مرزا عيسى پڻ منزلون ڪندو پٺيان ٿي آيو، سو جڏهن سن جي آسپاس
پهچي معلوم ڪيائي، ته هنن ماڻهن قلعو بند ڪري
سلطان محمود خان کي اندر اچڻ نه ڏنو، تڏهن پنهنجي
پٽ محمد صالح ترخان کي وڏي ڪٽڪ سان موڪلي محاصري
جو حڪم ڪيائين ۽ پاڻ به پٺيان پهتو. قلعي وارن جي
سخت حالت ٿي، نيٺ راقم الحروف جي پڙ ڏاڏي، سيادت
پناهه سيد مير ڪلان وچ ۾ پئي صلح ڪرايو. قلعي وارا
امان گهري ٻاهر نڪتا ۽ سيوستان جو قلعو پڻ مرزا
عيسى جي هٿ ۾ آيو. شرمندگيءَ کان اهي ماڻهو رهي نه
سگهيا، تنهن ڪري حج جي موڪل وٺي پارڪر جي رستي کان
گجرات ۾ آيا، ۽ انهيءَ کان پوءِ هندستان پهچي منعم
خان جي نوڪري ۾ رهيا، مير حميد پڻ موڪل وٺي
هندستان هليو ويو.
مرزا شاهه حسن جو لاش جو ٺٽو نيائون، سو پهريائين درياءَ جي
ڪناري تي مير احمد ولي جي حويلي ۾ امانت طور
رکيائون، پوءِ مڪلي جي ٽڪريءَ تي هڪ عمارت تيار
ڪرائي ٽن مهينن کان پوءِ مرزا عيسى اچي پهرين جاءِ
مان کڻائي، وڃي انهيءَ ۾ دفن ڪرايو ۽ مرزا عيسى ۽
ٻيا سڀ ارغون خواهه ترخان امير، ماتمي لباس پهري
مرزا جي تابوت پويان دفنگاهه تائين پاءِ پيادا
گڏجي هليا. ٻن سالن کان پوءِ لاش اتان کڻائي مڪي
مبارڪ ۾ سندس والد شاهه بيگ جي ڀرسان وڃي دفن
ڪيائون، ۽ اتي مڪي شريف ۾ سهني عمارت ٺهرايائون،
اها عمارت مشهور آهي.
مرزا شاهه حسن جي ڪجهه احوال جو احوال
مرزا شاهه حسن بن شاهه بيگ بن مير ذوالنون ارغون بهادريءَ ۾
پنهنجو مٽ پاڻ هو، ننڍپڻ کان وٺي بيماريءَ جي وقت
تائين سڀني ميدانن ۾ فتحمند رهيو. لڙاين ۾ چڱا
حملا ڏيکاريائين. سندس ولادت سن 896هه ۾ ٿي ۽ 66
سال زنده رهيو. ننڍپڻ کان وٺي علم حاصل ڪرڻ جو شغل
رکندو آيو، ۽ علم حاصل ڪرڻ ۽ علم پکيڙڻ جو هميشه
شوق رهندو هوس، علم منقول ۾ گهڻي مهارت هوندي هيس،
حڪومت جي ڪاروبار هوندي به جيڪو سبق پڙهندو هو،
تنهن جي تقرير فارسيءَ ۾ لکي ڇڏيندو هو.
راقم الحروف اتڪل ڏهه جز مٿئين مرزا جا هٿ اکر، جن ۾ پنهنجن ڪن
سبقن جي فارسيءَ ۾ تقرير لکي هئائين. قاضي ڏتو
سيوستاني جي ڪتبخاني ۾ انهيءَ وقت ڏٺا هئا، جڏهن
سندن درس جي حلقي ۾ علم حاصل ڪري رهيو هوس ۽ شايد
اڄ تائين اهي ورق قاضي مرحوم جي اولاد جي هٿ ۾
موجود هوندا. مرزا شاهه حسن شعر کي چڱي طرح
سمجهندو هو، ۽ ڪڏهن ڪڏهن سندس موزون طبع مان ڪي
بيت به نڪري ويندا هئا، جنهن ۾”سپاهي“ تخلص ڪندو
هو، جيئن ته راقم الحروف انهن مان ڪي سندس دستخط
هٿ ڪيا هئا، ۽ هنن سٽن هيٺان لکي ڇڏيا آهن. جيڪي به
ڪيس ٿيندا هئا، تن ۾ شرع شريف ڏانهن رجوع
فرمائيندو هو. سيدن، مشائخن ۽ علمائن جو نهايت ادب
۽ احترام ڪندو هو، ۽ سندن وظيفن ۽ پگهارن ۾ ڪنهن
به قسم جي گهٽائي نه ڪندو هو، ۽ سندن وظيفن ۽
پگهارن ۾ ڪنهن به قسم جي گهٽتائي نه ڪندو هو. بلڪه
سڀ ڪنهن ماڻهو جي سندس لياقت موجب رعايت ڪندو هو.
بادشاهي جو نظم و نسق جيئن جڳائي، تيئن رکي
زبردستن جا هٿ غريبن تي ظلم ڪرڻ کان بند ڪري ڇڏيا
هئائين. ڪنهن به ماڻهوءَ تي ظلم ۽ زبردستيءَ جو
روادار نه هو، ملڪي سياست مڪمل نموني تي هلائيندو
هو. 34 سال حڪومت جي گاديءَ تي ويٺو. شروعات ۾
قنڌار کان ڪابل وڃي بابر بادشاهه جي ملازمت جو شرف
حاصل ڪري، ٻه سال بادشاهه جي ملازمت ۾ رهيو.
بادشاهه هميشه سندس تعريف ڪندو هو، ۽ چوندو هو ته
”شاهه حسن بيگ نوڪري ۽ ملازمت لاءِ نه، پر حڪومت
جا آداب ۽ قواعد سکڻ لاءِ آيو آهي.“ پنهنجي
حياتيءَ ۾ ٻن زالن سان شادي ڪيائين: هڪڙي ماهه
بيگم [195] بنت مرزا محمد مقيم، جو سندس سڳو اچو
هو، ۽ انهيءَ مان هڪ ڌيءَ چوچڪ بيگم هيس جا مرزا
ڪامران جي نڪاح ۾ هئي، ۽ سندس سنڌ ۾ اچڻ کان پوءِ
چوچڪ بيگم مرزا ڪامران سان گڏجي حرمين شريفين
ويئي، جتي وفات ڪيائين. مرزا شاهه حسن جي بيبي
ماهه بيگم پهريائين قاسم ڪوڪي جي نڪاح ۾ هئي، جنهن
مان پڻ ناهيد بيگم نالي هڪ ڌيءَ هيس، جنهن کي پڻ
ڌيئر ۽ پٽ هئا، مٿين ماهه بيگم مرزا ساهه حسن جي
وفات کان پوءِ مرزا عيسى ترخان جي نڪاح ۾ آئي، ۽
ساڻس ڳپل وقت گذاريائين. مرزا عيسى جي فوت ٿيڻ
کانپوءِ مرزا محمد باقي سان مخالفت ڪرڻ ڪري قيد
ڪئي ويئي، ۽ قيد ۾ آخرت جي جهان ڏانهن رواني ٿي.
مرزا شاهه حسن جي نڪاح ۾ ٻي زال مير خليفي جي
نياڻي محب علي خان جي ڀيڻ گلبرگ بيگم هئي. جڏهن ته
سندن وچ ۾ موافقت نه ٿي تنهن ڪري ٻن سالن کانپوءِ
جدائي واقع ٿي ۽ مٿئين بيگم جنت آشياني بادشاهه جي
بيڪاري (شير شاهه کان شڪست کائڻ کان وٺي دوباره
هندستان و رخت هٿ ڪرڻ تائين وارو وقت) کان اڳ
هندستان هلي ويئي، جتي گذاري ويئي ۽ سندس حياتي جي
گل جا پن اجل جي جهولي ۾ پکڙجي ويا. سندس قبر دهلي
۾ آهي. مرزا شاهه حسن کي مرزا ابوالمنصور نالي هڪ
پٽ پڻ هو، جو ٻن سالن جي عمر ۾ گذاري ويو، ۽ مرزا
ساهه حسن جي نسل مان ڪوبه ڪونه رهيو.
مرزا شاهه حسن جي ڪن همعصر سيدن، عالمن، مشائخن،
فاضلن ۽ شاعرن جو احوال
1-
هن عاليشان طبقي جي اڳواڻ : عاليجناب مير محمود العروف به شيخ ميرڪ بن مير ابو سعيد
پوراني آهي، ڏاڏنگ جي طرف کان سندس نسب جو سلسلو
عرب شاهي سيدن سان ملي ٿو، ۽ شيخ ابو سعيد جي
والده شيخ جلال الدين بايزيد پوراني جي نياڻي هئي.
شيخ ميرڪ فضل، سخاوت زهد ۽ تقوى ۾ گهڻن سيدن کان
ممتاز ۽ نرالو هو. ڪيئي سال سنڌ ۾ شيخ الاسلامي جي
عهدي تي [196]
2-
شيخ مير محمد ۽ شيخ عبدالوهاب: مير يزيد
۽ مير ابوالسعيد پوراني جا فرزند
شيخ ميرڪ جا ڀائٽيا پنهنجي وقت جا سرڪردا ۽ زماني
جا اڳواڻ هئا. جناب شيخ عبدالوهاب سهڻين عادتن ۽
وڻندڙ خصلتن سان سينگاريل هو. نهايت خوش طبع۽ مجلس
جو مور هو. شعر نهايت چڱي طرح سمجهندو هو، شريعت
جو پابند ۽ نهايت پرهيز گار هو. بادشاهن کي نصيحت
۽ وعظ ڪرڻ جي حتي الامڪان ڪوشش ڪندو هو، ظلم ۽
بدعت جي دفع ڪرڻ لاءِ ڏاڍو سعيو هوندو هوس، شيخ
مير محمد ۽ شيخ عبدالوهاب جي وفات جو اتفاق سن
990هه ۾ ٿيو. فقه جي علم ۾ جامع فتوى پوراني جا
ٺٽي ۽ بکر ۾ مشهور آهي، سا شيخ عبدالوهاب پوراني
جي تنيف آهي.
3-
شاهه قطب الدين بن شاهه محمود بن شاهه طيب:
خراسان جي عاليشان سيد بزرگن مان آهي، ترڪماني
فسادن کان پوءِ سنڌ ۾ تشريف فرما ٿي، بکر جي شهر ۾
رهڻ لڳو. جمعي ڏينهن خلق کي وعظ ۽ ارشاد فرمائي،
هدايت جي رستي ڏانهن ترغيب ڏيندو هو. هو صاحب
نهايت متقي ۽ شريعت جو پابند هو. سن 977 جي پڇاڙي
۾ عالم جاوداني ڏانهن انتقال فرمائي ويو. ”وعظ“
سندن تاريخ وفات آهي. [198]
4-
سيد مير ڪلان: ڪربلا جي عظيم القدر ساداتن مان آهي، سندن وڏا انهي مبارڪ سر زمين کان آيل
هئا. سيد مير ڪلان جڏهن قنڌار پهتو، تڏهن مير شير
قلندر جنهن جون ڪرامتون ۽ مناقب مشهور آهن، جنهن
جو ذڪر اڳ۾ ٿي آيو آهي، جنهن جو مزار قنڌار کان ٽي
فرسخ (9 ميل) الهندي طرف اشڪچله ۾ آهي، اتان سندس
لنگهڻ ٿيو، سنڌ جي فتح کان پوءِ مير ڪلان قنڌار
کان سنڌ ۾ تشريف فرما ٿي،سيوستان جي پسگردائيء ۾
رهجي پيو ۽ گهڻو ڪري قدوت الواصلين مخدوم شهباز
قلنڌر جي مزار پورانوار تي گذاريندو هو، زهد ۽
عبادت ۾ سندس مٽ ڪونه هو، فقيرن ۽ مسڪينن جي ڏاڍي
رعايت ڪندو هو، ۽ پٺيان گهڻو ئي اولاد ڇڏيائين.
5-
مخدوم محمود فخر پوٽو: عالم رباني هو، سنڌ ۾ علم پکيڙڻ جو سهرو سندس سر تي آهي،
ظاهري ۽ باطني علم جو صاحب هو. شيخ الاسلام جي
صحبت سان سر بلند هو، شيخ الاسلام جي واقعي کان
پوءِ پنهنجي اصلي وطن ڏانهن موٽي ڳاهن ۾ رهجي پيو.
حضرت خضر عليه السلام سان ملاقات هوندي هيس، جن به
شاگردن وٽس علم حاصل ڪيو هو، سي سڀ مقصود ۾ ڪامياب
ٿي وڃي بلند درجن کي رسيا، هرات کان سنڌ ۾ تشريف
فرما ٿيڻ وقت رستي ۾ کانئس ڪرامتون ظاهر ٿيون.
6-
مخدوم بلال: ٽلٽيءَ جي ڳوٺ ۾ رهندو هو، گهڻو ڪري خلق جي ارشاد، نصيحت ۽ وعظ ۾ مشغول
رهندو هو. تقوى ۽ زهد ۾ ساڻس برابر ڪو ڪونه هو.
تفسير ۽ حديث جي علم ۾ تمام ماهر هو، درجن جو مالڪ
هو. [198] سندس سمورن حالات ۽ ڪمالات جي لکڻ جي
قلم کي ڪا به طاقت ڪانه آهي، چون ٿا ته هڪ ڀيري
ٽلٽي جي لکڻ جي قلم کي ڪا به طاقت ڪانه آهي، چون
ٿا ته هڪ ڀيري ٽلٽي کان سلطان العارفين مخدوم
شهباز جي زيارت لاءِ سندس اشاري تي اچي رهيو هو ۽
درياءُ ٽپڻ جي ارادي سان ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ويٺو، جيئن
پاتڻين جو دستور هوندو آهي، تئين ٻيڙي جي مير بحر
ڪن سوارن جي حق ۾ بدشد ڳالهائڻ ۽ بيهودو بڪڻ شروع
ڪيو ۽ اهو وڃي، مخدوم صاحب جي ڪن تي پيو. پاڻ
پنهنجي ٽوپي مبارڪ خادم کي ڏنائين، جنهن اچي مير
بحر جي مٿي ۾ وڌي، مير بحر هڪدم وعظ، عجب ۾ پئجي
ويا. بيشڪ اهي ئي بزرگ آهن، جي مئل دلين کي جيئرو
ڪن ٿا. سندن وفات سن 929هه ۾ ٿي.
7-
مولانا عبدالعزيز هروي ابهري: شيخ الاسلام جي واقعي کان پوءِ دين جي بچاءَ خاطر پنهنجي ٻنهي
پٽن سان گڏ سنڌ جي ڪنڊ ۾ تشريف فرما ٿيا، ڳاهن ۾
سڪونت اختيار ڪري هن ملڪ جي طالبن کي پڙهائڻ ۾
ڏاڍا مشغول رهيا. علم معقول گهڻو ڪري سندن پکڙيل
آهي. وقت جي حاڪم سندن ڏاڍو خيال ڪري کين راضي
رکندا هئا.
8-
قاضي ڏتو سيوستاني: ڏاڏنگ ۾ پنجن پيڙهين کان پوءِ سندس نسبت صدر الدين جو خط پرڳڻي جي قضا جي
عهده تي فائز هو، سان ملي ٿو، گهڻن بزرگن جي صحبت
۾ رهي علم ۽ تربيت حاصل ڪئي هئائين، مطلول تائين
پنهنجي پيءَ قاضي شرف الدين عرف مخدوم راهوجي خدمت
۾ حاصل ڪيائين. تفسير ۽ حديث مخدوم بلال جي خدمت ۾
۽ ٻيا اڪثر علم مخدوم فخر پوٽي ۽ عبدالعزيز هروي
جي حلقه درس ۾ رهي پڙهائين. [199] ارڙهن تفسيرن
کان واقفيت هيس، ڪن جي سبقن پڙهڻ سا ۽ ڪن جي
مطالعي ڪرڻ سان، ۽ سڀ سندس ذهن ۾ حاضر هوندا هئا.
ترڪي اکر هڪدم پڙهي ويندو هو. علم جعفر ۽ ٻيا ڪي
ناياب علم ڄاڻندو هو ۽ ڪشف جو صاحب هو. اڪثر ڪتابن
جون عبارتون ياد پڙهي ويندو هو. سندس پيءُ حال جو
صاحب هو ۽ پنهنجي مرڻ کان پءِ مخدوم بلال جي صهٻت
جو کيس اشارو ڪيو هوائين. مرزا شاهه حسن ڪيترو وقت
سندس خدمت ۾ رهي علم پرايو هو، سندس ڏاڍي تعظيم ۽
اعتراف ڪندو هو. گهڻو ڪري هڪ ٻئي سان صحبتون ڪندا
هئا ۽ علم ۾ کيس امام جار الل (زمخشري) جي لقب سان
ياد ڪندو هو، راقم الحروف پڻ سندن حلقه درس مان
علم پرايو آهي. رحمت الله عليه.
9-
مخدوم رڪن الدين عرف مخدوم متو: مخدوم بلال جي خليفن جي سلسلي ۾ هو، پاڻ ابوبڪر صديق
جي اولاد مان هو. سندس بلند پرواز همت هميشه
وظيفن، عبادتن ۽ بندگين تي صرف ٿيندي هئي. زهد ۽
تقوى جا سالڪ، هدايت ۽ ارشاد جا طالب سندس معتقد
هوندا هئا، ۽ سندس سلوڪ تي اعتماد رکندا هئا. حديث
جي علم ۾ پنهنجي وقت جو يگانو هو. شرط اربعين، شرح
ڪيداني ۽ ٻيا ڪي رسالا سندس تصنيفات مان مشهور
آهن. هن جي وفات سن 949هه جنت آشياني بادشاهه جي
عيب بيڪاري (فترات) جي زماني ۾ ٺٽي ۾ ٿي.
10-
قاضي قاضن بن قاضي ابو سعيد بن زين الدين بکري: سندس وڏا ٺٽي ۽ سيوستان جي شهرن ۾ رهندا هئا.
سندن تڙ ڏاڏو قاضي [200] ابوالخير، جو فضيلت ۽
حالت جو صاحب هو، هو وڃي بکر ۾ رهيو. قاضي زهد ۽
پرهيزگاريءَ سان سينگاريل هو، ۽ گهڻن ئي بزرگن جي
صحبت نصيب ٿي هيس، مڪاشفي جو صاحب هو. هميشه وظيفن
۽ عبادتن ۽ بندگين ۾ مصروف رهندو هو، علم تفسير،
حديث ۾ ڏاڍي واقفيت هيس، گهڻن هنڌن تان علم حاصل
ڪيو هئائين. علم فرائض جي جزئيات ۾ ڏاڍي مهارت
هوندي هيس، گهڻو ڪري عبادت گذاريءَ ۾ مشغول رهندو
هو. سندس پيڙهي پيءُ جي طرف کان ٻن واسطن کان پوءِ
قاضن سان ملي ٿي. هن طرح قاضن بن ابو سعيد بن قاضي
زين الدين بن قاضي قاضن، طرحين طرحين علمي فضيلتن
سان سينگاريل هو. قرآن مجيد ۽ فرقان حميد ياد
هوندو هوس. قرئت ۽ تجويد جو علم ڄانيندو هو. حديث،
تفسير، اصول فقه، تصوف ۽ ”آلي علمن ڪافي دخل
رکندو هو. انشاءَ ۾ پنهنجي وقت جو يگانو هو. ابجد
جو علم پڻ ڄاڻندو هو، سلوڪ جي رستن ۾ ڏاڍيون
رياضتون ڪيل هئس، حرمين شريفين جي زيارت سان مشرف
ٿيل هو. سيد محمد جونپوري، جو ميزان مهديءَ جي لقب
سان مشهور آهي، جي مريدن ۽ معتقدن جي سلسلي ۾ داخل
هو. انهيءَ ڪري شريعت جا عالم مٿس طعنا ڪندا هئا.
شاهه بيگ جي هن فاني دنيا مان گذاري وڃڻ کان پوءِ
، مرزا شاهه حسن جي منظور نظر ٿي، بکر ۽ ان جي
آسپاس جي قضا جا فرائض بجا آڻيندو رهيو. سندس خدمت
۾ جيڪي شرعي ڪيس ايندا هئا، تن جي فيصلي ڪرڻ ۾
نهايت احتياط، امانت [201] ۽ دينداري ظاهر ڪندو
هو، پڇاڙيءَ ۾ هن جوابداريءَ جي ڪم کان استعيفا
ڏنائين ۽ عهدو سندس ڀاءُ قاضي نصرا: جي حوالي ٿيو.
قاضي قاضن جي وفات سن 958هه ۾ ٿي هئي.
11-
مخدوم
ميران بن مولانا يعقوب
: ٽيون ڏاڏو سهڻن صفتن
۽ وڻيلن اخلاقن سان مشهور معروف هو ۽ معقولي ۽
منقولي ۽ منقولي علمن جو جامع هو. سندن خدمت مان
گهڻن طالب علمن علم حاصل ڪيو آهي، علمن ۾ ڪافي
مهارت حاصل هيس. مرزا شاهه حسن ڪجهه وقت مخدوم جي
خدمت شريف ۾ رهي علم پرايو آهي. ٺٽي ۾ عالم آخرت
ڏانهن انتقال ڪريو ويو. سندس تاريخ ”وارث الانبيا“
سن 949هه آهي.
12-
مولانا ضياءَ الدين بن مخدوم صدر الدين راهواني: فضيلتن ۽ ڪمالتن جو جامع ۽ شرعي علمن جي سڀني فنن تي حاوي هو.
ابتدا ۾ ديني علمن جو درس ڏنائين ۽ پڇاڙيءَ عمر ۾
عبادت ۽ تلاوت جي ڪنڊ ۾ گوشه نشين ٿي، خلق وٽ آمد
و رفت جو دروازو بند ڪري ويهي رهيو.
13-
قاضي عبدالله بن قاضي ابراهيم:
هڪ وڏو عالم ۽ پرهيزگار هو ۽ مخدوم عبدالعزيز
ابهري هروي کان فضائل ۽ ڪمالات پرايائين. طبيعت
سندس تمام تيز هئي ۽ پورو متقي ۽ پرهيزگار هو.
ابدا ۾ پنهنجي پراڻي وطن درٻيلي ۾ رهندو هو، جڏهن
شاهه بيگ سنڌ فتح ڪئي، تڏهن ڪجهه وقت باغبان ۽
راؤت ۾ پڻ اچي رهيو هو، سن 934هه ۾ سنڌ کان گجرات
۽ اتان پوءِ وڃي مديني منوره ۾ رهيو. [202]۽ نيٺ
اتي گذاري ويو. سندن ٽي سچا خليفا هر هڪ شيخ صالح،
شيخ رحمت الله ۽ شيخ
حميد پوئتي رهيا. شيخ رحمت الله پنهنجي زماني ۾ بي
مثال ۽ وقت جو يگانو هو. حج جي احڪامن ۾ ٽي رسالا
تصنيف ڪيائين. هن وقت اهي رسالا معمول آهي. هو ارض
مقدس ۾ دفن ٿيل آهي. شيخ حميد ڪمال ۽ فضيلت جي
زيور سان سينگاريل آهي، ۽ عقلي ۽ نقلي علمن ۾ ڏاڍي
مهارت اٿس. تفسير ۽ حديث، خصوصن حديث ۾ گهڻي پهچ
رکي ٿو، جڏهن مظفر بن سلطان محمود گجرات ظل الاهي
(اڪبر) جي امير شهاب خان کي شڪست ڏيئي کانئس احمد
آباد کسي ورتي هئي، ۽ نواب خان خانا عاليقدر اميرن
جي هڪ ٽوليءَ سان اچي مظفر کي ڀڄائي اها ولايت
وري، شاهي حڪومت جي دوستن جي هٿ هيٺ آندي تڏهن
ڪاتب پڻ مقرر ٿيل ماڻهن مان هڪڙو هو. انهيءَ طرف
جي فتح ڪرڻ کان پوءِ سندن خدمت جو شرف حاصل ڪري
مشڪوات شريف اول کان آخر تائين ٻين حديث جي ڪتابن
سميت سندن خدمت ۾ پڙهي اجازت ڪئي هيم. مٿيون شيخ
ڪامياب نواب خان اعظم جنهن جو نالو عزيز ڪوڪ هو،
تنهن سان گڏي حرمين شريفين جي زيارت جي سعادت حاصل
ڪئي ۽ مڪي شريف ۾ رهي پيو. اتي حديث جي درس ۾
مشغول آهي ۽ مڪي جي عالمن ۾ حديث جي اڳواڻ اڄ ڪلهه
پاڻ آهي.
14-
قاضي شيخ محمد اوچوي:
پنهنجي وقت جي مشهور عالمن مان هو. اُچ ۽ ملتان جي
فتنن کان پوءِ بکر کي وطن بنايائين، ٿوري وقت کان
پوءِ ٺٽي جي قضا جو عهدو سندس حوالي ٿيو، بيشڪ
ديني علم ۾ ڏاڍو ماهر هو. [203] عربي چڱيءَ طرح
ڄاڻندو هو، ڪيسن فيصل ڪرڻ ۾ احتياط ڪندو هو. مرزا
عيسى ترخان جي حڪومت جي ابتدا ۾ تقدير جي هٿ سندس
حياتيءَ جو دفتر ويڙهي ڇڏيو.
15-
مولانا مصلح الدين لاري:
نهايت وڏو عالم ۽ عربي علمن کي چڱيءَ طرح ڄاڻندو
هو. ڪا مدت مرزا شاهه حس کي پڙهائيندو رهيو. سن
951هه ۾ موڪلائي حج جي ارادي سان مڪه معظمه ڏانهن
روانو ٿيو. شرح شمائل نبوي، تفسير بيضاوي جو
حاشيو، منطق جو فارسي شرح ۽ ٻيا رسالا سندس
تصنيف ڪيل آهن.
16-
شيخ عبدالله متقي بن مولانا سعد سنڌي درٻيلوي: درسي علم پڙهيل ۽ تفسير ۽ حديث جي علمن ۾ پنهنجي وقت ۾ بينطير هو. سن
947هه ۾ سنڌ کان گجرات ويو ۽ قاضي عبدالله عليهه
الرحمت جي صحبت سان سرفراز ٿيو ۽ قاضي قاضن جي
صحبت ۾ مدينه طيبه ۾ وقت ڪاٽيندو رهيو، ۽ سڀني
علمن ۾ چڱيون تصنيفون ۽ رسالا اٿس.
17-
مولانا يونس سمرقندي:
علم ۽ عرفان وارن جو پيشوا ۽ وقت جي عالمن جو
اڳواڻ هو. مرزا شاهه حسن جي حڪومت وارن ڏينهن ۾
مارواءِ النهر کان سنڌ ۾ تشريف آندائين. ڪجهه وقت
مرزا شاهه حسن کي شرح موافق ۽ ٻين علمن پاڙهڻ ۾
مشغول رهيو. سندس وفات، سن 951هه ۾ ٿي.
18-
سيد تاج الدين جو بيان: هي بکر جي صحيح النسب سيدن مان آهي، نقابت جي عهدي (سيدن
جي پڳداري) تي فائز هو، ۽ هي واجب التعظيم نقيب
ظاهري خواهه معنوي سفارت جي اسباب جمع ٿيڻ ڪري
سڀني سيدن کان ممتاز هو. هينئر [204] به بکر جي
سيدن جي نقاب انهيءَ بزرگ سيدن جي اولاد سڳوريءَ
سان تعلق رکي ٿي، بکر ۾ سندس گهڻي اولاد موجود
آهي.
19-
سيد حيدر:
سن جو رهندڙ، ٻارهن سالن جي ڄمار ۾ مولانا عمر
عليه ۽ مخدوم بلال جي صحبت ۾ رهي سندن تربيت جي
نظر حاصل ڪري، وڏي مرتبي کي پهتو، کانئس ڪرامتون
ظاهر ٿينديون هيون. سن 937هه ۾ عالم عقبى ڏانهن
روانو ٿيو.
20-
مخدوم يوسف طيونه پنهنجي
وقت جي زاهدن مان هو، قرئت جي علم ۾ پوري مهارت
رکندڙ ۽ نهايت رياضت ڪندڙ هو. سندس ڪرامتون مشهور
آهن. سن 938هه ۾ عالم بقا ڏانهن انتقال ڪري ويو.
21-
مخدوم عربي هالا ڪنڊي:
حال ۽ مقامات جو صحب هو.
22-
مولانا ابوبڪر بن دائود بريد:
سلوڪ جي رستي ۾ سندس مٽ ڪو ڪو نه هو. سخت رياضتون
ڪري بلند مرتبي کي پهتو هو، ارشاد وارن جي هڪ
جماعت سندن صحبت ۾ رهي حال جا صاحب ٿيا، جن مان
مخدوم نوح پڻ هڪڙو هو. رحمته الله عليه واسعته.
23-
شاهه جهانگير هاشمي:
شاهه طيب هرويءَ جي اولاد مان بليغ ۽ شيرين شاعر
هو. مرزا شاهه حسن جي حڪومت جي اوائل ۾ خراسان کان
اچي سنڌ ۾ رهيو. شعر جي فن ۾ پنهنجي وقت ۾ بينظير
هو. تحفته الاحرار جي جواب ۾ مظهر الاثار سندس طبع
جو نتيجو آهي. ديوان هاشمي پڻ اٿس.
سن 946هه جي وچ ڌاري ڪيچ ۽ مڪران رستي [205 کان
حجاز جي سفر جو ارادو ڪيائين، ۽ رستي ۾ ڦورن جي
هٿان شهادت جو شربت پيتائين.
24-
شاهه حسين تڪدري:
مرزا شاهه حسن جي اميرن ۾ داخل هو. طبع جي تيزي،
ذهن جي صفائي، سهڻڻ اخلاقن ۽ سٺن ادبن ۾ پنهنجي
زماني ۾ فاضلن جو سردار هو، شعر ۽ تاريخ جي فن ۾
ڏاڍي مهارت هيس. روضته السلاطين سندس
تصنيفات مان آهي.
25-
ميرشاهه مسعود صدر:
مرزا شاهه حسن جي حڪومت واري زماني ۾ خوش طبع طالب
علم هو. ڪڏهن ڪڏهن شعر پڻ چوندو هو.
26-
مولانا فخري هروي:
خوش طبع ۽ اڪابر هو. شعر پڻ چوندو هو. ضايع ۽
بدائع عروض ۽ قافيه بابت ڪجهه تصنيفون اٿس.
27-
حيدر ڪلوج:
مشهور شاعر ۽ شعر جي ديوان جو مالڪ
آهي. هي مطلع سندس آهي.
دلا مجنون صفت خود را خلاص از قيد عالم کن
ره صحرائي محنت گير ورو در وادئي غم کن
[ دنيا جي قيد مان مجنون جيئن آزاد ٿي اي دل رکي
رخ وادي غم ۾ تون منجهه صحرائي محنت هل]
28-
مولانا مير محمد زرگر:
29-
ملا جاني بندري:
30-
ملا ظهوري:
ٽيئي خوش بيان ساعر هئا.
مرزا عيسى ترخان جي شروعاتي احوال جو احوال
مرزا محمد عيسى بن مير عبدالعلي ترخان ننڍپڻ کان شاهه بيگ جو
پاليل هو. وڏن اميرن جي لسٽ ۾ داخل هو، جڏهن آمر
آمراڻي ٺٽي ڏانهن رخ ڪيو هو ۽ مرزا شاهه حسن جا
جيڪي امير ٺٽي ۾ رهيل هئا. [206] تن شاهه حسن
ڏانهن ملتان ماڻهو موڪلي حقيقت حال عرض رکي هئي،
تڏهن ملتان جي لشڪر ۾ مرزا عيسى ئي هو جو جرائت ۽
مردانگي ڏيکاري، انهن ماڻهن جي رفع دفع لاءِ
استدعا ڪري، يلغار ڪندو ملتان کان ٺٽي پهتو هو ۽
خوب جنگ ڪري سندن لشڪر کي ڇڙو ڇڙ ڪري گهڻن کي قتل
ڪيو هئائين. مرزا شاهه حسن جي اتي پهچڻ کان پوءِ
آمر آمراڻي چاليهه هزار ماڻهن سان لڙائيءَ جو
ميدان سينگاريو هو، جن مان ڏهه هزار ماڻهو انهيءَ
ميدان ۾ ڪم آيا هئا. مرزا شاهه حسن جي فوت ٿيڻ کان
پوءِ مهيني جمادي الاول سن 962هه جي اوائل ۾ مرزا
عيسى حڪومت جي گاديءَ تي ويٺو ۽ ارغونن ۽ ترخانن
بيعت ڪري [سڄي ڪاروباري] ٻڌ ڇوڙ جي واڳ انهيءَ
نامورن اميرن جي سردار جي هٿ ۾ ڏني. مرزا عيسى
ترخان ۾ گهڻيون ئي سهڻيون صفتون هيون: هميشه
سپاهين ۽ رعيت سان نرميءَ جي هلت هلي، سڀ ڪنهن
ماڻهوءَ سان سندس لائق رعايت ڪندو هو.
هڪ سال جي عرصي گذرڻ کان پوءِ، ارغونن جي ترغيب ۽ لالچائڻ تي
سلطان محمود خا سان مخالفت ڪيائين ۽ وڏو ڪٽڪ وٺي،
مهيني ربيع الثاني سن 963هه جي شروعات ۾ بکر جي
حدن ۾ لنگهي، بکر جي سامهون منزل ڪري، پندرهن
ڏينهن لڙائي جاري رکيائين. سلطان محمود خان قلعي ۾
بند ٿي ويٺو، هڪ ٻه دفعو هڪ ٻئي سان لڙائي به
ٿي.ايتري ۾ فرنگين جو ٽولو، جن کي مرزا عيسى گوا
مان گهرايو هو، تن اچي ٺٽي کي ڦرڻ ٿي چاهيائون،
تنهن کان هڪ ڏينهن اڳ ۾ دريا جي مٿاڇري کي باهه
لڳي ويئي، هن خبر ٻڌڻ شرط مرزا عيسى تمام جلد موٽي
ويو. [207] سلطان محمود خان تعاقب ڪري سيوستان
تائين پهچي، انهيءَ ملڪ جو ربيع جو فصل اڪثر تباهه
۽ برباد ڪري ڇڏيو. اتي سيادت پناهه سيد مير ڪلان
وچ ۾ پئي صلح ڪرايو ۽ نئين سر عهدنامو ڪري سلطان
محمود خان بکر ڏانهن موٽي ويو.
سن 967هه جي ابتدا ۾ مرزا عيسى ترخان جي پٽن مرزا محمد صالح جي
وچ ۾ تڪرار ٿيو.
مرزا عيسى ترخان، مرزا محمد صالح ترخان جو طرف
ورتو. مرزا محمد باقي لڙائيءَ ۾ شڪست کائي سوڍن جي
رهائشگاهه ونگي ڏانهن هليو ويو، ۽ ساڻس جيڪي ارغون
ٻڌل هئا سي پڻ سندس سنگت ۾ عمرڪوٽ ويا. مرزا محمد
باقي جيسلمير جي رستي کان بکر اچي نڪتو ۽ سلطان
محمود خان جي ملاقات جو شرف حاصل ڪيو. مٿئين خان
پڻ کيس مهربانيءَ جي ڀاڪر ۾ وٺي. مٿس نوازشون ڪيون
۽ هڪ سال سکر جي شهر ۾ رهائي، سندس واجبي نگراني ۽
رعايت ڪري انسانيت جا شرط بجاءِ آندا. مرزا عيسى
محمد صالح ترخان جي دلجوئي خاطر، مرزا محمد باقيءَ
جي ٻارن کي پڻ ٺٽي مان ڪڍي بکر موڪليو. مرزا محمد
باقي هندستان وڃڻ جي اگرچ ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر سلطان
محمود خان انهيءَ خيال کان ته متان هندستان کان ڪو
لشڪر هيڏانهن آڻي ۽ جڏهن ته انهن جو لنگهه بکر کان
ئي ٿيڻو آهي، جنهن ڪري ملڪ جي نطام ۾ خلل پوندو،
کيس هندستان وڃڻ کان روڪيندو آيو.
سن 970هه ۾ مرزا صالح ترخان، جو چوٽيءَ جو بهادر هو، ۽ ڪيترين
لڙاين ۽ مقابلن ۾ بهادريءَ ۽ همت جا جوهر ڏيکاري
فتحون ڪري چڪو هو، ۽ مرزا ڪامران جا اڪثر ڪوڪا،
جهڙوڪ: مزيد ڪوڪه بن مراد ڪوڪه وغيره سندس نوڪريءَ
۾ هئا، تنهن، مريد نالي هڪ بلوچ جنهن جي پيءُ کي
ڪٺو هئائين، جي هٿان شهادت جو شربت پيتو. هي مطلع
سندس چيل آهي: [208]
بران عزمم که در ملڪ جنون از سر قدم مانم،
متاع هوش و دانش را ببازار عدم مانم،
[ارادو اٿم ته مان ملڪ جنون ۾ سر قدم ڪريان، عقل ۽
هوش جو سامان ببازار عدم ڌريان]
اتي سلطان محمود خان، مرزا محمد باقي جي خطائن معاف ڪرڻ جي
درخواست ڪئي، ۽ مرزا عيسى پڻ راضي ٿي، شيخ
عبدالوهاب پوراني ۽ پنهنجي ڀاڻيجي مير يار محمد
خان کي، قاصد طور، سلطان محمود خان ڏانهن موڪلي،
شڪر گذاري ۽ احسانمنديءَ جو اظهار ڪري، پنهنجي پٽ
جي ملڻ جي گهر ڪئي. سلطان محمود خان بادشاهيء
آدابن مطابق سفر جو سامان تيار ڪري، مرزا محمد
باقيءَ کي ٺٽي موڪليو ۽ هن وڃي پنهنجي پيءُ
بزرگوار سان ملاقات ڪئي. مرزا عيسى سيوستان سندس
جاگير مقرر ڪري کيس رخصت ڏني.
سيوستان پهچڻ کان پوءِ ارغونن مرزا عيسى سان بيوفائي ۽ سرڪشي
ڪري مخالفت ۽ لڙائيءَ جي ميدان ۾ قدم رکيو. نيٺ
جڏهن ارغون، صلح جو نغارو وڄائي درياهه لنگهي رهيا
هئا، تڏهن مرزا عيسى جي ماڻهن اوچتو آتشبازي ڇوڙي،
جنهن ڪري هنن جا گهڻا ماڻهو تلف ٿيا ۽ ارغون شڪست
کائي، پريشاني ۽ بري حال ۾ بکر آيا، ۽ سلطان محمود
خان جي خدمت ۾ حاضر ٿي، حقيقت حال ٻڌايائون،
پهريائين سلطان محمود خان انهن ماڻهن کي قيد ڪيو،
پر نيٺ پنهنجي والده جي صلاح سان قيد مان ڪڍي
دلداري ڏيئي، انهن مان هرهڪ کي گهوڙو ۽ سروپاءِ
عنايت ڪري، پنهنجا ڳپل نوڪر ساڻ ڏيئي، سيوستان
ڏانهن روانو ڪيائين. سلطان محمود خان جي ماڻهن،
ارغونن سان ملي سيوستان جي قلعي جو محاصرو ڪيو. هڪ
ٻه دفعو قلعي تي چڙهيا به، پر ڪجهه ڪري نه سگهيا.
آخر جڏهن پاڻيءَ جي اُٿل آئي، تڏهن مرزا عيسى وڏو
لشڪر وٺي اچي هنن ماڻهن کي هڪالي ڪڍيو. [209]
رفيان ۾ ٻنهي لشڪرن جي وچ ۾ لڙائيءَ جي باهه ڀڙڪي
۽ سلطان محمود جا چڱا ماڻهو قتل ٿيا، مرزا عيسى
ترخان، درٻيلي ڳوٺ جي سامهون منزل ڪري لڙڪائيءَ جا
شرط بجا آندا، ۽ سلطان محمود خان پڻ پنهنجا امير ۽
ماڻهو روانا ڪيا، جن پڻ درٻيلي جي ڳوٺ ۾ قلعو
ٺاهي، لڙائيءَ جون رسمون بجاءِ آنديون، نيٺ شيخ
اعبدالوهاب ۽ ماهه بيگم جي دانشمندي ڪري صلح ٿيو.
مرزا عيسى ٺٽي موٽي ويو، ۽ سلطان محمود خا جا
ماڻهو بکر موٽي آيا.
سن 974هه ۾ مرزا عيسى طبعي موت سان رحلت فرمائي ويو. انتقال وقت
ارادو ڪيائين ته پنهنجي ننڍي پٽ جان بابا ترخان کي
وليعهد ڪري، پر، ماههه بيگم ڪوشش ڪئي ته جنهن صورت
۾ محمد باقي وڏو پٽ آهي، تنهن ڪري اهو وليعهد ٿئي.
مرزا عيسى اهو ڏکيو سمجهي معافي گهري، ۽ چيائين ته
هو ظالم آهي،تنهن ڪري خلق ۽ لشڪر کي ڏاڍو آزار ۽
نقصان رسائيندو، تون پڻ انهيءَ جي هٿان هلاڪ
ٿيندينءَ، آخر ائين ئي ٿيو، جيئن سندس واتان نڪتو.
مرزا عيسى جي فوت ٿيڻ جي خبر ڪي ڏينهن ته ملڪي
مصلحت سبب ڳجهي رکيائون، جيستائين مرزا محمد باقي
سيوهڻ کان ٺٽي پهتو. انهيءَ ڏينهن صبح جو مرزا
عيسى کي مقام ۾ نيئي انهيءَ مقبري ۾ دفن ڪيائون جو
سندس لاءِ ٺاهيو هئائون.
مرزا محمد باقيءَ جو پنهنجي پيءَ جي موروثي سلطنت
تي ويهڻ جو احوال
مرزا محمد باقي حڪومت جي گاديءَ تي وهڻ سان اختيار جي واڳ
ارغوني اميرن جهڙوڪ: مرزا قاسم، مير ڪوچڪ وغيره جي
هٿ ۾ ڇڏي ڏني، ارغوني جيئن ته نهايت بيباڪ هئا ۽
بيپرواهي ڏاڍي ٿي ڪيائون، ۽ جيئن ته حڪومت جي
ابتدا هئي ۽ هن جي سياست ۽ قهر اڃا ڏٺل ڪونه هون ۽
هن جي رعب ۽ خوف سندن دلين ۾ جاءِ نه ڪئي هئي،
[210] ۽ زباني نصيحت ۽ ڇينڀ سان نامناسب ڪمن کان
باز نه ٿي آيا، تنهن ڪري ملڪ جو سڌارو ۽ انتظام
سندن برباديءَ ۾ ڏسي، هن جي ڪاوڙ ۽ سياست جي باهه
ڀڙڪو کاڌو، ۽ سندن برباديء ۽ پاڙون پٽڻ جي پويان
پئي، سندن ماڻهن جي قتل ۽ مال ڦرڻ جو عام حڪم جاري
ڪيائين، اهو پڻ حڪم ڪيائين ته سنڌي ۽ مير بحر
ماڻهو سندن ٻارٻچا لٽي، جيئن وڻين تيئن ڪن. باقي
بچيل ارغون جلاوطن ٿي اچي بکر پهتا.
مرزا عيسى جي فوت ٿيڻ کان پوءِ محمد باقيءَ جي تخت نشينيءَ جي
اوائل ۾ ناهيد بيگم پنهنجي ماءُ جي چرچ ۽ ترغيب تي
محمد باقي سان جنگ ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو، ۽ نصرپور
جي قلعي وٽ پهچي انهيءَ قلعي کي گهيرو ڪيائين،
ايتري ۾ خبر پهتي ته حضرت بادشاهه شيخ فريد جي پتڻ
۾ پهتو آهي ۽ ملتان جي مشائخن جي زيارت جو ارادو
اٿس. اها خبر ٻڌي سلطان محمود خان خيال رکي
پنهنجون ٻيڙيون تيار ڪري منزل پٽي موٽي آيو.
مرزا باقيءَ جي ڀاءُ مرزا جان بابا ۽ سندس نياڻو مرزا شادمان،
جو وقت جي بهادرن مان هڪ هو ۽ پيءُ جي طرف کان
سندس نسب مير ذوالنون جي ڀاءُ سلطان عليءَ سان ٿي
مليو، پڻ بغاوت جو جهنڊو بلند ڪري بکر پهتا. سلطان
محمود خان مهربانيءَ سان پيش اچي انهن ماڻهن مان
هر هڪ کي روڪڙ، جنس، سروپا ۽ گهوڙو انعام ڏيئي هر
هڪ لاءِ جاگير مقرر ڪئي. هنن ماڻهن جڏهن مدد جي
درخواست ڪئي ته سندن عرض قبول ڪري، پنهنجا اڪثر
سٺا ماڻهو ساڻن گڏي ڏنائين، هو جڏهن ٺٽي جي آسپاس
پهچي، مرزا محمد باقيءَ جي ڪئمپ جي سامهون کاهي
هڻي ويٺا، ارغوني اميرن مخالفت ڪري مرزا جان بابا
کي ڀلائي وڌو، تڏهن مرزا جان بابا سميجن ماڻهن جو
هڪ ڊنبلو ساڻ ڪري، هنن ماڻهن کان ڌار ٿي ويو ۽
پاڻيءَ جي اٿل سببان سلطان محمود خان جا ماڻهو
طاقت نه ساي موٽي ويا. [211]
سن 976هه ۾ مرزا محمد باقي ترخان پنهنجي پاڪدامن
نياڻيءَ جو سڱ حضرت ظل الاهي شهنشاهه جي بيگمات
لڙيءَ ۾ آڻڻ جو انتظام ڪري، ماهه بيگم ۽ ناهيد
بيگم سان گڏي مڪلي ڏنو. پڻ بادشاهي ڪارخاني جي
لائق هر قسم جون شيون ۽ سوکڙيون گهڻيون تيار ڪري
روانيون ڪيائين ۽ هيءُ خدمت يادگار مسڪين خان
ترخان جي ذمي رکيائين. هي ماڻهو جڏهن لڪ علوي
(لڪي) وٽ پهتا تڏهن مرزا جان بابا پڻ اچي ساڻن
مليو. هنن ماڻهن جي موڪلڻ کان اڳ مرزا محمد باقي
ناهيد بيگم سان سڱابندي ڳنڍي سندس نياڻي رايجه
بيگم، جا پهريائين مرزا نجات خان جي نڪاح ۾ هئي ۽
پوءِ هڪ ٻئي کان جدا ٿيا هئا، پنهنجي نڪاح ۾ آندي
۽ سندن وچ ۾ چڱي محبت پيد اٿي ۽ مرزا جي دل کي
ناهيد بيگم جي طرفان تسلي ٿي هئي. آخر جان بابا
ترخان، سميجا، سوڍا وغيره راڄن جا ماڻهو گڏ ڪري
مرزا محمد باقيءَ تي راتاهو ڏنو ۽ مرزا محمد باقي
ٻيڙيءَ جي پاڇل کان درياهه ۾ ٽپو ڏنو ۽ اتان وڃي
هڪ ڊونڊيءَ ۾ چڙهيو، سميجن ٻيڙيءَ ۾ چڙهي اچي
رايجه بيگم کي قتل ڪري ڇڏيو.
هن واقعي کان هڪ سال پوءِ ناهيد بيگم هندستان وڃڻ جو ارادو ڪيو،
مرزا محمد باقي ماهه بيگم ۽ ناهيد بيگم کي پنهنجي
نياڻيءَ سان گڏ يادگار مسڪين جي اهتمام هيٺ
هندستان روانو ڪيو. يادگار مسڪين ۽ مرزا جان بابا
هڪ ٻئي سان ملي، بيگمن کي [پاڻ سان] متفق ڪيو ته
توهان ڇا لاءِ سنڌ مان نڪري وڃو، ۽ مرزا محمد باقي
ملڪ جي حڪومت جو مستقل مالڪ بنجي ويهي؟ [سو ڇا
ڪيائون جو] ڏاجي ۽ سوکڙين واريون شيون کولي سپاهه
۽ ماڻهن ۾ تقسيم ڪيائون ۽ مرزا محمد باقيءَ سان
لڙائي ڪرڻ لاءِ تيار ٿيا. قصو ڪوتاهه ماهه بيگم
هاٿيءَ تي چڙهي لڙائيءَ جو جهنڊو بلند ڪيو ۽ جنگ
جي ميدان ۾ مقابلي جون صفون سنيگاريائين. اتفاقن
ٿوري [212] وقت ۾ مرزا محمد باقي جي فتح ٿي ۽ ماهه
بيگم جو لشڪر ڀڄي ويو. مرزا جان بابا ۽ يادگار
مسڪين، پهرين ئي حملي ۾، ڪڪرالي ڏانهن
ڀڄي ويا، جو سمنڊ جي ڪناري تي ڄام ڏيسر جي رهڻ
جو هنڌ آهي، ماهه بيگم گرفتار ٿي ۽ ناهيد بيگم
ڪنڳاڻ ڳڻين ماڻهن سان بکر نڪري ويئي. مرزا محمد
باقي هن فتح کان پوءِ ٺٽي موٽي اچي ماهه بيگم کي
عتاب خطاب ڪيو. ايتري ۾ سلطان محمود خان به وڏو
لشڪر ساڻ ڪري ٺٽي پهتو. هوڏانهن مرزا محمد باقي
ٺٽي جي وڏي بزرگ ميان سيد علي ٺٽويءَ کي وچ ۾ آڻي،
مرزا جان بابا ۽ يادگار مسڪين کي صلح سان هٿ ڪري
قتل ڪرائي ڇڏيو، ۽ ماهه بيگم پڻ جيل جي ڪوٺيءَ مان
سامان ٻڌي، وڃي قبر جي ڪوٺيءَ ۾ آرامي ٿي.
سلطان محمود خان به انهيءَ وقت پنهنجو لشڪر گڏ ڪري ٺٽي روانو
ٿيو، ۽ ٺٽي جي سامهون اچي ڪئمپ هڻي ويٺو. مرزا
محمد باقي جيئن ته پنهنجا هٿ ۽ ٻانهون اڳي ئي وڍي
ڇڏيا هئا، تنهن ڪري مقابلي جي طاقت ڪا نه هيس ۽
جهازن جو آرماڙ ٺاهي شهر ۽ سلطان محمود خان جي
ڪئمپ جي وچ ۾ جيڪو درياءَ ٿي وهيو، تنهن ۾ چڪر
لڳائي شهر جي حفاظت ٿي ڪيائين. انهيءَ عرصي ۾
سلطان محمود خان جي ماڻهن ٻٽي دفعا لڙائي ڪئي،
جنهن ۾ مرزا عيسى جو نياڻو فقير محمد ترخا ۽ سلطان
محمد ترخان قتل ٿي ويا. هيڏانهن سلطان محمود خان
پير آر وٽ لٿل هو، ته هوڏانهن خبر آئي ته ترسون
محمد خان جي ڀائرن اُچ جي قلعي کي گهيرو ڪري، اهو
پنهنجي هٿ ڪيو آهي. سلطان محمود خان وڌيڪ ترسڻ
مصلحت نه ڏسي بکر موٽي آيو ۽ مرزا محمد باقي ٻٽي
سال ٺٽي تي بالاستقلال حڪومت ڪئي. [213]
سن 978هه پيو دفعو ڏاچي ۽ سوکڙين جو سامان تيار ڪري پنهنجي
نياڻي شيخ عبدالغفور بن شيخ عبدالوهاب ۽ ملا تردي
جي هٿان خلائق پناهه جي درگاهه ۾ موڪليائين، مگر
قبوليت جي شرف کان محروم رهي واپس ٺٽي آندائون.
مرزا محمد باقي پنهنجي حياتيءَ جي پوين سالن ۾ وري ارغونن جي
تربيت ڪري کين پنهنجي مهرباني جي پاڇي ۾ جاءِ ڏني،
جنهن ڪري جيڪي ارغون ملڪن ۾ شهرن ۾ ٽڙي پکڙي ويا
هئا، سي سڀ اچي گڏ ٿيا، حال آهر سڀني ڏانهن توجهه
ڪري گذاران [جو وجهه] ۽ جاگير مقرر ڪيائين.
سن 992هه ۾ سلطان خواجه جو ڀاءُ شاهه خواجه حج کان موٽندي هرمز
جي رست کان ٺٽي پهچي، شيخ عبدالرحمان ولد شيخ ميرڪ
جي گهر ۾ اچي لٿو، ۽ ميرڪ عبدالرحمان کان جيترو ٿي
سگهيو. اوترو شاهه خوجه جي مهماني ۾ تڪلف ۽ مبالغو
ڪيائين، جنهن ڪري شاهه خواجه درگاهه خلائق پناهه ۾
پهچڻ کان پوءِ مهربانين ۽ خصوصيتن ڀريل خط مٿئين
ميرڪ ڏانهن موڪليا. اها ئي ڳالهه انهيءَ بزرگ زادي
جي شهادت جو باغث ٿي. سن 993هه ۾ مرزا محمد باقي
چريو ٿي پنهنجي ڪهڻ جو ارادو ڪري پاڻ کي ترار ۽
خنجر سان ڦٽي، ساهه ساهن جي مالڪ جي حوالي ڪيو.
سندس مرڻ ڪري ٺٽي جي ملڪ ۾ قرار ۽ آرام پيدا ٿيو.
سڀني اميرن ۽ مکيه ماڻهن متفق ٿي حڪومت لاءِ مرزا
جاني بيگ کي چونڊي، سڳن پٽن جي هوندي به سندس بيعت
ڪئي. هو جوانيءَ جي جوانيءَ جي زماني ۾ فتحمند
طالع جي طاقت سان حڪومت جي گاديءَ تي ويٺو. جيڪا
دولت ۽ جواهر سندس وڏن سالها سان گڏ ڪيا هئا، سي
نيسان جي ڪڪر وانگيان عام رعيت ۽ مخلوقا جي مٿان
گهوريائين. سندس حڪومت جي سايي ۾ ماڻهو نهايت آرام
۽ دل جمعيءَ سان رهيا، ۽ ٺٽي جا ماڻهو، سپاهه،
رعيت، خواهه اڳواڻ، جن مرزا محمد باقي جي حڪومت
[214] واري وقت ۾ هڪ رات به آرام سان ننڊ نه ڪئي
هئي، سي هن جوان بخت جي بادشاهي ۾ امن جي پٿراڻين
تي سمهڻ لڳا.
مرزا عيسى ۽ مرزا محمد باقي ترخان جي وقت جي فاضلن
جو احوال
ميرڪ عبدالباقي ۽ ميرڪ عبدالرحمان عرف ”ميرڪان“
مرحوم شيخ ميرڪ پوراني جا فرزند، فضائل ۽ ڪمالات
جو مجموعو هئا، علمن جي فنن، هنرمندي ۽ ڪاريگريءَ
۾ وقت جا ياگانا ۽ زماني ۾ بي مثال هئا، طبيعت جي
سنجيدگي ۽ ذهن جي لطافت ۾ بينظير، ۽ انسانيت ۽ سخا
۾ سندن جواب ڪونه هو. ٿوري پيدائش جي باوجود به
آيو ويو، شهري توڻي مسافر، سندن احسان جي دسترخوان
تان بهره انداز ٿيندو ٿي رهيو، سندن گهر ۾ طعام
تمام عمدا تيار ڪندا هئا، خصوصاً سَيون“ ۽ انهن
سين ۾ اهڙي چاشني پيدا ڪندا هئا، ۽ مرڪبات ۽ مربا
پڻ، گهڻا ۽ تمام سٺا ٺاهيندا هئا، راقم الحروم کي
پڻ انهيءَ جو تجربو آهي. ميرڪ وڏو، تصوف خصوصاً
”قصوص“ جي ڄاڻڻ
۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو ۽ ميرڪ ننڍي کي سڀني علمن ۾
مهارت هئي، خصوصاً هيئت ۽ فلسفه جي علم ۾، جيئن ته
مولانا عبدالخالق گيلانيءَ جو ملا مرزا جاني ۽
شاهه فتح الله جو مد مقابل هو، سو جڏهن اتان
لنگهيو ۽ ساڻن بحث مباحثه جو موقعو مليس، تڏهن ڪي
شبها ۽ پيچيدگيون جي ملا عبدالخالق وٽ رهيل هيون
سي، هن پنهنجي طبيعت جي زور سان حل ڪيا. تحرير
اقليدس (جاميٽري) جي شڪلين ۾ ڪيتريون شڪليون
پنهنجون مرتب ڪيون اٿس. جي سڀن
وٽ پسند آهن، شعر ۾ به ڪافي دخل هوس. ميرڪ
عبدالباقي جي وفات سن 983هه ۾ ٿي هئي، ۽ ميرڪ
عبدالرحمان جي شهادت سن 991هه ۾ عيدالفطر جي ڏينهن
واقع ٿي.
2- ميان سيد علي جو بيان: شيراز جي انجوي سيدن مان آهي،
سندس وڏا [215] انهيءَ ملڪ کان اچي سنڌ ۾ رهيا ۽
ميان سيد علي نهايت علم، زهد ۽ سخاوت جو مالڪ هو
هر سال ربيع الاول مهيني جي شروعات ۾ ٻارهن ڏينهن
سيد المرسلين
جي روح پر فتوح جي نيت فقيرن ۽ مسڪينن کي ڏاڍا
طعام ڏيندو هو ۽ مڪلي جي پيرن جي مزار تي سماع
ڪندو هو. اهڙو ته ذوق هوندو هوس، جو قاضين ۽ مفتين
جي منع هوندي به سماع کان نه روڪبو هو. سنڌ جي
سماع جو هيءُ نمونو آهي ته ڪجهه ماڻهو گڏ ٿي
پنهنجي ٻوليءَ ۾ سر سان بيت پڙهندا آهن، ۽ هو انهن
جي تراني جو سماع ڪندا آهن. ڪن ۾ ذوق جي حالت به
پيدا ٿي ويندي آهي ۽ جن ۾ اهڙي حالت پيدا ٿيندي
آهي، سي گهوڙن وانگيان ميدان ڪندا آهن، ۽ بيهوش ٿي
ويندا آهن، ۽ هرهڪ ماڻهو چيلهه جهلي، انهن جي
حفاظت ڪندو آهي، ۽ اهي نچندا آهن ۽ آواز بلند ڪندا
آهن، ۽ انهيءَ هڪ ئي وقت ۾ ٻه سئو ٽي سئو آواز
نڪرڻ ڪري، عجيب آواز نڪرڻ ڪري، عجيب آواز پيدا
ٿيندو آهي، جو ميل يا ان کان به زياده پنڌ تي ٻڌبو
آهي. مٿئين شاهه صاحب جي وفات سن 971هه ۾ ٿي. سندن
وفات جي تاريخ ”فات الحاتُم بجودهه“ آهي. سندس
صالح فرزند سيد جلال الدين محمد پڻ تقوى ۽ ڪمال جي
زيور سان سينگاريل آهي، پيءُ جي طريقي تي هلندڙ
آهي، هو سڀني علمن ۾ وقت جو يگانو ۽ زماني ۾ اڪيلو
آهي. طبع جي سنجيدگي ۽ ذهن جي لطافت ۾ بينظير ۽
ڪمال انسانيت ۽ سخاوت رکندڙ آهي. ٿوري پئداش هوندي
به وٽانئس ماڻهن کي پڻس کان زياده بهرو ملي ٿو.
سيد جلال پيءُ کان وڌيڪ شريعت جو پابند آهي. [216]
3- مولانا عبدالرحمان جو بيان: نقلي علمن ۾ بينظير آهي،
پنهنجو نيڪ وقت ديني علوم جي فائدي ڏيڻ ۾ صرف ڪري
ٿو.
4- مولانا ڪريم الدين بيان: فضائل ۽ ڪمالات جو جامع ۽
زهد ۽ تقوى سان سينگاريل آهي.
5- مولانا عبدالخالق گيلانيءَ جو بيان: مولانا عبدالخالق
گيلاني مولانا العلامي مولانا عبدالله يزيدي جو
شاگرد رشيد آهي. ابتدا ۾ سن 972هه ۾ قنڌار کان بکر
۾ آيو ۽ راقم الحروف جي جاءِ تي درس ۾ مشغول رهيو.
ٿوري ئي وقت ۾ ٺٽي جي سفر جو پڪو ارادو ڪري مخدومي
شيخ ميرڪ جي خدمت کان مشرف ٿي، ڪي سال سندن منزل ۾
سڪونت اختيار ڪري، علم جي تعليم ۾ مشغول رهيو. ٺٽي
جي اڪثر فاضلن سندن شاگرديءَ جو شرف حاصل ڪيو، ۽
ٿوري وقت ۾ علمي مطلبن ۾ ڪامياب ٿي پنهنجن همعصرن
کان گوءِ کڻي ويا. سن ... جي آخر ۾
دکن ڏانهن توجهه ڪري اتي جي نامي گرامي بزرگن مان
شمار ٿيڻ لڳو ۽ اتي ئي آخرت جي سفر تي روانو ٿيو.
سندس رشيد شاگردن مان قضي محمود ٺٽي ۾ موجود آهي، قاضي صحب
موصوف جي ڪهڙي تعريف ڪجي، ڇاڪاڻ جو سندس علم ۽ فضل
جو رتبو تعريف کان بي پرواهه آهي.
6- مولانا يوسف جو بيان: نهايت ديندار ۽ پرهيزگار آهي ۽
شرعي علمن ۾ سندس مٽ ڪونه آهي.
7- مخدوم فضل الله جو بيان: علم جي سڀني فنن، عمل ۽ تقوى
جي زيورن سان سينگاريل هو. هميشه ديني تعليم جو
شغل هوندو هوس، سندس وفات سن... جي آخر ۾
دکن ڏانهن توجهه ڪري اتي جي نامي گرامي بزرگن مان
شمار ٿيڻ لڳو ۽ اتي ئي آخرت جي سفر تي روانو ٿيو.
سندس رشيد شاگردن مان قاضي محمود ٺٽي ۾ موجود آهي، قاضي صاحب
موصوف جي ڪهڙي تعريف ڪجي، ڇاڪاڻ جو سندس علم ۽ فضل
جو رتبو تعريف کان بي پرواهه آهي.
6- مولانا يوسف جو بيان: نهايت ديندار ۽ پرهيزگار آهي ۽
شرعي علمن ۾ سندس مٽ ڪونه آهي.
7- مخدوم فضل الله جو بيان: علم جي سڀني فنن، عمل ۽ تقوى
جي زيورن سان سينگاريل هو. هميشه ديني تعليم جو
شغل هوندو هوس، سندس وفات سن ... ۾ ٿي.
[217]
8- قاضي شيخ احمد ۽ قاضي ڪاشانيءَ جو بيان: هو سندن
ڪماليت جي ظاهر ڪرڻ کان بي نياز آهن.
سلطان محمود خان جو احوال، سندس ابتدا کان وٺي
هميشه رهندڙ جهان ڏانهن انتقال تائين
سلطان محمود خان بن مير فاضل بن عادل بن احمد خواجا اصفهاني نسل
مان هو. سندس وڏا خراسان ۾ رهندڙ هئا ۽ سندس بنياد
چين جي بادشاهن سان ملي ٿو، جو اصفهان جي شهنشاهت
جو هڪ پرڳڻو هو، جنهن زماني ۾ حضرت صاحبقران امير
تيمور گورگان عراق فتح ڪرڻ لاءِ روانو ٿو ۽ اصفهان
جا ڪي پرڳڻا سرڪشي ڪري، اطاعت ۽ فرمانبرداريءَ کان
نابري واري بيٺا، تڏهن صحبقرآن انهن ماڻهن جي قتل
ڪرڻ، ڦرڻ ۽ قيد ڪرڻ جو حڪم ڪري، پهنجن زبردست فوجن
مان هڪ فوج مقرر ڪئي. انهيءَ حملي ۾ عادل خواجي جو
پيءُ احمد خواجه، مير ذوالنون جي پيءُ مير حسن
بصريءَ جي هٿ لڳو. مير صاحب مذڪور کيس پنهنجي
اولاد جي بجاءِ رکي، پنهنجي نظر هيٺ سندس تربيت ۽
نگراني ڪئي. احمد خواجه ٽن واسطن سان ملڪ محمود
نان دهه (ماني بخشيندڙ) سان لڳي ٿو. ملڪ محمود
اصفهان ولايت ۾ گهڻي سخا ۽ پڄنديءَ ۾ مشهور هو.
چون ٿا ته هو اوڻيهن واسطن سان عدي بن حاتم طائيءَ
سان ملي ٿو. والعلم عندالله (علم الله تعالى وٽ
آهي)، سچ پچ ته سلطان محمود خان کي پڻ سندس سخا
مان حصو مليل هو. احمد خواجه کي ٻه پٽ هئا: عاقل
خواجه آتڪ ۽ عادل خواجه، عادل خوجه هڪ پٽ ۽ هڪ
ڌيءَ ڇڏي، مير فاضل کي پنج پٽ هئا. بابا احمد،
سلطان محمود خان، مير عبدالفتاح، امير سلطان ۽ مير
عبدالواحد، هر هڪ جي والده الڳ الڳ هئي. سلطان
محمود جي والده ڪاسي شال ۽ مستنگ جي پٺاڻن مان
هئي. [218]
ننڍپڻ جي زماني ۾ جڏهن سندس عمر اڃا چوڏهن سالن جي هئي ته حملا
ڏيکاري شاهه بيگ جي مهربانيءَ جي نظر جو منظور
ٿيو، جڏهن شاههبيگ سنڌ فتح ڪرڻ جو ارادو ڪيو، تڏهن
باغبان، ڳاهن، ٽلٽي ۽ ٺٽي جي ڪاهن ۾ جنگ جي صفن ۾
بهادريء ۽ همت ڏيکاري، سڀني کان اڳ ۾ لشڪر تي
ڪاهيائين، بکر جي شهر فتح ڪري، قنڌار موٽڻ وقت
شاهه بيگ پنهنجن وڏن اميرن کي رهڻ جي ڪيتري به
تڪليف ڏني، پر سڀني انڪار ۽ استغفار ڪيو، پر هن
ننڍيءَ عمر جي باوجود اها خدمت قبول ڪئي ۽ يارهن
مهينا ستر ماڻهن سان قلعو بچائيندو رهيو، ۽ مخالفن
جي انبوهه کان ڪوبه انديشو دل ۾ نه آڻي، نهايت
جرات ۽ مردانگيءَ سان شاهه بيگ جي سنڌ ڏانهن موٽڻ
تائين قلعي جي حفاظت ڪندو رهيو. ڪيترا دفعا ڳاڻ
ڳڻين ماڻهن سان ٻاهر نڪري، ڌاريجن ۽ سوڍن ماڻهن
سان لڙائي ڪري سڀني ميدانن ۾ فتحمند رهيو.
سن 944هه ۾ پنهنجن ماڻهن جي هڪ فوج وٺي ساتلمير جي قلعي تي حملي
ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو، ۽ انهن ماڻهن کي لٽڻ ۽ قيد
ڪرڻ کان پوءِ اچي رستي ۾ منزل ڪيائين، اهي ماڻهو
اوچتو راتاهو ڏيئي، پنهنجا ماڻهو ڇڏائي، لڙائي ڪرڻ
لڳا. سلطان محمود خان ننڊ مان اٿي پيادو ٻاهر نڪتو
۽ سندس دستار مٿي تان ڪري پيئي، جيئن ته سندس پڳ
کلي پيئي هئي تنهن ڪري پڳ جو هڪ پلؤ سلطان محمود
خن جي هٿ ۾، ۽ ٻيو پلؤ سوڍن جي سردار ڪمال جي هٿ
لڳو. سلطان محمود خان پڳ مٿي تي ويڙهيندو [219]
انهيءَ ڏانهن ٿي ويو ۽ جيڪي ور زمين تي پيل هئا سي
کڻندو ٿي ويو، جڏهن وڃي ويجهو ٿيو تڏهن جيئن ته
سلطان محمود کي هٿيار هٿ ۾ ڪونه هو [سو ڇا ڪيائين
جو] واريءَ جي لپ کڻي هن جي اکين ۾ هنيائين، هو
ٻنهي هٿن سان اکيون مهٽڻ لڳو، ۽ سلطان محمود پڳ
مٿن تي ويڙهي نڪري ويو. ڪاتب الحروف سلطان محمود
کان ٻڌو ته کيس نفيرچي ملي ويو، جنهن کي نفير
وڄائڻ جو حڪم ڪيائين، جنهن تي ڪل سپاهي اچي وٽس گڏ
ٿيا، حسن علي پوراني پنهنجو گهوڙو سلطان محمود کي
ڏنو، ۽ هن پاڻ کي وري تيار ڪري انهن ماڻهن تي اهڙو
حملو ڪيو جو ڪافرن جا ڪيترا ماڻهو قتل ٿيا ۽ جيڪو
مال ۽ قيدي پهريائين آناد هئائين، سي ٻيءَ جماعت
سان گڏ وري هٿ ڪيائين.
گجرات ۽ کنگهار واري لڙائيءَ ۾ نهايت بهادري ۽ دليري بجا
آندائين، بلڪه ڪنهن به ميدان ۾ پنهنجي طرفان
گهٽتائيءَ تي راضي نه ٿيندو هو، پڻ جڏهن بادشاهه
جنت آشياني، سنڌ ۾ تشريف فرما ٿيو هو، تڏهن به
مردانگيءَ سان ثابت قدم رهي، بکر جي قلعي داريءَ ۾
سجاڳيءَ ۽ هوشياريءَ جو حق بجا آندائين. نيٺ
روهريءَ جي ڪوٽ ٻاهران بادشاهي لشڪر مان اسن تيمور
سلطان ۽ شيخ علي بيگ جلائر سان جيڪو مقابلو ٿيو
تنهن ۾ به شاندار حملا ۽ بهادري ڏيکاريائين، ۽ شيخ
علي بيگ سندس هٿا قتل ٿيو.
سن 950هه ۾ جڏهن مرزا شاهه حسن سيويءَ جي حڪومت مٿئين خان جي
حوالي ڪئي، ته اتي بلوچن جا ڪيترا قلعا جي سالن
کان سندن هٿ ۾ هئا، فتح ڪيائين ۽ جبل جي باغين ۽
سرڪشن کي گوشمالي ڏيئي، پنهنجو فرمانبردار
بنايائين.
سن 961هه ۾ جڏهن ارغون ۽ ترخان، مرزا شاهه حسن سان
مخالفت ۽ جهڳڙو ڪرڻ لڳا، تڏهن به پاڻ پنهنجي لشڪر
سميت [220] سيويءَ کان اچي انهن ماڻهن جي مقابلي ۾
خوب حملا ڪري، انهن ماڻهن کي زبردست ڪيائين، ۽
جڏهن مرزا شاهه حسن اڌ رنگ جي بيماريءَ ۾ گرفتار
ٿي هلڻ کان چڪي ويو هو، بلڪه ڳالهائڻ کان سواءِ
سندس قوتن ۾ ڪابه حرڪت نه رهي هئي، تڏهن مرزا عيسى
سان ٺهراءُ ڪري پاڻ ۾ عهد نامو ڪيائون. مرزا شاهه
حسن جي فوت ٿيڻ کان پوءِ سن 962هه ۾ بکر ۽ ماٿيلي
۽ انهن جي سڀني تعلقن جي حڪومت سندس تصرف ۾ آئي،
ساڳئي سال جي ربيع الثاني مهيني ۾ بکر ۾ آيو ۽
مرزا جي تعزيت جون رسمون پوريون ڪري، حڪومت ۽
بادشاهيءَ جي گاديءَ تي ويٺو. بکر جي پسگردائي، جا
بلوچن، سمن وغيره جي ظلمن کان ويران ٿي ويئي هئي.
سا ٿوري وقت ۾ آباد ٿي. سلطان محمود خان فسادين
سرڪشن جو اهڙو ته بندوبست ڪري انهن جي ڊپن جو
بنياد پٽي ڇڏيو، جو سندس حياتيءَ جي پڇاڙيءَ تائين
اهي ماڻهو تابعدار ۽ فرمانبردار رهيا.
|