ڳالهه جي حقيقت هن طرح آهي ته وليد بن عبدالملڪ
پنهنجي خلافت جي پوين ڏينهن ۾ پهنجي ڀاءُ سليمان
بن عبدالملڪ کي خلافت جي گاديءَ کان هٽائي، پنهنجي
پٽ کي وليعهد ڪرڻ ٿي چاهيو. حجاج بند يوسف، قتيبه
۽ ٻين ليڊرن کي به هن ڳالهه ۾ پاڻ سان متفق ڪيو
هئائين. حجاج بن يوسف [265] سن 95هه ۾ مري ويو ۽
وليد پڻ پنهنجي رٿ راس ٿيڻ کان اڳ ۾ سن 96هه ۾ هن
جهان کان موڪلائي ويو ۽ سندس ڀاءُ سليمان خلافت جو
وارث ٿيو، جنهن انتقام وٺڻ لاءِ حجاج جي سڀني
تابعدارن کي سندن عهدن کان علحدو ڪيو ۽ عراق جو
ملڪ صالح بن عبدالرحمان کي ڏنو، جنهن پنهنجي ڀاءُ
آدم، جنهن کي حجاج قتل ڪيو هو، جي بدلي ۾ حجاج جي
سؤٽ ۽ ناٺي يعني محمد بن قاسم کي ايذاءَ ڏنا، جنهن
نيٺ ساهه ڏنو.
(ڏسو ميور: خلافت، مطبوعه 1924ع ص ص 354،
362، 364)
ص 31 – دجلي ۾ اڇلايائون:
بني اميه جو دارالخلافت دمشق هو، نه بغداد، جنهن
جو انهن ڏينهن ۾ وجود ئي ڪونه هو، تنهن ڪري ڏاهر
جي ٻن ڌيئرن کي بدجلي ۾ اڇلائڻ، جڏهن ته هو دمشق ۾
هيون هڪ اهڙي غلطي آهي، جا هڪ خسيس تاريخ نويس پڻ
نه ڪري سگهندو. تنهن کانسواءِ محمد بن قاسم واسط
جي جيل ۾ مري ويو هو، پوءِ هن کي دمشق جي مقام ۾
ڪفن دفن ڪيائون؟ معلوم ناهي ته مير معصوم هيءَ
روايت ڪٿان ورتي آهي، ڇاڪاڻ ته چچنامه جي تاريخ هن
جملي تي ختم ٿي ٿئي ته ”خليفه فرموجد تا هرد و
خواهر را در ديوار گرفتند“ (خليفي جي فرمائڻ تي
ٻنهي ڀينرن کي ڀت ۾ لنبي ڇڏيائون.) انهيءَکان وڌيڪ
هڪ اکر نه آهي.
ص 31- خليفي جي گورنرن جي هٿ ۾ رهيو:
بني اميه جا گورنر جيڪي محمد بن قاسم کان پوءِ سنڌ جي
حڪومت ڪرڻ آيا تن جا نالا بلاڌري جي تصنيف فتوح
البلدان ۽ يعقوبي جي تاريخ موجب هن طرح آهن:
1- يزيد بن ابي ڪبشه سڪسڪي (سليمان بن عبدالملڪ 96 – 99هه جي
ڏينهن ۾) ارڙهن ڏينهن لاءِ (266)
2- حبيب بن المهلب
بن ابي صفره (سليمان بن عبدالملڪ جي ڏينهن ۾)
3- عمرو بن مسلم لباهلي (عمر بن عبدالعزيز 99 – 101 هه جي ڏينهن
۾)
4- جنيد عبدالرحمان مري (هشام بن عبدالملڪ 105 – 125هه جي ڏينهن
۾).
5- تميم بن زيد عتبي (هشام بن عبدالملڪ 105 – 125هه جي ڏينهن ۾)
6- حڪم بن عوانه ڪلبي (هشام بن عبدالملڪ جي ڏينهن ۾)
7- عمرو بن محمد بن قاسم (هشام بن عبدالملڪ جي ڏينهن ۾)
8- يزيد بن عرار (وليد بن هشام 125 – 126 هه جي ڏينهن ۾)
9- منصور بن جمهور ڪلبي (مروان الحمار 127 – 132هه جي ڏينهن ۾)
عباسين جا گورنر
1-
مفلس بن سري عبدي (ابوالعباس سفاح 132 -136هه
جي ڏينهن ۾)
2-
موسى بن ڪعب تميمي (ابوالعباس سفاح جي ڏينهن ۾)
3-
عينه بن موسى بن ڪعب (ابوجعفر منصور 136 – 158هه
جي ڏينهن ۾)
4-
عمر بن حفص بن عثمان هزار مرد (منصور جي ڏينهن ۾)
5-
هشام بن عمرو تغلبي (منصور جي ڏينهن ۾)
6-
هشام جو ڀاءُ بسطام بن عمرو (منصور جي ڏينهن ۾)
7-
معبد بن خليل تميم (منصور جي ڏينهن ۾)
8-
روح بن حاتم مهلبي (مهدي 158 – 169هه جي ڏينهن ۾)
9-
نصر بن محمد لاشعث خزاعي (مهديءَ جي ڏينهن ۾)
10-
عبدالملڪ بن شهاب مسمعي (مهديءَ جي ڏينهن ۾)
11-
نصر بن محمد بن شهاب مسمعي (مهديءَ جي ڏينهن
۾) [267]
12-
زبير بن العباس (مهديءَ جي ڏينهن ۾)
13-
سطيع بن عمرو تغلبي جنهن پنهنجي پاران ليث بن
ظريف کي سنڌ ۾ موڪليو (مهديءَ جي ڏينهن ۾)
14-
سالم يونسي اسماعيل
بن علي جو آزاد ڪيل غلام (هارون الرشيد 170 – 193
هه جي ڏينهن ۾)
15-
اسحاق بن سليمان بن علي هاشمي (هارون جي ڏينهن
۾)
16-
ظيفور بن عبدالله بن منصور حميري (هارون جي
ڏينهن ۾)
17-
سعيد بن مسام بن قتيبه (جنهن پنهنجيءَ ڀاءُ
ڪثير جي ڏينهن ۾)
18-
عيسى بن جعفري بن منصور جنهن محمد بن عدي
تعلبيءَ کي پنهنجي پاران موڪليو (هارون جي ڏينهن
۾)
19-
عبدالرحمان ... (هارون جي ڏينهن ۾)
20-
ايوب بن جعفر بن سليمان (هارون جي ڏينهن ۾)
21-
دائود بن يزيد بن حاتم مهلبي سن 184هه، ۽ هن
پنهنجي ڀاءُ مغيرهه کي پنهنجي پاران موڪليو (هارون
جي ڏينهن ۾)
22-
بشير بن دائود (امين 193 – 198هه جي ڏينهن ۾)
23-
موسى بن يحى بن خالد بن برمڪ (مامون 198 –
218هه ۽ معتصم بالله 218 – 227هه جي ڏينهن ۾)
24-
عمر بن موسى (معتصم بالله جي زماني ۾)
25-
ايتاخ ترڪي جنهن عنبسه بن اسحاق ضبئي کي
پنهنجي پاران سنڌ ۾ موڪليو (الواثق بالله 227 –
232هه جي ڏينهن ۾) [268]
26-
هارون بن ابي خالد (متوڪل 232 – 247هه جي
ڏينهن ۾).
27-
عمر بن عبدالعزيز هباري (متوڪل جي ڏينهن ۾)
28-
ابوالصمه (سن 255 هه ڌاري)
اسين هنن سڀني گورنرن جو احوال پهنجي ڪتاب، جنهن جي جڙڻ جو
ارادو آهي“ تاريخ سنڌ تحت سيطرت عرب“
Sindh Under Arab Dominion
۾ کولي لکنداسون، جلديءَ ۾ هن قدر تي اڪتفا ڪريون
ٿا.
سن 258هه ۾ خليفي معتمله (256- 279هه) پنهنجي ڀاءُ ابو احمد
الموفق کي اسماعيل بن اسحاق قاضي ۽ ابو سعيد
انصاري سان يعقوب بن ليث صفار ڏانهن قاصد ڪري
موڪليو ۽ بلخ، تخارستان، پارس، ڪرمان، سحبستان ۽
سنڌ ملڪن جي حڪومت جو پروانو، عهدنامون ۽ جهنڊو
کيس عنايت ڪيو. انهيءَ تي يعقوب خوش ٿي انهن کي
نوازيو. (تاريخ سيستان طبه طهران 1314 شمسي ص –
228)
يعقوب بن ليث سترهن سال ۽ نو مهينا اميري ڪئي ۽ خراسان، سيستان،
ڪابل، سنڌ، هندستان، فارس ۽ ڪرمان سڀ سندس پرڳڻا
هئا. (ساڳي ماخذ – ص 233) کانئس پوءِ سن 265هه ۾
خليفي معتمد اهي سڀ ۽ ٻيا ملڪ عمرو بن ليث (265 –
287) کي عطا فرمايا.
ص 32- القادر باالله...
(381 – 422هه) ۽ محمود غزنويءَ جي ساري بادشاهيء
هن خليفي جي خلافت واري وقت ۾ اچي ٿي وڃي.
ص 32 – ملتان ۽ اُچ جا شهر هٿ جا شهر هٿ ڪري القادر بالله جي
گورنر کي ڪڍي ڇڏيائين: مير معصوم جي هيءَ تقرير نهايت ئي ضعيف آهي. مذڪورخليفي
(سلطان) محمود جي تخت تي ويهڻ جي پهرين ئي سال
خراسان جو پرانو، [269] جهنڊو، قيمتي سروپاءِ ۽ ڇٽ
ساڻ ڏيئي وٽس قاصد موڪليو ۽ امين الدوله، امين
الملته ابوالقاسم محمود ولي اميرالمومنين جو لقب
پڻ عطا ڪيو. (زين الاخبار ص ڏ 62) پوءِ ستن سالن
کان بعد محمود ڪهڙي سبب کان خليفي کان ناراض ٿي،
سندس ماڻهو ملتان مان ڪڍي ڇڏيا. انهيءَ وقت ملتان
جو حاڪم دائود بن نصر قرمطي هو ۽ جيئن مشهور آهي
ته قرمطي ۽ عباسين جا مخالف هوندا هئا، پوءِ ڪيئن
ٿو چئي سگهجي ته هو القادر بالله جي ماڻهن مان
هڪڙو هو؟ زين الاخبار (ص 65، 66، 70) ي لکڻ موجب
سلطان محمود سن 396هه ۾ انند پال پٽ جئپال کي شڪست
ڏيئي. ”هندستان“ جي رستي ملتان پهتو، ۽ انهيءَ شهر
کي ست ڏينهن گهيرو ڪيائي، نيٺ ماڻهن وچ ۾ پيئي صلح
ڪرايو ته ملتان جي حڪومت مان هرسال ويهه ڀيرا هزار
هزار درهم ڏنو ويندو. ٺهراءُ ڪري امير محمود موٽي
ويو. ٻيهر سن 401هه ۾ وري ملتان آيو ۽ ملتان ملڪ
جو رهيل حصو هٿ ڪيائين ۽ اتي جي رهندڙ قرمطين مان
وڏي حصي کي گرفتار ڪري ڪن کي قتل ڪيائين، ڪن جا هٿ
وڍيائين ۽ سخت سزائون ڏنائين ۽ ڪن کي قلعن ۾ بند
رکيائين، جيڪي سڀيئي نيٺ اتي مري ويا، انهيءَ سال
دائود بن نصر کي گرفتار ڪري غزني آڻي، اتان غورڪ
جي قلعي ۾ موڪليائين ۽ مرڻ تائين هو انهي قلعي ۾
رهيو.
ص 32 - ۽ ملتان مان عبدالرزاق وزير کي ڪجهه فوج ڏيئي سنڌ جي
تابع ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيائينِ هن تقرير لاءِ پڻ ڪا به معتبر ماخذ ڪانهي نه وري (سلطان) محمود
جي وزيرن ۽ سپهه سالارن مان ڪو ماڻهو عبدالرزاق جي
نالي سان هو. باقي خواجه احمد بن حسن ميمندريءَ کي
عبدالرزاق نالي هڪ پٽ هو، جنهن کي امير مودود بن
مسعود (432 – 440) سيستان تي مقرر ڪيو هو ۽ هن
عبدالرشيد بن مسعود (440-444هه) کي قيد مان ڇڏائي
غزني ۾ آڻي علي بن مسعود (440هه ٻه مهينا) جي
بدران تخت تي ويهاريو (ڏسو طبقات اڪبري ج1، ص 31
سلطان مسعود جي هڪڙي پٽ جو نالو [270] پڻ
عبدالرزاق هو (ڏسو طبقات ناصري، ترجمو ميجر
راورٽي، ج اول، ص 95، حاشيه نمبر 7)
هن (ڳالهه) کان قطع نظر سان به سلطان محمود ۽ سندس جائنشين جي
هٿن سنڌ جي فتح ثابت ناهي، فقط هيترو آهي ته سن
416هه ۾ (سلطان محمود) سومناٿ کي ٺٽي، ڪڇ جي رڻ جي
رستي کان منصوره (سنڌ جو تختگاهه) ۾ پهتو ۽ اتان
جي قرمطي حاڪم خفيف سندس اڳيان ڀڄي سنڌو ندي ٽپي
وڃي پاڻ کي کجين جي جهنگل ۾ لڪايو. سلطان محمود
پنهنجا آفيسر هن جي پويان موڪليا، جن سندس
ڇانوڻيءَ کي گهيرو ڪري ان جا ڪيترا ماڻهو قتل ڪري
ڇڏيا. [هيءَ حقيقت فرخيءَ جي هڪ قصيدي مان ظاهر
ٿئي ٿي، ڏسو ”سلطان محمود“ تاليف ڊاڪٽر محمد ناظم
ص - 120] قوي احتمال آهي ته مٿيون خفيف سومرن
حاڪمن مان هڪڙو هجي جن جو مذهب قرمطي اسماعيلي هو
جيئن هن طبقي جي احوال ۾ بيان ٿيندو.
جيڪڏهن سنڌ جو ملڪ محمود جي هٿ هيٺ هجي ها ۽ اتي جي حاڪمن هن جي
تابعداري قبول ڪئي هجي ها، ته خفيف سومرو سندس
اڳيان ڀڄي نه وڃي ها. از ان سواءِ گرديزيءَ کي
معلوم ٿيو آهي ته هن کان پوءِ سلطان محمود، سنڌو
نديءَ جي ڪناريءَ جي رستي ملتان ڏانهن رخ رکيو ۽
انهيءَ رستي ملتان پهچڻ تائين لشڪر کي بيابان جي
خشڪيءَ کان خواهه سنڌ جي جتن کان خواهه ٻئي قسم جي
ڏاڍي تڪليف پهتي ۽ اسلامي لشڪر جا گهڻا ماڻهو
انهيءَ رستي ۾ مري ويا ۽ وهٽن جو به وڏو حصو برباد
ٿي ويو. (ص 82) ۽ امير محمود رحمت الله عليه کي
ملتان جي جتن ۽ سنڌو نديءَ جي ڪناري وارن ڀاٽين تي
انهن بي اديبن، جيڪي سومناٿ واري رستي ۾ ڪيون
هئائون، جي ڪري دل ۾ سخت ڪاوڙ هئي ۽ انهن جو بدلو
وٺڻ ۽ انهن جي گوشمالي ڪرڻ چاهيائين. (ص 88)،
طبقات الاڪبري جلد اول، ص 17 – 18) هن مان نتيجو
ٿو نڪري ته سلطان محمود هن واقعي کان اڳ هن طرف جو
واقف نه هو ۽ شايد هن سال کان پوءِ ملتان ۽ سنڌ جو
پورو ملڪ غزنوي جي تصرف هيٺ اچي ويو هجي. [271]
33- شهاب الدين: تخت ويهڻ کان پوءِ معزالدين جو لقب اختيار
ڪيائين. ص33 (فارسي) عبارت منجهيل آهي ۽ هن طرح
ٿيڻ گهرجي ”وسلطنت به شهاب الدين منتقل شد.“
ص 33 – سن 591هه ۾:
هيءَ لکندڙ جي غلطي آهي، صحيح سن 571هه آهي، طرح
آهي: ”برسمت ملتان لشڪر کشيد و از دست قرامطه
ملتان را مستخلص کرد“ (ملتان تي حمو ڪري، ملتان کي
قرمطين جي هٿان آزاد ڪيائين) تاريخ مبارڪ شاهيءَ
جي عبارت (ص، 5-6) ”درسن احدي و سبعين و خمسمات
سميت اچه و بهاطيه و ملتان
لشڪر کشيد، طائفه بهاطيه در حصار اچه محصر شده به
سلطان محاربه کردند، بعد مدتي بعون الله تعالى
حصار اچه فتح شد. اقطاع ملتان و اچه مر سپه سالار
علي کرماخ را داد و خود طرف دارالملڪ غزنين مراجعت
فرمود“ (سن 571هه ۾ اچ، ڀاٽيه ۽ ملتان جي طرف تي
حملو ڪيائين. ڀاٽين اُچ جي قلعي ۾ قلعي بند ٿي،
سلطان سان جنگ جوتِ، ٿوري وقت کان پوءِ الله تعالى
جي مدد سان اُچ جا پرڳڻا سپهه سالار علي ڪرماخ کي
ڏيئي، پان غزنهين جي تخت ڏانهن موٽي ويو) طبقات
اڪبري جي مصنف انهن ٻنهي عبارتن کي ملائي هن طرح
لکيو آهي: (ج اول، ص 16)“ بعد از يک سال (يعني
درسن 571هه) لشکر بجانب اُچه بردهه، ملتان را از
دست قرامطه بر آورده متصرف شد و طائفه بهاقيه در
حصار اُچه متحصن شده چند روز محاربه کردندن، آخر
فتح شد و ملتان نيز مسخر گشت و اُچه و ملتان حواله
علي کرماخ نموده بجانب غزنين مراجعت نمود“ (هڪ سال
کان پوءِ يعني سن 571هه ۾ اُچ ڏانهن لشڪر وٺي ويو
(۽) ملتان قرمطين جي هٿان ڪڍي پنهنجي قبضي ۾
ڪيائين. ڀاتين اُچ جي قلعي ۾ قلعي بند ٿي ڪي ڏينهن
لڙائي ڪئي، آخر فتح ٿي ۽ ملتان پڻ هٿ آيو. اُچ ۽
ملتان علي ڪرماخ جي حوالي ڪري (پاڻ) غزنين ڏانهن
موٽي ويو.)
ائين پڻ معلوم ٿو ٿئي ته سن 401هه ۾ سلطان محمود هٿان قرمطين جي
پاڙ پٽجڻ کان بعد، انهن غالبن وري سلطان محمود جي
وفات ۽ غزنين جي طاقت ضعيف ٿيڻ کان پوءِ ملتان ۽
ان جي آسپاس کي پنهنجي قبضي هيٺ آندو آهي، ڪيئن ۽
ڪهڙيءَ طرح سو معلوم ناهي. [272]
ص 34 – قطب االدين ايبڪ جي هٿ هيٺ هڪ فوج سنڌ جي فتح واسطي مقرر
ڪيائين: مير معصوم جو هيءَ بيان خلاف واقع ٿو ڏسجي، ڇاڪاڻ ته شهاب الدين جي
هندستان ۾ ڪيل فتحن (جي ذڪر ۾) سن 488هه تائين قطب
الدين جو نالو ٻڌڻ ۾ نٿو اچي، ڇاڪاڻ ته ڪهرام جي
جاگير انهيءَ سال سندس حوالي ٿي. (طبقات ناصري ص –
120، 129، تاريخ مبارڪشاهي ص 10، طبقات اڪبري ج
اول ص 38) سيف الملوڪ جو نالو پڻ تاريخ جي ڪتابن ۾
ڪونه ٿو ملي، مگر هيترو ته سن 577هه ۾ (مطابق
طبقات اڪبري جي اول ص 37 ۾ مطابق طبقات ناصري ص،
117 سن 578هه) سلطان شهاب الدين ديول (ديبل بندر)
ڏانهن لشڪر وٺي ويو ۽ اهو سمنڊ جي ڪناري وارو سارو
ملڪ هٿ ڪري گهڻو مال کڻي غزني موٽي ويو، تنهن ڪري
ضرور پنهنجن اميرن مان ڪو ماڻهو هن ملڪ تي تصرف
رکڻ لاءِ ڇڏيو هوندائين.
ص 34 – هڪڙي فدائي کوکر:
طبقات ناصري (ص – 124) ”بدست فدائي ملاحده (يعني
اسماعيلي) در منزل دميک در شهور سن اثنين
و ستملت شهادت يافت “ (سن 602هه ۾ دميڪ جي منزل وٽ
هڪ بي دين (يعني اسماعيلي) فدائي هتان شهادت
پاتائين)
ص 35- اُچ، ملتان ۽ سنڌ ناصر الدين قباچي جي فرمان هيٺ آيا:
تاريخ مبارڪشاهي (ص -16) موجب سلطان قطب الدين جو ناٺي
ملڪ ناصر الدين قباچه سنڌ ڏانهن ويو ۽ وڃي ملتان،
اُچ، بکر ۽ سيوستان جي پرڳڻن تي قبضو ڪيائين.
طبقات اڪبري (ج – ص، 55) انهيءَ عبارت کي نقل ڪري
چوي ٿو ته .سلطان قطب الدين جي وفات کان پوءِ ملڪ
ناصر الدين قباچه (جنهن جو نڪاح ۾ سلطان قطب الدين
جون ٻه نياڻيون هيون) سنڌ ڏانهن وڃي ملتان، اُچ،
بکر ۽ سويستان تي متصرف ٿيو.“ طبقات ناصري جي (ص،
142، 143) مصنف کي هن کان وڌيڪ معلومات آهي ۽ چوي
ٿو ته سلطان قطب الدين جي حادثي کان پوءِ جڏهن ملڪ
ناصر الدين قباچه اُچ ڏانهن ويو، تڏهن ملتان جو
شهر هٿ ڪيائين. [273] ۽ سمنڊ جي ڪناري تائين
هندستان ۽ ديول تي متصرف ٿي، سنڌ ملڪ جا قلعا، ڳوٺ
۽ شهر ورتائي ۽ چتر (چتور) وٺي تبرهنده، ڪهرام ۽
سرسوتي جي حدن تائين ملڪ قبضي ۾ آندائين. لاهور
(پڻ) ٻه ٽي دفعا ورتائين... هن ۽ سلطان شمس الدين
التمش جي وچ ۾ تڪرار هوندو هو.
ص 35 – انهيءَ وقت ۾ چنگيز خان جي هڪ فوج: هتي مير معصوم سلطان جلال الدين منگربرني
خوارزم شاهيءَ جي سنڌ ۾ اچڻ ۽ ناصر الدين قباچي
سان لڙائي ڪرڻ جو بيان نه ڪيو آهي، جنهن صورت ۾
سلطان جلال الدين جو لنگهڻ سنڌ جي تاريخ جو هڪ
ضروري جزو آهي، تنهن ڪري هن جو ڪجهه ٿورو ذڪر ڪرڻ
بيجا نه ٿيندو:
جڏهن سلطان جلال الدين منگربرني خوارزم شاهيءَ جي
سنڌ ۾ اچڻ ۽ ناصر الدين قباچي سان لڙائي ڪرڻ جو
بيان نه ڪيو آهي، جنهن صورت ۾ سلطان جلال الدين جو
لنگهڻ سنڌ جي تاريخ جو هڪ ضروري جزو آهي، تنهن ڪري
هن جو ڪجهه ٿورو ذڪر ڪرڻ بيجا نه ٿيندو:
جڏهن سلطان جلال الدين سنڌو نديءَ جي ڪناري واري لڙائيءَ ۾ (سن
618هه) چنگيز خان جي لشڪر کان شڪست کائي سلطان شمس
الدين التمش جي مدد ۽ همدرديءَ کان نااميد ٿي
لاهور وٽ پهتو، تڏهن سندس ٽڙيل لشڪر جا ڏهه هزار
ماڻهو اچي اتي گڏ ٿيا، پوءِ هن لشڪر جو هڪ ڀاڱو
جود جبل ڏانهن موڪليائين، جيڪو کوکرن کي شڪست ڏيئي
غنيمت جو سامان پاڻ سان کڻي موٽي آيو. سلطان جلال
الدين کوکرن جي حاڪم (راءِ کوکار سنگين) کان ڌيءَ
جو سنڱ گهريو. وکرن جي راجا نه فقط سلطان جي هيءَ
گهر قبول ڪئي، بلڪ پنهنجي لشڪر جو هڪ دستو پنهنجي
پٽ جي اڳواڻيءَ هيٺ سلطان جي مدد لاءِ ڏياري
موڪليائين: (ڏسو طبقات ناصري، راورتي جو ترجمو، ج،
ا، حاشيه 294) راجا کوکار سنگين ۽ قباچه جي وچ ۾
جهڳڙو هو. سلطان قباچه جي پويان هڪ لشڪر موڪليو
جنهن جو سردار اوزبڪ تائي هو. قباچه جي ويهن هزارن
ماڻهن جي ڇانوڻيء اُچ کان ٽي ميل پنڌ تي سنڌو ندي
جي ڪناري تي هئي. اوزبڪ تائي ست هزار ماڻهو وٺي
مٿس اوچتو راتاهوڏنو، (رات جو حملو ڪيو) جنهن ڪري
قباچه جو لشڪر شڪست کائي ڇڙو ڙ ٿي ويو ۽ قباچه پاڻ
ٻيڙي ۾ چڙهي اکر و بکر (شايد: سکر بکر) ڏانهن هليو
ويو، جي ٻيٽ ۾ ٻه قلعا آهن، اوزبڪ تائي وڃي، سندس
ڇانوڻيءَ ۾ لٿو، ۽ لشڪر گاهه ۾ جيڪي ماڻهو هٿ آيس
تن کي قيد ڪري بادشاهه ڏانهن خوشخبري [274]
موڪليائين. بادشاهه نڪتو ۽ انهيءَ ئي لشڪر گاهه ۾
جيڪو قباچه لاءِ تنبو هنيو هئائون، تنهن ۾ وڃي لٿو
۽ قباچه اڪرو بڪر کان ملتان ڀڄي ويو. سلطان ايلچي
موڪلي امين خان (امين ملڪ) جي پٽ ۽ ڌيءَ جيڪي سنڌو
نديءَ واري لڙائيءَ مان ڀڄي اچي اتي پهتا هئا، جي
واپس ڏيڻ جي گهر ڪئي ۽ ڍل پڻ طلبيائين، قباچه اهو
حڪم مڃي، امن خان جو پٽ ۽ ڌيءَ ۽ گهڻو مال سلطان
جي خدمت ۾ موڪليو، تنهن سان گڏ عرض ڪيائين ته سندس
ملڪ کي نقصان نه پهچايو وڃي. هوا جي گرم ٿيڻ تي
سلطان اُچ کان جبل جود، بلاله ۽ رڪاله جي ايلاغ ڏانهن
چڙهي ويو. رستي ۾ بس راور جي قلعي کي گهيرو ڪري
ڇڏيائون، اتي خبر پهتي ته مغلن جو لشڪر کيس ڳولي
رهيو آهي، (تنهنڪري) موٽيو ۽ سندس لنگهڻ ملتان جي
ٻاهران ٿيو. قباچه ڏانهن ايلچي موڪلي پنهنجي گذرڻ
جو اطلاع ڏيئي، نعل بها (لشڪر جو
خرچ) جي گهر ڪيائين. قباچه انڪار ڪيو ۽ بي فرمان
ٿي لڙائيءَ واسطي سامهون ٿيو. هڪ ڪلاڪ جي مقابلي
کان وڌيڪ سلطان اتي ٻه ڏينهن ترسيو ۽ هليو ويو.
اتان اُچ ۾ آيو. اُچ وارا بي فرمان ٿيا. سلطان اتي
ٻه ڏينهن ترسيو ۽ شهر کي باهه ڏيئي، سدوستان (يعني
سيوستان يا سيهوان) ڏانهن روانو ٿيو، ۽ سدوستان جو
حاڪم فخر الدين سالاري هو ۽ سندس لشڪر جو سپهه
سالار لاچين ختائي هو. هو اورخان (يعني اوزبڪ
تائي) وٽ جيڪو سلطان (جي لشڪر) جو مقدم هو، لشڪر
وٺي آيو، جنگ لڳي، لاچين ختائي ڪسي ويو، اورخان
سدوستان جي شهر کي گهيرو ڪيو. بادشاهه جي پهچڻ تي
فخر سالاري ترار ۽ ڪپڙي (شايد ڪپڙو ڳچيءَ وجهي
”امير“ ) سميت سلطان وٽ حاضر ٿيو. سلطان شهر ۾
منزل ڪئي ۽ هڪ مهينو اتي رهيو ۽ فخر سالاريءَ کي
سروپاءِ پهرائي سدوستان جي حڪومت حوالي ڪري پاڻ
ديول دمريله
جي طرف ڪاهيائين. [275] انهيءَ ملڪ جو حاڪم چنيسر
ڀڄي ويو ۽ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي سمنڊ ۾ هليو ويو. سلطان
ديول ۽ دمريله جي ويجهو منزل ڪئي ۽ خاصي خان کي
ڪاهه لاءِ لشڪر ساڻ ڏيئي نهروالال ڏانهن
موڪليائين، جن نهروالا کان ڏاڍا اٺ آندا ۽
سلطان ديول جي بتخاني واري جاءِ تي جامع مسجد
ٺهرائي.
(تاريخ جهان ڪشا جويني، جلد ثاني ص 146 – 148)
ص 36 – سيوستان جي شهرن تي... غلبو ڪري ويا:
ص 24، طبقات ناصري (ص 143) وڌيڪ وضاحت سان چوي ٿو:
خلجين جو لشڪر جو خوارزمين جي لشڪر مان هو تن
منصوري جي سر زمين جا سيوستان جي شهرن مان آهي، تي
غلبو ڪيو ۽ سندن اڳواڻ ملڪ خان خلجي هو (هن اجمال
جي تفصيل ۽ ملڪ خان جي تشخيص لاءِ طبقات ناصري جي
ترجمي ڏانهن رجوع ڪريو. جلد اول، ص 539، حاشيه 5
ع.م)
ص 36 – سن 624هه ۾:
صحيح سن 625هه ۾.
ص 36 – نظام الملڪ محمد بن اسعد:
صحيح نظام الملڪ محمد بن ابي اسعد ۽ علامه قزويني
جي لباب الالباب جي مقدمي ۾ تصريح موجب سندس سڄو
نالو ”نظام الملڪ قوام الدين محمد بن ابي اسعد
الجنيدي“ آهي، نه نظام الملڪ، ڪمال الدين محمد ابي
سعيد جيئن طبقات ناصريءَ جي ترجمي ص 634، حاشيه 1
۾ آيل آهي.
ص 36- پاڻ دهليءَ ڏانهن موٽي ويو:
طبقات ناصري (ص 144 ۽ 173) جي چوڻ موجب سلطان (شمس
الدين ايلتمش) اُچ جي قلعي جي دروازي تي ٻه مهينا
ستاويهه ڏينهن ويٺو رهيو، ۽ نظام الملڪ محمد جنيدي
۽ ٻين ملڪن کي ملڪ ناصر الدين جي ڪڍ بکر ڏانهن
موڪليائين.
ص 36- سندس عمر جي ٻيڙي فنا جي درياءَ ۾ غرق ٿي: علامه قزويني لباب الاباب [276] جي مقدمي (ص
ڪ) ۾، جوامع الحڪايات موجب، ناصر الدين قباچه جي
پڄاڻي هن طرح بيان ڪري ٿو: ”مهيني جمادي الاخر ۾
بکر جو قلعو فتح ٿيو. ناصر الدين قباچه بکر جي
گهيري مان نڪري قلعي ۾ ويو. پنهنجا مال ۽ خزانا
پنهنجي پٽ بهرام شاهه جي هٿان التمش جي خدمت ۾
موڪلي، معافي جو عرض ڪيائين. التمش کيس پنهنجي سر
خدمت ۾ حاضر ٿيڻ جو حڪم ڏنو. ناصر الدين هن ذلت جي
خواري پنهنجي مٿان ناپسند ڪري ۽ ههڙي حياتيءَ تي
موت کي ترجيح ڏيئي، 19 جمادي الاخر سن 635هه ڇنڇر
جي رات پاڻ کي بکر جي قلعي تان سنڌو نديءَ ۾
اڇلايو. هن کان پوءِ طبقات ناصري وارو (ص 123) چوي
ٿو ته ”اهو ملڪ سمنڊ جي ڪناري تائين فتح ٿيو ۽
ديول ۽ سنڌ جو والي ملڪ سنان الدين چنيسر شمسي
(شمس الدين ايلتمش جي) درگاهه جي خدمتگارن ۾ شامل
ٿيو.“
ص 36- سن 624هه ۾:
صحيح سن 625هه ۾ پڻ ابن اسعد غلط آهي، ان جي جاءِ
تي ابن ابي اسعد
هجڻ
گهرجي جيئن مٿي واضح ٿي چڪو آهي.
ص 37- نور الدين محمد:
تاريخ جي ٻين ڪتابن ۾ هن ماڻهوءَ جو نالو ڪو نه ٿو
لڀي. ليڪن طبقات ناصري (ص 232 – 233) جو مصنف چوي
ٿو ته “جڏهن سلطان شمس الدين اُچ جي قلعي هيٺان
ڇانوڻي هنئين، تڏهن سن 625هه ۾ ڪزلڪ خان (ملڪ تاج
الدين“ سنجر“ ڪزلڪ خان) کي بادشاهيءَ جي وزير نظام
الملڪ محمد جنيديءَ جي خدمت ۾ بکر جي قلعي ڏانهن
موڪليائين. ٿوري مدت کان پوءِ، جيئن بيان ٿي چڪو،
اهو قلعو فتح ٿيو ۽ ملڪ ناصر الدين قباچه عليه
الرحمته سنڌو ندي ۾ ٻڏي ويو ۽ اُچ جو قلعو به هٿ
آيو. اُچ جو شهر ۽ قلعو، آسپاس ۽ گرد و نواح سميت
سمورو ملڪ ڪزلڪ خان جي حوالي فرمايائون ۽ جڏهن
سلطان دهليءَ جي تختگاهه موٽڻ فرمايو، تڏهن ڪزلڪ
خان اهو ملڪ ضابطي هيٺ [277] آڻي آباد ڪرايو ۽
ٽڙيل پکڙيل خلق کي گڏ ڪري، خاص ۽ عام مخلوق سان
انصاف ۽ مهربانيءَ سانگذرڻ لڳو، سڀني سان عدل ۽
احسان جو طريقو اختيار ڪيائين ۽ رعيت جي امن امان
۽ رهاڪن جي آرام لاءِ ڪوشش ڪندو رهيو، ڪجهه وقت
کان پوءِ خاتمو بالخير، ايمان جي سلامتي، صدقا،
احسان، خيراتون ۽ ڀلايون ساڻ کڻي سن 629هه ۾ دنيا
جي منزل کان آخرت جي آرامگاهه ڏانهن لڏي ويو. عليه
الرحمته.
ڪزلڪ خان جي فوت ٿيڻ کان پوءِ سلطان شمس الدين ايلتمش اُچ جو
پرڳڻو ۽ قلعو ملڪ سيف الدين ايبڪ جي حوالي ڪيو. هن
ڪجهه عرصو انهيءَ ملڪ تي بادشاهي ۽ رعيت پروري
هلائي، ۽ اهو ملڪ پنهنجي قبضي هيٺ آندو. (طبقات
ناصري _ ص 237)
ص 37- ملڪ جلال الدين:
حس جو نالو پڻ تاريخ جي ڪتابن ۾ ڪونه ڏنو ويو آهي.
ص 38- قتلغ خان: شايد سلطان ناصر الدين جو بي فرمان
(ع.م)
ص 38- ملڪ سنجر: شايد ملڪ تاج الدي سنجر سيوستاني.
ص 39 – سن 662هه:
صحيح سن 664هه.
ص 40 – لاهور، ملتان ۽ سنڌ جو طرف.... سلطان محمد: تاريخ مبارڪشاهي (ص- 43) لکي ٿي ته خان بزرگ،
يعني سلطان غياث الدين جو وڏو پٽ محمد سلطان جنهن
جون جاگيرون مالم کان وٺي جناتيءَ تائين
ملتان (جي حد) ۾ داخل هيون، جنهن کي شهادت کان
پوءِ خان شهيد چوندا آهن، جناتي ٺٽي کان 60 ڪوهه
اڳتي درياءَ جي ڪناري تي آهي. ايتريون جاگيرون
الهندي پاسي پڻ هيس.
ص 42 – سن 688 هه :
صحيح سن 689هه آهي، جيئن امير خسرو مفتاح الفتوح ۾
تصريح ڪئي آهي.
”زهجرت ششصد و هشتاد و نه سال“
(اها هجرت کان ڇهه سو اسي ۽ نو سال)
ص 43 – صلدائي: برنيءَ جي تاريخ فيروز شاهي (ص – 253) ۽ طبقات اڪبري
(ج1، ص – 142) ٻنهي ۾ ”ظفر خان“ آهي، انهيءَ سال
(يعني علائي ٽيون سال 697هه) جنهن ۾ الغ خان ۽
نصرت خان گجرات تي مقرر ٿيا هئا، ظفر خان سيوستان
تي مقرر ٿيو. سيوستان صلدى، سندس ڀاءُ ۽ ٻين
سيوستان جي قلعي کي گهيرو ڪري، تبر، ترار ناچخ ۽ نيزي
جي لڙائيءَ سان اهڙو قلعو فتح ڪيائين ۽ ڪنهن معرب
منجنيق ۽ عراده ڪم آڻڻ ۽
ساباط پاشيب ۽ گرڪج
کڻڻ کانسواءِ سيوستان جو قلعو ورتائين، اندران
مغلن قلعي جي چئني طرفن کان تير اندازي ٿي ڪئي،
انهيءَ حد تائين جو ڪنهن پکيءَ کي به قلعي جي
ويجهو (ص – 254) لنگهڻ جي مجال نه هئي، انهيءَ
هوندي به ظفر خان تبر ۽ ترار جي ڌڪ سان فتح ڪئي ۽
صلدى ۽ سندس ڀاءُ کي سڀني مغلن ۽ زالن ۽ ٻارن سميت
گرفتار ڪري، سڀني کي ٻڌي، ڳٽ ۽ ٻيڙيون وجهي دهلي
موڪليائين. هن فتح جي ڪري ظفر خان جو رعب دلين تي
ويهي ويو.
ص 45- ،کتام. اُچ ۽ سنڌ جو ٽڪرو هن کي جاگير ۾ ڏنو هو:
هيءُ حقيقت جي برخلاف ٿو ڏسجي، ڇاڪاڻ ته ضياءَ
برني پنهنجي تاريخ ۾ چوي ٿو ته سلطان علاؤالدين
ملتان ۽ سيوستان ”تاج الملڪ ڪافوريءَ“ کي ڏنو (ص –
323)
ص 46 – ڏنائون: هن کان اڳي طبقات اڪبري (ج1م ص – 192) ۾ چوي ٿو ته
”بهرام خان ايبه، جو سندس دين جو ڀاءُ
هو، کي ڪشلو خان لقب ڏيئي، ملتان جا پرڳڻا ۽ سموري
سنڌ سندس حوالي ڪيائون“:
ص 97- خواجا حظير:
صحيح خواجه خطير،
ص 47 – ڪشلو خان، ملتان کان بکر اچي – الخ
: ڪشلو خان جي بي فرماني جو سچو پچو سبب [279]اهو
آهي، جو ابن بطوطه پنهنجي سفر نامي ۾ لکيو آهي.
يعني جڏهين محمد تغلق پنهنجي ڀاڻيجي کان رنج ٿي،
سندس کل جيئري لهرائي، ان کي بُهه سان ڀرائي بهادر
ڀوري جي لاش سان گڏ پنهنجي بادشاهيءَ جي چوطرف
ڦيرايو، اهي ٻئي (بهه) ڀريل کلون جنهن وقت سنڌ ملڪ
۾ پهتيون، تڏهن امير ڪشلو جو انهيءَ پاسي جو حاڪم
هو، تنهن انهن کي نهايت ئي احترام سان دفن ڪيو.
بادشاهه کي هيءَ خبر پهچايائون، ته هو ڏاڍو ڪاوڙيو
۽ کيس اوچتو برباد ڪرڻ گهريائين، تنهن ڪري ڪشلو
خان احتياطن بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو. (رحله ابن
بطوطه جلد 3، ص 318-323) تاريخ مبارڪشاهي ۽ طبقات
اڪبري ٻيو سبب ڏنو آهي.
ص 48 – ڪرنال: جو هاڻي جهونا ڳڙهه جي نالي سان مشهور آهي، خصوصن اها
ٽڪري جا جهونا ڳڙهه جي مٿان بيٺي آهي.
ص 48 – وڃي جاڙيجن سان مليو:
تاريخ فيروز شاهي تاليف برني (ص 519) موجب ”طغي
ڪرنال مان ڀڄي ٺٽي ۽ مريله هليو ويو ۽ وڃي انهن جي
ڀاڻ ۾ پيو“ ۽
صفحي 523 تي چوي ٿو ته ”جنهن صورت ۾ بادشاهه طغيءَ
کي جيئرو گرفتار ڪرڻ ٿي گهريو، تنهن ڪري طغي ڪرنال
مان ڀڄي ٺٽي ويو ۽ وڃي ٺٽي جي ڄام سان مليو.
”طبقات اڪبري (ج1، ص 221) جو مصنف طغي جي ڀڄڻ جو
رستو هن طرح بيان ڪري ٿو ته ”طغي پنهنجي اهل عيال
۽ ٻين باغين سوڌو نهر واله کان نڪري، رن نالي ٽپي،
ڪڇ ولايت جي ڪنت پاسي هليو ويو ۽ ڪجهه ڏينهن اتي
رهي ٺٽي ڀڄي ويو.
ص 48 – ناڪ ني يا ناڪني:
غالباً ڪڇ ملڪ ۾ ڪا جاءِ آهي.
ص 48 – ڪندل: گونڊل جو ڪاٺياواڙ ملڪ ۾ ڪرنال کان 15 ڪوه اتر طرف آهي
(طبقات اڪبري ج 1، ص 223) ضيا برني چوي ٿو (تاريخ
فيروز شاهي ص 523) ته
هي ڪوندل دمريلي جي سومرن واري ٺٽي طرف هڪ جڳهه
آهي. [280]
ص 48 – ٺٽي ڏانهن متوجهه ٿيو:
ضيا برني چوي ٿو ته ”سلطان محمد ساري لشڪر سميت
ڪونڊل کان سنڌو ندي جي ڪناري تي آيو ۽ سڪون ۽ آرام
سان لشڪر ۽ هاٿين سميت سنڌو ندي ٽپيائين... ۽
درياءَ جو ڪنارو وٺي، ٺٽي جو ارادو ڪري، سومرن ۽
طغي حرامخور، جو سندن پناهه ۾ آيل هو، جي بيخ
ڪنيءَ جي واسطي لڳاتار منزلون ڪندو روانو ٿيو.“ ۽
طبقات اڪبري جو مصنف (ج1، ص 223) چوي ٿو ته”سلطان
ڪونڊل کان روانو ٿي درياءَ جي ڪناري، تي پهتو ۽
لشڪر ۽ هاٿين سوڌو درياءَ ٽپي ٻيءَ ڪنڌيءَ تي منزل
انداز ٿيو... ۽ اتان سومرن ۽ طغي حرامخور جو انهن
جي پناهه هيٺ آيل هو، جي بيخ ڪنيءَ جي ارادي سان
ٺٽي ڏانهن روانو ٿيو.
ص 49 – جاوداني ملڪ ڏانهن لڏي ويو:
هن کان اڳ معلوم نه هو ته سلطان محمد تغلق ڪٿي دفن
ٿيل آهي. سن 1935ع ۾ پروفيسر محمد شفيع سيوهڻ ۾
وڃي ٻه ڪتبا معلوم ڪيا ۽ انهن جي آڌار تي ثابت
ڪيائين ته سلطان
محمد جو مقبرو سيوهڻ ۾ آهي ۽ سچ پچ هيءُ انڪشاف
حقيقت مطابق آهي. قرائن مان معلوم ٿئي ٿو ته هن
بادشاهه جو جسم سيوهڻ ۾ مدفون هوندو. فيروز شاهه
سلطان محمود جي وفات کان ٽي ڏينهن پوءِ تخت تي
ويٺو ۽ جيئن ته هنن ٽن ڏينهن ۾ سلطان جي لشڪر ۾
ڏاڍو خلل پئجي ويو هو ۽ طغي سومرن ۽ مغلن سان گڏجي
لاڳيتا حملا ڪري، سلطان جي ماڻهن کي ستائي رهيو
هو، تنهن ڪري فيروز شاهه نهايت تڪڙ ۾ سنڌو نديءَ
جي رستي، سيوهڻ ۾ پهچي اتي ڪجهه ڏينهن ترسي پيو،
تنهن ڪري ممڪن آهي ته سلطان محمد جو جُسو اتي دفن
ڪيو هجيس، پهريون ڪتبه جو سلطان محمد جي وفات جي
تاريخ ٿو ڏئي، سو هن طرح آهي:
جهان مردم ڪش است اي دل مباش از جان وفادارش
که جز کين و جعا نامد ز بيدادي دگر کارش [280]
تو از حال محمد شاه بر گير اعتبار از وي
که چون اورنگ شاهي درربو د اين دور غدارش
شهنشاه است اين اي خواجه ڪش بيني بخاک اندر
که همچون بندگان بو دند شاهان جهاندارش
اگرچه پيش ازين صد بار دربارش چنان ديدي
کنون چشم خود بکشادر اينجا بنگر اين بارش
جهان بکشاد از مردي و بخشيد از جوان مردي
بدهر از کوشش و بخشش فراوان بود کر دارش
شد از ماه محرم بيست و يک کاندر شب شنبه
گذشته هفصد و پنجاه دو شد عزم آن دارش
سنڌي ترجمو
[دنيا ماڻهو ڪهي ٿي دل! نه رک تنهن سان وفاداري
سوا جور و جعا ۽ ظلم جي ڪنهن سان نه ٿس ياري
محمد شاهه جي احوال مان وٺ تون نصيحت دل!
کسي ڪيئن تخت شاهي ڪئي دنيا هن ساڻ غداري
شهنشاهه آهه هي خواجه! ڏسين ٿو خاڪ ۾ جنهن کي
ڪندا ها بندگي هن جي، هئي جن کي جهانداري
ڏٺي هوندي تو هن کان اڳ سندس درٻار سئو ڀيرا
مگر اک کولي هت پڻ ڏس، سندس درٻار هڪ واري
ڪري مڙسي کٽيئين دنيا، جوانمرديءَ سان بخشيائين
زماني ۾ هميشه ڪوشش ۽ بخشش رکيئين جاري
هئي ايڪهين محرم ماهه جي ۽ رات ڇنڇر جي
لنگهيا ست سئو ۽ ٻاونجاهه، ٿيس هن گهر جي تياري]
۽ هي ٻيو ڪتبه قبر جي مٿان قبي جي اڏاوت جي خبر ٿو ڏئي:
بعهد دولت فيروز شاه خسرو گيتي
که يزدان بر سرير سلطنت بادا نگهدارش
بران سلطان دين پرور برآمد اينچنين گنبذ
که آمد پيش پائي گنبذ گردون دوارش
بسال هفصد و پنجاه چار هجرت احمد
قبول بنده درگاه او سرمست معمارش.
سنڌي ترجمو
[دنيا جي بادشاهه، فيروز شاهه جي عهد دولت ۾
ڪر شل! ان جي شاهي تخت جي مولى نگهداري
انهي سلطان دين پرور مٿان ٿيو تيار هي گنبذ
ڪري پيرن تي جنهن جي آسمان پڻ ڪئي آ نيزاري
هو سن ست سئو ۽ چوونجاهه نبي اڪرم جي هرت جو
هجي معمار تنهنجو شل! قبول درگه باري.]
۽ هي جو تاريخ مبارڪ شاهي ۾ چوي ٿو (ص -119) ته
”پاڻ سلطان محمد جو تابوت هڪڙي هاٿيءَ تي رکي، ان
جي مٿان ڇٽ ٻڌي لاڳيتو ڪوچ ڪندي، دهليءَ جي
تختگاهه ڏانهن روانو ٿيو،“ سو حقيقت جي برخلاف ٿو
ڏسجي، ڇاڪاڻ ته فيروز شاهه دهليءَ ۾ ٻي رجب تي
پهتو (۽) لاشو، خصوصاً هڪ بادشاهه جو، پنجن مهينن
جي عرصي تائين هاٿيءَ جي پٺيءَ تي کڻي، هڪ جاءِ
کان ٻيءَ جاءِ تي رلائڻ ميت جو حق ۾ وڏي امانت آهي
۽ شريعت جي مخالف پڻ
[280]
ص 49. فيروز محمد شاهه
: صحيح فيروز شاهه.
ص 49. تاريخ 24: تاريخ مبارڪ شاهي (ص- 118) موجب ”ٽيويهه“
ص 49 – پهرين سفر:
تاريخ مبارڪ شاهي (ص – 118)
”روز دوم“ (يعني بيست و چهارم صفر) عزيمت جانب دهلي اختيار شد“
(ٻئي ڏينهن يعني 24 صفر دهليءَ جو سفر اختيار ڪيو
ويو) ۽ طبقات ااڪبري (جلد اول، ص 225) ”روز سويم
(يعني بيست و هفتم) بترتيب و توز کي سوار شد“
(ٽئين ڏينهن يعني 27 تاريخ انتظام ۽ شان شوڪت سان
سوار ٿيو.)
ص 49. ساگرهه ڍنڍ تي
: ساگرهه واهه سنڌو ندي يعني مهراڻ جو پراڻو پيٽ
هو (ڏسو آثار قديمه سنڌ تاليف ڪزنس ص 167) ۽ شايد
نصرپور جي ويجهو ڪا خليج يا ڍنڍ ٺاهي هجيس.
ص 50. ملڪ علي شير ۽ ملڪ تاج ڪافوري – الخ:
هيءُ تفصيل ٻين تاريخن ۾ موجود ناهي پر تاريخ
مبارڪ شاهي جو مصنف (ص-119) چوي ٿو ته ”مولانا
محمد عماد و ملک علي غوري برواليسند و تهته برطغني فتند“ (مولانا محمد عماد ۽ ملڪ
علي غوري سنڌ ملڪ ۽ ٺٽي ڏانهن طغي تي ڪاهي ويا.)
ص 51. نگر ڪوٽ فتح ڪرڻ کان پوءِ:
يعني سال 762هه جي آخر ۾.
ص 51: آب جي قلع ۾:
تاريخ مبارڪشاهي (ص -234)
”بقوت آبگير محصر شده“ (يعني پاڻيءَ جي طاقت جو بچاءُ وٺي.)
ص 52. فلک راءِ سر انداختن – الخ:
هيءُ بيت طبقات اڪبري (ج1، ص 238) ۾ مذڪور آهن.
ص 52. شهر ۾ پهچڻ تي:
يعني تغلق شاهه،
ص 52. ملڪ رڪن الدين وزير: صحيح ملڪ رڪن الدين نائب وزير (تاريخ
مبارڪ شاهي ص 143، طبقات ج1، ص 242) [283]
ص 52. خان جهان: يعني تغلق شاهه جي وزير ملڪ تاج الدين جو پٽ ملڪ فيروز
۽ خان جهان لقب هوندو هوس.
(تاريخ مبارڪ شاهي ص 142، طبقات اڪبري ج1، ص 242)
ص 53. سلطان ڏانهن:
شهزادي محمد شاهه ڏانهن هجڻ گهرجي، جيئن تاريخ
مبارڪ شاهي ص 154) طبقات اڪبري (ج1، ص 243) لکيل
آهي.
ص 54. بهادر خان ميواتي:
يعني بهادر ناهر جنهن کي تغلق شاهه، محمد شاهه جي
ڪڍ مقرر ڪيو هو. (تاريخ مبارڪ شاهي ص، 142، طبقات
اڪبري ج 1، ص 242)
ص 54. جيسر
: طبقات اڪبري (ص، 244) ”جيسر کنار آب گنگ“ تاريخ
مبارڪ شاهي جي پڙهڻي ”جتيسر“ ۽ ”جيتر“ صحيح ناهي.
ص 54. ميوات ڏانهن هليو ويو:
تاريخ مبارڪ شاهي (ج 1، ص 246)، موجب ”ابوبڪر شاهه
بي دست و پاشده بجانب کوتله بهادر ناهر رفت“
(ابوبڪر شاهه لاچار ٿي بهادر ناهر جي ڪوٽڙي (ڳوٺ)
ڏانهن هليو ويو) هي زيادهه واضح آهي، ڇاڪاڻ ته مير
معصوم ص، 55 ۾ چوي ٿو“ چون اين لشکر بنواحي کوتله
که مسڪن ابوبڪر شاهه بود رسيد“ (هي لشڪر جڏهن
انهيءَ ڳوٺ جي ويجهو پهتو، جتي ابوبڪر شاهه رهندو
هو.)
ص 55. فيروز شاهه جي هڪ خانه زاد ٻنهي بهادر سان گڏجي:
”صحيح بهادر ناهر ۽ فيروز شاهه جي خانه زاد غلامن
سان گڏجي“ جيئن طبقات اڪبري (ج1، ص 247) ۾ لکيل
آهي.
ص 55. ڪوٽله مان ڀڄي ويو:
تاريخ مبارڪ شاهي ڪوٽله کان ڀڄي رهڻ ۾ گهڙي ويو.
”از کوتله گريخته در جر جر خزيد“[284]
ص 56. سلطان علاؤالدين شاهه... جو ذڪر:
تاريخ مبارڪ شاهي (ص 155) ۽ طبقات اڪبري (ج 1، ص
249) ۾ آهي. ”ذکر سلطان علاؤالدين سکندر شاهه“
ص 56. تخت و دولت چه شد:
طبقات ۾ آهي ”بخت و دولت چه شد“
ص 56. سلطان اشرف:
صحيح ”سلطان الشرق“ جيئن تاريخ مبارڪ شاهي (ج1، ص
156)
۽ طبقات اڪبري (ص 250) ۾ لکيل آهي.
ص 57. سلطان محمود شاهه ڏانهن موڪليائون:
هيءُ ڀل آهي، ڇاڪاڻ ته تاريخ مبارڪ ساهي (ص 157) ۽
طبقات اڪبري (ج1، 250) موجب جاجنگر جو راجا ۽
لکنوتيءَ جو بادشاهه جيڪي هاٿي سوکڙيون ۽ نذرانا
هر سال سلطان فيروز شاهه ڏانهن موڪليندا هئا، سي
خواجه جهان کي پهچائڻ لڳا.
ص 57. ۽ انهيءَ سال ۾.... روانو ڪيائين:
مير معصوم جي عبارت ۾ خلل آهي. طبقات اڪبري (ج1، ص
251) هن طرح بيان ڪيو آهي: ”انهيءَ سال بادشاهه
جي حڪم سان سارنگ خان ديبالپور تي قبصي ڪرڻ ۽ شيخا
کوکر جي فساد (بند ڪرڻ) لاءِ روانو ٿيو ۽ مهيني
ذوالقعد سن 797هه ۾ راءِ خلجين ڀٽي، راءِ دائود،
ڪمال مئين ۽ ملتان جو لشڪر همراهه ڪري روانو ٿيو.“
ص 57. مبارڪ خان ولد ملڪ راجو:
طبقات (ج1، ص 251) ۾ ”مبارک خان و پسر ملڪ راجو
آهي.
ص 57. سلطان سان دغا ڪرڻ جا پهه پچائڻ لڳا:
تاريخ مبارڪ شاهي (ص 158) ۽ طبقات (ج1، ص 251) ۾
آهي. ”برسعادت خان غدر انديشيدند“ (سعادت خان سان
دغا ڪرڻ جا پهه پچايائون)
ص 58. ملو هن خبر کان ڊڄي بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيائين – الخ:
[285] هي عبارت منجهيل آهي ۽ شايد ان مان هڪ جملو
ڪريل آهي، تاريخ مبارڪشاهي (ص 158) جي عبارت هن
طرح آهي. ”ملو ڀڄي مقرب خان وٽ دهلي آيو. سلطان پڻ
اتان موٽي اچي شهر جي ويجهو لٿو، مقرب خان استقبال
ڪري قدم بوسيءَ جو شرف حاصل ڪيو، پر سندس دل ۾ جو
خوف ۽ ڊپ ويهي ويو هو سو موٽي شهر ۾ اندر آيو ۽
جنگ جي تياري ڪرڻ لڳو“ ۽ طبقات اڪبري (ج1، ص 251)
جنهن تان مير معصوم دهليءَ جي بادشاهن جو سمورو
احوال نقل ڪيو آهي، هن طرح لکي ٿو ”ملو ڀڄي مقرب
خان وٽ دهليءَ ويو ۽ سلطان جلدي دهليءَ ڏانهن موٽي
آيو، مقرب خان ڊوڙي استقبال ڪيو (پر) جيئن ته ملو
جي اچڻ تي سلطان جي دل تي غبار ڏسڻ ۾ آيس سو اٽڪل
ويڙهائي پاڻ کي شهر ۾ پهچائي مخالفت جو جهنڊوکڙو
ڪيائين.“
حڪومت جو بنياد سلطان عبدالرشيد جي ڏينهن (441 – 444هه) ۾ رکيو
آهي، پر منهنجي خيال ۾ هن انهيءَ نظريي ۾ غلطي
ڪئي آهي، ساڳيءَ طرح ايليٽ ۽ هيگ، جن سومرن جي
مخالفت بابت پنهنجي بحث جو بنياد انهيءَ نظريي تي
رکيو آهي. سن 416هه ۾ جڏهن سلطان محمود سومناٿ کي
لٽي، ڪڇ جو رڻ ٽپي منصوري پهتو، جيئن هن کان اڳ ۾
بيان ٿي چڪو آهي، تڏهن منصوري جو حاڪم (بلڪ منهنجي
نگاهه ۾ سنڌ جي سڄي لاڙ واري ڀاڱي جو حاڪم) خفيف
نالي هڪ شخص هو ۽ جيئن ته هي شخص سومرن حاڪمن
جينالن ۾ ڳڻيل آهي، تنهن ڪري سندس زمانو ”سومره“
جنهن کي پهريون حاڪم ڳڻيو اٿن، جي وقت کان گهٽ ۾
گهٽ ٽيهه سال اڳ ۾ هو ڇاڪاڻ ته تحفته الڪرام (ورق
8 ب) موجب سومرن سن 445هه ۾ ٿرڙي جي آسپاس گڏ ٿي
”سومره“ نالي هڪ شخص کي حڪومت جي گاديءَ تي
ويهاريو. جيڪڏهن ابوالفضل جي قول تي (آئين اڪبري ص
559) [286] ته ”سومرا 36 حاڪم هئا ۽ 500 ورهيه
حڪومت ڪيائون:
اعتبار ڪنداسون ته پوءِ سندن حڪومت جي ابتدا، سن
522هه کان فرض ڪنداسين، ڇاڪاڻ ته تحفته الڪرام جي
جوڙيندڙ جي قول (ورق 8 الف) موجب هن قوم جي حڪومت
سن 752هه ۾ پوري ٿي. سن 247هه ۾ عباسي خليفي
المتوڪل وفات ڪئي ۽ هن جي خلافت واري سموري وقت ۾
سنڌ جو حاڪم عمر بن عبدالعزيز الهباري (يا السامي
مواقف يعقوبي ج 2، ص 559) هو، ۽ سن 255هه، جنهن ۾
بلادريءَ پنهنجي تاريخ پوري ڪئي، جي لڳ ڀڳ، ڪندهه
جو هڪ آزاد ٿيل غلام ابوالصمه (ڏسو ص 450) سنڌ ملڪ
تي غالب ٿيو، خليفو معتمد سن 258هه ۾ سنڌ جي حڪومت
يعقوب بن ليث صفار کي عطا ڪئي. هي سمورو وقت
عباسين جي ڪمزوريءَ جو وقت هو ۽ انهيءَ ۾ شڪ جي
ڪابه گنجائش نه آهي، جيڪڏهن سومرن جهڙن مقامي
حاڪمن ظاهر ٿي، پهريائين صفاري حڪومت جي ماتحت ۽
پوءِ خودمختيار ٿي حڪومت ڪئي هجي. افسوس آهي. جو
تاريخ جي ڪتابن هنن حاڪمن جي نالن جي حفاظت نه ڪئي
آهي. ابن بطوطه جناني شهر جي وصف ڪندي (ج 3، ص
101، 102) چوي ٿو:
سنڌونڌيءَ کان ٻه ڏينهن پنڌ ڪري جناني
شهر ۾ پهتاسون. (هي) سنڌو ندي جي ڪناري تي وڏو
سهڻو شهر آهي، منجهس وڻندڙ بازاريون آهن، سندس
رهاڪو هڪ جماعت آهي، جنهن کي سامره سڏجي ٿو. هنن
هن شهر کي آڳاٽي سمي کان وطن بنايو آهي. سندن وڏا
انهيءَ شهر ۾ انهيءَ زماني کان رهن ٿا، جڏهن حجاج
بن يوسف جي زماني ۾ فتح ٿيو هو. جيئن سنڌ جي فتح
(جي بيان) ۾ تاريخ نويسن لکيو آهي، مون کي شيخ،
امام، عالم، عامل، زاهد، عابد رڪن الدين بن شيخ
فقيه صالح شمس الدين ولد (ص – 102) شيخ، امام،
عابد، زاهد بهاؤالدين زڪريا قريشي ٻڌايو ته سندس
وڏو ڏاڏومحمد بن قاسم القريشي سنڌ جي فتح وقت
انهيءَ لشڪر [287] ۾ موجود هو، جيڪو انهيءَ ڪم
لاءِ حجاج بن يوسف پنهنجي عراق جي حڪومت واري
زماني ۾ موڪليو هو، ۽ هو اتي (سنڌ ۾) ٽِڪي پيو ۽
کيس گهڻو اولاد ٿيو. هن فقري مان نتيجو وٺي سگهجي
ٿو ته هي سامره قوم (سومره) سنڌ جي سر زمين ۾
پهرئين صدي هجري جي پڇاڙيءَ کان رهندڙ آهي، رفته
رفته طاقت حاصل ڪري ٽينءَ صدي هجريءَ جي پوئين اڌ
۾ سنڌ جو لاڙ وارو ڀاڱو سمورو پنهنجي تصرف هيٺ
[288] آندائون، جيئن ته هن معاملي متعلق اسان کي
پوري معلومات ڪانهي، تنهن ڪري يقين نٿو چئي سگهجي
ته محمد بن قاسم القريشي ڪو اهو ساڳيو سنڌ جو فاتح
محمد بن قاسم الثقفي آهي. جيڪڏهن هي ثابت ٿئي، ته
پوءِ سومرن جو نسل محم دبن قاسم سان ملائي سگهجي
ٿو.
هتي پڙهندڙن جو توجهه علامه سيد سليمان ندوي جي
ناقداني مقالي ڏانهن، جو پنهنجي قيمتي ڪتاب ”عرب و
هند ڪي تعلقات“ ۾ داخل ڪيو اٿس، ڇڪايون ٿا، پڻ هڪ
سنڌي عالم مولوي عبدالله شائق ”دولت علويه“ (يا
سومرن جي حڪومت) نالي هڪ ڪتابڙو، سومرن جي وڏن جي
شجرن ۽ مولوي عبدالرحيم سومري جي جوڙيل تاريخ
”گلزار سنڌ“ منظوم مان (احوال) گڏ ڪري، سن 1929ع ۾
ڇاپارايو آهي، ليڪن ڪا به تاريخي اهميت نٿو رکي.
جلديءَ ۾ هن بيان تي اڪتفاءُ ڪري پنهنجي تحقيق جا
نتجا آئنده لاءِ ڇڏيون ٿا. هاڻي هيٺ اٽڪل روءِ
سومرن حاڪمن جي نالن جي فهرست تاريخ معصومي، تحفته
الڪرام ۽ دولت علويه مطابق ڏيون ٿا.
تاريخ ، معصومي |
تحفته الڪرام سن هه |
دولته علويه سن هه |
1- سومره |
1. سومره 445-464
|
1- سومره وفات 448 |
2- ڀونگر |
2- ڀونگر وفات 461 |
2- عصام الدين ڀونگر وفات 466 |
3- دودو |
3- دودو وفات 485 |
3- عصام الدوله دودو سن 481هه ۾ گوشه نشين ٿي ويو |
4- تاري |
4- سنگهار وفات 500 |
4- زينب (تاري) 491هه ۾ تخت تان دستبردار ٿي ويئي. |
5- سنگهار |
5- خفيف وفات 536 |
5- شهاب الدين سنگهار وفات 503 |
6- همون |
6- عمر وفات 576 |
6- فخر الملڪ همون جي ڀاءُ جنهن هڪ سال حڪومت ڪئي. [289] |
7- ڦتو |
7- دودا وفات 590 |
7- سراج الدين فتح خان (ڦتو) وفات 536 |
8- خيرو |
8- ڦتو وفات 623 |
8- عماد الدين خفيف وفات 536 |
9- ارميل |
9- گهنرو (ڳهڻو) وفات 639 |
9- جلال الدين عمر وفات 556 |
|
10- محمد طور وفات 452 |
10- صلاح الدين هجو وفات 570 |
|
11- گهنرو وفات 665 |
11- غياث الدين دائود وفات 600 |
|
12- طائي وفات 682 |
12- علاؤالدين خيره (گهنرو) وفات 619 |
|
13- چنيسر وفات 700 |
13- سيف الدين طائي وفات 638 |
|
14- ڀونگر وفات 715 |
14- شمس الدين ڀونگر وفات 678 |
|
15- حفيف وفات 733 |
15- ڪمال الدين چنيسر کيس سن 696هه ۾ تخت تان لاهي ڇڏيائون. |
|
16- دودو وفات 758 |
16- اس الملته دودو وفات 700 |
|
17- عمر وفات 793 |
17- ظهير الدين ڀونگر وفات 740 |
|
18- ڀونگر وفات 803 |
18- فخر الدين عمر سن 775 ۾ گوشه نشين ٿي ويو. |
|
19- همير. هن کي سمن جي قوم لاهي ڇڏيو. |
19- معين الدين ارميل وفات 822 |
|
|
21- بهاؤالدين شهمير عرف حمير وفات 843 |
مير معصوم سومرن جي حڪومت جا سال نه ڏنا آهن ۽
حاڪمن جي نالن جي فهرست پڻ ناقص آهي، تحفته الڪرام
واري، جنهن سومرن حاڪمن جا نالا ۽ سال محمد يوسف
جي جوڙيل منتخب التواريخ تان ورتا آهن ۽ هڪڙي جاءِ
تي سومرن جي حڪومت پوري ٿيڻ جو سال 752هه ڏنو آهي.
(ورن 8-الف) پڻ ڀل ڪئي آهي، جيئن ته [290] سلطان
جلال الدين منڪبرني سن 621هه جي لڳ ڀڳ ديبل بندر
وٽ پهتو ۽ اتي جو حاڪم چنيسر ٻيڙين ۾ چڙهي سندس
اڳيان ڀڄي ويو هو، جيئن مٿي ذڪر ٿي آيو، ۽ اهو
ساڳيو حاڪم، جنهن کي طبقات ناصري وارو ”ملک سنان
الدين چنيسر والي ديول و سنده“ سڏي ٿو، سو سن 625
۾ نظام الملڪ محمد جنيديءَ جي اطاعت قبول ڪري شمسي
(شمس الدين التمش) درٻار ۾ پهتو هو ۽ هي ٻئي
ڳالهيون تسليم ٿيل آهن، تنهن ڪري نتيجو وٺي سگهجي
ٿو ته تحفته الڪرام ۽ دولت علويه جي مصنفن جيڪي هر
هڪ سومره حاڪم جي حڪومت جا سال مقرر ڪيا آهن، سي
فرضي آهن.
ص 61- سندس حياتيءَ جو سج مماتيءَ جي اُفق ۾ غائب
ٿي ويو: جيڪي نخسا ڪپتان مالٽ پنهنجي انگريزيءَ ترجمي لاءِ ڪم آندا
آهن، تن ۾ هتي سومرن بنسبت هڪ ڊگهو فقرو موجود
آهي، ۽ ايليٽ به تاريخ هند (جلد اول، صفحن 216،
223) ۾ اهو فقرو مالٽ کان نقل ڪري، ان جي صحت ۾
شڪل ڏيکاريو آهي، اسين ان جو اختصار هتي ڏيون ٿا.
خيري جي وفات کان پوءِ خفيف سندس جاءِ نشين ٿيو،
سندس وقت ۾ رعيت نهايت آسعودي ۽ خوش هئي. هڪ ڏينهن
سندس دل ۾ خيال آيو، ته پنهنجو ڪجهه وقت شڪار گاهه
۾ صرف ڪري ڪاروبار جي تڪليف کان ٿورو آرام حاصل
ڪري، سو ڇا ڪيائين، جو هڪ وڏو لشڪر گڏ ڪري بلوچن،
سوڍن ۽ جاڙيجن ڏانهن روانو ٿيو، انهن جي حدن ۾
پهتو ته رنم سوڍو، آرام راءِ جاڙيجو ۽ مهراڻ بلوچ،
تحفا ۽ سوکڙيون کڻي اچي وٽس حاضر ٿيا، خفيف راضي
ٿي کين انعام اڪرام ڏيئي روانو ڪيو، انهيءَ کان
پوءِ انهن سمن کي سزا ڏنائين، جن هڪ بلوچ جو مال
ڦريو هو. سندس حشمت ۽ دهشت اهڙي ته ماڻهن جي دلين
۾ ويهي ويئي، جو ڪڇ کان نصرپور تائين ڪوبه ماڻهو
سندس مخالفت نه ٿي ڪري سگهيو. سڄي بادشاهيءَ ۾ امن
امان قائم ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي تختگاهه ٺٽي ڏينهن
موٽي آيو، ۽ گهڻا سال اتي حڪومت هلائي نيٺ گذاري
ويو. [291]
خفيف جي فوت ٿيڻ کان پوءِ حڪومت جي اميرن ۽ مکيه
ماڻهن دودي ولد عمر ولد ڦتوءَ کي بادشاهيءَ جي تخت
تي ويهاريو. سنگهار نالي هڪ آسپاس جي زميندار کيس
ٻڌايو ته ڪڇ جي سمن کي ٺٽي فتح ڪرڻ جو ارادو آهي.
هن خبر ٻڌڻ تي دودو بيشمار لشڪر گڏ ڪري، ڪڇ ڏانهن
روانو ٿيو ۽ انهن ماڻهن کي گوشمالي ڏنائين. لاکي
نالي انهن جي ايلچيءَ قيمتي تحفا ۽ ڪڇي گهوڙا خدمت
۾ حاضر ڪري، سمن جي قصور جي معافي گهري ۽ عنايتن
سان نوازيو ويو. پوءِ دلجاءِ ڪري ٿرڙي موٽي آيو ۽
ڊگهو عرصو اتي رهيو. هو جنهن وقت ٿرڙي ۾ هو ته
رنمل سوڍي خدمت ۾ پهچي، ڪوڙي شڪايت ڪئي ته جت
بلوچ، جيڪي خفيف جي وقت ۾ ڍل ۽ نذرانا ڏيندا هئا،
سي هاڻي تابعداريءَ کان انحرافي ڪري رهيا آهن،
تحقيق کان پوءِ معلوم ٿيو ته رنمل سوچي انهن ماڻهن
تي ناحق تهمت رکي هئي. (حقيقت ۾) هو پاڻ فوج گڏ
ڪري لڙائيءَ واسطي تيار ٿيو آهي. دودو ساڻس مقابلو
ڪرڻ لاءِ ويو. لڙائي هلندي رنمل جي نڙيءَ ۾ هڪ تير
لڳو، جنهن سندس ڪم پورو ڪري ڇڏيو. سندس لشڪر ڇڙو
ڇڙ ٿي ڀڄي ويو. دودي جي ماڻهن پٺيان پئي پڄندڙ
ماڻهن مان گهڻن کي ترار جو قلمو بنايو. نيٺ راءِ
سنگ ۽ جڳمل سفير ٿي آيا ۽ اچي شهر جا زميندار مکيه
ماڻهو ۽ قاضي استقبال تي آيا ۽ خدمت ۾ نذرانا پيش
ڪيائون. اڃا اتي ئي هو ته رنمل سوڍي جي پٽ ساهبا
خدمت ۾نذرانا پيش ڪيائو،اڃا اتي ئي هو ته رنمل
سوڍي جي پٽ ساهبا خدمت ۾ حاضر ٿي ٻه سهڻا ڪڇي
گهوڙا پيش ڪر آداب بجا آندا ۽ دودي مٿس راضي ٿي،
کيس سندس قوم جو سردار مقرر ڪيو، پوءِ ٺٽي ۾ آيو
جتان ٻئي جهان ڏانهن سفر ڪيائين.
دودي جي فوت ٿيڻ کان پوءِ سندس پٽ عمر، مکيه ماڻهن
۽ ٻين معتبر ماڻهن جي مدد سان تخت ي ويٺو، جيئن ته
هو جوان هو، تنهن ڪري پنهنجو وقت شراب نوشي ۽ راند
روند ۾ گذارڻ لڳو ۽ حڪومت جي ڪاروبار ڏانهن توجهه
ڪونه ٿي ڪيائين، تنهن ڪري سما، سوڍا، جت ۽ بلوچ
ماڻهن سندس تابعداريءَ کان نڪري ويا. [292]
هيءَ خبر ٻڌڻ سان ملا حامد (شايد سندس وزير هو)
عمر کي خبردار ڪيو ۽ هو لشڪر گڏ ڪري هنن جي مقابلي
لاءِ روانو ٿيو. سخت لڙائي لڳي، جنهن ۾ سمن جا
ماڻهو زور هئا. هيءَ حالت ڏسي ملا حامد لشڪر جي
سردارن کي گڏ ڪري، انهن کي انعام اڪرام سان نوازي،
تقرير ڪئي ته ”ٺٽو پري آهي ڏوڪڙ ٿورا، جيڪڏهن
چڱيءَ طرح وڙهي دشمن تي غالب پوندا ته ڪيترو مال
اسان جي هٿ چڙهندو ۽ اسين ٺٽي سلامتيءَ سان پهچي
سگهنداسين“ هنن لفظن ٻڌڻ سان منجهن نئون روح پيدا
ٿيو، هڪڙي ئي حملي سان دشمن کي شڪست ڏنائون ۽ کين
گهڻو غنيمت جو مال هٿ چڙهيو، سمن ماڻهن راجا جگن
ناٿ کي وچ ۾ آڻي معافي ورتي ۽ نذرانو حاضر ڪيو.
سوڍن، جتن ۽ بلوچن پڻ بري نتيجي کان ڊڄي سر تسليم
خم ڪيو، عمر دلجاءِ ڪري ٿرڙي پهتو ۽ اتي گذاري
ويو.
انهيءَ وقت هن جو پٽ دودو ننڍو هو،تنهن ڪري
بادشاهيءَ جي مکيه ماڻهن سندس ڀاءُ چنيسر کي ان جي
جاءِ تي ويهاريو. دودو بالغ ٿيو ته چنيسر هن کي
قيد ڪرڻچاهيو. (جنهن ڪري) دودو سلطان مودود کان
مدد گهرڻ لاءِ غزني ڀڄي ويو. انهيءَ وقت سلطان
مرڻينگ هو. دودي هڪ معجزي نما لڪڙيءَ جي مدد سان،
جا رستي ۾ هڪ پير مرد کان ورتي هئائين، معوم ڪيو
ته سلطان ڪنهن پاڻي پيئندي نانگ جا ٻه ننڍا ٻچا
ڳهي ويو آهي،۽ اهي ٻئي نانگ جا ٻچا وڏا ٿي بادشاهه
کي ايذائي رهيا هئا، پوءِ ڪنهن حيلي سان انهن ٻنهي
نانگ کي ٻاهر ڪڍيائين ۽ سلطان چڱو ٿي پيو. سلطان
راضي ٿي فرمايو ته ”گهر جيڪي گهرڻو اٿيئي“ دودي
پنهنجو احوال عرض ڪيو، جنهن تي سلطان ساڻس گڏ وڏو
لشڪر روانو ڪيو. ٻارهن ڏينهن جي لڙائيءَ کان
پوءِبادشاهي جهنڊي تي فتح جي هير گهلي (بادشاهه جي
طرف کي فتح حاصل ٿي) ۽چنيسر پنهنجن گهڻن ماڻهن
سميت مارجي ويو. دودوي پيءَ جي تخت تي ويهي، ڪيئي
سال طاقت ۽ عقلمنديءَ سان حڪومت هلائي، نيٺ ”کل
نفس ذائقه الموت“ جي حڪم موجب اجل جي ساقي هٿان
موت جو شربت پي، حياتيءَ جواسباب دائمي جهان ڏانهن
کڻي ويو. [293]
|