ڀنڀور
هڪڙو جهونو شهر ڦٽل گهاري جي ڪناري تي اتر پاسي آهي، جو ميرپور
ساڪري تعلقي ۾ آهي. هڪڙو ڦٽل قلعو به آهي. شڪ ناهي
ته سندر بادشاهه جي ڏينهن ۾ سندس سردار جهازن تي
درياهه جي رستي اتي آيو هو. شايد قديم ديبل بندر
به اتي هو. جنهن تي محمد قاسم ثقفي ڪاهه ڪئي هئي.
هيءُ شهر به زمين ڌٻڻ ڪري ناس ٿيو. جيئن برهمڻ
آباد ٿيو هو. سسئي پنهونءَ جي قصي ۾ جو ڀنڀور چيل
آهي، سو به اهو آهي، جنهن ۾ اهو ڌوٻي رهندو هو،
جنهن وٽ سسئي پلجي وڏي ٿي هئي.
مغلڀينءَ
هيءُ جاتي تعلقي جو وڏو شهر آهي. اهو شهر ڀينءَ جو ٻڌل هو. جنهن
جو اصل نالو شيخ سلامت قريشي هو ۽ مگهر سندس پٽ
هو، جنهن کي پوءِ مغل ڪيائون. هالار جي هندو راجا
جو پٽ هڪڙي سيد ماريو هو ۽ انهيءَ شيخ ۽ سندس پٽ
وٽ وڃي پناهه ورتي هئي. انهيءَ سيد جي ٻانهن راجا
ٿي گهري، جا هنن نٿي ڏني. انهيءَ جهيڙي ۾ اهو شيخ
۽ سندس پٽ مارجي ويا. انهن جون قبرون اتي آهن ۽
انهن جي ڀرسان هڪڙي مسجد به جڙيل آهي، انهن جي
پاسي ۾ ٻيون به ٻه قبرون آهن، جي ڀينءَ جي ڏاڏي
نڀي ۽ ان جي پوٽي جون آهن. انهن قبرن جي ويجهو
هڪڙو ڳرو ڪارو پهڻ ڏيڍ مڻ جيترو پيل آهي. جو چون
ٿا ته ڀينءَ جي ڀآءٌ عمر جي هٿن ۾ هوندو هو ۽
انهيءَ جي اثر کان هڪڙي چور چورايل مال موٽي آڻي
ڏنو. انهيءَ پهڻ کي ماڻهو گهڻي تعظيم ڏيندا آهن.
بيمار هٿ لائيندا اٿس ته ڇٽي پوندا آهن ۽ زالون
ڏهاڻي رات جو وڃي اتي ويهي ڳائينديون آهن. اتي
ڦڳڻ مهيني جي 23 تاريخ ميلو لڳندو آهي ۽ اڪٿر جت
ماڻهو ايندا آهن. پهرئين ڏينهن قبر کي چن جو پوچو
ڏيندا آهن، جنهن کي آڇ چوندا آهن ۽ پنجين ڏينهن
قبرن جا پڙ کڻي پاڻيءَ ۾ ڌوئي سڪائي وري وجهندا
آهن. مغلڀينءَ کان اڍائن ڪوهن تي نند ڪوٽ آهي، جو
راجا نند جو ڪوٽ هو. جنهن جو راڄ ڪلهوڙن کان اڳي
جو هو. اهو راجا ڏاڍو دولتمند هوندو هو ۽ سندس
خزانو چون ٿا ته اتي پوريل آهي.
راڙهي
جاتي تعلقي ۾ هيءُ هڪڙو جهونو شهر آهي ۽ مغلڀينءَ کان اٺن ڪوهن
تي آهي. راڙهيءَ جو شاهوڪار ضرب المثل آهي. يعني
جو پنهنجا پئسا اجايا وڃائي. اتي ڪي قبرون آهن. جن
مان هڪڙي نور شاهه جي قبر آهي. جو خواجن جو پير
هو. اتي هڪڙي ڦٽل ڳوٺ جا به نشان آهن.
سير گندا (سنڊو بندر)
مغلڀينءَ کان ٻن ڪوهن تي سنڊو ڳوٺ آهي ۽ سير جي ڪناري تي هئڻ
ڪري بندر ٿو چئجي. اتي ٻيڙيون بيٺل آهن. اُتي ان
جو گهڻو واپار هلندڙ هو.
پير پٺو
هيءَ وڏي زيارتگاهه هڪڙي ٽڪريءَ تي آهي. جا مڪليءَ جي ڏاکڻي
ڇيڙي کان ڌار ٿيل آهي ۽ ٺٽي کان ڇهن ڪوهن تي آهي.
اتي هڪڙي جهوني عيدگاهه ۽ منارو هو، جن جا ڦٽل
نشان اڃا پيا ڏسجن. اتي هڪڙو وڏو شهر هوندو هو، جو
ڦٽي ويو آهي. انهيءَ پير کي مسلمان پير پٺو ٿا
چون. پر هندو راجا گوپي چند ٿا سڏين. چون ٿا ته
هو شيخ سعدي شيرازيءَ جو همعصر هو ۽ سنه 560 هه ۾
ڄائو هو، پر راجا گوپي چند ته انهيءَ کان گهڻا سئو
ورهيه اڳي رهندو هو. اتي ربيع الاول مهيني جي 11
تاريخ ميلو لڳندو آهي. جو ٽي چار ڏينهن هلندو آهي.
ڪڇي ماڻهو گهڻا ايندا آهن.
ڪراچي
جتي هينئر ڪراچي آهي. اتي اڳي ڪو به شحر ڪو نه هو. سمنڊ جي هڪڙي
ڇاڙ ٿي آئي ۽ ڪي مهاڻن جا گهر هئا ۽ ڪي هندو
واپاري هئا ۽ انهيءَ هنڌ کي ڪلاچيءَ جو ڪُنُ چوندا
هئا. جو نالو شاهه جي رسالي ۾ به آيل آهي. جيڪي
ماڻهو اتي رهندا هئا، اهي جوکين جي ڄام جي نظر هيٺ
هوندا هئا. پوءِ اتي هڪڙو جهنگلي ڪوٽ ٺاهيائون،
جنهن کي ڪلاچي ڪوٽ چوندا هئا ۽ قلات جي خان جي هٿ
۾ هو، جنهن کي ڪلهوڙن ڏيئي ڇڏيو هو، پر سنه 1795ع
۾ مير فتح علي خان ٽالپر اهو هٿ ڪيو ۽ اتي هڪڙو
حاڪم مقرر ڪيائون ۽ اتي جي هندو واپارين مان لک
ڏيڍ پيدا ٿيندو هون. ورهيه ٻن کان پوءِ انهيءَ جي
بچاءَ لاءِ ميرن منوڙي تي هڪڙو ڪوٽ ٺهرايو. جو
پوءِ سنه 1839ع ۾ انگريزن ورتو. پوءِ ٿورو ٿورو ٿي
وڌندو ويو ۽ هاڻي ته سنڌ جو وڏو شهر ۽ وڏو بندر
شمار ڪيل آهي.
ڪلان ڪوٽ
هيءُ ڪوٽ مڪليءَ جي ٽڪري کان ڏيڍ ڪوهه پنڌ تي ڏکڻ ڏي آهي.
انهيءَ جو قديم نالو ڪلاراج هو ۽ پوءِ ڪلاڪوٽ ٿيو.
ڪن جو چوڻ آهي ته اهو لفظ اصل ڪالن ڪوٽ آهي. يعني
آرام جو قلعو. ڪلان ڪوٽ جي معنيٰ وڏو ڪوٽ به ٿي
سگهي ٿي. ڪن جو ته خيال آهي ته سيوهڻ جي ڪافر قلعي
وانگر هيءُ به سڪندر بادشاهه جي سپه سالار جو
ٺهرايل آهي. اتي ٺٽي جا سومرا ۽ سما ڄام رهندا
هئا. تڏهين انهيءَ جو نالو تغلق آباد يا طغرل
آباد هو. ستر اسي ورهيه ٿيا ته اتي سڙيل ان جو وڏو
انبار زمين ۾ پوريل لڌو هو. جنهن مان معلوم ٿو ٿئي
ته اهو شهر باهه جو ناس ٿيل آهي. چون ٿا ته انهيءَ
ڪوٽ ۾ هڪڙو وڏو نانگ هو. جنهن جو مٿو سنڌ ۾ هو ۽
پڇ هند ۾ تڏهن هند سنڌ جي تابع هئي، جيئن عربن جي
وقت ۾ هو. پوءِ نانگ مٿو ڦيرائي هند ۾ ڪيو ۽ پڇ
سنڌ ۾ تنهن کان پوءِ سنڌ هند جي تابع ٿي.
ميرپور بٺورو
هيءُ اڳوڻي بٺوري پرڳڻي جو مکيه شهر هو. جو ٺٽي جي نواب امير
خان ٻڌايو هو ۽ انهيءَ کي اميرپور سڏيائين. بٺوري
۽ بهرامپور ۽ پليجن جو اهو مکيه شهر هو. اتي شاهه
ڪپور جي قبر آهي ۽ امير پير جو به اتي ميلو لڳندو
آهي.
بندر لاهري (ديول) ۽ بندر ڌاراجا
لاهري بندر کي اڳي ديول بندر چوندا هئا. جنهن جو قديم سنڌ جي
تاريخ ۾ ذڪر اچي ٿو. پر اهو به ڦٽي ويو ۽ اتي جا
ماڻهو پوءِ وڃي بندر ڌاراجا ۾ رهڻ لڳا. اتي نگامرن
جي قوم رهندي هئي. انهيءَ قوم جا گهڻا سردار ٿي
گذريا. انهن سڀني مان وڌيڪ مشهور راڻو عبيد هو،
جنهن جون عجيب غريب ڳالهيون ڪندا آهن. اهو راڻو
سنه 1000 هه ۾ اتي جو راجا هو. انهيءَ وقت ۾
ڪڪراله جو حاڪم جھام جرار هوندو هو. هڪڙي ڏينهن
ڄام جرار جي اکين ۾ اچي سخت سور ٿيو. راڻو عبيد
خير عافيت پڇڻ آيس. محبت جي گهڻائي کان ڄام
پنهنجو مٿو کڻي هن جي گوڏي تي رکيو ۽ چوڻ لڳو ته
مون کي ڪا سچي ڳالهه ٻڌاءِ ته من انهيءَ جي برڪت
سان منهنجن اکين جو سور لهي. راڻي چيو ته سچائي جو
خدا شاهد آهي. اڳي ڪنهن وقت منهنجي دل ۾ آيو ته
سمنڊ جو سير ۽ سفر ڪريان. ضروري سامان کڻي آءٌ
نڪتس. هڪڙي اهڙي هنڌ وڃي پهتس. جتي بيو ڪو اڳتي
ڪڏهين نه ويو هو. انهيءَ هوندي به آءٌ اڳتي هليس.
ڀانيم ته من سمنڊ جو ٻيو ڪنارو نظر اچي. اتفاق سان
وڃي هڪڙي ڪن ۾ پيس. هڪڙو وڏو وڻ ڪنهن ٽڪريءَ تي
بيٺل ڏٺم، انهيءَ کي وڃي چهٽيس. وڻ تي هڪڙو وڏو
زور وارو پکي ويٺو هو، رات وڻ تي گذاريم ۽ صبح جو
انهيءَ پکيءَ جي ٽنگ کي چهٽي پيس. پکي اتان اڏاڻو.
تنهن مون کي آڻي هڪڙي جبل تي ڪڍيو. آءٌ حيران ٿيس
ته ڪٿي اچي نڪتو آهيان. ۽ هيءُ پکي شايد سيمرغ
آهي، جنهن جو نالو ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. هيڏي هوڏي
وسئن ڳوليم پر ڪا نه لڌي. آخر اتي سمهي پيس. اتي
پرين جي جماعت مون کي اچي هٿ ڪيو ۽ پاڻ سان
گهمائينديون وتيون. گهڻن ڏينهن کان پوءِ پنهنجو
وطن ۽ مائٽ ياد پيم. هنن کي منٿ ڪيم ته مون کي
پنهنجي وطن پهچايو. هنن چيو ته موٽي اچڻ جو انجام
ڪرين ته تو کي ڇڏيون. آخر انجام ڪيم ته اٺن ڏينهن
کان پوءِ وري ايندس. تنهن تي هنن مون کي کڻي هڪڙي
لحظي ۾ پنهنجي وطن آندو. شهر جي ٻاهران مون کي
هڪڙي جاءِ ڏيکاريائون چيائون ته وري به اٺين ڏينهن
هتي اچي بيهجانءِ ته اسين توکي وٺڻ اينديونسين.
آءٌ پنهنجي گهر آيس. گهر وارن ۽ مائٽن جي صحبت ۾
مون کي اهو انجام وسري ويو. اڃا تائين اهو انجام
ياد پيو ڪريان. جي اها منهنجي ڳالهه سچي آهي ته
تنهنجن اکين جو سور ڇڏي ويندو. هن جي ڳالهه ڪندي
منهنجن اکين جو سور گهٽجڻ لڳو هو، سو آخر ڇڏي ويو
۽ آءٌ چڱو ڀلو ٿيس ۽ خدا جو شڪرانو ڪيم.
ساموئي
اڳي سومرن جي ڏينهن ۾ محمد طور جو شهر تختگاهه هو. جو سلطان
علاولادين جي لشڪر ناس ڪري ڇڏيو. سمن جي ڄامن وري
ڪلان ڪوٽ وٽ تختگاهه بڻايو. جنهن جو نالو تغلق
آباد رکيائون. ساموئي به انهيءَ کي ٿا چون. اهو
شحر ٺٽي کان ڏيڍ ڪوهه پنڌ تي اتر الهندي ڏانهن
آهي. اهو هڪڙو ننڍڙو ڳوٺ آهي. اتي ڪي قبرون ۽
مسجدون آهن، چون ٿا ته اتي ڪنئاريون ڇوڪريون زمين
۾ گم ٿي ويون هيون، جي سومريون هيون. اهي دنيا ترڪ
ڪري حق بخشي اتي واريءَ جي دڙن ۾ خدا جي عبادت ۽
رياضت ۾ مشغول رهنديون هيون، جو انهيءَ وقت ملڪ ۾
ظلم زبردستي هلندڙ هئي. انهيءَ وقت ڌاري سيد يعقوب
مشهدي. جو هڪڙو وڏو بزرگ هو. سو اتان اچي لنگهيو.
انهيءَ جو بڌي اهي ستئي ستيون وٽس آيون ۽ ظالمن
کان امان گهريائون. اتي جي وڏيرن مان ڪي انهن
ڇوڪرين سان شادي ڪرڻ لاءِ خواهشمند ٿيا، پر هنن
اها ڳالهه قبول نٿي ڪئي. هڪڙي ڏينهن دستور موجب
صبح جو هو درياهه جي ڪناري تي وهنجڻ آيون هيون.
اتي هو ساڻن زور زبردستي ڪرڻ آيا. ڇوڪريون شيخ
جهنڊي پاتڻيءَ جي ٻيڙيءَ تي چڙهي هن ڀر لنگهي اٿي
ڀڳيون. پوءِ هو ماڻهو به درياهه لنگهي پٺيان پين ۽
نيٺ اچي پهتن. هنن کي ٻي پناهه جي جاءِ ڪا نه رهي.
خدا کان پناهه گهريائون. اوچتو زمين ڦاٽي پيئي.
اتي ستئي اندر گهڙي ويون. انهيءَ هنڌ ماڻهن
زيارتگاهه بڻائي.
ساموئي ۾ جيڪي بزرگ آهن. تن مان ڪي هيٺ ڏجن ٿا:
شيخ حماد بن شيخ رشيد الدين جمالي. جو شيخ جمال اُچ واري درويش
جو ڏهٽو هو. هميشه منهن تي برقعو وجهيو وتندو هو ۽
اڪثر حجري ۾ ويٺو هوندو هو. سندس مريد ۽ ٻيا
زيارتي ماڻهو حجريءَ جي ٻاهران اچي وهندا هئا ۽
انهن کي هو ڪشف جي رستي يا ظاهري طرح فيض
پهچائيندو هو. ڄام جوڻي جي راڄ ۾ تماچي سمو ۽ سندس
پٽ صلاح الدين هن شيخ جا نهايت معتقد هئا ۽ سندس
خدمت ۾ رهندا هئا ۽ شيخ مٿن مهربان هوندو هو. ڄام
جوڻي کي ڊپ ٿيو ته متان شيخ هنن کي دعا سان نوازي
۽ هيءُ حاڪم ٿي پون. تنهنڪري ڳجهي طرح بندوبست ڪري
هنن ٻنهي کي قيد ڪري دهليءَ ڏي موڪلي. ڏنائين.
تماچيءَ جي مآءٌ ڏهاڻي صبح جو شيخ جي خانقاه تي
دانهون ڪري هلي ويندي هئي. هڪڙي ڏينهن شيخ جي نظر
مٿس پيئي. سندس پٽ ۽ پوٽي جو هن کان پڇيائين. هن
ڳالهه ڪري ٻڌايس. شيخ کي ڏاڍو جوش آيو. وجد ۽ حال
۾ هڪڙو سنڌي بيت پڙهيائين. جنهن ۾ هن جي حق ۾ دعا
ڪيائين، ته سنڌ جا والي ٿيندا. انهيءَ رات دهلي ۾
هو. بند مان نڪتا. هڪڙو ماڻهو شيخ جي صورت ۾ هنن
جو سونهون ٿيو ۽ گهوڙن تي چاڙهي روانو ٿيو. سگهو
ئي بنديخاني جي داروغي ۽ پهريوارن کي خبر پيئي.
هنن جي پٺيان پيا، پر پڄي نه سگهيا. نيٺ ٽن ڏينهن
۾ کيبرن جي ڳوٺ ۾ آيا. اتي هڪڙ ڌڻ مان هڪڙو گهٽو
وٺڻ گهريائون. مخدوم نوح کيبري ڌراڙ هو، تنهن چيو
ته ملڪ جو والي ڄام تماچي آهي. سنڀاليو متان
منهنجو گهٽو کڻو. هو حيران ٿيا. چيائونس ته ملڪ جو
والي ته ڄام جوڻو آهي. هن چيو ته نه. ٽن ڏينهن کان
غيبي هوڪو پيو اچي ته والي ڄام تماچي آهي. هوڏي
ڄام جوڻو شيخ حماد جي بيت جي ڳالهه ٻڌي ڏاڍو بي
آرام ٿيو. لاچار ٿي اچي شيخ جي در تي چوڻ لڳو ته
اوهان فقيرن جو حڪومت سان ڪهڙو اوسطو؟ تنهن تي شيخ
پاڻ زياده ڪاوڙيو. جوش مان چوڻ لڳيس ته هن ملڪ جو
مالڪ آءٌ آهيان. جنهن کي وڻيم تنهن کي ڏيان. ڄام
نااميد ٿي موٽيو. ستت ئي هو پيءُ ۽ پٽ ٻئي ساموئي
درياهه تي اچي پهتا. شيخ پنهنجي گودڙيءَ مان ٽڪر
ڦاڙي هنن کي ڏنو ۽ چيائين ته هي ڪنهن ڪاٺيءَ جي
چوٽيءَ تي ٻڌي جهنڊو ڪري نڪرندو ته پاڻهي غيب مان
اوهان کي مدد ملندي. ڄام جوڻي کي ماڻهن ٻڌايو ته
تماچي لشڪر وٺي ڪاهي اچي مٿان بيٺو اٿيئي. هو
وائڙو ٿي ويو. سندس لشڪر منهن موڙي اٿي ڀڳو. تنهن
ڪري پاڻ به لاچار ٿي اٿي ڀڳو ۽ سندس ملڪ ۽ مال ڄام
تماچيءَ کي مليو. انهيءَ طرح پيءُ ۽ پٽ ٻئي سنڌ جا
والي ٿيا. ڄام تماچي نهايت وڏو خزانو نذرانو ڪري
آڻي شيخ جي اڳيان رکيو ۽ دعا گهريائينس ته هيءُ
ملڪ منهنجي اولاد جي هٿ ۾ رهي. هن کي چيائين ته
انهن پئسن مان منهنجي خانقاه جي پاسي ۾ هڪڙي عمدي
مسجد جوڙاءِ ۽ پنهنجن پٽن کي سنڌ جو ملڪ ورهائي
ڏيئي ڇڏ. انهيءَ ڪي سنڌ ۾ توڙي ڪڇ ۾ سمن جي
بادشاهي گهڻي تائين هلي. اها مسجد اُها آهي. جا
مڪليءَ تي آهي ۽ جنهن جو ذڪر هيٺ ايندو.
شيخ عيسيٰ سنڌي برهانپوري لنگوٽي- هن جو قبو
ساموئي جبل جي پاڙ ۾ آهي. قلندرن وانگي لانگوٽو
ٻڌيو وتندو هو ۽ شيخ حماد سان به سندس صحبت هوندي
هئي. پڇاڙيءَ جي ڏينهن ۾ سيد محمد حسين شيرازي،
جنهن کي مير مراد چوندا هئا. تنهن جي ڄمڻ جي اڳواٽ
خبر ڏنائين ۽ ان جي ڄمڻ جي ڏينهن وڃي سندس زيارت
ڪيائين ۽ مريد ٿيو ۽ ٽئين ڏينهن وفات ڪيائين، جا
سنه 831 هه ۾ ٿي.
مُلا عبدالرحمان. جنهن کي مُلو لٽر چوندا آهن، اهو اصل عباسي هو
۽ وڏو ڪامل اوليآءٌ هو، پر ڏاڍو چرچائي هو. سما
ڄام سندس نهايت متعقد هوندا هئا ۽ ڏاڍي تعظيم
ڏيندا هئس. ساموئي جي ڪناري تي دفن ٿيل آهي.
شيخ جهنڊو پاتڻي. جنهن جو نالو مٿي آيو، سو سيد ميران محمد
جونپوريءَ جو مريد هو. چون ٿا ته جڏهين اهو سيد
ٺٽي ۾ اچي لٿو ۽ ڄام نظام الدين، جو ملڪ جو
بادشاهه هو. تنهن ظاهري عالمن جي چوڻ تي هن ڏي
گهڻو خيال ڪونه ڏنو ۽ هن کي هڪڙي ٻيڙيءَ تي چاڙهي
ٻئي پاسي روانو ڪيائين. ٻيڙي هڪڙي هنڌ وڃي گتي،
جنهن کي جهنڊي پاتڻيءَ اچي ڪڍيو. سيد هن کي دعا
ڪئي ۽ هو ڪامل مرد ٿي ويو ۽ ستن ستين کي به مدد
ڪيائين. جيئن مٿي ذڪر آيو. سندس درگاهه اتي آهي.
جيڪي ماڻهو مڪليءَ جي بزرگن جي زيارت تي ايندا
آهن، سي پهرين به هن جي زيارت ڪندا آهن ۽ پڇاڙيءَ
جو به هن جي زيارت ڪندا آهن.
مڪلي
مڪليءَ جي ٽڪري پَٻ ۽ هاڙهي جبل جي شاخ آهي ۽ رني جي ڪوٽ واري
ٽُڪرن جي قطار مان آهي. پير پٺي کان نڪري اتر ڏي
برابر پنج ڪوهه وڃي ٺٽي کي ويجهو الهندي ڏي بيهي
ٿي. سمن ڄامن جو مکيه شهر ساموئي ٽڪريءَ جي اتر
واري ڇيڙي جي هيٺان آهي، جتي ڄام تماچي ۽ نورڀينءَ
جون قبرون آهن. ترخانن کان وٺي ٺٽو گاديءَ جو هنڌ
ٿيو. انهن مان گهڻن جون قبرون ۽ قبا مڪليءَ تي
آهن. انهن ٺٽي شهر ۾ به ڪيتريون عمديون مسجدون
جوڙايون. انهن کان سواءِ مڪليءَ تي تمام گهڻن
اوليائين ۽ بزرگن جا مقبرا آهن. مشهور آهي ته سوا
لک اولياءَ اتي آهن.
انهيءَ ٽڪر تي مڪليءَ جو نالو هن ڪري پيو. جو قديم وقت ۾ هڪڙو
وڏو بزرگ حج ڪرڻ لاءِ ٿي ويو، اتي اچي لٿو، رات جو
خواب ڏٺائين جنهن جي اثرکان جاڳندي هن کي جذبو اچي
ويو ۽ بار بار چوڻ لڳو ته هذا مڪه لي هــٰــذا
مَڪه لِي يعني هيءُ پنهنجي لاءِ مڪو آهي. مَڪه لِي
وري وري چيائين. تنهن تان انهيءَ هنڌ تي مڪلي نالو
پئجي ويو. ڪن جو چوڻ آهي ته هڪڙي اولياءَ بي بي
مڪلي واري مسجد جي محراب جي پٺيان دفن ٿيل آهي ۽
انهيءَ مسجد تي مڪليءَ يا ننڍي مڪي جو نالو شيخ
حماد رکيو، جنهن جو مٿي ذڪر آهي. پوءِ انهيءَ مسجد
تان ساري ٽڪريءَ تي نالو پيو.
انهيءَ ٽڪريءَ تي هيٺين حاڪمن جا قبا ۽ قبرون آهن. ٻين بزرگن جا
نالا ٺٽي جي بيان ڪندي ڏنا ويندا.
رستي تي پهرين (1) مرزا جاني بيگ ۽ مرزا غازي بيگ جو قبو آهي.
اڪبر بادشاهه جي وقت ۾ مرزا جاني بيگ ٺٽي جو
پونيون ترخان حاڪم هو، سندس مرڻ تي غازي بيگ حاڪم
ٿيو. جنهن کي ماري وڌائون. انهيءَ جو احوال سنڌ جي
تاريخ مان معلوم ٿيندو. قبي جو سال سنه 1613ع آهي.
(2) نواب مرزا عيسيٰ ترخان- مرزا عيسيٰ ترخان پهريون ئي شخص
هو، جو جهانگير بادشاهه جي وقت ۾ نواب مقرر ٿيو،
انهيءَ جو قبو هن پهرئين قبي جي اتر ڏي آهي. قبي
جو سال سنه 1644ع آهي.
(3) مرزا طغرل بيگ جو قبو مٿين ٻن قبن جي وچ ۾ آهي. ڪلان ڪوٽ
تي هن جو نالو پيل هو ۽ طغرل آباد سڏبو هو، جو ڪي
چون ٿا ته تغلق آباد آهي. اهوقبو ٻارهن پيلپاون تي
بيٺل آهي.
(4) ديوان شريف خان ارغون. جو دهليءَ مان وزير مقرر ٿي ٺٽي جي
هڪڙي نواب وٽ آيو. قبي جو سال سنه 1638ع آهي. اهو
قبو هن پنهنجي جيئري جوڙايو.
(5) نواب امير خليل خان- هن جي وصيت موجب هن جي لاش قبي کان
ٻاهر دفن ڪئي ويئي، جو قبي ۾ ست وڏا بزرگ رکيل
هئا. قبر جو سال سنه 1585ع آهي.
(6) مرزا عيسيٰ ترخان- پهريون ترخان حاڪم هو. هن جي قبي جي
آسپاس ٻيون به گهڻيون قبرون آهن. قبي جو سال سنه
1573ع آهي.
(7) ڄام نظام الدين سمو ڄام، جو زبردست حاڪم ٿي گذريو. قبي جو
سال سنه 1508ع آهي.
(8) سيد علي شيرازيءَ جو قبو مٿئين قبي جي اتر ڏي ۽ ماٿريءَ جي
هن پاسي آهي. هيءُ سيد ٺٽي جي ماڻهن جي طرفان تحفا
کڻي همايون بادشاهه وٽ عمرڪوٽ ۾ ويو هو.
انهن کان سواءِ جيڪي اولياءَ ۽ اهل الله مڪليءَ تي پوريل آهن.
تن جو ذڪر هيٺ ٺٽي جي بيان جي پڇاڙيءَ ۾ ايندو.
اتي ڏسجي.
متفرقه ۽ مجمل احوال
ٺٽي جي پرڳڻي ۾ سمن ۽ سومرن ۽ ترخانن کان سواءِ ڪراچيءَ جي
نزديڪيءَ ۾ جوکيا ماڻهو آهن. جي پڻ سمن ۾ داخل
آهن. اتي ٻن سون ورهين کان سنڌ جي انهي ڀاڱي ۾ ڦر
مار ڪندا آيا هئا. انهن جو جيڪو سردار يا ڄام هو.
تنهن جو اولاد اڃا تائين وڏو جاگيردار آهي.
انهيءَ کان سواءِ ٻيا ڪرمتي بلوچ آهن. جي ڪرمت مان آيا.
بلوچستان ۾ آهي. اهي ميرپور ساڪري جي پاسي وڃي
نڪتا. جتي سندن سردار کي جاگير ملي ۽ جاتي جي پاسي
وري جت ماڻهو گهڻا آهن. جنهن ڪري جاتيءَ کي اهو
نالو مليو. انهن جي سردار کي ملَڪُ چوندا آهن، جو
پڻ جاگيردار آهي.
انهن کان سواءِ خاص ٺٽي جي شهر ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ سيد ۽ قاضي
۽ ٻيا ڪيترائي ٻاهرين ملڪن جا ماڻهو هئا. جن جو
ذۡر ٺٽي جي بيان ۾ ڪيو ويندو، مگر سيد گهڻن قسمن
جا آهن، جيئن ته:
شڪر الــٰــهي شيرازي. جي حسيني سيد ۽ شيعا آهن. سيد شڪر الله
سنه 1521ع ۾ شاهه بيگ ارغون سان آيو ۽ ٺٽي جو قاضي
مقرر ٿيو. ڪتاب تحفته الڪرام جو مصنف علي شير قانع
به انهيءَ خاندان مان هو.
ميرڪي سيد. جي پڻ حسيني ۽ شيعا آهن. محمد ميرڪ به شاهه بيگ
ارغون سان ٺٽي ۾ آيو. ڏاڍو دولتمند هو. سندس اولاد
ٺٽي توڙي گهوڙا ٻاڙيءَ ۾ گهڻو آهي.
انجوي شيرازي يا نقوي سيد – جي پڻ حسيني ۽ شيعا آهن ۽ سمي ڄام
صلاح الدين جي راڄ ۾ ٺٽي ۾ آيا، انهن جا گهڻا مريد
ٿيا.
مازندراني لودي سيد. جي پڻ حسيني۽ شيعا آهن ۽ سيد بدرالدين جو
اولاد آهن ۽ سنه 967 هه (سنه 1559ع) ۾ ٺٽي ۾ آيا.
(5) لڪياري سيد. لڪعلويءَ يا لڪيءَ وارا. جن جو ذڪر مٿي لڪي
۽ سيوهڻ ۾ آيو آهي. |