ڀانڀرا (برهمڻ آباد)
هيءُ شهر، جو ڀانڀرا لکڻ ۾ ٿو اچي. سو شايد ٻانڀڻاءِ آهي. يني
ڀانڀڻن جو شهر يا برهمڻ آباد جو قديم نالو هوس. ڪن
جو چوڻ آهي ته اصل ان جو نالو بهمن آباد يا بهمنيه
هو نه بهمن آباد، جو بهمن بن اسفند يار جو ٻڌايل
هو ۽ عيسوي سن کان اٽڪل پنج سئو ورهيه اڳي هو. اهو
شهر سنڌو نديءَ يا هاڪڙي درياهه جي ڪنڌيءَ تي هو.
عربن جي ڏينهن ۾ انهيءَ قديم شهر جي جاءِ تي
منصوره شهر ٻڌايو ويو. جو ملتان کان به زياده آباد
۽ وڏو هو؛محمود غزنويءَ جي ڪاهن کان پوءِ اهو
منصوره شهر به گم ٿي ويو، ليڪن اڪثر چوڻ ۾ ائين ٿو
اچي ته جڏهن هندو راجائن جي ڏينهن ۾ الور گاديءَ
جو هنڌ هو، تڏهن برهمن آباد وڏو وسندڙ ۽ قلعي وارو
شهر هو. جو عربن جي هٿ ۾ اچڻ کان پوءِ ويران ٿي
ويو. جڏهين دلوراءَ الور جي ناس ٿيڻ کان پوءِ لڏي
اچي برهمن آباد ۾ ويٺو، تڏهن سندس ڀآءٌ ڇٽو امراني
مسلمان ٿي ڀآءٌ کان ڌار ٿيو ۽ شهر ڇڏي نڪري ويو ۽
قرآن شريف جو حافظ ٿيو ۽ اسلام جي عقيدن مان خوب
واقف ٿيو. جڏهين موٽي وري وطن آيو. تڏهين سندس
عزيزن شادي ڪرڻ لاءِ زور ڪيس، پر هن اها ڳالهه نٿي
مڃي. ڪنهن ٽوڪ ڪري چيس ته هي ترڪ شايد عرب وڃي
ڪنهن وڏي عرب سردار جي ڌيءَ سان شادي ڪندو. انهيءَ
سال اتفاق سان هن حج ڪرڻ جو ارادو ڪيو. اتي وڃڻ
کان پوءِ هڪڙي ڏينهن هڪڙيءَ زال کي دڪان تي ويٺي
قرآن شريف پڙهندو ڏٺائين. هن جو پڙهڻ ٻڌي هو بيهي
رهيو. زال پڇيس ته ڇو بيٺو آهين؟ هن چيو ته قرآن
شريف ٻڌڻ لاءِ بيٺو آهيان. جي ڀلائي ڪري مون کي
اها قرات سيکارين ته آءٌ تنهن جو غلام ٿي رهندس.
زال چيس ته منهن جي استاد فلاڻي عرب جي ڌيءَ آهي.
جا ڏاڍو چڱو ٿي پڙهي؛ جي تون ڪپڙا بدلائي زنانو
ويس ڪري هلين ته اتي هن جو پڙهڻ ٻڌي حيران ٿي
ويندين. هن ائين ڪيو. انهيءَ کان پوءِ هو انهيءَ
زال وٽ پڙهڻ لڳو. اها زال نجوم جي علم مان واقف
هئي. ٻيون زالون هن کان پڇڻ اينديون هيون ته سندن
ڌين جي شادي ڪڏهين ۽ ڪنهن سان ٿيندي. اهو حال ڏسي
ڇٽي امرانيءَ هن کان پڇيو ته ٻين جا ڏس پيئي ڏين.
پنهنجي قسمت ۽ شاديءَ جي توکي خبر ڪانه ٿي پوي ڇا؟
هن ورندي ڏني ته ڇو نٿي پوي. منهنجي شادي سنڌ ملڪ
جي هڪڙي سکر ماڻهوءَ سان ٿيندي ۽ تمام جلد ٿيندي.
هن پڇيس ته اهو شخص ڪير آهي ۽ هاڻي ڪٿي آهي؟ زال
نجوم جو حساب ڪري چيس ته اهو شخص تون آهين. انهيءَ
کان پوءِ جڏهين هن جي ٺڳي ظاهر ٿي، تڏهن زال هن کي
چيو ته هاڻ تون وڃ ۽ مون وٽ نه اچ ۽ هي ڪپڙا به
بدلائي ڇڏ ته متان ڳالهه ظاهر ٿئي. تون ظاهري طرح
اچي منهنجن مائٽن کان منهنجي ٻانهن گهر. هن ائين
ڪيو ۽ سگهوئي انهيءَ سان شادي ڪيائين. ڪن ڏينهن
کان پوءِ هو پنهنجي زال کي وٺي پنهنجي وطن آيو.
انهيءَ زال جو نالو فاطمه هو. جڏهين پنهنجي شهر ۾
آيا، تڏهين دلوراءَ پنهنجي خراب دستور موجب جيڪو
نئين شادي ڪندو هو. تنهن کي زور زبردستيءَ سان پاڻ
وٽ آڻيندو هو. ڇٽو پنهنجي انهيءَ ڀآءٌ کي اهڙن
خراب ڪمن کان هميشه پيو روڪيندو هو. پر هو رهندو
نه هو. آخر هڪڙي ڏينهن جڏهين ڇٽو ٻاهر ويو، تڏهين
هو انهيءَ جي گهر ۾ آيو. ڇٽي کي انهيءَ حال جي خبر
پئجي ويئي. زالس کان معلوم ٿيو ته اهو شهر ٽن
ڏينهن جي اندر ناس ٿيڻو آهي. سو هو لڏي ويا ۽ ٻين
ماڻهن کي به ٻڌايائون. جن هنن جي ڳالهه تي اعتبار
ڪيو. سي نڪري ويا؛ جيڪي رهيا. سي ڳوٺ سان گڏ ناس
ٿي ويا. انهيءَ ڦٽل شهر جا دڙا اڃا تائين بيٺا
آهن. انهيءَ کي دلاريءَ جو ڦٽل شهر چوندا آهن.
شهدادپور کان اٺ ميل آهي ۽ پنجن ميلن تي ڏيپور جو
ڦٽل شهر آهي، جتي راجا جو وزير رهندو هو.
شال
هيءُ مشهور ڳوٺ آهي. انهيءَ ۾ به بزرگ هئا. جن مان مکيه شيخ
اسماعيل قريشي هو. جو شيخ بهاوالدين ملتانيءَ جي
اولاد مان هو. ڪامل اولياءَ ٿي گذريو. پٺي جي ڳوٺ
۾ سيد قادر ڏنو شاهه هو. جو اسحاق فقير سڪريه جي
مريدن مان هو. اهو وڏي ڪرامت وارو هو. ميان غلام
شاهه ڪلهوڙو سندس معتقد هو. دٻي جي ڳوٺ ۾ سيد فتو
وقت جو اولياءُ هو ۽ سميجن جي ڳوٺ ۾ اسحاق فقير
سڪريه مشهور هو ۽ وڏي درگاهه وارو ٿيو. سندس پٽ
ميان ڏاتر ڏنو به نالي وارو ٿيو. ميان ڇٽو به وڏي
درگاهه وارو هو.
عمرڪوٽ (امرڪوٽ)
هيءُ ٿرپارڪر جي پرڳڻي جو وڏو شهر هو. انهيءَ ۾ هڪڙو جهونو قلعو
هو. عمر سومري جو ٻڌل هو. تيرهين انگريزي صديءَ ۾
سومرن کان هڪڙي راجپوت پارمر سوڍي نالي کسي ورتو ۽
سون ورهين تائين سوڍن ٿر تي حڪم هلايو. همايون
بادشاهه به شير شاهه واري تفرقي ۾ اتي آيو ۽ اڪبر
بادشاهه اتي ڄائو. ڪلهوڙن مان ميان نور محمد
عمرڪوٽ ورتو ۽ پوئين ڪلهوڙي حاڪم اهو وڪڻي جوڌپور
جي راجا کي ڏنو. جنهن کان ٽالپرن ورتو.
ميرپورخاص
هيءُ ڪو گهڻو جهونو شهر ناهي. سنه 1806ع ۾ مير علي مراد خان
ٽالپر ماڻڪاڻي ٻڌو ۽ اڃا انهيءَ جو اولاد اتي ٿو
رهي. مير شير محمد خان جنهن دٻي وٽ انگريزن سان
جنگ ڪئي، سو به انهن مان هو ۽ اتي جو ويٺل هو،
سندس ڪوٽ هاڻي ڊهي ويو آهي. شهر کان اڌ ميل پنڌ تي
ٻڌن جو قديم ڦٽل مندر آهي. جنهن کي ڪاهو جو دڙو
چوندا آهن، ڇهين عيسوي صديءَ جو جڙيل ٿو ڏسجي.
پٿورو
هتي ميگهواڙن جو هڪڙو وڏو پير آهي. جنهن کي پير پٿورو ٿا چون.
انهيءَ جي قبر تي هر سال وڏو ميڙو لڳندو آهي، جو
چار ڏينهن هلندو آهي. بڊي واري مهيني ۾ لڳندو آهي.
نگر پارڪر
هيءُ شهر هڪڙي ٽڪريءَ جي ويجهو آهي. جنهن کي ڪارونجهر چوندا
آهن. اتي مهاديو جو مندر آهي ۽ تيرٿ جي جاءِ کي
سرڌار چوندا آهن، هتي هر سال شو جو ميلو لڳندو
آهي. انهيءَ جي ويجهو هڪڙو قلعو هوندو هو. جو چندن
پٽ گوبد راءِ جي جوڙايو هو ۽ جو سنه 1859ع ۾
انگريز سرڪار سوڍن جي فساد ڪري ڊهرايو هو. سرڌار
جي ڏکڻ ڏي هڪڙي پهڻ جي ڳئون آهي، جنهن ٿڻن مان
پاڻي وهي هڪڙي حوض ۾ ٿو اچي. ٻي هڪڙي تيرٿ جي
جاءِ آهي. جنهن کي انچلي سر ٿا چون. جتي مهاديو جو
لُنگ آهي.
نگر پارڪر کان ستن اٺن ڪوهن تي قديم شهر پاري نگر جو هو. جو
پنجين ڇهين عيسوي صديءَ جو ٻڌل چوڻ ۾ ٿو اچي، اهو
هينئر ڦٽو پيو آهي. جين ماڻهن جا اتي مندر آهن،
انهيءَ هنڌ کي ويرا واهه ٿا چون. انهيءَ کان ست اٺ
ڪوهه اتر الهندي ڏي گوري آهي، جتي هڪڙو قديم مندر
هوندو هو. چون ٿا ته اٽڪل پنج سئو ورهيه ٿيندا ته
پاري نگر جو هڪڙو ماڻهو منگهواو سوال پٽن ڏي ڪو
مال خريد ڪرڻ ويو. اتي غيبي خبر مليس ته هڪڙي مورت
ڪنهن مسلمان جي گهر ۾ پوريل آهي. هن ڪنهن تجويز
سان اها وڃي ڪڍي ۽ گاڏي تي کڻائي اٿي هليو. جتي
اها گاڏي ڀڄي پيئي. اتي هن کي غيب مان خبر ملي ته
اها مورت اتي زمين ۾ گهڙي ويئي. اتي هن کڻي مندر
بنايو. ڪي چون ٿا ته اهو پارسناٿ جو مندر آهي ۽
پارسناٿ جي مورت اهو ماڻهو ڪٿان خريد ڪري آيو هو.
اها ڳالهه سنه 1376ع ۾ ٿي. انهيءَ مورت يا بت کي
هڪڙو وڏو هيرو ڀر تي ۽ ٻه ڇاتيءَ تي هئا. ڪن سون
ورهين کان پوءِ اها مورت کڻائي ويرا واهه ۾ آيا.
جت زمين ۾ لڪائي ڇڏيائون. جين ڌرم جا ماڻهو اتي
تيرٿ لاءِ ايندا آهن. انهن کانسواءِ ٿرپارڪر ۾
ڪيترائي جهونا ڪوٽ ۽ قبا ۽ قبرون آهن، اهي ڪوٽ
اڪثر ڪري ميرن ٽالپرن جا جوڙايل آهن. جيئن ته مٺي
۽ اسلام ڪوٽ ۽ ڇاڇري جا ڪوٽ، نئين ڪوٽ ۾ ته مير
علي مراد ميرپور واري جو ڪوٽ جڙيل آهي. رڻ جي
ڪناري سان به ڪيترائي جهونا ڦٽل ڳوٺ آهن. رحمڪي
بازار ۾ اهڙا جهونا نشان ۽ قبا ۽ قبرون ۽ مسجدون
گهڻيون آهن.
دولتپور: هيءُ ڳوٺ سيوهڻ جي آمهون سامهون درياهه تي آهي. انهيءَ
کان اوڀر ڏي ٿوري پنڌ تي ميان نور محمد ڪلهوڙي جو
قبو آهي. هي ڳوٺ هاڻي سڪرنڊ تعلقي ۾ آهي. جڏهين
ميان نور محمد، احمد شاهه ابداليءَ کان ڀڄي
جيسلمير ويو ۽ اتي مري ويو، تڏهين اهو سندس قبو نه
هوندو، جو سندس پٽ محمد مرادياب خان جوڙايو.
خدا آباد: هيءُ ڳوٺ هاڻي هالن جي تعلقي ۾ آهي. اصل ڪلهوڙن جو
ٻڌل آهي. مير فتح علي خان. جنهن ڪلهوڙن کان سنڌ
ورتي. سو اتي رهندو هو. هن جو قبو به اتي آهي. خدا
آباد جو دادو تعلقي ۾ آهي، اهو به اصل ڪلهوڙن جو
هو. انهيءَ جي ڦٽڻ کان پوءِ هتي اچي رهيا.
شهدادپور: هيءُ مير شهداد جو ٻڌايل شهر آهي. وڏي مير شهداد ۽
ٻين سندن وڏن جا قبا شاهپور کي ويجها آهن. جنهن
هنڌ کي قبا شهداد چوندا آهن. سهڻي ۽ ميهار جون
قبرون هتي ڏيکارڻ ۾ اينديون آهن پر انهن جون قبرون
سنڌ ۽ پنجاب جي ٻين هنڌن تي به ڏسڻ ۾ اينديون آهن.
سدارن جو ٺهه: هيءُ گوني تعلقي ۾ گنجي ٽڪر جي ڇيڙي وٽ آهي. اهو
قديم ٺلهه 16 فوٽ مٿي آهي. اهو سدارن جوڙايو هو،
جو راجا رام جو پٽ هو. جنهن تي سندس ماٽيجي مآءٌ
بدنظر ڪئي ۽ انهيءَ ڪري پڻس مٿس ڪاوڙيو ۽ هو ڀڳو ۽
زمين ڳيهي ويس. جڏهين پڻس کي حقيقت معلوم ٿي.
تڏهين پشيمان ٿيو ۽ ڏک کان مري ويو ۽ اتي دفن ڪيو
ويو.
ٽنڊو الهيار: گهڻو جهونو شهر ناهي، مير الهيار خان ولد مير فتح
علي خان ٻڌو. رامديو جو هڪڙو مندر به اتي آهي، جتي
هندن جو ميڙو لڳندو آهي.
ٽنڊو فضل: هي ڳوٺ فضل محمد خان ٽالپر جو ٻڌل آهي. جنهن کي مير
غلام علي خان جاگير ڏني هئي. اتي هڪڙي ڦٽل جهوني
ماڙي آهي، جا اڳوڻي ڳوٺ هنگوراڻيءَ جي نشاني آهي،
جتي سيد رهندا هئا ۽ جو ڳوٺ به سنڌ جي ٻين ڪيترن
ڳوٺن وانگي مدد خان پٺاڻ جو ڦٽايل آهي.
ٽنڊو محمد خان: گوني تعلقي ۾ مير محمد خان شاهنواڻيءَ جو ٻڌل
آهي. مير فتح علي خان جي حڪومت ۾. اتي وڏي جاگير
آهي، جا انهيءَ مير جي اولاد ۾ هلي اچي.
ٽنڊو باگو: تلهار کان ڇهن ڪوهن تي آهي. قريب ٻه سئو ورهين
ٿيندا. جو باگي خان ٽالپر اهو ڳوٺ ٻڌو. جنهن جو
اولاد اڃا رهندو اچي.
نوشهرو: هي شهر ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ فيروز ويرار
سندس حڪم سان ساهتي پرڳڻو هٿ ڪيو ۽ هڪڙو وڏو شهر
اتي ٻڌائين. جنهن جو نالو نوشهرو رکيائين. هن جي
نالي پٺيان انهيءَ کي نوشهرفيروز ٿا سڏين. اهو شهر
نون ڀاڱن ۾ هو، جنهن ۾ جدا جدا قوم جا ماڻهو
ويهاريا ويا هئا. انهيءَ ڪري نوشهرو نالو مليس.
ٽنڊو آدم: هيءُ شهر آدم خان مريءَ جو ٻڌايل آهي.
مورو: هيءُ شهر ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ فريد ڀڳت
ٻڌايو، جو پهرين موري جو مڪان ميان جي حڪم سان هٿ
ڪيائين. ڪن جو چوڻ آهي ته اهو شهر بذير فقير جو
ٻڌايل آهي. جو ذات جو مورو هو ۽ جنهن کي اٽڪل ٽي
سئو ورهيه ٿيندا.
متفرقه ۽ مجمل احوال
هن پرڳڻي ۾ سيدن جا گهڻا خاندان آهن. حسني سيدن مان بدين جا پير
آهن. جي سني آهن. شهاب الدين شاهه جيلانيءَ جي
اولاد مان آهن. جو بغداد مان سترهين عيسوي صديءَ
۾ ٺٽي ۾ آيو ۽ پوءِ اتان بدين ۾ اچي رهيو. اتي
ربيع الاخر مهيني جي 12 تاريخ ميڙو لڳندو آهي.
نصرپور جا ڪي سيد انهيءَ خاندان سان ڳنڍيل آهن.
حسيني سيد هي آهن: هڪڙا متعلوي سيد. يعني مٽيارين
وارا، جي حيدر شاهه جو اولاد آهن، جو چوڏهين عيسوي
صديءَ ۾ ملتان مان تيمور بادشاهه سان سنڌ ۾ آيو.
اهي سيد شاهه جي ڀٽ. اجن شاهه. ڀاڻوٺ. خاڻوٺ.
کيبر. حاجي پور، ٽکڙ، بلڙي، ڍنڍي ۽ سعيدپور ۾
پکڙيل آهن. اهي به سڀ سني آهن. ٻيا رضوي سيد. جي
مير محمد مڪيءَ جو اولاد آهن. جو تيرهين عيسوي
صديءَ ۾ ايران مان اچي بکر ۾ رهيو ۽ پوءِ روهڙي ۾
وڃي ويٺو. اهي نصرپور ۽ ٽنڊي الهيار ۽ نواب شاهه
ضلعي ۾ آهن. اهي اصل شيعا آهن، پر منجهانئن گهڻا
پوءِ سني ٿيا. ٽيان انجوي شيرازي سيد آهن. جي سيد
محمد جو اولاد آهن. جو چوڏهين عيسوي صديءَ ۾ ايران
مان اچي ٺٽي ۾ رهيو، جڏهين ڄام صلاح الدين جي
حڪومت هئي. انهن مان ڪي ٿورا بدين ۾ آهن. جي سني
آهن. انهن جو وڌيڪ ذڪر ٺٽي ۾ ڪيو ويندو. بدين جا
پير به انهن منجهان آهن. چوٿان شمسي سبزواري سيد.
جي اسماعيل بن امام جعفر صادق جو اولاد آهن. اهي
شيعا آهن ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ ٿا لڀن. پنجان بخاري
سيد. جي مخدوم شير شاهه جو اولاد آهن. جو سورهين
صديءَ ۾ سنڌ ۾ آيو. انهن مان ڪي جهانيان پوٽا ۽ ڪي
وهڻائي ۽ ڪي معشوق پوٽا آهن. جهانيان پوٽا
حيدرآباد ۾ ٿا رهن۽ اهي شيعا آهن. وهڻائي سيد. جي
وهڻائي ۾ ٿا رهن يعني ٽنڊي باگي ۾ . سي سني آهن.
معشوق پوٽا مهتاب علي شاهه جي ڳوٺ ۾ ٿا رهن. يعني
بدين ۾. اهي شيعا آهن.
انهن کان سواءِ آغائي سيد آهن. جي آغا اسماعيل شاهه جو اولاد
آهن. ۽ حيدرآباد جي ٽنڊي آغا اسماعيل شاهه جي ۾ ٿا
رهن. اهي ڪلهوڙن جي صاحبيءَ ۾ ايران کان آيا ۽
شيعا آهن.
سيدن کان پوءِ هن پرڳڻي ۾ ٽالپرن ميرن جي علحدن شاخن جا خاندان
آهن. انهن مان ڪي شهداداڻي ميرحيدرآباد ۾ ٿا رهن.
جي پينشنر آهن ۽ ڪي جاگيردار به آهن، جي غلام حسين
جي ٽنڊي ۽ ٽنڊي باگي ۽ بدين ۽ هالن تعلقن ۾ ۽
لاڙڪاڻي ۽ نوابشاهه ضلعن ۾ آهن. ٻيا شاهواڻي مير،
جي پڻ جاگيردار آهن ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ ۽ ڪن ٻين
تعلقن ۾ به آهن، ٽيان خاناڻي مير. جي ٽنڊي ڄام ۾ ۽
ٻين هنڌن تي آهن ۽ جاگيردار آهن. چوٿان ماڻڪاڻي
مير، جي ٽنڊي غلام علي ۽ ٽنڊي باگي ۾ ٿا رهن.
انهن کان سواءِ ڪي مغل به هن پرڳڻي ۾ گهڻن هنڌن تي ٿا رهن ۽ ڪي
گرجي آهن. جي حيدرآباد جي ويجهو ٿا رهن ۽ اصل
گرجستان مان آيا ۽ ٽالپرن جي ڏينهن ۾ سنڌ ۾ آيا،
انهن سڀني جو مفصل احوال سنڌ جي تاريخ پڙهڻ مان
معلوم ٿيندو.
ٿرپارڪر پاسي وري راجپوت ۽ سوڍا گهڻا آهن. جي پاڻ کي راڻا ۽ ٺڪر
ٿاسڏائين. اهي زميندار ۽ جاگيردار آهن، ڊيڍ، ڀيل ۽
ڪولهي ۽ ڪراڙ به گهڻا آهن. انهيءَ پاسي مسلمان به
گهڻا آهن.
|