سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: قديم سنڌ

ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو

باب؛ -

صفحو ؛ 28

 

 

 

 

قديم سنڌ جا ستارا

يعٰني

عالم ۽ فاضل، مصنف ۽ شاعر

 

 

ديباچو

هن ننڍڙي ڪتاب ۾ قديم سنڌ جا ستارا ڏنا ويا آهن. قديم سنڌ جي معنيٰ سـﺆ کن ورهين کان اڳي جي سنڌ سمجهڻ گھرجي، يا انگريز سرڪار جي حڪومت کان اڳي، ۽ ستارن مان مطلب آهي: مخصوص مشهور عالم ۽ فاضل جي مصنف يا شاعر به هئا. عالم ۽ فاضل ۽ اولياءَ ۽ درويش وغيره ته بيشمار آهن، جن جو ذڪر اسان ڌار پنهنجي ٻئي ڪتاب ۾ آندو آهي، جنهن جو نالو آهي ”قديم سنڌ ۽ انهيءَ جا شهر ۽ ماڻهو.“هن ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ انهن ماڻهن توڙي سندن تصنيفن يا ڪتابن جي الف_ بي وار يادداشت به ڏني ويئي آهي. مڙئي هڪ سـﺆ ايڪيتاليهن (141)ماڻهن ۽ ڇهانوي (96) ڪتابن جا نالا آيا آهن. انهيءَ مان معلوم ٿيندو ته اسان جي سُونهاري سنڌ ۾ اڳي ڪيترا نه فاميارا ماڻهو مشهور ٿيا آهن ۽ سچ پڇ اهي سنڌ جا چمڪندڙ تارا آهن. انهن تي اسان کي فخر ڪرڻ جو سبب آهي. افسوس آهي ته گھڻن ماڻهن کي انهن جي ڪا به خبر ڪانهي.

آميد آهي ته هي ڪتاب سنڌ جا ماڻهو گھڻي شوق مان پڙهندا.

سيپٽمبر سنه 1923ع                            قليچ بيگ

 

 

 

فصل_(1)

بکر لوهڙي ۽ آسپاس وارو ملڪ

1:- مير معصوم شاهه: هو سيد صفائي بن سيد مرتضٰي ترمذيءَ جو پٽ هو، جو سيد شير قلندر بن بابا حسن ابدال مشهور اولياءَ جي نسب مان هو ۽ بکر ۾ اچي رهيو هو. هو وڏي علم ۽ عمل وارو ماڻهو هو. جڏهن مرزا شاهه حسن ارغون سنڌ جو والي هو، تڏهن هن شاهه قطب الدين بن شاهه محمود خراسانيءَ کي بکر جو شيخ الاسلام ۽ واعظ مقرر ڪيو هو. انهيءَ جڏهن سنه 977 هه ۾ وفات ڪئي، تڏهن انهيءَ وقت جي سلطان محمود خان سيد صفائيءَ کي انهيءَ جي جاءَ تي شيخ الاسلام مقرر ڪيو، جنهن سنه991 هه ۾ وفات ڪئي. مٿئين شاهه قطب الدين جي عزيزن مان هڪڙو شخص شاهه جهانگير هاشمي، مرزا شاهه حسن جي زماني ۾ خراسان کان سنڌ ۾ آيو، جو چڱو عالم ۽ شاعر ٿي گذريو. هن جي ”مثنوي مظهرال آثار“ ۽ سندس ”ديوان هاشمي“ مشهور آهي، جا هن مثنوي ”تحفـﺔ الاحرار“جي جواب ۾ لکي هئي اهو سنه 946 هه ۾ حج ڏي ويندي رستي ۾ ڪيچ مڪران وٽ شهيد ٿيو. سيد صفائيءَ جو پٽ مير معصوم شاهه پهرين بکر جي حاڪم سلطان محمود خان وٽ چڱي عهدي تي مقرر ٿيو. پوءِ اڪبر بادشاهه وٽ اميريءَ جي درجي کي پهتو ۽ خان خانان سان گڏ سنڌ جي فتح ڪرڻ ۾ وڏا ڪم ڪيائين. بکر جي آسپاس هن گھڻيون عمارتون جوڙايون. سندس منارو اڃا: موجود آهي. هن گھڻا ڪتاب نثر توڙي نظم ۾ لکيا. ”تاريخ معصومي“ سنڌ جي احوال بابت مشهور آهي. شعر ۾ سندس تخلص ”نامي“ سندس خلاصو ”طب نامي“ اڃا موجود آهي. هن سن  1014هه1605/ ۾ وفات ڪئي. اڪبر بادشاهه به انهيءَ سال ۾ وفات ڪئي. اهو سال ايجد جي حساب سان هن فارسي مصوع مان ٿو نڪري

           بود ”نامي“ صاحب ملڪ سخن ۽ اڪبر بادشاهه جي تاريخ هن جملي سان ٿي نڪري فوت اڪبر شه مير معصوم شاهه جي پٽ جو نالو مير بزرگ هو. انهيءَ جو اولاد گھڻو ٿيو ۽ اڃا آهي، جو بکر ۽ سکر ۾ رهندر اچي. سندس ملڪي ڪم سنڌ جي تاريخ مان معلوم ٿيندا، هتي ڏوپئي نٿا سگھجن.

2_ اڳي سنڌ ۾ اُچ ۽ ملتان به شامل هوندا هئا. اُچ ۾ سيد جلال بخاري يعني مخدوم جھانيان جي اولاد ۽ مريدن مان به گھڻا بزرگ عالم، فاضل ۽ شاعر ٿي گذريا، انهن مان هڪڙو شيخ محمد علي بن عبدالواسع هو، جو هڪڙو وڏو صوفي بزرگ هو ۽ چڱو شاعر هوندو هو. بخاري سادات جو سارو شجرو شعر ۾ آندو اٿس.

ملتان ۾ وري ساڳيءَ طرح شيخ بهاوالدين زڪريا ملتانيءَ اتي جي شيخ الاسلام ۽ اولياء جي اولاد ۽ مريدن مان به گھڻا مشهور عالم فاضل ٿي گذريا. انهن مان مشهور هيءُ آهن: شيخ فخرالدين عراقي ۽ امير حسيني جنهن ڪتاب ڪنزالرموز، ۽ ”زادالمسافرين“ ۽ ”نزهـﺔ الارواح“ تصنيف ڪيا.

فضلي به مشهور عالم ۽ شاعر هو. ناصرالدين قباچه سنڌ جي حاڪم جي صحبت۾ رهندو هو. گھڻو شعر چيو اٿس، جنهن ۾ سندس تخلص ”فضل“ آهي. سعيد قريشي به اتي جو چڱو شاعر ٿي گذريو آهي. شاهزادي مراد بخش بن عالمگير جو ملازم هوندو هو.

3_ بکر جي مشهور ماڻهن مان مير جان شاهه رضوي به هو، جو مير حيدر شاهه جي اولاد مان هو ۽ شاهه عنايت الله صوفيءَ جو مريد هو ۽ خليفو به هو ۽ روهڙيءَ ۾ رهندو هو. اڃا تائين سندس گادي هلي اچي. شعر تمام چڱو چوندو هو. خلاصو ديوان اٿس. سندس تخلص ”مير“ آهي.

4_  الور جي مشهور عالمن مان قاضي اسماعيل هو، جو محمد شيباني بن عثمان ثقفي جي اولاد مان هو. جنهن کي محمد بن قاسم سنڌ وٺڻ بعد اتي جو قاضي ۽ خطيب ڪري رکيو هو. انهيءَ جي اولاد مان هڪڙو ٻيو به قاضي اسماعيل هو، جو عالم ۽ فاضل هو ۽ سنڌ جي فتح جو احوال عربيءَ ۾ لکيو هئائين. سنه 600 هه ۾ علي بن حامد ڪوفي، جو اُچ ۾ رهندو هو، تنهن انهي قاضيءَ کان اهو احوال وٺي فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو، جنهن تان ”چچ نامي“ جو ڪتاب ٺهيو.

 

فصل_(2)

سيوستان (سيوهڻ) چانڊڪو (لاڙڪاڻو) ۽ آسپاس وارو ملڪ

1_ شروع ۾ سيوستان جي مشهور بزر گن مان شيخ عثمان مرونديءَ عرف مخدوم لال شهباز قلندر جو نالو ڏيڻ گھرجي، جو مخدوم جلال جھانيان اُچ واري ۽ شيخ بهاوالدين زڪريا ملتان واري ۽ شيخ فريدالدين شڪر گنج دهليءَ واري جو سنگتي هو. اهو سنه662 هه ۾ مروند کان ملتان ۾ آيو، ۽ پوءَ سيوستان ۾ اچي رهيو ۽ سنه 673 هه ۾ وفات ڪيائين. ڪي چون ٿا ته سنه 650 هه ۾ وفات ڪيائين. هُو عالم فاضل به هو ۽ اولياءُ به هو، مست قلندر به هو ۽ شاعر به هو. سندس ڪتاب ”عشقيه“ موجود آهي، جنهن ۾ سندس شعر به آهي. زياده احوال سندس تاريخ ۾ ڏسجي.

2_مير عبدالله سلطان: سيوستان جي مشهور عالمن ۽ شاعرن مان ٿي گذريو آهي. هُو پنهنجي تخلص ”خان عريضيءَ“ سببان مشهور آهي. هو بکر جي مشهور سيد مير ابوالمڪارم جو پـٽ هو، جو وري مير غياث الدين رضائي سبزواريءَ جو پٽ هو. اهو پونيون سيد ڪتاب ”حبيب السير“ جي مصنف آخوند مير جو ڏهٽو ۽ سلطان جنيد صفويءَ جو پوٽو هو. اهو مرزا شاهه بيگ ارغون جي مقربن مان هو ۽ انهيءَ سان گڏ سنڌ ۾ آيو.مير ابوالمڪارم وري مرزا شاهه حسن ارغون ۽ سلطان محمود خان بکر واري جي اميرن مان هو ۽ انهي جي پاران وڪيل ٿي شاهه اسماعيل صفوي وٽ ويو هو. مير عبد﷢ سلطان، جو سيوستان ۾ ڄائو هو، سو جھانگير بادشاهه جي زماني ۾ مرزا غازيءَ سان گڏ هوندو هو ۽ جڏهن مرزا قنڌار ۽ ٺٽي جو حاڪم ٿيو، تڏهن وڪيل ٿي ايران جي شاهه ڏي ويو ۽ خراسان ۾ امام رضا جي زيارت ڪري موٽيو ۽ مرزا جي مرڻ کان پوءِ ٺٽي ۾ نواب مقرر ٿيو. پر شاهجھان بادشاهه جي راڄ ۾ ڪنهن سبب ڪري شريف الملوڪ کي ڪاوڙايائين ۽ نواب امير خان اچي مير عبد﷢ ۽ سندس طرف وارن کي ستايو، تنهنڪري مير مٿئين ۽ سندس ڀاءَ پنهنجو عهدو ڇڏي ڏنو، اگرچ مرزا عيسٰي ترخان ۽ ٻين رهي پوڻ لاءِ گھڻو زور ڪين، نيٺ مُلا محب علي سنڌيءَ جي معرفت ڄام تماچيءَ کام پنجاهه هزار دام پگهار وٺي اچي ٺٽي ۾ رهيو. انهن مان به ڪي مشهور عالم، فاضل، شاعر ٿيا، جن جو ذڪر ٺٽي واري فصل ۾ ايندو.

3_ قاضي قاضن: ولد قاضي محمد قاسم سيوستان جي مشهور بزرگن ۽ عالمن فاضلن مان آهي. هو مشهور قاضي ابوالخير واري جي اولاد مان هو. قاضي قاضن وڏو حافظ، قاري ۽ عالم هو. فقهه، حديث، تفسير ۽ تصوّف ۽ انشا جي علمن ۾ خوب ماهر هو ۽ حاجي به هو ۽ گھڻو سير سفر ڪيو هئائين ۽ نيٺ سيد محمد مهدي جونپوريءَ جو مريد ٿيو، تنهنڪري ظاهري شريعت وارن عالمن جي مٿس ٽوڪ رهندي هئي.

مرزا شاهه حسن جي راڄ ۾ موروئي حق موجب هو بکر جو قاضي ٿيو. پيريءَ جي ڪري قضا جو ڪم پنهنجي ڀاءُ قاضي نصر﷢ جي حوالي ڪري پاڻ گوشه نشين ٿيو ۽ سنه 958 هه ۾ وفات ڪيائين.

قاضي قاضن جو سنڌي شعر به آهي. سندس پوٽي محمد بن يعقوب گھڻو وقت دهليءَ ۾ گذاريو. چڱو شاعر ۽ خوشنويس هو. سندس ديوان موجود آهي. قاضي قاضن جي وڏي پٽ عبدالغفار کي ته ” اسدالعلماء“ جو لقب هو ۽ انهيءَ جو پٽ قاضي محمد ظهير پهرين ٺٽي جو، پوءَ لاهور جو قاضي ٿيو ۽ اُتي وفات ڪيائين. گھڻن ڪتابن جون حاشيون لکيائين.

4_ مُلا نورالحق: سيوستاني مُلن ۽ عالمن مان هو، پر پوءِ انهيءَ کان به زيادهه مشهور ٿيو. لکيل آهي ته: ننڍي هوندي هُو ڏاڍو موڳو هو ۽ حافظو تمام خراب هوس ۽ ويسر گھڻي هوندي هُيس.

پڻس هڪڙي ڀيري ڪاوڙجي ڪوٺيءَ ۾ کڻي بند ڪيس، جتي روئي روئي سُمهي رهيو. خواب ۾ هڪڙي نُوراني پير مرد بشارت ڏنيس ۽ چيائينس ته ”ڇو سُتو آهين اُٿي کڙو ٿي، اڳتي جيڪي تون پڙهندين سو تو کي ياد رهندو“ انهيءَ کان پوءِ حافظو کُليس ۽ قرآن شريف ته ياد ڪيائين، پر جيڪي به ٻڌندو هو، سو هڪدم ياد ٿي ويندو هئس. آخر وڏو شاعر ٿي پيو ۽ تخلص ”مشتافي“ اختيار ڪيائين، جڏهن هندوستان جو مشهور شاعر مرزا صائب سنڌ مان لنگهي هند ڏي ٿي ويو، تڏهن مُلا نورالحق سان صحبت ڪيائين ۽ سندس شعر نهايت پسند ڪيائين. سندس اولاد مان به ڪي شاعر ٿيا.

5_ ميان عبدالحليم: ۽ سندس چار پٽ وجه الدين ۽ ناصرالدين ۽ محمد رفيع ۽ ابويڪر سيوستاني به چڱا عالم ۽ فاضل ۽ شاعر ٿي گذريا.

6_ حيدر هروي: جواصل هرات جو هو، سو پاٽ جو هڪڙو مشهور عالم ۽ شاعر هو. مرزا شاهه حسن جي ڏينهن ۾ آيو ۽ پاٽ ۾ اچي رهيو، جو سيوستان سان لاڳو هو. هن جو لقب ۽ تخلص ”ڪليجه“ هو. ڪليجه پارسيءَ ۾ زيرانڊي يا جيري کي چون، جو اوائل ۾ هُو زيرانڊيون رڌي وڪڻندو هو. هن جو سڄو ديوان آهي ۽ شعر تمام عمدو اٿس. وفات به پاٽ ۾ ڪيائين.

7_ مخدوم عبدالعزيز: ڪاهان جي ڳوٺ جو رهاڪو هو، جو پڻ سيوستان سان لاڳو هو. هُو پاڻ ۽ سندس ٻه پٽ مولانا ائيرالدين ۽ مولانا يارمحمد، شاهه اسماعيل جي خروج وقت، ڄام فيروز جي راڄ ۾ هرات مان نڪري سنڌ ۾ آيا ۽ ڪاهان ۾ اچي رهيا ۽ وفات به اُت ڪيائون. ”وارث الانبيا“ سندس وفات جي تاريخ آهي. هُو مرزا شاهه حسن جو استاد هو. اهي ٽيئي بزرگ وڏا محدث هئا ۽ ڪيترائي ڪتاب لکيائون، شرح مشڪواة ۽ ٻين حديثن جي ڪتابن جون حاشيون لکيون اٿن، جن جي ماڻهو گھڻي قدرداني ڪندا هئا.

8_ شيخ موسيٰ: ريل باران جو رهاڪو هو، جو ڳوٺ سيوستان سان لاڳو هو. چانڊڪي ۽ سيوستان پرڳڻن جي الهندي پاسي جبل تائين جيڪا باراني زمين آهي ۽ جنهن کي هاڻ ڪاڇو چوندا آهن، تنهن کي دشت باران سڏيندا هئا. اتي گھڻائي بزرگ ۽ اوليا رهيا ۽ گذريا جن جا نشان اڃا ظاهر آهن، انهن مان هڪڙو شيخ موسيٰ هو، جو سنه 900 هه ۾ ريل ۾ رهندو هو. انهيءَ جو هڪڙو ڏهٽو خضر شاهه سير ۽ سفر تي نڪتو ۽ ناگور ۾ وڃي شيخ يحييٰ بخاريءَ جو مريد ٿيو، جو اُچ واري مخدوم جھانيان جو سجادهه نشين هو. انهيءَ کان سواءِ شيخ عبدالرزاق قادري ۽ شيخ يوسف سنڌي وٽان فيض حاصل ڪري موٽي وطن آيو. شيخ موسيٰ سنه 911 هه ۾ ڄائو اڪبرآباد ۾ وڃي علم جي تحصيل ڪيائين. وڏو عالم فاضل ٿيو، هڪ سـﺆ ويهه ورهيه عمر ٿيس. سندس ٻه پٽ شيخ ابوالفضل ۽ شيخ فيضي پيءُ کان به زياده مشهور ٿيا. اهي ٻئي عالم فاضل، مصنف ۽ شاعر ته هئا، پر وڏا مدبر ٿي گذريا. اڪبر بادشاهه وٽ برک هئا. اابوالفضل پنهنجي ڪتاب ”ڪچڪول“ ۾ پنهنجي والد ۽ اصل نسل جو بيان ڏنو آهي ۽ ٻيا به گھڻا ڪتاب لکيا اٿس. ”علامي“ جي لقب سان مشهور آهي. فيضي ته پنهنجي وڏي ڀاءُ کان به علميت يا حڪومت ۽ مدبري ۾ وڌي ويو. سندس ڪليات يعني قصائد ۽ ديوان ۽ سندس ڪيتريون مثنويون جن مان پنج سندس خمسه ۾ داخل آهن ۽ سنسڪرت ڪتابن جا نظم ۾ ترجما ۽ سندس انشا ۽ سندس قرآن جو بي نقط تفيسر مشهور آهن، جن مان هن جي خداداد قابليت ۽ علميت ظاهر آهي. انهن ٻنهي ڀائرن جو احوال هند جي تاريخ ۽ سندن سوانح عمرين مان معلوم ڪرڻ گھرجي. اڪبرنامي ۽ آئين اڪبري مان به سندن گھڻو سماءُ پئجي سگهندو، جي ابوالفضل جا لکيل آهن.

 

 

فصل_(3)

نيرون ڪوٽ (حيدرآباد) درٻيلو، بدين ۽ آسپاس وارو ملڪ

1_ قاضي ابراهيم: ۽ سندس پٽ قاضي عبدا﷢ درٻيلي جي قديم شهر جا رهاڪو هئا. قاضي عبدا﷢، مخدوم عبدالعزيز ابهري، ڪاهان جي ڳوٺ واري وٽ علم جي تحصيل ڪئي، جنهن جو ذڪر مٿئين فصل جي نمبر (7) ۾ آيو آهي. مرزا شاهه بيگ جي فتح کان پوءِ هو اتان لڏي باغبان ۾ آيو ۽ سنه 934هه ۾ گجرات مان ٿيندو مديني ڏي ويو ۽ اتي وڃي رهي پيو ۽ وفات به اُتي ڪيائين. هُو نهايت قابل ۽ عالم ۽ فاضل شخص هو. انهيءَ جو پٽ شيخ رحمت ا﷢ به وڏو عالم ٿي گذريو. حج جي رسمن بابت هن ٽي عربي ڪتاب لکيا ۽ انهيءَ جي ننڍيءَ ڀاءُ به حديث ۽ تفسير جي علم ۾ نالو ڪڍيو. اهو به خان اعظم سان گڏجي مڪي ويو. انهيءَ مٿئين قاضي عبدا﷢ سان گڏ شيخ عبدا﷢ بن مولانا سعد، جو شهر پيلي ۾ مدرس هو، سو به سنه 947 هه ۾ گجرات ويو ۽ اتان قاضي قاضن سان گڏ حرمين شريفين ڏي ويو، جتي باقي عمرگذاريائين. انهن گھڻائي ديني ڪتاب لکيا. انهن جو هڪڙو طالب علم عبداللطيف نالي به مشهور ٿي گذريو، جنهن مُلا جي حاشي لکي ۽ ڪي ٻيا ڪتاب علم ڪلام جي بابت لکيائين.

2_ شاهه عبداللطيف: ولد سيد حبيب شاهه تارڪ ڀٽائي، سيد عبدالڪريم بلڙيءَ واري (نمبر 8) جي اولاد مان مشهور اولياءُ ۽ شاعر ٿي گذريو. سندس رسالو مشهور آهي. سندس مفصل احوال اسان ڌار ڇاپايو آهي. سندس وفات سنه 1165 هه ۾ ٿي، جو سال ابجد جي حساب سان ”رضوان حق“ مان ٿو نڪري، سندس جاءِ تي سيد جمال ويٺو، کيس اولاد ڪو نه هو.

3_ سيد شفيع محمد: نصرپور جي رضوي سيدن مان وڏو عالم فاضل ٿي گذريو. هُو سيد عثمان بن سيد عبدالولي رضويءِ جو پٽ هو. وڏو شاعر هو ۽ سندس سڀ سنڌي شعر حقيقي هوندو هو. شيخ موسي آهنداني واري قبرستان ۾ دفن ٿيل آهي.

4_ مخدوم عبدالرحمان: به نصوپور جي عالمن ۽ فاضلن ۾ مشهور هو. شاهجھان ۽ عالمگير بادشاهن جي وقت ۾ حرمين شريفين جي نذرن جو متولي مقرر ٿيو ۽ بادشاهن جاگير به ڏني هيس. وڏو عالم ۽ فاضل هو. سندس پٽ محمد اڪرم ۽ انهيءَ جو پٽ ميان مدني، جو مدينه منور ۾ ڄائو هو ۽ ٻيا به ٻه به عالم ۽ فاضل ٿي گذريا. هنن قاضين جي اولاد مان گھڻا ٻيا به عالم ٿي گذريا ۽ اڪثر مديني ۾ رهيا. قاضي عبدالرحمان ثاني ته مديني ۾ مخدوم حيات سنڌيءَ جي قبر ۾ دفن ڪيو ويو، جنهن ساڳي قبر ۾ حاجي محمد قائم سنڌي به دفن ٿيل آهي.

5_ سيد هارون: متعلوي سيدن مان هڪڙو ڌﺆنرن هڱورن جي ڳوٺ جو رهندڙ مشهور عالم ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. مٿئين سيد شفيع محمد وانگي هن سيد جو به سڀ شعر حقيقي هوندو هو. علميت ۽ فضيلت جي ڪري به هن پنهنجي وقت ۾ چڱو نالو ڪڍيو هو.

6_ درويش دائود ۽ ميان همون: ٻئي اگھم ڪوٽ جا رهاڪو هئا ۽ اتي جي مشهور بزرگ مخدوم اسماعيل سومري جا مصاحب هئا. هُو ٻئي وڏا فاضل، عالم ۽ مدرس هئا. سندس مدرسي ۾ اٽڪل پنج سـﺆ ماڻهو قرآن ۽ حديث جو علم پڙهندا هئا ۽ هُو انهن کي خوراڪ ۽ پوشاڪ ڏيندا هئا: مٿيون مخدوم، جو رياضت جي ڪري مشهور هوندو هو. سو به پاڻ هميشه جوَن جي ماني کائيندو هو، ليڪن مهمانن، مسافرن ۽ طالبعلمن کي عمدو طعام کارائيندو هو. اهڙن خيراتي ۽ علمي ڪمن جي ڪري مرزا محمد باقي هنن جي زمين جي ڍل معاف ڪري ڇڏي هئي، انهيءَ هوندي به هُو پاڻ مٿئين مخدوم وانگي فقر ۽ فاقي ۾ گذاريندا هئا.

7_ ملا قيصر: جنهن جو اصل نالو عبداللطيف هو، سو بدين جو رهاڪو هو ۽ نهايت وڏو عالم، فاضل ۽ زبردست شاعر به هوندو هو. دهليءَ جي بادشاهن وٽ سندس گھڻي عزت هوندي هئي. ڇهين مهيني ٻه تڏا عالمگير بادشاهه ڏي تحفو ڪري نيندو هو ۽ لائق انعام ملندو هوس. جڏهن ٻڍو ٿيو، تڏهن انهن بادشاهن ماهيانو ۽ ساليانو مقرر ڪري ڏنس، جنهن تي هُو آسودو پيو گذاريندو هو.

8_ سيد عبدالڪريم: ولد لَلو شاهه، جنهن کي شاهه ڪريم سڏيندا آهن.، بلڙيءَ جو رهاڪو هو. هُو متعلوي سيدن مان هو. ڏاڍي عبادت ۽ رياضت ڪرڻ وارو شخص هو. اڪثر رات جاڳي عبادت ڪندو هو ۽ مسجدن جي خدمت چاڪري ۽ بزرگن ۽ اوليائن جي زيارت ڪندو هو. هن سيد محمد يوسف رضويءَ ۽ مخدوم نوح، مخدوم آدم ۽ ٻين مشائخن جون صحبتون ڪيون ۽ انهن کان فيض حاصل ڪيائين. مخدوم نوح جي حڪم سان بلڙيءَ ۾ اچي رهيو ۽ وفات به اُتي ڪيائين سنه 1030 هه ۾. هن جو احوال ڪتاب ”بيان العارفين تنبيه الغافلين“ ۾ ڏنل آهي. هو چڱو خاصو سنڌي شاعر هو. سندس رسالو اگرچ ننڍو آهي، ته به حقيقي مضمون سان ڀريل آهي. اهو مون ڌار ڇاپايو آهي، ۽ انهي ۾ سندس مفصل احوال به ڏنو آهي. هن سيد جي پوٽن مان هڪڙو حبيب شاهه هو، جو وجد ۽ حال وارو هو ۽ هميشه استغراق ۾ رهندو هو. اهو شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو والد هو. جنهن جو اشارو مٿي (نمبر 2) ۾ ڏنو ويو آهي. سيد حبيب شاهه جي وفات جي تاريخ مخدوم محمد صادق نقشينديءَ هن حديث مان لڌي:

” الموت جسر“ يوصل الحبيب اليٰ لقاءالحبيب.

9_ سيد ثابت علي شاهه: ولد مدار علي شاهه ملتاني، نواب اعظم خان سان سنڌ ۾ آيو ۽ سيوهڻ ۾ رهجي ويو، عربي ۽ فارسيءَ ۾ هوشيار هو، فارسي ۽ سنڌي شعر چوڻ لڳو. اڪثر مرثيا ۽ منقبت چيائين. ڪلهوڙا هن کي لوازمو ڏيندا هئا، پوءِ مير صاحب به ساڳي نوازش ڪندا هئا. مير فتح علي خان کان وٺي مير ڪرم علي خان جي راڄ تائين رهيو، سنه 1325 هه ۾ وفات ڪيائين. سندس گھڻا ڪتاب لکيل آهن. سيوهڻ ۾ دفن ٿيل آهي، سندس مفصل احوال ڌار ڇپايل آهي، زوار هئڻ ڪري ”ڪربلائي“ ۽ ”ثابت“ تخلص هوس.

                                                          

فصل_(4)

ڪوهستان، ڪڪراله، ساڪرهه ۽ آسپاس جو ملڪ

 

1_ شاهه عنايت ا﷢ صوفي: پٽ مخدوم فضل ا﷢ جو ۽ سندس وڏا، جي سڀ ڪامل درويش ٿي گذريا، سو اصل نصريه جو ويٺل هو، جو ڳوٺ بٺوري جي پر ڳڻي ۾ هو. هُو پاڻ ته مشهور ڪامل درويش هو ۽ وڏا سير سفر ڪيائين. اهو ڳوٺ اصل متعلوي سيدن جو هو، جن مان پهرين سيد عبدالڪريم شاهه بلڙيءَ وارو مخدوم فضل ا﷢ جي پڙ ڏاڏي مخدوم صدن جو مريد ٿيو. شاهه عنايت دکن هندستان ۾ وڃي برهانپور شهر ۾ شاهه عبدالملڪ جي صحبت حاصل ڪئي ۽ پنج ورهيه انهيءَ جي ارشاد هيٺ ڌاڍيون رياضتون ڪڍيائين ۽ ظاهري علم جي تحصيل شاهجھان آباد جي شاهه غلام محمد وٽ ڪيائين ۽ انهيءَ جو مريد ٿيو ۽ انهيءَ سان گڏ شاهه عبدالملڪ کان اجازت وٺي ٺٽي ۾ آيو، پر اتي جي عالمن شاهه غلام محمد تي اعتراض آندو ۽ تعذير ڏيڻ گھريائون، تنهنڪري موٽي شاهجھان آباد ۾ آيو. شاهه عنايت ٺٽي مان لڏي ميرانپور ڳوٺ ۾ آيو، جنهن کي جھوڪ ٿا چون، اتي خانقاهه بنائي ويٺو ۽ هزارين مريد ٿيڻ لڳس. گھڻي رجاعت ۽ گوڙ هئڻ ڪري، شاهه ڪريم پوٽا سيد سندس حاسد ٿيا ۽ دهليءَ جي بادشاهه تائين مٿس فريادي ويا ته فساد پرپا ٿو ڪري. ٺٽي جي حاڪم نواب اعظم خان به انهن جي پٺڀرائي ڪئي. آخر بادشاهه جي حڪم سان هڪ وڏو لشڪر آيو ۽ سنه 1130هه ۾ شاهه عنايت کي شهيد ڪيائون. هن سيد جو مفصل احوال اسان جي سنڌ جي تاريخ ۾ آهي. هن جا گھڻائي مريد سنڌ ۾ يا ٻاهر هئا. سيد جان شاهه روهڙيءَ وارو، جنهن جو پهرئين فصل ۾ ذڪر آيو آهي، اهو هن جو مريد ۽ خليفو هو، شاهه عنايت عالم فاضل هو ۽ شاعر به هو. سندس فارسي ۽ سنڌي شعر به موجود آهي.

2_ ڪڪراله ۾ ٻيا به ڪيترا عالم فاضل بزرگ ٿي گذريا آهن. انهن مان ٻه_ٽي هتي ڏجن ٿا: ابو علي سنڌي بايزيد  بسطامي مشهور اولياءُ جو استاد چوڻ ۾ ٿو اچي. شيخ عيسيٰ سنڌي، جنهن جو لقب ”جندالله“ هو، سو محمد غوث گوالياريءَ جو خليفو هو ۽ مشهور عالم ٿي گذريو. شيخ يوسف سنڌي جي بابت ته ابوالفضل علامي، اڪبر بادشاهه وارو لکي ٿو ته خود سندس ڏاڏي شيخ خضر، هن سنڌي بزرگ کان گھڻو فيض پرايو.

 

فصل_(5)

تته (ٺٽي) ۽ آسپاس وارو ملڪ

1_ سيد علي شيرازي انجوي: جنهن جا وڏا سنه786هه ۾ ڄام صلاح الدين بن تماچيءَ جي وقت ۾ سنڌ ۾ آيا ۽ جنهن کي پنهنجي ڏاڏي جو نالو مليو، سو وڏو عالم فاضل شخص هو ۽ فقير ٿيو، گهڻا حج ڪيائين. مخدوم نوح جو مريد هو. سنه971هه ۾ وفات ڪيائين: ڪتاب ”آداب المريدين“ سندس تصنيف آهي. انهيءَ جي پٽ سيد جلال کي مرزا باقي ترخان جي ڀائٽِي نڪاح ۾ ملي ۽ اڪبر بادشاهه جي حضور ۾ رهندو هو. انهي جو پٽ مير زين العابدين، جنهن کي مير لطف اللـﮧ به چوندا هئا، سو عالم به شاعر به مشهور ٿي گذريو. ڪتاب ”ضررالشر“ انهي جي تصنيف آهي. شعر ۾ سندس تخلص ”قانع“ هو.

سنه1130هه ۾ وفات ڪيائين، جو سال رضوان عنه مان نڪري ٿو. انهي جي اولاد مان سيد محمد حسين ولد سيد احمد زياده مشهور ٿيو ۽ انهي جو مفصل احوال ڪتاب ”تذڪرة المراد“ ۾ ڏنل آهي جو حاجي محمد حسين صفائي جو لکيل آهي. انهي سيد جو لقب ۽ تخلص ”مراد“ هو، تنهنڪري ڪتاب کي به اهو نالو مليو. هن سنه893هه ۾ وفات ڪئي. هو عباس قاضين مان پرڻيو هو. سندس پٽن مان مير محمد حسن مشهور ٿيو، جو ميرزا جان جو ناٺي ٿيو.

2_ سيد شاهه ولي ولد سيد ابوالقاسم شڪرالاهي، شيرازي سيدن مان هو. جنهن جو ڏاڏو سيد شڪراللـﮧ سنه906هه ۾ هرات مان قتڌار ۾ ۽ اتان سنه927هه ۾ مرزا شاهه بيگ جي چوڻ تي ٺٽي ۾ آيو ۽ مرزا شاهه حسن جي راڄ ۾ اتي جو قاضي مقرر ٿيو. سندس زيادهه احوال ”تاريخ طاهريءَ“ ۾ لکيل آهي. سيد شاهه ولي مشهور عالم ۽ فاضل هو ۽ قابل شاعر به هو مخدوم رحمت اللـﮧ جو شاگرد هو. ڪتاب ”تحفـﺔ المجالس“ سندس تصنيف آهي. سنه1150هه ۾ ڪڪراله تعلقي ۾ جيڪا سندن جا گير هئي، تنهن جي ڳوٺ جڳتپور ۾ وفات ڪيائين. سندس لاش کڻائي ٺٽي آيا ۽ اتي دفن ڪيائون. سيد شڪر الله ثانيءَ جي اولاد مان به ڪي وڏا عالم ۽ فاضل ٿي گذريا. انهن مان مشهور سيد عزت اللـﮧ ٿيو، جو سنه1161هه ۾ گذريو. ڇهه پٽ ڇڏيائين جن مان ٻه مشهور عالم فاضل ۽ شاعر هئا. هڪڙو مير عظيم الدين جنهن ”فتحنامو“ لکيو ۽ ٻيو مير علي شير، جو ڪتاب ”تحفـﺔ الڪرام“ جو مصنف هو ۽ جنهن شعر به گهڻو چيو جنهن ۾ سندس تخلص ”قانع“ هو.

3_ شيخ مير محمد ولد ميرڪ شيخ محمود، سبزواري يا عربشاهي يا ميرڪي سيدن مان هو، جنهن جو ڏاڏو ميرڪ شيخ محمد مرزا شاهه بيگ سان قنڌار مان آيو ۽ سکر ۾ رهي پيو ۽ سندس پٽ شيخ محمود وري بکر مان ٺٽي آيو ۽ اتي جو شيخ الاسلام ٿيو. سنه962هه ۾ وفات ڪيائين. شيخ مير محمد وڏو عالم ۽ فاضل هو. ڪتاب ”جامع فتاويٰ پوراني“، انهيءَ جي تصنيف آهي. سنه970هه ۾ وفات ڪيائين. انهيءَ جي اولاد مان وري ميرڪ عبدالواسع مشهور شاعر ٿي گذريو. اهو ميرڪ محمد حسين جو پٽ هو ۽ مشهور مجذوب سالڪ هو ۽ ڪشف جو صاحب هو.

4_ مير ابوالبقا عريض، سبز واري سيدن مان هو، جن جو وڏو ڏاڏو مير عبداللـﮧ سلطان بن مير ابوالمڪارم هو، جنهن جو نڪر فصل_ (2) جي (نمبر 2) ۾ آيو آهي. مير ابوالبقا کي بهره ور علي به سڏيندا هئا. اهو سيد حيدرالدين ابوتراب استاد ڪامل جو شاگرد هو ۽ عالم فاضل هئڻ سان گڏو گڏ شاعر به هو. محمد شاهه دهليءَ جي بادشاهه جي زماني ۾ وفات ڪيائين. ڪتاب ”تاريخ چراغ هدايت“ ۽ ”اشعار گزيده“ هن جي تصنيفات مان آهن.

 5_ ميرغروري، ڪاشاني سيدن جو باني هو ۽ مرزا باقي جي وقت ۾ ڪاشان مان ٺٽي ۾ آيو. جڏهن نواب خان خانان مرزا جاني بيگ کان سنڌ فتح ڪئي، تڏهن هي علحدن هنڌن تي نواب ۽ حاڪم ٿي رهيو. جهانگير بادشاهه جي زماني ۾ ضربخاني جو داروغو هو. ڏاڍي علميت ۽ فضيلت وارو هو ۽ وڏو شاعر هو. ”حسيني“ تخلص هوس. انهيءَ به هڪڙو ديوان ڇڏيو.

6_ مير ڪمالدين احمد ولد سيد عنايت اللـﮧ رضوي بکري، اگرچه وڏو عالم ۽ فاضل هو ته به دولتمند هئڻ ڪري ڏاڍو تجمل سان رهندو هو ۽ ساڳئي وقت ۾ سندس والد تارڪ ٿي پوک ڪري گذران ڪندو هو. هن سيد گهڻائي ڪتاب لکيا: جيئن ته ”شرح ديوان حافظ“ ۽ ”اصلاحات رضويه“. سنه1132هه ۾ وفات ڪيائين ۽ ست پٽ ڇڏيائين، جن مان پهريون مير مرتضيٰ ٽيهن ورهين جي عمر ۾ عالم ۽ فاضل ٿيو ۽ هنر به گهڻا سکيو سپاهگيريءَ جي فن ۾ به هوشيار هو. ستن قسمن جا خط يا اکر لکندو هو. مرزا صائب جو شاگرد آقا تعظيما جڏهن ٺٽي ۾ آيو، تڏهن هن جا شعر نهايت پسند ڪيائين ۽ تخلص ”الهام“ ڏنائينس. هن شاهه عالم دهليءَ جي بادشاهه وٽ وڏو درجو حاصل ڪيو. آخر سنه1120هه ۾ عين جوانيءَ ۾ وفات ڪيائين. هن سيد جو ڀاءُ مير نجم الدين به نالي وارو ٿيو. اهو مخدوم محمد معين جو ڀاڻيجو ۽ شاگرد هو ۽ مدرسو به رکندو هو. گهڻائي ڪتاب تصنيف ڪيائين، منطق ۽ ڪن ٻين علمن تي ڪيترا رسالا لکيائين. لکڻ جو اهڙو چالاڪ هو جو هر هڪ رسالي لکڻ ۾ هڪ ڏينهن کان وڌيڪ نه لڳايائين، ”طوطينامه“ فارسي لکيائين، جو بخشيءَ واري ”طوطينامه“ کان بهتر هو. شعر به تمام چڱو چوندو هو، تخلص ”عُزلت“ هوندو هوس. انهيءَ به ننڍي عمر ۾ سنه1160هه ۾ وفات ڪئي.

7_ مير ابوالمڪارم ولد امير خان، امير خاني سيدن مان هو. امير خان سنه1114هه ۾ سنڌ جو نواب هو ۽ انهيءَ جو ذڪر سنڌ جي تاريخ ۾ آهي. مير ابوالمڪارم اميريءَ هوندي فقير ٿي گذاريندو هو ۽ ڪامل درويش شمارٿيل هو. علميت ۽ فضيلت به ججهي هيس. شاعر به قابل هو. تخلص ”شهود“ هوس. سليمان ۽ بلقيس جي مثنوي لکيائين. سيوستان ۾ دفن ٿيل آهي. سندس پٽ نواب مير امير الدين خان به اڪثر وقت ڪتاين پڙهڻ ۾ عالمن جي صحبت ۾ گذاريندو هو. ”رشحات الضنون“ جنهن ۾ چوڏهن علمن جو ذڪر آهي ۽ ”معلومـﺔ الافاق“ ٻئي سندس تصنيفون آهن. انهيءَ جو ٻيو پٽ مير الرضي الدين به پيءُ جهڙو عالم ۽ فاضل شاعر هو. تخلص ”فدائي“ هوس. سندس ديوان موجود آهي. سنه1120هه ۾ گذريو. وري انهيءَ جو پٽ مير حيدر الدين ابوتراب به انهيءَ جهڙو هو. تخلص ”ڪامل“ هوس ۽ پاڻ به حقيقت ڪري ڪامل انسان هو. مريد هئس. تمام پير مرد ٿي وفات ڪيائين. هن جا تصنيف ٿيل ڪيترائي ڪتاب فارسي، هندي ۽ سنڌيءَ ۾ لکيل مشهور هئا. ”تحفـﺔ الڪرام“ جو مصنف مير علي شير ”فانع“ سندس شاگرد هو.

8_ خواجه امان الله ولد خواجه احمد، علوي خواجن جي خاندان مان هو. هن جو ڏاڏو خواجه محمد ولد احمد مشهور شيخ جام جي اولاد مان هو ۽ پنهنجي وطن جام مان ٺٽي ۾ آيو، جتي جهانگير بادشاهه جي زماني ۾ گهڻا تيموري مغل سندس مريد ٿيا. خواجه امان الله به ڪامل شخص هو ۽ علميت ۽ فضيلت سان گڏ شاعر به هو. هن جي تصنيف مان ٻه ڪتاب مشهور آهن. هڪڙو ”بهمن نامه“ جنهن ۾ ست قصا شعر ۾ لکيل آهن ۽ ٻيو ”هفت اختر“، جنهن ۾ پڻ ست قصا آهن. هن جي اولاد مان انشاپرداز ۽ خوشنويس گهڻا ٿيا، جي مير سيد علي خوشنويس جا شاگرد هئا. انهن مان مُک خواجه مرتضيٰ هو، جو پهرين صاحبزادي دائود خان وٽ رهندو هو، پوءِ ميان نورمحمد ڪلهوڙي جو ملازم ٿيو ۽ انهيءَ کان پوءِ ميان غلام شاهه جو. سَتني قلمن ۾ انهيءَ جو ثاني ڪونه هوندو هو. طبيب حاذق هو ۽ انهيءَ علم ۾ مير عبدالرزاق مشهور حڪيم جو شاگرد هو. شعر به نهايت چڱو چوندو هو. سندس تخلص ”مشرب“ هو.

9_ سيد محمد هاشم ولد سيد محمد تتوي، جو مرزا جاني بيگ جو همعصر هو، تنهن جو پٽ سيد عبدالقادر مشهور عالم ۽ فاضل هو. ڪتاب ”حديقـﺔ الاوليا“، جنهن ۾ سنڌ جي وليّن ۽ بزرگن جو احوال ڏنل آهي، تنهن جو مصنف هو.

10_ سيد مير محمد ولد مير محمد فاضل ٺٽي ۾ عالمگير بادشاهه جي منصبدارن مان هو. قرآن جو حافظ به هو، خوشنويس به هو، طالبعلم به هو. بادشاهه مٿس ڏاڍو مهربان هو. هو ايڪيهه ورهيه برابر بادشاهه وٽ رهيو ۽ شاهزادي محمد ڪام بخش جو استاد ٿيو. بادشاهه جي مرڻ کان پوءِ ٺٽي ۾ آيو، ۽ اتي اسي ورهين جي عمر ۾ سنه 1150هه ۾ وفات ڪيائين.

11_ قاضي محمود، عباسي خليفن جي خاندان مان هو، جن جو وڏو نعمت الله پهرين سنڌ ۾ آيو هو. مرزا عيسيٰ ۽ مرزا باقيءَ جي زماني ۾ ٺٽي ۾ رهيو ۽ وقت جو علامو هو. گهڻا ڪتاب لکيائين، جن مان ”تذڪرة الاوليا“ ۽ ”حواشي متين“ مشهور آهن.

12_ مخدوم رڪن الدين، مخدوم بلال ٽلٽيءَ واري جو مريد ۽ خليفو هو. وڏو عالم ۽ فاضل شخص هو. سندس مريد خادم گهڻا هئا. هو حديث جي علم ۾ نهايت ماهر هو. ”شرح اربعين“ ۽ ”شرح گيلاني“ ۽ ٻيا ڪيترا ڪتاب لکيائين. سنه949هه ۾ وفات ڪيائين ۽ مڪليءَ تي رکيو ويو.

13_ مخدوم ابوالخير ولد مخدوم فضل الله، مرزا عيسيٰ ۽ مرزا باقي جي زماني ۾ وڏو عالم ۽ مدرس ٿي گذريو. ”فتاويٰ عالمگيريءَ“ جي لکڻ ۾ هن گهڻي مدد ڪئي.

14_ ملا احمد، قاضي قاضن جو چاچو هو، جنهن جو ذڪر مٿي فصل_2 جي (نمبر 2) ۾ آيو آهي. اهو شاهه فتح الله شيرازي جو شاگرد هو ۽ شيخ ابوالفتح ۽ فيضيءَ جو همسبق هو، جنهن جو ذڪر ساڳئي فصل جي (نمبر 8) ۾ آهي. ٺٽي جو قاضي ٿي رهيو. وڏو عالم فاضل هو. وفات به اُتي ڪيائين. مڪليءَ تي سندس رانڪ مشهور آهي. انهيءَ جا ٻه پٽ: هڪڙو ٺٽي جو صدر ۽ ٻيو مير عدل ٿيو. ملا محمد جهانگيري به قاضي قاضن جي سـﺆٽن مان هو. پهرين نورجهان بيگم جو استاد ٿيو، پوءِ مهابت خان جي مخالفت ڪري ڪنهن قصور جي تهمت هيٺ قتل ڪيو ويو. سندس وصيت موجب سندس لاش ٺٽي ۾ آندو ويو. وڏو عالم ۽ فاضل هو. انهيءَ جو ٻيو عزيز ملا ابوالقاسم به وڏو عالم ۽ مدرس هو. عالمگير بادشاهه هن کي شرعي مقرر ڪيو هو. انهيءَ سنه1113هه ۾ وفات ڪئي.

15_ مخدوم ابوالفتح بن مخدوم عبدالجليل، اصلي لاهوري بندر جو رهاڪو هو. اهو بندر ۽ شاهه بندر ٻئي اورنگزيب بادشاهه جي والده جي جاگير ۾ هئا. جڏهن بادشاهزادو ملتان ۾ آيو، تڏهن هن مخدوم کي انهيءَ جاگير جي حساب_ ڪتاب لاءِ محرر مقرر ڪيائين، پوءِ سندس منشي ٿيو ۽ اهڙي قابليت ڏيکاريائين جو مير منشي ٿيو ۽ ”قابل خان“ خطاب مليس. هن جون انشائون مشهور آهن. جڏهن پيريءَ ۾ هُو گوشه نشين ٿيو، تڌهن سندس ننڍو ڀاءُ محمد شريف سندس جاءِ تي قابل خان ٿيو، جو اهو به جهڙس عالم ۽ فاضل هو. انهيءَ جون انشائون به مشهور آهن. ميان اسد الله، قابل خان جو ڏهٽو به وڏو شاعر ٿي گذريو. تخلص ”روشن“ هوس. عبدالرئوف ابوالفتح قابل خان جو ناٺي، پهرين دولتمند ماڻهو ۽ عالم هو، پوءِ مجذوب سالڪ ٿي پيو ۽ گهر ويران ڪري ڇڏيائين. ”شاهيءَ“ جو لقب مليس. شعر نهايت عمدو چوندو هو. تخلص ”جُويا“ هوس۔ ديوان موجود آهي.

16_ مخدوم مطالب الله وار شيخ عبدالله اصل بدين جو ويٺل، ٺٽي ۾ وڏو عالم ۽ مدرس ٿيو. سندس مدرسي جي خرچ لاءِ عالمگير بادشاهه ڏهه هزار دام انعام ڏنس ۽ هڪ رپيو روزينو مقرر ڪري ڏنائينس. مخدوم آدم به وڏو ڪامل اوليا ۽ عالم ٿي گذريو. ٺٽي جو مفتي ۽ صدر هو. سندس ڀاءُ مخدوم علي احمد به فاضل ۽ ڪامل ۽ مٺِي آواز جي ڪري ”قُمريءَ“ جو لقب مليل هوس. انهيءَ جي اولاد مان شيخ عبدالباسط جيد عالم ٿيو. عالمگير بادشاهه جو مقرب هو ۽ انهيءَ ٺٽي جو صدر مقرر ڪيس. پيريءَ تائين مدرسو هلائيندو آيو. انهيءَ جو پٽ محمد اشرف، ميان محمد سرفراز ڪلهوڙي جو مير منشي هو.

17_ شيخ عبدالواسع صوفي، وڏو عالم ۽ مصنف ٿي گذريو. نواب مير امين الدين خان جو استاد هو. ”مشڪوات“ جو اقتباس به ڪڍيائين ۽ ”مخزن الاسرار“ جي شرح لکيائين جا قاضي ابراهيم واري شرح کان بهتر سمجهيل آهي. سندس پٽ محمد علي صوفي به پيءُ جهڙو قابل هو ۽ گهڻن علمن ۾ ڪتاب لکيائين. اماميهّ مذهب جو هو. شعر تمام چڱو چوندو هو. تخلص ”مير“ هوس. شعر اڪثر عشقيه هوندو هوس.

18_ ميان ابوالحسن وقت جو عالم ۽ ڪامل سخص هو. هن جون ڪي ڪرامتون به مشهور آهن. فقـﮧ ۽ حديث ۾ نهايت ڀڙ هو. انهيءَ مضمون تي ڪيترائي ڪتاب لکيائين، جي اڪثر سنڌي شعر ۾ آهن ۽ اڃا تائين پڙهڻ ۾ پيا اچن. انهن کي ”ابوالحسن جي سنڌي“ چوندا آهن. اسلام جي عقائد ۽ فرائض بابت آهن.

19_ مخدوم محمد معين ولد محمد امين، ذات جو لاکو، اصل روپاهه جو ويٺل هو. اتان سندس پيءُ ٺٽي ۾ رهيو ۽ فاضل خان جي نياڻيءَ سان شادي ڪيائين ۽ دولت مند ٿيو. محمد معين وقت جو علاّمو ٿيو. گهڻن بزرگن سندس صحبت ۾ فيض حاصل ڪيو. مخدوم عنايت الله جو شاگرد هو ۽ ميان ابوالقاسم درس نقشبندي جو مريد هو. پڇاڙي جي ڏينهن ۾ شاهه عبدااللطيف ڀٽائي تارڪ جو مريد ٿيو. هن جي ۽ مخدوم محمد هاشم (نمبر20) جي وچ ۾ سوال جواب پيا هلندا هئا. ڪتاب گهڻا لکيائين. گهڻائي حاڪم سندس ملاقات تي ايندا هئا ۽ پاڻ به انهن جي ملاقات لاءِ ويندو هو. راڳ مان به واقف هو ۽ سماع گهڻو پسند هوندو هوس. هن جي وفات به شاهه ڀٽائي وانگر راڳ ٻڌندي ٿي. هو شاعر به قابل هو. فارسي ۽ هندي شعر چوندو هو. فارسيءَ ۾ سندس تخلص ”تسليم“ هو ۽ هنديءَ ۾ ”بيراڳي“. سندس وفات سنه 1611 هه ۾ ٿي ۽ سندس لاءِ حال وارن ماڻهو ڏاڍو ماتم ڪيو. سندس وفات جون تاريخون گهڻن ئي چيون: محمد محسن شاعر جي هيءَ مصرع آهي: ”فطرهء دُر به بحر واصل شد“ ۽ هيءَ به چيائين_ ”معين دين احمد رفت صد حيف.“ مخدوم نعمت الله چيو ته: ”شفيع تو رسول.“ محمد پناهه رجا چيو ته: ”ناجي شداو که آل محمد معين اوست.“ چون ٿا ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي، هڪڙي ڏينهن ويهي ويهي پنهنجن مريدن کي چيو ته هاڻ هلو ته ٺٽي ۾ هلي پنهنجي يار جو آخرين ديدار ڪريون. پوءِ مخدوم وٽ اچي راڳ جي مجلس ڪيائين. راڳ ڏاڍي بيهڪ ڪئي، عين ذوق ۽ شوق ۾ مخدوم اُٿي اندر ويو ۽ لحظي ۾ دم ڏنائين. شاهه صاحب انهيءَ جي جنازي سان گڏجي ويو. انهيءَ کي دفن ڪري موٽي پنهنجي ڳوٺ هليو آيو.

20_ مخدوم حاجي محمد هاشم ولد عبدالغفور سنڌي اصل هڪڙو ڳوٺاڻو شخص هو ۽ مخدوم ضياء الدين جو شاگرد هو، پر پوءِ وڏو عالم ٿي پيو. اگر چه وقت جي ٻين عالمن، خصوصاً مخدوم محمد معين سان علم جي بحث ۾ مخالف هو ته به شريعت تي بلڪل مستقل هو ۽ اسلام جي ديني ڪمن ۾ گهڻي مدد ڪيائين ۽ دين جي برخلاف ڳالهائيندڙن سان چڱيون چوٽون کاڌائين. سندس ڏينهن ۾ سوين ماڻهو مسلمان ٿيا. نادرشاهه ۽ احمد شاهه ۽ ٻين بادشاهن سان سندس خط ڪتابت جو رستو جاري هوندو هو ۽ جيڪي چوندو هو، سو هُو ڪندا هئا. گهڻائي ڪتاب جدا جدا علمن ۾ لکيائين. 1174هه ۾ وفات ڪيائين. هن جو پٽ مخدوم عبداللطيف به عالم فاضل هو. پيءُ کان پوءِ سندس مدرسو قائم رکندو آيو. ڏهاڙي وچينءَ جي نماز کان پوءِ مسجد ۾ وعظ ڪندو هو ۽ حديث جي تعليم ڏيندو هو. جمعي جي ڏينهن جامع مسجد ۾ وعظ ڪندو هو.

21_ شيخ عبدالغني ولد مخدوم نورمحمد ٺٽي جو هڪڙو نهايت وڏو عالم هو ۽ منصبدار به هو. عالمگيري راڄ کان وٺي فرخ سِيرَ جي راڄ تائين بادشاهي مير منشي هو ۽ قابل شاعر به هو. ٺٽي جا گهڻا شريف ماڻهو جيئن ته ميرڪ محمد افضل ۽ مير ڪامران ۽ ٻيا وٽس صحبت لاءِ ايندا هئا ۽ سندس اڳيان ادب سان ويهندا هئا ۽ فيض حاصل ڪندا هئا.

22_ داروغو ڪُهر، ترخاني زماني ۾ وڏو سرڪاري ملازم ٿي گذريو آهي. محمد علي ديوان ترخاني سندس ناٺي هو تنهنڪري چڱي حالت ۾ رهيو. سندس پٽ عبدالواسع به مشهور ٿيو ۽ انهيءَ جو پٽ ميان محمد رضا ته عالم ۽ شاعر ٿيو. هُو شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو مريد هو. ڪتاب ”بيان العارفين“ ۽ ”تتبيـﮧ الغافلين“ جنهن ۾ سيد مٿئين جو احوال ۽ ملفوظات ڏنل آهن، سو سندس تصنيف ٿيل آهي، جو سنه 1038هه ۾ لکيائين.

23_ مولانا محمد حسين ولد مولانا سروري وڏو عالم ۽ مدرس هو شاعر به هو ۽ عاشق به هو. هُو ”جانباز“ جي لقب سان مشهور ٿيو. هڪڙي خوبصورت ڇوڪريءَ تي عاشق ٿيو، تنهن ماري وڌس. مرڻ کان ٻه_ ٽي ڏينهن اڳي هن پنهنجي حياتيءَ جو احوال عمدي شعر ۾ آندو.

24_ ملا عبدالرسول ولد ملا يوسف چڱو عالم ۽ مدرس هو. فصاحت ۽ بلاغت ۾ چڱو نالو ڪڍيائين. ڪتاب ”نفاس الافڪار في عرائس الا بڪار“ هن جي تصنيف آهي، جنهن مان سندس قابليت ظاهر آهي. انهيءَ سان گڏ ملا محمد صالح به عالم فاضل شخص هو. جنهن ڪتاب ” دستور السياق“ لکيو. اهو اصل سيوستان واري قاضي ڏتي جي اولاد مان هو، پر ٺٽي ۾ اچي رهيو هو.

25_ سيخ محمد مريد اصل هندو هو، سيوستاني قانون گو هو. پوءِ مسلمان ٿيو. عالمگير بادشاه جي وقت ۾ ٺٽي ۾ به قانون گوئي جي عهدي تي مقرر هو. عالم ۽ عاف ماڻهو هو. سندس پٽ شيخ محمد محفوظ، فواب غلام شاه سان گڏجي بادشاه تائين وڪيل ٿي ويو ۽ هوشيار شاعر هو. سندس تخلص ”سرخوش“ هو. انهيءَ جو پٽ شيخ قمرالدين به بادشاهي لشڪر جو وڪيل ٿيو ۽ انهيءَ ۾ رهيو. اهو به چڱو شاعر هو تخلص ”عشرت“ هوس .

26_ ملا اسلامي ۽ ملا عبدالحڪيم ٻئي ڀائر مشهور ظريف شاعر ٺٽي جا رهاڪو هئا، پر عبالحڪيم زياهه مشهور ٿيو. تخلص ”عطا“ هوس. نهايت پرهيز گار شخص ٿي گذريو. ٽيهه ورهيه برابر راتو ڏينهن عبادت ۾ رهيو ۽ رات ڏينهن هڪڙي ئي وضوءَ ۾ رهندو هو. اڪثر نعت نبوي ۽ منقبت مرتضوي چوندو هو. ڪيترائي ديوان ۽ مثنويون چيون اٿس. شمار ڪيو اٽن ته سندس شعر لک بيتن کان گهٽ ناهي. هو اڪثر سبز پوش رهندو هو. سندس ڀائٽيو محمد ضيا به نهايت چڱو شاعر هو ۽ جهان آباد ويو ۽ مرزا عبدالقادر ”بيدل“ سان ملاقات ڪيائين، جنهن کيس ”قيامت“ تخلص ڏنو. پوءِ نواب مهابت خان ڪاظم سان گڏ ٺٽي ۾ آيو ۽ نواب جو خاص مصاحب ٿيو ۽ هن سندس ويهڻ لاءِ هڪڙو خاص تڪيو جوڙايو. سندس ديوان مزي جهڙو آهي. هن جي وفات کان پوءِ ملاعبدالحڪيم جي پٽ مسڪين کي سندس تڪيي تي قائم مقام ڪري رکيو ويو.

27_ محمد محسن ولد نور محمد پاٽولي، ٺٽي ۾ نهايت رنگين طبع جو ماڻهو ۽ عمدو شاعر ٿي گذريو. مير لطف علي خان جو شاگرد هو. گهڻن ڪاملن جي صحبت ڪيائين. ٻئي شعر سان گڏ منقبت به گهڻا لکيا اٿس. انهي مضمون تي سندس ڪتاب ”عقد دوازده گوهر“ مشهور آهي. حضرت صاحب الزمان جي ولادت بابت ڪتاب ”طراز دانش“ لکيائين، ”حُملئه حسيني“ يا ”اعلام ماتم“ به سندس تصنيف آهي. سندس ديوان ۽ قصائد ۽ ٻيو گهڻو شعر مشهور آهي. سندس پٽ ميان غلام علي به چڱو شاعر هو تخلص ”مداح“ هوس. پر عربيءَ ۾ زيادهه قابل هو.

28_ سعيد ڪاشاني جنهن جو تخلص ”سرمد“ هو، سو به ٺٽي جو مشهور مست شاعر ٿي گذريو. اصل ارمني عيسائي فرنگي هو ۽ ڪاشان جو ويٺل هو جو پوءِ اتي اچي رهيو. پوءِ مسلمان ٿيو ۽ هندستان ڏي ويو. شاهزادو دارا شڪوه سندس ڏاڍو معتقد هو. اهڙي مستي هوندي هيس جو شطيحات جهڙو ڪلام چوندو هو، جهڙو احمد جام زندهه پيل چوندو هو. ٺٽي جي گهٽين ۾ اگهاڙو گهمندو وتندو هو. مولوين ۽ قاضين سندس ڪلام تي اعتراض آندو ۽ عام ماڻهو سندس اگهاڙائيءَ جي ڪري رنج ٿيا. آخر مٿس شرعي فتوا جاري ڪري، منصور وانگي ڦاسي ڏيئي ڇڏيائونس. ٿوري عرصي کان پوءِ اهڙو اتفاق ٿيو جو ماڻهو سندس فائدي ۾ ويا ۽ جنهن قاضيءَ جي فتوا تي هن کي ماريو هئائون، تنهن کي قصاص ۾ قتل ڪري ڇڏيائون. سندس شعر پڙهڻ جهڙو آهي.

29_ملا محمد حسين ولد ملا عبدالرئوف عالم شخص هو. اڪثر جهان آباد ۾ گذاريائين. ٺٽي ۾ محتسب ۽ صدر هو. ميان محمد هاشم نصرپوريءَ جو مريد هو ۽ مير شاهه شڪرالاهي جو سنگتي هو. تمام چڱو شاعر هو. ”شوقي“ تخلص هوس. سندس مثنوي ”نغمات شوقي“ تصوف ۽ سلوڪ جي مضمون تي مشهور آهي. شيخ بهاڻي جي مثنوي ”نان و حلوا“ جي تتبع تي آهي. ٻي مثنوي ”ناز و نياز“جي به چئي اٿس. ٻيون به ڪي مثنويون اٿس ۽ غزليات جو ديوان به اٿس. مطلب ته هر قسم جو شعر چيو اٿس ۽ نثر لکڻ ۾ به قابل هو.

30_ دانشور خان، ٺٽي جي وڏن شاعرن مان هو ۽ مير عبدالرزاق خان معموريءَ جو همعصر هو. تخلص ”شهرتي“ هوس. جهانگير بادشاهه جي عهد ۾ قباد خان حاڪم جي وقت تائين جيئروهو. سندس ديوان مشهور آهي. انهيءَ ساڳئي وقت، ملا محب علي ۽ عبدالقيوم به عالم فاضل ۽ ڪامل شاعر ۽ معتبر نالي وارا ٿي گذريا.

31_ مير ابوالقاسم سلطان ولد ابوالقاسم خان زمان سنڌ جي تاريخ ۾ مشهور آهي، خاص شجاعت ۽ سخاوت جي ڪري. شعر گوئي ۽ شعر فهميءَ ۾ قابل هو. سندس تخلص ”بيگلر“ هو. سنه969 هه ۾ ڄائو هو. ”چنيسرنامه،“ جو ”منتخب التاريخ“ ۽ ”تاريخ طاهري“ واري هن جي تصنيف چئي آهي، سو غلط آهي. اهو ادراڪي شاعر جو لکيل آهي، جو هُن سندس نالي ڪيو.

 

فصل_(6)

متفرقه عالم ۽ فاضل، مصنف ۽ شاعر

1_ محمد مقيم، ترخانن جي زماني ۾ مرزا جاني بيگ سان گڏ اڪبر بادشاهه جي خدمت تائين پهتو. چڱو شاعر هو. ڪتاب ”ترنم عشق“ شعر ۾ لکيائين، جنهن ۾ مومل ۽ مينڌري جو قصو مثنويءَ ۾ آندائين.

2_ ملا عبدالرشيد، اصل لاهري بندر جو رهاڪو هو، فقـﮧ ۾ قابل هو، پر شاعر به قابل هو. مرزا غازيءَ کي سندس شعر ۾ سندس صحبت گهڻو پسند هئي، تنهنڪري هن کي پنهنجي وطن مان گهرائي پاڻ وٽ رکيائين ۽ ”خان“ جو خطاب ڏنائينس .

3_ملا محمد صوفي، مرزا غازي بيگ جي وقت جو شاعر هو. اڪثر ساڻس گڏ رهندو هو ۽ مشاعرن ۾ شامل ٿيندو هو.

4_ غيوري عرف شڪر، چڱو شاعر هو ۽ ٺٽي ۾ رهندو هو. ديوان اٿس. 

5_ ميان فتح اللـﮧ ولد عبداللـﮧ مغل، ٺٽي جو چڱو شاعر هو. ”حسيني“ تخلص هوس. پير دستگير جو خليفو هو. سِڪن ٺاهڻ ۽ مُهرن کوٽڻ جو ڪم ڪندو هو. چڱو ديوان اٿس.

6_ محمد مير عرف ميان هاشو ولد ميان دائود، عربيءَ ۾ چڱو عالم هو ۽ فارسي شاعر به هو. محمد ضيا (نمبر 26) سان گڏ طبع آزمائي ڪندو هو. نواب اعظم خان سان گڏجي جهان آباد ويو ٿي، انهيءَ لاءِ ته محتسب مقرر ٿئي، پر جڏهن بکر ۾ پهتو، تڏهن حياتي پوري ٿيس.

7_ شيخ محمد فاضل ولد شيخ علي محمد، برجستو شاعر ۽ خوشنويس ٿي گذريو.

8_ حيرتي، ٺٽي جي مشهور شاعرن مان هو ۽ شهرتي شاعر (نمبر 40 فصل_5) جو همعصر هو.

9_ ملا يار محمد خادم ۽ محمد رضا هاشمي، اهي ٻئي عالمگير بادشاهه جي زماني ۾ ٺٽي جا مشهور شاعر هئا. سندن شعر ۾ ظرافت به هئي، بلاغت به هئي.

10_ عبدالشڪور به ٺٽي جو مشهور شاعر هو ۽ عاقبت محمود خان، جنهن جو تخلص ”عيشي“ هو، هُو منصبدار به هو. سندس ديوان ۽ انشا مشهور آهن.

11_ آخوند محمد شفيع، پارسيخوان مشهور استاد عجيب طبع جو شاعر هو. تاريخ ڪڍڻ ۾ ڏاڍو قابل هو. مير عبدالقدوس شيرازيءَ جي مصاحبن مان هو. سڀ معزز ۽ دولتمند ماڻهو کيس گهڻي تعظيم ڏيندا هئا.

12_ مير محمود، استرآباد جي رضوي سيدن مان هو. نواب سيف اللـﮧ خان جي عهد ۾ سنه.1140هه ۾ عترات عاليات جي زيارت ڪري موٽي ٺٽي آيو ۽ اتي رهي پيو. شادي ڪيائين ۽ اولاد ٿيس. منقبت ۽ مرثيا تمام گهڻا چيائين.

13_ محمد پناهه، مير حيدرالدين ابوتراب ڪامل جو شاگرد هو. ”راجا“ تخلص هوس. تمام چڱو شعر چوندو هو ۽ تاريخون عجيب ڪڍندو هو. درويشن ۽ فقيرن جي صحبت ۾ گهڻو رهندو هو.

14_ آقا محمد صالح تبريزي، سورت بندر ۾ ڄائو هو ۽ ٺٽي ۾ پلجي وڏو ٿيو ۽ مشهور شاعر ٿي گذريو. ”واثق“ تخلص هوس. خوشنويس به هو ۽ انشاپرداز به. سنه 1179هه ۾ وفات ڪيائين.

15_ شيخ عبدالسبحان ولد شيخ مرتضيٰ، هيءُ حاضر جواب شاعر هوندو هو ۽ ظرافت. آميز شعر چوندو هو. منقبت به گهڻا چيائين اهلبيت جي محبت کان گهڻا مخالف ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي راڄ ۾ هن کي تڪليف ڏيڻ لڳا، جا هن سعادت سمجهي صبر سان سَٺِي. سندس مولود به مشهور آهن. کانئس پوءِ سندس ڀاءُ محمد رفيع به پڱو شعر چوندو هو.

16_ آخوند فيض اللـﮧ ملا ماڻهو هو ۽ ٺٽي جو رهاڪو هو گهڻن شاعرن جا نازڪ ۽ خيالي شعر گهڻا ڄاڻندو هو ۽ سمجهائيندو هو ۽ پاڻ به چڱو شعر چوندو هو. تخلص ”طپش“ هوس. نثر توڙي نظم تعريف جهڙو لکندو هو.

17_ مخدوم اسداللـﮧ، ٺٽي جي مخدومن مان ۽ محمد منعم ترائي جي اولاد مان هو. محمد محسن (نمبر 27 فصل_5) جو شاگرد هو. طبع تمام چڱي هيس. شعر عمدو چوندو هو. گهڻي مدت سورت بندر ۾ گذاريائين.

18_ آخوند غلام محمد ولد محمد، ٺٽي ۾ فارسيءَ جو چڱو مدرس هو ۽ شعر به چڱو هوندو هو. خصوصاً تاريخون ۽ قطعا. سندس گهڻا شاگرد هوندا هئا.

19_ مرزا غلام علي، اله ويردي بيگ گاؤزونيءَ جو پوٽو هو. شيخ قمرالدين جي خدمت ۾ رهندو هو ۽ بادشاهه جي لشڪر ۾ گذاريندو هو. شعر تمام چڱو چوندو هو. ”مومن“ تخلص هوس. ديوان اٿس.

20_ شاهه حسين تڪدري، مرزاشاهه حسن جي تڪدري اميرن مان هو. عالم ۽ فاضل شاعر هو. تاريخ ڪڍڻ جي فن ۾ ماهر هو. ڪتاب روضـﺔ السلاطين سندس تصنيف آهي.

21_ مولوي مصلح الدين لاڙي، ٺٽي جو هڪڙو عالم ۽ فاضل شخص هو. مرزا شاهه حسن کي پڙهايائين. سنه961هه ۾ حج تي ويو. ڪتاب شرح شمايل نبوي ۽ حاشيه تفسير بيضاوي ۽ شرح فارسي منطق ۽ ٻيا به گهڻا ڪتاب لکيائين.

22_ قاضي ڏتو سيوهاڻي، هو پنهنجي پيءُ قاضي شرف الدين جو شاگرد هو، جنهن کي مخدوم ”راهو“ چوندا هئا. حديث جو علم مخدوم بلال ٽلٽيءَ واري کان پڙهيو ۽ ٻيا علم مخدوم فخريوٽي ۽ عبدالعزيز هراتيءَ وٽ پڙهيو. ارڙهن تفسير پڙهيائين. جعفر جو علم ۽ ٻيا گهڻا مخفي علم ڄاڻندو هو. ترڪي چاڻندو هو. ذهن تمام چڱو هوس. گهڻا ڪتاب ياد هئس ۽ لکيائين به.

23_ مير شاهه مسعود ۽ مولانا فخري ۽ حيدر ڪلونجهو به مرزا شاهه حسن جي وقت جا تمام چڱا شاعر هئا. پوئين جو ديوان ”حيدري“ ته مشهور آهي.

24_ مير يونس ارغون، پهرين همايون بادشاهه وٽ ۽ پوءِ محمد زمان مرزا وٽ هو ۽ پوءِ مرزا شاهه حسن ۽ سلطان محمود خان وٽ وڃي رهيو. ترڪي ۽ فارسي شعر تمام چڱو چوندو هو. سنه985هه ۾ وفات ڪيائين.

25_ مولوي يار محمد، هرات کان ٺٽي ۾ آيو. انشا پردازي ۾ نهايت قابل هو ۽ شاعر به زبردست هو. سلطان محمود هن کي وڪيل ڪري بادشاهه ڏانهن موڪليو. سيتپور ۾ مري ويو.

26_ مخدوم عباس وڏو عالم فاضل ۽ پرهيز گار شخص هو. ذات جو هنڱورو هو، اصل پاٽ جو ويٺل هو پوءِ هڱورجن ۾ اچي ويٺو. تفسير ۽ حديث ۽ فقـﮧ جي علمن ۾ قابل هو. هميشـﮧ حديث پڙهندي روئندو هو. سنه998هه ۾ وفات ڪيائين.

27_ مير لطف علي خان، جنهن جو نالو مير محمد شفيع هو، سو مير محمد يونس مهدي رضوي بکريءَ جي پوٽن مان هو. عطر خان پوءِ سنه1125هه ۾ ٺٽي جو نواب ٿيو ۽ ”شجاعت علي خان“ خطاب مليس. تمام چڱي حڪومت ڪيائين شاعر به چڱو هو. تخلص ”همت“ هوس.

28_ نواب مهابت خان ولد محمد منعم خان، جنهن کي ”خان خانان“ جو خطاب هو ۽ بهادر بادشاهه جو وزير هو ۽ جو سنه1132هه ۾ ٺٽي جو نواب مقرر ٿي آيو، سو ڏاڍو چڱو ۽ ڪم آزار شخص هو ۽ فقيرن ۽ عالمن ۽ شاعرن جو دوست هوندو هو. ۽ انهن کي عزت ڏيندو هو ۽ انهن سان صحبت رکندو هو. پاڻ چڱو شاعر هوندو هو. ”ڪاظم“ تخلص هوس. سنه1135هه ۾ ٺٽي ۾ وفات ڪيائين. سندس لاش لاهور جي رستي کڻي ويا ۽ سندس جاءِ تي سندس ننڍو پٽ رکيو ويو.

29_ سنڌ جي عباسي ڪلهوڙن حاڪمن مان ميان غلام شاهه ۽ ميان محمد سرفراز به علم دوست هوندا هئا ۽ عالمن ۽ فاضلن کي مان ڏيندا هئا. پاڻ به شعر چوندا هئا. سنڌي به، فارسي به. سندن ڪي غزل ۽ ڪي مداحون موجود آهن.

30_ ساڳي طرح ٽالپرن يا ميرن حاڪمن مان مير فتح علي خان ۽ مير ڪرم علي خان به علم دوست هئا ۽ سندن وقت ۾ عالم ۽ شاعر ايندا هئا ۽ مان پائيندا هئا. هو پاڻ به هوشيار هوندا هئا ۽ شعر چوندا هئا ثابت علي شاهه، جنهن جو اشارو مٿي آيو آهي، سو سندن زماني جو شاعر آهي. سڀ کان پونيون مير جو چڱو شاعر ۽ مصنف ٿي گذريو، سو مير حسن علي خان ولد مير نصير خان هو، جنهن اسان جي وقت ۾ وفات ڪئي. سندس مرثيا ۽ منقبت تمام گهڻا آهن، جي ثابت علي شاهه جي تتبع تي چيا اٿس ۽ نثر ۾ به سندس ڪي ڪتاب آهن، جي مذهب جي بابت آهن. شعر ۾ سندس تخلص ”حسن“ آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org