حجاز جي مبارڪ زمين تائين پهچڻ پڻ محال آهي، مصلحت اها آهي ته ڪجههڏينهن توقف ڪيو وڃي. بادشاهه سلامت ماڻهن جي تنگ حالت ڏسي ڪنهن ٻئي پاسي وڃڻ جو پڪو ارادو ڪيو، ته ايتري ۾ جوڌپور جي راجا مالديو جي عرضداشت پيش ٿي ته آءُ غائبانا حضور جي چاڪري قبول ڪري بادشاهي برڪت ڀري اچڻ جو منتظر آهيان، جيڪڏهن توهان جو سڀاڳو ڪئمپ هن طرف کي مشرف ڪندو ته هي بند ويهن هزارن راجپوتن سان حضرت جي خدمت ۾ حاضر ٿي، جيڏانهن به چڙهائي ڪندا تيڏانهن دل و جان سان نوڪري بجا آڻيندو. [175]

حضرت بادشاهه هن جي عريضي پهچڻ کان پوءِ 21 محرم سن 949هه ت اچ ڏانهن روانا ٿيا ۽ لاڳيتو منزلون ڪندا وڃي اُچ شهر ۾ نڪتا، جتان 8 ربيع الاول سن 949هه مالديو ڏانهن واڳون واريائون ۽ 14 ربيع الاول تي دلاور جي قلعي ۾ منزل انداز ٿيا، ۽ 20 ربيع الاخر ۾ بادشاهي منزل گاهه بيڪانير جي ميدان ۾ ٿي. ڪي ماڻهو بيڪانير مان ٿي ڪئمپ ۾ موٽي آيا ۽ بادشاهه کي عرض ڪيائون ته بيڪانير جي ماڻهن کان اهڙا ڪي به سخن ٻڌڻ ۾ نه آيا جي ادب جي لائق هجن، جنهن تي حضرت محمد همايون بادشاهه سمندر بيگ کي، جو ڏاڍو داناءَ هو، مالديو ڏانهن موڪليو، انهيءَ پڻ جلدي موٽي اچي عرض ڪيو ته اگرچ ڏاڍي سچائي ٿو ڏيکاري مگر معلوم ائين ٿو ٿئي ته سچائي خيرڪي اٿس، ۽ جيئن ته شاهي ڪئمپ پهلوديءَ کان، جو مالديو جي تختگاهه جوڌور کان ٽيهن ڪوهن تي آهي ٻه ٽي منزلون وڌي ڪول نديءَ جي ڪناري تي لٿو هو، تنهن ڪري بادشاهه جاسوس موڪليا هئا، جن مالديو جي غداريءَ کان واقف ڪيو، ته مالديو سير شاهه جي ٺڳيءَ جي سببان ۽ سندس غلبو ڏسي ڪئمپ جو رستو جهلي دست انداز ڪرڻ لاءِ هڪ لشڪر مقرر ڪيو آهي. بادشاهه هن خبر کان پريشان ٿي پنهنجي ملازمن سان صلاح ڪرڻ ويٺو. سڀني اميرن جي راءِ ٿي، ته جوڌپور کان واپس وڃڻ گهرجي، تنهن ڪري بادشاهه پهلودي موٽي آيو جتان ساتملير پهتو. مالديو جي ماڻهن کي دفع ڪرڻ لاءِ امير مقرر ڪيائين، ته ايتري ۾ ٻئي طرف کان ٻي فوج ظاهر ٿي. بادشاهه به نفس نفيس ڪن ٿورو ماڻهن سان سوار ٿي حملو ڪري بهادريءَ سان انهن کي نابود ڪيو ۽ تمام جلدي جلدي جيلسمير روانو ٿيو. [176]پهرين جمادي الاول سن 949هه تي جيسلمير پهتا، انهيءَ منزل تي پوئتي رهيل ماڻهو پڻ اچي ڪئمپ ۾ رسيا مگر گهڻا ماڻهو زيان ٿي ويا ۽ سون ڪرن جيسلمير نامرد ٿي ڪول نديءَ جو پاڻي روڪي ڇڏيو، ۽ ڪول جي نگرانيءَ تي پنهنجا ماڻهو ڇڏيا، جيئن بادشاهي لشڪر جو اُچ جون مصيبتون ڪاٽي، رڃن مان لنگهي اچي هن ويران جڳهه تي پهتو آهي، سو پاڻي نه ملڻ ڪري تڪليف ۾ رهي، ڪن اميرن ۽ سپاهين لڙائي ڪري سون ڪرن جي ماڻهن کي هٽايو ۽ لشڪر ڪول جي ڪپ تي لهي اُڃ کان نجات حاصل ڪئي. اتان عمرڪوٽ روانا ٿيا ۽ ڏولاون ۽ پاڻيءَ جي قلت کان پوءِ، نيٺ 10 جمادي الاول سن 949هه تي عمرڪوٽ پهتا. راڻي بير سان پنهنجن ماڻهن سان نڪري استقبال ڪري بادشاهي رڪاب بوسيءَ جي دولت حاصل ڪئي، ۽ قلعي جو وچ خالي ڪرايو. بادشاهه ڪي ڏينهن عمرڪوٽ جي قلعي جي ٻاهران تشريف فرما رهيو. ۽ آخر بلقيس مڪاني حميده بانو بيگم کي قلعي ۾ اندر موڪليائين، جتي بخت جو ستارو بزرگيءَ جي اُفق مان چمڪيو ۽ 5 رجب سن 949هه آچر رات حضرت ضل الاهي شاهنشاهه جلال الدين محمد اڪبر بادشاهه خلد الله ملڪه سلطانه پيدا ٿيو، محمد همايون بادشاهه فرزند ارجمند جي ڄمڻ ڪري ڏاڍو خوش ٿيو.

مرزا يادگار ناصر، مرزا شاهه حسن جي وصال وارن واعدن تي اعتماد ڪري، اوائل محرم سن 949هه ۾ بادشاهه سڳوري جي ڪئمپ کان هٽي سکر جي شهر ڏانهن هليو ويو، جو قنڌار طرف آهي، جيئن ته اهي واعدا ڪوڙا هئا، تنهن ڪري انهن مان هڪ به پورو نه ٿيو. مرزا يادگار ناصر ڪجهه توبون ۽ قلعي مار هٿيار جي سانس گڏ هئا سي مرزا شاهه حسن جي قلعي ۾ رهندڙ اميرن ڏانهن موڪلي ڏنا، ۽ بادشاهه جي ٻين خير خواهن سپهه سالارن هالي ۽ عمر شاهه کي پڻ قلعي ۾ اندر موڪليو. [177]

همايون بادشاهه جي اُچ ڏانهن روانگيءَ جو ٻڌي مرزا شاهه حسن نهايت تڪڙو بکر ۾ آيو، ۽ اميرن سندن استقبال ڪيو. مرزا شاهه حسن 24 محرم سن 949هه ۾ اچي بکر جي قلعي ۾ لٿو، ۽ سلطان محمود خان کي عتاب هيٺ آندائين ته تو ڇالاءِ منهنجي اناج جو ذخيرو تلف ڪيو، ملا درويش محمد انبار دارا کي سلطان محمود جي گهر جي سامهون ڦاسي ڏياريائين ۽ هالي ۽ عمر شاهه سپهه سالارن جي سکر جي وچ واري دروازي وٽ کل لهرايائين، همايون بادشاهه جي رواني ٿيڻ کان پوءِ جيڪي ماڻهو روهڙيءَ ۾ رهيل هئا، سي هيڏانهن هوڏانهن هليا ويا. مرزا شاهه حسن ربيع الاخر جي اوائل ۾ سيوستان ڏانهن ويو ۽ سيوستان ۾ هڪ هفتو منزل ڪري قلعي جي ڀڳ ٽوٽ جي مرمت ڪرائي، ڪي ڏينهن سن ۾ گذاريائين، ۽ همايون بادشاهه جي موٽڻ جي خبر ٻڌي جلدي جلدي ٺٽي روانو ٿيو.

عمرڪوٽ جنهن صورت ۾ لشڪر جي بار کڻڻ جهڙيءَ جاءِ نه هو تنهنڪري لاچار بادشاهه ي اميرن جو رايو سنڌ ڏانهن وڃڻ جو ٿيو، ۽ ٿوري ئي وقت ۾ جون جي ڳوٺ ۾ پهتا. اهو ٽڪرو جيئن ته سنڌو نديءَ جي ڪناري تي واقع هو ۽ باغات ۽ نهرن جي گهڻائي ۽ ميون ۽ ڦلن جي الطافت کان ساري سنڌ ۾ ممتاز و، تنهنکان سواءِ ڪي ٻيون مصلحتون پڻ پيش نظر هيون، تنهن ڪري ڪجهه وقت جون واهڻ جي ٻاهران باغن ۾ رهڻ جو اتفاق ٿيو، مرزا شاهه حسن پڻ درياهه جي ٻئي ڪپ تي سامهون پنهنجو لشڪر وٺي اچي لٿو.

ٿورن ڏينهن کانپوءِ، بادشاهه جي گذارش هيٺ آندائون، ته بٺوري ۾ اناج ۽ ٻين ضروريات زندگي سان ڀريل هڪ ننڍو قلعو آهي، جو ٿوري توجهه سان هٿ ڪري سگهجي ٿو. بادشاهه شيخ علي بيگ جلائر ۽ اسن تيمور سلطان کي هن ڪم تي مقرر فرمايو. هيڏانهن مرزا شاهه حسن به واقف ٿي مرزا عيسى تي ترخان کي مقرر ڪيو. [178] مرزا عيسى هن ڳالهه منظور ڪرڻ کان شش و پنج ڪرڻ لڳو، جنهن صورت ۾ مرزا شاهه حسن جي ماڻهن مرزا عيسى تي بادشاهه جي خير خواهي جي تهمت رکي هئي، تنهن ڪري مرزا شاهه حسن پڻ مرزا عيسى جي موڪلڻ تي زور ڪونه ڏنو، ۽ سلطان محمود خان جو ڪيترو وقت گمنامي جي ڪنڊ ۽ بي التفاتي جي گوشي ۾ ملول ٿيو ويڍو هو، تنهن کي گهرائي دلداري ڏيئي هن خدمت تي مقرر ڪري، ملا بهلول ۽ ٻيو لشڪر جيڪو انهيءَ ننڍڙي قلعي ۾ هو، تن جي مدد لاءِ موڪليائين، جون جي گرد و نواح ۾ هميشه بادشاهي ۽ ارغوني لشڪرن ۾ جنگ ٿيندي رهي، ۽ مرزا شاهه حسن جون ڳوٺ جي سامهون بري ۽ بحري لشڪر تيار ڪري مقابلو ڪري رهيو هو. هڪ ڏينهن اسن تيمور سلطان، شيخ علي بيگ، تردي خان ۽ ٻيو لشڪر اناج سان ڀريل قلعڙي تي حملي لاءِ تيار ٿيا، ته اوچتو سلطان محمود بکري ۽ ٻيو وڏو لشڪر، جي انهيءَ قلعڙي جي ويجهو اچي ترسيا هئا، خبردار ٿي لُنڊن، مينڌرن ۽ ساڪرن کي پاڻ سان همراهه ڪري صبح جو اوچتو اچي مٿن ڪڙڪيا. تردي بيگ خان جنگ ۾ غفلت ڏيکاري، باقي شيخ علي بيگ پنهنجي اولاد سميت ثابت قدم رهي انهيءَ جنگ جي ميدان ۾ قتل ٿي ويو. شيخ علي پڻ تاج الدين لادي سان گڏ ڦٽجي عالم بقا ڏانهن روانو ٿيو، تنهن کان سواءِ بهادرن جي هڪ ٻي جماعت پڻ انهيءَ جنگ ۾ عالم آخرت ڏانهن سڌاڻي، ۽ شاهه حسن جي ماڻهن مان پڻ ڪي ماڻهو قتل ٿيا. هن واقعي کان بادشاهه جي دل ڏاڍي غمگين ٿي ۽ ڪي ٻيا سبب پڻ پيدا ٿيا، جنهن ڪري سنڌ تان دل کڻي، قنڌار وڃڻ جو پڪو ارادو ڪيائون.

انهن ڏينهن ۾ 7 محرم الحرام 950هه تي بيرم خان پڻ اڪيلو گجرات کان بادشاهه جي خدمت ۾ پهتو ۽ بادشاهه جي ڦٽيل دل تي مرهم رکي، صلح جون ڳالهيون هلايائين، مرزا شاهه حسن هي موقعو غنيمت ڄاڻي راضي ٿي، لک گنيون روڪڙيون ۽ ٻيو سفر جو سامان تيار ڪري ٽي سئو گهوڙا، ۽ ٽي سئو اُٺ خدمت ۾ موڪلي [179] جون جي سامهون پُل مان معلوم ڪئي، جا 950 آهي. ارغون، جن جو گذران بادشاهي لشڪر جي سنڌ ۾ ٻه ٽي سال رهڻ ڪري تنگ ٿي چڪو هو، سي هن صلح ڪري خوشيءَ وچان آسمان تي ٽپا ڏيڻ لڳا ۽ هيءُ ڳالهه عين مقصد ۽ نعمت غير مترقبه سمجهي قسمين قسمين معذرتن سان گڏ سفر جي ضروريات تيار ڪري موڪليائون. بادشاهه 7 _ ربيع الاآخر سن 950هه تي جون جي ڳوٺ کان پل ٽپي، ۽ لشڪر پڻ ٻن ڏينهن ۾ لنگهي ماهه مذڪور جي 9 تاريخ قنڌار روانو ٿيو.

بخشو لانگاهه جو بکر ۾ اچڻ جو احوال

بخشو لانگاهه ملتان جي گرد و نواح ۾ جونپور جي سامهون قلعو اڏائي، ملتان کي ويران ڪري، ماڻهن کي هن قلعي ۾ آڻي وهاريو ۽ جيب و غريب لشڪر تيار ڪري دل ۾ خراب خيال ڪرڻ لڳو، لانگاه، بلوچ، ناهر ۽ جتي به ڪي فسادي هئا، ته اهي سڀ اچي وٽس گڏ ٿيا، پوءِ ته بکر جي فتح ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪري، واقفيت لاءِ هميشه ماڻهو ۽ جاسوس موڪليندو ٿي رهيو، نيٺ کيس متواتر طريقي سان معلوم ٿيو ته بکر جو قلعو خالي آهي. مرزا شاهه حسن ٺٽي ۾ آهي ۽ سندس لشڪر جا سڀ امير اتي وڃي گڏ ٿيا آهن. هن خبر ٻڌڻ شرط لشڪر سنباهي، ٻيڙين ۾ وهاري وٺي يلغار ڪيائين: پنجاهه ٻيڙيون پاڻ کان اڳ ۾ مقرر ڪيائين ته توهان جلدي هلائي اڌ رات قلعي جي آسپاس پهڇي، برجن ۽ تين تي چڙهي وڃجو ۽ هڪ سئو تبردار ماڻهو قلعي جو دروازو ڀڃي آمدو ورفت جو رستو کولين. 15 جمادي الثاني جمعي جي اڌ رات غوغا پيدا ڪري، بخشو جي ماڻهن قلعي جي ڀرسان اچي سکر طرف واري اڳئين دروازي کي باهه ڏيئي شور ڪيو. شهر جا ماڻهو انهيءَ شورو غوغا تي اٿي برجن تي چڙهي. [180] پٿر ۽ تير اڇلائڻ لڳا، جنهن صورت ۾ سپاهي اتي ٿورا هئا، تنهن ڪري سلطان محمود جي والده هڪدم ٽُوا ۽ تڏا گهڻا گڏ ڪري، گاسليٽ ۾ پسائي باهه ڏيئي، مٿان ئي مٿان بخشو جي ماڻهن تي اڇلايا، بخشو جا ماڻهو سندن وچ ۾ باهه ڪرڻ ڪري پريشان ٿي ٻيڙين ڏانهن ڊوڙيا، پويان مير جاني ترخان، حمزه بيگ ۽ قاضي قاضن جي فرزند قاضي عيسى خوب حملا ڪيا، جنهن ڪري جيڪي ماڻهو اڳواٽ آيل هئا، تن مان ڪي باهه ۾ سڙي ويا، ڪي پاڻيءَ ۾ غرَ ٿيا ۽ ڪي ٿورا نڪري ڀڄي ويا. ٻئي ڏينهن منجهند جي وقت بخشو لانگاهه به نغارا وڄائيندو ظاهر ٿيو، سمجهيائين ته منهنجي ماڻهن پهچڻ سان قلعو فتح ڪري ڇڏيو هوندو، پر جڏهن قلعي کي ويجهو پهتو ته قلعي وارن وٺي توبون ۽ تير ڇوڙيا. اتي معلوم ٿيس ته سندس ماڻهن ڪجهه به نه ڪيو آهي، تنهن ڪري روهڙيءَ ڏانهن هٽي ويو ۽ ٽي ڏينهن روهڙيءَ ۾ رهي، بکر جي آسپاس کي ڦري، لُٽي موٽي ويو، هيءَ خبر جڏهن مرزا شاهه حسن کي پهتي، تڏهن مير شاهه محمود ارغون کي بکر جي نگرانيءَ تي مقرر ڪري، قاضي قاضن سان گڏي موڪليائين. هيءُ واقعو جمعي رات، 14 جمادي الثاني سن 950هه ٿيو.

مرزا ڪامران جي اچڻ جو احوال

جڏهن سن 950هه جي شروعات ۾ جنت آشياني ڀائرن جي مخالفت سبب عراق ڏانهن روانو ٿيو، تڏهن مرزا ڪامران، شيخ عبدالوهاب پوراني، مير الله دوست ۽ بابا چوچڪ کي مرزا شاهه حسن ڏانهن بطور قاصد موڪلي، سندس نياڻيءَ جي سڱ جي خواهش ڪئي، مرزا شاهه خسن، مرزا ڪامران جي گهر قبول ڪري، شيخ کي رخصت ڏني، جڏهن جنت آشياني عراق کان موٽي قنڌار پهتو ۽ مرزا عسڪري قنڌار ۾ قلعي بند ٿي [181] قلعي ۾ تنگ ٿيو. هوڏانهن حضرت جنت آشياني ڪابل تي چڙهائي ڪئي. مرزا ڪامران لڙائيءَ لاءِ مقابلي ۾ [آيو پر عين موقعي تي] سندس امير صفن مان نڪري، جنت آشياني جي خدمت ۾ پهتا. مرزا ڪامران مقابلي جي طاقت نه ساري ميدان مان ڀڄي هزاري جي رستي کان سنڌ ۾ آيو. مرزا شاهه حسن خبر پوڻ تي پاٽ ۾ جاءِ تيار ڪري، درويش محمد دولت خان کي مرزا ڪامران جي خدمت ۾ موڪليو، مرزا پنهنجي ماڻهن سميت پاٽ ۾ تشريف فرما ٿي شاديءَ جي تحريڪ ڪئي. مرزا شاهه حسن جي پاڪدامن نياڻي، چوچڪ بيگم کي مرزا ڪامران جي نڪاح ۾ ڏنائون. شاديءَ کان پوءِ مرزا ٽي مهينا ترسي ڪابل موٽيو، مرزا شاهه حسن هزار سوار مڪمل هٿياربند مرزا جي خدمت لاءِ مقرر ڪيا، ۽ مرزا جي ڀڳ _ ٽوٽ درست ڪري رخصت فرمائي.

مرزا ڪامران غزنين پهچي، غزنين جو قلعو هٿ ڪري ڪابل جي فتح ڏانهن متوجهه ٿي اوچتو ڪابل جي قلعي ۾ گهڙي آيو. بادشاهه همايون انهيءَ وقت بدخشان ڏانهن تشريف فرما هو، ڇهن مهينن کان پوءِ مرزا شاهه حسن جا سوار موٽي ويا ۽ هوڏانهن بادشاهه بدخشا مان وڏو لشڪر ساڻ ڪري ڪابل ڏانهن متوجهه ٿي اچي ڪابل جو محاصرو ڪيو. مرزا ڪامران محاصري کان تنگ ٿي هندستان ڏانهن ويو، جتي اسلام شاهه افغان سان ملاقات ڪري کيس مدد لاءِ عرض ڪيائين، پر اسلام شاهه مرزا جي گرفتار ڪرڻ جي پويان پيو ۽ مرزا ڪامران ڀڄي گگڙن وٽ آيو. گگڙن ڪجهه وقت مرزا کي پناهه ڏني، پر نيٺ معلوم ٿين ته مرزا ڪامران جا بادشاهه ڏانهن خراب خيال آهن، سو مرزا کي اٽڪل سان هٿ ڪري کيس انڌو ڪري ڇڏيائون، مرزا ڪامران ٻيو دفعو سن 957هه ۾ موٽي بکر آيو، مرزا شاهه حسن ڪجهه وقت مرزا ڪامران کي [182] ساڌ ٻيلي جي ٽڪري جاءِ بکر کان الهندي طرف درياهه جي وچ ۾ آهي اتي رهايو ۽ انهيءَ کان پوءِ بٺوري جو پرڳڻو مرزا جي بورچيخاني جي خرچ لاءِ ۽ فتح باغ سندس رهائش لاءِ مقرر ڪيو.

مرزا ڪامران اتي رهي حج جو ارادو ڪيو ۽ چوچڪ بيگم پڻ مرزا سان گڏ وڃڻ جي گهر ڪئي. مرزا شاهه حسن ڌيءَ کي موڪلي ڏيڻ کان نهايت زوردار انڪار ڪيو. نيٺ چوچڪ بيگم پيءَ جي اجازت کانسواءِ نڪري وڃي ٻيڙي ۾ ويٺي، ۽ مرزا ڪامران وٽ اڪيلو وڃڻ چاهيائين، جنهن تي سلطان محمود مهردار ۽ ڪي ٻيا ڪامران وٽ اڪيلو وڃڻ چاهيائين، جنهن تي سلطان محمود مهردار ۽ ڪي ٻيا کيس موٽائڻ لاءِ پهتا، مرزا شاهه حسن پاڻ به ڌيءَ جي ٻيڙيءَ ۾ اچي زور ۽ زاري ڪئي پر ڪوبه فائدونه ٿيو. چوچڪ بيگم پيءَ کي عرض ڪيو ته بادشاهه جڏهن اکين وارو هو تڏهن توهان مون کي سندس حوالي ڪيو هو. اڄ دنيا جا ماڻهو مون کي ڇا چوندا؟ ته مرزا جي ڌيءَ مڙس جي فرمانبرداريءَ کان انڪار ڪيو ۽ مون کي بدنام ڪندا. مرزا شاهه حسن کي هي ڳالهه وڻي ۽ لاچار ٿي کيس چڱي اسباب ۽ سامان سان رخصت ڏنائين. مرز ڪامران ۽ بيگم، حرمين شريفن پهچڻ کانپوءِ ٻه ٽي سال مڪه مبارڪ ۾ رهيا، ۽ مرزا ڪامران جي حياتيءَ جو سج، حج جي ڏينهن عرفات ۾ بيهڻ کانپوءِ سج لهڻ کان اڳ لهي ويو، ۽ چوچڪ بيگم مرزا جي فوت ٿيڻ کان پوءِ ستين مهيني هميشه رهڻ واري جهان ڏانهن انتقال ڪيو. هي واقعا سن 964هه ۾ ٿيا.

ارغونن جي بغاوت ۽ مرزا شاهه حسن جي فوت ٿيڻ جو احوال

حياتيءَ جي پوئين وقت ۾ جڏهن مرزا شاهه حسن فالج ۾ مبتلا ٿيو، تڏهن ڪميڻا ۽ اوباش ماڻهو سندس راز محرم ۽ خاص خدتمگار بڻيا، جنهن ڪري ارغون، ترخان ۽ ٻيا سڀ مخلص ماڻهو ملازمت کان محروم ٿي پنهنجين جاين ۾ رهڻ لڳا ۽ اوباش ماڻهو روز بروز ترقي ڪري مغلن سان ظلم ۽ بيحرمتي ڪرڻ لڳا. [183] سن 960هه جي اوائل ۾ ٺٽي جي اربابي، عربي گاهي جي حوالي ٿي ۽ رعيت جي ڪاروبار جي نگراني اسماعيل بيتاري جي حوالي ٿي، جنهن کان ماڻهو مايوس ۽ غمگين ٿيا ۽ ڪيترو عرصو ٺٽي اندر حيرت زده هوندا هئا. هن حد تائين جو عربي گاهي جا پٽ ارغونن ۽ ترخانن سان ظلم ۽ ايذاءَ ڪرڻ لڳا، انهن ڏينهن ۾ هڪ رات هڪ حامله ارغون عورت لي کت هڻي سندس ٻار ڪيرائي وڌائون، ارغونن هي حقيقت مرزا شاهه حسن جي ڪن تي پهچائي پرمرزا ڪو گهڻو توجهه ڪونه ڏنو، جڏهن وري وري مبالغو ڪيائون، تڏهن لاچار مرزا شاهه حسن، ٺٽي جي شيخ الاسلام شيخ ميرڪ پوراني ڏانهن خط لکيو ته شريعت موافق واقعي جي تحقيقات ڪري ثابت ٿيڻ کانپوءِ جنهن سزا جي حقدار هجي سا جاري ڪري، ۽ مرزا نصرت آباد قلعي جي نگراني پنهنجن زر خريد ۽ اعتماد جوڳن غلامن، شنبي ۽ رفيق جي هٿ ۾ ڏيئي، پاڻ بکر روانو ٿي ويو، پنڌ پورو ڪري، ساڳئي سال جي پهرين ذوالحج تي ٻٻرلوءِ جي باغ ۾ تشريف آڻي 35 ڏينهن انهن جاين ۾ رهيو. 7 ماهه محرم سن 961هه تي بکر جي قلعي ۾ آيو، ۽ صبح کان ٽپهري تائين ديوانخاني ۾ گذاريائين، جيئن ته ارغون ۽ ترخان رذيل ماڻهن، جي مرزا جي خدمت لاءِ مخصوص ٿي چڪا هئا، جي تسلط کان ملول ٿيا ۽ انهن جي فنا ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو چارو ڏسڻ ۾ نه ٿي آين، تنهن ڪري سڀ امير، بکر جي حاڪم مير شاهه محمود بيگ لار، جي جاءِ ت گڏ ٿي ڳالهه جي چڱائي ۽ برائي آڏو رکي مرزا جي نوڪرن ۽ خاص خليفن جي شڪايت ڪرڻ لڳا ۽ کليو کلايو ظاهر ڪيائون ته اسان کي جلاوطن ٿيڻ گهرجي يا هنن ماڻهن کي دفن ڪرڻ گهرجي. بالفعل ته چڱو ائين ٿو ڏسڻ ۾ اچي ته جنهن صورت ۾ مرزا شاهه حسن فالج ۾ گرفتار آهي، سواري جي طاقت ڪا نه اٿس ۽ محفي ۾ [184] گهمي ٿو ۽ اسان کيس هن قلعي ۾ رکي پنهنجا فرزند خدمت لاءِ وٽس مقرر ڪيا آهن، تنهنڪري جيڪي به نامناسب ماڻهو وٽس اچي جمع ٿيا آهن، تن سڀني کي قتل ڪري ڇڏيون. مير جاني ترخان جو سڀني ۾ مکيه ماڻهو هو تنهن چيو ته مرزا ساهه حسن هن وقت جبل جي چوٽي جو سج آهي (يعني سندس پويون وقت آهي) پڇاڙيءَ ۾ پاڻ کي بدنام ڪرڻ مناسب نٿو ڏسجي، جيئن هن وقت تائين تحمل ڪندا آيا آهيو، تيئن ٻيو به هڪ ٻه سال تڪليف ۾ گذاريو، ڏسجي ته غيب جي پردي مان ڇا ٿو ظاهر ٿئي. ايلقلي ديوان ۽ڪي ٻيا ماڻهو مجلس مان اُٿي روانا ٿيا، ته ديوانخاني جي دروازي تي وڃي اڪثر نوڪرن کي قتل ڪري ۽ ڦٽي مرزا کي اندر نظر بند ٿا ڪريون، پر هي جيستائين پهچي ئي پهچن، تنهن کان اڳ مرزا شاهه حسن ديوانخاني مان نڪري ٻيڙي ۾ ويهي باغ ڏانهن روانو ٿي ويو هو، ۽ ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ ٺٽي هليو ويو.

بکر جو حاڪم مير شاهه محمود ارغون دل ۾ سرڪشي جو خيال ڪري بلوچ ۽ بڙدا ماڻهو گڏ ڪرڻ لڳو. ايتري ۾ سلطان محمود خان جي والده جا هڪ داناءَ عورت هئي، سندس بغاوت جي احوال کان واقف ٿي مير ملڪ محمد ۽ سندس ڀاءُ مير لطفي جيڪي اوٻاوڙي ۽ ماٿيلي ۾ هئا، تن کي ماڻهو موڪليو، هو هڪدم بکر پهتا ۽ مهر علي ۽ ٻيا مرزا ئي ماڻهو به اچي گڏ ٿيا، جن کي مير شاهه محمود سان گڏ آيل ڪوٽوارن ۽ ٻين ڇينڀ ڪئي ۽ دڙڪا ڏنا. هو ماڻهو موٽي هر هڪ ٽولو جدا جدا رستو وڍي ويا ۽ وڃي مرزا شاهه حسن کي حقيقت حال عرض ڪيائون. مرزا شاهه حسن هڪدم حمزه بيگ، درويش محمد ۽ شير محمد کي بکر موڪليو ۽ مير حميد بن مير محمود ساربان کي هڪ پروانو ڏيئي شاهه محمود ڏانهن موڪليائين ته اسان توکي ياد ڪيو آهي، خط پهچڻ شرط خدمت ۾ حاضر ٿي، [185] ۽ مير شاهه محمود کي وڃڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه چارو نه رهيو، تنهن ڪري مير حميد سان گڏجي مرزا جي خدمت ۾ روانو ٿيو، ۽ سن جي ڳوٺ وٽ ملازمت جي شرف حاصل ڪري قسمين قسمين نوازشون ڏٺائين.

سلطا محمود خان انهن ڏينهن ۾ سيوي ۾ هو ۽ جڏهن کيس شاهه محمود جي سرڪشيءَ جي خبر پهتي، تڏهن يلغار ڪري بکر جي قلعي ۾ پهچڻ جو ارادو ڪيائين، ڇاڪاڻ ته سندس والده ۽ ٻيا رشتيدار بکر ۾ هئا، ۽ پاڻ سيوي کن ٻه ٽي منزلون نڪري گنجابه جي آسپاس پهتو هو ته سندس نوڪر کيس رستي ۾ مليا ۽ کيس سندس والده جو خط ڏنائون. مضمون هي هو ته شاهه مح۾ود دل ۾ خراب خيال آندو هو، پر پاڻ ڪو ڪم ڪري ئي ڪري تنهن کان اڳ سندس بندوبست ڪيو ويو، ۽ هينئر مرزا جي خدمت ۾ آهي، توهين هن طرف کان دلجاءِ ڪري پنهنجن ضروري ڪمن ۾ مشغول رهو. سلطان محمود خان اتان موٽڻ جو ارادو ڪيو، جڏهن اميرن کي سلطان محمود خان جي موٽڻ جي ارادي جي خبر پيئي تڏهن وٽس اچي پڇيائون ته موٽڻ جو سبب ڇا آهي؟ هن پنهنجي والده جو خط کين ڏيکاريو، تنهن تي هنن چيو ته بکر جي حڪومت مبارڪ هجي ۽ اڳتي قدم رکي انهيءَ جي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي، سلطان محمود خان چيو ته اجازت ۽ گهرائڻ کانسواءِ هلڻ جي ڪابه صورت ڪانه ٿي ڏسجي. هنن چيو ته هڪدم پاڻ کي بکر جي قلعي ۾ پهچائڻ گهرجي. شاهه محمود قلعي ۾ اندر هجي ها ته مشڪل هو ڇاڪاڻ ته هو اسان کي قلعي ۾ اندر نه ڇڏي ها. هاڻي پاڻ کي جلدي قلعي ۾ پهچي مرزا شاهه حسن ڏانهن عرضداشت موڪلڻ گهرجي ته هي خبر ٻڌي اٿئون، تنهن لاءِ ڪهڙو حڪم آهي؟  جنهن ڏينهن سلطان محمود خان بکر پهتو، انهي کان ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ بکر جي حڪومت جو پروانو مير ملڪ محمد ۽ مير لطفي جي نالي صادر ٿي چڪو هو. [186] سلطان محمود خان هن فرمان جي پهچڻ کان ڏاڍا وٽ کاڌا، حتى ڪه کيس دست ٿي پيا ۽ رت جي دستن جي بيماري ۾ مبتلا ٿي پيو، ۽ جڏهن مير ملڪ محمد ۽ مير لطفي جي حڪومت ۾ ڀائيوار هئا، پرڳڻا ورهائڻ لڳا، تڏهن سلطان محمود خان غيرت جو تاب نه جهلي، وٽن ٻه ماڻهو موڪليائون ته مان قلعي جي ٻاهران آهيان مون کي مڙيو ئي نه وسارجو. هن پيغام ٻڌڻ شرط مير ملڪ محمد پنهنجن پٽن کي چيو ته قلعي جون ڪنجيون سلطان محمود خان جي ماڻهن جي حوالي ڪريو. مير لطفي گهڻو ئي چيو ته هلڪڙائي نه ڪرڻ نه ڪرڻ گهرجي ۽ حڪم جو تابعدار رهڻ گهرجي. مير ملڪ محمد داناءُ ماڻهو هو سو مير لطفي جي چوڻ جو پابند نه ٿيو، ۽ ڪنجيون موڪلي ڏنائين.

ماهه محرم الحرام سن 962هه جي پهرين تاريخ ٺٽي جي شهر ۾ ارغون ۽ ترخان اميرن اتفاق ڪري مرزا عيسى ترخان جي بعيت ۽ تابعداري ڪئي ۽ مرزا شاهه حسن کان منهن موڙي باغي ٿيا، مرزا شاهه حسن جي مقربن عربي گاهي شنبي ۽ رفيق کي قتل ڪري، مرزا شاهه حسن جي حرم ماهه بيگم کي قيد ڪيائون، ۽ خزاني تي دست درازي ڪري لشڪر کي گهڻو سون ڏنائون. مرزا شاهه حسن ٺٽي جي حڪومت تي مير شاهه محمود کي مقرر ڪيو هو، پر جيئن ته سندس پهچڻ کان اڳ ۾ ئي ماڻهو مرزا عيسى جا تابع ٿي چڪا هئا ۽ سڀني سندس ملازمت ۾ گوڏا کوڙيا هئا، تنهن ڪري لاچار مير شاهه محمود به گوڏا کوڙي مرزا عيسى جي ملازمن ۽ تابعدارن جي سلسلي ۾ داخل ٿيو، ۽ اتفاق ۽ اتحاد کي چهٽي پيو. هن خبر معلوم ٿيڻ تي مرزا شاهه حسن ڏاڍو ڪاوڙيو، ۽ هڪدم سلطان محمود خان ڏانهن ماڻهو موڪليائين ته جيڪي به ارغون ۽ ترخان بکر ۾ هجن تن سڀني کي قيد ڪري پاڻ سان وٺي اچي، جيئن ته [187] مرزا انهن ڏينهن ۾ فالج جي بيماري ۾ گرفتار هو، ۽ اڪثر ڪري دماغ کي شرب جي گرميءَ سان گرم رکندو هو، ۽ نشي ۾ چور رهندو هو، تنهن ڪري خاصخيلين موقعو ڏسي شرارت ۽ چغلي سان زبان کولي کيس ٻڌايو ته ارغونين نمڪحرامي ڪري، خاصخيلين جي هڪ ٽولي کي، جن پنهنجون ڄمارون خدمتگاري جي شرطن بجاءِ آڻڻ ۾ صرف ڪيون هيون، بغير ڪنهن ڏوهه ۽ قصور جي قتل ڪيو آهي. حڪومت جي انتظام ۽ بندوبست ۽ سياست جي رعايت خاطر حڪم فرمايو ته ڪن نمڪحرامن کي قصاص ۾ قتل ڪيو وڃي. بافعل فتني ۽ فساد جي پاڙ احمد ولي جو ڪئمپ ۾ موجود آهي، تنهن کي قيد ڪيو وڃي ۽ هن عرض اگهائڻ لاءِ ڏاڍي عاجز ۽ زاري ڪيائون، مرزا شاهه حسن احمد ولي کي قيد ڪري مستي ساربان جي هٿان سيوستان جي قلعي ڏانهن موڪلي ڇڏيو ۽ احمد وليءَ جي عزيز علي حسين ارغون کي قتل ڪري سندس سر نيزي تي چاڙهي ڪئمپ ۾ گهمايائون، هن خبر ٻڌڻ شرط ارغوڻين جي بغاوت ڏوهڻي ٿي ويئي.

مرزا شاهه حسن جڏهن سرڪشي ۽ بغاوت ۾ ارغونين جي جرات ڏٺي تڏهن بکر جي حڪومت جو پروانو سلطان محمود خان جي نالي جاري ڪري بکر ۾ رهندڙ ارغونن ۽ ترخانن جي ڪهڻ جو حڪم فرمايو. سلطان محمد خان مٿيان فرمان پنهنجي ماءُ وٽ نيئي ساڻس حقيقت حال اوريو، سندس والده فرمايو ته بکر جي حڪومت توکي مبارڪ هجي پر خبردار! هنن ماڻهن جي قتل ڪرڻ ۾ تڪڙ متان ڪرين. هنن ماڻهن کي قيد ڪري مرزا وٽ پهچاءِ جيئن مرزا جي راءِ شريف جي تقاضا هوندي، انهيءَ موجب عمل ڪندو. سلطان محمود خان مير جاني ترخان، احمد ترخان، حمزه بيگ ۽ مراد حسين بيگ لار کي، بکر ۾ رهندڙ ٻي جماعت سان گڏ، قيد ڪري پاڻ سان وٺي ويو. باقي يادگار محمد ڪوتوال، جو مير شاهه محمود کي مخالفت لاءِ ڀڙڪائيندو هو، تنهن کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ قاضي قاضن جي اولاد ۽ ٻيا جيڪي [188] به مرزا ئي ماڻهو قلعي ۾ اندر هئا تن سڀني کي ٻاهر موڪليو، ۽ قلعو والده ۽ پنهنجن ماڻهن جي حوالي ڪري اتان جلدي جلدي مرزا جي خدمت ۾ روانو ٿيو، بکر کان ٻه منزلون ٻاهر نڪتو ته سيد جعفر مشهد کان آيو ۽ روضه رضويه جي نقيبن جيڪو نغارن جو جوڙو هنن کان اڳ سلطان محمود ڏانهن موڪليو هو سو پهچائين، سلطان محمود خان هن خوشخبريءَ کان ڏاڍو خوش ٿيو ۽ بادشاهي جي فال وٺي سيدن کي گهڻو انعام ڏنائين ۽ نغارن جا 12 جوڙا، ۽ ڀيرين جا نَوَ جوڙا هٿ ڪري منزلون ڪندو روانو ٿيو. ساڳئي سال جي 22 محرم الحرام تي مرزا شاهه حسن جي ملازمت جو شرف حاصل ڪري پنهنجو لشڪر سندس نظر مان گذاريائين، ۽ حقيقت ۾ سٺو لشڪر تيار ڪيو هئائين، مرزا خوش ٿي لڙائيءَجي خيال سان ٺٽي روانو ٿيو.

ساپاهه ۾ پهتا ته ٻنهي طرفن جي لشڪر ۾ ٽڪر ٿيو، ٻه ٽي دفعا لڙائي ۽ مقابلو ٿيو، جنهن ۾ ٻنهي طرفن کان گهڻا ماڻهو برباد ۽ تلف ٿيا، جنهن وقت ٻنهي طرفن ۾ لڙائي جي باهه ڀڙڪي، تنهن وقت مرزا عيسى ترخان سلطان محمود ڏانهن ڳجهي طرح ماڻهو موڪليو ته اسان لاچار هي ملامت جو طوق پنهنجي گردن ۾ وڌو آهي، هينئر اسان جي جنگ ڪرڻ جو مقصد ڇا آهي؟ جنهن ۾ هر روز ڪيترا ماڻهو قتل ٿي رهيا آهن، بهتر ائين ٿيندو ته اسان پاڻ ۾ ملاقات ڪري پنهنجي ڀلائي ۽ برائيءَ تي غور ڪريون. آخر اڌ رات جو ٻنهي پاڻ ۾ ملاقات ڪري هڪ ٻئي سان ريجهه ڪرڻ شروع ڪئي ۽ ڊگهي گفتگو کان پوءِ فيصلو ڪيائون ته مرزا شاهه حسن ٿورن ڏينهن جو مهمان آهي، تنهن ڪري صلح جو رستو وٺڻ گهرجي، هن وقت توهان ۽ اسان کانسواءِ ڪو ٻيو ماڻهو وچ ۾ ڪونه آهي، سو جهڙي نموني ٺهي اچي تنهن نموني سان هن ملڪ جي حڪومت جو فيصلو ڪري انهيءَ کان ٻاهر نه وڃون.

صبح جو هن ملاقات جي خبر مشهور ٿيڻ کان اڳ امير سلطان ۽ امير ابوالخير سوڍن وغيره ماڻهن جو ڊنبلو وٺي [189] پيراز جي گهٽ وٽ وڃي بيگ محمد ڪڪو ۽ ايلغي ديوانا وارن ماڻهن جيڪي چوڪي تي هئا، تن سان سخت لڙائي ڪئي، جنهن ۾ مرزا عيسى جي طرف جا گهڻا ماڻهو قتل ٿيا، انهن ماڻهن جا سر جڏهن مرزا شاهه حسن جي نظر مان گذاريائون ته اتفاقاً انهن ۾ ڪي مغلن جا سر به هئا، جن جي ڏسڻ سان مرزا جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو، اهو حال ڏسي سلطان محمود خان گوڏا کوڙي وڃي اڳيان ويٺو ۽ عرض ڪيائين ته جيڪڏهن ڪو هن طرف جو ماڻهو ٿو ڪسي ته به توهان رئو ٿا، ۽ جيڪڏهن ڪو هُن طرف جو ماڻهو ڪسي ٿو ته به رئو ٿا، پوءِ اسان ڇا ڪريون؟ ايتري ۾ شيخ عبدالوهاب ۽ مرزا قسم بيگ وچ ۾ پئي مرزا عيسى ترخان جي خطائن ۽ تفسيرن جي معافي گهرڻ لڳا. سلطان محمود خان مير شاهه محمود ۽ مير شاهه حسين تڪدري پڻ موقعو ڏسي عرض ڪيو ته ارغونن جيڪا مرزائي غلامن جي حق ۾ بي ادبي ڪئي آهي، تنهن کان مرزا عيسى ترخان جي خطائن ۽ تقسيرن جي معافي گهرڻ لڳا. سلطان مح۾ود خان مير شاهه محمود ۽ مير شاهه حسين تڪدري پڻ موقعو ڏسي عرض ڪيو ته ارغونن جيڪا مرزائي غلامن جي حق ۾ بي ادبي ڪئي آهي، تنهن کان مرزا عيسى شرمندو ۽ پشيمان آهي، جيڪڏهن سندس خطائون معاف فرمائي قيد ڪيل ترخانن کي آزاد فرمائيندا ته مهرباني جو اميدوار ٿي خدمت ۾ حاضر ٿيندو. مرزا منظور ڪيو، ۽ مرزا عيسى ماهه بيگم کي مرزا جي خاصخيلين سميت رخصت ڏيئي، سڀني کي لشڪر ۾ پهچايو. اهو واقعو مٿين سال جي صفر مهيني جي آخر ۾ ٿيو.

ربيع الاول مهيني جي پهرئين تاريخ شيخ عبدالوهاب ۽ مرزا قاسم ترخانين جا گناههمعاف ڪرائي کين ٺٽي موڪليو، ساڳي مهيني جي ٻي تاريخ مرزا عيسى ترخان ۽ سلطان محمود خان جي ملاقات ٿي ۽ هرهڪ مصحف مجيد تي هٿ رکي انجام اقرار ڪيو ته هڪ ٻئي سان نهايت اتفاق ۾ هي اختلاف ۽ نفاق کان پاسو ڪنداسون ۽ جيستائين مرزا شاهه حسن زندهه هوندو، تيستائين مطيع ۽ تابعدار رهي هن کان پوءِ ڪوبه جهڳڙو يا سرڪشي نه ڪنداسون، ۽ جڏهن مرزا شاهه حسن [190] پنهنجي طبعي موت سان هن فاني دنيا کان دارالبقا ڏانهن انتقال ڪندو، تڏهن سنڌ جو ملڪ اڌو اڌ تقسيم ٿيندو لڪي کان مٿيون حصو سلطان محمود خان سان تعلق رکندو ۽ لڪي جي ٽڪر کان هن طرف وارو پاسو مرزا عيسى جهليندو. انهيءَ فيصلي جو اعتراف ۽ اقرار ڪري تاڪيد طور هڪ دستاويز لکي ان تي پنهنجون ۽ ٻين وزيرن جون مهرون هڻي، هڪ ٻئي کي دوباره ڀاڪر پائي الوداع ڪيائون. اهو به فيصلو ڪيائون ته ٻنهي طرفن کان ماڻهن جي اچ وڃ رهي، جيئن رنج ۽ جهيڙو دفع ٿي وڃي.

ٻئي ڏينهن مرزا قاسم بيگ ٺٽ وڃي، مرزا عيسى ترخان جي پٽ محمد صالح کي هڪ ٽوليءَ سان مرزا شاهه حسن جي خدمت ۾ وٺي آيو ۽ محمد صالح، مرزا جي آڏو چڱا تحفا نذر رکيا. هن طرف کان وري شيخ عبدالوهاب ۽ سلطان محمود جي ڀاءُ امير سلطان کي ٺٽ نيئي، مرزا عيسى سان ملاقات ڪرايائين. مرزا شاهه حسن، مرزا صالح کي گهوڙو ۽ سروپاءِ عنايت ڪري، موٽي وڃڻ جي رخصت ڏني، پڻ ملا ريائي هٿان نقارن جو جوڙو ۽ هڪ قيمتي سروپاءِ مرزا عيسى ڏانهن موڪليائين، ۽ ٻئي ڏينهن مرزا شاهه حسن مير ذاولنون جو اهو جهنڊو، جو سلطان حسين مرزا پايقرا کيس ڏنو هو، نقارن ۽ تمند طوق  (ڏاهه هزاري جهنڊو) سان گڏ سلطان محمود خان کي عنايت ڪيو ۽ پنهنجي مهر پڻ سلطان محمود جي حوالي ڪئي. امير سلطان پڻ انهيءَ ڏينهن ٺٽي کان واپس اچي ڪئمپ سان مليو ۽ ڪئمپ ۽ ٺٽي جا ماڻهو آزاديءَ سان آمد و رفت ڪندا رهيا. [1]

شيخ عبدالوهاب کي طب جي علم ۾ پوري مهارت هئي، تنهن مرزا شاهه حسن جي حالات مان معلوم ڪيو ته مرزا جو مرض سختيءَ سان گڏ، وڌندو رهي ٿو، تنهن ڪري مناسب آهي ته بالفعل صلح ڪري سيوستا ڏانهن روانو ٿي وڃي، جيئن راڄن جا ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ پهچن. سلطان محمود خان هيءَ حقيقت مرزا شاهه حسن کي عرض ڪئي، مرزا پڻ منزل پٽڻ جي اجازت ڏني، جنهن تي انهيءَ ئي صبح جو ڪوچ ڪري روانا ٿيا. [191] جنهن ڏينهن ڪوچ ڪيائون، انهيءَ ڏينهن مرزا جي مرض نهايت سختي اختيار ڪئي ۽ گهڙي گهڙي سختي وڌندي رهي. ساڳئي سال جي يارهين ربيع الاول جي صبح جو گهڙي سختي وڌندي رهي. سائي سال جي يارهين ربيع الاول جي صبح جو وڃي علي پوٽن جي ڳوٺ ۾ ترسيا، ٻئي ڏينهن ٻارهين تاريخ سومر ڏينهن ٽپهري جي نوبت وقت مرزا شاهه حسن جو روح ”ارجعي الي ربڪ راضيت مرضيه“ (راضي ۽ خوش ٿي پنهنجي رب ڏانهن روجع ٿي) جي ندا سڻي بهشت جي باغن ڏانهن پرواز ڪري ويو. شيخ عبدالوهاب ۽ مرزا قاسم جيڪي انهيءَ وقت مرزا جي سيرانديءَ کان حاضر هئا، سي ٻاهر نڪتا. سلطان محمود انهن سان گڏ ٻيڙي ۾ وڃي حادثي جي حقيقت معلوم ڪئي ۽ اکين مان ڳوڙهن جا قطرا وسائڻ لڳو. هڪڙي لحظي کان پوءِ مرزا جو منهن کولي، جزع فزع ۽ روڄ راڙو ڪري، مرزا جي پير کي چمي ڏيئي. مرزا جي پيرن هيٺان ٿي ويٺو، ۽ چيائين ”شيخ! توهان ۽ مرزا قاسم الله تعالى عزوجل وٽ شاهد هججو ته مون پڇاڙيءَ تائين مرزا جي مخالفت نه ڪئي آهي، نمڪحلالي ڏيکاري، هن گهڙي تائين سندن پيرن هيٺان هوس، ۽ مون کان سواءِ ٻئي ڪنهن به امير کي هيءَ سعادت حاصل نه آهي.“ پوءِ شيخ عبدالوهاب کيس هٿ کان وٺي ماهه بيگم وٽ وٺي ويو، ۽ چيائين ته”توهان ۽ سلطان محمود خان پاڻ ۾ فيصلو ڪريو، تيستائين مان وڃي ٿو مرزا جي غسل، تجهيز ۽ تڪفين کي لڳان.“ شيخ عبدالوهاب جي تجهيز ۽ تڪفين کان فارغ ٿيڻ کانپوءِ [سومهڻي جي نماز وقت] مرزا جو لاش ڏوليءَ ۾ رکي، شريعت پاڪ جي دستور موجب جنازي جي نماز ادا ڪيائون. سلطان محمود خان انهيءَ خزاني مان، جو مرزا سان ساڻ هو، ڪجهه حصو کنيو ۽ ٻيو به جيڪو سامان، جواهرات ۽ هٿيار ٻيڙيءَ ۾ هئا تنهن مان گهڻي تي متصرف ٿي، ماهه بيگم تي زور ڏنائين، ته متان ارغون ترخان توهان جي تعظيم ۽ احترام جي شرطن بجا آڻڻ ۾ ڪا ڪوتاهي ڪن، تنهن ڪري توهان بکر هلو ۽ مرزا جو لاش پڻ پاڻ سان گڏ کڻي هلون. ماهه بيگم چيو ته مرزا جو لاش [192] شاهه بيگ وٽ مڪه مبارڪ نيو ويندو ۽ اهو رستو ٺٽي کان ويجهو آهي ۽ بکر کان پري، بهر صورت... ماهه بيگم راضي نه ٿي.

قصو مختصر ته انهيءَ ڏينهن صبح جو ماهه بيگم، شيخ عبدالوهاب، مرزا قاسم ۽ خواجه محمد حسين، مرزا جي لاش کي کڻي وڃڻ لاءِ ذميدار ٿيا ۽ سلطان محمود خان صبح جو ڪوچ ڪري بکر روانو ٿيو.

انهي ئي ڏينهن ٺٽي خبر پهتي، ۽ مرزا عيسى وڏي لشڪر سان سوار ٿي پٺيان پئجي وڃي، سلطان محمود خان کي ايترو ويجهو پتو، جو ٻنهي طرفن کان نغارن جا آواز ٻڌائون، سلطان محمود خان لشڪر جون صفون سينگاري بيهاريون ۽ مرزا عيسى ڏانهن ماڻهو موڪليائين ته اچڻ جو مطلب ڇا آهي؟ جيڪڏهن لڙائيءَ جو ارادو رکو ٿا ته ٻڌايو ته لڙائيءَ جو ميدان تيار ڪريان. مرزا عيسى چورائي موڪليو ته ارغونين کان ٻڌو هوم ته ماهه بيگم ۽ سلطان محمود خان مرزا جو لاش کڻي وڃي رهيا آهن، تنهن ڪري آءُ انهيءَ لاءِ آيو هوس ته ائين مناسب نه آهي، جو هتان بکر کڻي وڃو، ٺٽ به مرزا جي ملڪيت آهي، هاڻي معلوم ٿيو آهي ته ماهه بيگم مرزا مرحوم جو جنازو ٺٽي کڻائي ويئي، تنهن ڪري توهان دلجاءِ سان بکر روانا ٿي وڃو. سلطان محمود خان نهايت تڪڙو سيوستان پهتو. هوڏانهن مرزا شاهه مسعود، شاهه حسين تڪدري، مير ابوالخير، مير حميد ساربان، خواجه ۽ باقي ٻيا ماڻهو اهو ويچار ڪري ته ٺٽو مرزا عيسى جي تصرف ۾ آيو ۽ بکر سلطان محمود جي حوالي ٿيو. هاڻي سيوستان تي اسين ٿا متصرف ٿيون. [سيوهڻ تي قبضو ڪري ويٺا.] سلطان محمود جي ڪيتري به زور ڀرڻ جي باوجود قلعو نه ڏنائون ۽ مٿئين گمان تي قلعو نه کوليائون، لاچار سلطان محمود خان، مير ابوالخير ۽ مير عبدالحميد کي گهرائي بکر روانو ٿي ويو.


[1]   تمن طوغ (تمن _ طوغ يا طوق) _ ڏهه هزاري جهنڊو، تمن معنى ڏهه هزار ماڻهو يا اهڙو ضلعو جنهن مان بروقت سر ڏهه عزار جنگي جوان ملي سگهن. طوغ معنى جهنڊو. (مترجم)

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org