سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: قديم سنڌ

ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو

باب؛ --

صفحو ؛ 1

قديم سنڌ

ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو

ميرزا قليچ بيگ

 

 ناشر طرفان ٻه اکر

سنڌي زبان جي عظيم محسن شمس العلماء مرحوم ميرزا قليچ بيگ جو هي بينظير ڪتاب اڄ کان چاليهه سال اڳ، سنڌ جي مشهور صوفي سنت سرڳواسي ڪاڪي ڄيٺمل پرسرام، سال 1925ع ۾ ”بلئوٽسڪي پريس، حيدرآباد“ ۾ ڇپائي، ’بنڌو آشرم، حيدرآباد‘ مان نئين سنڌ لئبرري سلسلي جو 10 نمبر ڪتاب ڪري شايع ڪيو هو. ان ڇاپي جي خلاص ٿيڻ کان پوءِ هي ڪتاب آڻلڀ ٿي ويو، ۽ بدقسمتيءَ سان هن وقت تائين ان جوٻيو ڇاپو نڪري نه سگهيو.

ڪتاب ادب جي حفاظت ۽ بقاءَ جو دارو مدار ڪتابن جي عام موجودگيءَ تي آهي. جيڪڏهن ڪتاب هڪ دفعو ڇپيو ۽ پوءِ ائين گم ٿي ويو، جو عام پڙهندڙن کي وقت سر ان جو ملڻ ناممڪن ٿي پوي، ته چئبو ته اهو ڪتاب ۽ منجهس جيڪي ادبي سرمايو موجود هو، سو ڄڻ هميشه لاءِ فنا ٿي ويو.

زندهه ٻوليون پنهنجي ادبي سرمايي کي ڪڏهن به ائين بيدرديءَ سان فنا ٿيڻ نه ڏينديون آهن—سندن ادبي شاهڪارن جا نوان نوان ڇاپا باقاعدگيءَ سان نهايت آب تاب سان هميشه نڪرندا ئي رهندا آهن.

افسوس آهي، جو اسان جي سنڌي عالمن ۽ ادبين، ادبي جماعتن ۽ علمي ادارن اڄ تائين ان طرف ايترو ڌيان نه پئي ڏنو آهي، جيترو کين ڏيڻ گهربو هو. نتيجو هي نڪتو آهي، جو اڄ سـؤن اهڙن بي مثل سنڌي ڪتابن جا نالا وٺي سگهجن ٿا، جيڪي ڪنهن به قيمت تي پڙهندڙن کي هٿ نٿا اچي سگهن، ۽ ائين پيو ڀانئجي، ڄڻ اهي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪڏهن لکيا ئي ڪونه ويا هئا. ظاهر آهي ته پنهنجي ادبي ورثي ڏانهن ايتري سرد مهريءَ ۽ ان کان ايتري غفلت ۽ لاپرواهي نه ڪڏهن معافيءَ ۽ ان کان ايتري غفلت ۽ لاپرواهي نه ڪڏهن معافيءَ لائق ٿي سگهي ٿي ۽ نه وري ان جي ڪڏهين ڪا مناسب پورائي ئي اسان کان ٿي سگهندي. پنهنجي وڏن جي ميڙيل چونڊيل املهه ماڻڪن کي ائين هٿن جي مٺين مان واريءَ وانگر جيڪڏهن هميشه وڃائيندا ئي رهنداسين ته آخر ۾ سواءِ خالي هٿن جي باقي اسان وٽ ڇا بچندو، سا ڳالهه سڀڪو سمجهي سگهي ٿو.

سنڌي ادبي بورڊ، انهن ڳالهين کي محسوس ڪندي، هڪ بنيادي مقصد پنهنجي سامهون هي به رکيو آهي، ته ٻوليءَ جا پراڻا ڇپيل ڪتاب جنهن عزت ۽ احترام جي لائق آهن، تنهن احترام ۽ عزت سان ٻيهر ڇپائي شايع ڪيا وڃن، ته جيئن سنڌي ادب ۾ انهن ڪتابن جي هڪ دائمي حيثيت باقي رهي سگهي. انهيءَ مقصد جي پورائيءَ لاءِ بورڊ پراڻن اڻلڀ ڪتابن جي از سر نو اشاعت جو هڪ سلسلو جاري ڪيو آهي،

 جنهن هيٺ هيءَ ڪتاب  ’قديم سنڌ: ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو‘ شايع ٿي رهيو آهي.

جيئن مٿي چيو ويو آهي، هي ڪتاب ”قديم سنڌ ۽ ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو“، سال 1925ع ۾ پهريون دفعو ڇپيو هو. انهيءَ ئي زماني ۾، مرحوم شمس العلماء ٻيو هڪ ننڍو ڪتاب ”قديم سنڌ جا ستارا“ نالي سان لکيو هو، جو پڻ گهڻي زماني کان اڻلڀ آهي. انهيءَ ڪتاب ۾ مرحوم شمس العلماء سنڌ جي برگزيده عالمن، فاضلن، مصنفن ۽ شاعرن جو احوال ڏنو هو. هينئر انهيءَ ڪتاب کي پڻ ڇاپي، ضميمي طور هن ڪتاب سان گڏ هڪ جلد ۾ آندو ويو آهي. پڇاڙيءَ ۾ سنڌ جي ڪن قديم خاندانن جا شجرا ڏنا ويا آهن، جن جو ڪتاب جي مواد سان جيتوڻيڪ سڌيءَ ريت تعلق نه آهي، پر پنهنجيءَ جاءِ تي اهم تاريخي دستاويز آهن. آخر ۾ ٻنهي ڪتابن ۾ ذڪر ٿيل ماڻهن ۽ شهرن جي نالن جون ياداشتون ڏنيون ويون آهن، جي مرحوم شمس العلماء جون ئي جوڙيل آهن.

اميد آهي ته هن ڪتاب جي دوباره اشاعت سنڌي ادب ۾ قابل قدر اضافو ٿيندي ۽ ان جو اڀياس پڙهندڙن لاءِ هر طرح مفيد ٿيندو.

حيدرآباد،                              (محمد ابراهيم جويو)

21- ڊسمبر 1966ع                   اعزازي سيڪريٽري،

                                            سنڌي ادبي بورڊ،


 

ديباچو

سنڌ جي تاريخ انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ فارسي ڪتابن تان مون اڳي ئي لکي آهي، جنهن  مان سنڌ جو سمورو تاريخي احوال قديم وقت کان وٺي هاڻي تائين معلوم ٿي سگهي ٿو. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي مکيه قديم شهرن ۽ انهن جي مکيه ماڻهن جو مختصر احوال ڏنل آهي. قديم لفظ جي معنيٰ هن ڪتاب جي مضمون جي نظر تي عربن جي فتح کان اڳي ۽ پوءِ جو وقت انگريز سرڪار جي حڪومت تائين آهي. جيڪي شهر قديم وقت ۾ هئا، تن جا ڪهڙا نالا هئا ۽ انهن نالن پوڻ جو ڪهڙو سبب هو ۽ اهي ڪڏهن ٻَڌا ۽ ڪنهن ٻڌا ۽ انهن ۾ ڪهڙا مشهور ماڻهو ٿي گذريا، سي ڏنا ويا آهن. مشهور ماڻهن ۾ عالم فاضل، شاعر، مصنف، درويش، اولياءَ، امير وزير ڏنا ويا آهن ۽ اوليائن جون ڪي ڪرامتون به ڏنل آهن. انهن شهرن ۾ جدا جدا حڪومتن ۾ ڇاڇا ٿي گذريو، تنهن جو مختصر تاريخي احوال به ڏنو ويو آهي. سنڌ ۾ قديم وقت کان وٺي جيڪي قومون ۽ مذهبي فرقا رهندا آيا آهن ۽ جي اڃا تائين به آهن، تن جو مختصر بيان به ڏنو ويو آهي. سنڌ جي حڪومت ڪندڙن قومن ۽ ڪن مکيه اميرن ۽ مشهور ماڻهن جي خاندانن جا شجرا به ڏنا ويا آهن. اهو سڀ احوال گهڻو ڪري قديم فارسي ڪتابن تان ورتو ويو آهي، جي اڪثر هينئر ڪامياب آهن. معلوم هجي ته سنڌ ۾ اڳي فارسي زبان جو نالو ئي ڪونه هو. عربن جي فتح کان پوءِ عربي پيئي. سنه 613هه (سنه 1217ع) ۾ علي بن ابوبڪر ڪوفي، جو اُچ ۾ اچي رهيو هو، تنهن پهرين سنڌ جي تاريخ لکڻ جي ڪوشش ڪئي. انهيءَ ڪم لاءِ اهو الور ۽ بکر ويو ۽ رهيلن عربن خاندانن کان پڇائون ڪيائين. آخر قاضي اسماعيل بن علي بن محمد بن موسيٰ بن طائي کي لڌائين، جنهن وٽ عربي ٻوليءَ ۾ سندس وڏن جو احوال ۽ سنڌ جي فتح جو بيان لکيل هو. اهو هٿ ڪيائين ۽ انهيءَ جو فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيائين، جنهن کي ”چچ نامو“ ٿا چون ۽ جنهن جو مون انگريزيءَ ۽ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. انهيءَ مان وري مير معصوم شاهه بکريءَ سنڌ جي تاريخ فارسيءَ ۾ لکي، جنهن کي ”تاريخ معصومي“ ٿا چون.اهو سيد، جو شاعر به هو ۽ جنهن جو تخلص ’نامي‘هو، سو مرزا جاني بيگ ترخان ۽ مرزا غازي بيگ ترخان جي زماني ۾ هو ۽ اڪبر بادشاهه جي امير خان خانان سان گڏ سنڌ جي جنگ ۾ شامل هو. هن سنه 1014هه (1605ع) ۾ وفات ڪئي ۽ اڪبر بادشاهه به انهيءَ سال وفات ڪئي. مير معصوم شاهه جي وفات جي تاريخ هن مصرع مان ٿي نڪري: ”بودنامي صاحب ملک سخن،“ ۽ اڪبر بادشاهه جي هن مان: ”فوت اکبرشه“ انهيءَ کان اڳ سنه 1000هه (سنه 1691ع) ۾ ارغون ۽ ترخان وارن مغلن جي زماني جو تاريخي احوال ”بيگارنامه“ ڪتاب ۾ لکيو ويو هو ۽ انهيءَ سال ۾ سيد  طاهر نسياني بن سيد حسن ٺٽي واري سنه 1030هه (سنه 1621ع) ۾ ”تاريخ طاهري“ لکي، جنهن ۾ سنڌ جو احوال آهي. وري سنه 1187هه (سنه 1772ع) ۾ سيد علي شير قانع ٺٽي وارو، جو مير شڪر الله شيرازيءَ جي اولاد مان هو، جو مرزا شاهه بيگ ارغون جي زماني ۾ ٺٽي ۾ آيو هو، تنهن ”تحفة الڪرام“ وارو ڪتاب لکيو. اهي آهن فارسي ڪتاب، جن تان مون سنڌ جي تاريخ انگريزي ۾ لکي آهي، ۽ ڪلهوڙن ۽ ميرن جي ڏينهن جو احوال مون ٺٽي واري محمد عظيم جي ڪتاب ”فتح سنڌ“ ۽ مير يار محمد خان جي ڪتاب ”فرِيَرَنامه“ تان ورتو. هن ڪتاب جو مضمون به انهن ئي ڪتابن تان ورتو ويو آهي ۽ ڪن قومن ۽ فرقن جو احوال ”سنڌگزيٽئر“ تان ورتل آهي. سڀ ڪنهن کي خبر هوندي ته عربن جي فتح کان اڳي سنڌ جي حد تمام ڪشادي هئي ۽ انهيءَ ۾ پنجاب ۽ بلوچستان جو ڀاڱو به اچيو ٿي ويو. سنڌ جي فتح کان اڳي راءِ گهراڻي جي هندو راجائن جي وقت سنڌ جي اڀرندي جي حد ڪشمير ۽ قنوج هو، ۽ الهندي جي مڪران، ديبل ۽ سمنڊ، ۽ اتر جي قنڌار، سيستان ۽ سليمان جبل، ۽ ڏکڻ جي سورت بندر. انهيءَ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو الور. ۽ انهيءَ ملڪ ۾ چار وڏا قلعا هئا، جن ۾ حاڪم رهندا هئا ۽ آسپاس جي پر ڳڻن تي حڪم هلائيندا هئا. پاڻ راجا الور ۾ رهندو هو ۽ آسپاس جي ملڪ تي حڪم هلائيندو هو. هڪڙو قلعو برهمڻ آباد ۾ هو، ٻيو سيوستان ۾، ٽيون اسڪنداهه (اُچ) ۾ ۽ چوٿون ملتان ۾. وري جڏهين عربن جي حاڪمن کان پوءِ دهليءَ جي بادشاهن جا نواب سنڌ جا حاڪم هئا ۽ ٺٽو ۽ بکر سنڌ جي گاديءَ جا هنڌ هئا، تڏهين به سنڌ ملتان جي صوبي سان لاڳو هئي ۽ سنڌ جا جدا جدا ڀاڱا يا پر ڳڻا هئا ۽ هر هڪ ڀاڱي کي سرڪار چوندا هئا. اڪبر بادشاهه جي زماني ۾ ”آئين اڪبريءَ“ موجب ملتان جي صوبي ۾ سنڌ جون هيٺيون سرڪاريون ڏيکاريل آهن ۽ هر هڪ سرڪار ۾ جدا جدا محل يا تعلقا ڏيکاريل آهن. اهي هي آهن:

سرڪار بکر جي 12 محل:

بکر، اُچ، ماٿيله، اوٻاوڙو، الور، درٻيله، سيوي وغيره.

سرڪار سيوستان جي ۾ 9 محل:

سيوستان، پات، باغبان، ڪاهان، لاکاٽ وغيره.

سرڪار نصرپور جي ۾ 7 محل:

نصرپور، عمرڪوٽ وغيره.

سرڪار چاچڪان جي ۾ 11 محل:

چاچڪان، جون وغيره

سرڪار چڪر هاله جي ۾ 8 محل:

 چڪر هاله، غازيپور وغيره.

سرڪار تته جي ۾ 18 محل:

تته (ديبل ۽ هاڻ ٺٽو)، بندر لاهري، بٺوره، بهرامپور، ساڪوره (ساڪرو) وغيره.

ان موجب هن ڪتاب ۾ شهرن جي بيان ڪرڻ لاءِ انهن جي تقسيم جدا جدا ڀاڱن ۾ ڪئي ويئي آهي، جن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو. اميد ٿي ڪجي ته سنڌ جا ماڻهو، جن کي فارسي ۽ انگريزي نٿي اچي يا جن وٽ مٿيان ڪتاب ناهن، تن کي هي ڪتاب تمام ڪمائتو ٿيندو.

 

قليچ بيگ

حيدرآباد سنڌ،

ڊسمبر، سنه 1921ع

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org