سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: قديم سنڌ

ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو

باب؛ 3

صفحو ؛ 6

 

باب ٽيون

نيرون ڪوٽ. برهمڻ آباد، دربيلو، بدين ۽ آسپاس جو ملڪ

(هاڻوڪا نواب شاهه ۽ حيدرآباد جا ضلعا ۽ رياست خيرپور ۽ ٿرپارڪر ضلعي جو ڀاڱو)

هالاڻي، ڀيلاڻي ۽ ڊڀرو

هالاڻي جهونو شهر آهي. منجهس شيخ طائي ۽ شيخ ڪبير جا قبا آهن. جي وڏا بزرگ ٿي گذريا آهن. انهيءَ شهر ۾ ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي به جنگ لڳي هئي. جنهن ۾ مير فتح علي خان جنگ کٽي ۽ انهيءَ کان پوءِ ٽالپرن جي حڪومت شروع ٿي. ڀيلاڻيءَ ۾ وري پير ولهي جو قبو آهي ۽ ميان عبدالله ڪامل فقير جو به ڊڀري ۾ مخدوم عثمان جي درگاهه آهي. انهيءَ کي حضرت پيغمبر صلعم جو خاص قاضي ڪري  سڏيندا آهن.

درٻيلو

هي قديم شهر آهي. اتي جي عالمن ۽ بزرگن مان ڪي هيٺ ڏجن ٿا:

قاضي ابراهيم ۽ سندس پٽ قاضي عبدالله پوئين مخدوم عبدالعزيز ابهريءَ وٽ تحصيل ڪئي. جنهن جو ذڪر مٿي ڪاهان ۾ آيو اهي. مرزا شاهه بيگ جي فتح کان پوءِ هي اتان لڏي باغبان ۾ آيو ۽ سنه 934 هجريءَ ۾ گجرات مان ٿيندو. مديني ڏي ويو ۽ اتي وڃي رهي پيو  ۽ وفات به اتي ڪيائين. انهيءَ جو پٽ شيخ رحمت الله به وڏو عالم هو ۽ حج جي رسمن بابت ٽي ڪتاب لکيائين ۽ انهيءَ جو ننڍو ڀاءُ قاضي عبدالله به حديث ۽ تفسير جي علم ۾ قابل هو. خان اعظم سان گڏ مڪي ويو.

 مولانا سعد به وڏو عالم ٿي گذريو. سندس پٽ شيخ عبدالله سنه 947 هجريءَ ۾ گجرات ۾ ويو ۽ قاضي عبدالله مٿئين ذڪر ڪيل سان گڏجي حرمين ڏي ويو ۽ باقي عمر اتي گذاريائين. انهيءَ به گهڻا ڪتاب لکيا.

عبداللطيف طالب علم به مشهور ٿي گذريو. شرح مُلا جي حاشي لکيائين ۽ ٻيا به ڪي ڪتاب علم ڪلام جي بحث ۾ لکيائين.

هاله ڪنڊي

هالن جو شهر مشهور قديم شهر آهي. پراڻا هالا. جنهن جو نالو مرتضيٰ آباد هو، سو مخدوم مير محمد جو ٻڌايل هو. درياهه جي پائڻ ڪري پوءِ نئون شهر آڻي ٻڌائون. ڪوه کن پنڌ تي. منجهس گهڻا بزرگ ٿي گذريا آهن؛

مخدوم اسحاق ڀٽي- شيخ بهاوالدين زڪريا ملتانيءَ جي مريدن مان هو ۽ ڪرامت وارو اولياءُ هو. سندس ٻه پٽ مخدوم احمد ۽ مخدوم محمد به وڏا ناليرا اولياءَ ٿي گذريا. جي مخدوم عبدالرشيد جا شاگرد هئا. هميشه خلوت نشين هوندا هئا ۽ ڪڏهين ذڪر ۽ سماع به ڪندا هئا ۽ حال به ايندو هون. مخدوم احمد جي ڪرامتن جون گهڻيون ڳالهيون مشهور آهن. ڪنهن ماڻهوءَ وٽ وڃي مهمان ٿيو. انهيءَ جو پٽ اتفاق سان مري پيو هو. مخدوم چوڻ لڳو ته انهيءَ کان سواءِ آءٌ ماني نه کائيندس. وڃي منهنجو پيغام ڏيئي وٺي اچوس. وڃي مئل کي چيائون ته مخدوم ٿو سڏيئي. هو جيئرو ٿي پيو ۽ اچي مخدوم سان گڏ کاڌائين. پڇاڙيءَ جي ڏينهن ۾ هي مخدوم نيرون ڪوٽ يعني حيدرآباد ڏي ويو. اتي ڪنهن سوناري ڇوڪر ڪو بيت پئي ڳايو ۽ مٺي آواز سان سماع پي ڪيائين. سو ٻڌي هن کي حال اچي ويو ۽ دم ڏنائين. سندس لاش هالن ۾ آڻي دفن ڪيائون. اهو واقعو سنه 936 هجريءَ ۾ ٿيو. سندس پٽ مخدوم فتح الله سندس جاءِ تي ويٺو. وري انهيءَ جو پٽ مخدوم احمد وڏيءَ عمر وارو ٿيو ۽ ٽي پٽ ڇڏيائين؛ حسين. ابراهيم ۽ عبدالرئوف مخدوم محمد به ڀاءُ جهڙيو ڪرامتون ڪندو هو ۽ جھام نظام الدين جي وقت ۾ ٺٽي ۾ آيو. جو سندس گهڻو معتقد ٿيو. درويش زڪريا مخدوم اسحاق جو ڀائٽيو به مشهور سالڪ ٿي گذريو ۽ درويش رڪن بهرا مخدم احمد جي خادمن مان هو.

مخدوم ابراهيم ولد عمر ڪامل مرد هو ۽ ماڻهن کي ارشاد ڪندو هو. سند س پٽ  مخدوم فتح الله ۽ انهيءَکان پوءِ انهيءَجو پٽ مخدوم عبدالحميد انهيءَ جو مسند جو جانشين ٿيو. مخدوم ابراهيم جو ڀاءُ مخدوم عبدالرئوف ڪامل ۽ عارف ۽ ڪرامت وارو ٿي گذريو. ميان نور محمد اڪثر سندس خدمت ۾ حاضر رهندو هو. سنه 1166 هجريءَ ۾ وفات ڪيائين. جا تاريخ هيٺين عربي جملي مان ئي نڪري؛ کان وليا رئوف الخلق. انهيءَ کي اولاد ڪو نه هو کانئس پوءِ مخدوم نعمت الله ولد مخدوم عبدالحميد  مسند تي ويٺو. سندس ڀآءٌ حاجي دين محمد به اهل الله مان هو.

 مخدوم عربي ديانه. جنهن جو ذڪر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي احوال ۾ اسان آندو آهي سو پير آسات جو ڀآءٌ هو. جو مڪليءَ تي رکيل آهي. هن مخدوم هڪڙي  دفعي هڪڙي ئي هنڌ هڪ سئو چاليهه قرآن جا ختما ڪيا. چون ٿا ته جڏهين هو قرآن پڙهندو هو. تڏهين پکي اڏامندا  بيهي ويندا هئا ۽ وهندڙ پاڻيء به بيهي ويندو هو. هڪڙي ڀيري سندس پٽ بايزيد حج ڏي ٿي ويو. سمنڊ ۾ سندس جهاز ٻڏڻ لڳو، تنهن کي ڪشف سان ڏسي هٿ ڊگهو ڪري بچايائين ۽ انهيءَ وقت حاضر ماڻهن سندس هٿ مان سمنڊ جو کارو پاڻي به ٽمندو ڏٺو. سنه 980 هه ۾ وفات ڪيائين. هالن ۾ دفن ٿيل آهي. سندس پٽ مخدوم بايزيد سندس لائق جانشين ٿيو ۽ انهيءَ جو پٽ وري محمد عالم ٿيو، جو شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو وڃي مريد ٿيو.

 مخدوم نوح ولد نعمت الله صديقي- وڏو اوليآءٌ ٿي گذريو. ستن ڏينهن جو ڄاول هو ته نماز جي ٻانگ ٻڌي. چٽيءَ طرح ڪلمو پڙهي ويو. پاڻ چوندو هو ته چوڏهن ورهين جي عمر ۾ جناب مولا عليءَ کان اهو سڀ فيض حاصل ڪيم. ارڙهن ورهين جي عمر ۾ مخدوم عربي ديانه سان گڏ ويٺو هو ۽ مراقبي ۾ هو. مخدوم عربي قرآن ويٺي پڙهيو. جڏهين اٺاويهين سيپاري تي آيو تڏهين سندس جسم اتي ويٺي قرآن ٻڌو ۽ سندس روح آسمان جي سير تي هليو ويو. اڃا مخدوم عربي قرآن پورو مس ڪيو ته مخدوم نوح موٽي آيو. پاڻ چوندو هو ته مون حضرت صلعم جن جي ڪچهري ڏٺي آهي ۽ حضرت عيسيٰ عليه السلام کان ۽ حضرت عليءَ کان سبق پڙهيو آهي ۽ حضرت ابابڪر منهنجي ٻانهن وٺي حضرت جن کي ڏني ۽ منهنجي پارت ڪري چيائين ته يا رسول الله. هي منهنجي اولاد مان  آهي. هڪڙي ڀيري مخدوم ٺٽي ۾ آيو. اتي جي عالمن ٻڌو هو ته هو پڙهيل ڪين آهي. ليڪن قرآن جي آيتن جي معنيٰ چڱي ٿو ڪري، سو سندس ڏسڻ لاءِ ويا. مخدوم هڪڙيءَ آيت جو تفسير پئي ڪيو. هڪڙي شخص تسبيح تي آيت جون معنائون ۽ سمجهاڻيون، جي مخدوم ٿي ڏنيون. سي پئي ڳڻيون. جڏهن بس ڪيائين. تڏهين ڳڻي ڏٺائين ته اسي معنائون انهيءَ هڪڙيءَ آيت جون ڏنيون اٿس؛ سندس گهڻيون ٻيون مشهور ڪرامتون مشهور آهن. سندس وفات خميس جي ڏينهن تاريخ 27 ذوالقعد سنه 998 هه ۾ ٿي ۽ سندس قبو هالن ۾ آهي. سندس پٽ مخدوم جلال ۽ ميان ابراهي هئا. جي پڻ خدا جا ٻانها هئا، پوءِ ميان محمد زمان سجاده نشين ٿيو. مخدوم نوح جي صحبت مان گهڻن فيض حاصل ڪيو. انهن مان هڪڙو فقير قاسم هو. جو اصل ڪوري هو، پر پوءِ وڏو بزرگ ٿي پيو. شاهه ديوانه به اتي جو مشهور اولياءَ هو ۽ مرڻ کان پوءِ مخدوم عربيءَ جي ڀر ۾ دفن ٿيو. مخدوم نوح جي اصلوڪي قبر درياهه ٻه ڀيرا پائي ويو هو. هيءَ ٽين آهي. جا سنه 1205 هه ۾ جڙي. جا پير محمد زمان شروع ڪئي ۽ مير فتح علي خان پوري ڪرائي. مخدوم مير محمد. جنهن پراڻن هالن جو شهر ٻڌو هو. تنهن جي به قبر اتي آهي ۽ مٿس سنه 1200 هه لکيل آهي. اها قبر ۽ مسجد ٻئي مير ڪرم علي خان ٺهرايون سنه 1222 هه ۾.

مخدوم صدرالدين راهوتي جانيه جي ڳوٺ وارو هميشه وعظ ڪندو هو. جو ماڻهن تي گهڻو اثر ڪندو هو. برقعي واري ٽوپيءَ کان سواءِ ٻيو ڪي به نه ڍڪيندو هو. وڏو ڪامل انسان هو. سندس پٽ مخدوم مراد به جهڙس ڪامل ۽ فاضل هو قاضي منور انهيءَ جي اولاد مان هو. هڪڙي ڏينهن اهو عمدا ڪپڙا ڍڪيو پئي ويو. سيد عبداللطيف بلڙيءَ واري کيس ڏسي چيو ته تنهنجو ڏاڏو ته برقعي واري ٽوپي ڍڪيندو هو؛ تون اهڙا ڪپڙا ڍڪڻ ڪنهن کان سکئين؟ انهيءَ چوڻ هن تي اهڙو اثر ڪيو. جو انهيءَ ڏينهن کان پوءِ هو درويش ٿي پيو.

ڀاڻوٽ

هن ڳوٺ ۾ درويش حسن مقري رهندو هو. جو اصل واڍو هو. پوءِ وڏي درجي کي وڃي رسيو. چون ٿا ته وضو ڪرڻ مهل بيهوش ٿي ويندو هو. هڪڙي ڏينهن هن جو هڪڙو عزيز واڍو کيس ڏسڻ  لاءِ آيو. ڏسي ته وضوءَ واري ڪوٺيءَ ۾ هو پيو آهي، ڊپ کان ٻاهر نڪري آيو. هڪڙي ڏينهن اڳيئن جي وقت هن ڪئونرو کڻي وضو ٿي ڪيو. پاڻي هٿ تي وڌائين ته مُلي ٻانگ ڏني ته فقير بيهوش ٿي ويو. انهيءَ وقت کان وٺي  ٻئي ڏينهن جي اڳيئن تائين انهيءَ حال ۾ بيهوش پيو هو. ڪنهن کي طاقت نه ٿي ته هن کي هوش ۾ آڻي. جڏهين وري ملي ٻانگ ڏني. تڏهين پاڻيهي هوش ۾ آيو. چوڻ لڳو ته اڃا مُلي ٻانگ پوري نه ڪئي آهي. اهو سارو ڏينهن ۽ رات هن کي هڪ لحظو نظر آيو. هڪڙي ڀيري مخدوم مراد ولد مخدوم صدرالدين راهوبي سندس ڏسڻ لاءِ آيو ۽ چڙهيءَ جو ڏاند ٻاهر ٻڌي اندر وٽس ويو. خادمن ٻڌايس ته فقير کي اندر وضوءَ واري ڪوٺيءَ ۾ وئي ست ڏينهن لنگهي ويا آهن ته ٻاهر نه نڪتو آهي. مخدوم اڃا حيرانيءَ ۾ بيٺو هو ته فقير ٻاهر آيو. مخدوم چيس ته هي ڇا! هي هفتو سڄو نماز جا فرض هٿان وڃايئي. فقير چيس ته تون وڃي پنهنجي ڍڳي جي ڪر. جنهن کي ٻاهر ٻڌي آيو آهين. اتفاق سان ڏاند ٽهي ڀڄي ويو هو. گهڻيءَ ڳولا کان پوءِ هٿ آيس.

خانوٽ

خانوٽ کي کانوٽ چوندا آهن. مشهور ڳوٺ آهي. متعلوي سيد انهيءَ ۾ ويٺل هئا. انهن مان سيد چانڊو شاهه حال وارو هو ۽ نهال شاهه مداريءَ جي معتقدن جانشينن مان هو. نهال شاهه گنجي ٽڪر تي دفن ٿيل آهي.

ڀِٽ

هيءُ ڳوٺ هالن کان ٽن ڪوهن تي آهي. واريءَ جي دڙن ڪري اهو نالو پيو اٿس. منجهس شاهه عبداللطيف ولد سيد حبيب شاهه جو قبو آهي، جو سيد عبدالڪريم بلڙيءَ واري اولاد مان هو. سيد حبيب شاهه خدا جو مرد هو. انهيءَ جي وفات جي تاريخ آهي: الموت جسر يوصل الحبيب الي لقاءِ الحبيب. شاهه عبداللطيف کي تارڪ سڏيندا هئا جو هن دنيا کي ترڪ ڪيو هو. اگرچ اڻ پڙهيل هو ته به خدا تعاليٰ حقيقي علم هن جي سيني تي لکي ڇڏيو هو. جنهن ڏينهن وفات ڪيائين. انهيءَ ڏينهن سندس ڏک کان گهڻا مزيد مري ويا. جڏهين سندس قبو جڙيو، تڏهين جيسلمير جي راجا نوبت نذرانو ڪري ڏني. سندس وفات جي تاريخ ”رضوان حق“  آهي. يعني سنه 1165 هه. سيد جمال سندس قائم مقام ٿيو. جو کيس اولاد ڪو نه هو. سندس مفصل احوال اسان ڌار ڪتاب ۾ ڏنو آهي. سندس رسالو مشهور آهي.

جهيجا (هاڻوڪو اڏيرو لال)

هن ڳوٺ جهيجن جي  ۾ شيخ طاهر جو قبو آهي. هندو ماڻهو انهيءَ کي اڏيرولال يا دولهه لال يا امرلال سڏيندا آهن. ڪي هندو درياهه پنٿي ڄاڻندا آهن ته هو زنده پير يا انهيءَ جو وزير هو ۽ گهوڙي تي چڙهيل ٽٻي هڻي زمين ۾ گهڙي ويو. هو مجذوب هوندو هو ۽  اوائل ۾ جهنگن ۾ گهمندو وتندو هو هڪڙي ڏينهن ڀنگ ويٺي گهوٽيائين ته هڪڙو اٺ وڳ مان نڪري سندس مٿان اچي بيٺو. شيخ هن کي ڏسي چوڻ لڳو ته آئين، اي خدا اڄ ڪيئن هن غريب تي مهرباني ڪئي اٿيئي؟ جيڪي موجود آهي. سو حاضر آهي. هن جي نظر ۾ سڀڪا شي خدا جو مظهر هئي. جڏهين اٺ وري ڀڄڻ لڳو، تڏهين پٺيانس ڪاهي پيو ۽ منتون زاريون ڪندو ويو. سندس وفات کان پوءِ هندو مسلمان سندس زيارت تي ايندا آهن. هندن ۾ زالن جو گهڻو اعتقاد هو. ايتري قدر جو شيخ جي درگاهه تي جيڪي زالون اينديون هيون. تن کيڪو چوندو هو ته حجاب کان سواءِ پنهنجن مڙسن ۽ وارثن جي اڳيان بيهي نچنديون هيون. وسهنديون هيون ته ائين ڪرڻ سان سندن مرادون حاصل ٿينديون. هندن جي قول موجب هن جو اصل نالو منگل پٽ رتن جو هو ۽ ڪوهري هو ۽ نصرپور ۾ يا آسپاس رهندو هو ۽ نصرپور جو هڪڙو قاضي زور سان هندن کي مسلمان ڪندو هو. تنهن سان بحث ڪيائين ۽ هن کان کٽي ويو ۽ پوءِ جادر، درياهه تي وڇائي انهيءَ تي هن کي ويهاري هليو ويو. وچ ۾ قاضي ٻڏو ٿي، پر پوءِ هن بچايو.

نصرپور

اهو شهر سنه 751 هه ۾ سلطان فيروز جي حڪم سان سندس هڪڙي امير نصر نالي ٻڌو، جنهن کي حڪم مليو هو ته سانگره تي قلعو تيار ڪري. ڪن جو چوڻ آهي ته اهو شهر نصير مهاڻي ٻڌو هو. درياهه جي ڪنڌيءَ تي هو ۽ منجهس گهڻا باغ هئا. ترخاني گهراڻي وارن پنهنجي رهڻ جي لاءِ هي شهر پسند ڪيو ۽ انهن جو اولاد اڃا اُتي هليو اچي. پوءِ جڏهين درياهه اُتان ڇڏي ويو. تڏهين باغ بستان سڀ ويران ٿي ۽ ڪلر اچي پيدا ٿيو. انهيءَ شهر ۾  گهڻا مشهور ماڻهو ٿي گذريا، جي هيٺ ڏجن ٿا؛

قاضي خيرالدين- حال ۽ قال وارو ماڻهو هو. سندس وقت ۾ هڪڙي ماڻهوءَ کي سخت دست اچي ٿيا. اهڙو حال هوس جو پٽ تي پيو هو ۽ دست پئي وهيس. علاج ڪري ٿڪا ته دست بند نه ٿيس. اتفاق سان هيءُ قاضي اچي اتان لنگهيو. هن جو حال ڏسي مٿس رحم آيس. سندس نظر جي اثر کان هو هڪدم شفاياب ٿي پيو. ايتري قدر جو وري اصل ٽورو نه ايندو هوس ۽ پيو کائيندو پيئندو به هو؛ مطلب ته اهڙو حال هوس جهڙو بهشت وارن جو چوندا آهن. انهيءَ کان پوءِ اهو شخص چاليهه ورهيه جيئرو هو ۽ اهڙي ئي حال ۾ هو. اها  ڳالهه ڪتاب ”حديقته الاوليا“ ۾ به ڏنل آهي. سندس قبو نصرپور جي ڏکڻ ڏي ڪوهه پنڌ تي آهي.

شيخ محمود، جو شاهه سيسان قادريءَ جي نالي سان مشحور هو. پنجين پيڙهي شيخ عبدالقادر جيلانيءَ جي نسل مان هو. اڳي سندس قبو درياهه جي هن ڀر هو ۽ ڪنهن کي طاقت نه هوندي هئي جو اندر گهڙي. گهڻي وقت کان پوءِ جڏهين درياهه پائڻ لڳس. تڏهين سندس لاش ڪڍي ٻئي هنڌ رکيائون. اتي به  زيارت لاءِ اندر ڪو نه ويندو هو. ٻاهران زيارت ڪري هليا ويندا هئا. ٻيو ڀيرو به  درياهه کائڻ لڳس. تڏهين وري اتان ڪڍي هاڻوڪي جاءِ تي ڪيائونس. انهيءَ کان پوءِ ماڻهو اندر توڙي ٻاهر زيارت ڪندا آيا آهن. انهيءَ درگاهه جو متولي مير محمد زمان موروثي حق موجب ٿيو. جو رضوي سيدن مان هو. شيخ جي لاش سان گڏ انهن سيدن جا لاشا به درياهه کائڻ جي ڪري پئي ڪڍيائون. شيخ جو لاش سوا ٻن سون ورهين کان پوءِ ڪڍيائون،  ته به سندس بدن صحيح سالم ڪفن مان نڪتو. قبر ۾ هڪڙو تازو ڇڳو ڊاکه جو ۽ مصريءَ جا ٽڪر به لڌا. جي مريدن وراهي کاڌا. سندس پوٽن مان هڪڙو شاهه هاشم. جو سجاده نشين ٿيو. سو به وڏيءَ ڪرامت وارو ٿي گذريو. حقيقي شعر چوندو هو. انهيءَ کان پوءِ وري شاهه نوراني سجاده نشين ٿيو ۽ پوءِ انهيءَ جو پٽ شاهه پني لڌو ٿيو. انهن کان پوءِ سندس ڀآءٌ شاهه نجم الدين سجادي تي ويٺو ۽ پوءِ غلام حيدر. شاهه نورالله  مٿئين جو پٽ شاهه غياث الدين ۽ انهيءَ جو پٽ شاهه وجه الدين به بزرگ ٿي گذريا. شاهه عنايت الله به دستگير جي اولاد مان نصرپور ۾ دفن ٿيل آهي، سندس پٽ شاهه غياث الدين هو. ٻين سيدن مان هڪڙو سيد يار محمد رضوي پهرين سرڪاري نوڪري ڪندو هو پوءِ فقير ٿيو ۽ ٻيو مير محمد شاڪر ۽ سيد محمد ظهير ولد سيد سلطان رضوي ۽ مير محمد صديق نيڪ ۽ پرهيزگار ۽ ڪامل انسان ٿيا.

 انهن مٿين سيدن مان سيد احمد، جنهن کي شاهه غوري  چوندا آهن. سو به پيران پير جي اولاد مان آهي. ڏکڻ جي پاسي سندس قبر آهي ۽ وڏي درگاهه اٿس. سيد عبدالله ۽ سيد عبدالرزاق، پيءُ پٽ ٻئي شهيد ٿيا. چون ٿا ته پنهنجون سسيون هٿن تي کڻي اچي اتي پهتا ۽ اتي ئي دفن ڪيا ويا آهن؛بيبي نورڀري، مجذوبه سالڪه هئي. دٻگرن جي قوم مان هئي، ليڪن وقت جي رابعه ثاني هئي. سندس قبروچ بازار نصرپور جي ۾ آهي. قاضي مسعود جي همعصر هئي. جنهن جو ذڪر هيٺ آيو آهي. سندس ڪرامتون مشهور آهن. شاهه عنايت الله رضوي ولد سيد نصرالدين شاهه خيرالدين جي مريدن مان هو. سيد عبدالولي رضوي ۽ سندس پٽ سيد عثمان ۽ انهيءَ جو پٽ سيد شفيع محمد به مشهور ٿي گذريا. پونيون سيد ته سنڌي ٻوليءَ جو وڏو شاعر هو ۽ حقيقي شعر چوندو هو ۽ شيخ موسيٰ آهنداني واري قبرستان ۾ دفن ٿيل آهي. انهيءَ جو اولاد لکمير نالي ڳوٺ ۾ رهندو هو.

قاضي مسعود قريشي عثماني- عالم ۽ اولياءَ هو. سندس پٽ ميان حبيب الله حافظ ۽ انهيءَ جو پٽ ميان عزت الله سڀيئي ڪامل انسان هئا ۽ پوءِ محمد يار ميان عزت الله جو ڀائٽيو به نالي وارو ٿيو. قاضي مسعود جو ڀآءٌ قاضي محمود ۽ سندس پٽ ميان فتاح ٻئي شاهه هاشم ثاني رضويءَ جا مريد ۽ معتقد هئا ۽ پرهيزگار ماڻهو ٿي گذريا. قاضي محمود جي همعصرن مان ميان عبدالقدوس ۽ سندس پٽ محمد اشرف ۽ وري انهيءَ جو پٽ محمد حسن به چڱا انسان هئا.  محمد حسن ته ديوان گدومل سان گڏ ديرجات ۾ شهيد ٿيو.

قاضي مخدوم عبدالرحمان- وڏن عالمن ۽ فاضلن مان هو. شاهه جهان ۽ عالمگير بادشاهن جي وقت ۾ حرمين شريفين جي نذرن جو متولي ٿي رهيو ۽ وڏي جاگير هيس. سندس پٽ محمد اڪرم ۽ انهيءَ جو پٽ ميان مدني جو مدينه منوره ۾ ڄائو هو ۽ ٻيا پٽ حفيظ يار خان ۽ عابد يار خان به  عالم ۽ فاضل ٿي گذريا. هن قاضيءَ جي پوٽي قاضي عبدالرحمان ثانيءَ ته مديني ۾ وفات ڪئي ۽ هو مخدوم حيات سنڌيءَ جي قبر ۾ دفن ڪيو ويو. انهيءَ ساڳيءَ قبر ۾ حاجي محمد قائم سنڌي به دفن ٿيل آهي. انهن کان سواءِ قاضي روح الله ۽ مخدوم محمد سعيدا ۽ مخدوم ميان ميڏنو وڏا عالم ۽ فاضل ٿي گذريا. سڀني کان پوءِ ميان عبدالرزاق نالي وارو ٿيو. مخدوم حاجي محمد قائم جو شاگرد ميان نور محمد به عالم ۽ فاضل هو ۽ ڳچ وقت تائين ميان شاهه خان جي لشڪر جو قاضي هو. قاضي حاجي ۽ ميان عبدالبقا محتسب ۽ قاضي عبدالوهاب ۽ انهيءَ جو ڀائٽيو قاضي ابوالحسن ۽ انهيءَ جو پٽ قاضي محمد مير به مشهور هئا.

انهن کان سواءِ هيٺيان بزرگ به نصرپور جي مشهور ماڻهن مان هئا: شيخ نٿو زميندارن مان هو ۽ شهرجي اڀرندي ڏي ڪوهه کن پنڌ تي رکيل آهي. شيخ توڏس ٻن ڪوهن بڪيرن جي پاسي آهي. مخدوم سينهرو به زميندارن مان هو اڀرندي ڏي ٻن ڪوهن تي رکيل آهي. سيد دين محمد اصل متعلويءَ جو ۽ ويٺل نصرپور جو ۽ سندس پٽ سيد محمد غوث ۽ انهيءَ  جو پٽ سيد قادر شاهه ۽ سندس ڀائٽيو سيد عبدالصمد. مشهور بزرگ هئا سيد اسحاق بخاري ۽ سندس پٽ محمد محسن ۽ سيد ابن شاهه بخاري ۽ انهيءَ جي اولاد مان سيد عبدالرحمان بخاري ۽ انهيءَ جو ڀآءٌ سيد عنايت الله نالي وارا ٿي گذريا ۽ انهن جون زيارتگاهون آهن.

انهن کان سواءِ نصرپور جي تعلقي ۾ ميان محمد  عطائي ۽ سندس ناٺي حاجي هارون مشهور هئا. روپاهه جي تعلقي ۾ گجرڪوٽ جي ويجهو پرورو ۽ سندس احمد شاهه وڏا بزرگ هئا. جن جا گهڻا ماڻهو معتقد هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org