مرزا شاهه حسن جي اُچ جي منزل تي لانگاهه سان
لڙائي جو احوال
ٻئي ڏينهن صبح جو مرزا شاهه حسن لڙائي لاءِ سوار ٿيو، ۽ لشڪر جي
تياريءَ جو پورو بندوبست ڪيائين. ميمني جي سرداري
محمد مسڪين ترخان ۽ مرزا عيسى ترخان جي حوالي
ڪيائين، مسيري تي مير فرخ ۽ محمود بيگ لار جو عزيز
مير عليڪ ترخان ڇڏيائين، مقدمي تي سلطان محمود خان
۽ سلطان مقيم بيگ لار مقرر ڪيائين، ۽ مير فرخ
ارغون ۽ سلطان قلي بيگ لار کي پنهنجي همراهه وچ ۾
رکي مير محمود ساربان ۽ مير ابو مسلم کي چونڪيءَ
تي ڇڏيائين. ٻئي طرف لانگاهه شهزادا، بلوچ ۽ ملتان
جو ٻيو لشڪر سامهون ٿيا ۽ ناهرن ماڻهن کي مقدمي تي
مقرر ڪيائون. انهيءَ ڏينهن ملتان جو لشڪر هن لشڪر
کان سئوڻو هو، جڏهن ٻئي بهادر لشڪر هڪ ٻئي جي
سامهون اچي بيٺا تڏهن پهريائين مغل لڙائي جي باهه
ڀڙڪائي. هوڏانهن لانگاهن ۽ بلوچن جي لشڪر تيرڪمان
هٿ ۾ کڻي، تير وسائڻ شروع ڪيا، ايتري ۾ [152] مرزا
جي ميمني پنهنجن مخالفن کي ڀڄائي ڪڍيو ۽ ميسرهه پڻ
دشمني جي، هڪ فوج جي صفائي ڪري ڇڏي. شهزادو بهلول
۽ ٻيا گهڻا ماڻهو گرفتار ٿيا، مرزا انهن جي ڪهڻ جو
اشارو ڪيو.
ساڳي وقت لڙائيءَ جو ميدان ڇڏي شهر جي ٻاهران آيا ۽ قلعي جو
دروازو ڀڃي لڙائيءَ کي جنبي ويا، لانگاهن جا
انبوهه قلعي مٿان چڙهي تير ۽ پٿر اڇلائڻ لڳا،
اوچتو سردارن جا سر نيرن مٿان اڀا ڪري انهن ماڻهن
کي ڏيکاريائون جي هيءُ حال ڏسي هڪدم قلعي جي برجن
۽ ڀتين مٿان ٽپا ڏيئي، جان
بچائي ڀڄي ويا، ليڪن حڪم موجب لشڪر کي اچ جي ماڻهن مان جيڪو به
هٿ ٿي آيو تنهن کي قتل ٿي ڪيائون ۽ شهر جي ماڻهن
کي لٽيائون ٿي، اهو حال ڏسي سيد زين العابدين
بخاري، شيخ ابراهيم، شيخ اسماعيل جمالي، قاضي
ابوالخير ۽ قاضي عبدالرحمان مرزا شاهه حسن جي خدمت
۾ حاضر ٿي، واقعي جي حقيقت مرزا جي خدمت ۾ عرض
ڪئي. مرزا قاصدن کي حڪم فرمايو ته اڄ کانپوءِ
ماڻهن کي ڪجهه به نه چيو وڃي. قيدين کي آزاد ڪيو
وڃي ۽ جيڪو ماڻهو حڪم جي مخالفت ڪري، تنهنجو سر
تري تي چاڙهيو وڃي. اچ جي قلعي ۽ عمارتن جي ڊاهڻ
جو پڻ حڪم فرمايائين، ۽ جاين جون ڪاٺيون ٻيڙي ۾
وجهي بکر آندائون.
مرزا شاهه حسن جي غلبي جو آواز جڏهن ملتان جي حاڪم سلطان محمود
لانگاهه جي ڪن تي پهتو، تڏهن بلوچن، جتن، رندن، ۽
دوداين ڪوراين، چانڊين ۽ ٻين سپاهين کي گڏ ڪرڻ
لاءِ سڀني طرفن ۽ سرحدن ڏانهن ماڻهو موڪليائين،
جنهن ڪري هڪ مهيني جي عرصي ۾ اسي هزار سوار ۽
پيادا ملتان ۾ گڏ ٿي هڪ وڏو لشڪر ٺهي پيو. سلطان
محمود لانگاهه ڏاڍي غرور سان ملاقات مان نڪري جنگ
جي ميدان ڏانهن روانو ٿيو. هوڏانهن مرزا شاهه حسن
سلطان محمود لانگاهه جي لشڪر گڏ ڪرڻ جي خبر ٻڌي
گهاري واهه جي ڪناري تي هي انتظار ڪرڻ لڳو. سلطان
محمود لانگاهه ملتان جي ٻاهران. [153] هڪ مهينو
رهي، گهڻو ئي لڙائي جو سامان ۽ هٿيار تيار ڪيا ۽
لشڪر جي تيار ٿيڻ کانپوءِ ملتان جي ٻاهران منزل
پٽي روانو ٿيو. هڪ منزل ٻاهر نڪتو ته سندس دماغ ۾
وڌائيءَ جي هوا ڀرجي ويئي.
بيخبر زنکه نقشبند قضا،
درپس مرده نقشها دارد
[بيخبر هو ته نقشبند قضا
پردي اندر رکي ٿو ڪيئي نقش]
بيشڪ هن بي مهر زماني جي باغ مان اهو ڪهڙو آهي، جنهن هن دنيا جي
مراد جا گل نه چونڊيا هوندا ۽ سندس دل جي پير ۾
نامراديءَ جو ڪنڊو نه لڳندو هو. اهو ڪهڙو ماڻهو
آهي، جنهن هن دنيا جي عشر تڪده ۾ بخت جي سراب جو
پيالو پيتو هجي ۽ نشي کان سندس سر ۾ دورو پيدا نه
ٿيو هجي. هن قول جي تائيد اجها هن مان ٿئي ٿي ته
شيخ شجاع بخاري، جو سلطان حسين لانگاهه جو ناٺي هو
۽ جنهن کي مالي خواهه ملڪي ڳالهين ۾ ڏاڍو اقتدار
حاصل هو، تنهن ڪنهن موقعي تي، ٻانهين ۽ خاص
خليفاڻين مان ڪنهن سان خيانت ڪئي هئي. هن ڳالهه
ٻڌڻ سان سلطان محمود جي ڪاوڙ جي باهه ڀڙڪي پيئي
هئي، تنهن ڪري اهي ماڻهو پنهنجي حياتي سلطان محمود
جي موت تي منحصر ڏسي پنهنجي سردار جي هلاڪ ڪرڻ
پويان ڪمر ڪشي بيٺا هئا ۽ سڀيئي حق پري رکي، زهر
هلاهل، جو خزاني ۾ ٻين لاءِ رکيل هو، سو مٿس
استعمال ڪيائون، جنهن جي اڌ ڍڪ پيئڻ سان هو اهڙو
بيهوش ٿيو جو وري هوش ۾ نه آيو.
سلطان محمود جي والده جڏهن هن واقعي کان واقف ٿي، تڏهن
فرمايائين ته مناسب ائين آهي ته اسان هن منزل تي
ترسي لشڪر کي پاڻ سان متفق ڪريون ۽ هيءُ حقيقت ٻه
ٽي ڏينهن لشڪر جي ماڻهن کان مخفي هجڻ گهرجي، آخر
هي لڪيل راز ظاهر ٿي پيو، بلوچ جن جي لشڪر ۾
اڪثريت هئي، سي ڪاوڙجي پيا. لانگاهن سلطان محمود
جي پٽ سلطان حسين کي حڪومت جي گاديءَ تي وهاريو ۽
صلح کان سواءِ ڪو علاج نه ڏنائون، تنهن ڪري، حضرت
مخدوم زادي شيخ بهاؤالدين کي صلح جي عرض ڪرڻ لاءِ
وچ ۾ آندائون. انهيءَ بزرگ گهاري جي ڪناري تي مرزا
شاهه حسن سان ملاقات ڪئي، مرزا شاهه حسن شيخ جي
ڏاڍي تعظيم ۽ تڪريم ڪري صلح جي باري ۾ [154] سندس
التماس قبول فرمايو. پوءِ هڪ عهدنامو لکيائون،
جنهن جو مضمون هو ته جنهن صورت ۾ گهارو واهه ملتان
۽ بکر ولايتن جي وچ ۾ آهي، تنهن ڪري اڄ کان پوءِ
حاڪم سڳورا هن حد کان اڳتي نه وڌندا. موڪلائڻ وقت
نَوَ گهوڙا، اٺن جي قطار ۽ نقد پئسا مخدوم صاحب جي
خدمت ۾ پيش ڪيائين ۽ شيخ صاحب راضي ٿي موٽي ويو.
نواب مرزا تمام تاڪيد سان اُچ ۾ ٻئي قلعي ڊاهڻ جو
حڪم ڪيو، جنهن جي عمارت اڄ تائين قائم آهي. ايتري
۾ سلطان محمود لانگاهه جي هڪ ملازم اقبال خان،
مرزا شاهه حسن جي خدمت ۾ حاضريءَ جو شرف حاصل ڪري،
خير خواهيءَ ڏيکاري. ملازم کي نهايت توجهه سان
سرفراز ڪري سندس عرض قبول ڪيا ويا.
مرزا شاهه حسن جو دلاور فتح ڪرڻ ڏانهن متوجهه ٿيڻ
۽ غازي خان جي قتل احوال
جنهن وقت مرزا شاهه حسن اُچ تي متصرف ٿيو تڏهن اقبال خان جي
خدمت ۾ حاضر ٿي خير خواهي ڏيکاري، عرض ڪيو ته
دلاور جي قلعي ۾ ڏاڍا خزانا دفن ٿيل آهن، سلطان جو
گڏ ڪيل سڀ مال انهيءَ قلعي ۾ محفوظ آهي، تنهن ڪري
غازي خان جي دل جوئيءَ لاءِ هڪ فرمان جاري ٿيو،
سندس مضمون هو ته اسان جي منزل اُچ جي سر زمين تي
آهي، تنهن ڪري مناسب ۽ لائق ائين آهي ته توهان
قلعي جي سڀني رهاڪن سميت تابعداري قبول ڪري بنا
دير خدمت ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ روانا ٿيو، ليڪن غازي
خان بي پرواهي ڏيکاري ۽ قلعي جي مضبوطيءَ تي ڀروسو
رکي، خدمت ۾ حاضر نه ٿيو، انهيءَ ڪري پهرين رجب
خميس ڏينهن صبح جو مرزا حڪم فرمايو ته فتحمند لشڪر
پاڻي ۽ اناج کڻي، هڪ مهيني جو سمر تيار ڪري، دلاور
ڏانهن تيار ٿئي، ۽ سنبل خان سوران،
خاصخيلين،توبچين ۽ پيادن کي ساڻ وٺي، دلاور جي
قلعي جي چوڌاري تنبو کوڙي مورچا تقسيم ڪري نهايت
ڪوشش ۽ خبرداري سان محاصري [155] ۽ لڙائيءَ ۾
مشغول ٿي وڃي. در حقيقت اهو هڪ اهڙو قلعو آهي جو
بلندي ۽ مضبوطيءَ ۾ سيد سڪندريءَ سان مٽ آهي ۽ هڪ
اهڙي بيابان ۾ واقع آهي، جتي پاڻي نه ملڻ ڪري هوا
جي پکين جون اکيون هميشه آسمان جي ڪڪر ڏانهن ڏسندڙ
۽ حيران هونديون آهن.
قصو ڪوتاهه چالاڪ ڪم ڪندڙن ٽن ڏينهن ۾ ٽي سئو پاڻيءَ جا کوهه
تيار ڪري لشڪر کي پاڻي گهڻو پئدا ڪري ڏنو، ۽ مرزا
پاڻ چئن ڏينهن کان پوءِ تشريف فرما ٿي، انهيءَ
بلند قلعي کي (دائري جي) مرڪز وانگيان گهيري ۾
ورتو، ۽ محاصري جي سامان تيار ڪري تير ۽ پٿر
اڇلائڻ شروع ڪري، قلعي فتح ڪرڻ ۽ لڙائي جا شرط بجا
آڻڻ لڳا. هن حالت کي جڏهن ڪجهه وقت گذريو ته قلعي
وارن جو حال تنگ ٿيڻ لڳو، ۽ کين ڪٿان به مدد ۽
واهر پهچي نه سگهي. گهيري ڊگهي ٿيڻ ڪري قلعي وارا
هن حالت کي پهتا جو نهايت ڪوشش هوندي به کين
ٽهڪايل چمڙو به هٿ نه ٿي لڳو. آخر سنبل خان وارن
قلعي جي ٻن طرفن کان سرنگهه هڻي دروازي جي اڳيان
واري برج ۽ ڀت کي ڪيرائي وڌو، ۽ ماڻهو موت جي منهن
سامهون ڏسي، باهه جون دٻليون ۽ شعلا اڇلائڻ لڳا،
جڏهن لڙائي زور وٺي ويئي تڏهن بهادر ڍالون سرن سان
ٻڌي برجن ۽ ڀتين تي چڙهي ويا، ۽ قلعي جي رهاڪن مان
گهڻن کي قتل ۽ ڦٽيل ڪري ڇڏيائون ۽ باقي رهيلن سڀني
کي قيد ڪيائون. نواب مرزا خزاني ۽ دفنيني جي حساب
ڪرڻ لاءِ اعتبار جوڳا ماڻهو مقرر ڪيا، ۽ صبح جو
گهڻو سون سپاهين ۾ تقسيم ڪري، ان جو چڱو خاصو حصو
خزاني ۾ مفوظ ڪيائون، اتان پوءِ اُچ ۽ بکر ڏانهن
واپس ٿي پنڌرهين ڏينهن بکر پهچي خوشيءَ جي مجلس
قائم ڪيائون.
مرزا شاهه حسن جو ملتان ڏانهن وڃڻ ۽ لاڳيتي محاصري
کانپوءِ فتح ڪرڻ جو احول
سن 932هه جي پڇاڙيءَ ۾ جڏهن سلطان محمود لانگاهه جي فوت ٿيڻ
کانپوءِ سندس قريبن ۽ اميرن جي وچ ۾ فساد ۽ دشمني
[156] پئجي وڃڻ ڪري هر هڪ پنهنجو طرف جهلي ٻئي جي
اطاعت کان نابري واري ويٺو. سندس پٽ سلطان حسين
ننڍيءَ عمر جو شيخ شجاع بخاري ۽ لانگاهه عورتن جي
هٿن ۾ رانديڪو ٿي رهيو. سندس هٿان ڪوبه ڪم ڪونه ٿي
ٿيو ۽ ملتان ۾ فتنو، فساد، ظلم ۽ زبردستي شروع ٿي
ويئي، تڏهن امير، مکيه ماڻهو ۽ عام رعيت ٻئي حاڪم
جا ڳولائو ٿيا. نيٺ لنگر خان مرزا شاهه حسن جي
خدمت ۾ پهچي، ملتان ۽ ملتانين جو احوال عرض ڪري،
مرزا کي ملتان شهر فتح ڪرڻ تي آماده ڪيو، ۽ مرزا
تيار ٿي مسڪين ترخان کي مقدمي طور اڳ ۾ روانو ڪيو.
لانگاهه ماڻهن ارغون لشڪر جي آمد کان واقف ٿي صلاح ڪري عمدت
المشائخ شيخ اسماعيل قريشيءَ کي قاصد طور موڪلي
صلح لاءِ عرض ڪيو، ۽ حضرت شيخ مؤ جي قريب اچي مرزا
شاهه حسن سان ملاقات ڪئي. نواب مرزا شاهه حسن حتي
الامڪان شيخ جي وڏي تعظيم ۽ تڪريم ڪئي، ۽ مهمانيءَ
طور ڪجهه رقم شيخ جي نوڪرن کي ڏني، شيخ صلح جي
گفتگو ڇيڙي، پر انهيءَ مان ڪوبه فائدو نه ٿيو،
جنهن ڪري شيخ لنگر خان کي چيو ته پوءِ اسان کي ٺٽي
مان ڪوبه فائدو نه ٿيو، جنهن ڪري شيخ لنگر خان کي
چيو ته پوءِ اسان کي ٺٽي پنهنجن عزيزن وٽ موڪلي
ڇڏيو. لنگر خان مرزا کي عرض ڪيو ته جنهن صورت ۾
ٺٽي ۾ شيخ جا عزيز آهن، تنهن ڪري جيڪڏهن حڪم هجي
ته شيخ ٺٽي روانو ٿي وڃي. مرزا لنگر خان جو عرض
قبول ڪري شيخ کي سنڌ وڃڻ جي موڪل ڏني ۽ [شيخ لاءِ]
ٺٽي جي آسپاس هڪ جڳهه خيرات طور مقرر ڪئي، ۽ پاڻ
اتان منزلون ڪندو ملتان روانو ٿيو. ارغون لشڪر جي
ويجهي پهچڻ کانپوءِ لانگاهن تي ڊپ ڇانئجي ويو ۽ سڀ
ملتان هليا ويا. لنگر خان، مرزا جو لشڪر ساڻ ڪري
ڀٽي کهلواڻ تي ڪاهي، اناج چوپايو مال ۽ ٻيون شيون
مرزا جي ڪئمپ ۾ آنديون ۽ فتحمند لشڪر محاصرو ۽
لڙائي شروع ڪئي. [157]
ملتان جي والي پنهنجو هڪ ڀاءُ جناب شيخ شجاع بخاريءَ جي ڀاءُ
سان گڏي نواب مرزا جي خدمت ۾ موڪلي، اطاعت ۽
تابعداري ظاهر ڪئي، مرزا مٿس نوازشون ڪري فرمايو
ته پنهنجي ڀاءُ کي وڃي چؤ ته قلعي کان ٻاهر نڪري
اسان کي گڏجي، ۽ اطاعت قبول ڪري، جيئن هو هر قسم
جي مهربانيءَ جو لائق ٿئي ۽ اسان قلعو سندس حوالي
ڪري واپس وڃون. هن جيڪي ٻڌو سو قلعي ۾ اندر وڃي
پهچايو، پر انگاهه نهايت تڪبر کان ملاقات لاءِ
ٻاهر ڪين آيا، ۽ ارغون لشڪر جي مقابلي ۽ روڪڻ ۾
مشغول ٿي لڙائيءَ جو ڀڀڙو ڀڙڪايائون، ۽ قلعي جا
دروازا کولي تراريون ۽ تير هٿن ۾ کڻي عجيب لڙائي
لڙي، ڪن ماڻهن کي قتل ڪيائون. [هن تي] مرزا شاهه
حسن جي غصي جي باهه ڀڙڪي اٿي ۽ قلعي جي اڀرندي
پاسي شمس دروازي جي سامهون تنبو هڻي، قلعي جي
چوڌاري مورچا ورهائي ڏيئي محاصري جي ڪوشش ورتائين.
ٻنهي طرفن کان جنگ جي باهه ڀڙڪي، تير ۽ تڪا مينهن
وانگر وسڻ لڳا، هر روز لڙائي ٿيندي رهي، ملتان جي
شهر ۾ ڏاڍو ڏڪر ۽ مهانگ پيدا ٿيو. جيئن ته ڍڳي جي
منڍي ڏهن تنڪن ۽ ملتان
جي تور تي ان جو هڪ مڻ سر کي وڃي لڳو. اڪثر ماڻهو
ڍڳن جي کلن ۽ چمن تي گذارڻ لڳا، جي کائڻ جي لائق
نه هوندا هئا، ۽ جيڪڏهن ڪو ڪتو يا ٻلو ٿ اچي ٿي
وين، ته ان جو گوشت حلوي ۽ ڇيلي وانگيان ٿي
کاڌائون، جاڙو ماڇي جنهن کي شيخ شجاع ٽن هزارن
ڳوٺاڻن پيادن جو سردار بنائي، قلعي جي نگراني جو
ڪم سندس حوالي ڪيو هو، انهيءَ بدبخت کي جنهن جي به
گهر ۾ اناج جو شڪ ٿي پيو ته بنا ڪنهن لهاظ جي وڃي
انهيءَ ويچاري جو گهر ٿي لٽيائين. هن نامناسب ڪم
کان ماڻهو هٿ کڻي ”نعم الانقلاب ولو علينا“
(انقلاب چڱو آهي پوءِ ڀل ته اسان جي بر خلاف هجي)
جي مضمون مطابق لانگاهن جي بادشاهيءَ جو زوال چاهڻ
لڳا. آخر ماڻهو ڪسڻ قبول ڪري قلعي جي ڀتين تان پاڻ
کي کاهيءَ ۾ اڇلائڻ لڳا. هوڏانهن مرزا شاهه حسن
ماڻهن جي مجبوريءَ [158] کان واقف ٿي پاڻ کي
ملتانين جي ڪهڻ کان روڪي ڇڏيو. اناج جي قلت سبب
ملتان جي اميرن سڀني ماڻهن کي ماني پهچائڻ کان منع
ڪئي. بلڪ سڀ ماڻهو جن وٽ ڪجهه نه ڪجهه انجاج هو. رٻ ۽
شوربي تي وقت گذاريندا هئا ۽ مصيبت وڃي انتها کي
پهتي هئي. محاصري کي جڏهن هڪ سال گذري ويو ۽ قلعي
وارا وڃي پوين پساهن تي بيٺا، تڏهن 11 ربيع الثاني
933هه ۾ ارغون بهادرن، ساهه ڳاريندڙن تيرن سان
گهڻن جو جسم روح کان خالي ڪيو، ۽ نيٺ هڪڙي جماعت
صبح جي وقت تيرن ۽ گرزن جي زور سان لوهاري دروازو
ڀڃي شهر ۾ لنگهي پيئي، بس پوءِ ته نهايت بيدرديءَ
سان قتل ۽ ڦرلٽ شروع ڪري ڏنائون ۽ ستن سالن کان
وٺي ستر سالن تائين عمر جا ماڻهو قيد ٿيا، ۽
ملتانين مٿان قيامت جهڙو حادثو ٿي گذريو. ماڻهن
وڃي بزرگن جي خانقاهن ۾ پناهه ورتي. شهر ۾ ڏهه
ٻارهن ڏينهن ڦرلٽ جاري رکڻ کانپوءِ محبت ترخان
ڪجهه لشڪر وٺي، خانقاهه ۾ وڃي ماڻهن کي ڦريو ۽
انهيءَ جاءِ کي باهه ڏني ۽ مزار تي ڏاڍو خون
وهايو. لانگاهه ۽ ملتان جو لشڪر گهڻو ڪري انهي قتل
عام ۾ ڪسي ويا، ۽ انهيءَ لٽ ۾ قيمتي جواهر ۽ بي
انداز خزانو مغلن ۽ لشڪر کي هٿ لڳو، تنهن کانپوءِ
وڃي مرزا شاهه حسن جي ڪاوڙ ٺري ۽ باقي بچيل رعيت
تي رحم فرمائي حڪم ڪيائين ته ڪٺلن کيرستي مان کڻي
کڏن ۾ دفن ڪيو وڃي، ۽ ٻئي ڪنهن به مخلوق سان کوٽس
نه ڪئي وڃي.
مخدوم زادو شيخ بهاؤ الدين سلطان محمود لانگاهه جو پٽ نالي
سلطان حسن ۽ نياڻي مرزا شاهه حسن جي خدمت ۾ وٺي
آيو، مرزا شاهه حسن ٻنهي کي مسڪين ترخان جي حوالي
ڪيو. مسڪين ترخان سلطان محمود جي نياڻي شرعي قاعدي
موجب نڪاح ۾ آندي ۽ پٽ کي پڻ پٽيلو بنائي پنهنجي
پناهه ۾ رکيو.
ٻه مهينا ٽڪڻ کانپوءِ مرزا شاهه حسن بکر ڏانهن [159] موٽيو.
(موٽڻ وقت) دوست ميرا خور ۽ خواجه شمس الدين
ماحونيءَ کي ٻه سئو سوار، سئو پيادا، سئو توبچي
ڏيئي ملتان جو حاڪم مقرر ڪيائين. شيخ شجاع بخاري ۽
سلطان محمود جي خاصخيلين کي گرفت ۾ آڻي ڏنڊ وجهي
کانئن وڏيون رقمون وصول ڪيائين. مرزا شاهه حسن
موٽي اڃا بکر ۾ رسيو ئي ڪين ته ٺٽي جي اميرن جي
عريضي پهتي ، ته کنگهار ٺٽي تي چڙهائي ڪرڻ جوا
رادو رکي ٿو. مرزا شاهه حسن بکر کان ٺٽي روانو ٿيو
۽ دوست امير اخور، خواجه شمس الدين ۽ لنگر خان کي
ملتان ۾ مقرر ڪيائون. هي اٽڪل ٻارهن مهينا ملتان ۾
رهيا (جنهن کانپوءِ) لنگر خان جدا ٿي وڃي جنت مڪان
محمد بابر بادشاهه جي خدمت جو شرف حاصل ڪيو. مرزا
شاهه حسن هيءَ خبر ٻڌي عريضي موڪلي، ملتان بادشاهه
جي نذر ڪيو. دوست مير اخور ۽ خواجه شمس الدين موٽي
بکر آيا. هوڏانهن حضرت فردوس مڪاني ملتان مرزا
ڪامران کي عنايت فرمايو.
کنگهار جي مخالفت ۽ مرزا شاهه حسن جي وڃڻ جو احوال
مٿي گذريو ته جئين مرزا شاهه حسن بکر پهتو تيئن ٺٽي جي اميرن جي
عرضداشت پهتي ته کنگهار ٺٽي ولايت جو ارادو رکي
ٿو، مرزا شاهه حسن يلغار ڪري ٺٽي جي حد ۾ پهتو ته
ايتري ۾ کنگهار جو ايلچي مرزا شاهه حسن وٽ پهتو ته
”توهان منهنجي ڀاءُ آمر آمراڻي کي ڪٺو آهي، سندس
خون جي بدلي وٺڻ لاءِ ماڻهو گڏ ٿيا آهن، پر جنهن
صورت ۾ نواب مرزا ملتان فتح ڪرڻ ويا هئا، تنهن ڪري
مان عزت جو خيال رکي اهل و عيال جي مٿان ڪاهي نه
آيس. هاڻي اسان سان صلح ڪريو، سنڌ جو ڪجهه ٽڪرو
اسان کي ڏنو وڃي، يا ته جنگ ڪئي وڃي. مرزا شاهه
حسن جواب ڏنو ته جنگ کان سواءِ اسان وٽ ٻي ڪا
ڳالهه ڪانه آهي، جنهن ميدان [160] کي آمر آمراڻيءَ
جي خون سان رنگين ڪيو هوسين [انهيءَ تي] سندس خون
جو اثر اڃا باقي آهي. توهان جي اچڻ کان اڳي اجهو
اسين ٿا اچون.“
مرزا شاهه حسن اهل و عيال جي حفاظت لاءِ ٺٽي ۾ ڪي بهادر ماڻهو
ڇڏي کنگهار جي لشڪر ڏانهن روانو ٿيو، ۽ پنڌ پورو
ڪري ڪڇ جي حدن ۾ پهتو. لشڪر گاهه ۾ اناج جي قلت
هئي، جنهن ڪري ماڻهو تنگ ٿيا. اميرن جي مشوري سان
مرزا کي هيءُ مصلحت ڏسڻ ۾ آئي ته جنگ واسطي چئني
طرفن کان متوجهه ٿجي، پوءِ جنهن پاسي کان جنگ ڇڙي
پوي، ته جيڪي ويجها هجن، سي پاڻ کي اتي پهچائين.
پهرين فوج جيڪا هن جي سامهون مقرر ڪيائون سان هئي
سلطان محمود خان بکريءَ جي فوج، ٻئي فوج امير فرخ
جي وچ ۾ شاهه حسن تڪدريءَ ۽ چوٿين فوج مرزا عيسى ۽
مير عليڪ سان ساڻ ڏني ويئي. اتفاقن کنگهار کي خبر
پيئي ته مرزا ٿورن ماڻهن سان بيٺو آهي، سو ڏهه
هزار سور ۽ بيشمار پيادا وٺي مرزا ڏانهن روانو
ٿيو، رستي ۾ نغارن جو آواز سلطان محمود خان جي ڪن
تي پيو، پنهنجن ماڻهن کي چيائين ته ”نغارن جو آواز
پيو ڪن ته پويم“ سڀ تعجب ۾ پيا، ته هن رڻ پٽ ۾
نغارن جو آواز ڪٿان ٿو اچي، وري به ساڳيو آواز
ٻڌائون، نيٺ ڪن ماڻهن کي جبل تي موڪليائون، جن خبر
آندي ته کنگهار وڏو لشڪر وٺيو مرزا شاهه حسن جي
سامهون پيو وڃي. معلوم ائين پيو ٿئي ته جاسوس
موڪلي احوال معلوم ڪيو اٿن ته مرزا شاهه حسن ٿورن
ماڻهن سان آيو آهي، تنهن ڪري فرصت غنيمت ٿو سمجهي،
۽ کيس ٻين ٽن فوجن جي خبر نه آهي، مرزا شاهه حسن
جڏهن اهو لشڪر 0ٺو، تڏهن جيڪي ٿورا گهڻا ماڻهو
ساڻس هئا، سي ساڻ ڪري انهيءَ ڏانهن روانو ٿيو.
ايتري ۾ سلطان محمود بکري ڦڙتائي ڪر ڦري ڪندلان
کان سامهون آيو، ۽ مرزا جي خدمت ۾ قاصد موڪليائين
ته توهان پنهنجي جاءِ کان اڳتي نه وڌو. انشاءَ
الله کيس توهان تائين پهچڻ نه ڇڏينداسون ۽ هڪ قاصد
مير فرخ ڏانهن موڪليائين، ته جلدي پهچي. کنگهار
صفون سنيون ڪيون ۽ گهوڙن تان لهي پيادو ٿي، ڍالون
هڪ ٻئي سان ملائي، [161] نيزا هٿن ۾ کڻي، چادرن جا
پَلَوَ هڪ ٻئي سان ٻڌائون. سلطان محمود خان پڻ
جنگي جوانن کي چيو ته نيزن کانسواءِ ٻيو ڪجهه به
هٿن ۾ نه کڻو. جنگ ٻن ڪلاڪن تائين زور سان هلي،
پهريون ٻه صفون پوريون جگر ڦاڙيندڙ نيزن جو لقمو
ٿي چڪيون، باقي جيڪا فوج رهي، سا ڀڄي مير فرخ جي
سامهون اچي نڪتي. جن کي اتي جو مير فرخ ترارن جو
کاجھ ڪري ڇڏيو، ۽ پاڻ اتي ئي لهي پيو. صبح جو
انهيءَ لشڪر ڳوٺن ۽ واهڻ جي ڦر تي روانو ٿي، گهڻن
ماڻهن کي قيد ڪيو. گهوڙا، اٺ، ڍڳا، چوپايو مال ۽
بيشمار اسباب لشڪرين کي هٿ لڳو. مرزا شاهه حسن
فتحمند ٿي موٽي ٺٽي تشريف فرما ٿيو.
حضرت جنت آشياني محمد همايون بادشاهه جي مبارڪ
لشڪر جي گرفتار روانو ٿيڻ ۽ حڪم موجب مرزا شاهه
حسن جي انهيءَ ولايت ڏانهن متوجهه ٿيڻ جو احوال
سن 942هه ۾ جڏهن حضرت همايون بادشاهه وڏو لشڪر ساڻ وٺي، چتور جي
فتح ڪرڻ جي ارادي سان دهلي مان روانو ٿي، وڃي ان
جي آسپاس خيما کوڙيا هئا، تڏهن سلطان بهادر
گجراتي، چتور جي راجا جي باري ۾ کيس ڇڏي ڏيڻ واسطي
عريضو پيش ڪيو هو، جنهن جي هيٺان ڪي سخت جملا پڻ
استعمال ڪيا هئائين، حضرت بادشاهه جي دل کي انهيءَ
خط کان صدمو پهتو، ۽ سلطان محمود بهادر جي لڙائي
واسطي، گجرات ڏانهن گهوڙي جي واڳ ڦيريائين، منزلون
ڪندو اچي گجرات کان نڪتو ۽ سندس فتحمند لشڪر جنهن
ملڪ وٽان ٿي لنگهيو ته ڦرلٽ ڪندو، ۽ مخالفن مان
جيڪو به ڏسڻ ۾ ٿي آين، تنهن کي قتل ڪندو ٿي ويو، ۽
سلطان بهادر نيٺ وڃي قلعي بند ٿي ويٺو.
قصو ڪوتاهه انهيءَ چڙهائي واري وقت مرزا شاهه هسن جي نالي [162]
فرمان موڪليا هئائين، ته سچائيءَ جو خيال رکي
انهيءَ طرف کان گجرات اچي پٽن جي حد ۾ پهچي عريضو
موڪلي، پوءِ جهڙو حڪم صادر ٿئي تنهن موجب عمل ڪري،
مرزا شاهه حسن وڏو لشڪر وٺي نصرپور کان سوار ٿي
راڌڻ پور جي رستي سان پٽن پهتو، ۽ خضر خان جو
سلطان بهادر جي پاران پٽن جي قلعي ۾ رهندو هو، سو
قلعي بند ٿي ويهي رهيو، ۽ پٽن جو چوپايو مال ڪنهن
ڏورانهن ڪاهي ويا. سلطان محمود خان پنج سئو سوار
وٺي اڳتي وڌي وڃي ڪنهن ڳوٺ کي لٽيو، ۽ پٽن کانس تن
ڪوهن تي منزل انداز ٿي جان علي پيشقراق کي مرزا
شاهه حسن جي خدمت ۾ موڪليائين. هوڏانهن وري جنيد ۽
جوڻي جاڙيجي کي پٽن جي قلعي ۾ خضر خان ڏانهن روانو
ڪيائين، ته جنهن صورت ۾ مرزا شاهه حسن وڏي لشڪر
سان آهي، تنهن ڪري مناسب آهي ته تون سندن خدمت ۾
حاضريءَ جو شرف حاصل ڪري قلعو سندن حوال ڪرين، ۽
پنهنجي اهل و عيال سان جيڏانهن تنهنجو ارادو هجي،
تيڏانهن نڪري وڃين. هن جواب ۾ چوائي موڪليو ته
”سلطان بهادر ڪرنال ۾ سلامت ويٺو آهي، تنهن ڪري
مون کي سنڌ جي مغلن کي قلعي حوالي ڪرڻ جي ڪهڙي
ضرورت آهي. ”نيٺ جنيد ۽ جوڻجو خضر خان جي والده وٽ
ويا، ۽ وڃي کيس سلطان محمود خان جو پيغام پهچائي
چيائون ته اسان جو هتان ڪنهن به تحفي ۽ سولڙي کان
سواءِ سلطان محمود خان وٽ وڃڻ توهان لاءِ مناسب نه
آهي. خضر خان جي والده پڇيو ته ”ڀلا توهان جي ڪهڙي
صلاح آهي؟“ هنن وراڻيو ته هڪ لک فيروز شاهي مرزا
شاهه حسن جي مهماني، ۽ ٽيهه هزار رپيا سلطان محمود
ڏانهن موڪليو، ته اسان وڃي لشڪر جي منزل پٽايون،
مطلب ته هڪ لک ٽيهه هزار فيروز شاهي پنهنجن اعتماد
جوڳن ماڻهن هٿان موڪليائون. صبح جو مرزا شاهه حسن
به اچي تال پٽن تي لٿو. سلطان محمود خان مرزا جي
خدمت ۾ حاضر ٿي، اڳتي وڌڻ جي رخصت گهري مگر مرزا
شاهه حسن فرمايو ”پهريائين ڪو ماڻهو حضرت بادشاهه
[163] جي خدمت ۾ موڪلي کيس پنهنجي اچڻ جي خبر
ڪريون، ۽ جيڏانهن حضرت بادشاهه حڪم فرمائي،
تيڏانهن روانا ٿيون.“ آخر عبدالقدوس کي عرضداشت
سان بادشاهه جي خدمت ۾ موڪليائون، ايتري ۾ خضر خان
جي ماڻهن به اچي تحفا عرض رکيا. مرزا شاهه حسن
پندرنهن ڏينهن پٽن جي آسپاس ترسيو، ۽ سلطان محمود،
محمود آباد تائين وڃي گجراتين جي مال متاع کي
لٽيو، جنهن ڪري لشڪر کي تمام گهڻو سامان، ڪپڙا ۽
روڪڙ هٿ لڳي.
اتي مير فرخ مرزا شاهه حسن کي عرض ڪيو ”جنهن وقت بادشاهه حڪم
فرمائيندو، ته تون اچي اسان سان ملي، اسان جي ڪئمپ
۾ رهه. تڏهن توهان کي کي ڪئمپ ۾ وڃڻ کانسواءِ ڪوبه
چارو نه رهندو، ۽ جڏهن ارغون ۽ ترخان چغتي اميرن
جو سامان ڏسندا ۽ حضر بادشاهه گجرات جي خزاني مان
هٿ آيل گهڻو سون پنهنجي لشڪر ۾ تقسيم ڪندو، ته
پوءِ توهان وٽ ڪهڙو سپاهي رهندو؟ [ضرور] گهنا
ماڻهو ڌار ٿي ويندا، تنهن ڪري مصلحت ائين آهي ته
اسان سنڌ ڏانهن موٽي مڃون”، هيءَ ڳالهه مرزا شاهه
حسن ۽ اڪثر اميرن کي پسند آئي. آخر ٺهراءَ ٿيو ته
مرزا قاسم بيگ لار جي هٿان حضرت بادشاهه جي خدمت ۾
عرضداشت موڪلي وڃي ته مان پنهنجو سمورو لشڪر آندو
آهي، ۽ هينئر بکر ۽ ٺٽي جي اميرن طرفان هڪ عريضو
پهتو آهي،ته ڪلمتي، جتوين ۽ ٻين زميندارن لشڪر گڏ
ڪري انهيءَ ملڪ کي ڦري فتني ۽ فساد جي شروعات ڪئي
آهي. لاچار موٽي وڃڻ ٿئي ٿو. مرزا شاهه حسن حضرت
بادشاهه جي احمد آباد پهچڻ کان ويهه ڏينهن اڳ ۾ سن
945هه جي ابتدا ۾ راڌڻ پور جي رستي کان موٽي ٺٽي
روانو ٿيو. موٽڻ وقت جاڙيجن ۽ سوڍن جو ڏاڍو ڪوس ۽
ڦرلٽ ڪيائين. [164]
بادشاهه والا جاه جنت آشياني همايون بادشاهه جو
سنڌ ۾ اچڻ ۽ مرزا شاهه حسن جي مخالفت جو احوال
[ڏهين محرم] سن 947هه ۾ هندستان جي اڀرندي طرف کان شير خان
افغان، جنهن جو اصل نالو فريد خان هو، ۽ حسن خان
افغان جو پٽ هو، زور وٺي بادشاهه جم جاه همايون
بادشاهه سان سامهون ٿيو ۽ ٻنهي طرفن ۾ ٻه ٽي دفعا
جوسا جي گهيڙ وٽ لڙائي ٿي، جنهن ۾ نيٺ [بادشاهه
جي] شڪست ٿي ۽ بادشاهي لشڪر جو ساڄي ڪناري کان،
جونپور ڏانهن روانو ٿي، گهوڙا ڊوڙائيندو اچي آگري
پهتو.
مطلب ته هن کان اڳ سن 946هه ۾ مرزا شاهه حسن مير عليڪ ارغون کي
گجرات ۽ بنگال جي مبارڪ ڏيڻ واسطي همايون بادشاهه
جي خدمت ۾ موڪليو هو، ۽ مير خوش محمد ارغون کي پڻ
قنڌار جي فتح ڪرڻ ۽ اغضوار خان جي قتل جي مبارڪ
ڏيڻ لاءِ مرزا ڪامران جي خدمت حضور ۾ روانو ڪيو
هو.
هي ٻئي ماڻهو نهايت هوشيار سپاهي ۽ صاحب الراءِ ماڻهو هئا، مير
عليڪ جڏهن بادشاهه عليجاه جي خدمت جو شرف حاصل
ڪيو، تڏهن بادشاهه جي بيپرواهيءَ ۽ غرور مان
سمجهائين ته جلدي ئي ڪو ڌاريو لشڪر سرڪشي ۽ بغاوت
جو ارادو ڪندو. سو مير عليڪ بادشاهه جي اجازت کان
سواءِ شاهي ڪئمپ مان نڪري، نهايت تڪڙو مرزا شاهه
حسن وٽ پهتو. مرزا سندس اچڻ جو ٻڌي، ڏاڍو پريشان ۽
متفڪر ٿيو ۽ جڏهن مير عليڪ مرزا جي ملاقات سان
مشرف ٿيو، تڏهن کانئس حالات پڇيائين. هن واريو:
مون بادشاهه کي نهايت غرور ۾ ڏٺو ۽ حڪومت جا امير
وزير نهايت غافل، تنهن ڪري پنهنجي ترڪاڻي حساب سان
معلوم ڪيم ته مٿن جلدي ڪو باغي غلبو [165] ڪري،
سندن بادشاهيءَ جي بنيادن ۾ زلزلو آڻيندو، سو مان
توهان کي خبردار ڪرڻ آيو آهيان. مرزا شاهه حسن
اميرن کي گڏ ڪري ساڻن صلاح ٿي ڪئي، ته ايتري ۾
بادشاهه جي شڪست جي خبر پهتي. سڀني مير عليڪ جي
عقل کي آفرين ڏني ۽ تعريف ڪئي، پوءِ فيصلو ڪيائون
ته اُچ کان بکر تائين نديءَ جا ٻئي ڪنارا ويران
ڪري، آبادي تلف ڪري ڇڏڻ گهرجي، ۽ جڏهن بادشاهي
لشڪر جي ڀاڄ جي خبر وري وري پهچڻ لڳي، تڏهن
ٻٻرلوءِ وارو چار باغ، جنهن ۾ هر قسم جون عمارتون
۽ قلعي داريءَ جو سامان ذخيرو ٿيل هو، سو ۽ بکر
کان وٺي سيوستان تائين بکر جا سڀ ڳوٺ واهڻ ۽ پرڳڻا
ويران ڪيائون ۽ سندن راءِ اها بيٺيته جيئن ته مرزا
ڪامران ۽ مرزا عسڪر مخالف آهن، تنهن ڪري حضرت
بادشاهه ضرور هن طرف تشريف آڻيندو.
جڏهن ربيع الاول سن 947هه جي پهرين تاريخ حضرت بادشاهه لاهور ۾
پهتو، تڏهن سڀ ڀائر ۽ ناليارا امير اچي گڏ ٿيا.
مگر ايڏين آسماني تنبيهن ۽ هوشياريءَ جي سببن
هوندي به هنن سڳورن جي اک نٿي کلي ۽ سچا نٿي ٿيا.
نيٺ هڪ ڏينهن خواجه خاوند محمود، مير ابو البقا،
خواجه عبدالحق ۽ حڪومت جا سڀ مکيه ۽ وڏا ماڻهو گڏ
ٿيا ۽ اتفاق ۽ اتحاد جي ياد داشت لکي تيار ڪري،
سڀني لائق ۽ مکيه ماڻهن ان دستاويز تي پنهنجيءَ
شاهديءَ جا دستخط ڪيا. هيءَ ياد داشت پوري ٿي ته
مشوري جي مجلس منعقد ڪيائون، پر جيئن ته دليون
زبانن سان موافق نه هيون، تنهن ڪري مجلس پوري ٿي
ويئي، پر ڳالهه اڻپوري رهجي ويئي ۽ جمادي الاخر سن
947هه جي آخر ۾ محمد همايون بادشاهه، محمد ڪامران
مرزا، محمد هندال مرزا، محمد عسڪري مرزا، يادگار
ناصر مرزا، محمد زمان مرزا، نور الدين محمد مرزا
وڏن وڏن اميرن ۽ ساري لشڪر لاهور وارو درياه ٽپيو،
۽ شير خان لاهور جي آسپاس پهتو. [166] پٺاڻن جتي
به ڪنهن مغل کي ٿي ڏٺو ته ساڻس کئونس ڪري، سندس
مال ۽ عيال زبردستيءَ پنهنجي قبضي ۾ ٿيڪيائون،
تنهن ڪري سڀني مغلن همايون جي لشڪر ۾ گڏ ٿي، ڪابل
ڏانهن رخ رکيو، جڏهن چناب نديءَ وٽ پهتا، ته محمد
ڪامران مرزا ۽ محمد، عسڪري مرزا، خواجه خاوند
محمود ۽ خواجه عبدالحق سان گڏ بنا اجازت ڪابل
روانا ٿي ويا. لاار بادشاهه بهيري ڏانهن رخ ڪيو.
اتي محمد سلطان مرزا، الغ مرزا ۽ شاهه مرزا ڌار ٿي
وڃي مرزا ڪامران سان مليا، محمد همايون بادشاهه
ڀائرن جو هيءُ نفاق ڏسي پهرين رجب سن 947هه ۾ سنڌ
ڏانهن واڳ ڦيرائي، ۽ شعبان سن 947هه جي آخر ۾ شاهي
ڪئمپ اچي اُچ ۾ پهتي، جيئن ته بخشو لانگاهه ويجهو،
تنهن ڪري بيگ محمد بڪاول ۽ ڪچڪ بيگ هٿان انهيءَ
ڏانهن قيمتي سروپا ۽ مهربانيءَ جوفرمان موڪلي، کيس
”خانجهاني“ جي خطاب، علم ۽ نغاري سان سرفراز
ڪيائين، هن ٻيڙيون ۽ اناج موڪليو پر پاڻ خدمت ۾
حاضر ٿيڻ جي سعادت حاصل نه ڪيائين، رمضان جي پهرين
تاريخن ۾ سنڌ ڏانهن روانا ٿيا، ۽ 28 رمضان تي
روهڙيءَ ۾ اچي خيما کوڙيائون. بادشاهه پنهنجي سر
اچي ٻٻرلوءِ جي چار باغ ۾ لٿو، جنهن سان نزاڪت ۽
لطافت ۾ ڪابه جڳهه مٽ نه هئي. سلطان محمد بکري،
بکر ولايت کي ويران ڪري قلعي داريءَ جو سامان
مضبوط ڪري، هن ڀر جون ٻيڙيون وٺي، وڃي قلعي جي
هيٺان لنگر هڻائي بيهاريون.
جڏهن سلهيون جو لشڪر روهڙي جي شهر ۾ اچي لٿو، تڏهن
سلطان محمود نالي شاهي فرمان جاري ٿيو، ته هو اچي
آستان بوسي جو شرف حاصل ڪري، ۽ قلعو درگاهه جي
ملازمن جي حوالي ڪري. هن عرض ڪيو ته ”آءُ مرزا
شاهه حسن جو نوڪر آهيان، جيستائين مرزا شاهه حسن
خدمت ۾ حاضر نه ٿيندو، تيستائين منهنجو اچڻ نمڪ
خوريءَ جي قانون موجب [167] چڱو نه ٿيندو، ۽ مرزا
شاهه حسن جي اجازت کان سواءِ قلعو حوالي ڪرڻ مناسب
نه آهي. بادشاهه سندس عرض قبول ڪيو، جيئن ته اناج
ٿورو ميسر ٿيو، تنهن ڪري مير بازر مهتر اشرف کي
سلطان محمود خان ڏانهن موڪليائون، جنهن بادشاهي
ماڻهن لاءِ پنج سو خرار اُن ۽ ڪي ٻيون کاڌي جون
شيون موڪليون ۽ سندس هيءَ خدمت پسند ڪئي ويئي.
انهن ئي ڏينهن ۾ اعتماد جوڳن ٻن ملازمن امير طاهر
صدر ۽ سمندر بيگ کي مرزا شاهه حسن ڏانهن ٺٽي
موڪلي، ڏانهس خط لکيائون، جنهن ۾ مهربانين جي وعدن
۽ فردوس مڪاني بابر شاهه جي حضور ۾ جيڪو سندن پاڻ
۾ اخلاص قائم ٿي چڪو هو، تنهن جا واسطا [وڌائون]
مرزا شاهه حسن، بادشاهه جي قاصدن کي ادب ۽ احترام
جي نظر سان ڏٺو، ۽ اقرار ڪيائو، ته جنهن وقت حضرت
بادشاهه تشريف فرما ٿيندا،تنهن وقت هالا ڪنڊيءَ
کان بٺوري تائين درياءَ جو هو طرف شاهي حرمسراءِ
جي حوالي ڪري، عهد اقرار مضبوط ڪرڻ کان پوءِ سندس
ملازمت جي شرف کان مشرف ٿيندس، ۽ پنهنجي لشڪر ۽
نوڪرن چاڪرن سميت، گجرات جي فتح پنهنجو مقصد
سمجهي، اهو ملڪ فتح ڪرڻ کان پوءِ واپس ٿيندس،
انهيءَ قرار داد موجب جناب سيادت ماب شيخ مبارڪ
پوراني ۽ مرزا قاسم طائيءَ کي لائق تحفا ڏيئي،
حضرت بادشاهه جي خدمت ۾ موڪليائين، هنن ماڻهن بکر
جي گرد و نواح ۾ حضرت جي ملازمت جو شرف حاصل ڪري،
مرزا شاهه حسن جي اخلاص ۽ عرض گذاريءَ جي حقيقت
بادشاهه همايون کي عرض ڪئي، ۽ عرضداشت پڻ گذارش ۾
آندي، عرضداشت جو مضمون هيءُ هو ته، ”بکر ولايت جي
پيدائش ٿوري آهي ۽ چاچڪان جو پرڳڻو آبادي، پوک جي
گهڻائي ۽ اناج جي ڪثرت ۾ ممتاز آهي، تنهن
ڪريانهيءَ طرف روانو ٿيڻ ۽ تصرف هيٺ آڻڻ مناسب
ٿيندو، ڇاڪاڻ ته [هڪ طرف] شاهي سپاهه کي آرام نصيب
ٿيندو. [ٻئي طرف] آءُ پڻ خدمت جي قريب هوندس. هيءُ
منهنجو بخت [168] وريو آهي، جو توهان هن ملڪ ۾ اچي
منزل ڪئي آهي، ۽ آهستي آهستي وقت گذرڻ تي دل جا
دغدغا زائل ڪري آءُ پڻ حاضريءَ جي سعادت سان
سرفراز ٿيندس.“
بادشاهه پهريائين ته قبول ڪري مرزا شاهه حسن جي
مدعا مواقف پرواني لکڻ جو حڪم ڪيو، پر پوءِ شاهي
اميرن ۽ وزيرن مرزا شاهه حسن جي مرضيءَ جي خلاف،
خلوت ۾ عرض ڪيو ته ”ڳوٺن ۽ واهڻن جا نالا وٺڻ جو
ڪهڙو مطلب آهي؟ جيڪڏهن سچيءَ دل سان سرڪار جو خير
خواهه آهي ته پنهنجا قلعا سوکڙي طور پيش ڪري، جيئن
اسان پنهنجا ٻار ٻچا ۽ عملو انهن قلعن
۾ مضبوط ڪري پنهنجو پورو توجهه گجرات فتح ڪرڻ تي
خرچ ڪريون. اسان جو غنيم شير خان پٺاڻ لاهور ۾
اسان جي مٿان ويٺو آهي، مرزا شاهه حسن جو هي عرض
صلاح ۽ سچائيءَ کان ٻاهر ٿو ڏسجي.“ (بس پوءِ ته)
حضرت بادشاهه بکر جي محاضري کي لڳي ويو.
هيءَ خبر جڏهن مرزا شاهه حسن کي پهتي تڏهن چيائين ته بکر جي
دلجاءِ آهي، ڇاڪاڻ ته يقين آهي ته حضرت بادشاهه
هڪڙو دل وندرائيندڙ باغ ڇڏي قلعي جي سامهون ڪونه
ويندو، ۽ ٻيا امير جيڪي محاصري جي ڪڍ پوندا سي
ڪجهه نه ڪري سگهندا، ۽ مير فرخ، سلطان محمود خان،
جاني ترخان، دولت خان، پايندهه محمد قريش، مير
جمله ارغون ۽ ٻين اعتماد جوڳن ماڻهن کي بکر ۾ قلعي
جي حفاظت ۽ نگرانيءَ تي ڇڏي اختيار جي واڳ سلطان
محمود خان جي هٿ ۾ ڏيئي پاڻ سيوستان روانو ٿيو ۽
ساڳيءَ طرح سيوستان جي قلعي کي ڊاهي ويران ڪري
ڇڏيائين.
انهن ئي ڏينهن ۾ همايون جو لشڪر ماٿيلي کان هلي 28 رمضان سن
947هه خميس جي ڏينهن روهڙي [169] جي جبل جي دامن ۾
اچي لٿو، ۽ ڪي ڌاريجا ۽ فياني ماڻهو جي رهجي ويا
هئا، تن پڻ اچي خدمت جو شرف حاصل ڪيو. حضرت
بادشاهه جمعي ڏينهن مرزائي مدرسي ۾ آيو. ٻئي ڏينهن
ٻٻرلوءِ جو باغ همايون جي صورت ۾ روشنائيءَ کان
جنت جي باغن کان به سرس ٿيو. بادشاهه کي اهو باغ ۽
عمارت ڏاڍا وڻيا، ۽ حرمن سڳورن کي باغ ۾ اندر
رهائي، مسجد جي آسپاس بادشاهي دولتخانو قائم
ڪيائون، امير ۽ مکيه ماڻهو باغ جي آسپاس لٿا. مرزا
يادگار ناصر روهڙيءَ ۾ منزل ڪئي. روهري کان
ٻٻرلوءِ جي باغ تائين، جو ٽن ميلن جو مفاصلو آهي،
تنهن ۾ بادشاهي ڪئمپ جا ماڻهو لٿل هئا، جيئن معتبر
ماڻهن کان ٻڌو ويو آهي، تنهن موجب بادشاهه جي ڪئمپ
۾اٽڪل ٻه لک ماڻهو هئا. جمعي ڏينهن حضرت بادشاهه
مسجد ۾ تشريف فرما ٿي، انهيءَ مسجد ۾ جمعو قائم
ڪيو ۽ خطبي پڻ انهيءَ ڪامياب بادشاهه جي لقبن جي
برڪت سان تازي شهرت حاصل ڪئي. ساڳئي ڏينهن هڪ شاعر
انهيءَ مجلس ۾ هيءُ قطعو بادشاهه جي سڳوري نظر هيٺ
آندو ۽ انهيءَ جي وسيلي خوب انعام جو حقدار ٿيو:
تا همايون نام اور اسکه بر دل نقش کرد
مهر از مهرش دهان سڪه پر زرمي کند
منبري کز خطبه القاب او زينت گرفت
مشتري گوهر نثار فرق ممبر مي کند،
[جڏهن کان نالو ”همايون“ سڪي دل تي نقش ڪيو، سچ به
سڪ مان وات ”سڪ“ جو ڀري ٿو سو سان، جو به ممبر ان
جي لقبن ساڻ زينت ور ٿيو مشتري گوهر ڪري ٿو گهور،
ان ممبر مٿان]
انهيءَ سال جنهن صورت ۾ بادشاهي لشڪر جي لنگهڻ ۽ زماني جي ٻين
واقعن ۽ حادثن ڪري بکر جي اناج ۽ داڻن کي سخت
نقصان پهتو هو، ۽ ساڳئي سال جي سياري ۾ بکر جي
آسپاس اهڙو ته سخت ڏڪر اچي پيو هو، جو ڪيترا ماڻهو
ماني ۽ ڪپڙي نه ملڻ ڪري ساهه ڏيئي رهيا هئا، اگرچ
بادشاهه هن حقيقت کان واقف ٿي خزاني مان گهڻو سون
سپاهين کي ڏنو، پر اناج جو مهانگو [170] انهيءَ حد
تي پهچي چڪو هو، جو مانيءَ جو هڪڙ پڙ، هڪ گنيءَ ۾
ٿي وڪيائون، تنهن ڪري حضرت بادشاهه مرزا هندال ي
پاٽ جي طرف تي مقرر ڪيو، ۽ پاڻ پنجن ڇهن مهينن
تائين انهيءَ باغ ۾ گذاريائين، ته شايد مرزا شاهه
حسن حاضر ٿيڻ جي توفيق حاصل ڪري، خدمت ۾ مروت جو
دستور بجا آڻي،
اطاعت ۽ خدمت گذاريءَ جو رستو وٺي،پر اميرن ۽
ارغونن مرزا شاهه حسن کي آزاد نه ڇڏي، سڌي رستي
کان ڦيرائي حيلي ۽ مڪر جي رستي لاتو مخالفت ۽
ٺڳيءَ ۾ پنهنجو چارو سمجهي مخالفت جو رستو ورتو.
بادشاهه بکر کان درٻيلي روانو ٿي، ٻه ٽي ڏينهن ٽڪي پوءِ وڃي پاٽ
۾ منزل ڪئي. انهن ڏينهن ۾ شيخ علي اڪبر جاقي، جو
مرزا هندال جي قريبن مان هو، جي نياڻي بلقيس مڪاني
حمده بانو بيگم سان نڪاح ڪيائون. ٿورو وقت کان
پوءِ لشڪر ۾ گندگي پيدا ٿي ته اتان ئي ڪوچ ڪري وري
بکر ڏانهن توجهه فرمايائون،پر اناج نه هئڻ ڪري
لشڪر جي حالت تباهه ٿي چڪي هئي، ۽ مرزا هندال
قراچه خان جو مرزائن طرفان قنڌار جو حاڪم هئو، جي
چرچ تي قنڌار نڪري ويو ۽ يادگار ناصر مرزا ي
لکيائين ته جلدي پاڻ کي اسان وٽ پهچاي. ڇاڪاڻ ته
رستي ۾ توهان جي آمد جو انتظار ڪري رهيا آهيون. 18
جمادي الاول 948هه اڱاري ڏينهن مير ابو البقا جي
جڳهه تي تشريف فرما ٿي. بزرگانه صحبت ڪئي ۽ مير کي
ڏاڍي عزت ۽ اڪرام سان يادگار ناصر مرزا ڏانهن قاصد
ڪري موڪليائين ته نصيحت فرمائي کيس ڏنگي رستي کان
سڌي رستي تي آڻي. مير، يادگار ناصر مرزا سان
ملاقات ڪري، مرزا کي نئين سر بادشاي اطاعت جي
سلسلي ۾ داخل ڪيو. مير اربعا جي ڏينهن 19 تاريخ هي
ڪم تيار ڪري، خميس جي ڏينهن موٽيو هيو ته بکر جي
قلعي وارن مير جي وڃڻ کان واقف ٿي. [171] دولت
شاهي ۽ برغدائي ماڻهن مان ڪن کي ٻيڙيءَ تي چڙهائي
ڪرڻ لاءِ موڪليو، جن اچي تير وسايا. مير کي ڪي
ڪاري زخم رسيا ۽ ٻئي ڏينهن هن فاني جهان مان لڏي
وڃي باقي جهان سان گڏيو. ٻيءَ اربع تي يادگار ناصر
مرزا درياهه ٽپي وڃي ملازمت جي سعادت حاصل ڪئي.پڻ
انهيءَ وچ ۾ مرزا شاهه حسن جي ايلچين سيخ ميرڪ
پوراني ۽ مرزا قاسم کي رخصت ڏيئي پروانو
موڪليائون، جنهن تي پنهنجي دستخط شريف سان لکيائون
ته ”سلامن کان پوءِ شاهه حسن بيگ کي [لکجي ٿو ته]
پاڻ جيڪو عرض ڪيو اٿس، سو قبول آهي، بشرطيڪ
عقيدتمندي سان خدمت ۾ حاضر ٿيندو.“ والسلام.
ڪيترو وقت مرزا شاهه حسن کي اچڻ جو خيال رهيو، مگر جنهن صورت ۾
ارغون اميرن هن صلاح ۾ ساڻس موافقت نه ٿي ڪئي،
تنهن ڪري ويچار ۾ اچي حاضر ٿيڻ ۾ دير ڪندو ٿي
رهيو. آخر پهرين جمادي الاول سن 948هه بادشاهه
سيوستان ڏانهن چڙهائي ڪئي، ۽ بکر جو ملڪ يادگار
ناصر مرزا کي عطا ڪيائي، جڏهن سندس لشڪر سيوستان
کي ويجهو پهتو ۽ منعم خان جو ڀاءُ فضل بيگ ۽ شاهم
خان جو ڀاءُ ترسون بيگ ۽ ٻيا اٽڪل ويهه ماڻهو
ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي اڳ ۾ وڃي رهيا هئا، تڏهين قلعي
مان هڪ ٽولي نڪري سندن ڪڍ پيئي. هنن سڀني ٻيڙيءَ
مان نڪري قلعي وارن ماڻهن تي هلان ڪئي، ۽ قلعي
وارا ڀڄي قلعي ۾ لنگهي ويا، ۽ 17 رجب سن 948هه تي
محمد همايون بادشاهي قلعي جي ٻاهران اچي منزل ڪئي.
بادشاهه جي اچڻ کان اڳ قلعي جي محافظن مير سلطان
علي بيگ، مير شاهه محمود ارغون، مير محمود ساربان،
علي محمد ڪوڪلتاش ۽ مير صفر ارغون قلعي جي چئني
طرفن وارن باغن ۽ عمارتن کي برباد ڪري ڇڏيو هو.
بادشاهه قلعي وارن کي سوڙهو ڪيو. [172]
|