سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: قديم سنڌ

ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو

باب؛ 13

صفحو ؛ 23

 

باب تيرهون

 

سنڌ جا ڪي قديم شهر ۽ اُنهن جو تواريخي احوال

سنڌ جي قديم شهرن جو احوال مٿي ڏنو ويو آهي ۽ انهن ۾ جيڪي مشهور ۽ بزرگ ماڻهو هئا، سي به اُتي ڏنا ويا آهن. هتي اُهي ڪي ٿورا شهر ڏجن ٿا، جن جو ذڪر سنڌ جي تاريخ ۾ آيل آهي. اُنهن شهرن جا نالا الف بي وار ڏجن ٿا ته ضرورت وقت ڳولي لهڻ ۾ سولائي ٿئي.

اُٻاوڙو

سنه 908هه (سنه 1502ع) ۾ مرزا شاه حسن ارغون جي ڏينهن ۾ اٻاوڙي جي پرڳڻي ۾ ڏهر ۽ ماڇي ماڻهن ماٿيلي ۽ مهر جي ماڻهن کي ڏاڍي تڪليف رسائي، تنهنڪري مير فاضل ڪوڪلتاش جو ننڍو پٽ بابا احمد لشڪر وٺي انهن تي ڪاهي ويو ۽ انهن کي ماري قيد ڪري ۽ گهڻو مال ڦري موٽي آيو، بلڪ هڪڙي ڇوڪري هنن بابا احمد کي پرڻائي ڏني. سنه 1172هه (سنه 1759ع) ۾ ميان عطر خان ۽ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي وچ ۾ اٻاوڙي وٽ جنگ ٿي. عطر خان سان احمد شاهه دورانيءَ جو افغاني لشڪر هو، جنهن جا سردار بهادر خان ۽ مقصودو هئا، ۽ ميان غلام شاهه جي لشڪر جو سردار مير بهرام ٽالپر هو. جنگ ۾ بهادر خان مارجي ويو ۽ سندس لشڪر ڀڄي ويو، پر پوءِ پاڻ ۾ صلح ڪري ملڪ وراهيائون. جڏهن مدد خان سردار ميان عبدالنبيءَ جي مدد لاءِ آيو، تڏهن لوهريءَ مان اٻاوڙي ۾ وڃي منزل ڪيائين ۽ مير عبدالله ۽ مير فتح خان سان صلح ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيائين، پر سگهوئي نااُميد ٿي هليو ويو.

اُچ

سنڌ جي قديم تاريخ ۾ اڪثر اُچ ۽ ملتان جو ذڪر گڏ آيو آهي، جو اُهي ٻئي قلعا ويجها هئا. هندو راجائن جي ڏينهن ۾ هي شهر ستن وڏن قلعن وارن شهرن مان هڪڙو هو ۽ اُتي خلاصو حاڪم رهندو هو. عربن جي فتح کان پوءِ به اُتي هڪڙو حاڪم رهندو هو. سنه 416هه (سنه 1025ع) ۾ سلطان محمود غزنويءَ اُچ ۽ ملتان ۾ خليفي قادر بالله جا رکيل حاڪم، جي عربن جي فتح کان پوءِ اُنهن ۾ رهندا آيا، تن کي ڀڄائي ڪڍيو. سنه 625هه (سنه 1228ع) ۾ سلطان شمس الدين التمش جي وزير نظام الملڪ محمد بن اسعد اُچ جو قلعو وٺي بکر ڏي رخ رکيو. سنه 643هه (سنه 1245ع) ۾ مسعود شاهه ولد فيروز الدين جڏهن ٻڌو ته مغلن اُچ کي اچي گهيرو ڪيو آهي، تڏهن هن اُتي وڃي هنن کي ڀڄايو ۽ قلعو بچايو. سنه 649هه ۾ ناصرالدين بن التمش اُچ ۽ ملتان تي ڪاهي آيو ۽ سنجر کي اُتي حاڪم مقرر ڪيائين. سنه 656هه ۾ مغلن وري به اُچ ۽ ملتان تي ڪاهه ڪئي، ۽ وري به ناصرالدين اچي انهن کي ڀڄائي ڪڍيو. سنه 693هه (سنه 1293ع) ۾ جلال الدين خلجي پنهنجي پٽ ارڪ علي خان کي اُچ ۽ ملتان جو حاڪم ڪيو. سنه 696هه ۾ علاءُ الدين خلجي نصرت خان کي اُچ ۽ ملتان ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ڏي مخالف قومن جي فهمائش لاءِ موڪليو ۽ پوءِ سندس حڪم پٺيان غازي ملڪ چنگيز خان جي مغلن سان وڙهڻ لاءِ نڪتو ۽ وجهه وٺي اُچ ۽ ملتان ۽ ٻي ساري سنڌ پاڻ هٿ ڪري ويهي رهيو. سنه 809هه (سنه 1397ع) ۾ مرزا پير محمد امير تيمور صاحبقران جي پوٽي اُچ جي قلعي کي گهيرو ڪيو ۽ سارنگ خان جي موڪليل سپهه سالار تاج الدين کي ڀڄائي ڪڍيائين. سنه 874هه (سنه 1469ع) کان پوءِ جڏهن ملڪ ۾ چوڌاري ڦڙڦوٽ پئجي ويو ۽ ٻين ملڪن وانگي سنڌ ۽ پنجاب به خودمختيار ٿيڻ لڳا، تڏهن اُچ ۽ ملتان جي ماڻهن شيخ يوسف قريشيءَ کي پنهنجو حاڪم مقرر ڪيو. سنه 931هه (سنه 1524ع) ۾ مرزا شاهه حسن اُچ ۾ لانگاهن ۽ بلوچن سان وڙهي اُچ جو قلعو ورتو ۽ انهيءَ کي ڊاهي چٽ ڪري ڇڏيائين ۽ ان جو نڪتل سامان درياهه جي رستي ٻيڙين ۾ کڻائي بکر آيو. سنه 947هه (سنه 1540ع) ۾ همايون بادشاهه اُچ ۾ آيو ۽ اُتي جي حاڪم بخشي لانگاهه کي سندس چڱي خدمت چاڪريءَ لاءِ خان جهان جو لقب ڏنائين. سنه 950هه (سنه 1543ع) ۾ ايران جي بادشاهه شاهه طهماسپ صفوي سلطان محمود خان کي اُچ ۽ ٻيا پاسي وارا پرڳڻا جاگير ڪري ڏنا ۽ خان جو به لقب ڏنائينس. سنه 1124هه (سنه 1712ع) ۾ ميان دين محمد ڪلهوڙي جي سپهه سالار مقصودي فقير شاهزادي معزالدين جي لشڪر ۽ ٻين ماڻهن کي اُچ ۾ ناحق وڃي ماريو، جنهن ڪري شاهي لشڪر ميان تي ڪاهي آيو ۽ انهيءَ کي شڪست ڏنائين.

اسلام ڳڙهه يا اسلام ڪوٽ

سنه 1204هه (سنه 1789ع) ۾ مير فتح علي خان ٿر جي پاسي ٻه ڪوٽ ٺهرايا، هڪڙو فتح ڳڙهه ۽ ٻيو اسلام ڳڙهه، جي هڪٻئي کان چاليهن ڪوهن تي هئا. پاسي وارن راجائن انهن قلعن جوڙڻ تي اعتراض آندو، پر مير انهن جي اعتراضن ڏي خيال ڪونه ڏنو. انهيءَ کان پوءِ سنه 1813ع ۾ جوڌپور جي راجا کان عمرڪوٽ به هٿ ڪيائون، انهيءَ طرح ٿرپارڪر جو اِهو پاسو سڀ ميرن جي هٿ ۾ آيو.

الور

هيءُ قديم شهر هندو راجائن جي ڏينهن ۾ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو ۽ منجهس وڏو ڪوٽ هو. راجا ڏاهر انهيءَ ۾ رهندو هو ۽ محمد قاسم به انهي کي گهيرو ڪري ورتو. پوءِ اتي ابو عاف بن قيس اسديءَ کي حاڪم مقرر ڪيائين ۽ پاڻ ملتان ويو ۽ اتان پوءِ قنوج ڏي ٿي ويو، پر حڪم ملڻ تي بغداد ڏي موٽيو. بني اُميه خليفن جي وقت ۾ هندو راجا دلو راءِ الور جو حاڪم هو، ۽ الور کي دلوُر به سڏيندا هئا. اُهو ڏاڍو ظالم هو ۽ انهيءَ جي ڏينهن ۾ شهر غرق ٿيو ۽ ناس ٿيو. ڄام فتح خان سمي جي ڏينهن ۾ جڏهن مرزا پير محمد بکر جي ماڻهن کي سزا ڏيڻ لاءِ آيو، تڏهن اتي جي سيد ابوالغيث جي منت آزيءَ تي ماڻهن کي معافي ڏنائين ۽ الور جو پرڳڻو سيد کي جاگير ڪري ڏنائين، جڏهن مرزا شاهه بيگ سکر ورتو ۽ اتي جو قلعو جوڙائڻ لڳو، تڏهن الور جي ڪوٽ جون سرون کڻائي انهيءَ ڪم ۾ آندائين. وري سنه 930هه (سنه 1523ع) ۾ سلطان محمود خان مبارڪ خان کي الور جو حاڪم مقرر ڪيو، جو اڳي ماٿيلي جو حاڪم هو.

اُنڙپور

سنه 998هه (سنه 1589ع) ۾ جڏهن مرزا جاني بيگ سنڌ جو حاڪم هو ۽ خودمختيار هو، تڏهن هن کي اڪبر بادشاهه ماري مڃائڻ جي ڪئي ۽ خان خانان کي انهيءَ ڪم لاءِ موڪليائين. لڪيءَ وٽ ٻنهي جي جنگ ٿي ۽ جاني بيگ ڀڄي اُنڙپور ۾ آيو ۽ اتي جهٽ ۾ هڪڙو پهڻن جو جهنگلي قلعو بنائي پناهه وٺي ويهي رهيو. خان خانان اتي مٿس ڪاهي آيو ۽ انهيءَ کي گهيرو ڪيائين. ڏهاڙي لڙائي پئي ٿي، آخر ٻنهي جي وچ ۾ صلح ٿيو. پوءِ مرزا جاني بيگ ٺٽي ويو ۽ خان خانان سن ۾ آيو.

باغبان

قديم وقت ۾ باغبان واري پرڳڻي ۾ ٻه وڏا ڳوٺ هئا: هڪڙو ٽڳر ۽ ٻيو باغبان، ٻئي گڏ سڏڻ ۾ ايندا هئا. هاڻ ٽڳر ميهڙ تعلقي ۾ آهي ۽ باغبان دادوءَ جي ويجهو آهي. سنه 914هه (سنه 1508ع) ۾ جڏهن مرزا شاه بيگ ارغون جي دريا خان سان ويڙهه ٿي هلي، تڏهن مرزا شاه حسن باغبان ۾ آيو، جتي جا ماڻهو هن سان شامل ٿيا ۽ جن جي همت ڏيڻ تي هو ٺٽي تائين ويو. جڏهن پوءِ مرزا شاه حسن دريا خان سان وڙهڻ لاءِ ٽلٽيءَ ۾ آيو، جتي دريا خان جي پٽن مرزا جا ماڻهو ماريا هئا، تڏهن باغبان جي بزرگ مخدوم بلال جنهن کي شاه حسن جي مغلن گهڻي تڪليف ڏني هئي، تنهن جي چورت تي، آسپاس جا ماڻهو دريا خان جي طرف وڙهيا. مرزا مٿن ڪاهي ويو ۽ ٽلٽيءَ جو قلعو ورتائين ۽ هن کي شڪست ڏنائين،. پوءِ باغبان جا سردار مرزا شاه حسن سان ٺاهه ۾ آيا ۽ کيس مدد ڪندا رهيا. سنه 930هه (سنه 1523ع) ۾ جڏهن مرزا شاه حسن بابر جو سلام ڪيو ۽ خليفي حمادالدين ميرڪ جي نياڻيءَ سان شادي ڪيائين ۽ ڪنئار وٺي بکر ۾ آيو، تڏهن هن حمادالدين ميرڪ کي پاٽ ۽ باغبان جو پرڳڻو انعام ۾ ڏنو.

بٺورو

سنه 949هه (سنه 1542ع) ۾ همايون سنڌ ۾ آيو. پهرين عمرڪوٽ ۾ اچي رهيو، پوءِ سنڌ ۾ ٻئي هنڌ وڃي رهڻ جو ارادو ڪيائين ۽ لڏي جونپور ۾ آيو. مرزا شاهه حسن سامهون ٿيس. بٺوري ۾ هڪڙو قلعو هو، جتي گهڻي سرسات رکيل هئي. انهيءَ کي هٿ ڪرڻ لاءِ همايون اوڏي وڃڻ گهريو. شاه حسن جي پاران سلطان محمود خان انهي قلعي کي وڃي بچايو. اُتي طرفين جي وچ ۾ جنگ لڳي ۽ ماڻهو مئا. آخر همايون قنڌار هليو ويو. سنه 957 (سنه 1550ع) ۾ جڏهن مرزا ڪامران بکر ۾ آيو، تڏهن مرزا شاهه حسن هن جي بورچي خاني جي خرچ لاءِ بٺوري جي پرڳڻي ۽ شاه ٻيلي (هاڻ ساڌ ٻيلي) جي پيدائش هن کي ڏني، جو هن سان مرزا پنهنجي ڌيءَ جي شادي ڪئي هئي. شاهه جهان جي ڏينهن ۾ نواب امير خان ٺٽي جو نواب ٿي آيو. انهي بٺوري جي پرڳڻي ۾ هڪڙو وڏو شهر ٺهرايو، جنهن جو نالو امير پور رکيائين، جو هاڻ ميرپور بٺورو ٿو سڏجي. انهي ساڳئي بٺوري جي پرڳڻي ۾ ميرانپور جو ڳوٺ به هو، جتي شاه عنايت صوفي رهندو هو، جو شهيد ٿيو. ميرانپور کي هاڻي جهوڪ ٿا سڏين. شاه جي شهيديءَ جو اهو واقعو ٺٽي جي نواب اعظم خان جي ڏينهن ۾ سندس حڪم سان ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي هٿان ٿيو.

بدين

اڳي بدين ۽ چاچڪان جو پرڳڻو هڪ هو يا گڏ هو ۽ سندن مکيه ڳوٺ بدين ۽ چاچڪ هئا، ۽ جهم جو پرڳڻو ۽ ڳوٺ به اُتي هو. سنه 978هه (سنه 1570) ۾ جڏهن اڪبر بادشاه سنڌ ۾ آيو، تڏهن مرزا محمد باقي سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن کي هٿ ڪرڻ لاءِ پنهنجا ماڻهو مقرر ڪيا. بدين ۽ چاچڪان جي پرڳڻي تي پنهنجو پٽ مظفر ترخان مقرر ڪيائين ۽ ساڻس علي خان ڪوڪه گڏي موڪليائين. سگهوئي پوءِ مرزا باقيءَ پاڻ کي ماري وڌو. مظفر پيءُ جي مرڻ جو ٻڌي ٺٽي ويو، پر سندس ڀائٽي مرزا جاني بيگ کي اڳيئي حڪم ڪيو هئائون. مظفر جي فساد جو ٻڌي مرزا جاني بيگ مٿس ڪاهي ويو ۽ بدين ۾ جنگ لڳي، جنهن ۾ مظفر شڪست کاڌي، جو سندس سردار ڦري جاني بيگ جي پاسي ويا. مظفر ڇڙهو ڀڄي ويو ۽ ۽ مرزا جاني بيگ سندس سامان پٺيان ڏياري موڪليو ۽ پاڻ بدين جي قلعي ۾ گهڙيو. سنه 998هه (سنه 1589ع) ۾ جڏهن هو خان خانان ۽ مرزا جاني بيگ سان وڙهيو، تڏهن بدين ۽ ٻين قلعن ڏي جدا جدا لشڪر ڏياري موڪليائين، جن وڃي اهي هٿ ڪيا. نيٺ مرزا جاني بيگ لڪيءَ وٽ شڪست کائي اُنڙپور ۾ آيو، جتي وري ٻي شڪست کائي ڀڳو. سنه 1158هه (سنه 1745ع) ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي وقت ۾ ڪڇ جي راءِ جا ماڻهو ڪانجي فتح ڪري بدين ۽ آسپاس جي شهرن تي ڪاهي آيا. ميان نور محمد بهار شاه ۽ ٻين فقيرن کي موڪليو، جن وڃي هنن کي اُتان ڀڄايو.

 

برهمن آباد

هندو راجائن جي زماني ۾ ستن وڏن قلعن وارن شهرن مان هيءُ هڪڙو هو. چچ جي راڄ ۾ اگهم لوهاڻو اُتي جو حاڪم هو. لاکا ۽ سما ۽ سهتا ماڻهو اُتي رهندا هئا ۽ هو اُنهن کي پنهنجي حڪم هيٺ رکندو هو. هن جو حڪم سمنڊ تائين يعني ديبل بندر تائين هلندو هو. چچ اگهم سان وڙهي هن کي ماريو ۽ سندس شهر روتو ۽ سندس زال سان شادي ڪيائين. راجا ڏاهر جي راڄ ۾ هن پنهنجي ڀاءُ ڏهرسيئن کي اُتي حاڪم ڪري رکيو ۽ اُنهي جي مرڻ کانپوءِ سندس پٽ کي اُتي رکيائين. ڏاهر جي مرڻ ۽ محمد قاسم جي فتح کان پوءِ ڏاهر جي پٽ جيسيئن برهمڻ آباد ۾ اچي پناهه ورتي. جڏهن محمد قاسم اهو قلعو ورتو،  تڏهن جيسيئن ڀڄي ڪشمير ڏي ويو. ڏاهر جي زال ۽ ٻيا سندس مائٽ برهمن آباد جي ڪوٽ ۾ هئا، جن ڪوٽ بچايو ۽ نيٺ قلعو وٺي اُتي جي ماڻهن کي معافي ڏيئي سندن حوالي ڪيائين. جڏهن سلطان آرام شاهه جي راڄ ۾ سنڌ ۽ ملتان ناصر الدين قباچه جي هٿ ۾ هئا، تڏهن برهمن آباد ۾ هندو حاڪم جسودن آگره نالي هو. انهيءَ کي ڀانڀرا يا ٻانبڻاهه يا ڀنڀور به سڏيندا هئا. ساڳئي وقت ۾ دلوراءِ الور جو حاڪم هو. اهي ٻئي شهر ناس ٿي ويا.

بکر

سنه 624هه (سنه 1227ع) ۾ سلطان شمس الدين التمش جي وزير نظام الملڪ محمد بن اسعد بکر جو قلعو اچي ورتو ۽ ناصر الدين قباچه کي ڀڄائي ڪڍيو، جو درياهه لنگهندي اتفاق سان ٻڏي مئو. سنه 649هه (سنه 1251ع) ۾ ناصرالدين محمود بن التمش وڏي لشڪر سان بکر جو قلعو اچي ورتو ۽ پوءِ هيٺ سيوهڻ ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ڏي ويو. سنه 696هه (سن 1296ع) ج۾ سلطان علاءُ الدين جي حڪم پـٺـيان نصرت خان ڏهن هزارن ماڻهن سان بکر ۾ آيو ۽ مخالف قومن کي ماري مڃايائين ۽ پوءِ هيٺ سيوهڻ ۽ ٺٽي تائين به ويو. سنه 720هه (سنه 1320ع) کان پوءِ سگهو ئي سلطان غياث الدين تغلق شاهه دهليءَ جي بادشاهه سنڌ ۾ سومرن جي فساد جو ٻڌي خواجه خطير کي بکر جو حاڪم ڪري موڪليو. سنه 752هه (سنه 1351ع) ۾ جڏهن فيروز شاهه دهليءَ جو بادشاهه ٿيو، تڏهن ٺٽي ۾ سومرن کي شڪست ڏيئي موٽي بکر ۾ اچي ويهه ڏينهن رهيو ۽ مَلَڪَ رُڪن الدين کي پنهنجي پاران سنڌ جو نائب مقرر ڪري اتي رکيائين ۽ اخلاص خان لقب ڏنائينس ۽ مَلڪ عبدالعزيز کي بکر جو ديوان يا مالي حاڪم مقرر ڪيائين. سنه 772هه (سنه 1370ع) ۾ فيروز شاهه وري به بنگال فتح ڪرڻ کان پوءِ بکر ۾ آيو ۽ اتان وري ٺٽي ويو. انهيءَ کان اڳي سنه 417هه (سنه 1026ع) ۾ سلطان محمود غزنويءَ جي وزير عبدالرزاق سنڌ تي ڪاهه ڪئي ۽ پهرين بکر وٺي پوءِ سيوهڻ ۽ ٺٽي ڏي ويو. سنه 755هه (سنه 1354ع) ۾ ڄام اُنڙ سمي اچي بکر ورتو ۽ دهليءَ جي بادشاهه سلطان علاءُ الدين جي حڪم سان مَلڪ تاج الدين ڪافوريءَ اچي بکر ورتو. جڏهن مرزا پير محمد تيمور خاني بکر ۽ آسپاس جي فسادين کي سزا ڏيڻ لاءِ ڪاهي آيو، تڏهن بکر جي شهر جا ماڻهو ڀڄي ويا، پر اتي جي سيدن جي منت آزيءَ تي هن انهن کي معافي ڏني. ڄام نظام الدين يا نندو سنه 896هه _سنه 1490ع) ۾ ٺٽي کان بکر آيو ۽ اتي هڪ ورهيه اچي رهيو ۽ فسادي قومن کي سيکت ڏنائين. سنه 927هه سنه 1520ع) ۾ ڄام فيروز سمي جي وقت ۾ مرزا شاه حسن سنڌ ۾ آيو. انهيءَ وقت ڌاري بکر ۾ ڌاريجن ماڻهن فساد ڪيو. مرزا شاه حسن اتي آيو. سلطان محمود خان اڳيئي فساد بند ڪري وٽس آيو. مرزا شاه حسن الور مان سرون ٺهرائي قلعي جي مرمت ڪرائي ۽ انهيءَ ۾ زمين ورهائي پنهنجن اميرن کي وهاريائين ۽ پوءِ ٺٽي مان ٿي گجرات ڏي ويو. سنه 931هه ۾ مرزا شاه حسن اُچ ۽ ملتان ورتو ۽ ملتان جي حاڪم سلطان حسين لانگاه سان ملتان ۽ بکر جي حد مقرر ڪيائين. ٻئي سال ۾ هن ملتان به وٺي مرزا بابر کي ڏنو ۽ پوءِ بکر ۾ آيو. سنه 949هه ۾ همايون بادشاهه بکر ۾ آيو ۽ پوءِ اتان ٿر ڏي روانو ٿيو. ٻئي سال ۾ بخشو لانگاهه بکر تي ڪاهي آيو، پر شڪست کائي موٽي ويو. سنه 963هه (سنه 1555ع) ۾ مرزا عيسيٰ ترخان ۽ سلطان محمود خان جي بکر ۾ لڙائي لڳي، پر مرزا نااميد ٿي موٽي ٺٽي ويو. سگهوئي پوءِ ارغون ماڻهو مرزا عيسيٰ کان رنج ٿي سلطان محمود خان وٽ آيا ۽ بکر ۾ رهي پيا. سنه 976هه ۾ مرزا محمد باقيءَ جي حڪومت ۾ سندس ننڍو ڀاءُ خان بابا بکر ۾ اچي سلطان محمود سان ڀاءُ جي برخلاف شامل ٿيو ۽ فساد ڪيائين ۽ مرزا باقيءَ اچي شڪست ڏيئي ڀڄايس. سنه 982هه (سنه 1574ع) ۾ سلطان محمود خان جي مرڻ تي اڪبر بادشاهه ڪيسو خان کي بکر جو حاڪم مقرر ڪري موڪليو ۽ پوءِ هڪٻئي پٺيان مير عدل ۽ اعتماد خان آيا ۽ پوءِ مسند علي فتح خان بهادر ۽ راجا پرمانند گڏ مقرر ٿي آيا. پوءِ نواب محمد صادق خان مقرر ٿي آيو. سنه 996هه (سنه 1587ع) ۾ بکر نواب اسماعيل قلي خان کي جاگير ٿي مليو ۽ هن جو پٽ رحمان قلي بيگ بکر ۾ اچي رهيو. انهيءَ کان پوءِ اها جاگير شيرويه سلطان کي ملي، جو نشئي هو. تنهن ڪري سنه 998هه ۾ بکر وري به نواب محمد صديق خان کي جاگير ٿي مليو. انهيءَ سال ۾ نواب خان خانان مرزا جاني بيگ سان وڙهڻ لاءِ بکر ۾ آيو ۽ پوءِ هن کي وٺي بادشاهه ڏي ويو. مرزا غازي بيگ بادشاهه وٽان ٿي بکر ۾ آيو، جو خسرو خان چرڪس اتي فساد ڪيو هو، جنهن کي نيٺ هندو خان پڪڙي وٺي آيو. سنه 1057هه (سنه 1647ع) ۾ جڏهن نواب مغل خان دهليءَ جي بادشاهه شاه جهان جي پاران ٺٽي ۾ حاڪم هو، تڏهن ٺٽو ۽ بکر ۽ سيوهڻ شاهزادي اورنگزيب کي ملتان جي بدران جاگير ٿي مليا. سنه 1078هه ۾ سيد عزت خان، جنهن کي عزت پير چوندا هئا ۽ جو بکر جو فوجدار هو، سو ٺٽي جو نواب مقرر ٿي ويو. سنه 1150هه (سنه 1736ع) ۾ بکر ۽ سيوهڻ ۽ ٺٽي جي حڪومت ميان نور محمد ڪلهوڙي کي ملي، جنهن کي خدا يار خان لقب مليو. انهيءَ وقت ڌاري شاهزادو محمد معزالدين به بکر ۾ آيو ۽ انهيءَ سال ۾ ميان نور محمد کي بکر ۽ سيوهڻ ۽ ٺٽو يعني ساري سنڌ ملي. ٻه ورهيه پوءِ جڏهن نادر شاهه آيو، تڏهن انهيءَ به ميان کي قائم ڪيو ۽ شاهي قلي خطاب ڏنائينس وري جڏهن ٽالپر سنڌ جا حاڪم هئا، تڏهن مير نصير خان جي ڏينهن ۾ انگريز سرڪار سنه 1838ع ڌاري بکر جو قلعو پنهنجي لشڪر جي لاءِ اُڌارو ورتو، جو لشڪر شاه شجاع پٺاڻ جي مدد لاءِ ٿي ويو. سنه 1842هه ۾ وري انگريز سرڪار ميرن سان عهد نامو ڪري بکر، سکر، روهڙي، ٺٽو ۽ ڪراچي پنهنجي ڪم لاءِ ورتا، ۽ پوءِ جڏهن سنڌ انگريزن کٽي، تڏهن بکر ۾ توبخاني جي باروت رکڻ جو بندوبست ڪيائون.

ٻٻرلو

جڏهن ڄام فيروز ۽ مرزا شاه حسن جي پاڻ ۾ لڙائي پئي هلي، تڏهن شاه حسن ڄام کي شڪست ڏيئي ٻٻرلو ۾ اچي شڪار ڪرڻ لڳو ۽ پوءِ ملتان ڏي ويو. سنه 947هه (سنه 1540ع) ۾ جڏهن همايون بادشاهه سنڌ ۾ آيو، تڏهن مرزا شاهه حسن جي حڪم سان سندس رهڻ لاءِ ٻٻرلو پسند ڪيو ويو. انهيءَ ۾ جي چار باغ مشهور هئا، سي چڱيءَ طرح سينگاريا ويا ۽ رهائڻ لاءِ عمديون جايون تيار ٿيون. جڏهن همايون آڊيو، تڏهن پنهنجي منزل گاهه لوهريءَ ۾ ڪيائين؛ فقط پاڻ اڪيلو ٻٻرلو ۾ اچي رهيو ۽ باغن جي فرحت ورتائين. سنه 961هه (سن 1553ع) ۾ مرزا شاه حسن مکيه شهرن ۾ حاڪم مقرر ڪري پاڻ گهمندو وتيو ۽ ڪي ڏينهن ٻٻرلو ۾ اچي رهيو ۽ پوءِ بکر ويو.

تغلق آباد (پوءِ ساموئي، هاڻي ڪلان ڪوٽ)

سنه 928هه (سنه 1521ع) ۾ مرزا شاهه حسن تخت نشينيءَ کان پوءِ ڄام فيروز سان وڙهي هن کي شڪست ڏيئي پوءِ تغلق آباد ۾ اچي رهيو. گهڻن مهينن کان پوءِ هالن جي رستي بکر ويو. سنه 998هه (سنه 1589ع) کان پوءِ مرزا جاني بيگ ٺٽي جو شهر ناس ڪرائي پنهنجا ٻار ٻچا تغلق آباد ۾ وٺي آڻي رهايا، جتي ڪلان ڪوٽ جو قلعو ٺهرائي ڇڏيو هئائين. سنه 1099هه (سنه 1687ع) ۾ نواب مريد خان ٺٽي جو نواب ٿي آيو، پر پاڻ سان راجپوت گهڻا آندائين، جن ماڻهن کي ستايو، تنهنڪري هن کي موقوف ڪيو ويو. پوءِ هو ڪيترا ڏينهن تغلق آباد ۾ر هيو پيو هو، جتي جي هوا هن کي گهڻو پسند آئي.

ٺٽو

سنه 416هه (سنه 1025ع) ۾ سلطان محمود غزنويءَ پنهنجو وزير عبدالرزاق سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ موڪليو، جو سيوهڻ تائين ملڪ فتح ڪري پوءِ ٺٽي تائين آيو ۽ عربن جي رکيلن حاڪمن کي ڪڍندو پنهنجا رکندو آيو. وري سنه 696هه (سنه 1296ع) ۾ علاءُ الدين خلجي نصرت خان کي وڏي لشڪر سان موڪليو، جنهن ٺٽي ۽ ٻين سنڌ جي وڏن شهرن ۾ پنهنجا حاڪم مقرر ڪيا. سنه 772هه (سنه 1370ع) ۾ فيروز شاهه دهليءَ جو بادشاهه بکر مان ٿيندو ٺٽي آيو. تڏهن ڄام خيرالدين سمو ٺٽي جو حاڪم هو،  جو سامهون ٿيس، پر پوءِ شڪست کائي ڀڄي ويو. سومرن ۽ سمن ڄامن جي ڏينهن ۾ ٺٽو سندن گاديءَ جو هنڌ هو. سنه 896هه (سن 1490ع) ۾ ڄام نظام الدين ٺٽي جو شهر نئين سر آباد ڪيو ۽ سينگاريو. منجهس مسجدون ۽ ٻيون عمارتون ٺهرايائين. ڄام فيروز جي ڏينهن ۾ گهڻا مغل شاه بيگ کي ڇڏي ٺٽي ۾ اچي رهيا ۽ ڄام انهن کي شهر جو ڀاڱو رهڻ لاءِ ڏنو، جنهن کي مغلواڙو چوندا هئا. ارغون ۽ ترخان حاڪمن جي راڄ ۾ به ٺٽو گاديءَ جو هنڌ هو. مرزا عيسيٰ ترخان جي وقت ۾ سنه 963هه (سنه 1555ع) ۾ پورچوگيز ماڻهو ٺـٽي ۾ آيا، جي بندر تان لهي ٺٽي ۾ اچي ڦرمار ڪري ۽ باهيون ڏيئي ڪي ماڻهو قيد ڪري وري بندر ڏي هليا ويا. مرزا عيسيٰ تڏهن بکر ڏي ٻاهر ويل هو، جتان سگهوئي موٽي آيو؛ پر هو اڳيئي هليا ويا هئا ۽ مرزا عيسيٰ کي شهر جي مرمت ڪرڻي پيئي. مرزا جاني بيگ وري پنهنجي راڄ ۾ ٺٽي کي ڏاڍو سڌاريو. ترخانن کان پوءِ دهليءَ جي بادشاهه جا نواب ٺٽي ۾ حاڪم ٿي رهيا، جن جو احوال خلاصي باب ۾ مٿي ڏنو ويو آهي. سنه 1150هه (سنه 1737ع) ۾ ميان نورمحمد ڪلهوڙي کي نادر شاه ٺٽو ۽ سوستان ڏنو. انهيءَ سال ۾ ڌاراج ۽ ڪڪراله جي هندو حاڪمن لشڪر موڪليو، جنهن کي ٺٽي ۾ ميان نورمحمد جي پٽ محمد مرادياب شڪست ڏني. نادر شاه جي اچڻ تي ميان نورمحمد ڀڄي ويو ۽ سندس وڪيل ٺٽي ۾ آيا؛ پر پوءِ بادشاهه مٿس راضي ٿيو ۽ ميان نورمحمد پنهنجي پاران سلطان سامٽئي کي ٺٽي ۾ حاڪم ڪري رکيو. وري سنه 1171هه (سننه 1758ع) ۾ ميان غلام شاهه جي راڄ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ٺٽي ۾ اورنگا بندر ۾ ڪارخانا وڌا، جي ميان سرفراز پوءِ بند ڪرائي ڇڏيا. سنه 1197هه (سنه 1783ع) ۾ مير فتح علي خان جي حڪم سان غلام علي ولد قيصر نظاماڻي، جو ٺٽي جو حاڪم هو، سو وڏي لشڪر سان ڪڪراله تي ڪاهي ويو ۽ اُتي جي هندو راجا کي شڪست ڏنائين.

پاٽ

سنه 930هه (سنه 1523ع) ۾ مرزا شاه حسن جي شادي بابر جي مير منشي خليفي حسام الدين ميرڪ جي ڌيءَ گلبرگ بيگم سان ٿي، انهيءَ ڪري مرزا مٿئين خليفي کي پاٽ ۽ باعبان جا پرڳڻا انعام ۾ ڏنا ۽ پاڻ ڪنئار سميت بکر ويو. سنه 947هه (سنه 1540ع) ۾ همايون ٻن لکن ماڻهن سان سنڌ ۾ آيو ۽ لوهريءَ ۾ لٿو. سرسات جي موجود ڪرڻ لاءِ هن پنهنجوي ڀاءُ مرزا هندال کي پاٽ ڏي موڪليو ۽ پاڻ به پٺيانس ويو، پر اتي وبائي تپ اچي پيو، تنهن ڪري نااميد ٿي موٽي بکر ۾ آيو. سنه 950هه (سنه 1543ع) ۾ جڏهن مرزا ڪامران پنهنجي ڀاءُ همايون سان تڪرار ڪري نڪتو، تڏهن پاٽ ۾ مرزا شاه حسن مليس. انهيءَ سندس گهڻي تلافي ڪئي ۽ پنهنجي ڌيءَ چؤچڪ بيگم جي شادي هن سان ڪيائين، جا پاٽ ۾ ڏاڍي ڌوم ڌام سان ٿي. ٽي ميهنا اتي گذاري مرزا ڪامران موٽي قنڌار ويو. سنه 994هه (سنه 1585ع) ۾ جڏهن اڪبر بادشاهه بکر جاگير ڪري نواب محمد صادق خان کي ڏنو، تڏهن نواب سيوهڻ ڏانهن ويو. پاٽ ۾ مرزا جاني بيگ جي ماڻهن سان هن کي وڙهڻو پيو. جنهن کي شڪست ڏيئي ۽ درياه تي ٻيڙين جي لڙائيءَ ۾ وري سبحان قلي ارغون کي شڪست ڏيئي سيوهڻ ۾ آيو، جتي مرزا جاني ٺٽي مان اچي پهتس، جنهن ڪري هو گهيرو ڦٽو ڪري بکر ڏي موٽيو.

پٽ باران

مير شهداد خان ٽالپر شاهزادي معزالدين جي حڪم سان ديرن ۾ بهادريءَ سان وڙهيو هو، تنهن ڪري مير کي بٽ باران جاگير ۾ مليو.

جُون يا جونپور

سنه 927هه (سنه 1520ع) ۾ ڄام صلاح الدين مرزا شاه حسن جي اچڻ تي ٺٽي مان نڪري جون جي ڳوٺ ۾ وڃي رهيو. اتي سندن وچ ۾ جنگ لڳي، جنهن ۾ صلاح الدين پاڻ ۽ سندس پٽ هيبت علي خان مارجي ويا. سنه 947هه (سنه 1540ع) ۾ همايون بادشاهه شير شاهه سان وڙهڻ کان پوءِ جونپور ۾ آيو، جتي مرزا شاه حسن مليس ۽ سندس گهڻي خوشامد ڪيائين. ٻه ورهيه پوءِ همايون جيسلمير ۽ عمرڪوٽ ۾ رهي جونپور ۾ آيو ۽ اُتي درياهه جي ڪنڌيءَ تي فرحت سان گذارڻ لڳو. ٻئي ورهيه ۾ همايون جي قنڌار ڏي وڃڻ کان پوءِ بخشو لانگاه ملتان ۾ بلوچن ۽ لانگاهن ۽ ناهرن جو لشڪر گڏ ڪري جونپور جي آمهون سامهون تيار ٿيو ۽ بکر تي ڪاهه ڪرڻ جي رٿ ڪيائين، جو شاه حسن ۽ ٻيا زيردست سڀ ٺـٽي ڏي ويل هئا؛ پر سگهو ئي شڪست کائي موٽيو. سنه 988هه (سنه 1589ع) ۾ مرزا جان يبيگ جي وقت ۾ خان خانان مٿس لشڪر وٺي آيو ۽ ان جا جدا جدا ڀاڱا جدا جدا پاسن ڏي روانا ڪيائين. هڪڙو لشڪر جُون ۽ فتح باغ ڏي به موڪليائين. انهن اتي وڃي قلعن کي گهيرا ڪيا. سگهوئي پوءِ لڪيءَ وٽ مرزا جاني بيگ شڪست کاڌي.

چانڊڪو (هاڻي لاڙڪاڻو)

آدم شاه ڪلهوڙو، ڪلهوڙن جو ڏاڏو، جو جونپور جي بزرگ ميران محمد جي گاديءَ تي ويٺو، سو چانڊڪي ۾ اچي رهيو. آدم شاه جو پوٽو ميان الياس چانڊڪي جي ويجهو دفن ٿيل آهي. سنه 896هه (سنه 1490ع) ۾ ڄام نظام الدين سمي جي وقت مرزا شاه حسن کي مغل قنڌار کان وٺي چانڊڪيءَ ۽ ڪن ٻين شهرن تي آڻي ڪاهه ڪئي، پر ڄام نندي دريا خان جي هٿ هيٺ لشڪر موڪليو، جنهن مغلن کي وڃي شڪست ڏني ۽ انهيءَ لڙائي ۾ شاه حسن جو ڀاءُ ابو محمد مرزا مارجي ويو. سنه 927هه (سنه 1520ع) ۾ مرزا شاه بيگ جي راڄ ۾ مرزا سيوهڻ کان پوءِ چانڊڪي ۾ اچي رهيو. اتي بکر جي فساد جو ٻڌي اوڏي روانو ٿيو. سنه 928هه (سنه 1521ع) ۾: مرزا شاه بيگ بکر مان موٽي چانڊڪي ۾ آيو ۾ مير فاضل ڪوڪلتاش جي مرڻ ڪري هن جي لاش کڻائي بکر ڏي موڪليائين ۽ پاڻ به اوڏانهن ويو ۽ پوءِ اتان گجرات روانو ٿيو. سنه 998هه (سنه 1589ع) ۾ جڏهن اڪبر بادشاهه سنڌ ۾ آيو، تڏهن مير معصوم شاه بکر وارو وٽس ويو ۽ بادشاهه کيس چانڊڪي جو پرڳڻو ۽ درٻيلو جاگير ڪري ڏنا. (وڌيڪ احوال لاڙڪاڻي هيٺ ڏسو.)

حيدرآباد (اڳي نيرون ڪوٽ)

سنه 1183هه (سنه 1769ع) ۾ ميان غلام شاه ڪلهوڙو نيرون ڪوٽ ۾ آيو، جو اتي اڳئين سال ۾ ڪوٽ وجهايو هئائين. انهيءَ شهر کي حيدرآباد جو نالو ڏنائين ۽ انهيءَ کان پوءِ اُهو سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ٿيو. انهيءَ کان اڳي خدا آباد گادي هئي. مرڻ کان پوءِ سندس قبو به اتي جڙيو. سنه 1188هه (سنه 1774ع) ۾ مير فتح خان حيدرآباد تي ڪاهي آيو ۽ ميان محمد سرفراز ڀڄي ويو. پهرين ميان خدا آباد ۾ هو؛ ۽ جڏهن مير اهو وڃي ورتو، تڏهن ڀڄي حيدرآباد آيو هو. مير سندس ڀاءُ محمود خان کي گاديءَ تي وهاريو. سنه 1190هه (سنه 1776ع) ۾ ميان غلام نبيءَ جي راڄ ۾ حيدرآباد جي قلعي ۾ ميان سرفراز ۽ ميان عطر خان ۽ محمود خان ۽ مير محمد قيد رکيل هئا، تن کي هڪدم مارائي ڇڏيائين، جو ڊپ ٿيس ته کانئس ملڪ ويندو، متان هنن مان ڪنهن کي گاديءَ تي رکن. سنه 1201هه (سنه 1786ع) ڌاري ميان عبدالنبي قلات جي خان جي مدد وٺي حيدرآباد تي ڪاهي آيو ۽ مير فتح علي خان شڪار تي ويل هو، پر هو ميان کان نااميد ٿي موٽي هليا ويا. انهيءَ وقت ڌاري ميان عبدالنبي ۽ ٻين ڪلهوڙن جا ٻار ٻچا حيدرآباد جي قلعي ۾ رهندا هئا. مير فتح علي خان ميان جي ڀڄي وڃڻ جو ٻڌي پنهنجي سپهه سالار حاجي احمد کي حيدرآباد جي وٺڻ لاءِ موڪليو. ميان جي طرفان غلام حيدر مرڻاڻي اتي جي سنڀال تي هو، تنهن مير جي لشڪر جي اچڻ جو ٻڌي باروت کي کڻي باهه ڏني. ڏاڍو ڌڪاءُ ٿيو، جنهن ۾ ڪوٽ جي ڀت جو ڀاڱو ڪري پيو ۽ حاجي احمد لشڪر ڪاهي اندر ويو ۽ قلعو ورتائين ۽ غلام حيدر ڪلهوڙن جا قبيلا وٺي جوڌپور ڏي ڏياري موڪليا، جو ميان جي پُٽ اڳيئي اُتي وڃي پناهه ورتي هئي. سنه 1202هه (سنه 1787ع) ۾ تيمور شاهه جي موٽي وڃڻ کان پوءِ مير فتح علي خان موٽي حيدرآباد ۾ آيو ۽ انهيءَ کي پنهنجو تختگاهه ڪيائين ۽ خدا آباد اصل ڇڏي ڏنائين. حيدرآباد ۾ ڪي نيون ٽي مسجدون ٺهرايائين، جن مان هڪڙي بي بي خيريءَ جي مسجد آهي، جا مير فتح علي خان جي ماءُ هئي ۽ ٻي ملا رحمت الله واري مسجد ۽ ٽين طالب شاهه واري مسجد، جا قلعي جي در جي ويجهي آهي، اهي سڀ عمارتون نون مهينن جي اندر جڙي تيار ٿيون. مرڻ کان پوءِ مير کي خدا آباد ۾ رکيائون، پر پوءِ ٻين ميرن کي حيدرآباد ۾ رکندا آيا، جتي هاڻي ميرن جا قبا آهن. مير غلام علي خان جي ڏينهن ۾ حيدرآباد ۾ ڏاڍا سڌارا ٿيا ۽ انگريزن سان عهدنامو ٿيو. سندس ڏينهن ۾ سنه 1230هه (سنه 1814ع) ۾ شاه شجاع حيدرآباد ۾ آيو ۽ آغا اسماعيل شاهه جي ٽنڊي ۾ رهايو ويو. سنه 1240هه (سنه 1824ع) ۾ مير مراد علي خان جي بيمار هئڻ ڪري انگريز سرڪار ڊاڪٽر برنس کي حيدرآباد موڪليو، جنهن اچي علاج ڪري ڇٽايس. مير مراد علي خان جي ڏينهن ۾ حيدرآباد ۾ ضرب خانو پيو، جتي اشرفيون ۽ مهرون جڙڻ لڳيون، ۽ ٻيا به ترارين وغيره جا ڪارخانا پيا ۽ ٻاهرين ملڪن جي بادشاهن سان دوستيءَ جا عهدناما ٿيا. مير نور محمد خان جي ڏينهن ۾ حيدرآباد منجهه انگريز سرڪار جو ريزيڊنٽ مقرر ٿيو ۽ سگهوئي پوءِ سنه 1254هه (سنه 1838ع) ۾ جنرل ڪين، جو درياهه جي رستي ڪراچيءَ کان لشڪر وٺي شاهه شجاع جي مدد لاءِ ٿي ويو، سو ڪوٽڙيءَ وٽ ترسي ريزيڊنٽ سان گڏ حيدرآباد شهر گهمڻ آيو. مير نصير خان جي ڏينهن ۾ سنه 1258هه (سنه 1842ع) ۾ حيدرآباد ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ سخت وبا پيئي ۽ سڀ مير حيدرآباد ڇڏي اگهيماڻي جي ڳوٺ ۾ وڃي رهيا. انهيءَ سال ۾ سرچارلس نيپئر ريزيڊنٽ مقرر ٿي آيو ۽ سگهوئي پوءِ ميرن سان هن جي ناسازي شروع ٿي ۽ بلوچن ريزيڊنٽ ميجر آؤٽرم تي ڪاهه ڪئي ۽ هو نڪري سرچارلس نيپئر ڏي ويو، جو خيرپور جي پاسي هو. هو هڪدم حيدرآباد تي ڪاهي آيو ۽ مياڻيءَ جي جنگ ۾ سنه 1259هه (سنه 1843ع) ۾ ميرن کي شڪست ڏيئي حيدرآباد جو قلعو ورتائين ۽ ميرن کي قيد ڪيائين ۽ ميرن جا ديرا نڪري ڦليليءَ جي ڪپ تي يوسف جي ٽنڊي وڃي ويٺا ۽ پوءِ سائين داد جي ٽنڊي وڃي ويٺا ۽ اُتي باهه لڳڻ ڪري وري اچي ڦليليءَ جي اڀرندي محمد خان ٺوڙي جي ٽنڊي ۾ ويٺا. انهيءَ کان پوءِ حيدرآباد انگريز سرڪار جي هٿ ۾ رهي.

خدا آباد

ميان يار محمد ڪلهوڙي جي وقت ۾ سنه 1113هه (سنه 1701ع) ڌاري ڪلهوڙن زور ورتو ۽ پنوهرن کان شڪارپور هٿ ڪري اتي پنهنجو مکيه شهر ٺهرايائون ۽ انهيءَ تي خدا آباد جو نالو رکيائون، ۽ اتان پوءِ ٻيا پاسا هٿ ڪرڻ لڳا. ميان يار محمد جا ٻه پٽ، نور محمد ۽ محمد خان، جي هيستائين قلات ۾ هئا، سي به اتي اچي رهڻ لڳا. سنه 1170هه (سنه 1757ع) ۾ جڏهن ميان غلام شاهه گاديءَ تي ويٺو، تڏهن انهيءَ شهر کي درياهه ويڙهي ويو، تنهن ڪري ميان اهو ڇڏي پنهنجي پيءُ جي ٻڌل شهر حيدرآباد جي ويجهو ٻيو شهر ٻڌو، جنهن کي الهه آباد سڏيائين. فقط سندس مائيتو ڀاءُ محمد مرادياب خدا آباد ۾ رهندو آيو ۽ عطر خان هن کي اتي رهائيندو آيو ته مُلڪ جي طمع رکي. سنه 1172هه (سنه 1759ع) ۾ ميان غلام شاه جڏهن ٻڌو ته ڪي کوسا سردار خدا آباد جي شهر تي ڪاهي ڦر ڪري هليا ويا آهن، تڏهن اتي اچي انهن کوسن سردارن کي مارائي ڇڏيائين ۽ شهر جي سنڀال لاءِ ماڻهو مقرر ڪيائين.

سنه 1186هه (سنه 1772ع) ۾ ميان يار محمد سرفراز اڳوڻُ خدا آباد ڇڏي نئون خدا آباد جوشهر هالن کي ويجهو ٻڌايو ۽ سگهوئي پوءِ ميرن ٽالپرن سان ناسازي ٿيڻ لڳيس ۽ مير بهرام ۽ سندس پٽ مير سهراب کي ماريائين، جي خدا آباد ۾ دفن ڪيا ويا. اهو واقعو سنه 1189هه ۾ ٿيو ۽ ٻئي سال ۾ مير فتح خان بلوچن جو لشڪر وٺي خدا آباد کي گهيرو ڪيو ۽ زور سان اندر گهڙيو. ميان محمد سرفراز پنجن ڇهن ماڻهن سان ڀڄي هڪڙي مهاڻي جي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي حيدرآباد ۾ آيو، جنهن کي به وري ميرن اچي گهيرو ڪيو. سنه 1197هه (سنه 1782ع) ۾ مير بجار خان ميان عبدالنبيءَ کي گاديءَ تي وهاريو ۽ پاڻ به پنهنجن بلوچن سميت اچي خدا آباد ۾ رهيو. جڏهن پوءِ عبدالنبي ڀڄي وڃي مدد خان کي وٺي آيو، اهو سردار خدا آباد ۾ آيو ۽ ماڻهن سان ظلم ڪرڻ ۽ آسپاس جا ملڪ ڦرڻ لڳو، تڏهن مير عبدالله، جو عمرڪوٽ ۾ هو، سو لشڪر وٺي مدد خان سان وڙهڻ آيو. مدد خان نڪري مير جي منزل گاه وٽ ويو ۽ پوءِ عبدالنبيءَ جي حرڪت معلوم ڪري موٽي هليو ويو. ميان عبدالنبي پشيمان ٿي مير وٽ اچي پيش پيو ۽ اڳتي لاءِ قسم کنيائين، تنهن ڪري مير کيس خدا آباد ۾ وري به گاديءَ تي وهاريو. سنه 1201هه ( 1786ع) ۾ عبدالنبي ڀڄي قلات جي خان کان مدد وٺي خدا آباد تي ڪاهي آيو، مير فتح علي خان تڏهن ونگ جي پاسي ويل هو، پر عبدالنبي نااميد ٿي سيوهڻ جي پاسي هليو ويو. سنه 1197هه (سنه 1783ع) ۾ مير فتح علي خان، تيمور شاه بادشاهه جي ڏسڻ کان پوءِ سنڌ جو پڪو حاڪم ٿي آيو ۽ خدا آباد ڇڏي شاهپور جو نئون شهر ٻڌي انهيءَ ۾ اچي رهيو. سنه 1202هه (سنه 1787ع) ۾ اتان نڪري حيدرآباد اچي تخت گاهه ڪيائين ۽ پوءِ انهيءَ شهر کي سينگارڻ لڳو. سنه 1217هه (سنه 1802ع) ۾ مير فتح علي خان وفات ڪئي ۽ سندس لاش خدا آباد ۾ کڻي وڃي دفن ڪيائون، جو سندس وڏا اتي دفن ڪيل هئا. مير ڪرم علي خان پهريون مير هو، جو حيدرآباد ۾ رکيو ويو. انهيءَ کان اڳي ميرن کي خداآباد ۾ رکندا آيا. مير ڪرم علي خان سنه 1244هه (سنه 1828ع) ۾ وفات ڪئي.

خيرپور

سنه 12332هه (سنه 1817ع) ۾ راجا رنجيت سنگهه مِٺن ڪوٽ وٺڻ کان پوءِ سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ پنهنجي پوٽي نهال سنگ کي موڪليو. مير مراد علي خان ۽ ڪرم علي خان ٽيهه هزار ماڻهو وٺي انهيءَ کي سامهون ٿيڻ لاءِ شڪارپور ڏي روانا ٿيا. جڏهن خيرپور ۾ آيا، تڏهن مير سهراب خان به پنهنجي لشڪر سان ساڻن گڏيو. خيرپور کي تڏهن سهراب پور سڏيندا هئا. مير سهراب خان جي مرڻ تي خيرپور وارو ملڪ سندس پٽن ۽ ڀائيٽن ۾ ورهايو ويو، جيئن حيدرآباد وارو ملڪ مير مراد علي خان جي مرڻ کان پوءِ سندس پٽن ۾ وراهيو هو. سنه 1249هه (سنه 1833ع) ڌاري مير نور محمد خان جي ڏينهن ۾ جڏهن شاه شجاع الملڪ شڪارپور ۾ آيو، تڏهن مير سندس سامهون ٿيڻ لاءِ لشڪر وٺي آيا. جڏهن خيرپور ۾ آيا، تڏهن اتي جي ميرن جو به لشڪر شامل ٿين. سيد آغا ڪاظم شاه حيدرآباد واري لشڪر جو مهندار هو ۽ گولو شاه خيرپور واري لشڪر جو، جيڪا جنگ لڳي، تنهن ۾ اهي ٻئي مارجي ويا. سنه 1252هه (سنه 1836ع) ۾ انگريز سرڪار جو لشڪر شاه شجاع الملڪ جي مدد لاءِ ڪراچيءَ مان درياهه جي رستي آيو. خيرپور جي ميرن پهرين اعتراض آندو، پوءِ راضي ٿيا. ورهيه ڏيڍ کان پوءِ خيرپور جو ريزيڊنٽ راس بيل، جو رکيو ويو هو، سو ڪڍي ڇڏيائون ۽ ميجر پاٽنجر حيدرآباد جو ريزيڊنٽ خيرپور جو به ريزيڊنٽ ڪيو ويو. سنه 1254هه (سنه 1838ع) ۾ جنرل ڪين. شاه شجاع الملڪ کي ڪابل جي تخت تي ويهاري موٽيو ۽ خيرپور ۾ ميرن سان ملاقات ڪندو حيدرآباد ۾ آيو. سنه 1258هه (سنه 1842ع) ۾ خيرپور ۾ مير علي مراد خان ۽ مير رستم خان ٻنهي ڀائن جو پاڻ ۾ تڪرار ٿيو. سندن لڙائيءَ ۾ مير رستم ڀڄي ويو ۽ مير علي مراد خان ملڪ جو مالڪ ٿيو ۽ سرچارلس نيپئر به سندس طرفدار ٿيو؛ ۽ حيدرآباد وارا مير، مير رستم خان جا مددگار ٿيا. ٻئي سال ۾ مياڻيءَ واري جنگ ۾ شڪست کاڌائون ۽ سنڌ هٿان وڃايائون. مير رستم خان به ٻين ميرن سان گڏ قيد ٿيو.

در ٻيله

عربن جي فتح کان پوءِ، سلطان آرام شاه جي راڄ ۾ جڏهن سنڌ ۽ ملتان ناصرالدين قباچه کي ملي، تڏهن درٻيلي جو پرڳڻو هندو حاڪم راڻي ڀنر سهتي راٺوڙ جي هٿ ۾ هو. سنه 908هه (سنه 1502ع) ڌاري جڏهن مرزا شاه حسن ۽ ڄام فيروز جي وچ ۾ ويڙهه پئي هلي، تڏهن مرزا شاه حسن پنهنجي پاران درٻيلي ۾ مير فرخ کي حاڪم مقرر ڪيو ۽ پاڻ بکر ويو، جنهن کي وڃي وسايائين. سنه 970هه (سنه 1562ع) ۾ مرزا عيسيٰ ترخان ۽ سلطان محمود خان جي وچ ۾ ويڙهه لڳي، جا پهرين سيوهڻ ۾ ٿي ۽ پوءِ درٻيلي ۾. پهرينءَ ۾ سلطان محمود شڪست کاڌي ۽ ٻيءَ ۾ صلح ڪيائون. سنه 998هه (سنه 1589ع) ۾ جڏهن اڪبر بادشاهه نواب خان خانان کي مرزا جاني بيگ سان وڙهڻ لاءِ سنڌ ڏي موڪليو، تڏهن مير معصوم شاه بکر وارو اڪبر بادشاهه وٽ سلام تي ويو ۽ انهيءَ کيس درٻيلي ۽ چانڊڪي ۽ ڪاڪڙيءَ جي جاگير ڏني.

ديبالپور

عربن جي فتح کان پوءِ ديبالپور کان وٺي سمنڊ تائين جيڪو پرڳڻو هو، سو عربن جي نائب جي هٿ ۾ رهيو. سنه 697هه (سنه 1297ع) ڌاري سلطان علاءُ الدين تغلق ڏهه هزار لشڪر غازي ملَڪ جي هٿ هيٺ ديبالپور ڏي موڪليو ته اتي وڃي چنگيز خان جي مغلن سان وڙهي ۽ هو سنڌي ڏي روانو ٿيو. سنه 796هه (سنه 1393ع) ۾ ناصر الدين تخت تي ويهڻ کان پوءِ هڪڙو لشڪر سارنگ خان جي هٿ هيٺ ديبالپور ڏي موڪليو ۽ هو سنڌ ڌي روانو ٿيو. هن ديبالپور جو قلعو وڃي ورتو ۽ مقرب خان کي اُتي ڇڏي پاڻ گواليار ڏي ويو، پر جڏهن سعادت خان وجهه ڏسي ڪوٽ کي گهيرو ڪيو، تڏهن سارنگ خان موٽي آيو ۽ اچي قلعو بچايائين، پر سنه 800هه ۾ سارنگ خان دهليءَ جي ماڻهن جي هٿان شڪست کائي ملتان ۾ موٽي  آيو.

ديبل

جڏهن سنڌ جا راجا راءِ گهراڻي جا هئا، تڏهن چار حاڪم چئن جدا جدا ڀاڱن ۾ هوندا هئا، انهن مان پهريون حاڪم برهمڻ آباد ۾ رهندو هو ۽ انهيءَ جي هٿ هيٺ ديبل ۽ نيرون جا ڪوٽ ۽ ٻيا آسپاس جا ڀاڱا هوندا هئا، ٻيو حاڪم سيوستان ۾، ٽيون اِسڪنداهه ۾ ۽ چوٿون ملتان ۾. چچ جي راڄ ۾ اگهم لوهاڻو برهمن آباد جو حاڪم هو ۽ ديبل ۽ ٻيو سمنڊ تائين ملڪ انهي جي هٿ ۾ هو. چچ کي اگهم سان وڙهڻو پيو ۽ انهي کي ماري اُنهيءَ جي زال سان شادي ڪيائين. 11هه (سنه 632ع) ۾ عربن جو لشڪر ديبل ۾ آيو، تڏهن اُتي جو حاڪم سمه ڀٽ ديوائج قلعي مان نڪري عربن سان وڙهيو، پر مارجي ويو. سنه 86هه (سنه 705ع) ۾ سرنديب جي راجا ڪي تحفا ۽ عمدا موتي حجاج ڏي ٻيڙين ۾ موڪليا. اهي جڏهن ديبل وٽ آيا، تڏهن آسپاس جا چور انهن کي ڦري مال ۽ ڪي ٻانهيون کڻي ويا. جڏهن حجاج کي اها خبر پهتي، تڏهن خليفي جي اجازت سان عربن جو لشڪر سنڌ تي چاڙهي موڪليائين، جو راجا ڏاهر اهي چور هٿ ڪري نه سگهيو: جنهن تي بزيل عرب لشڪر وٺي آيو ۽ اچي ديبل تي ڪاهيائين. جيسيئن تڏهن ديبل ۾ هو. بزيل جا گهوڙا هاٿين کان ٽهي ڀڳا، تنهن ڪري هن کي شڪست آئي ۽ هو مارجي ويو. هيءُ حال ٻڌي حجاج ٻيو وڏو لشڪر محمد قاسم جي هٿ هيٺ موڪليو، جنهن سنه 92هه (سنه 711ع) ۾ ديبل کي اچي گهيرو ڪيو ۽ ماڻهن ڪَلُن سان ڀتيون ڀڃي قلعي جي اندر لنگهيا، ۽ جيڪو وڏو مندر اندر هو، تنهن کي ڀڳائون ۽ ماڻهو ماريائون. شهر مان تمام گهڻو خزانو هٿ لڳو، جو محمد قاسم ورهائي لشڪر کي ڏنو ۽ باقي سرڪاري پنجون حصو ڪڍي حجاج ڏي موڪليائين ۽ پاڻ نيرون ڪوٽ تي ڪاهيائين. ملتان جي فتح ڪرڻ کان پوءِ جيڪو به خزانو سنڌ فتح ڪرڻ سان هٿ آيو هو، سو محمد قاسم ٻيڙين جي رستي ديبل ڏي موڪلي، اتان جهاز ۾ سمنڊ جي رستي خليفي ڏي روانو ٿيو. انهيءَ کان پوءِ سنڌ جي تاريخ ۾ ديبل جو نالو ڏسڻ ۾ نٿو اچي، پر ديبالپور جو اچي ٿو.

ڌاراجا

سنه 1151هه (سنه 1738ع) ۾ ميان نور محمد جي پٽ محمد مرادياب کي ڌاراجا جي حاڪم راڻي اجمل ۽ ڪڪراله جي ڄام روڪيو. هوُ سمنڊ مان جهاز وٺي درياهه ۾ آيا ۽ پوءِ سڪيءَ ۽ پاڻيءَ کان هن سان وڙهڻ لڳا؛ پر جڏهن ڪلهوڙن ڪناري تي توفون ڪم آنديون، تڏهن هو ڀڄي ويا. وري سنه 1160هه (سنه 1747ع) ۾ ڌاراجا جي راڻي جي چورت تي جبل جي ماڻهن ٺٽي تي ڪاهه ڪئي. شيخ شڪرالله ۽ مسو فقير ۽ بولا خان نومڙيو ميان جي طرفان هن سان وڙهيا ۽ راڻي کي ماري ڇڏيائون. ڌاراجا ساڪري تعلقي ۾ هو.

روهڙي (ڏسو لوهري)

ساموئي

جڏهن سومرن جو وڏو شهر محمد طور سومرن سان گڏ ناس ٿي ويو، تڏهن سما، جي انهيءَ جي جاءِ تي حاڪم ٿيا، تن محمد طور جي جاءِ تي ۽ آسپاس ڪي نوان شهر ٻڌا، جن مان مکيه ساموئي هو. اهو درڪَ جو پرڳڻو سڏبو هو. ڄام اُنڙ بن بابينه سمو سنه 752هه (سنه 1351ع) ۾ اتي گاديءَ تي ويٺو ۽ سندس پيءُ ڄام بابينه بن ڄام خير الدين جو ٻڌل آهي ۽ ڪي ڄام بابينه بن ڄام اُنڙ جو ٻڌل ٿا چون. ڄام نظام الدين يا ڄام نندو، جنهن پنجاهي ورهين جي راڄ کان پوءِ سنه 914هه (سنه 1508ع) ۾ وفات ڪئي، تنهن پنهنجي راڄ جي شروع ۾ اهو شهر ساموئي ڇڏي ٿوري پنڌ تي ٻيو نئون شهر ٻڌايو، جو پوءِ گهڻي مدت تائين تخت گاه سمجهبو آيو. ساموئين وارا بيت جي سنڌ جي حڪومت جي نسبت ۾ پيشنگوئي ٿا ڪن، سي به هن شهر ۾ چيا ويا هئا ۽ اُهي ساموئي به هتي مارايا ويا هئا.

سانگرهه

سنه 751هه (سنه 1350ع) ۾ فيروز شاه دهليءَ جي بادشاه جي وقت ۾ سومرن ۽ سمن ۽ جاڙيجن فساد ڪيو ۽ طاغي سندن مهندار هو. فيروز شاه ٻن هزارن ماڻهن سان آيو ۽ انهن کي شڪست ڏنائين ۽ پوءِ ٺٽي کان دهليءَ ڏي روانو ٿيو. رستي ۾ سانگره جي ڍنڍ وٽ هڪڙو ڪوٽ ٺهرائي انهيءَ ۾ نصير کي رکيائين ۽ آسپاس جي ملُڪ تي مُلڪ بهرام کي حاڪم ڪري رکيائين، پوءِ سيوهڻ ۽ بکر مان لنگهي هليو ويو. ڄام چينو، آدم شاه کان اڳي ڪلهوڙن جو ڏاڏو، جو ڀرالوءَ جو پرڳڻي ۾ چينه ٻيلي شهر ۾ رهندو هو، سو کنڀاٿ ڏي ويندي سانگره جي ڪپ تي مري ويو ۽ اتي ئي دفن ڪيو ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org