ڪامياب بادشاهه محمد بابر جي قنڌار تي چڙهائي ڪرڻ
جو احوال
جڏهن کان بادشاهه والا جاه ظهير السلطنت و الخلافت
جي ڪن تي شاهه بيگ جي قيد ٿيڻ جي خبر پيئي هئي،
تڏهن کان سندس مبارڪ دل ۾ قنڌار فتح ڪرڻ جو خيال
هميشه هليو آيو. ليڪن انيڪ انڊڪن جي ڪري جيڪي
ماوراءِ النهر ۽ بدخشان جي ملڪ ۾ پيدا ٿينديون ٿي
رهيون، هيءُ ارادو عملي صورت وٺي نه ٿي سگهيو. قصو
مختصر بادشاهه والا جاهه ٻين پاسن کان دلجاءِ ڪري
وڏو لشڪر وٺي قنڌار ڏانهن روانو ٿيو، ۽ هن طرف
شاهه بيگ، قلعي داري جي ضروري سامان ۽ قنڌار ۽
انهيءَ جي آسپاس جيڪو سمر پيل هو سو ڀ گڏ ڪري شهر
۾ اندر نيو، ۽ قلعي بند ٿي ويهڻ جو فيصلو ڪري، برج
۽ ديواريون تجربيڪار ماڻهن جي سپرد ڪيا. ساڳئي وقت
شاهي ڪئمپ ۾ جاسوس موڪليائين، ته لشڪر جي انداز ۽
ڪيفيت کان واقف ٿي روز بروز تازيون خبرون پهچيندا
رهن. هنن ماڻهن ڪئمپ ۾ پهچي، لشڪر ۽ ماڻهن جو
اندازو وٺي خبر ڏني ته بادشاهه وڏي لشڪر سان
هيڏانهن اچي رهيو آهي. شاهه بيگ نهايت بلند همت
هو، تنهن ڪري ميدان ۾ نڪري مقابلي ڪرڻ جو فيصلو
ڪيائين، ۽ هن باري ۾ سڀني پنهنجن دوستن سان صلاح
مشورا ڪيائين ته سڀني فيصلو ڪيو ته هڪ دفعو لڙائي
ڪجي، پوءِ جيڪڏهن فتح حاصل ٿي ته فيها نه ته قلعي
۾ ويهي لڙائي جا دروازا کولينداسون. ظهير السطنت و
الخلافت قنڌار جي آسپاس پهتو ته بيمار ٿي پيو، ۽
ضعيف هن حد کي وڃي پهتو جو سپاهين جون دليون ۽ هٿ
[109] ڪم کان جواب ڏيئي بيٺا. هيءُ خبر معلوم ڪري
شاهه بيگ قنڌار جي مکيه ماڻهن هٿان عمدا تحفا
موڪلي صلح جو بنياد رکيو، ۽ عقلمند بادشاهه خواجا
جلال الدين هٿان شاهه بيگ ڏانهن گهوڙو ۽ سروپاءِ
موڪلي موٽي ويو.
جڏهن بادشاهي ڪئمپ قنڌار کان ڪابل رواني ٿي، تڏهن
شاهه بيگ سيويءَ ۾ آيو، ۽ ڪجهه وقت هن ملڪ ۾ رهي،
پنهنجي اميرن ۽ سپاهين کي چيائين ته حضرت ظهير
السطنت و خلافت هن دفعي تشريف آڻي قنڌار جو رستو
ڏسي ويو، ۽ ٻئي سال وري فتح ڪرڻ لاءِ ايندو، ۽
جيستائين اسان کي هتان بي دخل نه ڪندو. تيستائين
آرام سانه وهندو. هن دعوى تي ٻه دليل پيش ڪيائين.
هڪ ته جڏهن کان محمد مقيم کان اها جرائت ٿي تڏهن
کان سندس دل مبارڪ ۾ هميشه هيءُ ڪنڊو چڀي رهيو آهي
ته جيڪڏهن اسان ڪنهن ملڪ فتح ڪرڻ لاءِ روانا ٿيون،
ته متان ارغوني وري ڪا اهڙي شرارت ڪن، ڇاڪاڻ ته
محمد مقيم جي حرڪت کان پوءِ جنهن صورت ۾ حضرت ظهير
السلطنت انهيءَ جي تلافيءَ لاءِ سندس نياڻي وٺي
ويو آهي، تنهن ڪري ارغونين جي دل ۾ سخت ڪدورت لاءِ
سندس نياڻي وٺي ويو آهي، تنهن ڪري ارغونين جي دل ۾
سخت ڪدورت ويهي ويئي آهي، ٻيو ته گهڻا شهزادا اچي
گڏ ٿيا آهن، ۽ اوزبڪن ۽ قزلباشن تي سندن هٿ نه ٿو
پڄي سگهي. لاچار قنڌار هٿ ڪرڻ چاهين ٿا، تنهن ڪري
اسان کي پنهنجو فڪر ڪرڻ گهرجي. سو ڀا ڪيائون جو
سياري جي شروع ۾ هزار سوار تيار ڪري سيويءَ کان
سنڌ موڪليائون. انهيءَ ٽوليءَ 17 ذوالقعد سن 921هه
۾ اچي ڳاهن جي ڳوٺ ۾ باغبان تي حملو ڪيو. سنڌ جو
هڪ عالم مخدوم جعفر، مرزا عيسى ترخان کان روايت
ڪندو هو ته هن حملي ۾ [مغل] هڪ هزار (ته رڳو) اٺ
ڪاهي ويا، جيڪي رات جو باغن جي نارن ۾ ڪم ڪندا
هئا. ٻين شين جو يا انهيءَ ملڪ جي آبادي جو اندازو
هن مان لڳائڻ گهرجي. لشڪر انهيءَ گرد و نواح ۾ هڪ
هفتو رهي موٽي ويو. [110]
شاهه بيگ جي اڳڪٿي سچي نڪتي، ۽ ٻئي سال حضرت بادشاهه قنڌار هٿ ڪرڻ لاءِ
روانو ٿيو، ۽ هزاري ۽ تڪدر جي ماڻهن کي ڦري لٽي
موٽي ويو، جنهن ڪري هن سال قنڌار ۾ وبا ۽ ڏڪار
پئجي ويا. سن 921هه ۾ حضرت بادشاهه قنڌار جي
پسگردائيءَ ۾ اچي قلعي کي سامهون ٿي، سرنگهه کوٽڻ
جو خيال ڪيو. محاصرو سوڙهو ٿيو ۽ شهر ۾ اندر عجيب
ڏڪار ۽ مهانگائي اچي پيئي. آخر صلح جو فيصلو ٿيو ۽
مهينه تير
جي شروعات ۾ جڏهن لشڪر ۾ تپ جو مرض پيدا ٿيو، تڏهن
لاچار موٽي ويو.
هن ئي سال ۾ مرزا شاهه حسن پيءُ ان رنج ٿي، خاقان
بلند مڪان بابر بادشاهه جي خدمت ۾ پهتو، ۽ بادشاهي
نطر عنايت ۽ مهربانيءَ جو فخر حاصل ڪيائين، ٻه سال
درگاهه جي ملازمت ۾ رهيو. حضرت بادشاهه فرمائيندو
هو ته شاهه حسن بيگ اسان وٽ نوڪري ڪرڻ ه آيو آهي،
بلڪه اسان کان حڪومت جودستور ۽ بادشاهي جو قانون
سکڻ آيو آهي، انهيءَ ئي دوران مهتر سنبل پڻ ڪجهه
سمر هٿ ڪري قنڌار جي قلعي ۾ آيو. نيٺ مرزا شاهه
حسن پڻ جازت حاصل ڪري قنڌار روانو ٿيو.
سن 922هه ۾ بابر بادشاهه وري ڪابل جو رخ ڪيو ۽ اڃا
پيدائش جهنگل ۾ ئي پيل هئي ته قنڌار کي گهيرو ٿي
ويو. شاهه بيگ بادشاهه جي اچ وڃ کان تنگ ٿي، حضرت
شيخ ابو سعيد پورانيءَ کي صلح لاءِ موڪليو. ٻئي
طرف کان پڻ خواجا خدا وند محمود ۽ خواجا عبدالعظيم
قنڌار تشريف فرما ٿي معاهدو لکيو ته ايندڙ سال
قنڌار، خاقان عاليشان جي غلامن جي حوالي ڪيو
ويندو. انهيءَ فيصلي تي بابر بادشاهه جو لشڪر موٽي
ويو. ۽ شاهه بيگ شال جي قلعي کي مضبوط [111] ڪري
شال ۽ سيويءَ جي حدن ۾ رهڻ لڳو. انجام موجب سن
923هه ۾ قنڌار جون ڪنجون مير ابوالمڪارم جي پيءُ
مير غياث الدين هٿان عالم پناهه جي درگاهه ۾
موڪليائين، جن قبوليت جو شرف حاصل ڪيو.
سيوي ۾ شامل جي آسپاس ٻيا به ٻه سال تنگيءَ ۽ محنت
۾ گذاريائون. هڪڙي فصل ۾ ته سپاهي گوگڙن، گجرن ۽
اهڙن ٻين چيزن تي گذارڻ ڪندا رهيا. نيٺ سنڌ جي فتح
ڏانهن رخ رکيائون، ۽ ٻيهر وڃي ڪوٽ ماڇين ۽ چانڊوڪه
۾ ڦرلٽ ڪيائون. انهيءَ سال ٺٽي جي حاڪم ڄام نندي
جو پٽيلو دريا خان اوچتو وڏو لشڪر وٺي، سيويءَ
ويو. مغلن ۽ سنڌين جي وچ ۾ سخت لڙائي ٿي، جنهن ۾
ابو المحمد مرزا شهيد ٿي ويو. روزي بيگ ۽ ٻيا ٿورا
ارغون ۽ هزاري جا ماڻهو جيڪي پوتي رهيل هئا، تن
انهيءَ جنگ ۾ مقابلو ڪيو، ۽ سنڌي ٺٽي واپس موٽي
ويا.
آخر انهيءَ سال ۾ ڄام نندو عالم بقا ڏانهن روانو
ٿي ويو، ۽ ڄام فيروز سندس جاءِ تي ويٺو. هن کان اڳ
ڪجهه لکيو ويو آهي، ته دولت شاهي ۽ نورگاهي ماڻهن
ڀڄي اچي ڄام جي نوڪري ڪئي هئي، ۽ ڪيبڪ ارغون پڻ هڪ
خون ڪرڻ سبب ڇڄي ڪن ماڻهن سان سنڌ ڏانهن نڪري آيو
هو. ڄام انهن سڀني ماڻهن کي ٺٽي ۾ هڪ محلي ۾
رهايو، جو مغل واڙي جي نالي سان مشهور آهي. مير
قاسم ڪيبڪي پڻ ڪجهه وقت ٺٽي ۾ رهي، حقيقت حال کان
واقفيت حاصل ڪئي هئي. هو پوءِ انهيءَ سال جي آخر ۾
موٽي امير شاهه بيگ جي خدمت ۾ پهتو، ۽ کيس ٺٽي جي
فتح ڪرڻ جي ترغيب ۽ لالچ ڏياريائين، ۽ [112] شاهه
بيگ سن 924هه جي پڇاڙي ۾ لشڪر تيار ڪري ٺٽي روانو
ٿيو.
روايت ڪن ٿا ته جڏهن شاهه بيگ فتح پور ۽ گنجابي ۾
لشڪر تيار ڪري رهيو هو، تڏهن وٽس گهڻائي ماڻهو اچي
گڏ ٿيا. هن بيگ علي مرزا، سلطان علي ارغون ۽ زينڪه
ترخان کي ڪجهه لشڪر ساڻ ڏيئي قلعي جي حفاظت لاءِ
شال ۾ مقرر ڪيو. شاهه محمود جي ڀاءُ سلطان محمود
کي سيويءَ ۾ ۽ ڪن ٻين کي فتح پور ۽ گنجابي ۾ ڇڏي،
پنهنجي لشڪر جي بهادرن مان 240 سوار، مير فاضل
ڪوڪلتاش سان گڏ اڳڀرو روانا ڪري، پٺيان پاڻ راهي
ٿيو. سنڌ ملڪ ۾ پهچڻ کانپوءِ جڏهن باغبان کان
لنگهيا، تڏهن سمن جو لشڪر دريا خان جي پٽن متن خان
۽ محمود خان جي هٿ هيٺ ٽلٽيءَ ۾، جا سيوستان
(سيوهڻ)کان ٽن چئن ڪوهن تي آهي، جمع ٿي، مقابلي ۽
جنگ جو خواهان ٿيو. جڏهن شاهه بيگ باغبان ۾ لٿو،
ته باغبان جا ملڪ (زميندار) ڊوڙي خدمت ۾ حاضر ٿيا،
۽ جان ۽ مال سان خدمت گذاري ڪري مهربانيءَ جي نظر
جا حقدار ٿيا. شاهه بيگ چاهيو ٿي ته هن ملڪ جا ٻيا
ماڻهو به لڙائيءَ کان سواءِ استقبال ڪري خدمت ۾
حاضر ٿين، پر انهن ماڻهن سرڪشي ۽ خودمختياري
اختيار ڪري، حاضريءَ کان انڪار ڪيو.
نيٺ شاهه بيگ، لڪي جبلن جي رستي کان ٺٽي جو رخ
ڪري، منزلون ڪندو روانو ٿيو، ۽ وڃي ٺٽي کان ٽيهه
ڪوهه ڏکڻ طرف خانواهه جي ڪناري تي منزل انداز ٿيو.
انهن ڏينهن ۾ درياهه جو اڪثر حصو ٺٽي جي اتر طرف
کان وهيو ٿي، تنهن ڪري ھنتيءَ ۾ رهيا ته هيءُ
درياهه ڪهڙي طرح ٽپجي، اوچتو [ڏٺائون ته] هڪ دايو
تانگهو پاڻي لنگهي هن ڀر اچي رهيو هو. چوڪيدارن هن
کي پڪڙي دڙڪا ڏنا، جنهن تي هنر ستو ڏيکاريو.
عبدالرحمان دولت شاهي، پنهنجو گهوڙو [113] درياهه
۾ گهيڙي، هن طرف ويو ۽ وري موٽي اچي شاهه بيگ کي
خبر ڏنائين، قصو مختصر 11 محرم سن 926هه ۾ شاهه
بيگ لشڪر گاهه جي حفاظت لاءِ هڪ جماعت درياءَ تي
ڇڏي، پاڻ درياءَ ۾ گهوڙو گهيڙيو، ۽ سندس فتحمند
لشڪر پڻ هڪ ٻئي جي پويان ٽوليون ٽوليون ٿي، درياءَ
ٽپي اچي ٺٽي جي شهر کي ويجهو پهتو. ڄام نندي جو
پٽيلو دريا خان، ڄام فيروز کي ٺٽي ۾ ڇڏي، وڏو لشڪر
ساڻ ڪري، لڙائيءَ لاءِ نڪتو، ٻنهي ڌرين جي وچ ۾
اهڙي سخت لڙائي لڳي، جنهن جي شرح کان قلم جي زبان
قاصر آهي. نيٺ امير شاهه بيگ فتحمند ٿيو. ڄام
فيروز درياءُ ٽپي ڀڄي ويو، ۽ دريا خان هڪڙي تنگر
بردي قبتاش نالي ارغون جي، جنهن کي قبتاش جي لقب
سان سڏيندا هئا، هٿ چڙهيو، ۽ ٻين سمن سپاهين سان
گڏ قتل ٿي ويو. مغل 20 محرم تائين ٺٽي جي شهر کي
ڦريندا لٽيندا ۽ ان جي رهاڪن کي ذليل ڪندا رهيا،
جنهن ڪري آريت سڳوريءَ ”ان الملوڪ اذا دخلو اقريته
افسدوها“ (بادشاهه جڏهن ڪنهن به شهر ۾ داخل ٿيندا
آهن، ته انهيءَ ملڪ کي ويران ڪندا آهن) جو مضمون
نهايت فصاحت سان ظاهر ٿيو. ڪيترن ماڻهن جو اهل و
عيال قيد ٿيو. بلڪه ڄام فيروز جا ٻار پڻ شهر ۾
رهجي ويا. شاهه بيگ کي هيءَ خبر معلوم ٿي ته حفاظت
لاءِ حويليءَ جي در ي چڱا ماڻهو موڪلي ان جي عزت ۽
ناموس بچايائين. نيٺ انهيءَ وقت جي هڪ عالم و فاضل
قاضي قاضن جي ڪوشش سان اها غضب جي باهه ٿڌي ٿي،
ڇاڪاڻ ته قاضي جو اهل و عيال پڻ قيد هو، ۽ چرين
وانگيان پنهنجي وڃايلن کي ٺٽي جي گهٽين ۾ ٿي
ڳوليائين. نيٺ هڪ خط تيار ڪيائين جنهن ۾ ماڻهن جي
خراب حالت جو ذڪر لکيائين. اهو خط حافظ محمد شريف
امام، شاهه بيگ جي گذارش ۾ آندو. انهيءَ خط پڙهڻ
سان شاهه بيگ جي دل تي وڏو اثر ٿيو، ۽ پڙهو
گهمايائين ته ٺٽي جي ماڻهن جي مال ۽ عيال کي ڪوبه
هٿ نه لائي، ۽ پنهنجي بٿيءَ مان هڪ تير ڪڍي قاضيءَ
کي [114] ڏيئي ساڻس گڏ ماڻهو ڏنائين ته پاڻ جنهن
ڏانهن اشارو فرمائين سو ماڻهو سندن حوالي ڪيو وڃي.
عرض ته چام فيروز ڪن ٿورن ماڻهن سان گڏ دردمند دل
سان وڃي پير آر (پير پٺي) وٽ ترسيو ڇاڪاڻ ته سندس
۽ ڄام نظام الدين جو عيال ٺٽي ۾ رهجي ويو هو. نيٺ
شاهه بيگ جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ کانسواءِ ٻيو ڪو چارو
نه ڏسي. قابل ماڻهو هڪ ٻئي پويان موڪلي، عاجزيءَ ۽
نيازمنديءَ جي زبان سان پيغام ڏياري موڪليائين ته
ٻانهيءَ جي حيثيت توهان جي لشڪر سان مقابلي ۽ جنگ
ڪرڻ کان گهڻو گهٽ آهي، هن وقت تائين جيڪي ٿيندو
رهيو آهي، سو ساهه جي خرف ۽ ٻين جي ڀڙڪائڻ ڪري
ٿيندو رهيو آهي، جيڪڏهن مهرباني ڪري، ناچيز جا
گناهه معافيءَ جي پاڻيءَ سان ڌوئي صاف ڪندا ته
جيستائين حياتي باقي هوندي تيستائين توهان جي
غلاميءَ ۽ فرمانبرداريءَ جو طوق پنهنجي گردن ۾
وجهيو ايندس، توهان جي مرضيءَ کان وک به ٻاهر نه
رکندس ۽ جنهن وقت لشڪر عالي موٽڻ جي ڪندو، ۽ ٺٽي
جي ٻاهران منزل ٿيندي ته خدمت ۾ حاضر ٿي، توهان جي
درٻار جي خاڪ اکين جو سرمون بڻائيندس. شاهه بيگ
طبعي رحمدلي ۽ بنيادي مهرباني سبب سندس عاجزيءَ
مهربانيءَ ڀريا پيغام ڏياري موڪليا، جنهن تي ڄام
فيروز پنهنجي ڀائرن سان گڏجي پير آر واري درياءَ
جي ڪناري تي حاضر ٿيو ۽ ترار ڳچيءَ ۾ وجهي ڏاڍي
عاجزي نيازي ۽ نئڙت ڪيائين. شاهه بيگ علاؤالدين
ولد مبارڪ خان کي حڪم ڪيو ته ڄام فيروز لائق تحفا
موڪلي، وڏن اميرن جي معرفت شاهه بيگ جي دست بوسيءَ
جو ضرف حاصل ڪيو، ۽ جڏهن معافي لاءِ زبان کولي
گذريل ڳالهين تي نهايت پشيماني ظاهر ڪيائين. تڏهن
شاهه بيگ کيس [115] انهيءَ سوئي ڀرت ڀريل وڳي سان،
جو سلطان حسين مرزا، مير ذوالنون کي ڏنو هو،
سرفراز ڪري ٺٽي جي حڪومت سندس حوالي ڪئي ۽ فيصلو
ٿيو ته ڄام فيروز شهر ۾ اندر وڃي، ۽ پنهنجي ماڻهن
کي وٺي وڃي، کين سندن اصلوڪين جاين ۾ وهاري، هاڻي
شاهه بيگ پنهنجن اميرن ۽ وزيرن سان صلاح ڪئي ته
سنڌ ڪشادو ملڪ آهي، ۽ جيڪي ٿورا ماڻهو ڇڏي پنهنجن
فرزندن ڏانهن موٽنداسون، سي انهيءَ جي سنڀال ڪري
نه سگهندا، تنهن ڪري صلاح اها آهي ته اڌ ملڪ ڄام
فيروز جي حوالي ڪريون ۽ ٻيو اڌ پنهنجن اعتماد جوڳن
ماڻهن جي لاءِ ڇڏيون [نيٺ] سڀني جي راءِ اها ٿي ته
لڪيءَ جو جبل جو سيوهڻ جي قريب آهي، تنهن کان وٺي
ٺٽي تائين ڄام فيروز جو تعلق ۾ رکيو وڃي، ۽ لڪيءَ
کان مٿي پنهنجن خادمن جي تعلق ۾، انجام اقرار جي
قاعدن پوري ڪرڻ کان پوءِ شاهه بيگ منزلون ڪندو،
سيوستان ۾ پهتو، جيڪي ماڻهو سيوستان ۾ هئا، تن
شاهه بيگ جي لشڪر پهچڻ کان اڳ ٽلٽيءَ ۾ پهچي وڏو
لشڪر تيار ڪيو هو. سهتا ۽ سوڍا ماڻهو جيڪي اتي
حاضر هئا، تن ٺهراءُ ڪيو هو ته جيستائين جان باقي
هوندي، تيستائين لڙائيءَ تان هٿ نه کڻنداسون. شاهه
بيگ سيوستان جو قلعو هٿ ڪري، مير عليڪ، ارغون،
سلطان مقيم بيگ لار، ڪيبڪ ارغون ۽ احمد ترخان کي
سيوستان ۾ ڇڏي، سلطان محمود خان ڪوڪلتاش کي بکر جي
قلعي تي مقرر ڪري، پاڻ پنهنجن پٽن کي آڻڻ لاءِ شال
ڏانهن روانو ٿيو. هوڏانهن جناب قاضي قاضن کي دريا
خان جي پٽ محمود ڏانهن موڪليائين، ته سهڻين نصيحتن
۽ فائديمند هدايتن سان مخالفت کان باز آڻي کيس
فرمانبرداريءَ جي رستي لائي،
قاضي صاحب جي پهچڻ کانپوءِ اهي ماڻهو مورڳو سندس
ڏسڻ تي به راضي نه ٿيا، نيٺ شاهه بيگ ٽلٽيءَ جي
سامهون اچي لٿو. ٽن ڏينهن کانپوءِ ٽلٽيءَ جي هڪڙي
ماڻهو شاهه بيگ جي خدمت ۾ حاضر ٿي، ٻڌايائين ته
ميان محمود، متن خان [116] ڄام سارنگ ۽ رڻمل
سوڍو خدمت ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ تيار ٿيا هئا، پر
انهيءَ ملڪ جو هڪڙو عالم ۽ مشائخ
مخدوم بلاول کين روڪي ويٺو آهي، ۽ اچڻ نٿو ڏئي،
بلڪ لڙائيءَ جي ترغيب ۽ جوش ڏياري رهيو آهي. اهو
ئي سبب هو جو فتح کانپوءِ شاهه بيگ مخدوم بلاول تي
سختي ڪئي ۽ مٿن ڏنڊ وڌو.
قصو ڪوتاهه، شاهه بيگ انهيءَ ئي رات ڪجهه ٻيڙيون
هٿ ڪري مير فاضل ڪوڪلتاش سان گڏ صبح جو درياهه ٽپڻ
شروع ڪيو. پهريائين ترخان، ارغون ۽ ٻيو لشڪر پتڻ
ٽپي هن ڀرڻيو. شاهه بيگ پاڻ منجهند جي وقت درياهه
لنگهي پار ٿيو. ٽلٽيءَ جي ماڻهن قلعي کان ڪري،
جوڌي سوچي جي ڀاءُ رنمل کي محافظ دستي طور اڳڀرو
موڪليو. مير فاضل جو شاهه بيگ طرفان مقدمي تي هو،
تنهن اڳتي وڌي، پهرئين ئي حملي سان فوج کي هيٺ مٿي
ڪري ڇڏيو. شاهه بيگ جي پهچڻ تي مغلن ٽلٽيءَ جي
دروازي تي ڪاهه ڪري نهايت جلدائي سان قبضو ڪري
ورتو. آخر سمن جو لشڪر ڪجهه قتل ٿي ويو، ڪجهه پاڻ
پڻيءَ ۾ ڇلي فنا ٿيو، ۽ منجهائن ڪي ٻيا ڀڄي وڃي
سيوهڻ کان نڪتا. مطلب ته ٽي ڏينهن ٽلٽيءَ ۾ رهي،
اتي جي رهاڪن لاءِ پوري بربادي آندائين. انهيءَ
جنگ ۾ سوڍن ماڻهن عجيب لڙائي ڪئي ۽ مقابلي جي
ميدان ۾ ڏاڍي مڙسي ڏيکاري، ۽ بيهڪ ڪري، انهن مان
گهڻا جوڌي سوڍي جي ڀاءُ رنمل سان گڏ ڪسي ويا.
امير شاهه بيگ جو مرزا شاهه حسن کي شال ۽ سيويءَ مان ڄام صلاح
الدين ۽ ٻين فتنه انگيزن جي فساد دفع ڪرڻ لاءِ
موڪلڻ جو احوال
شاهه بيگ ٺٽو فتح ڪري، انهيءَ ملڪ جي حڪومت جي
واڳ، ڄام فيروز جي هٿ ۾ ڏيئي، پاڻ انهيءَ ئي وقت
شال ۽ سيويءَ ڏانهن موٽي ويو. [117]
ٿوري وقت کانپوءِ، ڄام جا ماڻهو جيڪي زماني جي
حادثن ڪري ٽڙي پکڙجي ويا هئا سي به اچي گڏ ٿيا،
جيئن ته ڄام صلاح الدين پهريائين لڙائيءَ ۽ مخالفت
جو جهنڊو بلند ڪري ڄام فيروز کي سندس والد جي وفات
کانپوءِ ڀڄائي ڪجهه وقت ٺٽي جي شهر تي حڪومت ڪئي
هئي ۽ پوءِ درياءَ خان جي غلبي ۽ سيوستان جي لشڪر
جي حملي سبب شڪت کائي گجرات ڏانهن وڃي پريشانيءَ ۽
بدحاليءُ ۾ وقت گذاري رهيو هو. سو هاڻي هن جي دماغ
۾ ٻيو دفعو ٺٽي ملڪ ي حڪومت ڪرڻ جو خيال ۽ سوداءُ
پيدا ٿيو. سو ڇا ڪيائين جو جاڙيجن، سوڍن، سمن ۽
کنگهارن جا ڏهه هزار سوار ساڻ ڪري ٺٽي فتح ڪرڻ
لاءِ نڪتو. شاهه بيگ، ڄام فيروز جي تسليءَ لاءِ
مير عليڪ ارغون، سلطان مقيم بيگ لار، ڪيبڪ ارغون ۽
احمد ترخان کي سيوستان ۾ ڇڏي ويو هو، جڏهن هيءُ
حادثو پيدا ٿيو ته چام فيروز بيتاب ٿي، ٺٽي مان
هلي شاهه بيگ جي انهن اميرن جي خدمت ۾ پهتو، جيڪي
سيوستان ۾ هئا، انهن صلاح ڪري شاهه بيگ ڏانهن
ماڻهو موڪلي واقعي جي صورت ۾ عرض ڪئي، ڄام فيروز
پڻ علاؤالدين بن مبارڪ خان کي اوڏانهن نهايت تڪڙو
روانو ڪري مدد لاءِ عرض ڪيو. شاهه بيگ هن خبر ٻڌڻ
شرط پنهنجن اميرن کي سڏيو. صلاح ٿي ته جنهن صورت ۾
ماڻهو پوريءَ طرح تيار آهن، تنهن ڪري مناسب آهي ته
فرزند ارشد مرزا شاهه حسن ڪارگر ماڻهن جي فوج ساڻ
وٺي جلدي روانو ٿئي ۽ پاڻ کي ڄام فيروز وٺ پهچائي.
قصو مختصر، 14 محرم سن 927هه ۾ مرزا شاهه حسن، شال
مان رخصت ياب ٿي، سنڌ ڏانهن واڳ واري ۽ ويهن ڏينهن
جي عرصي اندر سيوستان جي حدن ۾ پهتو. امير شاهه
بيگ سندس پويان لشڪر جا ٽولا ٽولا ڪري موڪليندو
رهيو، ۽ پاڻ به سندن پويان منزلون ڪندو ٿي آيو.
مرزا شاهه حسن سيوستان جي آسپاس پهتو، ته انهيءُ
وقت ڄام [119] پٽ جي قتل ٿي ويو. سندس باقي رهيل
ماڻهو گجرات ڀڄي ويا. مرزا شاه حسن افتحياب ٿي
انهيءَ ميدان ۾ ٽي ڏينهن رهي پيو ۽ اتان ڄام فيروز
کي موڪليائين ته وڃي پنهنجن ماڻهن جي خبر لهي اچي،
پوءِ پاڻ ۽ ڄام فيروز گڏجي پوئتي موٽيا. مهيني
ربيع الثانيءَ ۾ شاهه بيگ باغبان جي حد ۾ پهتو، ۽
اتان مرزا شاهه حسن ۽ وڏن اميرن جي حاضر ڪرڻ جو
حڪم جاري ڪريائين، جنهن صورت ۾ شاهه بيگ جي ماڻهن
سان زالون ۽ ٻار ٻچا ساڻ هئا، تنهن ڪري باغبان جي
آسپاس لهي پيا ۽ ماڇي ماڻهو جن سرڪش اختيار ڪري
اطاعت ۽ فرمانبرداريءَ کان منهن موڙيو هو، تن سڀني
کي قتل ڪيائون، ۽ هنن جا مال ۽ ڍور ڍڳا ڦري لٽي
گهر تڙ ۽ قلعو زمين برابر ڪري ڇڏيائون.
شاه بيگ جو باغبان جي آسپاس رهي پوڻ، ۽ سيوستان ڏانهن توجهه ڪرڻ
جو احوال
جن ڏينهن ۾ ساهه بيگ اچي باغبان جي ڳوٺ ۾ منزل ڪئي
۽ مرزا شاهه حسن پڻ فتحياب ٿي پيءُ جي خدمت ۾
پهتو، تڏهن شاهه بيگ کيس طرحين طرحين مهربانين ۽
عزتن سان نوازيو، ۽ اميرن ۽ سپاهين کي پڻ مهربانين
۽ نوازشن سان سرفراز ڪري ڪجهه وقت ٽڪي سفر جي
تڪليفن ۽ ڏاکڙن کان آرام ورتو، پوءِ مرزا شاهه حسن
کي فتحمند لشڪر گاهه ۾ ڇڏي پاڻ اميرن جي هڪ جماعت
۽ باغبان جا مَلَڪَ ساڻ وٺي سيوستان جي قلعي ۾
پهتو ۽ قلعي جي اندرينءَ ۽ ٻاهرينءَ مضبوطيءَ جو
معائنو ڪري ڪارآمد ۽ اعتماد جوڳن ماڻهن جي هڪ جاعت
اتي مقرر ڪري حڪم [120] فرمايائين ته اناج جي
پيدائش قلعي ۾ آڻي ذخيرو ڪري رکي وڃي، ۽ وڏن وڏن
اميرن مان هر هڪ کي قلعي ۾ پنهنجي لاءِ حويلي ۽
منزل ٺاهڻ جو حڪم ڏنائين. منزلن تقسيم ڪرڻ کان
پوءِ لشڪر گاهه ۾ واپس تشريف فرما ٿي بکر ڏانهن
واڳ ورايائين. قاضي قاضن ٽن منزلن تي استقبال ڪري،
قسمين قسمين انعامن سان ممتاز ٿيو. جلدي هڪ منزل
پوري ڪئي هئائون تڏهن ڄام فيروز جي قاصدن ملازمت
عاليءَ ۾ پهچي ڄام جون عريضيون ۽ سندس موڪليل تحفا
۽ گهوڙا خدمت ۾ پيش ڪيا، جن کي نظر مان ڪڍيو ويو،
۽ ڄام جي قاصدن کي خلعت ۽ انعام سان سرفراز ڪري
واپس ورڻ جي اجازت ڏيئي ڏانهس هڪ خط موڪليو ويو ته
اسان کي گجرات ملڪ جي فتح ڪرڻ جو ارادو آهي، اهو
ملڪ فتح ٿي ويندو، ته سنڌ ملڪ اڳوڻي دستور موجب
توهان سان تعلق رکندو، اتان پوءِ بکر ڏانهن متوجهه
ٿيا. و الله اعلم بالصواب.
ڌاريجن جي گرفتار ٿيڻ ۽ انهيءَ جماعت جي ڪُسڻ جو احوال
شاهه بيگ جڏهن چانڊوڪيءَ جي ڳوٺ ۾ پهتو، جو سکر
کان 30 ڪوهه الهندي آهي، تڏهن سلطان محمود خان
بابا چوچڪ کي، جو سندس صلاحڪار هو، پيءُ جي خدمت ۾
موڪليو، ۽ حقيقت حال عرض ڪئي. سندس والد مير فاضل
اها جنسي عريضي شاهه بيگ جي گذارش هيٺ آڻي، اجازت
حاصل ڪري، ٻن سون سوارن سان درياهه ٽيپو، واٽ ۾
وڏيرن ۽ اڳواڻن کي دلداري ڏيئي پاڻ سان وٺندو ٿي
ويو، جڏهن پريالوءِ جي حد ۾ پهتو، تڏهن سلطان
محمود پيءُ جي استقبال ڪرڻ جو ارادو ڪيو. هيءُ خبر
مير فاضل جي ڪن پيئي ته پٽ ڏانهن پيغام موڪليائين
ته خبردار! قلعي کان ٻاهر پير نه رکج، ۽ مردانو
[121] ٿي رهج، ڇاڪاڻ ته جنهن جماعت مخالفت ڪئي آهي
تن سڀني کي تقدير جي قوت سان بکر جي قلعي ۾ قيدي ۽
گرفتار ڪيو ويندو.
جن ڏينهن ۾ سلطان محمود خان بکر جي حڪومت تي مقرر
ٿيو هو، تڏهن بکر جي بزرگ ساداتن سندس ضروريات جو
ذمو کنيو هو، ۽ شاهه بيگ ڪن ڌاريجن وڏيرن کي پڻ
قلعي ۾ رهڻ جو حڪم ڏنو هو، اهي ڪوتاهه انديش ماڻهو
وعدي خلافي ڪري ڀڄي ويا هئا، ۽ ٽولي ساڻ ڪري
مخالفت ۽ جهيڙي جو دروازو کولي سلطان محمود کي
ايذائڻ ۽ آزارڻ لڳا، سندس ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري کيس مال
۽ ڍل ڏيڻ کان انڪار ڪيائون، سندس قاصدن کي نهايت
بيعزتيءَ ۽ بيحرمتيءَ سان واپس موڪليائون، سندس
قاصدن کي نهايت بيعزتيءَ ۽ بيحرمتيءَ سان واپس
موڪليائون، ۽ لشڪر گڏ ڪري روهڙيءَ جي ميدان ۾ جنگ
جي جاءِ تياري ڪيائون، انهيءَ وقت سلطان پندرهن
سالن جي عمر جو هو. سلطان پنڌرهن سالن جي عمر جو
هو. سلطان محمود بيتاب ٿي ساڻن لڙائي ڪرڻ لاءِ
ٻاهر نڪرڻ گهريو ٿي، مگر سادات کيس روڪيندا ۽
دلداري ڏيندا رهيا، ٻه دفعا ڌاريجن درياهه ٽپي
قلعي ۾ اچڻ ۽ سلطان محمود کي گرفتار ڪرڻ جو خيال
ڪري وڏو لشڪر گڏ ڪيو پر بکر جا سيد هن حقيقت کان
واقف ٿي قلعي جا برج ۽ ڀتيون مضبوط ڪري لڙائيءَ
لاءِ تيار ٿيا، ۽ هو ساداتن جو لشڪر ڏسي ڪجهه نه
ڪري سگهيا.
قصو ڪوتاهه، جڏهن مير فاضل بکر جي آسپاس پهتو تڏهن
هڪ مکيه زميندار لالي مهر پنهنجي ڀائرن سميت اچي
ملازمت جي سعادت حاصل ڪئي. ڌاريجا وڏيرا پڻ لاچار
ٿي هر جڳهه کان خدمت ۾ حاضر ٿيندا ٿي رهيا. نيٺ
مير فاضل اچي بکر ۾ پهتو ۽ ڌاريجن جا 47 سردار پاڻ
ساڻ آندائين. سلطان محمود پيءُ جي قدمبوسيءَ جي
سعادت حاصل ڪري دل جو درد ٻڌايو ۽ ڌاريجن مان 27
ماڻهن کي سزاياب ڪرايو. [122] شاهه بيگ کي جڏهن
معلوم ٿيو ته مير فاضل بکر ۾ خير سلامتيءَ سان
پهتو آهي، تڏهن پاڻ جنهن منزل تي پهتو هو اتان تکو
تکو بکر روانو ٿيو ۽ اچي سکر جي ميدان ۾ لٿو.
سلطان محمود خان شاهه بيگ جي خدمت ۾ پهچي قدمبوسي
ڪئي، ۽ طرحين طرحين مهربانين ۽ نوازشن سان سرفراز
ٿيو. قاضي قاضن، جنهن جو ٿورو احوال مٿي ذڪر ٿي
آيو آهي، تنهن پڻ اتي پنهنجن ڀائرن ۽ ڪن شهر جي
ماڻهن کي حاضريءَ جي شرف سان مسرف ڪرايو. سلطان
محمود خان ڌاريجن جو معاملو ساهه بيگ جي گوشگذار
ڪيو، جنهن قاضي قاضن ڏانهن منهن ڦيرايو. قاضيءَ
عرض ڪيو ته هيءُ ملڪ سيلابي آهي ۽ هن زمين ۾ ڪنڊا
گهڻا ڄمندا آهن،تنهن ڪري چنجور هميشه هٿ ۾ رکڻ
گهرجي. شاهه بيگ هن سخن ٻڌڻ شرط انهن ماڻهن جي قتل
جو حڪم فرمايو. سلطان محمود خان هڪدم شهر ۾ پهتو ۽
راتو رات ۾ انهن ماڻهن کي قتل ڪرائي، انهيءَ برج
کان هيٺ ڦٽو ڪرايو جو خوني برج جي نالي سان مشهور
آهي. صبح جو پيءُ سان گڏجي سيدن کي شاهه بيگ جي
خدمت ۾ وٺي وڃي ملاقات ڪرايائين، ۽ سيدن جي خير
خواهي ۽ نيڪ نيتيءَ جھو ٿورو ذڪر عرض ڪيائين، شاهه
بيگ ڏانهن نهايت توجهه ۽ عزت سان پيش آيو ۽ کانئن
خيريت جا حال احوال ورتائين. مجلس برخواست ٿيڻ
کانپوءِ سلطان محمود خان کي خلوت ۾ طلب ڪري سيدن
جو احوال پڇيائين. سلطان ممود خان وري به ساڳيو
پهريون احوال عرض ڪيو، ۽ پڇاڙيءَ ۾ چيو ته جيتوڻيڪ
هي ماڻهو خير خواهه آهن، پر هنن سڀني هڪ جماعت جي
ماڻهن جو قلعي ۾ اندر هجڻ حڪومت جي مناسب نه آهي.
شاهه بيگ مرڪي فرمايو ته چڱي سفارش ڪئي اٿو. نيٺ
ساداتن کي حمزه بيگ هٿان پيغام موڪليائين ته جنهن
صورت ۾ مغل ٻار ٻچن سان آيل آهن، تنهن ڪري سيدن کي
ٻن ٽن وڏين حويلن ۾ گڏجي رهڻ گهرجي. سيدن قلعي ۾
رهڻ مصلحت نه سمجهي ٻاهر نڪري وڃڻ لاءِ عرض ڪيو.
سندن عرض قبول ڪري انهن لاءِ روهڙيءَ ۾ جايون مقرر
ڪيائون، جتي اڄ تائين رهن ٿا. [123]
پوءِ شاهه بيگ قلعي ۾ آيو ۽ قلعو ڏسي ڏاڍو خوش
ٿيو، ۽ شهر جون جايون ۽ محلات ڏسي اميرن ۽ سپاهين
۾ تقسيم ڪيائين، ۽ قلعي کي ماپي حصا ڪري اميرن جي
حوالي ڪيائين ته هٿون هٿ تيار ڪيو وڃي، ۽ الور
جيڪو پهريون تختگاهه هو، تنهنجي قلعي کي ڊاهي ان
جون سرون بکر ۾ آندائون، ۽ بکر جي آسپاس جيڪي ترڪن
۽ سمن جون جايون هيون سي گهڻيون ڊاهي قلعي جي
اڏاوت ۾ ڪم آندائون. قلعي جي بنياد رکڻ وقت شاهه
بيگ، مرزا شاهه حسن کي چيو ته هي ٻه جبل جيڪي ڏکڻ
۾ واقعي آهن، سي قلعي جي سلامتيءَ لاءِ خطرناڪ
آهن، تنهن ڪري پهريائين انهن ٻن جبلن جو ويچار ڪري
پوءِ قلعي جي عمارت ۾ هٿ وجهڻ گهرجي، پر ٿوري فڪر
ڪرڻ کانپوءِ فرمايائين ته پهريائين قلعو ٺهرائڻ
اهم آهي، جنهن صورت ۾ قلعي جي چوڌاري وڏو درياءَ
آهي، تنهن ڪري هنن جبلن جي ايڏي ڳڻتي نه ڪرڻ
گهرجي، ڇاڪاڻ ته ڪو فتحمند ۽ بهادر بادشاهه هن
مختصر قلعي تي قبضي ڪرڻ ڏانهن متوجهه ڪونه ٿيندو،
باقي شڪست کاڌل بادشاهه يا امير ڪجهه ڪري ڪونه
سگهندا. قلعيجي عمارت ٿوري وقت ۾ پوري ڪيائون ۽
قلعي جو وچ خاص پنهنجي ۽ مرزا شاهه حسن جي لاءِ مقرر ڪري ڪن
ڳاڻ ڳڻين اميرن جهڙوڪ: مير فاضل ۽ سندس همشيره
امان سلطان بيچه، ملڪ محمد ڪوڪه، مير محمد ساربان
۽ سلطان محمد مهردار کي قلعي جي وچ ۾ جاءِ ڏنائون،
اهو قلعو اڄ تائين جو سن 1009هه ٺهي راس ٿيو آهي.
موجود آهي.
هڪ سال ۾ قلعي جي ٺهرائڻ ۽ رعيت جي ضروري انتظام
کان تسلي ڪري بلوچ بابت، جي فتنه فساد کان باز نه
ٿي آيا، صلاح ڪري فيصلو ڪيائون ته هن قوم جي باهه
ترار جي پاڻيءَ سان وسائجي. صلاح هن طرح ٿي ته هر
جڳهه [124] تجربيڪار ماڻهن جي هڪ ٽولي مقرر ڪجي،
جا وڃي ڪجهه وقت انهن ۾ رهي ۽ هڪ وقت مقرر ڪري،
انهيءَ وقت هر جماعت پنهنجي پنهنجي جاءِ جو ڪم
پورو ڪري، نيٺ سڀ ڪنهن جاءِ ۾ هڪ ٽولي رکيائون،
جيڪي وقت جو انتظار ڪندا رهيا، جڏهن مقرر ڪيل وقت
آيو، تڏهن هر هڪ ٽولي تراريون هٿ ۾ کڻي انهيءَ
بدبخت جماعت جو ڪم پورو ڪري ڇڏيو، ۽ هڪ ئي وقت ۾
بلوچن جا 42 ڳوٺ تباهه ۽ قتل ٿي ويا.
سن 928هه جي سياري جي شروعات ۾ پايندهه محمد
ترخانن کي بکر جي حڪومت تي مقرر ڪري پاڻ وڏو لشڪر
ساڻ وٺي گجرات فتح ڪرڻ ڏانهن متوجهه ٿيو، ۽ منزلون
طئه ڪندو درياءَ جي ٻنهي ڪنارن جي پسگردائي کي
ناپاڪ ماڻهن کان صاف ڪندو ويو، جڏهن چانڊوڪيءَ ۾
پهتا، تڏهن مير فاضل کي تپ جو عارضو ٿي پيو. واپس
وڃڻ جي موڪل وٺي بکر ۾ آيو. شاهه بيگ، مير فاضل جي
هدايت واري پٽ بابا احمد کي پڻ رخصت ڏني ته جيئن
پيءُ جي تيماداريءَ ۾ مشغول رهي. تنهن هوندي به
شاهه بيگ کي مير فاصل جي بيماري ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو،
۽ انتظار رهيو، نيٺ کيس خبر پهتي ته مير فاضل
”ارجعي الى ربڪ“ جو سڏ سڻي بهشت ڏانهن روانو ٿي
ويو.
هن واقعي کان شاهه بيگ ۽ مرزا شاهه حسن کي ڏاڍو
ارمان ٿيو، ۽ انهيءَ ئي رات سلطان محمود خان، مير
عبدالرزاق، مير عبدالفتاح ۽ سندس ٻين عزيزن کي
رخصت ڏنائون. انهن اها اميد رکي ته مير فاضل اڃا
جيئرو هوندو، گهورا نهايت تيز تڙيا ۽ صبح سان بکر
۾ پهتا، پر اچي ڏٺائون ته مير فاضل ٻيءَ منزل
ڏانهن روانو ٿي چڪو هو. هن جي تجهيز تڪفين ڪري کيس
خاڪ جي حوالي ڪيائون. شاهه بيگ پڻ ٽن ڏينهن
کانپوءِ يلغار ڪري بکر ۾ پهتو ۽ تعزيت جون رسمون
پوريون ڪري، مير فاضل جي اولاد کان ماتم (سوءَ) جا
ڪپرا لهرايائين، پوءِ فرمايائين ته مير فاضل جو
موت اسان جي موت جو دليل آهي.ا سين پڻ پٺيانئس
[125] وينداسون. مجلس وارن ههڙيون ڳالهيون ٻڌي
توبهه توبهه ڪئي ۽ چيو ته توهان جي زندگي باقي هجي
شال. اتان اٿي حرمسراءِ ۾ ويو ۽ حرم جي خادمين سان
پڻ ه سخن دهرايائين. انهن پڻ اهڙي قسم جا لفظ ٻڌي
چيو ته توهان هي ڇا ٿا چئو؟ نيٺ مرزا شاهه بيگ ۽
مرزا شاهه حسن ۽ ٻيا امير عزا جي رسمن کان فارغ
ٿي، اتان منزل بمنزل درياءَ جي ٻنهي طرفن جي ماڻهن
کي سڌو ڪندا، سيوستان تشريف فرما ٿيا. اتي پڻ
پنڌرنهن ڏانهن رهي، آسپاس کان دلجاءِ ڪري، گجرات
جي بادشاهي فتح ڪرڻ جو ارادو رکي ٺٽي جي رستي کان
روانا ٿيا، ۽ منزل ڪندا جڏهن اگهم جي قريب پهتا ته
ڄام فيروز جي گهرائڻ لاءِ قاصد موڪلي، پاڻ ٻٽي
ڏينهن اتي ترسي پيا.
شاهه بيگ جي هن بي بقا گهر مان انتقال جو احول
”ڪل من عليها فان“ جو حڪم هڪ قطعي تقدير ۽ ”ڪل نفس
ذائقه الموت“ جو فيصلو هڪ محڪم حڪم آهي. مطلب ته
شاهه بيگ، بکر ۽ سيوستان جي ضروري ڪمن کان فارغ
ٿي، پوري همت گجرات فتح ڪرڻ تي صرف ڪئي، جڏهن بکر
کان ٻاهر نڪري رواني ٿيڻ جو پڪو ارادو ڪيائون،
تڏهن خبر پهتي ته ظهير السلطنت و الخلافت محمد
بابر بادشاهه بهيرهه ۽ خوشاب جي آسپاس پهتو آهي، ۽
کين هندستان فتح ڪرڻ جو ارادو آهي. حاضرين مجلس کي
چيائين ته بادشاهه سنڌ ۾ اسان کي پنهنجي حالت تي
ڪونه ڇڏيندو ۽ اڳي پو3 نيٺ هي ملڪ اسان کان ۽ اسان
جي اولاد کان کسي وٺندو تنهن ڪري اسا تي لازم آهي
ت ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن ڀڄون، انهيءَ ڳڻتيءَ ۾ پوڻ
ڪري سندس اندر ۾ درد پيدا ٿيو، ۽ ڪيترو به علاج
ڪيائون پر فائدو ظاهر ڪونه ٿيو، ۽ شاهه بيگ گجرات
ملڪ ڏانهن پهچڻ کان اڳ، آخرت جي سفر تي روانو ٿي
ويو [126]
چون ٿا ته جڏهن قريب المرگ ٿيو، تڏهن حافظ محمد
شريف کي گهرائي ياسين سورت سڳوري جي پڙهڻ جو حڪم
ڏنائين، جڏهن حافظ آيت ”ومالي لا عبدالذي فطرني
واليهه ترجمون“ تي پهتو
ته هوش ۾ اچي فرمايائين ته ”اي قاري“ وري پڙهه. ٽي
ڀيرا وري وري پڙهايائين ۽ جڏهن آت ”قال ياليت قومي
يعلمون بما غفرلي ربي “ تي پهتو
ته جان حق پاڪ جي حوالي ڪيائين، ۽ هيءُ واقعو
تاريخ 22 شعبان سن 928هه ۾ ٿيو، ۽ ”شهر شعبان“ مير
شاهه بيگ جي وفات جي تاريخ آهي.
انهيءَ رات امير ۽ مکيه ماڻهو مرزا شاهه حسن جي
تابعداري ڪري تعزيت جي رسمن کي لڳي ويا، ۽ چنگيزي
خاندان جون رسمون بجا آڻي سندس لاش بکر موڪليائون.
ٽن سالن کان پوءِ شاهه بيگ جي صندوق مڪي شريف
موڪليائون جتي ”جنت المعلى“ ۾ دفن ڪري، عاليشان
عمارت ٺهرايائون.
تعزيت کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ خبر ملي ته شاهه بيگ
جي موت جي خبر ٻڌي ڄام فيروز ۽ ٺٽي جي ماڻهن خوشي
ڪئي ۽ نغارا وڄايا، جنهن تي مرزا شاهه حسن جي غيرت
جي رڳ جنبش ۾ آئي، ۽ ڪاوڙ جي باهه الا هڻڻ لڳي.
اميرن وزيرن گجرات هلڻ ۾ مصلحت نه ڏسي، ٺٽي فتح
ڪرڻ ۽ ڄام فيروز جي پاڙ پٽڻ جو ارادو ڪيو.
شاهه بيگ جو مختصر احوال
ابتدا ۾ خواجه عبدالله رحم الله تعالى روحه : و
اوصل الينا فتوحه جي خدمت ۾ حاضر ٿي سندس هٿ مبارڪ
تي توبهه تائب ٿيو هو، ۽ ڦوهه جوانيءَ ۾ علمي
ڪمالات ۽ آداب حاصل ڪرڻ ۾ مشغول رهي ڪافي وقت
عبادت ۽ اطاعت ۾ گذاريندو هو، شروع ۾ جڏهن والد
بزرگوار جي خدمت ۾ [127] هرات جي تختگاهه ۾ رهندو
هو، تڏهن هميشه عالمن جي مجلس ۾ ويندو هو ۽ هفتي ۾
ٻه ڀيرا علمائن کي پنهنجي جاءِ تي گهرائيندو هو.
ڪافيه جو شرح، شرح مطالع جو حاشيو، مير سيد شريف
جي فرائض جي شرح (شريفه) جو حاشيه ۽ ڪن ٻين رسالن
جي حاشيا پڻ مشهور آهن، جي سندس طبع جا نتيجا آهن.
سيويءَ جي عجائبات جو احوال
هن ملڪ جي عجائبات مان هڪڙو هيءُ آهي ته سيوي کان
قطب جي طرف ڏانهن هڪ گنبڊ ڏسڻ ۾ ايندو آهي، جنهن
کي سنڌي زبان ۾ ”ماروکير“ چوندا آهن. جڏهن ماڻهو
اتي پهچندا آهن. تڏهن ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه ايندو آهي.
هڪ ڀيري سلطان محمود بکري ٻه ٽي هزار ماڻهو گڏ
ڪري، هٿ هٿ ۾ ڏيئي انهيءَ ٽڪر تي ويو، پر ڪجهه به
ڏسڻ ۾ نه آيس ۽ نڪو گنبڊ ئي هٿ آين.
چون ٿا ته هيءُ هڪ طلسم آهي، جو اڳين ٺاهيو آهي ۽
انهيءَ ۾ خزانو دفن آهي، هڪ دفعي هڪ درويش اتي
پهچي اتان ڪجهه هٿ ڪري آيو هو، جنهن کان پوءِ
ڪيترا ماڻهو اها اميد رکي اوڏانهن ويا، پر ڪجهه به
نه لڌائون.
سيويءَ جو قلعو هڪ ٽڪريءَ جي دامن ۾ واقع آهي،
جنهن جا سڀ پٿر گول ۽ لسا آهن. ڪيترو به زمين کي
کوٽيندا آهن مگر پٿر اهڙا ئي نڪرندا آهن. سيويءَ
جي پسگرائيءَ ۾ ڪور زمين ۽ چتر جي ايراضيءَ ۾ وؤڻ
هيرڻ تي اٽڪل سؤ ٻه سؤ گرانٺ جيڏا نانگ هوندا آهن،
۽ جيڪڏهن ڪنهن کي اهو نانگ ڏنگيندو آهي ته هڪدم
انهيءَ جاءِ کي پاڪيءَ سان ڏنگ هڻندا آهن، تنهن
کان پوءِ ڪو ماڻهو چوسي انهيءَ جو زهر ڪڍي وٺندو
آهي نه ته ماڻهو مري ويندو آهي. [128] ٻيو ته جيڪو
واهڙ سيويءَ هيٺان لنگهي ٿو، انهيءَ جو لنگهه
گندرف جي پاڻيءَ مٿان معلوم ٿو ٿئي تنهن ڪري جيڪو
به اهو پاڻي پيئندو آهي سو بيمار ٿيندو آهي، ۽ اتي
جي رهاڪن کان سواءِ، جيڪي هريل آهن، ٻيا گهڻا
ماڻهو انهيءَ بيماريءَ ۾ مري ويندا آهن. جيئن ته
سلطان محمود خان هر سال حفاظت ۽ چوڪيداريءَ لاءِ
نوان ماڻهو موڪليندو هو، اهي ڪن ٿورن کان سواءِ
اڪثر مري ويندا هئا.
خلافت پناهه (اڪبر بادشاه) جي زماني ۾ اٿل آئي جا
انهن گندرف جي ڇشمن کي وهائي ويئي، يا ڍڪي
ڇڏيائين. بهرحال هن وقت اها بيماري گهڻو گهٽ آهي،
اهو پڻي پنجاهه ڪوهن جو مفاصلو طه ڪري، وڃيو سر
واهه ي سر زمين تي گڏ ٿو ٿئي ۽ اتي پوک جي ڪم او
اچي، ۽ جيڪو حصو پوک کان بچت ٿو ٿئي سو سيوهڻ جي
نزديڪيءَ واريءَ منڇر جي ڍنڍ ۾ پوي ٿو. انهيءَ
پاڻيءَ جي ڪناري تي پڻ ڊگها ۽ سنها نانگ گهڻا ٿين
ٿا، ۽ هن نانگ جو ڏنگيل ڪو ورلي بچندو آهي، اتي جا
ماڻهو، زالون خواه مرد، نانگ جي آزار کان بچڻ
لاءِ، لاک جي ڪپڙي جون ڊگهيون ۽ ويڪريون شلوارون
پهريندا آهن. راقم الحروف اتي پهچي اها زمين ڏٺي
آهي، انهيءَ زمين ۾ پوک کي پاڻي ڏنو هئائون، تنهن
تي جڏهن گهوڙو هلايو سون ته وک وک تي نانگ نظر
آيو. هوا سخت گرم ٿئي ٿي، تنهنڪري پاڻيءَ جي ويجهو
لهڻ ٿي چاهيوسون مگر سپن جي ڊپ کان پري وڃي برپٽ
تي لٿاسون.
ٻيو ته سيويءَ جي برپٽ ۾ قلعا ۽ آباديون هيون،
جيڪي ويران ٿي ويون آهن، ۽ هاڻي انهيءَ سر زمين تي
جهولو لڳندو آهي.
سيويءَ، بکر، ۽ سيتپور جي وچ ۾ هڪ زمين آهي، جنهن
کي بارڪان (ڀاڳ ناڙي) چوندا آهن. اتي جا گهوڙا
عراقي گهوڙن کان گهٽ نه ٿيندا آهن، ۽ ٻهاڻ جڏهن
ماءُ جي پيٽان ڄمندو آهي تڏهن انهيءَ جي وٿاڻ ۾
پٿريون هاريندا آهن، ۽ اهو ٻهاڻ هڪ سال تائين انهن
پٿرين تي ڦرندو رهندو آهي، جنهن ڪري سندس سنب
[129] پٿر جهڙا ٿي پوندا آهن، ۽ نعل ٻڌڻ جي ضرورت
ڪانه رهندي اٿس، ۽ جبلن ۾ نعلن کان سواءِ هلندو
رهندو آهي.
چتر جي مڪان ۾ هڪڙا ماڻهو آهن، جن کي سادات ڪهيري
سڏيندا آهن، اهو نالو مٿن هن ڪري پيو، جو ڪهير هڪ
وڻ جو نالو آهي ۽ سندن وڏن مان هڪڙي انهيءَ تي زور
ٿي، ڇمڪي هڻي ان کي گهوڙي وانگيان هلايو هو،
اهڙيءَ طرح ڳالهه عام جي زبانن تي مشهور آهي.
سيويءَ جي پسگردائيءَ ۾ گنجابه جي ويجهو هڪ هنڌان
پاڻي جوش کائي نڪتو آهي، جنهن ڪري گهي زمين پاڻيءَ
هيٺان اچي ويئي آهي، ۽ انهيءَ ۾ مڇيون پڻ آهن،
گنجابه جي ٽڪرن مان هڪ ٽڪر جو دامن هڪ گيلريءَ
وانگيان اڳتي وڌي ويل آهي، جتي لوهه جو پڃرو
لٽڪائي ڇڏيو اٿن، چون ٿا ته انهيءَ ۾ ڪجهه رکيل
آهي جنهن کي ڪنهن جو به هٿ نٿو پهچي، جيڪڏهن جبل
جي مٿان چڙهي رسو لڙڪائي ڪو ماڻهو موڪلڻ چاهين ٿا
ته هو اتان هٽي وڃي ٿو ۽ جيڪڏهن هيٺن وڃڻ چاهين
ٿا... جبل جي
اها چوٽي لسي ۽ يڪي هڪ ٽڪر جي آهي ۽ زمين کان پري
آهي.
قنڌار جي عجائباب جو احوال
هڪڙو هيءُ آهي، ته قنڌار کان الهندى طرف ڏهه ڪوهه
پنجواهيءَ نالي هڪ جڳهه آهي، جنهن جي ويجهو هڪ جبل
آهي، انهيءَ جبل ۾ هڪ غار آهي، جنهن ۾ ماڻهو [130]
اندر لنگهي رستو اڳتي هلندا آهن ته هر جڳهه وهندڙ
پاڻيءَ مان لنگهڻو پوندو اٿن. اتي ٽڪي محلات ۽
جايون ٺاهيون اٿن. اتي وڏا باز جيڏا يا ٿورا ننڍا
چمڙا تمام گهڻا هوندا آهن، اهڙيءَ طرح اڳتي ويندا
ته ٻي جاءِ ڏسڻ ۾ ايندي، جيئن ته ايتري اونداهي
آهي، تنهن ڪري بتيءَ کانسواءِ اڳتي هلي نه سگهندا
آهن ۽ جيڪڏهن بتي ٻاريندا ته چمڙا بتيءَ ۽ ماڻهوءَ
تي ايترا ته ڪرندا جو پنڌ ڏکيو ٿي پوندو ۽ ايترا
ته گڏ ٿيندا جو هلڻ مشڪل، چون ٿا ته اتي هڪ طلسم
آهي. (اتي) هڪ چرخو ٺاهيو اٿن ۽ اهيءَ چرخي جي ٻئي
طرف سون جون سرون آهن. چون ٿا ته بابا حس ابدال
اتي پهتو هو ۽ پڪل کل انهيءَ تي وجهي اتان لنگهي،
هڪ سوني سر کڻي آيو هو. بابا حسن ابدال جو ذڪر
پنهنجي جاءِ تي بيان ٿيندو، ٻيو ته هڪ هال جي عمارت
(ڪوٺو) آهي جا جنت مڪاني بابر بادشاهه جي حڪم سان
سرپوزي نالي جبل ۾ پٿر مان ٽُڪي اٿن. هڪ هڪ نهايت
بلند هال آهي، جو اسي سنگتراشن روزانو ڪم ڪرڻو سان
اٺن سالن جي عرصي ۾ پورو ڪيو آهي، ۽ درحقيقت عمدي
۽ فرحت ڏيندڙ جاءِ آهي، جيئن نرار ارغنداب ندي جي
ڪناري جي مٿان آهي، ۽ انهيءَ ملڪ جا اڪثر باغ ۽
آباديون انهيءَ تي آهن، تنهن ڪري بهار جي موسم ۾
اڪثر ماڻهن جو اتان لنگهه ٿئي ٿو، پر نهايت بلند
هجڻ ڪري ان تي چڙهڻ تمام ڏکيو آهي. ڪيترا ماڻهو
دهشت کان اتي پهچي نه سگهندا آهن، اتي جنت آشيان
بابر بادشاهه، مرزا عسڪري، مرزا ڪامران ۽ مرزا
هندال جي نالي جو ڪتبو لکيل آهي، ڇاڪاڻ ته اهي
نگران رهيا آهن، ۽ جنهن صورت ۾ فردوس مڪاني همايون
بادشاهه اتي تشريف فرما ڪونه ٿيا هئا، تنهن ڪري
سندن نالو سڳورو انهيءَ ڪتبي ۾ لکيل ڪونه آهي ۽
سندن زير نگين ملڪن مان قنڌار ڪونه لکيو اٿن.
راقم الحروف جڏهن اتي پهچي ڏٺو ته [131] جنت
آشياني حضرت خليفي الاهيءَ جو نالو، ۽ سندس حڪم
هيٺ آيل ملڪ ڇاڪاڻ ته هن درگاهه جي غلامن جي قبضي
۾ قنڌار ۽ ڪابل کان هزاروڻا ملڪ آهن، تنهن ڪري
سندن نالو سڳورو ۽ سندن هٿ هيٺ آيل ملڪن ۽ شهرن جا
نالا اتي داخل ڪرڻ جو دل ۾ خيال آيس، سو بکر کان
سنگتراش ۽ خوشنويس گهرائي اتي هڪ ڪتبو لکي، حضرت
جنت آشياني حضرت شاهنشاهه ۽ سندس حڪم هيٺ آيل
اڪثر شهرن ۽ ملڪن جا نالا بنگال کان لاهري، ۽ ڪابل
۽ غزنين کان دکن تائين سڀ داخل ڪري، اٽڪل چار سال
ڪم ڪري پورو ڪيو. سچ پچ اهڙو مجموعو تيار ٿيو آهي،
جو ماڻهو ديدار لاءِ ويندا آهن.
هن جبل جي مزديڪ، جنهن ۾ اهو هال واقع آهي، هڪ غار
آهي جنهن جي نالي چون ٿا ته سندس ڇيڙو انهيءَ غار
وٽ آهي، جتان بابا حسن ابدال سوني سر آندي هئي.
ٻنهي جي وچ ۾ ست اٺ ڪوهه مفاصلو آهي.
قنڌرا جي دامن ۾ جيڪو جبل آهي، انهيءَ ۾ هڪ ٻج
ٿيندو آهي جو بانگ جي زهر يا ٻين زهرن لاءِ ترياق
آهي، ۽ اهو ٻج هن ملڪ ۾ انهيءَ جبل کان سواءِ ٻي
جاءِ تي ڪو نه ٿيندو آهي. انهيءَ جبل جي مٿان قديم
زماني کان هڪ آتش ڪدهه آهي، جو ڪچين سرن جو ٺهيل
آهي، هرهڪ سر جي ڊيگهه ۽ ويڪر ٻه گز ۽ ٿولهه هڪ
گرانٺ آهي. اها عمارت اڄ تائين قائم آهي. منجهس ڪو
به نقصان نه ٿيو آهي. قنڌار ۾ هر سال بيماري پوندي
آهي. شاهه طهماسپ، قنڌرا جي حاڪم سلڀان حسين مرزا
کي حڪم ڪيو ته شهر جي ٻاهران جيڪو واهه وهي ٿو، ۽
جنهن جو پاڻي ماڻهو ڪم آڻين ٿا، تنهن ۾ بيد جا وڻ
پوکرائي. بيدن پوکرائي. بيدن پوکرائڻ کان پوءِ مڙو
ئي ڪجهه نه ڪجهه انهيءَ ۾ هلڪا ئي ٿي آهي، تاهم ڪن
سالن ۾ وبا ۽ بيماري گهڻي ٿئي ٿي ۽ ڪيئن ماڻهو
پيٽان رت، [132] نڪ ۽ ڪن مان ۽ واتان رت وهڻ جي
بيماريءَ وگهي دنيا مان لڏي ويندا آهن. جڏهن خلافت
پناهه جي زماني ۾ راقم هڪ امداد جي سلسلي ۾ اتي
ويو هو ۽ اتي مقرر ٿيو هو، تڏهن سن 1007هه ۾ اسان
جي لشڪر جا اٽڪل ٻه سئو سوار ۽ پيادا انهيءَ
بيماريءَ ۾ گذاري ويا.
ٻيو ته قنڌرا جي هزاري قوم جي ماڻهن ۾ سون، چاندي
۽ ٽامي جو رواج ڪو نه آهي. انهن جو واپار ڪپڙن،
جُتين ۽ اهڙي قسم جي شين سان هلندو آهي.
ٻيو ڪرامتن ۽ مناقبن وارن بزرگن مان جيڪي قنڌرا
ملڪ ۾ آرامي آهن، تن مان هڪ شاهه مسعود ابدال آيه.
هن برگزيده ابرار جي مزار پرانوار جي دامن ۾ جيو
جبل آهي، تنهن ۾ انگور، صوف، بهيداڻا، ڏاڙهون ۽
ٻيا ميوا ڪيترائي خود بخود پيدا ٿيندا آهن. ۽
پاڻيءَ جا چشما جاري آهن. هي رڳو انهيءَ ملڪ ۽
انهيءَ جبل سان مخصوصي آهي. پنهنجي حياتيءَ ۾ هڪ
انگور جي ول وهاري هئائين جا اڃا تائين باقي آهي.
انهيءَ جبل ڀرسان هڪ زمين آهي، جنهن کي ”بشيل“
چوندا آهن. اتي هنداڻا ۽ گدرا تمام عمدا آهن. انهن
کي ڪاريز جو پاڻي ڏيندا آهن. بيشل کان سواءِ ٻئي
هنڌ جتي به گدرا پوکيندا آهن، ته انهن مان اٽڪل اڌ
۾ ڪيڙا پئجي ويندا آهن، ۽ جنهن پاسي ڏانهن ڪيڙا
پوندا آهن. اهو پاسو پٿر جهڙو سخت ٿي ويندو آهي.
ٻيو بابا حسن ابدال:
پاڻ سبزور جي صحيح النسب سيدن مان آهن، ۽ شروع ۾
جڏهن کين ذوق جي حلات پيدا ٿي، تڏهن حجاز جو سفر
اختيار ڪري، حرمين شريفين ۽ مقدس زمين زيارت جو
سرف حاصل ڪري ڪجهه سال انيهيءَ ملڪ ۾ گذاريائون.
مرزا شاهه رخ ولد ارشد حضرت صاحبقران جي زماني ۾
روم ۽ حجاز [133] جي ملڪ کان واپس ٿي سبزوار ۽
تشريف فرما ٿيا. شاهه رخ مرزا کي بابا حسن ابدال
سان ڏاڍو عقيدو ۽ ارادو هو. هندستان جي سفر ۾ بابا
کي تڪليف ڏيئي پاڻ سان وٺي ويو. موٽڻ وقت قنڌرا جي
لنگر ڳوٺ وٽ منزل ڪري پنهنجن مريدن ۽ معتقدن سان
ظاهر ڪيائين ته هن زمين مان منهنجي دماغ ۾ محبت جي
بوءِ اچي رهي آهي. آخر عمر تائين اتي رهيا ۽ اتي
ئي آرامي آهن. سندن مرزا هڪ بلند جڳهه ۾ آهي جا
ارغنداب جي معان واقع آهي. جمعي جي ڏينهن قنڌار جا
ماڻهو، ننڍا، وڏا، زالون، مڙس، شريف ۽ وضيح زيارت
لاءِ ايندا آهن ۽ عجيب مجمع ۽ ميلو ٿيندو آهي.
بيشڪ فيض سان ڀريل جڳهه ۽ ڪمال صفائيءَ واري منزل
آهي. اڪثر ايندن ويندن کان ٻڌو ويو آهي ته ههڙي
جاءِ ڪا ٻي ورلي ڏسڻ ۾ آئي.
سندن ڪراتون گهڻيون آهن. سندن ڪجهه ٿورو احوال،
جهڙوڪ غار ۾ وڃڻ، طلسم کان لنگهڻ ۽ سوني سر آڻڻ،
مٿي ذڪر ٿي آيو آهي. سندن آستاني جي آڏو هڪ مخرطي
شڪل جو بلند قبو آهي جو اڻ گهڙيل پٿرن مان، جن مان
هرهڪ جو وزن قنڌار پنج مڻ ٿيندو، ڳچ، چوني ۽ مٽيءَ
کان سواءِ ٺاهيو اٿن. چون ٿا ته اهو بابا حسن جي
چلي جي جاءِ رهيو آهي ۽ اها عمارت هڪ رات ۾ اڪيلي
سر هڪ خادم جي مدد سان تيار ڪئي هئائون. پٿرن کي
اهڙيءَ طرح هڪ ٻئي جي مٿان رکيو اٿن جو انهن جي
ڪنهن به درز مان پاڻي جو ڦڙو نٿو ڪري ۽ جيڪو ماڻهو
اندر ايندو آهي ته کيس هنن پٿرن جي سوراخن مان هر
طرف کان آسمان ڏسڻ ۾ ايندو آهي.
سندن ڪرامتون گهڻيون آهن. سندن ڪجهه ٿورو احوال،
جهڙوڪ غار ۾ وڃڻ، طلسم کان لنگهڻ ۽ سوني سر آڻڻ،
مٿي ذڪر ٿي آيو آهي. سندن آستاني جي آڏو هڪ مخروطي
شڪل جو بلند قبو آهي جو اڻ گهڙيل پٿرن مان، جن مان
هر هڪ جو وزن قنڌرا پنج مڻ ٿيندو، گچ، چوني ۽
مٽيءَ کان سواءِ ٺاهيو اٿن. چون ٿا ته اهو بابا
حسن جي چلي جي جاءِ رهيو آهي ۽ ها عمارت هڪ رات ۾
اڪيلي سر هڪ خادم جي مدد سان تيار ڪئي هئائون.
پٿرن کان اهڙيءَ هڪ ٻئي جي مٿان رکيو اٿن جو انهن
جي ڪنهن به درز مان پاڻي جو ڦڙو نٿو ڪري ۽ جيڪو
ماڻهو اندر ايندو آهي ته کيس هنن پٿرن جي سوراخن
مان هر طرف کان آسمان ڏسڻ ۾ ايندو آهي.
ٻيو ته جنهن جي دامن ۾ بابا حسن جي قبر آهي،
انهيءَ جبل جي چوٽيءَ تي هڪ قبو ٺهيل آهي جو بابا
حسن جي عمارتن مان آهي. جنهن جي نظر انهيءَ گنبذ
تي پوندي، تنهن کي يقين ٿيندو ته اها سندن ڪرامت
آهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ جبل [134] تي رڳو وڃڻ لاءِ
ڪا واٽ ڪانهي، انسان وڃي ڪونه سگهندو، عمارت ٺاهڻ
۾ مصالح مٿي نيڻ ته تمام مشڪل آهي.
ايراني
شمسي سال جو چوٿون مهينو (مترجم)
مشائخ
اصل ۾ شيخ جو جمع آهي، پر جنهن صورت ۾ سنڌي
زبان ۾ واحد جي معنى مستعمل آهي، تنهن ڪري هتي
سنڌي عرف موجب استعمال ڪيو ويو آهي. (مترجم)
|