باب پندرھون
قديم سنڌ جون ڪي قومون ۽ مذھبي فرقا
(الف بي وار)
افغان يا پٺاڻ: افغان بني اسرائيل جي اولاد
مان آھن ۽ اسرائيل جي بادشاھ شاول جي نسل مان آھن.
حقيقت ڪري پٺاڻ اُھي آھن، جي سليمان جبل جي دامن
سان ويٺل آھن، ٻيا افغان آھن. افغانن جون شاخون ھي
آھن: (1) دوراني يا ابدالي، جن مان احمد شاه
ابدالي ھو. (2) غلزائي، جي ٻين کان زور وارا ھئا ۽
ڪابل کان جلال آباد تائين رھن ٿا. خلجي ۽ ترڪ به
انھن مان آھن. (3) يوسف زائي، جي پشاور ضلعي ۾ ٿا
رھن. (4) ڪاڪڙ، جي بلوچستان جي وٽ سان آھن. پٺاڻ
جي افغان نه آھن، سي تاجيڪ ۽ قزلباش ۽ ھزارا ۽
ھندڪي ۽ بلوچي آھن. سنه1720ع ڌاري غلزائي افغانن
ايران تي ڪاھ ڪري اصفھان ورتو. ڏھن ورھين کان پوءِ
نادر بادشاھ، شاه طھماسب کي لاھي پاڻ بادشاھ ٿيو.
انھيءَ پاڻ وٽ گھڻا افغان لشڪر ۾ رکيا، جن جو
سردار احمد شاه دراني ھو. سنه 1747ع ۾ جڏھين نادر
شاه مارجي ويو، تڏھين احمد شاھ بادشاھ ٿيو ۽ پوءِ
سندس پٽ تيمور شاه. پوءِ جو احوال تاريخ مان معلوم
ٿيندو.
انڍڙ: اصل ھندو ھئا، پوءِ مسلمان ٿيا ۽
ھاري ۽ ڌنار ٿي رھيا. مسلمان ٿيڻ وقت جن پنھنجا
جڻيا لاھي ڇڏيا، سي پير موسيٰ نواب جي درگاھ تي
رکيل آھن، جو بھاول پور جي رياست ۾ آھي. ھي ماڻھو
اڪثر گھوٽڪي، سکر ۽ شڪارپور تعلقن ۾ رھن ٿا.
اوڏ: اصل مارواڙ جا ھندو ماڻھو آھن ۽ انھيءَ
پاسي جي گڏيل ٻولي ڳالھائيندا آھن. اڪثر مسلمانن
جھڙي شڪل اٿن ۽ ڪپڙا به اھڙا ڍڪيندا آھن. ڀتيون
اڏيندا آھن. سندن پير رام ديو آھي. اُنهن جا به
گھڻا فرقا آھن: راٺوڙ، پرمار، ڀٽي، چوھان وغيره.
برفت يا بلفت: لس ٻيلي جا ماڻھو آھن ۽
پنوھرن ۽ جوکين ۽ نومڙين سان ڳنڍيل آھن. اِنھن جو
ذڪر مٿي آيل آھي.
بروھي يا برامـئي: ھيءُ بلوچستان جا ماڻھو
آھن، جي مٿي جبلن تي ويٺل آھن ۽ ھيٺ ويٺلن کي
بلوچي ٿا چون. افغانن وانگي ھي به بني اسرائيل يا
يھودين جو اولاد آھن. مڪران جا بروھي اڪثر ڪرد
آھن. ھو مذھب جا سني آھن. بروھين جا ٽي ڀاڱا آھن:
ھڪڙا احمد زائي، جن مان قلات جا خان آھن، ٻيا
سھراوان ۽ ٽيان جھلوان.
برھمن يا ٻانڀڻ: ھندن ۾ ھيءَ وڏي قوم آھي،
جيئن مسلمانن ۾ سيد آھن. قديم وقت کان ھو ھلندا
آيا آھن. چچ به برھمن ھو ۽ برھمن آباد به برھمنن
جو ملڪ ھو. سنڌ ۾ اڪثر سرسوت ۽ پشڪرنا ۽ شريمالي
برھمن آھن. پھرين جون ٻارھن شاخون يا ٻاونجاھ
شاخون آھن. پشڪرنن کي پوڪرنا به چوندا آھن. انھن ۾
ڪي گجر ۽ ڪي ولبچاري به آھن. ڪي گھٽ درجي وارا به
آھن، جن کي ڇنڇر يا ساوڻي چوندا آھن.
بُڙدي يا بليدي: بلوچن جي ھڪڙي قوم آھي، جا
زيندي خان ولد مير عالي ولد ھرين جو اولاد آھن ۽
ھرين سڀني بلوچن جو وڏو ڏاڏو آھي. جنھن پرڳڻي ۾
ھيءُ رھندا آھن، انھيءَ کي بڙدڪا چوندا آھن. زيندي
خان کي ٻه پٽ ھئا: ھڪڙو سندر ۽ ٻيو حاجي. پھرئين
جو اولاد سندراڻي آھي ۽ ٻئي جو حاجيجا. سندراڻي
ٻروچن جون ٻاويھ شاخون آھن، جيئن ته سندراڻي،
بجاراڻي، گبول، گولا، جاگيراڻي وغيره؛ ۽ حاجيجن
جون به شاخون آھن، جيئن ته حاجيجا، عمراڻي،
لوھاڻي، مغيري، ڏاھاڻي. ھيءُ بلوچ بلوچستان ۽ سرحد
سنڌ جي ضلعي ۾ گھڻا آھن.
بُگٽي: بلوچن جي ھڪڙي قوم آھي، جا سرحد سنڌ
جي ويجھو بلوچستان جي جبلن ۾ ٿي رھي. انھيءَ جون
گھڻيون شاخون آھن، جيئن ته مُندراڻي، مشوري،
چاڪراڻي، جسڪاڻي وغيره. ھنن جو سردار ديري بيرڪ ۾
ٿو رھي.
بلوچ يا ٻروچ: ھيءُ لفظ اصل ۾ بدلوچ چوڻ ۾ ٿو
اچي. بد ھڪڙي جن جو نالو ھو ۽ لوچ ھڪڙيءَ زال جو
نالو ھو، جا ٻانھي ھئي. انھيءَ جي اولاد کي بلوچ
ٿا چون. اصل اُھي حلب شھر جا ويٺل ھئا، جي بغداد
مان لنگھي پھرين ڪرمان ۾ آيا ۽ پوءِ مڪران ۾. سنه
680ع ڌاري بني اُميه خليفي يزيد بن معاويه ھنن کي
اُتان ھڪالي ڪڍيو. ھي به پاڻ کي امير حمزه جو
اولاد ٿا سڏائين. ھنن جو وڏو ڏاڏو ھرين نالي ھو،
جو ڪيچ مڪران ۾ رھندو ھو. ھن کي ٽي پٽ ھئا جلال
خان، مير عالي ۽ نوس. جلال خان کي وري چار پٽ ھئا
۽ ھڪڙي ڌيءَ: رند، لاشاري، ھوت ۽ ڪورائي ۽ سندس
ڌيءَ جو نالو جتو ھو. انھن مان بلوچن جون جدا جدا
قومون پيدا ٿيون. رند قوم جون ڪي مکيه شاخون ھي
آھن: رند، ڊومبڪي، جکراڻي، لغاري، کوسا، جمالي،
بزدار، چاڪراڻي وغيره. لاشار جي اولاد جون يعني
لاشارين جون گھڻيون شاخون آھن، جيئن ته گوراڻي،
ڀوتاڻي، ڪلواڻي وغيره. ھوت جو اولاد چانڊيا آھن،
جي ھوت جي ٻن پٽن حاجي ۽ حسين جو اولاد آھن ۽ ھر
ھڪ جون شاخون آھن، جيئن ته غيباڻي، گھُراماڻي،
بھراڻي، قنبراڻي، سندراڻي وغيره. ڪورائيءَ جو
اولاد ڪورائي بلوچ سڏبا آھن، جن جون به شاخون آھن،
جيئن ته ڪورائي، پتافي، بداڻي، دستي. جلال خان جي
ڌيءَ جو اولاد آھن جتوئي. اُھا پنھنجي سؤٽ مراد
خان سان پرڻي، جو نوس بن ھرين جو پٽ ھو. انھن
بلوچن جون شاخون ھيءُ آھن: جتوئي، بُلا، ٽرٽ، شمر،
ڪوش، کروش، زنگيجا. مير عالي ولد ھرين جا ٻه پٽ
ھئا: ھڪڙو زيندي خان ۽ ٻيو مراد خان. زيندي خان کي
ٻه پٽ ھئا: ھڪڙو سندر ۽ ٻيو حاجي. اُنھن جي اولاد
کي بلدي يا بليدي يا بڙدي چوندا آھن ۽ انھن جون به
گھڻيون شاخون آھن، جيئن ته سندراڻي، حاجي جا،
بجاراڻي، وغيره. مراد خان کي اولاد ڪونه ھو. اھو
پنھنجي سؤٽ جتو سان پرڻيو، جنھن جو اولاد جتوئي
ٿيا، جيئن مٿي چيو ويو. مٿين بلوچن جي مکيه شاخن
جو احوال ڌار انھن نالن ھيٺ ڏبو. بلوچن کي شعر ۾
مِرمچي به چوندا آھن.
بورا يا بوھرا: ھيءُ اسماعيلي شيعا آھن ۽
داؤدي شيعا سڏبا آھن. انھن کي امام جعفر الصادق
ڇھين امام جي پٽ اسماعيل کان نالو مليو. ھو ٻين
باقي امامن کي نه مڃيندا آھن. يارھين عيسوي صديءَ
۾ ھڪڙو اسماعيلي عالم ۽ واعظ کنڀات ۾ آيو ۽ اتي
گجرات ۽ کنڀات جي برھمڻن ۽ ٻين ھندن کي مسلمان ڪري
پنھنجي مذھب تي آندائين. سنه 1588ع ڌاري جڏھين مصر
جا فاطمي خليفا نڪري ويا، جن سان ھنن جو واسطو ھو،
تڏھين گجرات جي بوھرن عرب جي اسماعيلين سان واسطو
ڇني ھتي پنھنجو بزرگ يا مُلا داؤد نالي مقرر ڪيو،
جنھن جي نالي جي پٺيان سڏبا اچن. ھنن جون رسمون
اڪثر ٻين اثنا عشري شيعن جھڙيون آھن. حج ۽ ڪربلا
جي زيارت ڪن، عاشورا ڪن، شيعن وانگي ھٿ ڇوڙي نماز
پڙھن، زڪواة ڏين. جمعي جي نماز جماعت ۾ نه پڙھندا
آھن. چڱا واپاري آھن. سنڌ ۾ اڳي ڪين ھئا، پر ميرن
جي حڪومت جي پڇاڙيءَ ۾ ۽ انگريز سرڪار جي صاحبيءَ
جي شروعات ۾ سنڌ ۾ آيا
بيراڳي: ھيءُ ھندو فقيرن جي ھڪڙي قوم آھي.
اُھي دنيا کان تارڪ رھندا آھن. انھن جا ٻه فرقا
آھن: ھڪڙا بند، جي شادي نه ڪندا آھن. ھو وشنو
ديوتا جي پوڄا ڪندا آھن ۽ اڪثر پِن تي گذاريندا
آھن ۽ گھمندا وتندا آھن.
ٻُڌَ : ٻُڌ ڌرم جا ماڻھو قديم وقت کان
يعني حضرت عيسيٰ کان به ٻه ٽي سؤ ورھيه اڳي
ھندستان ۽ چين ۽ تاتار ۾ ھئا. انھيءَ ڌرم جا ماڻھو
قديم سنڌ ۾ به ھوندا ھئا، ۽ انھن جا مندر به ھئا،
جيئن چچنامي مان معلوم ٿوٿئي. عربن جي فتح ڌاري
يعني عيسوي ستين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ برھمڻن جو ڌرم
به وري زور وٺڻ لڳو ۽ برھمڻن جي حڪومت به ھند ۽
سنڌ ۾ ھئي. چچه پاڻ برھمڻ ھو. ٻڌ وارن ڏينھن جا
ٺلھ ۽ نشان اڃا ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
ڀاٽيا: ھيءُ اصل ڀٽي راجپوت آھن ۽ ياڌو فرقي جا
آھن، جن مان جيسلمير جا راجا ھئا. ھو ويشنو آھن ۽
ولبچاري فرقي جا آھن. سنڌ ۾ اڪثر واپار ڪندا آھن.
ٺٽي جي پاسي گھڻا آھن. گھڻا منجھانئن نوڪريون به
ڪندا آھن.
ڀَٽ: ھيءُ گاڊڙ ھندو آھن يعني ھنن جي وڏي ڏاڏي جو
پيءُ کتري ۽ ماءُ ويش ھئي. ھو اڪثر ڳائيندا آھن ۽
خيرات تي گذران ڪندا آھن. ماس به کائن ۽ شراب به
پين؛ پر مارواڙي ڀٽ اُھي نه کائيندا آھن.
ڀيل: ھيءُ اصل مارواڙ جا آھن، جي سنڌ ۾ خاص ٿر جي
پاسي اچي رھڻ لڳا. اھي اصل چوري ڪندڙ ھئا ۽ ھاڻي
پوک ۽ نوڪري ۽ پورھيو به ڪن. ديويءَ جا پوڄارا
آھن. ھي مئلن کي پوريندا آھن ۽ هر قسم جو ماس حرام
يا حلال کائيندا آهن. پنھنجا پاڻ ۾ شاديون ڪندا
آھن.
پتافي: ھيءُ ڪورائي بلوچن جي ھڪڙي شاخ آھي ۽ ھو
اڪثر بھاولپور رياست ۾ رھندا آھن. ھنن جو ڏاڏو
ڪورائي ھو، جو جلال خان ولد ھرين جو پٽ ھو. دستي ۽
ٻڍاڻي به انھيءَ شاخ جون ڦريون آھن. سنڌ ۾ مير پور
ماٿيلي ۽ اُٻاوڙي جي پاسي رھندا آھن.
پنوھر يا پنوھار: عربن جي نسل مان آھن، جي
سندن فتح کان پوءِ سنڌ ۾ رھجي ويا. اُھي حارث جو
اولاد آھن. ھنن جو ھڪڙو سردار مير پنوھار نالي سنه
1108ھ (سنه 1696ع) ڌاري ميان نصير محمد ڪلھوڙي جي
ڏينھن ۾ بکر جي حاڪم کان لشڪر وٺي آيو، جنھن جو
سپه سالار سيويءَ جو حاڪم مرزا خان پِني ھو ۽ ميان
نصير محمد سان وڙھيو، جو ھن اُتي اچي نالو ڪڍيو ۽
مريد گڏ ڪيا ھئائين. پر پوءِ صلح ٿيو ۽ ميان کي
اورنگزيب بادشاھ ڏي ڏياري موڪليائون، جنھن بند
رکيس، پر پوءِ سگھوئي ڀڄي نڪتو ۽ وري اچي پنوھرن
جي ملڪ ۾ کاريءَ جو شھر ٻڌي انھيءَ ۾ رھيو ۽
ھٽڙيءَ جو ڳوٺ پنھنجن مريدن ۽ فقيرن کي ڏنائين.
سنه 1113ھ (سنه 1706ع) ڌاري ميان نصير محمد جي مرڻ
کان پوءِ سندس پٽ ميان دين محمد سان وري لڙائي
ڪيائون،پر نيٺ ھن انھن کي جيتي پنھنجي زيردست ڪيو.
اُنھن مان گھڻا پوءِ نڪري شڪار پور ۾ اچي رھيا، جو
سندن خاص شھرھو؛ پر ميان يار محمد ڪلھوڙي جي ڏينھن
۾ ڪلھوڙا اُتي به اچي نڪتا ۽ اُتي پنھنجو شھر خدا
آباد ٻڌائون ۽ اتان آسپاس ملڪ ۾ پکيڙڻ لڳا. پنوھر
برفتين ۽ جوکين سان به ڳنڍيل آھن.
جت: ھيءُ نج سنڌي قوم آھي ۽ قديم سنڌ ۾
به ھوندي ھئي. پھرين ڪڇي ۾ ھئا، اُتان ڏکڻ ڏي آيا.
جاتيءَ جو تعلقو خاص سندن ھو ۽ نالو به انھي قوم
کان پيس. ھو اصل کان اُٺ رکندا ۽ پاليندا چاريندا
آيا آھن. جھنگلي ماڻھو ھئڻ ڪري ھو سنڌيءَ ۾ سڏبا
به ڄٽ آھن. ھيءُ جت بلوچن وانگي ھارون مڪرانيءَ جو
اولاد سڏبا آھن، جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو.
جتوئي : ھي بلوچ مائي جتو جو اولاد
آھن، جا جلال خان ولد ھرين جي ڌيءَ ھئي ۽ پنھنجي
سؤٽ مراد خان ولد نوس سان پرڻي. انھيءَ جا گھڻا
فرقا آھن، جيئن ته جتوئي، بُلا، ٽرٽ، شَر، کروش ۽
زنگيجا. اھي اڪثر روھڙي ڀاڱي ۾ رھندا آھن ۽
حيدرآباد ضلعي ۾ به آھن.
جکراڻي: ھيءُ جکري جو اولاد آھن، جو مير
چاڪر خان جي نسل مان ھو. ڪن جو چوڻ آھي ته جکرو
ابڙو يعني سمو ھو، جو مير چاڪر سان گڏ رھيو ۽ پاڻ
کي بلوچ سڏائڻ لڳو. ھنن بلوچن جون اَٺ شاخون آھن،
جيئن ته شھواني، موجاڻي، سناڻي، ملڪاڻي وغيره.
دريا خان جکراڻي مشھور زبردست چور ٿي گذريو، جنھن
سر چارلس نيپئر کي ڏاڍي تڪليف ڏني. نيٺ ھن معافي
ڏنيس ۽ جاگير مليس. پر وري فساد ڪيائين ۽ دھليءَ
واري غدر ۾ شامل ھئڻ ڪري گرفتار ٿي عدن ڏي روانو
ڪيو ويو، جتي مري ويو.
جمالي: ھيءُ رند بلوچن جي ھڪڙي شاخ آھن ۽
اڪثر سرحد سنڌ شھدادپور تعلقه ۾ رھندا آھن ۽
لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي ضلعي ۾ به آھن. انھن جون گھڻيون
ئي شاخون آھن، جيئن ته شيرخاناڻي، رمداڻي، لھراڻي،
ڇلگري.
جوکيا: ھيءُ قوم سمن ۾ اچي ٿي ۽ راجپوت نسل
جي آھي ۽ مڪران مان سنڌ ۾ آئي. نومڙين سان ڳنڍيل
آھي. ھي ماڻھو لاڙ ۾ اچي رھيا ۽ ٻن سون ورھين
تائين چوري ۽ ڦرمار تي گذاريائون. انھن مان ھڪڙي
شخص بجار جوکئي کي ميان غلام شاه ڪلھوڙي جاگير
ڏني، جو ھن ڌاراجه جي راجا کي وڃي ماريو، جنھن
تڪليف ٿي ڏني. پوءِ ھنن ماڻھن ملير جي ڏکڻ ڏي حب
ندي ۽ گھاري جي وچ ۾ زور ورتو. اوائل جي ڏينھن ۾
جيڪو واپار جو مال ڪراچيءَ مان ٺٽي ڏي ويندو ھو،
تنھن تي سرڪار ھنن کي ساليانو ساڍا ڇھ ھزار ڏيندي
ھئي. اھي جوکيا ۽ نومڙيا ٻئي ٻڌل ھئا ته جيڪي
قافلا ڪراچيءَ کان سيوھڻ ڏي ويندا ھئا، تن جي
حفاظت ڪندا ھئا. سيوھڻ جا پنوھر ۽ لس ٻيلي جا برفت
انھن سان ڳنڍيل آھن.
جوڳي: ھيءُ ھندو فقيرن جي ھڪڙي قوم آھي، جي فقير
جوڳ پچائيندا آھن، يعني رياضتون ڪڍندا آھن. اصل
سنسڪرت لفظ يوگي آھي. اھي پنندا آھن. اڪثر ھوشادي
نه ڪندا آھن؛ جي ڪندا آھن ته پنھنجا پاڻ ۾. ھنن
مان ڪي ڪنن جي پاپڙين ۾ ٽنگ ڪري شيشي يا ڪنھن ڪاٺي
يا ڪنھن ڌاتوءَ جا ٿلھا ڇلا ڍڪيندا آھن ۽ گيڙوءَ
رتا ڪپڙا ڪندا آھن. ھو شِوَ جا پوڄاري آھن ۽ سندن
مرشد گورکناٿ آھي، جو پندرھين عيسوي صديءَ ۾ ٿي
گذريو. جيڪي مرندا آھن، تن کي وھاري مٿان يا
ھيٺيان کنڊ رکي دفن ڪندا آھن. مسلمان جوڳي به آھن،
جي اڪثر مُرليون وڄائيندا آھن ۽ نانگ وٺندا ۽
گھمائيندا آھن ۽ منڊ ھڻندا آھن، اهي گوگهي چوهاڻ
جا مريد سڏائيندا آهن.
جين: ھن ڌرم جا ھندو ماڻھو ٻُڌ ڌرم وارن
جھڙا آھن. جانور يا جيت، بلڪ نانگ، بلائون، وڇون
وغيره نه ماريندا آھن؛ ڪي ته وات تي به ڪپڙو وجھي
گھمندا آھن ته متان ڪو جيت وات ۾ گھڙي وڃي. اصل ڪڇ
يا مارواڙ جي پاسي ھئا، اُتان سنڌ ۾ آيا ۽ ٿرپارڪر
جي پاسي آھن.
ڄٽيا يا جاٽيا يا جٽيا: ڪلالن وانگي ھندو آھن، جي
مارواڙ مان سنڌ ۾ آيا. شِوَ جا پوڄاري آھن ۽ رام
ديو جا مريد آھن. ھو کلن رڱڻ جو ڪم ڪندا آھن. مئلن
کي ساڙيندا آھن. حيدرآباد ۾ گھڻا آھن. قديم وقت ۾
ڪين ھئا؛ انگريز سرڪار جي حڪومت ۾ سنڌ ۾ آيا.
چاچڙ: اصل ھندو ھئا، جي پوءِ مسلمان ٿيا ۽
سمن ۾ داخل آھن. اڪثر سرحد سنڌ ۽ سکر ۽ لاڙڪاڻي
ضلعن ۾ رھندا آھن. ڪڙمت ۽ مال پالڻ جو ڪم ڪندا
آھن.
چارڻ: ڀَٽن وانگي ھيءُ به ڳائڻ وارا ھندو
فقير آھن ۽ راجپوت انھن کي مانُ ڏيندا آھن. اڪثر
ٿرپارڪر ضلعي ۾ آھن پنڻ تي گذران ڪندا آھن، پر ڪي
زمين به پوکين ۽ مال به چارين. ھو مئلن کي ساڙيندا
آھن ۽ ٻارن کي پوريندا آھن. پوشاڪ مارواڙين جھڙي
اٿن. ماس ۽ شراب ڪم آڻيندا آھن.
چانڊيا: ھيءُ بلوچ قوم جا آھن ۽ ھوت جو
اولاد آھن، جو جلال خان ولد ھرين جو پٽ ھو. ھوت کي
ٻه پٽ ھئا: حاجي ۽ حسين. انھيءَ جون ھيءُ شاخون
آھن_ حاجيءَ جو اولاد: غيباڻي، گھراماڻي، مرزاڻي،
سمالاڻي ۽ چولياڻي؛ ۽ حسين جو اولاد: مناڻي،
مصرياڻي، بھراڻي، قنبراڻي، منداڻي ۽ سندراڻي. ھو
چانڊڪي پرڳڻي ۾ رھندا ھئا، يعني شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي
جي پاسي. غيبي ديرو انھيءَ جو مکيه شھر آھي، جو
غيبي خان ولد ولي محمد جي پٺيان سڏبو آھي. انھيءَ
کي وڏي جاگير مليل آھي. سنڌ جي تاريخ ۾ گھڻن ھنڌن
تي ھو جنگين ۾ شامل ٿيا آھن، خاص منگسين سان ھنن
جو مدامي جھيڙو ھو، جنھنڪري چانڊيا مگسي سنڌيءَ ۾
پھاڪو ٿي ويو آھي.
خواجا يا کوجا: ھو اصل ھندو لوھاڻا ھئا، جي
پوءِ پندرھين عيسوي صديءَ ۾ مسلمان ٿيا ۽ اسماعيلي
شيعا فرقي ۾ آيا، جنھن فرقي ۾ بورا به آيا. سنه
1430ع ۾ پير صدرالدين نصيري فرقي جو ۽ اسماعيلي
شيعن مان، سنڌ ۽ گجرات ۾ آيو ۽ مريد ڪرڻ لڳو.
برھمڻن پنڊ تن جي مدد سان مذھب کي ھندو رنگ ڏنو،
جنھنڪري گھڻا لوھاڻا سندس مريد ٿيا ۽ انھن کي ھن
خواجن جو نالو ڏنو. انھيءَ فرقي جو باني حسن صباح
ھو، جو تاريخ ۾ مشھور ٿي گذريو آھي. ھو پنھنجي
امام جو وڏو داعي يا مشنري ھو، ۽ انھن امامن جي
اولاد مان آغا حسن علي ھو، جنھن کي آغا خان ٿا
چون. اُھو سنه 1842ع ۾ ايران مان سنڌ ۾ آيو ۽
خواجن جو پير ٿيو. انھيءَ مذھب موجب ھندن جي ديوتا
وشنؤ جا نَو اوتار شمار ڪري ڏھون اوتار حضرت عليءَ
کي ڳڻيندا آھن. ھو شيعا آھن ۽ پھريان ڇھ امام
مڃيندا آھن ۽ پوءِ چوٽيھ ٻيا امام شمار ڪري اچي
آغا خان تي بيھندا آھن، جو سندن ھاڻوڪو امام آھي.
قرآن ۽ نماز نه پڙھندا آھن. پير صدرالدين جي جوڙيل
پوٿي پڙھندا آھن. ھو ڏاڙھي ڪوڙائيندا آھن ۽ مُڇيون
وڏيون رکائيندا آھن. ورثو شريعت موجب نه وٺندا
آھن، پر ھندو قاعدي موجب ورھائيندا آھن. خواجن جا
ٻه فرقا آھن: ھڪڙا پڙائي، جي محرم ۾ پِڙُ ڪندا آھن
۽ ٻين شيعن سان شامل آھن ۽ جي آغا خان جي برخلاف
آھن ۽ گھڻا انھيءَ جي حڪم مان نڪتل آھن؛ ۽ ٻيا
پنجي ڀائي، جي آغا خان جي فرمان ھيٺ آھن ۽ انھيءَ
کي زڪواة ڏيندا آھن. اُھي ڏينھن ۾ ٽي ڀيرا نماز
پڙھندا آھن يا عبادت ڪندا آھن، پر مسلمانڪي ۽
ھندڪي گڏيل ٻوليءَ ۾. انھن جي بزرگ کي مکي سڏيندا
آھن ۽ سندن عالمن کي ڀڳت. ھنن وٽ مسجد ڪانھي_
مسجدن جي بدران جماعت خانا اٿن. اھي ٻئي فرقا پاڻ
۾ شاديون ڪندا آھن. طھور ننڍي ھوندي ڪندا آھن.
پڙائي شيعا ڏاڙھي رکائيندا آھن ۽ ٻين اثنا عشري
شيعن يا امياميه مذھب وانگي نماز ۽ قرآن پڙھندا
آھن، مگر ورثو اڃا به ھندو ڌرم موجب وراھيندا آھن.
اُنھن جو قبرستان به ڌار آھي، جو ٻيا ھنن جي مخالف
آھن.
داد پوٽا يا داؤد پوٽا: مٿي عباسي ڪلھوڙن جو
ذڪر ڪندي چيو ويو ته ھي ماڻھو ڄام چينه جي ھڪڙي
پوٽي داؤد نالي جو اولاد آھن. ھي پاڻ کي اصل عباسي
خليفن جي اولاد امير احمد جي نسل مان ٿا ڄاڻن، جو
مڪران مان سنڌ ۾ آيو. انھيءَ ۽ انھيءَ جي پٽ ٺٽي
جي ھندو حاڪمن جون ڌيون پرڻيو ۽ اُتي حاڪم ٿي
رھيا، پر پوءِ برھمڻ آباد جي ھندو راجا اُنھن کي
ھڪالي درياھ لنگھائي ڇڏيو ۽ ھو وڃي سيوھڻ جي ويجھو
ويٺا. ڄام چينه کي اڪبر بادشاھ کان جاگير مليل
ھئي. پوءِ ھن کي پنھنجي ڀائٽئي ڪلھوڙي سان وڙھڻو
پيو. آخر بيزار ٿي اُتر ڏي ويو ۽ وڃي زمينداري ڪم
کي لڳو. ٻيا ڪي چون ٿا ته داؤد پوٽا اصل ڪوري ھئا
۽ سندن ڏاڏو داؤد ٻِن سون ورھين جي عمر جو ھو.
داؤد جي اٺين پيڙھي بھادر خان اورنگزيب بادشاھ جي
ڏينھن ۾ بکر جي حاڪم وٽ نالو ڪڍيو ۽ لکي ۽ خانپور
جاگير ۾ مليس. اتي ھڪڙو وڏو ٻيلو ھو، جتي شڪار
ڪندو ھو. انھيءَ وقت ڌاري شير خان مَھَر پنھنجي
قوم جو لشڪر وٺي اُٻاوڙي مان اچي لکي ۽ آسپاس ھٿ
ڪري ويھي رھيو. بھادر خان ھن سان جنگ ڪئي ۽ ھن کي
ڀڄائي لکي ڦري شڪارپور جو شھر ٻڌائين ۽ شڪارگاه
ھئڻ ڪري اھي نالو ڏنائينس. اھا ڳالھ سنه 1026ھ
(سنه 1617ع) ۾ ٿي. پوءِ جو احوال سنڌ جي تاريخ مان
معلوم ٿيندو.
درياھ پنٿي: ھيءُ ھندن جو ڌرمي فرقو آھي،
جنھن جا ماڻھو پنجاب ۽ اُتر ھندستان ۾ آھن، پر سنڌ
۾ به آھن. اُھي درياھ جا پوڄاري آھن. سنڌ ۾ انھن
جون ٻه پاڪ جايون آھن: ھڪڙو زنده پير يا خواجه خضر
جو ٿان، روھڙي ۽ بکر جي وچ تي، ۽ ٻيو اُڏيرو لال
جھيجن جي ڳوٺ ۾، جنھن کي مسلمان شيخ طاھر چوندا
آھن. انھيءَ جو احوال مٿي ڏنو ويو آھي.
ڌاريجا: ھيءُ اصل ھندو ھئا، جي پوءِ مسلمان ٿيا.
ڊومبڪي: ھيءُ بلوچن جي ھڪڙي قوم آھي. ڊومب ھڪڙي
نيَ جو نالو آھي، جنھن ھنڌ ھو رھندا ھئا. ڪن جو
چوڻ آھي ته سندن سردار مير چاڪر خان ڊوُم زال يا
لنگھي پرڻي ھئي، تنھن مان جيڪو اولاد ٿيو، تنھن کي
ڊومبڪي چوڻ لڳا. ھيءَ قوم رندن جي ھڪڙي شاخ آھي.
ڊومبڪين جون به گھڻيون شاخون يا ڦريون آھن، جيئن
ته ميروئي، وزيراڻي، محمداڻي، برھماڻي، ٽلاڻي،
ديناري، گرگيز، لنڊ وغيره.
ڊيڍ: ھي گھٽ درجي جا ھندو آھن ۽ اصل گجرات ۽
راجپوتانا ۾ رھندا آھن. ڏڪار جي ڏينھن ۾ اتان
لنگھي سنڌ ۾ آيا ۽ ٿرپارڪر ۾ رھيا. اُھي مئلن
جانورن جون کلون لاھيندا آھن ۽ انھن مان جتيون به
جوڙيندا آھن. ھو ديويءَ جا پوڄارا آھن.
ذڪري: ھيءُ ھڪڙو مذھبي فرقو آھي، جنھن کي
داعي به سڏيندا آھن. اھي اصل مڪراني آھن ۽ مسلمان
چوائن ٿا؛ مگر حضرت محمدصه کي نٿا مڃين ۽ چون ٿا
ته انھيءَ جي جاءِ تي مھدي آيو ۽ پنھنجي پير رحمت
يا دوست محمد نالي کي اُ ھي مھدي ٿا ڄاڻن؛ اُھي
قرآن پڙھندا آھن. انھيءَ سندن پير پنھنجي قبر جي
ويجھو ھڪڙي وڻ جي پاڙ مان ھڪڙو نئون ڪتاب ڪڍيو.
ھاڻي اھي ماڻھو مڪي جي بدران اتي زيارت لاءِ ويندا
آھن. ھو نماز نه پڙھن ۽ روزو نه رکن. فقط جمعي جي
ڏينھن ويھي ذڪر ڪندا آھن، جو مسلماني ذڪر کان ٻيءَ
طرح جو آھي. ڪراچيءَ جي مڪرانين مان ڪي انھيءَ
فرقي جا آھن.
راجپوت: ھنن مان ٿرپارڪر جا سوڍا آھن، جي
اُجين مان سنه 1226ع ڌاري آيا. سندن سردار سرمار
سوڍو ھو، جنھن عمرڪوٽ اچي ورتو ۽ پاڻ کي راڻو
سڏائي حاڪم ٿي ويھي رھيو. ڪلھوڙن ۽ ٽالپرن جي وقت
۾ به اُھي زور وارا ھئا. انھن ڪلھوڙن ۽ ٽالپرن کي
پنھنجيون ڌيون ڏنيون، جيئن انھن راجپوتن دھليءَ جي
پاسي مغل بادشاھن اڪبر ۽ ٻين کي ڏنيون. ھو ھندو
آھن، پر مسلمانن جھڙي شڪل ۽ پوشاڪ اٿن. شِوَ جي
پوڄا ڪندا آھن ۽ ٺڪر جوڙيندا آھن. راٺوڙ به سوڍن
وانگي راجپوت آھن. ھو زمينداري ڪندا آھن.
رند: ھي بلوچ رند جو اولاد آھن، جو جلال خان
ولد ھرين جو وڏو پٽ ھو. ھنن جو ڏاڏو مير چاڪر خان
ھو، جو اچي پھرين بلوچستان ۾ رھيو ۽ پوءِ پنجاب ڏي
ويو ۽ سنگھري ۾ وڃي رھيو، جتي ھو مئو. انھيءَ جي
اولاد مان رند، ڊومبڪي، جکراڻي، لغاري، کوسا،
جمالي ۽ ڪي ٻيون قومون آھن، رندن جون ھيٺون مکيه
شاخون آھن: جلالاڻي، چاڪراڻي، ميروزائي، شاھيجا،
ارذي، بزدار وغيره. ھيءُ ماڻھو لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور
جي پاسي گھڻا آھن ۽ حيدرآباد جي پاسي به آھن.
زردشتي: ھيءُ مذھبي فرقو آھي. ھن مذھب وارن
کي پارسي سڏيندا آھن، جن جو نبي زردشت ھو. اُھي
باھ جي پوڄڻ ڪري آتش پرست به سڏبا آھن ۽ پارسيءَ ۾
انھيءَ کي گبر چون. سج جي به پوڄا ڪندا آھن ۽ سمنڊ
جي به. پھرين نوساري ۽ سورت جي پاسي ايران مان آيا
۽ بمبئي ۽ گجرات ۾ پکڙي پيا. وڏن وڏن شھرن ۾ انھن
جا مندر آھن، جتي ھميشه باھ پيئي ٻرندي آھي ۽ ان
باھ جي ھنڌ کي اگياري چوندا آھن. انھن جي پادرين
يا عالمن کي دستور چوندا آھن. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۽
سکر ۾ به آھن. اھي تونگر ۽ واپاري ماڻھو آھن.
انگريزن جي اچڻ وقت انھن سان گڏ سنڌ ۾ به آيا.
سرائي: سِري يا اتر سنڌ جا ماڻھو يا پنجاب
کان آيل جي سرائڪي يا پنجابي ٻولي ڳالھائن. ڪلھوڙا
به سرائي سڏبا آھن، جو اُھي سرائڪي ڳالھائيندا
ھئا. ٽالپر ۽ ٻيا ڪي بلوچ به سرائڪي ڳالھائيندا
ھئا.
سنڌي: ھيءُ ڪا قوم يا ڪو فرقو ناھي. جيڪي
سنڌ جا نج سنڌي ماڻھو آھن ۽ ٻاھران آيل ناھن، تن
کي سنڌي چوندا آھن. گھڻو ڪري سما ۽ سومرا ۽ جت، جي
ڪنھن وڏي شاخ ۾ داخل ناھن، سي سنڌي سڏبا آھن، يعني
ته اھي بلوچ يا بروھي، يا پٺاڻ يا عرب وغيره ناھن.
سني: مسلمانن ۾ سنت جماعت وارا، جي حضرت جن
کان پوءِ چئن خليفن کي مڃيندا آھن ۽ شيعن جي
برخلاف آھن. سُنين جا چار امام آھن: ابو حنيفه،
شافعي، مالڪ ۽ حنبل. سنڌ جا سني اڪثر حنفي مذھب جا
آھن. سيدن مان به ڪي سُني ڪي شيعا آھن. ھن ڪتاب ۾
جدا جدا شھرن جا سيد، جيڪي سُني آھن يا شيعا آھن،
سي بروقت ڏنا ويا آھن. سنين ۽ شيعن جو ڪھڙين
ڳالھين بابت اختلاف آھي، سي مذھبي ڪتابن ۾ ڏنل
آھن.
سنياسي: ھندو فقير جي دنيا کي ترڪ ڪن ۽
پنھنجون نفساني خواھشون مارين. اھي شِوَ جا پوڄاري
آھن. اڳي فقط برھمڻ چوٿين منزل ۾ سنياسي ٿيندا
ھئا، ھاڻي ڪو به ٿي سگھي ٿو. اُھي اڪثر پيلا يا
گيڙؤ رتل ڪپڙا ڍڪيندا آھن. اُھي شادي نه ڪندا آھن.
ڪي زالون به سنياسي ٿينديون آھن. ماس يا شراب ڪم ۾
نه آڻين، ليڪن ڀنگ گھڻي پين. اڪثر پِن تي گذران
ڪندا آھن.
سوچي: ھندو موچي، جي اڪثر مارواڙ جا آھن، تن
کي سوچي سڏيندا آھن. جُتيون، زينون ۽ ٻيون چم جون
شيون ٺاھيندا آھن. مسلمانن جتين جوڙڻ وارن يا ٻين
چم جي ڪم ڪندڙن کي موچي يا سراز سڏيندا آھن.
مارواڙي مينگھواڙ ۽ ڊيڍ به اھو ڪم ڪندا آھن.
سوڍا: راجپوت آھن، جي ٿرپارڪر جي پاسي رھندا
آھن. انھيءَ جا سردار راڻا سڏبا آھن. جڏھين ھنن جو
وڏو پارمار سوڍو سنه
1226ع
۾ اُجين مان نڪري عمرڪوٽ تي ڪاھي آيو، تڏھين سومرا
سنڌ جي گاديءَ تي ھئا. سنه 1542ع ۾ ھمايون به
عمرڪوٽ ۾ ھڪڙي راڻي وٽ اچي پناھ ورتي ھئي. سنه
1859ع ۾ سوڍن فساد ڪيو ھو، جنھن ڪري انگريز سرڪار
فساد بند ڪرائي سوڍن جي سردار يا راڻي کي چوڏھن
ورھيه قيد ڏنو ۽ سندس وزير کي ڏھ ورھيه.
سومرا: اصل راجپوت ھئا، جي پوءِ مسلمان ٿيا.
ھو اٺين عيسوي صديءَ کان چوڏھين صديءَ تائين سنڌ
جا حاڪم ٿيا ۽ انھن کان پوءِ سما آيا، انھن جي اصل
بابت مٿي سمن سان گڏ ذڪر آيو آھي، اُتي ڏسجي.
سونارا: ھيءُ سون جي ڪم ڪرڻ وارا آھن ۽ اھي
مسلمان به آھن ۽ ھندو به؛ سنڌي به آھن، ۽ ڪڇي به
آھن ۽ مارواڙي به آھن. ھندو سونارا ديويءَ جا
پوڄاري آھن. اُ ھي مئلن کي پوريندا آھن. اھڙيون
ڪاسبي قومون سنڌ ۾ ٻيون به گھڻيون آھن، جي ھندو به
آھن ۽ مسلمان به، جيئن سؤتار يا واڍا ۽ ڪنڀار ۽
لوھار ۽ مالھي وغيره.
سيد: حضرت صلعم جن جي نياڻيءَ بي بي فاطمته
الزھرا ۽ جناب مولا عليءَ جي اولاد کي سادات يا
اھليبت سڏيندا آھن. اُھي حسني يا حسيني آھن. جڏھين
چنگيز خاني مغلن وچ ھندستان ۾ ظلم ٻاري ڏنو ھو،
تڏھين گھڻا سيد ڀڄي سنڌ ۾ آيا ۽ سيوھڻ ۽ بکر ۽ ٺٽي
۾ ويھي ويا. ايران ۽ ٻين پاسن کان به گھڻا آيا.
انھن جو احوال جدا جدا شھرن ۾ ڏنو ويو آھي. سيد
لفظ جي معنيٰ آھي سردار ۽ اھو حضرت جن جو لقب آھي،
جو سندس اولاد کي ڏنو ويو آھي.
شڪاري: جيئن ھندستان جي پاسي ڀيل ۽ ڊيڍ آھن،
تيئن سنڌ ۾ شڪاري آھن. اھي جھنگ جو شڪار ڪندا ۽
ڪرائيندا ھئا، تنھنڪري شڪاري سڏڻ ۾ آيا. اھي مئل
شڪار کائي ويندا آھن. حرام کائڻ ڪري ھو پليد سمجھڻ
۾ ايندا آھن. اگرچ مسلمانڪا نالا رکندا آھن. جڏھين
حرام کائڻ ڇڏي ڏيندا آھن ۽ سچا مسلمان ٿيندا آھن،
تڏھين انھن کي ماڇي سڏيندا آھن، جيئن ھندو نئين
مسلم کي شيخ چوندا آھن. ڪٿي ڪٿي اھي چُھڙا يا ڀنگي
به ھوندا آھن ۽ ٻُھاري ڏيندا آھن ۽ ڪاڪوس به صاف
ڪندا آھن ۽ ڇڄ کاريون به ڪانن مان ٺاھيندا آھن.
شيخ: عربن ۾ شيخ ڪنھن بزرگ يا اولياءَ کي يا
پير مرد يا پرئي مڙس کي چوندا آھن. ھند ۽ سنڌ ۾
ھندن ۽ ٻين مذھبن وارن کي مسلمان ٿيڻ تي اھو آبرو
وارو نالو ڏيندا آھن.
شيعا: مسلمانن جو فرقو، جو سُنت جماعت وارن
يا سُنين جي برخلاف آھي، تنھن کي شيعو چوندا آھن.
انھيءَ جي اعتقاد موجب نبي صلعم کان پوءِ خلافت جي
گاديءَ جو حقدار حضرت علي ھو ۽ پوءِ انھيءَ جو
اولاد پشت به پشت ٻارھن امامن تائين، اُنھيءَ ڪري
انھن کي اثنا عشري شيعا يا جعفري شيعا يعني امام
جعفر الصادق جا پيروي ڪندڙ يا امامن کي مڃڻ وارا
سڏيندا آھن. اھي ھٿ ڇوڙي نماز پڙھندا آھن. سنين ۽
شيعن جي وچ ۾ ٻين گھڻين ڳالھين جو فرق آھي، جو
مذھبي ڪتابن مان معلوم ٿيندو.
صوفي: صوفي يعني تصوف جي اعتقاد ۽ خيال وارا
ماڻھو. اصل ايران ۽ عرب کان ھند ۾ آيا ۽ پوءِ اتان
سنڌ ۾ ۽ ٻين پاسي آيا. سنڌ ۾ صوفين جو خاص مڪان
جھوڪ آھي ۽ شاھ عنايت صوفي مرشد ھو، جنھن کي ميان
نوي محمد ڪلھوڙي بادشاھ جي حڪم سان مارايو. ٻي
گادي روھڙيءَ ۾ سيد جان شاھ واري آھي. ٿر واري
ناري ڏي به صوفين جو ڳوٺ آھي. انھيءَ طرح سنڌ ۾
گھڻن ھنڌن تي صوفي آھن. ھندو ۽ مسلمان ٻئي گڏ ھڪ
مرشد جا مريد آھن. ظاھري ڪري گيڙوان ڪپڙا ڍڪيندا
آھن ۽ راڳ ۽ سماع ڪندا آھن. شاھ عبداللطيف ڀٽائي
يا سچل فقير يا ٻين ڪيترن ئي سنڌ جي شاعرن کي صوفي
شاعر چئي سگھجي ٿو. عام رواجي فقير اڪثر پنندا به
وتن.
عامل: ھندو کتري، جي اصل پنجاب کان آيا ۽
ڪلھوڙن ۽ ميرن جي ڏينھن ۾ وٽن ملازم رھيا ۽ لکپڙھ
جو ڪم ڪندا ھئا ۽ تنھنڪري ديوان ۽ منشي سڏبا ھئا.
سرڪاري ڪمن ۾ رھڻ ڪري عامل سڏڻ ۾ آيا. ھنن مان
ديوان گدومل مشھور ٿي گذريو، جنھن جو ذڪر مٿي آيو
آھي. اڪثر حيدرآبادي عامل آھن، جي پھرين خدا آبادي
ھئا. سيوھڻ ۾ به عامل آھن، جن مان گھڻا لالا آھن.
ٽلٽيءَ ۾ به آھن.
عباسي: يا بني عباس يعني عباس جو اولاد، جو
حضرت صلعم جن جو چاچو ھو. انھن مان گھڻا خليفا
ھئا، جي بغداد ۾ حاڪم ھئا. انھن جي ڏينھن ۾ يا
جڏھين محمد قاسم سنڌ ورتي تنھن کان پوءِ انھيءَ
نسل مان ڪي سنڌ ۾ آيا، انھن جو اولاد عباسي ٿيا.
اڪثر ڪلھوڙن کي عباسي چوندا آھن ۽ انھن کي سرائي ۽
ميان به سڏين ۽ سندن مريدن يا فقيرن کي ميانوال
چون.
علوي: يعني عليءَ جو اولاد حضرت صلعم جن جي
نياڻيءَ مان يعني امام حسن ۽ حسين جو اولاد سادات
يا سيد سڏجي ٿو؛ مگر حصرت عليءَ جو اولاد ٻين زالن
مان علوي سڏجي ٿو. سنڌ ۾ اھي شڪارپور جي پاسي آھن
۽ ڪن ٻين ھندن تي به.
عمراڻي: بلوچن جي قوم ۽ بُڙدي قوم جي حاجيجن
واري شاخ جي ھڪڙي ڦري آھي. کوسن جي به ھڪڙي شاخ
عمراڻي آھي ۽ کوسا رندن مان آھن.
عيسائي: يعني نصراني يا ڪرستان حضرت عيسيٰ
جي اُمت آھن. انگريز ۽ ٻيا يورپين سڀ عيسائي آھن.
ديسي ماڻھو ھندو يا مسلمان يا گواني يا مدراسي جي
عيسائي ٿيا آھن، تن کي ڪرستان سڏيندا آھن. ھي
انگريزن جي فتح کان پوءِ سنڌ ۾ گھڻا ٿيا، اڳي
اتفاق سان ايندا ھئا. انگريزن کان اڳي به ڪي ارمني
عيسائي ٺٽي جا رھاڪو ھئا، جن کي فرنگي چوندا ھئا.
فقير: ھيءَ ڪا خاص قوم ناھي. جي ھندو يا
مسلمان قومون يا ذاتيون پنڻ تي گذران ڪنديون آھن،
تن کي فقير چوندا آھن. صوفي فقير سڀني کان مٿي
آھن. کدڙا به فقير سڏبا آھن. ھندن ۾ بيراڳي،
سنياسي، گوسائين ۽ جوڳي فقير سڏبا آھن. ڪلھوڙن جا
مريد به فقير سڏبا آھن، جن کي ميانوال به چوندا
آھن. گھڻا سيد به فقير آھن. ڪيھري جي باندر ڀولڙا
نچائيندا آھن ۽ مڱڻھار ۽ سرندائي ۽ ڀٽ ۽ اھڙا ٻيا
ماڻھو سڀ فقير سڏبا آھن.
قريشي: قريش قبيلي جي عربن کي قريشي چوندا
آھن. حضرت صلعم جن پاڻ به قريشي ھئا. انھيءَ قبيلي
جا ماڻھو عربن جي فتح کان پوءِ سنڌ ۾ آيا، انھن جو
اولاد قريشي ٿيا. پر گھڻو ڪري گھٽ ذات وارا يا ٻيا
ماڻھو زور ڪري پاڻ کي قريشي سڏائيندا آھن، جيئن
گھڻا سيد سڏائيندا آھن. سنڌ جا قريشي اڪثر سُني
آھن. سنڌ جا گھڻا پير قريشي آھن.
ڪِراڙ: ٿرپارڪر جي پاسي واڻين يا لوھاڻن کي ڪراڙ
سڏيندا آھن؛ مگر حقيقت ڪري اُھي لوھاڻا ناھن، پر
مارواڙي آھن. ڪراڙ ويشنو آھن.
ڪرمتي: ڪرمت مڪران ۾ ھڪڙو مڪان آھي، جتان ھيءُ
ماڻھو آيل ٿا سڏجن ۽ انھيءَ ڪري بلوچن ۾ داخل ٿي
سگھن ٿا، جيئن بروھي ۽ مڪراني آھن. پر ڪرمطي قوم
جا ماڻھو مصر جي پاسي بادشاھ ٿي گذريا، جن جو
مذھبي فرقو صوفين ۽ اسماعيلي شيعن يعني بوھرن ۽
خواجن وانگي ھند ۽ سنڌ ۾ به اچي نڪتو. امڪان آھي
ته ڪرمتي ماڻھو سما يا سومرا ھجن، ڇا لاءِ جو
گھڻا سومرا ڪرمتي فرقي جا ھئا. اھي ڪرمتي، قديم
وقت کان ساڪري جي پاسي رھندا ھئا ۽ سندن سردار کي
جاگيرون مليل ھيون ۽ اڃان به اٿن.
ڪلال: جٽين وانگي ڪلال به راجپوتانا ۽ ٿَرَ جي
پاسي کان سنڌ ۾ آيا ۽ اُھي ڊيڍن وانگي گھٽ ذات جا
شمار ڪيل آھن، جو سندن ڌنڌو کلن رڱڻ جو آھي. اُنھن
جي ٻولي به مارواڙيءَ جھڙي آھي.
ڪلھوڙا : اصل عباسي ۽ داؤد پوٽن جي شاخ
مان آھن. اُھي قديم وقت کان سنڌ ۾ فقير يا مرشد يا
پير ٿي رھيا ۽ مريد ڪيائون، جن کي فقير سڏيندا ھئا
۽ پاڻ ميان سڏبا ھئا. مذھب جا شيعا ھئا، خصوصاً جي
سنڌ جي گاديءَ تي ھئا؛ ۽ سندن مريد يعني ٽالپر ۽
ٻيا به شيعا ھئا. ھنن جو احوال مٿئين باب ۾ آيو
آھي.
ڪورائي: ڪورائي جلال خان ولد ھرين بلوچ جو
پٽ ھو. انھيءَ جي اولاد کي ڪورائي چوندا آھن. اُھي
بھاولپور ۾ گھڻا آھن ۽ روھڙيءَ جي پاسي ۽ سرحد سنڌ
۾ به آھن. انھن جون مکيه شاخون ھي آھن: ڪورائي،
پتافي، دستي ۽ ٻڍاڻي.
ڪولھي: گجرات جا گھٽ ذات وارا ھندو آھن، جي
شايد اصل راجپوت ھئا. اُھي ڪڇ گجرات کان ٿرپارڪر ۽
حيدرآباد ۾ آيا، جتي پوکون ۽ ٻيو پورھيو ڪندا آھن.
ھندو ديوتائن جي پوڄا ڪندا آھن. گوشت کائيندا آھن
۽ شراب به پيئندا آھن.
کتري: ھندو، جي برھمڻ ناھن ۽ کتري آھن، سي
اڪثر پنجاب کان سنڌ ۾ آيا ۽ انھن مان گھڻا عامل ۽
لالا سڏائيندا آھن. ھالا جي پاسي پنجاب جا کتري
گھڻا آھن.
کٽي: ھيءَ ڪا قوم ناھي. کٽڪي ڌنڌي ڪرڻ ڪري
کٽي سڏبا آھن. ھندو به آھن ۽ مسلمان به آھن. ھندو
کٽي اڪثر لوھاڻا آھن ۽ ٻين ذاتين جا به آھن.
مسلمانن ۾ کٽي ڪپڙن ڌوئڻ واري کي به چون يعني
ڌوٻيءَ کي، پر حقيقت ڪري کٽي ڪپڙا رڱيندا آھن. نير
جو رنگ فقط مسلمان ڪم آڻيندا آھن، نه ھندو. انھن
کي نيروٽي چوندا آھن. مسلمان کٽي اڪثر پاڻ کي
سومرا سڏائيندا آھن. پَٽَ جي رڱڻ وارن کي پاٽولي
سڏيندا آھن ۽ اھي ھندو به آھن.
کدڙا: ھي فقير سڏبا آھن ۽ ھنن جو فرقو جدا
آھي. مڙس آھن، جي مرداني طاقت نه رکڻ ڪري کدڙا
سڏبا آھن ۽ زنانو ويس ڪري ڏاڙھي مڇون ڪوڙائي
ڳائيندا وڄائيندا آھن ۽ اڪثر تاڙيون وڄائيندا آھن
۽ خيرات وٺندا آھن. گھڻا پاڻ ۾ گڏ رھندا آھن.
منجھن ھڪڙو وڏو رھندو آھي ۽ ٻيا انھيءَ جي حڪم ۾
رھندا آھن. جتي ڪو کدڙو يا بي طاقت جو ڇوڪر يا مڙس
ٻڌندا آھن، اتي ويندا آھن ۽ وڃي ڪوشش ڪري انھيءَ
کي ھٿ ڪري پاڻ سان گڏيندا آھن. جتي رھندا آھن،
انھيءَ ھنڌ کي مڙھي سڏيندا آھن. ھندو کدڙا بڪراسر
ديوي يا ديول ديويءَ جي پوڄا ڪندا آھن ۽ انھيءَ جي
مورت رکي انھيءَ تي سيرو يا حلوو قربانيءَ جي
بدران نذرانو ڏيندا آھن. ميرن جي ڏينھن ۾ حيدرآباد
منجھ ڪي مشھور کدڙا ٿي گذريا، جي تمام دولتمند
ھئا. انھن جا نالا فضل ۽ گل جان ھئا. ناظر به کدڙن
وانگي آھن، جي اڪثر شيدي يا حبشي ھوندا ھئا ۽ جن
جا خُصيا يا آنورا وڍائي ڪٽ ڪري، پوءِ انھن کي
ٻانھا ڪري وڪڻندا ھئا ۽ اُھي حرمسرائن ۾ ايندا
ويندا ھئا. مير صاحبن وٽ گھڻا حبشي ناظر ھئا.
کوسا: ھيءُ بلوچن جي ھڪڙي قوم آھي، جا رندن
جي شاخ آھي. کوسا اڪثر جبل جي وٽ سان ڪوھستان جا
رھاڪو آھن، خاص بندويراھ ۾ ڪوٽڙيءَ جي الھندي ڏي.
انھن جون گھڻيون قومون آھن، جيئن ته جُماڻي،
ڇُٽاڻي، دُرياڻي، سھراڻي، جاگيراڻي، شاداڻي وغيره.
کوکر: ھيءُ اصل پنجاب جي قوم آھي، جا پوءِ
سنڌ ۾ آئي. سنه 582ھ ( سنه 1186ع) ڌاري جڏھين قطب
الدين ايبڪ سنڌ جو حاڪم ھو، تڏھين ڪي کوکر لاھور
مان ڪاھي آيا ۽ قطب الدين جي پٽ شھاب الدين کي
ماري وڌائون. وري سنه 796ھ (سنه 1393ع) ڌاري محمود
شاه ولد ناصرالدين شيخا کوکر سان وڙھڻ لاءِ سارنگ
خان کي موڪليو، جنھن لاھور ۾ اچي ھن کي شڪست ڏني.
سنڌ جا کوکر به انھن کوکرن جي اولاد مان آھن.
کُھاوڙ: ھيءُ سرائي آھن ۽ ڪلھوڙن جا مريد
ھئا. انھن مان گھڻا انھن جا امير ۽ لشڪر جا سپھ
سالار ھئا، جيئن محمد حسن کھاوڙ، جو ميان
عبدالنبيءَ جي وقت ۾ سندس پاران مير فتح علي خان
سان وڙھيو. کھاوڙ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ گھڻا آھن ۽
منجھانئن گھڻا وڏا زميندار آھن.
گُرجي: گرجستان يا جارجيا ملڪ جا ماڻھو، جي
اصل رشيا جي رعيت ھئا ۽ پوءِ رشيا ۽ ايران
جي جنگ ۾ انهن مان قيد ٿي ايران ۽ ٻين پاسي ويا. اُتان
ڪي گرجي ميرن جي صاحبيءَ ۾ سنڌ ۾ آيا ۽ ميرن
وٽ رهيا. انهن مان مکيه مرزا خسروبيگ هو، جنهن کي مير
ڪرم علي خان پٽ وانگي پاليو.انهيءَ جو احوال ڌار
ڏنل آهي. اِهي گرجي ٽي_ چار گھر هئا، جي هاڻي
ٺوڙهي جي ٽنڊي ۾ حيدرآباد شهر جي ويجهو رهندا آهن.
اُهي هئا مرزا خسرو بيگ، مرزا فريدون بيگ ۽ مرزا
قربان علي بيگ. هڪڙو گھر مرزا يوسف جو ميرن جي قبن
تي رهندو هو، ۽ هڪڙو گھر مرزا باقربيگ جو مانجھوءَ
۾ رهندو هو. انهن جو اولاد اڃا اتي آهي. اُهي مرزا
سڏبا آهن. اصل عيسائي يا ڪرسچن هئا، پوءِ ننڍي
هوندي ايران ۾ رهي مسلمان ٿيا.
گوسائين: هيءُ جوڳين ۽ سنياسين وانگي هندو
فقيرن جي قوم آهي. گوسائين اڪثر پنندا آهن ۽ شِوَ
جا پوڄاري آهن. پنهنجا پاڻ ۾ پرڻبا آهن ۽ گيڙوءَ
رتا ڪپڙا ڍڪيندا آهن. مئلن کي ويهاري هيٺان مٿان
لوڻ وجهي پوريندا آهن ۽ ڪي درياءَ ۾ به اُڇلائي
وجھندا آهن. هو ماس به کائيندا آهن ۽ شراب به
پيئندا آهن.
لاشاري_ هيءُ بلوچ قوم لاشار جو اولاد آهي،
جو جلال خان ولد هرين هو پٽ هو. اڪثر قلات ۾ رهن
ٿا ۽ ڪي سرحد سنڌ ۾ به آهن. هنن جون ست شاخون آهن: چوُڪي، گُوراڻي، دلاور زائي، ڀُوتاڻي، هادياڻي، ڪلواڻي ۽ گُلڻ
زائي.
لغاري: هيءَ بلوچ قوم، رندن جي شاخ آهي، ۽
رند جلال خان ولد هرين جو وڏو پٽ هو.اهي قلات ۽
سرحد سنڌ ۾ به آهن ۽ حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي ضلعن ۾ به
آهن. هنن جا ڪي سردار ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ سندن
طرفان جنگين ۾ وڙهيا ۽ پوءِ ميرن ٽالپرن جي ڏينهن
۾ به سندن امير هئا،خصوصاً ولي محمد خان، انهن کي
نواب جو لقب هو ۽ اڃا تائين به اهي نواب سڏبا آهن
۽ پالڻ جو ڪم ڪندا آهن ۽ تاجپور ۾ ويٺا آهن ۽
جاگيردار آهن.
لَکَڻ: هيءُ ماڻهو اصل هندو هئا، ۽ پوءِ
مسلمان ٿيا. روهڙيءَ جي ڀاڱي ۾ گهڻا آهن. آباديءَ
جو ۽ مال چارڻ ۽ پالڻ جو ڪم ڪندا آهن.
لنجار: لاکي
سمي جو اولاد آهن، جو رائدن ولد
ڪاڪه جو پٽ هو ۽ ڪاڪه سمو ڪاڪه جو حاڪم هو. لنجار
ڪوٽڙي ڀاڱي ۾ آهن. انهن مان شيخ ساهڙ لنجار مشهور
اولياءَ تي گذريو، جو مانجهوءَ جي ويجهو ٽَڪَر تي
رکيل آهي.
مَعري: بلوچن جي قوم آهي، جا رندن جي شاخ
آهي. سرحد تي مرين جي ٽڪر ۾ رهندا آهن، اُهي سنڌ ۾
گھڻن هنڌن تي آهن. انهن جون هيٺيون شاخون آهن:
لوهاراڻي، اباڻي، ڪُنگراڻي، بجاراڻي، مهنداڻي
وغيره. ٽالپر به مرين جي هڪڙي شاخ آهي.
مزاري: هيءُ به رند بلوچن مان آهن. روجھاڻ ۾
رهندا آهن، جتي انهن جو سردار رهندو آهي. اهو شهر
ديري غاري خان جي ضلعي ۾ آهي. انهن جون به گھڻيون
شاخون آهن، جيئن ته بلوچاڻي، جرڪاڻي، سنبلاڻي، کور
کاڻي، سادواڻي وغيره.
مغل: مغل اصل ترڪ ۽ تاتاري هئا، جن کي اڳي
منگول به چوندا هئا. دهليءَ جا شهنشاهه انهن مان
هئا،جن کي چنگيز خاني يا تيموري يا بابري مغل
چوندا آهن، ارغون ۽ ترخان به مغل هئا، جن جو بيان
مٿي آيو آهي. انهن جو اولاد به سنڌ ۾ آهي، جو
دهليءَ ۽ ٻين پاسن کان سنڌ ۾ آيو ۽ گھڻن هنڌن تي
رهي ٿو ۽ اهي اڪثر مرزا سڏائيندا آهن. حيدرآباد ۾
شڪار پور ۾، هالا ۾ ۽ لاڙ ۾ به آهن. اڪثر اُهي
شيعا آهن.
مگسي: لاشاري بلوچن جي شاخ آهي. بلوچستان جي
پاسي جھل ۾ ويٺا آهن. ڪي انهن کي بلوچ نٿا سمجھن،
جيئن ڪورائين ۽ عمراڻين ۽ ڪن ٻين کي به نٿا سمجھن.
مهاڻا: هنن کي مي ۽ مير بحر به سڏيندا آهن.
اڪثر مڇي ماريندا آهن ۽ ٻيڙيون هلائيندا آهن. انهن
جون گھڻيون ئي ذاتيون آهن ۽ اڪثر گھٽ ذات وارا
سمجھيل آهن. گھڻا سکر ماڻهو انهيءَ قوم جي زالن کي
پاڻ وٽ سُريتون ڪري رکندا آهن. سنڌ جي حاڪم ڄام
تماچيءَ وٽ به اهڙي هڪڙي گندري ذات جي مهاڻي هئي.
مَهرَ: هيءُ ماڻهو اصل هندو هئا ۽ پوءَ
مسلمان ٿيا. هو شڪارپور ۽ سکر ۽ لاڙڪاڻي ضلعن ۾
رهن ٿا. مهرن ۽ ڏهرن ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ فساد ڪيا ۽
سترهين عيسوي صديءَ ۾ داﺆد پوٽن سان به وڙهيا؛ پر
اُنهن هنن کي ماري مات ڪيو. انهن مان گھڻا زميندار
آهن.
ميمڻ: هيءُ به اصل هندو لوهاڻا هئا، جي پوءِ
مسلمان ٿيا. پندرهين عيسوي صديءَ ۾ سيد يوسف الدين
قادري بغداد مان ٺٽي آيو ۽ انهيءَ جا هُو مريد ٿيا
۽ پوءَ ڪڇ ڀُڄ ۽ بمبئيءِ جي پاسي ڏي ويا. ڪڇي ميمڻ
وڏا واپاري آهن. اُهي سُني ۽ ديندار آهن. گھڻن جي
راءِ آهي ته ميمڻ اڪثر پاڻ کي قاضي ۽ آخوند
سڏئيندا آهن، جو اڪثر ٻارن کي پڙهائيندا آهن ۽
مسجدن ۾ مُلا ٿي رهندا آهن ۽ واپار به ڪندا آهن.
مينگھواڙ: هيءُ گھٽ درجي وارا هندو آهن، جي
اصل راجپوتانا جا آهن ۽ پوءِ سنڌ ۾ اچي رهيا، خاص
ٿر ۾، جُتين جوڙڻ جو ۽ ٻيو چم جو ڪم ڪندا آهن.
جيئن ڊيڍ ڪندا آهن. انهيءَ جون ذاتيون راچپوتن
واريون آهن، جيئن ته راٺوڙ، چوهاڻ، ڀٽي، سولنگي،
پرمار وغيره. هو مهاديو ۽ ديويءَ جي پوڄا ڪندا آهن
۽ رامديو سندن پير آهي.
نومڙيا: هنن کي فارسيءَ ۾ نُهمرديه چوندا
آهن ۽ لومڙيا به چوندا اٿن. اهي سمن مان آهن. ڪن
جي راءِ آهي ته اهي اصل راجپوت هئا، جي پوءِ جبل ۾
رهڻ ڪري سنڌي ٿي ويا آهن. کيرٿر جبل ۾ ۽ ٻين هنڌن
تي به آهن، هنن جي مائٽي ميرن ٽالپرن ۽ قلات جي
خان ۽ لس ٻيلي جي ڄام سان هئي. انهيءَ جي سردارن
کي مُلُڪَ چوندا آهن. انهيءَ کي جاگير مليل هئي،
جا اڃا هلي اچي.
واڻيا: هنن کي بنيا به سڏين ۽ ٿر ۾ ڪراڙ
چون. هيءُ اڪثر بوهاڻا آهن ۽ دڪانداري ۽ واپار جو
ڪم ڪندا آهن، جنهن ڪري اُنهيءَ کي بقال به چوندا
آهن يعٰني باڪري، هو وياج تي زميندارن ۽ هارين کي
پيسا به ڏيندا آهن ۽ اُن ماپيندا ۽ خريد ڪندا
آهن.
ومشنو: اُهي هندو، جي وشنوءَ جي پوڄا ڪندا
آهن ۽ ڪي شِوَ جي پوڄا ڪندا آهن. ويشنئن جا ٽي قسم
آهن: هڪڙا ولبچاري، ٻيا رامانندي ۽ ٽيان سوامي
نارائڻ جا پيروي ڪندڙ. پشڪرنا برهمڻ ۽ ڪي سرسوت
برهمڻ ۽ سڀ ڀاٽيا ۽ ڪي کتري ۽ ڪي لوهاڻا ولبچاري
آهن. رامانندي اڪثر ڪري بيراڳي آهن، جي رام جي
پوڄا ڪندا آهن ۽ انهيءَ لاءِ ٺاڪر دوارا اٿن.
سوامي نارائڻ وارا اڪثر ڪڇي ڪاسبي ماڻهو آهن. اُهي
ڪرشن ۽ راڌا جي پوڄا ڪندا آهن. انهيءَ جا مندر
هوندا آهن. شِوَ جي پوڄا فقط برهمڻ ۽ جوڳي ۽
سنياسي ۽ گوسائين ڪندا آهن. اُهي لُنگ جي پوڄا
ڪندا آهن.
يهودي: بني اسرائيلين کي يعٰني حضرت موسٰي
جي قوم کي يهودي چوندا آهن. هيءُ ماڻهو سنڌ ۾ تمام
ٿورا آهن ۽ اڪثر ڪراچيءَ جي پاسي آهن. انگريز
سرڪار جي اچڻ کان پوءِ سنڌ ۾ اچڻ لڳا، اڳي ڪي
اتفاقي هوندا هئا. |