سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: قديم سنڌ

ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو

باب؛ 1

صفحو ؛ 3

 

انهن کان سواءِ هي به ناليرا هئا؛ سعيد خان مغل بهر ڪاهي. صالح شامي، سيد بدرالدين خطيب، سيد ناصر الدين ولد نظام الدين (جو راڳ جو شائق هو)، مولوي عالم خطيب، مولوي يار محمد، مير سعيد  خان رضوي، مير حسين قلي رضوي، مير افضل شاهه، قاضي محمد افضل، مُلا نور محمد، آخوند مُلا موسيٰ، حڪيم عبدالرئوف، شيخ محمد رضا (جو اصل ٺٽي جو هو)، حافظ مير خليفو.

سکر

سکر لوهريءَ جي آمهون سامهون درياهه  جي ڪناري تي آهي. اصل بکر جي تعلقي ۾ هو پر نادر شاهه جي وقت کان وٺي شڪارپور جي تعلقي ۾ داخل ٿيو. اصلوڪو سکر اهو آهي. جنهن کي هاڻي پراڻو سکر ٿا چون. سکر جي اُلهندي ڏي هڪڙي ٽڪري آهي. جنهن کي آدم شاهه جي ٽڪري چون ٿا. انهيءَ تي آدم شاهه عباسيءَ جي قبر آهي. جو ڪلهوڙن جو ڏاڏو هو ۽ جنهن جو بيان سنڌ جي تاريخ ۾ آهي. پهرين چانڊڪي يا  لاڙڪاڻي ۾ زمين هيس. پوءِ ملتان ۾ ويو ۽ مريدن جو لشڪر گڏ ڪري فساد ڪرڻ لڳو ۽ شهيد ٿيو.

مير معصوم شاهه جو اشارو مٿي بکر ۾ ڏنو ويو آهي. جو اڪبر بادشاهه جي ڏينهن ۾ بکر جو نواب هو ۽ قلعو پڪو ڪرايائين ۽ پڪين سرن جو منارو جوڙايائين. جو سئو فوٽ مٿي آهي ۽ گردي ۾ 84 فوٽ آهي. اهو منارو شروع سنه 1002 (=1593ع) ۾ ٿيو، پر 14 ورهيه پوءِ مير معصوم جي پٽ پورو ڪرايو. انهن ٻنهي جون قبرون به اُتي آهن. معصوم ٻيون به گهڻيون عمارتون جوڙايون. مسجد ۽ مسافر خانو به سندس جوڙايل آهن. پراڻي سکر واري جامع مسجد مير معصوم جي والد سيد صفائيءَ جي جوڙايل آهي. مير عبدالباقي پورانيءَ جي به اتي قبر آهي. اتي جي ماڻهن مان ڪي ٿورا هيٺ ڏجن ٿا:

شاهه خير الله يا خيرالدين _ هو احمد شاهه جو پٽ هو. جو پيران پير شيخ عبدالقادر جيلانيءَ جي پنجين پيڙهيءَ مان هو. اهو 911 هجريءَ ۾ بغداد ۾ ڄائو هو. چاليهن ورهين جي عمر ۾ حج ڪرڻ لڳو ۽ ٻارهن حج ڪيائين ۽ 14 ورهيه مدينه منوره ۾ رهي علم جي تحصيل ڪيائين. پوءِ عرب ۽ عجم جي سير ۽ سياحت تي نڪتو. 33 ورهيه گشت ڪري ڪي ڏينهن بلڙيءَ ۾ رهي. پوءِ اچي سکر ۾ منزل ڪيائين ۽ هڪڙو جبل پسند ڪيائين. جنهن کي اڃا تائين شاهه جو جبل چوندا آهن. انهيءَ جي هڪڙي غار ۾ عبادت ڪندو هو. سندس ڪرامتون ڏسي ماڻهو سندس مريد ٿيڻ لڳا. هڪ سئو ورهين عمر ۾ وفات ڪيائين ۽ سندس قبو به انهيءَجبل تي آهي. سندس وفات جي تاريخ رمضان سنه 1027 هجري (=1617ع) آهي.  اهو سال هن مصرع مان ابجد جي حساب سان ٿو نڪري: مرشد کامل طريق احمدي، ميان سَڌو ۽ ميان جمال الدين سندس مريد ۽ مجاور هئا. جمال الدين جو پٽ ميان غلام محمد سنه 1174 هجري (=1760ع) ۾ اهو قبو ڊهرائي وري ٻيو وڏو ٺهرايو. جيئن لکيل تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو. پونيون مجاور ۽ سجاده نشين سعيد محمد هو.

ميرڪ بايزيد پٽ ميرڪ ابو سعيد سبزواري عربشاهيءَ جو پنهنجي ڀآءٌ ميرڪ شيخ محمود سان گڏ رهندو هو. ٻئي علم ۽ عمل جا صاحب هئا. پهرين قنڌار ۾ رهندا هئا. پوءِ اتان مرزا شاهه بيگ ارغون سان سنڌ ۾ آيا ۽ ميرڪ بايزيد بکر ۽ سکر جو شيخ الاسلام مقرر ٿيو ۽ سکر ۾ رهيو. پر ڀاڻس وڃي ٺٽي ۾ رهيو. هن جي مرڻ کان پوءِ سندس پٽ مير عبدالباقي به پيءُ جي جاءِ تي نالي وارو ٿيو ۽ سندن گهڻو اولاد ٿيو.

انهن کان سواءِ مير عاقلشاهه   ۽ سندس ڀآءٌ مير محمد حسين ۽ مير  محمد زڪريا (جو مير معصوم شاهه بکريءَ جو پوٽو هو) ۽ سندس پٽ مير علي شير ۽ مير محمد يعقوب حڪيم جو ملتان مان اچي اتي رهيو) مشهور هئا.

الور (اروڙ)

هي قديم سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو. هاڻي انهيءَ کي اروڙ ٿا چون. انهيءَ جو ذڪر تاريخ ۾ آهي. ۽ اهو دلوراءِ راجا جي ظلم کان ڦٽو. جنهن جو قصو مشهور آهي ۽ جو سومرن جي زماني ۾ هو. چون ٿا ته هو اهڙو ظالم ۽ زبردست هوندو هو، جو جيڪو سوداگر اتي ايندو هو. انهيءَ جي مال جو اڌ وٺندو هو؛ پر جي ڪا خوبصورت زال انهيءَ سان هوندي هئي ته اها به ڦري وٺندو هو. هڪڙي ڀيري هڪڙو سوداگر سيف الملوڪ نالي آيو. جو اصل شهزادو هو، پر تاجر ٿي نڪتو هو ۽ حج تي ٿي ويو. انهيءَ سان هڪڙي خوبصورت زال هئي. جنهن جو نالو بديع الجمال هو. انهيءَ لاءِ اچي هن ڪشش ڪئي. هن ٽي ڏينهن مهلت گهريس. جا مليس. انهيءَ وچ ۾ هن خدا جي درگاهه ۾ عزت جي بچآءٌ جون دعائون گهريون ۽ راتيون جاڳيو. پوءِ ڪن ماڻهن جي مدد سان رات جو لڪ چوريءَ ٻيڙيءَ تي چڙهي نڪري هليو ويو ۽ حج ڪري وري ديري غازي خان ۽ سيتپور جي وچ ۾ اچي رهيو ۽ اولاد سميت اتي مري ويو ۽ دفن ٿيو. انهيءَ سوداگر جي نڪرڻ کان پوءِ زمين ڌٻي ۽ سارو شهر غرق ۽ ويران ٿي پيو ۽ درياهه. جو انهيءَ جي پاسي کان لنگهندو هو. سو ڦري لوهري ۽ بکر جي وچان وهڻ لڳو، شهر جي ڦٽڻ کان پوءِ دلوراءِ وڃي برهمڻ آباد ۾ رهيو. جو پڻ ساڳيءَ طرح ويران ٿيو. جنهن جو ذڪر پنهنجي موقعي تي ايندو.

الور جي مشهور ماڻهن مان ڪي هيٺ ڏجن ٿا:

(1) قاضي اسماعيل، جو محمد شيباني بن عثمان ثقفيءَ جي اولاد مان هو. جنهن کي محمد قاسم قاضي ۽ خطيب مقرر ڪري الور ۾ رکيو. انهيءَ جي اولاد مان به هڪڙو قاضي اسماعيل سنه 600 هه ۾ هو. جنهن وٽ عربن جي فتح ۽ سنڌ جي تاريخ جو احوال لکيل هو. جو علي بن حامد ڪوفي اُچ واري ولي عربيءَ مان فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو. جنهن تان ”چچ نامه“ ٺهيو. (2) شيخ محمود قطب. مخدوم جلال جهانيان جو مريد هو. انهيءَ جو قبو اتي آهي ۽ هڪڙي وڏي زيارتگاهه آهي. (3) ڇٽو امراني. جو دلوراءِ راجا جي سئوٽن مان هو. الور جي ڦٽڻ کان  پوءِ هو لڏي سيوهڻ ۾ وڃي رهڻ لڳو ۽ اتي دفن ٿيل آهي. (4) قاضي ستابه الور جو قاضي ۽ بکر جو محاسب هو. (5) شاهه شڪر گنج. لعل شهباز قلندر سيوهاڻيءَ جي وقت جو هو ۽ سندس دوست هو. انهيءَ جو قبو اڳوڻي درياهه جي ڪناري تي هڪڙي ٽڪريءَ جي مٿان آهي ۽ اتي هر سال ميلو لڳندو آهي.

عربن جي فتح کان پوءِ. عربن پنهنجو مکيه شهر منصوره ڪيو ۽ اروڙپوءِ به ٻن سون  ورهين تائين هندن جو شهر هو، پوءِ ڦٽو. ڪن جو چوڻ آهي ته الور اصل الرور هو. جيئن ڪن عربي ڪتابن ۾ به لکيل آهي ۽ جڏهن شهر ڦٽڻ کان پوءِ ۽ درياهه جي مٽجڻ کانپوءِ اتي جا ماڻهو لڏي اچي نئين شهر ۾ ويٺا. تڏهين انهيءَ جو نالو روهڙي رکيائون. جو رور مان نڪتل آهي ۽ عربيءَ۾ انهيءَ کي لوهري لکيائون. شاهه شڪر گنج ۽ شيخ محمود قطب جي ڀرسان هڪڙي مسجد به  پوءِ عالمگير بادشاهه يعني اورنگزيب جي ڏينهن ۾ جڙي.

لوهري (روهڙي)

لوهري يا روهڙيءَ جو مٿي اشارو ڏنو ويو آهي ته ڪيئن اروڙ جي ڦٽڻ ڪري اتي جي ماڻهن اچي اهو شهر ٻڌو۽ آن جو نالو به گهڻو ڪري رور مان پيو ۽ هاڻ سڏ جي به روهڙي ٿو. اهو وار مبارڪ ۽ آ ن جي قديم مسجد جي ڪري مشهور هو. اها مسجد سنه 954 هجري (=1545ع) ڌاري جڙي ۽ وار مبارڪ به تڏهين آيو. اهو وار حضرت صلعم جن جي سونهاري جو چوڻ ۾ ٿو اچي ۽ عبدالباقي نالي شخص اتي آندو. جو شيخ نظام الدين جو ناٺي هو ۽ اهو شيخ حضرت ابوبڪر جي اولاد مان هو ۽ لوهريءَ ۾ اچي رهيو هو. اهو هڪ انچ جو چوٿين پتي جيترو مس آهي ۽ سوني قلمدان ۾ رکيل آهي ۽ حج جي ڏينهن ماڻهو انهيءَ جي زيارت ڪندا آهن.

روهڙي جي ٻي مشهور عمارت جامع مسجد آهي.. جا اڪبر بادشاهه جي زماني ۾ فتح خان حاڪم سنه 1583ع ڌاري ٺهرائي هئي. ڏهاڪو ورهيه انهيءَ کان  پوءِ عيد گاهه ٺهي. ٻي جهوني مسجد مير يعقوب علي شاهه جي آهي، جو ڪوٽائي سيدن مان هو. اها  سنه 1677ع ۾ جڙي هئي. شهر جي ڏکڻ ڏي هڪڙيءَ ٽڪري تي درياهه جي بنهه ڪناري تي هڪڙو مقام آهي. جنهن کي ستين جو ٿان چوندا آهن. اتي گهڻيون ئي قبرون آهن. انهن ۾ مکيه قبر آهي. مير قاسم سبزواري سيد جي. جنهن تي سنه1018ع هه لکيل آهي. انهيءَ تي اڃا بتي ٻرندي آيه ۽ انهي کي قاسم شاهه جو ٿان چوندا آهن. انهي سيد جو ذڪر بکر ۾ آيو آهي. اتي ٻيون به ڇهه مکيه قبرون آهن، جنهن ڪري  اڳي ستن جو ٿان چئبو هو، پوءِ ماڻهن ستين  جو ٿان ڪيو ۽ چوڻ لڳا ته اتي ستيون يا پاڪ  ڪنواريون بيبيون حق بخشي اچي انهن ڪوٺين ۾ رهڻ لڳيون ۽ اتي ئي  مري ويون..

انهيءَ جي سامهون روهڙي ۽ بکر جي وچ ڌاري درياه ۾ هڪڙو ننڍڙو ٻيٽ آهي، جتي هڪڙي ننڍڙي مسجد به آهي. انهي کي خواجه خضر جو ٿان چوندا آهن. جتي پوءِ هندو اچي  ڏيو ٻاري پوڄا ڪندا هئا ۽ چوندا هئا ته زنده پير آهي. يعني درياهه شاهه يا  اڏيرو لعل. مسلمانن جي قول موجب شاهه حسين نالي دهلي جو هڪڙو سوداگر پنهنجي نياڻي سميت ٻيڙي تي چڙهيل اچي درياهه تان لنگهيو ۽ حج تي ٿي ويو. اروڙ وٽ دلوراء بادشاهه هن کي روڪيو ۽ زور سان سندس ڌيءَ کسڻ ٿي گهريائين. پر انهي خدا کي مدد لاءِ سوال ڪيو. خواجه خضر هڪدم اچي حاضر ٿيو ۽ درياهه الور ڇڏي بدلجي اتان روهڙي وٽان وهڻ لڳو  ۽ ٻيڙي صحيح سلامت لنگهي ويئي. انهيءَ جي يادگيري لاءِ شاهه حسين اتي هڪڙي مسجد جوڙائي، جيڪا تاريخ اتي اڪريل آهي ۽ جا لفظ” درگاهه اعليَ“ مان ٿي نڪري، سا سنه 341هه آهي، يعني 952ع، پر شڪ آهي ته اهو پهڻ پوءِ ٺاهي اتي هنيو ويو آهي، جن ٻين پهڻن کان پوءِ جو ٿو ڏسجي. مسجد تي تاريخ سنه 1011هه (=1602ع) جي آهي.

بڪار قديم تعلقي بکر جي سان لاڳو هئي ۽ انهيءَ ۾ لوهري جي سيدن جي عزيزن مان ڪي رهندا هئا. انهن ۾ وڏو سيد مير ۽ سندس پٽ سيد شاهه مردان هو ۽ وڏو زميندار هو. انهيءَ جي اولاد مان مير علي شير، سندس پٽ ۽ سيد لطف علي سندس ڀائٽيو هو. انهيءَ جي اولاد ۾ مخالفت هئي ۽ هميشه پيا پاڻ ۾ وڙهندا هئا.

ڀرالوءِ لوهري کان الن ڪوه پنڌ تي آهي. هاڻي رياست خيرپور ۾ آهي، اتي جي بزرگن مان سيد محمد صالح مشهور هو، جنهن جو قبو زيارتگاهه آهي. انهيءَ جي اولاد مان حيات شاهه ۽ ولايت شاهه هئا. ڀرالوءِ کان چئن ڪوهن تي وري ڪنگري آهي. جنهن کي بادشاهپور به چوندا هئا. اتي مشائخن مان هڪڙو شخص عبداڪريم نالي ۽ سندس پٽ عبدالعزيز ناليرا هئا. جڏهن کان پير حزب الله  شاهي. جنهن کير پير پاڳارو ٿا چون ۽ جو حرن جو پير آهي. و اچي ويٺو. تڏهن کان انهيءَ کي پير جو ڳوٺ ٿا سڏين. انهيءَ ۾ به وڏيون مسجدون آهن. انهيءَ پير صاحب ۽ حرن جو احوال تاريخ مان معلوم ٿيندو. اهو پير سيد شاهه علي مڪي جي اولاد مان آهي. جو سنه 711ع ۾ محمد قاسم سان گڏ سنڌ ۾ آيو ۽ لڪي ۾ اچي لٿو. هن بابت منهنجي لکيل شاهه ڀٽائي جي احوال ۾ به ذڪر آهي. پير محمد راشد انهن مان مشهور ٿيو. هن کي تيرهن پٽ هئا. سندس وفات مهل پٽن جي وچ ۾ پڳ تي جهيڙو ٿيو. انهي سيد پنهنجي پٽ صبغت الله  کي وارث ڪيو هو. جنهن ناري جي پاسي گهڻا مريد ڪيا. انهيءَ جي مارڻ جي ٻن ڀائن ڪوشش ڪئي. تنهن ڪري هن جي مريدن پاڻ ۾ گڏجي پڪ ٺهراءُ ڪيو ته پنهنجي پير کان سواءِ سندس ڀاءُ يا ڪنهن به ٻئي عزيز جي فرمانبرداري نه ڪندا. انهي نمڪ حلاليءَ جي ڪري پير صبغت الله هنن کي حرن نالو ڏنو. جيئن حر امام حسين عليه السلام تي ڪربلا ۾ پنهنجو سر ڏنو هو. پر ٻيا مسلمان نفرت کان انهن کي لُر ڪري سڏڻ لڳا، جنهن جي معني ليت يا ناپاڪ آهي. پير صبغت الله جو پٽ علي گوهر شاهه هو. جو مير علي مراد خان خيرپور واري جو همعصر هو. انهيءَ جو احوال مون واريءَ خيرپور واري تاريخ مان معلوم ٿيندو. انهيءَ پير علي گوهر شاهه جو پٽ پير حزب الله شاهه هو. جنهن کي مون به ڏٺو هو.

گهوٽڪي: جنهن کي  اڳي گهوٽه چوندا هئا. سو سنه 1447ع ڌاري پير محسن شاهه ٻڌو. جنهن هڪڙي عاليشان مسجد به منجهس ٺهرائي. هي پيرن جو شهر آهي ۽ اڃا تائين انهي ۾ اهي رهندا آهن. قادر پور وارا پير اصل اچ جا هئا ۽ ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ اتي آيا ۽ جاگيرون ملين. پير گنج بخش شاهه مشهور آهي. انهيءَ جي ڏکڻ اڀرندي ڏي ماٿيلي سو ڦٽل شهر آهي. جو ساڍا ٽي ڪوهه اتان ٿيندو. اتي هڪڙو جهونو قلعو آهي، جو امر نالي هڪڙي راجپوت ٺهرايو هو. جنهن کي چوڏهن سئو ورهيه ٿيندا. ميرپور جو شهر انهيءَ قديم ماٿيلي جي تعلقي ۾ آهي. سو سنه 739ع ڌاري مير مَسُو خان ٽالپر ٻڌو. اهو هاڻي ميرپور تعلقي جو وڏو شهر آهي. انهيءَ کي اڳي مهرڪا به چوندا هئا، جو اتي مهر ماڻهو رهندا هئا.

اوٻاوڙو: هي جهونو شهر سنه 987ع ڌاري جڙيو. انهيءَ منجهه هڪڙي چڱي مسجد آهي جا سنه 960 هجري مطابق سنه 6556ع ۾ شيخ محمد نالي شخص جوڙائي ۽ اهو شهر به انهيءَ جي وڏن ٻڌو هو.

شڪارپور:  هي شهر دائود پوٽن جو هو. سنه 1617ع ۾ جڏهن هنن لکي جي ميرن کي جنگ ۾ شڪست ڏني. تڏهن هيءُ شهر ٻڌائون ۽ پوءِ به سو کن ورهين تائين دائودپوٽن ۽ ڪلهوڙن جي وچ ۾ انهي شهر جي هٿ ڪرڻ لاءِ جهيڙو هليو آيو. ميان يار محمد جي ڏينهن ۾ اهو شهر پنوهرن جي هٿ ۾ هو ۽ انهيءَ جو نالو خدا آباد رکيائون. آخر احمد شاهه دوراني هٿ ڪري منجهس هڪڙو افغان حاڪم ويهاري، انهيءَ کي سيوي جي پرڳڻي سان شامل ڪري ڇڏيو ۽ انهيءَ کان پوءِ افغاني قافلا اتي اچڻ لڳا ۽ واپار وڌڻ ڪري شاهوڪار اچي گڏ ٿيا. اڪثر شهر ۾ سيد ۽ ملا ۽ افغان رهندا هئا. انهن  مان مشهور ماڻهو هي هئا. (1) سيد محمد تقي بخاري ۽ سندس پٽ سيد ابو طالب ۽ سيد مير محمد (2) حاجي فقير الله. اهي ٻئي فضيلت ۽ علميت ۽ پرهيز گاري وارا ماڻهو هئا. نزديڪي ۾ ماڙي جو ڳوٺ آهي، جنهن ۾ لکي پير جي قبر آهي. جنهن جي پٺيان لکيءَ جو ڳوٺ سڏجي ٿو. اتي هڪڙو گرم چشمو به آهي.

کوهڙا: لوهريءَ کان ويهن ڪوهن تي، هاڻي رياست خيرپور ۾ آهي ناهي ۾ هيٺيان مشهور ماڻهو هوندا هئا. (1) قاضي عبدالرحمان. معتبر شريعت وارو ماڻهو هو. مسجد ۾ نماز پڙهندا شهيد ٿيو. سندس پٽ قاضي محمد ۽ قاضي احمدي سندس جاءِ تي ٿيا. (2) منشي عبدالرئوف سهتو، جنهن کي ڪي هنڱورجن جو رهاڪو ٿا چون. اهو  انشاپردازيءَ ۾ ڏاڍو قابل هو. پهرين خانپور ۽ سيوي جي حاڪمن وٽ منشي هو. پوءِ نواب خدايار خان عابسي وٽ آيو ۽ کانئس پوءِ سندس ڀاءُ محمد حفيظ، ميان غلام شاهه ڪلهوڙي وٽ هو.

سيوي: اُن جو قديم نالو سويس هو ۽ انهيءَ کان اڳي ڪاڪا راجه  چوندا هئس. هاڻي عام ماڻهو انهيءَ   کي سبي ٿا چون. بکر جي پرڳڻي ۾ داخل هو ۽ خراسان جي حد تي هڪڙو دڙو آهي. اتي هڪڙو قديم طلسمي گنبذ هو. جيڪو انهيءَ تي مشڪلات سان چڙهي ويندو هو ته ڪي ڪين ڏسندو هو. هڪڙي  ڀيري سلطان محمود خان بکر وارو ٻن هزارن ماڻهن سان ڏاڍي مشڪلات سان گنبذ تي ويو. پر ڪي به ڪين ڏسڻ ۾ آيس. گمان اهو هو ته اتي ڪو خزانو پوريل آهي. اتي ڪپهه جا وڏا وڏا درخت ٿيندا هئا ۽ انهن تي نانگ ويڙهيل رهندا هئا. انهن کي ماري ڀڄائي پوءِ ماڻهو ڪپهه چونڊڻ ويندا هئا. گهڻن کي نانگ ماريندا هئا ۽ گهڻا  ڏنگ کي چهڪ ڏيئي، چوسي زهر ڪڍي بچندا هئا. سيويءَ جي هيٺان هڪڙي گندرف جي پاڻي جي نهر هوندي هئي. جنهن ۾ بيمار ماڻهو وهنجي چڱا ڀلا ٿيندا هئا. انهيءَ تي آبادي به ٿيندي هئي ۽ اهو پاڻي وهي سيوهڻ واري منڇر ڍنڍ ۾ پوندو هو. اتي جي گهوڙن جا سنب جبلن ۾ گسي اهڙا سخت ٿيندا هئا جو نعلن ٻڌڻ جو ضرور نه ٿيندو هو. اتي هڪڙو ڳوٺ چتر نالي آهي. جتي جي رهاڪن کي کيريءَ جا سيد چوندا آهن. هن ڪري جو کير نالي وڻ تي چڙهي انهي کي گهوڙي وانگر چهبڪ هڻي هلائيندا آهن. انهيءَ ڳوٺ کي چتر انهيءَ ڪري سڏيندا آهن. جو اتي گنجابه جي ويجهو هڪڙي جبل جي دامن ۾ لوهه جي پڃري ۾ هڪڙو ڇٽ رکيل آهي، جتي ڪو به ماڻهو ڪنهين به تجويز سان پهچي نٿو سگهي.

متفرقه ۽ مجمل احوال

ڏسڻ ايندو ته بکر ۽ سکر ۽ روهڙي ۾ قديم وقت کان سيد گهڻا رهندا آيا آهن. جن ما ن گهڻا هلندي وارا ۽ قابليت ۽ علميت وارا ۽ پرهيز گار هئا. انهن جو اولاد اڃا به گهڻو آهي. هاڻي اڪثر چار وڏا خاندان آهن. (1) معصومي سيد، جي مير محمد معصوم جو اولاد آهن، جو بابر بادشاهه سان سنڌ ۾ آيو ۽ پاڻ به بکر جو حاڪم ٿيو، اهي هاڻ پراڻي سکر ۾ ٿا رهن، اگرچ ڪي شڪارپور ۽ سيوهڻ ۾ به آهن. اهي سني آهي. (2) ميرڪي سيد. جي ميرڪ بايزيد حسيني بوراني جو اولاد آهن، جو ڏهين هجري صدي ۾ مرزا شاهه حسن ارغون سان هرات مان سنڌ ۾ آيو ۽ بکر جو حڪم ٿيو ۽ پوءِ پنهنجي پٽ عبدالباقي کي جاءِ ڏيئي پاڻ قنڌار ويو. عبدالباقي جي قبر سکر ۾ آهي. اهي زميندار آهي ۽  منجهائن گهڻا شيعا آهن ۽ ٿورا سني آهن. ڪي ميرڪي سيد ٺٽي ۾ به آهن. (3) رضوي سيد. مير محمد مڪئيءَ جو اولاد آهن. جو پهرين بکر ۾ ۽ پوءِ روهڙِ ۾ اچي رهيو. جتي انهيءَ جو اولاد گهڻو آهي ۽ گهڻا خيراتدار آهن ۽ اورنگزيب بادشاهه جون سندون مليل اٿن. (4) لڪياري سيد. سيد علي مدنيءَ جو اولاد آهن. جو نائين انگريزي صدي ۾ ترڪستان يا عربستان مان اچي لڪيءَ ۾ ويٺو. جنهن کي اڳي لڪعلوي چوندا هئا. راشد شاهه سيد به انهيءَ جي هڪڙي شاخ آهن. جي ڪنگري ۾ ويٺل آهن.

سيدن کان سواءِ شڪارپور جي پاسي پٺاڻ گهڻا آهن. جن مان گهڻا پٽه دار آهن ۽ افغان حاڪمن جا پوئلڳ آهن ۽ انهن جي ڏينهن ۾ اتي آيا. ميرپور ۽ اوٻاوڙي جي پاسي وري ڏهر ۽ ڌاريجا ۽ مهر آهن. جي اصل هندو يا راجپوت هئا ۽ سندن سردار ڄام سڏائيندا آهن ۽ وڏا  زميندار آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org