باب چوٿون
ڪڪراله، ساڪوره، بٺوره، لاهري يا ديول بندر، مڪلي ۽ آسپاس جو ملڪ
(هاڻوڪو ڪراچي ضلعو)
]درياهه
جي اڀرندي ڪناري جو ذڪر مٿي آيو آهي، هاڻي الهندي
پاسي جو ذڪر ڪيو.[
نصريه
هيءُ ڳوٺ بٺوري جي پرڳڻي ۾ آهي. اتي جو سڀ کان وڏو بزرگ مخدوم
صڌو لانگاهه ٿي گذريو. وڏو تارڪ هو. ايتريقدر جو
رات جو دلن مٽن جو پاڻي به هاري ڇڏيندو هو ۽ چوندو
هو ته سڀاڻي نئون ڏينهن ۽ نئون رزق. اهو ڳوٺ اصل
متعلوي سيدن جو هو. انهن مان پهرين سيد عبدالڪريم
شاهه هن مخدوم جو مريد ٿيو. هن مخدوم جو پٽ مُلا
آجب به مشهور ڪرامت وارو ٿي گذريو. هڪڙي ڀيري ڪنهن
پاسي ويو ٿي. سياري جي موسم هئي. وچُن ڌاري درياهه
جي ڪناري تي پهتو. پتڻ واري ٻيڙي هِن ڀر ڪا نه
هئي. جيڪو خادم ساڻ هوس، تنهن صلاح ڏني ته موٽي
ڪنهن وسينءَ ۾ هلجي ۽ رات گذارجي؛ پر مخدوم چيو ته
اتيئي ڪناري تي ٿا گذاريون. پوءِ لهي پيا. ٿوري
کان پوءِ ڏسن ته درياهه سُسي واهه جيڏو ٿي پيو.
خادم سڏ ڪري چيس ته هاڻي لنگهي پار وڃي سگهنداسين.
مخدوم چيو ته اسان جي توڪل خدا تي آهي، پاڻيءَ جو
احسان ڪين کڻنداسين. آخر پار نه لنگهيو ۽ رات
گذاري، ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهين ٻيڙي آئي. تڏهين
پتڻ لنگهيو. ملا آجب جو پٽ ملا شهاب الدين به پيءُ
جهڙو ٿيو. پوءِ انهيءَ جو پٽ ملا يوسف، پوءِ
انهيءَ جو پٽ مخدوم فضل الله وڏو درويش ٿي گذريو.
انهيءَ کان پوءِ انهيءَ جو پٽ شاهه عنايت الله
صوفي ڪامل درويش ٿيو. جنهن وڏا سير ۽ سفر ڪيا ۽
دکن هندستان ۾ وڃي برهانپرر شهر ۾ شاهه عبدالملڪ
جي صحبت حاصل ڪيائين ۽ پنج ورهيه انهيءَ جي ارشاد
هيٺ ڏاڍيون رياضتون ڪڍيائين ۽ ظاهري علم جي تحصيل
شاهه جهان آباد جي شاهه غلام محمد وٽ ڪيائين ۽
مريد به انهيءَ جو ٿيو. انهيءَ جي معرفت شاهه
عبدالملڪ کان اجازت وٺي ٺٽي ۾ آيو. شاهه عبدالملڪ
هن کي ڳاڙهو خرقو ۽ ترار ۽ ٽوپي ڏيئي ۽ صوفيءَ جو
لقب عطا ڪري سنڌ ۽ وڃي خانقاه ڪڍڻ جو حڪم ڏنو.
شاهه غلام محمد جڏهين شاهه عنايت الله کي اعليٰ
درجي تي ڏٺو. تڏهين پاڻ هن جو مريد ٿيو ۽ سندس
پٺيان ٺٽي ۾ آيو. انهيءَ تي ٺٽي جي علمائن انهيءَ
عالم تي اعتراض آندو ۽ تعذير ڏيڻ گهريائون.
تنهنڪري هو مرشد کان موڪلائي موٽي شاهه جهان آباد
۾ آيو ۽ اتي فقيريءَ جي خانقاه کوليائين ۽ باقي
عمر اتي گذاريائين ۽ هزارين مريد ٿيس. باقي شاهه
عنايت الله ٺٽي مان لڏي ميرانپور آيو. جنهن کي
جهوڪ ٿا چون. اتي ماڻهن جو گوڙ اچي وٽس لڳو.
انهيءَ ڪري اتي جي ڪن پيرن ۽ مشايخن توڙي وڏيرن جو
مٿس حسد پيدا ٿيو. جيئن ته نور محمد ولد منبه
پليجي ۽ حمل ولد لاکي ۽ ٻين سيد عبدالڪريم جي پوٽن
سان صلاح ڪري شاهه عنايت ۽ سندس فقيرن سان کونس
شروع ڪئي. انهيءَ سيدن مان انهيءَ وقت سيد
عبدالواسع ولد سيد عبدالغني وڏو هو. انهن هڪڙي
ڏينهن اوچتو شاهه عنايت جي فقيرن تي ڪاهه ڪئي ۽
گهڻا ماڻهو طرفين جا ماريا. انهن جا مائٽ دهليءَ
ڏانهن فرخ سير بادشاهه وٽ دانهين ويا. ٺٽي جي حاڪم
نواب اعظم خان به انهن جي پٺ ڀرائي ڪئي ۽ شاهه
عنايت جي برخلاف لکيائون. سنه 1130 هه ۾ وڏو لشڪر
گڏ ٿي آيو ۽ شاهه عنايت کي شهيد ڪيائونج. اهو سارو
احوال سنڌ جي تاريخ مان معلوم ٿيندو، کانئس پوءِ
سندس پٽ شاهه عزت الله سجاده نشين ٿيو ۽ سندس ٻيو
پٽ شاهه سلام الله فقر ۽ فاقي ۽ رياضتن ۾ گذاريندو
هو ۽ ڪرامت وارو هو. انهن ڏينهن ۾ جڏهين ميان محمد
عطر خان ۽ ميان غلام شاهه ڪلهوڙا ٻئي ڀائر سنڌ جي
گاديءَ لاءِ پاڻ ۾ پئي وڙهيا، تڏهين ڪنهن ماڻهوءَ
هن بزرگ کان پڇيو ته هنن ڀائرن مان ڪير کٽندو؟
چيائين، ته عين ۽ غين جي پاڻ ۾ جنگ آهي، تنهن ۾
غين کٽندي، آخر ميان غلام شاهه فتحياب ٿيو ۽ سنڌ
جو مالڪ ٿيو.
چون ٿا ته جڏهين فرخ سير بادشاهه جي ڌيان تي آندائون ته شاهه
عنايت ماڻهو ۽ مريد پيو گڏ ڪري ۽ باغي ٿيڻ ۽ وڙهڻ
جو ارادو اٿس. تڏهين هن پنهنجي امير نور محمد
عباسيءَ کي انهيءَجي قتل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. اهو
ميان نور محمد پوءِ خدا يار خان جي لقب سان سنڌ جو
نواب ٿيو. ميان نور محمد ماڻهو گڏ ڪري جهوڪ کي آڻي
گهيرو ڪيو. جو چار مهينا هليو. نور محمد جي دال نه
ڳري. شاهه عنايت جي مريدن مان ٽالپر به هئا. جن جو
سردار مير شهداد خان هو. ٽالپر پهرين ڪلهوڙن جا
مريد هئا. جڏهين منجهانئن ڪي وڃي صوفي ٿيا. تڏهين
ڪلهوڙا به شاهه عنايت جا دشمن ٿيا. مير شهداد خان
شاهه عنايت جو سنڍو به هو ۽ مريد به هو. ٻنهي جي
گهرن ۾ به سوڍيون هيون. جي پاڻ ۾ ڀيڻون هيون. ميان
نور محمد ڪهوڙي مير شهداد کي سمجهايو ته شاهه صاحب
سان صلح ڪراءِ ۽ انجام ڪيائين ۽ رسم موجب ڏاڙهي به
ڏنائين ته شاهه کي نقصان ڪونه رسائيندس. مير شهداد
خان شاهه عنايت کي انهيءَ بابت چيو، پر شاهه بيت
جي مصرع ۾ جواب ڏنو ته؛ ڏونگري ڏني ڏاڙهي، ڪر ڪرهه
ڪتي جو پڇ. يعني ته هن جي ڏاڙهي تي اعتبار ڪونهي.
تنهن تي مير شهداد هن کي پنهنجي طرفان بلڪل خاطري
ڏني ۽ پنهنجي ڏاڙهي به ڏنائين تڏهين شاهه کي لاچار
ٿيو ۽ ميان نور محمد سان صلح ڪيائين ۽ پنهنجي
فقيرن کي موڪل ڏنائين، جي هليا ويا. ميان نور محمد
وٽ تاجو ليکي خليفو ۽ امير هو، تنهن ميان جي چوڻ
تي دغا سان شاهه عنايت کي مارائي ڇڏيو. ميان کي
مير شهداد انهيءَ بابت ڪتاب ڏنو، پر هن ڪوڙو عذر
ڏيئي ڇڏيو. مگر پاڻ ميان ڏاڍو غمبين ۽ شرمندو ٿيو
۽ پنهنجي ڏاڙهيءَ کي انهيءَ ڏينهن کان پوءِ ڇڏي
ڏنائين ۽ وري هٿ به نه لاٿائينس ۽ نه ڦڻي ڏنائينس.
نه تيل لاتائينس ۽ نه ڪترايائينس، جيئن ٻروچن جي
رسم هئي. چوندو هو ته ڪوڙي جي ڏاڙهيءَ جو ڪهڙو
سينگار آهي. سگهوئي پوءِ ميان نور محمد به مري ويو
۽ شاهه عنايت جي سسي بادشاهه فرخ سير ڏي موڪلي
ڏنائون. چون ٿا ته انهيءَ مهل بادشاهه ڪچهري ڪيو
ويٺو هو. شاهه جا ڪي صوفي مريد به اتي حاضر هئا.
تن کي فخر سان چوڻ لڳو ته اوهان جي مرشد اجايو کڻي
هل مچايو هو. اجها سندس سستي آئي آهي. هنن ڏک مان
جواب ڏنو ته برابر آئي آهي، پر دهليءَ کي ويران
ڪرڻ لاءِ آئي آهي. سگهوئي پوءِ فرخ سير کي ڪنهن
خنجر هڻي ماري وڌو ۽ مغلن جو خاندان پورو ٿيو.
شاهه عنايت شاعر به هو ۽ سندس فارسي ۽ سنڌي ڪلام
تمام عمدو آهي.
ڪڪراله
درياهه جي ڪناري سان هيٺيان بزرگ آهن:
قاضي قطب الدين – اصل ٺٽي جو هو. پر ڪيترين پيڙهين کان ڪڪرالي
جا قاضي انهيءَ خاندان مان ٿيندا آيا. اهو قاضي
اورنگا بندر ۾ رهندو هو. کانئس پوءِ سندس پٽ قاضي
محمد فاضل مشهور ٿيو ۽ پوءِ انهيءَ جو اولاد هلندو
اچي.
حاجي قائم الدين- گهڻا ورهيه بغداد ۾ رهي مشايخن جي خدمت ڪئي ۽
نيٺ پير دستگير جو خليفو ٿي ڪڪرالي ۾ آيو ۽ اورنگا
بندر ۾ اچي رهيو.. کانئس پوءِ سندس پٽ ڪبير محمد ۽
انهيءَ کان پوءِ ميان پير محمد جانشين ٿيا.
درويش گل شاهه قلندر به بندر اورنگا ۾ هو.
شيخ رحمت الله به اتي رهندو هو. اصل هندستان کان
آيو. سندس قبو درياهه جي ڪناري تي هو، جو پوءِ
درياهه کائي ويو. ابن شاهه جي ڏکڻ ڏي شيخ محمود جي
به مشهور زيارتگاهه هئي. سيد ايقيق جي درگاهه به
آتر. ڏي هئي.
اين شاهه- شيخ بهاوالدين ملتانيءَ جي اولاد مان
هو ۽ شيخ اسماعيل قريشي، جنهن جو ذڪر بدين ۾ آيو
آهي. تنهن جي اولاد مان هو. اورنگا بندر کان اٽڪل
اٺن ڪوهن تي بهاوالدين پور جي ڳوٺ ۾ رهندو هو.
انهيءَ جي اولاد مان گهڻا بزرگ ناليوارا ٿيا. جيئن
ته شيخ امام الدين ۽ ابن شاهه ثاني ۽ شيخ امام
الدين ثاني ۽ انهن کان سواءِ شيخ عليم الدين، جو
گذران جي لاءِ وڃي ٺٽي ۾ رهيو. جنهن کي ٻه پٽ ٿيا.
شيخ صدرالدين ۽ شيخ بدرالدين. جي وري لڏي اچي
بهاوالدين پور ۾ ويٺا ۽ اتي وفات ڪيائون. شيخ پني
لڌو ولد شيخ عليم الدين ثاني ۽ شيخ مڱيلڌو ولد شيخ
صدرالدين به ناليوارا ٿي گذريا. انهن جو اولاد ڪو
نه رهيو.
انهن کان سواءِ ٻيا ڪي قديم بزرگ ٿي گذريا. جن جي پوري پتي جي
خبر ڪانهي. اهي هتي ڏيئي ڇڏجن ٿا. اهي پران.
ڪڪرالي ۽ آسپاس ڳوٺن ۾ هئا. ابو علي سنڌي. جو
بايزيد بسطاميءَ جو استاد چوڻ ۾ ٿو اچي. شيخ عيسيٰ
سنڌي. جنهن جو لقب جند الله هو. اهو شيخ محمد لشڪر
جو مريد هو ۽ محمد غوث گوالياريءَ جو خليفو هو.
شيخ يوسف سنڌي، هن بابت ابو الفضل علامي اڪبر
بادشاهه وارو لکي ٿو ته سندس ڏاڏي شيخ خضر هن سنڌي
بزرگ کان گهڻو فيض پرايو. مخدوم بنده ۽ مخدوم
مهاله ٻئي مشهور عالم هئا ۽ راجا سيته دل جي زماني
۾ هئا. حاجي ويسر به مشهور خدا جو ٻانهو هو ۽ شيخ
ڀرڪئي ڪاتيار جي ڏينهن ۾ هوندو هو. درويش لسه
ڪاڪره. هميشه شينهن تي چڙهيو وتندو هو ۽ درويش صدر
ولد ڪيور جو همعصر هو. لاهه پهار مخدوم نوح جي
مريدن مان هو. درويش قطب به مخدوم نوح جي مريدن
مان هو ۽ وڏي ڪرامت وارو ٿي گذريو. هڪڙي رات بوبڪ
۾ اچي لٿو. ڪنهن طالب علم پڇيس ته ڪنهن جو مريد
آهين؟ چيائينس ته خدا جو مريد آهيان! تنهن تي
ماڻهو مٿس ڪاوڙيا ۽ مارڻ لاءِ ڪاهي آيا ۽ پڪڙي
مخدوم جعفر وٽ وٺي ويس ته مٿس تعذير جاري ڪري.
انهيءَ جي پڇڻ تي ته پاڻ هن کي ٻي ٻولي ٻڌايائين ۽
چيائين ته بلڪ خدا منهنجو مريد آهي. تنهن تي ماڻهو
مٿس زياده ڪاوڙيا. جڏهين سمجهاڻي ڏيڻ لاءِ
چيائونس. تڏهين چيائين ته اسان جي حق ۾ خدا تعاليٰ
جيڪو ارادو ٿو ڪري. سو ضرور پورو ٿو ٿئي. اسان جي
پيدا ڪرڻ ۾ پريندي به سندس ارادو هو. جيڪي ڪري ٿو،
سو هو پنهنجي ارادي جي پٺيان ٿو ڪري. اسان کي ڪا
به طاقت ڪانهي، پر ظاهريءَ ڪري آءٌ مخدوم نوح جو
مريد آهيان. کيس چيائون ته ظاهريءَ ڪري توکي ڪابه
علميت ڪانه ٿي ڏسجي ۽ تون چوندو وتين ته خدا
منهنجو دوست آهي! جواب ڏنائين ته ٻڌو ڪين اٿو ته
بادشاهن وٽ هزارين خوبصروت ٻانهيون هونديون آهن،
پوءِ به ڪنهن غريب ٻهاري ڏيندڙ زال تي عاشق ٿي
انهيءَ کي پاڻ وٽ آڻيندو آهي. انهيءَ ۾ هڙي علميت
فضيلت هوندي آهي. درويش مهرار نهريو- سيد
عبدالڪريم شاهه جي خدمت ۾ رهندو هو. اڳي سندس پير
ٻيو هوندو هو. جو مري ويو. پاڻ کي زال سمجهي
ڳالهائيندو هو. چوندو هو ته آءٌ رن زال هيان.
منهنجو مڙس مري ويو آهي. هاڻي شاهه ڪريم کي اچي
مڙس ڪيو اٿم. درويش احمد ۽ مخدوم حامد ۽ درويش
عبداللطيف ۽ مخدوم ضياءَالدين ۽ درويش سمو ۽ مخدوم
عيسيٰ ۽ سندس پٽ ميان عبدالقدوس اهي سڀ ڪامل مرد ۽
قطب هئا ۽ سيد عبدالڪريم شاهه جا صحبتي ۽ خادم
هئا. ميان عبدالرشيد مخدوم نوح جو همعصر هو ۽ ميان
عبدالله ۽ درويش هارون سيد عبدالڪريم جا همعصر
هئا. مخدوم يوسف طيونه به عالم ۽ فاضل ۽ ڪامل ٿي
گذريو. سندس وفات سنه 938 هه ۾ ٿي. سندس ڪرامتون
مشهور هيون. درويش احمد رونجهو سيد عبدالڪريم جو
همعصر هو ۽ ميرپور بٺوري جي ايلان ڳوٺ ۾ رهندو هو.
قاضي حسن به سيد عبدالڪريم جو همعصر هو ۽ بٺوري جي
پرڳڻي ۾ هٽڙي جي ڳوٺ ۾ رهندو هو. اتي درويش صابو
سومرو. مخدوم نوح جي صحبتن مان به رهندو هو. درويش
جوڻو. انهيءَ پرڳڻي جي دٻيءَ ڳوٺ ۾ رهندو هو ۽ سيد
عبدالڪريم جو همعصر هو. مخدوم صدرالدين راهوٽي وڏو
عالم هو ۽ مولانا ضياءَالدين به وڏو عالم ۽ مدرس
هو ۽ مرزا شاهه حسن جو همعصر هو ۽ پڇاڙيءَ جي
ڏينهن ۾ گوشه نشين ٿيو ۽ ڪنهن کي به پاڻ وٽ اچڻ نه
ڏيندو هو. شيخ عبداللطيف. مٿئين مولانا ضياءَالدين
جو همعصر هو ۽ وڏو عالم ٿي گذريو. مخدوم حسن هريره
وڏي وجد ۽ حال وارو بزرگ هو. چوندا هئا ته اڪثر
حضرت صلعم جن جي صحبت ۾ گذاريندو هو ۽ سندن روحاني
ڪچهريءَ ۾ حاضر رهندو هو. هڪڙي ڏينهن ڪا خوشبوءَ
آندائين ۽ چيائين ته حضرت جن مون کي تحفو ڪري ڏني
آهي. اها تقسيم ڪري ڏنائين. جنهن ٿي لاتي. تنهن جي
مٿي مان سرهاڻ ويئي نٿي. حسن ستيو به ڪاهوٽ جي
بزرگن مان هو ۽ ڪامل اولياءَ هو. هڪڙي ڏينهن ڪنهن
وڻ هيٺ ويٺو هو ته ڪنهن جهرڪيءَ پيئي ۽ مري ويئي.
چيائونس ته اوهان هيءَ جهرڪي ماري. جواب ڏنائين ته
مون کي وٺ جي به خبر ڪانهي. خدا جو شڪرانو آهي،
جو مون ٻانهي تي اهڙي پکيءَ جي بي ادبي نٿو سهي.
سونڍا
قديم وقت ۾ هن ڳوٺ جي ويجهو ڀيم ڪوٽ هوندو هو ۽ هاڻي اتي هندن
جي تيرٿ جي جاءِ آهي. ٽڪر تان پاڻي ڦڙو ڦڙو ٿي ڪري
ٿو. اتي هڪڙو وڏو پهڻ آهي. جنهن جي هندو ماڻهو
شيوا ڪندا آهن. چون ٿا ته گهڻائي دفعا انهيءَ کي
درياهه ۾ وڌو اٿن ته وري به پاڻهي اچي انهيءَ هنڌ
تي پيو آهي. اتي جي بزرگن مان ڪي هيٺ ڏجن ٿا:
مخدوم رمضان ديداڻي- مشهور مشايخن مان هو ۽ انهيءَ جي قبر وڏي
زيارتگاهه
آهي.
مخدوم ملا آري- سيد علي شيرازيءَ جي مريدن مان هو. جنهن جو ذڪر
هيٺ ايندو. چون ٿا ته ڪينجهر ڍنڍ جا مهاڻا اصل
سندس مريد هئا، پر جڏهين پاڻ سيد عليءَ جو مريد
ٿيو، تڏهين انهن پنهنجن مريدن کي به هن جو مريد
ڪرايائين، جي اڃا تائين هليا اچن. هن بزرگ جي
درگاهه وڏي زيارتگاهه آهي. سندس پٽ مخدوم ملا
بايزيد به پيءُ وانگر مشهور ٿيو ۽ سندس ڀر ۾ رکيل
آهي. انهيءَ جو پٽ ملا ابو بڪر به وڏو ڪامل ۽ وجد
وارو ٿي گذريو، جيئن سندس پيءُ ۽ ڏاڏو هئا. انهيءَ
جي جاءِ تي وري ملا نارو ٿيو.
ڪينجهر
سونڊن جي ويجهو ۽ سونهري ڍنڍ جي اتر واري ڇيڙي تي هڪڙي ٽڪريءَ
تي ڄام تماچي سمي جي محلات يا ماڙي آهي. هو نور
ڀينءَ مهاڻيءَ تي عاشق ٿيو هو، جا گندري ذات جي
مهاڻي هئي يا گندره مهاڻي جي ڌيءَ هئي، جو ڪينجهر
۾ مڇيون ماريندو هو. انهن ٻنهي جون قبرون مڪليءَ
تي شيخ حماد جماليءَ جي قبي جي ويجهو آهن، انهيءَ
ڪينجهر جي ڪناري سان ڪيترن ئي بزرگن جون قبرون
آهن.
لاهري بندر
هيءُ اصل لاڙي بندر يعني لاڙ جو بندر هو. جو اڳوڻي ٻگهياڙ
درياهه تي هو ۽ سمنڊ کان ست اٺ ڪوهه هو. اتي شهر
جي بچاءَ لاءِ وڏو ڪوٽ هوندو هو. جو بلوچي ۽
مڪراني چور چوري ڪندا هئا. انهيءَ بندر کان مال
ٺٽي ڏي ويندو هو. جو اتان چاليهه ڪوهه پري هو.
اتان هڪ ڪوهه پنڌ تي ڌاراجا شهر آهي، جو ڌاراجا
جي راڻي جو شهر هو، جنهن کي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي
جي اشاري تي ماري ڇڏيائون. انهيءَ ڦٽل شهر جا نشان
اڃا ظاهر آهن. اتر ڏي ڳاڙهين سرن جو هڪڙو جهونو
ڪوٽ آهي ۽ انهيءَ کان اڌ ڪوهه پنڌ تي بالو شاهه جو
قبو آهي. جنهن تي گهڻا مهاڻا ۽ جت زيارت لاءِ
ايندا آهن.
شاهه بندر ۽ اورنگا بندر
شاهه بندر سنه 1759ع ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي ٻڌايو ۽ اورنگا
بندر جا سڀ ماڻهو لڏائي اتي آڻي ويهاريائين.
اورنگا ۾ انگريزن جو ڪارخانو هو. جو سنه 1775ع ۾
نڪري ويو. شاهه بندر ۾ سنڌ جي حاڪمن جا جهاز
بيهندا هئا. سنه 1819ع ۾ جا زمين ڌٻي. تنهن ۾ سنڌو
نديءَ جو هيٺيون پاسو ڦري ويو ۽ شاهه بندر ڦٽي
ويو. اتي اڪثر ڪڇي ڀاٽيا رهندا هئا، جي مسقط ۽ ٻين
پاسن سان واپار ڪندا هئا.
ڪيٽي بندر
اصل هيءُ ٻاڙي گهوڙا يا گهوڙي ٻاڙيءَ جي لهڻ جي جاءِ هئي. جڏهين
شاهه بندر ۽ ڌاراجا ڦٽا، تڏهين هن بندر زور ورتو.
جتي اڳي وڪر بندر هو. اتي انهيءَ جي ٻڏي وڃڻ ڪري
هيءُ بندر ٻڌو ويو، جو گهڻو جهونو ناهي. اتي جو ڪڇ
۽ ڪاٺياواڙ سان واپار هلندو آهي.
ڪوٽڙي الهرکيه شاهه جي
هيءُ درياهه جي ڪنڌيءَ تي گهوڙي ٻاڙي تعلقي جو وڏو شهر آهي.
انهيءَ کان ٻن ڪوهن تي اڏيري لال جو ڳوٺ آهي، جتي
منگهن مل اڏيري لال جي درگاهه ٺهرائي، جو هن ٺٽي
جي هڪڙي حاڪم تي فتحيابي حاصل ڪئي. انهيءَ تي چيٽي
چنڊ جو ميڙو لڳندو آهي.
لاڏيون
هي شاهه بندر تعلقي جو وڏو شهر آهي. هتي شاهه يقيق اولياءَ جي
درگاهه آهي، جنهن تي چيٽ مهيني جي پهرئين آچر تي
ميلو لڳندو آهي ۽ ٽي چار ڏينهن هلندو آهي. انهيءَ
قبي ۾ ٻه قبرون آهن، جي ڳچ جون جڙيل آهن. ٻن اڍائي
ڪوهن تي هڪڙي ٽڪريءَ جي مٿان ابن شاهه جو قبو آهي،
جنهن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي. ٻي آسپاس اتي ٽڪري
ڪانهي.
ميرپور ساڪرو
هيءُ لاڙ جو وڏو شهر آهي. پنجن ڪوهن تي شيخ حاجي تراب جو قبو
آهي. اهو شيخ ابو تراب، جنهن جو مٿي ذڪر آيو آهي.
۽ جنهن بکر جو قلعو ورتو، سو عرب هو ۽ عباسي خليفن
جي ڏينهن ۾ سنڌ ۾ آيو. انهيءَ شيخ جي نالي چون ٿا
ته اڳي اتي هڪڙو هندو ظالم راجا هوندو هو، جنهن جو
نالو ٿرنا هو، انهيءَ کي هن پٽي ٽڪر ڪري ڇڏيو. جو
بيٺو آهي. قبي تي تاريخ ڊٺل آهي، جا سنه 171 هه يا
سنه 771 هه آهي. انهيءَ تي هر مهيني ننڍڙو ميلو
لڳندو آهي. |