ڇپائيندڙ پاران
سنڌ جي تاريخ ۾ جن ڪتابن کي ماخذ جي حيثيت حاصل
آهي، تن ۾ ”تاريخ“ معصومي جو نالو به سرفهرست آهي.
هيءَ تاريخ ”چچ نامه“ کان پوءِ نه رڳو اهم ترين
دستاويز جي حيثيت رکي ٿي، پر چچ نامي کانپوءِ محقق
۽ عالمن جي مطالعي جو مرڪز به رهي آهي. سنڌ جي
تاريخ تي لکيل ٻيا اهم ڪتاب: ”تاريخ طاهري“،
”بيگلار نامه“ ، ”ارغون نامه“ ، ”ترخان نامه“ ،
”نامه نغز“ ۽ تحفته الڪرام“ وغيره تاريخ جي هن اهم
ماخذ کان مدد وٺي لکيا ويا آهن، يائين کڻي چئجي،
ته اهي تاريخون هن ڪتاب جو تسلسل آهن.
هن تاريخ جو مؤرخ مغل دور جو نامور اديب، شاعر،
محقق ۽ مغل سرڪار جو سياستدان سيد نظام الدين محمد
معصوم عرف ”مير معصوم بکري“ آهي، جنهن هيءَ تاريخ
اصل فارسي ٻوليءَ ۾ لڳ ڀڳ 1009هه ڌاري لکي تيار
ڪئي. هن تاريخ ۾ عرب دؤر کان مغل دؤر تائين تاريخي
حالت ۽ واقعات تسلسل سان بيان ڪيا ويا آهن، جنهن
جو سنڌي ترجمو 60 واري ڏهاڪي جي شروع ۾ مخدوم امير
احمد پرنسپال اورينٽل ڪاليج حيدرآباد کان ڪرايو
ويو ۽ ان جو پهريون سنڌي پاپو سال 1953ع ۾ ٻه هزار
ڪاپين جي تعداد سان سنڌي ادبي بورڊ مان ڇپائي پڌرو
ڪيو ويو.
ڪتاب جي تاريخي اهميت ۽ گهرج ايتري هئي، جو اهي
ڪاپيون جلد وڪرو ٿي ويون ۽ ڪتاب ناياب ٿي ويو.
بورڊ ضرورت محسوس ڪندي ڪتاب جو ٻيو ڇاپو سال 1959ع
۾ ساڳئي تعداد ۾ شايع ڪيو. اهڙي طرح ٽيون ڇاپو سال
1985ع ۾ پڻ ٻه هزار ڪاپين جي تعداد سان ڇپائي پڌرو
ڪيو ويو، پر اهي سڀ ڇاپا تُرت ئي پڙهندڙن جي
ضرورتن جي پورائي ۾ کپندا رهيا. هن سال تاريخ جي
پڙهندڙ حلقن وٽان ڪتاب جي زوردار گهر کي سامهون
رکندي بورڊ هن تاريخ جو نئون ڇاپو شايع ڪيو آهي.
اسان تاريخ معصومي جو نئون ڇاپو شايع ڪري هڪ اهم
تاريخي ذميداري پوري ڪرڻ جا حقدار ٿياآهيون، اميد
آهي ته پڙهندڙ حلقن ۾ اسان جي هيءَ محنت ضرور مان
لهندي.
اعجاز احمد منگي
سيڪريٽري
سنڌي ادبي بورڊ
ڄامشورو، سنڌ
3 شعبان المعظم 1428هه
بمطابق 28- آگسٽ 2006ع
فهرست
1.
تهميد
2.
مترجم طرفان ديپاچو
3.
مصنف مير معصوم جي حياتيءَ جو مختصر احوال
4.
تاريخ معصوميءَ جي
اهميت، ان جي تاليف جو سبب ۽
تاريخ
ڀاڱو پهريون
5.
سنڌ جي فتح ۽ وليد بن عبدالملڪ جي خلافت
6.
ڪن واقعن جو ذڪر، ۽ اسلامي لشڪر ۽ سڳورن وفدن
جي دارالاسلام بغداد مان اچڻ جي باعث جو بيان
7.
سنڌ جي حڪومت جو اڳين حاڪمن کان چچ بن سيلاج
برهمڻ ڏانهن منتقل ٿيڻ جو ذڪر
8.
چچ جو حڪومت جي تخت تي
ويهڻ ۽ شادي ڪرڻ جو بيان
9.
ڏاهر بن چچ جو پنهنجي
پيءَ جي تخت تي ويهڻ جو بيان
10.
محمد بن قاسم جي هٿان سنڌ جي فتح ٿيڻ ۽ ڏاهر
جي ڪسڻ جو بيان
ڀاڱو ٻيو
11.
انهن بادشاهن جو ذڪر جن
عباسي خليفن جي گورنر جي حڪومت کان پوءِ سنڌ ملڪ ۾
بادشاهيءَ جو جهنڊو بلند ڪيو
12.
سلطان شهاب الدين محمد بن سام غوري
13.
سلطان قطب الدين جو ذڪر
14.
آرام شاهه بن قطب الدين ايبڪ جو احوال
15.
سلطان شمس الدين التمش جو بيان
16.
سلطان مسعود جو بيان
17.
سلطان ناصر الدين محمود بن سلطان التمش جو
بيان
18.
سلطان غياث الدين بلبن جو بيان
19.
سلطان جلال الدين خلجيءَ جو بيان
20.
سلطان علاوالدين جو ذڪر
21.
سلطان غياث الدين جو احوال
22.
سلطان محمد شاهه بن تغلق شاهه جو بيان
23.
سلطان فيروز محمد شاهه جو ذڪر
24.
سلطان تغلق شاهه بن فتح
خان بن سلطان فيروز جو احوال
25.
سلطان ابوبڪر شاهه جو بيان
26.
سلطان محمد شاهه بن سلطان فيروز شاهه جو بيان
27.
سلطان علاؤالدين بن محمد شاهه جو احوال
28.
محمد شاهه جي نڍي پٽ سلطان ناصر الدين محمود
شاهه جو احوال
29.
سومرن ۽ سمن جي حڪومت جو احوال
30.
ڄام انڙ بن بابينو جو ذڪر
31.
ڄام جوڻو بن بابينو
32.
ڄام تماچي بن ڄام انڙ ۽ سندس پٽ خير الدين
33.
ڄام بابيني (ڀنڀي) جو احوال
34.
ڄام تماچيءَ جو احوال
35.
ڄام صلاح الدين جو احوال
36.
ڄام نظام الدين بن ڄام صلاح الدين جو احوال
37.
ڄام علي شر (بن تماچي) جو بيان
38.
ڄام ڪرن جو بيان
39.
ڄم فتح خان بن سڪندر جو بيان
40.
ڄام تغلق بن سڪندر جو احوال
41.
ڄام سڪندر جو احوال
42.
ڄام رائڏني جو احوال
43.
ڄام سنجر جو احوال
44.
ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جو ذڪر
45.
ڄام فيروز جو احوال
46.
ارغوني حاڪمن جي بادشاهيءَ ۽ سندن حڪومت جي
عرصي ۾ لڙاين جي واقعات جو بيان
47.
مير ذوالنوان ارغون جو مختصر احوال
48.
ذوالنون ارغون جو بديع الزمان مرزا سان اخلاص
۽ سچائيءَ جي رستي سان هلڻ
49.
مير ذوالنون جي قنڌار رواني ٿيڻ جو احوال
50.
مرزا بديع الزمان جي قنڌار وڃڻ جو احوال
51.
محمد مؤمن مرزا ولد بديع الزمان مرز جو گرفتار
ٿيڻ ۽ انهيءَ نونهال جو الاهي تقدير جي جهولي سان
پاڙئون پٽجڻ جو احوال
52.
سلطان حسين مرزا جي قنڌار ڏانهن روانو ٿيڻ، ۽
انهيءَ باشاهه جي رستي مان واپس موٽڻ جو احوال
53.
بديع الزمان مرزا جو شاهه بيگ ارغون سان گڏجي
النگ نشين ۾ سلطان حسين مرزا جي مبارڪ لشڪر ڏانهن
رواني ٿيڻ جو احوال
54.
بادشاهه والا جاهه سلطان حسين مرزا جي بديع
الزمان مرزا سان صلح ڪرڻ جو احوال
55.
بديع الزمان مرزا جي هرات جي تختگاهه تي ڪاهڻ
جو احوال
56.
بلخ جي حڪومت مرزا بديع الزمان جي حوالي ٿيڻ ۽
مير ذوالنون ۽ سندس هدايت واري فرزند شاهه بيگ جي
موٽي وڃڻ جو احوال
57.
ابن حسين مرزا جو سيستان ڏانهن روانو ٿيڻ ۽
امير سلطان علي ارغون سان لڙائي ڪرڻ جو احوال
58.
مرزا محمد مقيم ولد مير ذوالنون جي ڪابل فتح
ڪرڻ، ۽ اتي جي ڪن حادثن جو احوال
59.
قادر بيمثال جي تقدير
موجب ذوالنون جي شهادت جي احوال
60.
شاهه بيگ ۽ محمد مقيم
ارغون جي ڪجهه احوال جو احوال
61.
شاهه بيگ جي سيوي ملڪ فتح ڪرڻ لاءِ رواني ٿيڻ،
۽ سلطان پيرولي برلاس جي اولاد جي ڀڄي وڃڻ جو
احوال
62.
ماهه بيگم کي ڪابل مان آڻڻ جو احوال
63.
شاهه بيگ جو ڪجهه احوال ۽ واقعن جو احوال
64.
ڪامياب بادشاهه محمد
بابر جي قنڌار تي چڙهائي ڪرڻ جو احوال
65.
امير شاهه بيگ جو مرزا شاهه حسن کي شال ۽
سيويءَ مان ڄام صلاح الدين ۽ ٻين فتنه انگيزن جي
فساد دفعي ڪرڻ لاءِ موڪلڻ جو احوال
66.
شاهه بيگ جو باغبان جي آسپاس رهي پوڻ ۽
سيوستان ڏانهن توجهه ڪرڻ جو احوال
67.
ڌارجن جي گرفتار ٿيڻ ۽
انهيءَ جماعت جي ڪسڻ جو احوال
68.
شاهه بيگ جي هن بي بقا گهر مان انتقال جو
احوال
69.
شاهه بيگ جو مختصر احوال
70.
سيويءَ جي عجائبات جو احوال
71.
قنڌار جي عجائبات جو احوال
72.
ٻيو بابا حسن ابدال
73.
ٻيو سيد حسين زنجيرپا
74.
سير ۽ اڏرڻ جي صاحب سيد محمد عرف سيد شير
قلندر جو احوال
75.
(قدوت الواصلين) خواجه ملڪ جو احوال
76.
خواجه علي ني تاز جو احوال
77.
خواجه علي نيشاپوريءَ جو احوال
78.
خواجه ايوب انصاريءَ جو احوال
79.
پير يڪشنبهي
80.
مرزا شاهه حسين جي ٺٽي ۾ حڪومت ڪرڻ جي شروعات
۽ ڄام فيروز جي ڀڄي وڃڻ جو احوال
81.
مرزا شاهه حسين جي متوجهه ٿيڻ ۽ ڄام فيروز جي
شڪست جو احوال
82.
مرزا شاهه حسن جي حڪومت ۽ ڏهر ماڻهن جي قيد
ٿيڻ جو احوال
83.
مرزا شاهه حسن جي لانگاهن کي دفعي ڪرڻ ڏانهن
توجهه ڪرڻ جو احوال
84.
مرزا شاهه حسن جي اُچ جي منزل تي لانگاهن سان
لڙائي جو احوال
85.
مرزا شاهه حسن جو دلاور فتح ڪرڻ ڏانهن متوجهه
ٿيڻ ۽ غازي خان جي قتل جو احوال
86.
مرزا شاهه حسن جو ملتان ڏانهن وڃڻ ۽ لاڳيتي
محاصري کان پوءِ فتح ڪرڻ جو احوال
87.
کنگهار جي مخالفت ۽ مرزا
شاهه حسن جي وڃڻ جو احوال
88.
حضرت جنت آشيانيءَ محمد همايون بادشاهه جي
مبارڪ لشڪر جي گجرات روانو ٿيڻ ۽ حڪم موجب مرزا
شاهه حسن جي انهيءَ ولايت ڏانهن متوجهه ٿيڻ جو
احوال
89.
بادشاهه والا جاهه جنت آشياني همايون بادشاهه
جو سنڌ ۾ اچڻ ۽ مرزا ساهه حسن جي مخالفت جو احوال
90.
بخشو لانگاهه جو بکر ۾ اچڻ جو احوال
91.
مرزا ڪامران جي اچڻ جو احوال
92.
ارغون جي بغاوت ۽ مرزا شاهه حسن جي فوت ٿيڻ جو
احوال
93.
مرزا
شاهه حسن جي ڪجهه احوال جو احوال
94.
مرزا شاهه حسن جي ڪن همصر سيدن، عالمن،
مشائخن، فاضلن ۽ شاعرن جو احوال
95.
مرزا عيسى ترخان جي شروعاتي احوال جو احوال
96.
مرزا محمد باقي جو پنهنجي پيءُ جي موروثي
سلطنت تي ويهڻ جو احوال
97.
مرزا عيسى ۽ مرزا محمد باقي ترخان جي وقت جي
فاضلن جو احوال
98.
سلطان محمود خان جو احوال، سندس ابتدا کان وٺي
هميشه رهندڙ جهان ڏانهن انتقال تائين
99.
مٿئين ذڪر ڪيل حقيقتن جو تفصيل
100.
تفرقو، پريشانيءَ، ۽ سلطان محمود خان جي هن
فاني دنيا مان جاوداني جهان ڏانهن لڏي وڃڻ جو
احوال
101.
بکر جي حاڪم سلطان محمود خان جي صفتن جو ٿورو
احوال
102.
سلطان محمود خان سان حڪومت واري عرصي ۾ همعصر
عالمن ۽ سيدن جو احوال
103.
سلطان محمود خان جي حڪومت پوري ٿيڻ کانپوءِ
سنڌ ملڪ جو درگاهه جي غلامن جي تصرف هيٺ اچڻ، ۽
انهن حاڪمن جو بيان، جي وقت بوقت بکر جي حڪومت تي
مقرر ٿيندا آيا
104.
توضيحات، تعليقات ۽ استدراڪات
105.
حواشي ۾ استعمال ڪيل ڪتابن جي فهرست (ع.م)
106.
(الف) عربي ۽ فارسي ڪتاب
107.
(ب) انگريزي ڪتاب
108.
ڏسڻي
تمهيد
باسمهِ تعالى
سنڌ سرڪار طرفان نئون ”سنڌي ادبي بورڊ“ سن 1952ع ۾
قائم ٿيو، ۽ هن بورڊ پنهنجي پهرين نشست ۾ ئي سنڌ
جي تاريخ کي روشن ڪرڻ لاءِ عملي قدم کنيو: يعني
ٺهراءَ نمبر 10، مؤرخ 20 آڪٽوبر 1951ع ۾ بورڊ
فيصلو ڪيو ته سنڌ جي تاريخ جا ٽي مکيه ڪتاب: 1-
فتحنامه سنڌ 2- تاريخ معصومي ۽ 3- تحفته الڪرام
اهل سنڌ جي فائدي خاطر سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرايا وڃن ۽
”مخدوم امير احمد صاحب، پرنسپال اورينٽل ڪاليج
حيدرآباد سنڌ، اهو ڪم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلپچ جي
رهنمائيءَ هيٺ پورو ڪري“ بورڊ جي ٺهراءُ جي هن
فقره مطابق ترجمي جي هن اهم تجويز جي نگراني ۽
ذميواري بنده راقم الحروف جي حوالي ٿي، ۽ انهيءَ
لحاظ سان فاضل مترجم هيءُ ڪم جنوري 1952ع کان اسان
جي ڏنل مشوري ۽ هدايات مطابق شروع ڪيو. تاريخ
معصومي جو هيءُ ترجمو، هن سلسلي جي پهرين ڪڙي آهي،
جنهن کي پبلڪ جي آڏو پيش ڪجي ٿو.
واضح هجي ته تاريخ معصومي جا هن کان اڳ ٻه ٽي
ترجما ٿي چڪا آهن. پهريون ترجمو، ڪپتان ماليط
(G.G. Malet) جو حڪومت برطانيا طرفان مير علي
مراد خان جي درٻار ۾ ايلچي هو، انگريزي ٻوليءَ ۾
ڪيو، اهو انگريزي ترجمو سن 1855ع ۾ بمبئي مان شايع
ٿيو، ٻيو ترجمو ديوان ننديرام اسان جي سنڌيءَ زبان
۾ ڪيو، جو سن 1861ع ۾ ڪراچيءَ مان شايع ٿيو. ٽيون
هڪ بلڪل گمنام ترجمو، اردوءَ ۾ عالباّ ڪپتان ماليط
جي انگريزي ترجمي تان پنجاب ۾ ڪنهن صاحب ڪيو، ۽
شايد لاهور مان شايع ٿيو. ڏهه – ٻارنهن سال کن ٿيا
جو هيءُ ترجمو راقم الحروف عليڳڙهه يا لاهور ۾
ڪنهن صاحب وٽ ڏٺو هو.
اهي اوائلي ترجما، تاريخ معصومي جي ڪنهن هڪ اڌ
قلمي نسخي کي آڏو رکي ڪيا ويا هئا، ۽ انهيءَ ڪري
صحت جي خيال کان ناقص هئا، جس جڳائي سنڌ جي موجوده
محقق شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي کي،
جنهن تاريخ معصومي جا هيٺيان ڇهه قلمي نسخا سامهون
رکي هڪ مستند متن تيار ڪيو، جو ڀنڊار ڪر اورينٽل
انسٽيٽيوٽ طرفان سن 1938ع ۾ بمبئيءَ مان شايع ٿيو.
1.
بنيادي نسخو (د)
بيان العارفين جي مصنف ۽ شاهه ڪريم جي مريد، محمد رضا جو لکيل نسخو، جو هن
بزرگ 1045 هجريءَ، يعني مير معصوم جي وفات کان فقط
26 سال پوءِ لکيو.
2.
نسخو (ف)
25 شوال 1085هه جو شهر ٺٽي ۾ لکيل نخسو، جو هن
وقت ”گاما اورينٽل انسٽيٽيوٽ بمبئي“ ۾ ملا فيروز
جي ڪتبخاني ۾ رکيل آهي.
3-
نسخو
(م)
جو جامع مسجد بمبئيءَ جي لڳ ”مڪتبئه محمدي“ ۾
موجود آهي، جنهن تي مالڪ جي لڳل مهر جو سن
1128هجري آهي، ڪتابت جي تاريخ وارا ورق ضايع ٿيل
آهن.
4.نسخو
(هه)
”لب تاريخ سنڌ“ جي مصنف منشي خداداد خان جو نسخو،
ڪتابت جي تاريخ ڏنل ڪانهي.
5.نسخو
(ح)
سکر جي معصومي سادات جو نسخو، تاريخ ڪتابت ڏنل
ناهي.
6.
نسخو (ر)
پير ميان غلام مصطفى ولد جناب پير صاحب حزب الله
شاهه جي ڪتبخاني جو نسخو، جو ماه محرم 1323هه / 8
مارچ 1905ع ۾ لکيو ويو.
اسان جي هن سنڌي ترجمي جو بنياد ڊاڪٽر دائودپوٽي
واري تيار ڪيل فارسي متن تي رکيو ويو آهي. ترجمي
جي حاشين ۾ د، ف ۽ م وغيره نشانين مان مراد مٿين
قلمي نسخن جون (ڊاڪٽر دائودپوٽي جون ڏنل) ڪي
پڙهڻيون آهن، جن جي اهميت محسوس ڪندي انهن ڏانهن
اشارو ڪرڻ ضروري سمجهيو ويو آهي. جتي به ڊاڪٽر
دائودپوٽي جي حاشين جو ترجمو ڪيو ويو آهي، ته انهن جي پويان (ع.م) جو
نشان ڏيئي، انهن کي مترجم جي حاشين کان نروار ڪيو
ويو آهي.
هن سنڌي ترجمي ۾ جي خاص اضافا ڪيا ويا آهن، تن مان
هيٺيان ٽي قابل قدر آهن: (1) مير معصوم جي سوانح
حيات ۾ ڪن اهم معلومات جو اضافو ڪيو ويو آهي، (2)
متن صفحي 303 تي انڙ پور واري محاصري وقت مرزا
عبدالرحيم خان خانان جي مرزا جاني بيگ ڏانهن لکيل
خط جو ترجمو ويو آهي. اهو خط متحف برطانيا (برٽش
ميوزيم) ۾ محفوظ ٿيل تاريخ معصوميءَ جي هڪ قلمي
نسخي جي حاشيه تي قلمبند ٿيل آهي. جنهن جي عڪس (جو
بنده ولايت جي سفر وقت ڪوشش ڪري حاصل ڪيو هو) کي
فاضل مترجم پوري ڪوشش سان پڙهي هي ترجمو شامل ڪيو
آهي. تاريخي نقطئه نظر کان هي اضافو قيمتي آهي،
(3) ڪتاب جي متن جي پويان ڊاڪٽر دائودپوٽي جي ڏنل
اصلي حاشين ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، جن اصلي حاشين تي
نئين سر روشني وڌي ويئي آهي، ۽ ڪي حاشيا نئين سر
شامل ڪيا ويا آهن.
انهن اضافن سبب هيءُ سنڌي ترجمو، تاريخ معصومي جي
جملي ڇپيل خواهه اڻ ڇپيل نسخن ۾ وڌيڪ اهميت رکي
ٿو. فاضل مترجم کي جس جڳائي، جنهن باوجود وقت جي
پابنديءَ جي، وڏي احتياط سان هيءُ ترجمو تيار ڪيو
آهي. اصل فارسي متن جي ڪن ڏکين ابارتن ۽ لفظن جي
معنى ۽ مطلب کي سوليءَ سنڌي ۾ ادا ڪرڻ ڪافي ڪوشش
ڪئي اٿس ۽ ضروري جاين تي حاشين ذريعي ڪن ڏکين لفظن
جي لغوي معنى کي به واضح ڪري ڇڏيو اٿس. متن ۾
اصل
فارسي نظم کي ترجمي ۾ پڻ اصلي صورت ۾ قائم رکيو
اٿس، مگر ڏنگين ۾ ان جو ترجمو سنڌي نظم ڏنو اٿس.
درحقيقت، هڪ ٻوليءَ مان ٻيءَ ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرڻ
هڪ اڻانگو ڪم آهي: مترجم تي هڪ طرف لفظ بلفظ صحيح
ترجمي جي پابندي لڳي ٿي، ته ٻئي طرف وري ترجمي ۾
هڪ فطري ۽ آزاد رواني پيدا ڪرڻ جي جوابداري عائد
ٿئي ٿي، انهيءَ ذهني ڪشمڪش جي ميدان ۾ هڪ ترجمي
ڪندڙ جي مجبورين جو احساس صرف ان قدردان کي ٿي
سگهي ٿو، جنهن هن مشڪل ميدان ۾ قدم رکيو هوندو.
اسان جي خيال ۾، فاضل مترجم جموعي طور هن ترجمي کي
سهڻي نموني ۾ نباهيو آهي ۽ اصل فارسي عبارت کي
ڪفاتي سادي ۽ سليس سنڌيءَ ۾ ورايو آهي. اميد ته
قارئين ڪرام مترجم جي هن ادبي محنت ۽ سنڌي ادبي
بورڊ جي هن علمي خدمت کي نيڪ نظر سان ڏسندا ۽ ان
جو قدر ڪندا.
سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد
خادم العلم
23- مئي 1953ع
(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)
نگران ترجمه
الحمُد لِلِہ و ڪفيٰ و سلامُ عليٰ عبادهٰ الذين
اصطفيٰ
مترجم طرفان ديباچو
سنڌ جي سرزمين کي اهو فخر حاصل آهي جو اها هن
برعظيم ۾ پهرين سر زمين آهي، جتي مسلمانن قدم
رکيو، ۽ اسلام جو جهنڊو بلند ڪيو. هيءُ ئي اهو ملڪ
آهي، جتان اسلام جي شعاعن ساري هندستان کي روشن
ڪيو. ٻيءَ صديءَ هجريءُ جي ابتدا بلڪه پهرين صدي
جي آخر ۾ ئي هن سر زمين مان علم ۽ فضل جا اهي روشن
ستارا پيدا ٿيڻ لڳا، جن جي روشنائيءَ لکين
نه پر ڪروڙين، خدا جي ڀٽڪيل بندن کي سنئينءَ راهه
تي آندو، ۽ اهي ناياب گوهر پيدا ٿيا، جن جي سچي
چمڪ تي بادشاهن ۽ قدردانن عاشق ٿي، کين پنهنجي
شهنشاهيءَ جي تاج ۾ لڳائڻ پنهنجو فخر ٿي سمجهيو.
پر افسوس جو پوين جي ذوق سنڌين جي غفلت سببان اڄ
انهن پيارن جو سنڌ ۾ نالو نشان ڪونه ٿو لڀي، ۽ سنڌ
جي تاريخ اهڙي ته اوڙهه ۾ پيل آهي، جو ائين پيو
ڀانئجي ته ڄڻ سنڌي ۾ نه ته ڪو نامور عالم ئي ٿي
گذريو آهي، نه ڪو مشهور بادشاهه، ان جو مکيه سبب
اهو به آهي، جو سنڌ جي تاريخ جا سرچشما اڪثر فارسي
زبان جي پردي پويان لڪل آهن، ۽ هيڏانهن وري حالت
”زبان يار من تُرڪي، و من تُرڪي نمي دانم“ واري
لڳي پئي آهي، ڪو عرصو ٿيو جو فارسي دان دنيا مان
لڏي ويا، ۽ ”اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين“ مطابق
سندن تنوار ڪٿي به ڪانه ٿي ٻڌڻ ۾ اچي.
الله پاڪ جا لکين شڪرانا جو وري به سنڌ جي حڪومت
کي سهڻي مت آئي، جنهن سنڌي ادبي کي ترقي ڏيارڻ
لاءِ ”سنڌي ادبي بورڊ“ قائم ڪيو، ۽ انهيءَ بورڊ
سنڌ جي پراڻين تاريخن کي، سنڌي جامو پهرائي، شايع
ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. خواجا حافظ جي مصرع ”قرعئه فال
بنام من ديوانه زدنده“ موجب ترجمي جو ڪم منهنجي
سپرد ٿيو. مان به شيخ سعديءَ عليه الرحمته جي
نصيحت ”نام نيک رفتگان ضائع مکن، تابمانڊ نام نيکت
برقرار“ کي مد نظر رکي، هيءَ آڇ ٻڌي هٿ اکين تي
رکيا، ۽ الله جي آس ڪري هليو هتائين“ مطابق کڻي ڪم
شروع ڪيو، مان سمجهان ٿو ته مون ۾ سنهي ڪتڻ جي
لاقت ڪانهي: يقيناً رنڊا روڙيا اٿم، پر اهي رنڊا
من ۾ محبت پائي روڙيا اٿم ۽ انهيءَ ڪري يقين اٿم
ته منهنجا سنڌي ڀائر ”اڻتوريو“ اگهائي قبوليت جو
شرف بخشيندا ”گر قبول افتد زهي عزوشرف“
هن ڪتاب ۾ پيش ڪيل ترجمي متعلق ڪجهه وضاحت ضروري
آهي. ڪنهن به ڌاريءَ ٻوليءَ مان ترجمي ڪرڻ جا ٽي
نمونا ٿي سگهن ٿا: هڪ بلڪل لفظ به لفظ ترجمو. هيءُ
طريقو اڄ ڪلهه نامقبول آهي. ٻيو صفا آزاد ترجمو،
جنهن ۾ رڳو ڪتاب جو مضمون پيش ڪيو وڃي، باقي ٻيو
خير، ٽيون آهي، اهڙو ترجمو جنهن ۾ وچون رستو ورتو
وڃي، نه بلڪل تحت لفظي ترجمو ڪجي نه بلڪل آزاد،
اسان محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي صلاح سان
اهو پويون طريقو اختيار ڪيو آهي، جو اسان جي خيال
۾ ترجمي لاءِ بهترين طريقو آهي.
اسين هتي شمس العلماءِ ڊاڪٽر دائودپوٽي صاحب جي
محنت جي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نه ٿا سگهون، جنهن
صاحب تمام جانفشانيءَ ۽ محنت سان ”تاريخ سنڌ“ جا
مختلف نسخا ڀيٽي، هڪ مستند نسخو تيار ڪري، سن
1938ع ۾ شايع ڪرايو، ۽ ڪتاب جي آخر ۾ ضميمي طور
نهايت مفيد تعليقات ۽ توضيحات پڻ ڏنيون، جن مان
پڙهندڙ کي ڏاڍو فائدو حاصل ٿئي ٿو. خصوصاً تاريخ ۾
آيل پراڻن ڳوٺن ۽ شهرن جي جڳهن متعين ڪرڻ ۽ مختلف
اميرن ۽ بادشاهن جي شخصيتن جي تعارف ڪرائڻ ۾ ڊاڪٽر
صاحب جون ڪوششون قابل داد آهن. تاهم عربي زبان جي
مشهور پهاڪي ”ڪم ترک الاول لا آخر“ موجب اڃا ڪو
اتي دنگ نه ٿو آهي: بلڪ انهيءَ ڏس ۾ اڃا گهڻو ڪم
ڪرڻو آهي. وقت جي تنگيءَ سبب اسان فقط ڪن ٿورين
جاين تي اشارن ڏيڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه وڌيڪ نه ڪري
سگهيا آهيون. موقعو مليو ته ڪجهه لکنداسون، نه ته
خدا خود ڊاڪٽر صاحب يا ڪنهن ٻئي لائق ماڻهوءَ جي
روح ۾ رايو وجهندو، ۽ هو انهيءَ ڪم کي پورو ڪندو
”مردي از غيب برون ايد ڪاري بڪند“، اسان جو ترجمو
ڊاڪٽر صاحب جي ايدت ڪيل ڪتاب جو، تعليقات سميت،
ترجمو آهي.
ترجمي ۾ هيٺين خصوصيتن جو خيال رکيو ويو آهي:
(1)
شمس العلماءِ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي
صاحب واري شايع ڪرايل فارسي نسخي جي صفحن جا نشان
ترجمي جي متن ۾ چورس ڏنگين [ ] اندر رکيا ويا
آهن. انهيءَ لاءِ ته پڙهندڙ هن ترجمي کي اصل فارسي
متن سا آسانيءَ سان ڀيٽي سگهن.
(2)
ڪتاب جي ڪنهن عبارت جي مطلب واضح ڪرڻ لاءِ اسان
جيڪي لفظ يا نوٽ پنهنجي طرفان وڌايا آهن، تن کي به
چورس ڏنگين ۾ رکيو ويو آهي. باقي جيڪڏهن ڪنهن ڏکئي
لفظ جي توضيح ڪئي وئي آهي، ته اها ننڍين ڏنگن ( )
۾ رکي ويئي آهي.
(3)
فارسي زبان ۾ جتي ڪو اهڙو سهڻو استعارو يا
تشبيهه آئي آهي، جنهن جو لفظي ترجمو سنڌيءَ ۾ پڻ
رونقدار ڏسڻ ۾ آيو ته اهو استعارو يا تشبيهه ترجمي
۾ پڻ قائم رکي ويئي آهي: جهڙوڪ: معصوميءَ ۾ هڪ هنڌ
آهي ”شمع حيات او از صر صر باد اجل فرونسشت“، اسان
ترجمو ڪيو آهي. ”سندس حياتيءَ جي شمع، اجل جي هوا
جي سخت جهوٽي کان وسامي ويئي!“ مطلب واضح آهي ته
وفات ڪري ويو. مگر انهيءَ پوئين جملي بدران مٿيون
جملو وڌيڪ وڻندڙ پيو لڳي، پر جتي ڪو اهڙو استعارو
آهي جو فارسيءَ ۾ ته اگرچ سهڻو ٿو لڳي، پر سنڌيءَ
۾ اچڻ کان پوءِ منجهس ڪا به دلڪشي نه ٿي رهي ته
اتي اسان بلڪل سنڌي محاوري موجب ترجمو ڪيو آهي،
مثلاً: ”سر بجيب تفکر فروبرد“ بجاءِ هن جي، جو
اسين ترجمو ڪريون ها ته ”فڪر جي گريبان ۾ مٿو هيٺ
نيائين“ اسان ترجمو ڪيو آهي ”ويچار ۾ پئجي ويو.“
(4)
ڊاڪٽر دائودپوٽي صاحب جي گهڻيءَ ڪوشش هوندي به ڪي
ڪي لفظ يا جملا اهڙا رهجي ويا آهن، جن جي غلط پيا
ڏسجن، اسان پنهنجي خيال موجب انهن کي درست ڪري
ترجمو ڪيو آهي، ۽ حاشي ۾ اهڙو اشارو ڪري ڇڏيو آهي.
(5)
متن ۾ جيڪي به شعر آيا آهن، انهن جو ترجمو به
سنڌي شعر ۾ ڪيو ويو آهي، ۽ حتى الامڪان شعر جي
مضمون صاف رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. آخر ۾ مترجم
پنهنجي محترم دوست ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو نهايت
شڪر گذار آهي، جنهن صاحب هن ڪتاب جي ترجمي ڪرڻ وقت
مفيد مشورا ڏنا، ۽ انهيءَ متعلق جيڪو وٽس مواد هو،
سو پڻ مترجم جي حوالي ڪيو.
حيدرآباد سنڌ
27-2-1953ع
مخدوم امير احمد
(فاضل الحرمين الشريفين)
پرنسپال اورينٽل ڪاليج
حيدرآباد سنڌ
مصنف مير معصوم جي حياتيءَ جو مختصر احوال
نالو ۽ پيدائش:
سيد نظام الدين محمد معصوم، تخلص ”نامي“ بن سيد
صفائي حسيني، سومر رات، ستين رمضان المبارڪ سن 944
هجريءَ ۾ بکر، جنهن کي هاڻي پراڻو سکر ٿو سڏجي، ۾
ڄائو. سندس ولادت جي تاريخ هنن بيتن مان معلوم ٿئي
ٿي، جي سندن خانداني شجره ۾ موجود آهي:
شد طلوع آن شمس درخانه صفائي از خدا،
از بروجِ نيک درساعت سعيد آن شد عيان،
بود آن تاريخ هفتم ليل دوشنبه از صيا ۾،
سال نهصد پهچ بود، ازوي زوائد چاردان.
سندس وڏا:
سندس وڏا ترمذ جي سيدن مان هئا. هو ٻن ٽن پيڙهين
کان قنڌار ۾ رهڻ لڳا هئا، ۽ اتي جي ڪن ٻين سيدن
سان گڏ، پنهنجي وقت جي هڪ وڏي ولي الله بابا شير
قلندر جي مقبري جي سنڀال ڪندا هئا. مير معصوم جو
والد سيد صفائي، سلطان محمود خان جي بکر تي حڪومت
وارن ڏينهن (898 – 982هه) ۾ بکر ۾ اچي، سلطان
محمود خان جي عنايتن جي پاڇي ۾ گذارڻ لڳو، ٿوري
وقت کانپوءِ سيوهڻ جي پسگردائيءَ ۾ هڪ ڳوٺ کاٻڙوٽ
جي سيدن مان هن شادي ڪئي، جنهن مان مير معصوم ۽
سندس ٻه ڀائر بکر جي شهر ۾ ڄاوا.
سيد صفائي هڪ وڏو عالم ۽ فاضل هو. جڏهن بکر جو شيخ
الاسلام شاهه قطب الدين هروي (متوفي سن 977هه )
وفات ڪري ويو، تڏهن سلطان محمود خان سيد صفائيءَ
جي علم ۽ ڪمال جو قدر ڪري، کيس بکر جي شيخ
الاسلاميءَ جي عهدي تي سرفراز ڪيو، ۽ هو سڳورو
پنهنجي زندگي نهايت استقلال عزت ۽ احترم سان
گذاري، سن 991هه جي ذوالقعد مهيني ۾ عالم آخرت
ڏانهن روانو ٿيو.
سندس طالب علميءَ وارو زمانو:
مير معصوم جي ننڍپڻ ۽ طالب علميءَ جي زماني بابت
ڪا به صحيح معلومات ميسر نه ٿي سگهي آهي. ”ماثر
الامراء“ جو مصنف فقط هيترو لکي ٿو ته ”اکثر اوقات
ثمينهءِ خود را در پئي شکار صرف مي نمود. و بعد از
فوت پدر در خدمت ملا محمد ساکن کنگري، که از توابع
بکر ست، بتحصيل علوم اشتغال و رزيده بکمال آشنا
گشت“ (هو پنهنجو قيمت وقت اڪثر شڪار ۾ صرف ڪندو
هو. پيءُ جي فوت ٿيڻ کانپوءِ، بکر جي آسپاس واري
ڪنگري ڳوٺ ۾ رهندڙ ملا محمد وٽ علم پرائي ڪمال
حاصل ڪيائين) پر هيءُ بيان ٻن سببنڪري قابل قبول
ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي: هڪ ته مير معصوم جهڙي فاضل
ماڻهوءَ جو 74 ورهين جي عمر تائين علم جي زيور کان
خالي رهڻ سمجهه کان ٻاهر آهي، ٻيو ته پنهنجي
پوريءَ تاريخ ۾ ڪٿي به ملا محمد جو ذڪر نه ٿو ڪري،
حالانڪه مرزا عيسى ترخان ۽ سلطان محمود خان بکريءَ
جي دور وارن عالمن، فاضلن ۽ شاعرن جو بيان هر هڪ
بادشاهه جي پويان ڪندو رهيو آهي.
تنهنڪري اسان کي مجبورن مير معصوم جي بيانن تي
ڀاڙڻو پوندو، جي هن تاريخ معصوميءَ ۾ ڪٿي ڪٿي تبعا
ڏنا آهن. مثلاً: قاضي ڏتي سيوهاڻيءَ جي احوال ۾
چوي ٿو ته: ”مسود اوراق نيز اقتباس علوم در خوزه
درس ايشان نمود.“ (هنن ورقن جي ڪاري ڪندڙ (مؤلف)
پڻ سندن درس جي حلقي مان علم پرايو آهي.) يا ٻئي
هنڌ قاضي عبدالله بن ابراهيم درٻيليءَ جي ذڪر ۾
تبعا سندس فرزند شيخ حميد جو ذڪر ڪندي لکي ٿو.
”بعد از فتح آن نواحي بملازمت مايشان مشڪوات را من
اوله الى آخره ِ مع کتب ديگر حديث پيش ايشان گذر
انيده و اجازت حاصل نموده“ (انهيءَ ملڪ (گجرات) جي
فتح کانپوءِ سندن خدمت ۾ حاضر ٿي، مشڪوات اول کان
آخر تائين ۽ ٻيا حديث جا ڪتاب پڙهي اجازت حاصل
ڪيم.)
معلوم ائين ٿوٿئي ته مير معصوم ابتدائي علوم
پنهنجي والد بزرگوار يا ڪنهن ٻئي گمنام آدميءَ
وٽان حاصل ڪري، پوءِ قاضي ڏتي سيوهاڻيءَ جهڙي وقت
جي مشهور معروف فاضل جي خدمت ۾ حاضر ٿي باقي علم
جي تڪميل ڪئي آهي، پر تنهن هوندي به حديث جو فن
ناقص رهجي ويل ٿو ڏسجي ۽ مير معصوم جهڙي ذڪي ۽
طباع ماڻهوءَ جي دل کي انهيءَ مان تسڪين نه ٿي
سگهي آهي، تنهن ڪري جيئن کيس گجرات جي فتح ٿيڻ وقت
شيخ حميد جهڙي اعلى پايه جي محدث جي خدمت ۾ حاضر
ٿيڻ جو موقعو مليو آهي، تيئن انهيءَ موقعي کي
غنيمت ڄاڻي هن گهٽتائي جي پوري ڪرڻ جي ڪوشش ورتي
اٿس.
مير معصوم جون علمي ۽ عملي سرگرميون:
مير معصوم جي علمي خواه عملي سرگرمي ڪٿان ۽ ڪيئن
شروع ٿي، تنهن متعلق ڪابه صحيح معلومات فراهم نه
ٿي سگهي آهي، البت مختلف تاريخن جي بيانن جمع ڪرڻ
مان چئي سگهجي ٿو ته مير معصوم پنهنجي والد ماجد
جي شيخ الاسلاميءَ واري زماني ۾ سلطان محمود خان
بکريءَ جي دربار ۾ تقرب حاصل ڪيو هوندو ۽ جڏهن
سلطان محمود خان جي وفات کانپوءِ، (982هه) بکر جي
حڪومت ڦري شهنشاه اڪبر جي گورنرن حوالي ٿي، تڏهن
مير معصوم پڻ پنهنجي پيءُ جي سفارش سان، اڪبري
دربار ۾ ڪنهن چڱي عهدي تي پهتو هوندو.
”طبقات اڪبريءَ“ ۾ سندس نالو پهريائين پهريائين
اسان کي سن 984هه ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جڏهن هو مرزا
محمد مقيم، تيمور بدخشي وغيره جهڙن ٻين اميرن سان
گڏ آصف خان جي سرداريءَ هيٺ ايدر جي راجا کي شڪست
ڏيڻ ۾ شريڪ ٿيو آهي. هن کانپوءِ ”طبقات اڪبريءَ“ ۾
سندس نالو بار بار ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ جيستائين گجرات
مرزا عبدالرحيم خان خانان جي هٿان پوريءَ طرح فتح
ٿي، تيستائين هيءُ سڀني جنگين ۾ شريڪ رهيو ۽ ڏاي
بهادري ڏيکاريائين. ٿي سگهي ٿو ته مير معصوم
پهريان ٻه سال اڪبري دربار ۾ گذاري ڪافي اعتماد
پيدا ڪيو هج، جتان پوءِ کيس مدد طور گجرات موڪليو
ويو هجي.
بهرحال، مير معصوم گجرات ۾ علمي ۽ انتظامي شغل ۾
وڏو عرصو گذاري، سن 998هه ۾ اڪبر بادشاهه جي خدمت
۾ واپس موٽي اچي قسمين قسمين نوازشن ۽ انعامن سان
سرفراز ٿيو ۽ حضرت بادشاهه سندس حسن خدمتيءَ کان
خوش ٿي، درٻيلي، ڪاڪڙي ۽ چانڊوڪي پرڳڻا کيس جاگير
طور عطا ڪري، پنهنجي خاص پوستين سان ممتاز رمائي،
کيس رخصت ڏني، ته وڃي پنهنجي والده سان ملاقات ڪري
۽ واپس موٽي اچي خدمت ۾ حاضر ٿئي. انهيءَ روءِ هو
14 صرف سن 999هه ۾ بکر پهتو.
بکر پهچڻ کانپوءِ هن سنڌ جي ڏاکڻي ڀاڱي کي ”مرزا
جاني بيگ“ کان فتح ڪرڻ ۾، مرزا خان خانان سان گڏ
يا جداگانه جيڪي نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون، سي
تفصيلوار ”تاريخ معصومي“ ۾ مذڪور آهن.
سنڌ جي فتح ٿيڻ کانپوءِ، سن 1003هه تائين مير
معصوم جو ذڪر ڪٿي ڪونه ٿو اچي، ٿي سگهي ٿو ته سنڌ
جي فتح کانپوءِ هو بکر ۾ ئي رهجي پيو هجي، يا مرزا
خان خانان سان گڏ اڪبر جي حضور ۾ موٽي ويو هجي، ۽
ٿوري وقت لاءِ موڪل وٺي، انتظامي ڪمن کان فارغ ٿي،
اچي پنهنجي جاگير سڌاري هجيس، ۽ اهي عاليشان
عمارتون ٺهرايون هجن، جي اڄ تائين سندس يادگار
آهن.
مير معصوم پنهنجي ذاتي بهادريءَ، مردانگيءَ، فضيلت
خواهه لائق خدمتن جي ذريعي شاهي اعتبار ۽ اعتماد ۾
امتياز حاصل ڪري، سن 40 الاهي مطابق سن 1003هه
۾ ٻه سئو پنجاهيءَ جي رتبي سان سر بلند ٿيو
۽ سن 1004 کان سن 1007
تائين ٽن سالن جي عرصي لاءِ، اسان کي قنڌار ۾ ڏسڻ
۾ اچي ٿو، جتي بکر مان ماهر خوشنويس ۽ سنگتراش
گهرائي، بابر بادشاهه جي هال تي جيڪو ڪتبو لکيل
هو، تنهن تي وري ٻئي ڪتبي جو اضافو ڪيائين، جنهن ۾
همايون بادشاهه ۽ اڪبر بادشاهه جي نالن لکڻ سان
گڏ، انهيءَ وقت جيڪي ملڪ اڪبر بادشاهه جي هٿ هيٺ
هئا، تن سڀني جا نالا لکيائين ۽ تقريباً چار سال
اتي رهي اهو ڪتبو مڪمل ڪرايائين.
سن 1008هه ۾ هن ناگور ۾ هو، جتي سندس فرزند مير
بزرگ ساڻس ملاقات ڪئي. ساڳي ئي سال جڏهن اڪبر
بادشاهه ”اسير ڳڙهه“ جي فتح جو ارادو ڪيو، تڏهن هو
به شاهي لشڪر سان گڏ دکن ويو ۽ جتي جتي بادشاهه
منزل ٿي فرمائي، اتي يادگار طور پنهنجي هٿ سان
ڪتبا لکي، ماهر سنگتراشن کان تيار ڪرائي
لڳارائيندو ٿي ويو. لات مسجد، رياست ڌار ۾ سادلپور
۽ ڪالياديه جا ڪتبا دکن ڏانهن ڪاهڻ وقت سن 1008هه
۾ تيار ڪرايائين. ”اسير ڳڙهه جي فتح، جا سن 1009هه
رجب جي 22 تي ٿي هئي، تنهن جي اهميت کي واضح ڪرڻ ۽
8 شعبان تي اڪبر بادشاهه جي انهيءَ قلعي ۾ داخل
ٿيڻ متعلق، هڪ وڏو ڪتبو جامع مسجد جي هڪ پٿر جي
تنڀ تي اڪيريائين، جنهن ۾ تاريخ ”بگرفته کوه اسير“
جملي مان ڪڍي اٿس.
موٽندي پڻ اسير ڳڙهه جي فتح واري يادگار کي هميشه
لاءِ قائم رکڻ واسطي، مختلف جاين جهڙوڪ: مانڊو ۾
نيل ڪنٺه محل، انڊورا جي ويجهو مهيشور ۽ فتحپور
سڪريءَ ۾ شيخ سليم چشتيءَ جي وڏي دروازي
۽ ٻين جاين تي ڪيترا ڪتبا قائم ڪيائين.
دکن جي فتح کانپوءِ مير معصوم کي ايران جي سفارت
تي مقرر ڪيائين، جتي سندس دانائيءَ ۽ هوشياريءَ
سبب شاهه عباس صفويءَ مٿس ڏاڍيون مهربانيون ڪيون،
هو سن 1013هه ۾ ايران مان موٽي آيو.
مير معصوم جو احوال گهڻو ڪري شمس العلماءِ
ڊاڪٽر دائودپوٽي صاحب جي انهيءَ مضمون تان
ورتل آهي، جو ڊاڪٽر موصوف پنهنجي ايڊٽ ڪيل
تارخ معصوميءَ جي منڍ ۾ ڏنو آهي. ”مير معصوم
جا آثار“ وارو ٽڪرو سيد علي محمد راشديءَ جي
انهيءَ مضمون تان ورتل آهي، جو هن صاحب سال
1936ع ۾ شايع ٿيل الوحيد جي ”سنڌ آزاد نمبر“ ۾
”سکر ۽ روهڙيءَ جا آثار قديمه“ جي عنوان سان
شايع ڪرايو هو. ازانسواءِ ڪي مفيد معلومات
حصوصاً مير معصوم جا ڪي ڪتبا ۽ سندس ٻه
رباعيون اسان کي محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
کان مليا. لهذى مترجم انهن سڀني صاحب جو
ٿورائتو آهي.
|