سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: قديم سنڌ

ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو

باب؛ 5

صفحو ؛ 13

 

فصل پنجون – سبزواري يا عربشاهي يا ميرڪي سيد

هن خاندان جو پهريون باني ميرڪ شيخ محمد ولد ميرڪ ابو سعيد بن امير علي شاهه سبزواري عربشاهي هو. جو شيخ جلال الدين بايزيد پوراني جو ڏوهٽو هو. سبزوار مان قنڌار ۾ آيو. اتان وري ان جا پٽ شيخ محمد ۽ مير بايزيد مرزا شاهه بيگ جي قنڌار مان نڪرڻ ۽ سنڌ فتح ڪرڻ وقت ساڻس گڏ سنڌ ۾ آيا ۽ بکر ۾ رهي پيا ۽ اتان وري ميرڪ شيخ محمد ٺٽي ۾ آيو ۽ ورهين جا ورهيه اتي شيخ الاسلام هو ۽ خلق کي علم جو فيض ڏنائين. خوشنويس به چڱو هو. سنه 962 هه ۾ وفات ڪيائين، جو سال ميرڪ آهه آهه مان ٿو نڪري. انهيءَ محلي جي مسجد ۽ قبرستان ۾ رانڪ سندس جوڙايل مشهور آهي. ٽي پٽ ڇڏيائين: ميرڪ شيخ مير محمد. ميرڪ عبدالباقي. ۽ ميرڪ عبدالرحمان. شيخ مير محمد پيءُ جهڙو عالم ۽ فاضل هو ۽ ڪتاب جامع فتاويٰ پوراني سندس تصنيف آهي. سنه 970 هه ۾ وفات ڪيائين. انهيءَ کي اولاد ڪو نه هو، شيخ عبدالباقي پيءُ جي جاءِ تي شيخ الاسلام ٿيو. علم هيئت ۽ اقليدس ۽ حڪمت ۾ طاق هو. اقليدس جون ڪيتريون شڪليون پنهنجون ٺاهيائين. گهڻا عالم کانئس اچي مشڪل حل ڪرائيندا هئا، جيئن ته مولانا عبدالخالق گيلاني. جو مولانا مرزا جان ۽ شاهه فتح الله جو مَٽُ هو. انهيءَ کان پوءِ سندس پٽ شيخ اسلام ٿيو. انهيءَ طرح انهيءَ خاندان مان ناليرا شخص ٿيندا ويا. انهن پونين مان ميرڪ محمد احسن ولد محمد افضل نادر شاهه جي اچڻ تي نئين سر انهيءَ جي حڪم سان شيخ الاسلام مقرر ٿيو ۽ چڱي اوج کان پوءِ سنه 1167 هه ۾ وفات ڪيائين. انهيءَ کي اولاد ڪو نه هو، تنهن ڪري ڀاڻس محمد محسن شيخ  الاسلامي جو مسند تي ويٺو.

انهن ميرڪ شيخن جي اولاد مان  ميرڪ محمد حسين ولد عبدالواسع مجذوب سالڪ ٿي گذريو. ڪشف ۽ حال جو صاحب هو. سائلن جي دلين جي ڳالهه پاڻهي معلوم ڪندو هو ۽ جواب ڏيندو هو. هميشه غيب جون ڳالهيون پيو ڪندو هو ۽ گهڻن جون مشڪلاتون حل ڪندو هو. هن بزرگ جو پٽ ميرڪ عبدالواسع مشهور شاعر ٿي گذريو. انهيءَ جو اولاد پوءِ به هليو هليو. هنن مان ڪي پنهنجي جاگير جي دهورکيه ڳوٺ ۾ رهندا هئا.

شيخ عبدالوهاب ولد شيخ بايزيد بکر ۾ رهيو ۽ انهيءَ جو اولاد اتي ٿيو. جتي ان جو ذڪر آيو. هي شيخ وري ٺٽي ۾ آيو ۽ چڱي حال ۾ رهي سنه 970 هه ۾ وفات ڪيائين.

 

فصل ڇهون- عريضي سبزواري ۽ ڪاشاني سيد

هن خاندان جو پهريون شخص مير عبدالله سلطان هو، جو مير ابوالمڪارم بن مير غياث الدين جو پٽ هو. جنهن کي عام طرح سلطان رضائي العريضي سبزواري چوندا هئا. اهو مشهور خوند مير جو پوٽو هو. جو ڪتاب حبيب السير جو مصنف آهي ۽ اهو سلطان جنيد صفويءَ جو ڏوهٽو هو. هن بابت ٿورو ذڪر بکر ۽ سوستان هيٺ به آيو آهي. شاهه جهان بادشاهه جي زماني ۾ مير عبدالله سلطان پنهنجي ڀآءٌ مير عبدالرسول سان گڏ ٺٽي ۾ آيو. هو قابل انسان هو ۽ چڱو شاعر هو. انهيءَ کي پنج پٽ ٿيا: ميو شڪر الله. مير محمد قاسم، مير عبدالرحمان، مير محمد عارف ۽ مير محمد عالم. انهن کي اولاد ٿيو. جو هلندو هليو. انهن مان پونيون مير ابوالبقا هو، جنهن کي بهره ور علي سڏيندا هئا.اهو مير حيدرالدين ابو تراب استاد ڪامل جو شاگرد هو ۽ وڏو شاعر هو. محمد شاهه دهليءَ جي بادشاهه جي زماني ۾ وفات ڪيائين. ڪتاب تاريخ چراغ هدايت انهيءَ جي تصنيف آهي ۽ اشعار گزيده به. انهيءَ کي پٽ ڪونه هو.

ڪاشاني سيدن جي خاندان جو باني مير غروري ڪاشاني هو. جو مرزا باقيءَ جي وقت  ۾ ڪاشان مان ٺٽي ۾ آيو. جڏهين نواب خانخانان مرزا جاني بيگ کان سنڌ فتح ڪئي. تڏهين مير غروري علحدن هنڌن تي نواب ۽ حاڪم ٿي رهيو. جهانگير بادشاهه جي زماني ۾ ضربخاني جو داروغو هو. وڏو شاعر هو. سندس ديوان ۽ ڪي مثنويون مشهور آهن. هن کي ٻه  پٽ هئا: هڪڙو مير محمد منعم ۽ ٻيو مير جهنگلي. پهريون شاهه جهان جي عهد ۾ پيءُ جي وفات تي سندس جاءِ تي مقرر ٿيو ۽ شاعر به هو. تخلص حسيني هوس ۽ ديوان ڇڏيائين ۽ ٻئي کي پٽ پوٽا ۽ پڙ پوٽا ٿيا، جن مان مير علي يار ۽ مير الهيار يادگيريءَ جهڙا گذريا.

فصل ستون- رضوي بکر سيد

هن خاندان جا وڏا بکر ۾ نالي نشان وارا ٿي گذريا. انهن مان سيد عبدالرزاق ولد سيد جادم هتي مشهور ٿيو. هن جي قبر شيخ حماد جماليءَ جي مقبري جي پٺيان آهي. جو مڪليءَ جي مسجد جي ڏکڻ ڏي آهي. انهيءَ کي اولاد ڪو نه هو، پر سندس ڀآءٌ سيد محمد يوسف. جو سيد مبارڪ شاهه ۽ شيخ دانيال جو مريد هو. سو پنهنجن مائٽن ۽ سئوٽن کي ڇڏي بکر مان ٺٽي آيو ۽ گهڻو وقت مڪليءَ تي گذارڻ لڳو. جتي ميران سيد محمد مهدي جونپوريءَ جو مڪان هو. اهو وڏو اوليآءٌ ٿي گذريو. عباسي قاضين جي خاندان مان شادي ڪيائين. نياڻي ڄايس. جنهن سان پنهنجي ڀائٽي سيد اسحاق ولد مير ڪمال الدين کي بکر مان سڏي شادي ڪرايائين. جو ساڻس رهڻ لڳو. انهيءَ جو اولاد ٿيو. جنهن مان سيد محمد جعفرسجاده نشين ٿيو ۽ پوءِ سيد عبدالڪريم بلڙيءَ  واري جو وڃي خليفو ٿيو ۽ ان جي مريدن جي مهمانداري وغيره جو ڪم سندس ذمي هوندو هو. اهو به ڪرامت وارو هو. چوندا آهن ته هڪڙي رن زال هئي. جنهن کي پنهنجن ٽن ڌين جي شادي ڪرڻي هئي پر  هئي تمام غريب، انهيءَ ڪري هوءَ حيران پريشان رهندي هئي. هڪڙي ڏينهن سيد وٽ اچي نيزاريون ڪيائين. هن ڪاغذ تي ڪي لکي ڏنس ته هي کڻي وڃ؛ پير دادن جي قبر جي نزديڪيءَ ۾ هڪڙي وسئن تو کي نظر ايندي. جتي ان. ڪپڙو ۽ ٻيون ضروري شيون رکيون هونديون، جيڪا گهرج هجيئي. تنهن موجب جيترو کڻي سگهين. تيترو کڻي وڃج. مگر هڪ دفعي؛ وري نه اتي وڃج. هوءَ زال اهو ڪاغذ کڻي پنهنجو پٽ ساڻ ڪري اتي ويئي ۽ کاڌي ۽ ڪپڙي جو مال. ٿانءُ ٿپو، مطلب جيڪي وڻيس، سو اتان کڻي ويئي. زياده جي طمع نه ڇڏي وري به آئي. پر اتي ڪي ڪين ڏٺائين.

سيد محمد جعفر جي جاءِ تي سندس پٽ سيد ڦتو ويٺو. اهو به چڱو درويش هو ۽ چڱو شعر چوندو هو.  پوءِ انهيءَ جو پٽ مير مرزائي يا محمد جعفر ثاني ويٺو ۽ پوءِ انهيءَ جو پٽ سيد حيدر علي.

سيد عنايت الله ولد سيد ڪمال الدين ته عجيب انسان هو. وڏي دولت وارو هو. جيڪي هوندو هوس. سو سڀ خدا جي واٽ ۾ ڏيئي پاڻ پوک ڪري گذران ڪندو هو. هڪڙي ڀيري هن جي پوک ڀلي ٿي. جيڪي زياده ٿيس. سو هن پنهنجي پٽ کي ڏنو ته پير پٺي تي وڃي پنهنجن ڏاڏي پوٽن سيدن کي مهماني ڪري کاراءِ. هو اوڏي ويو. پاڻ فقيراڻي ويس ۾ ڪوزو پاڻيءَ جو کڻي اتي ويو. ڏسي ته پٽس پلاهه ٻوڙ رڌايو چينيءَ جي ٿانئن ۾ رکيو ويٺو آهي. انهيءَ ڪري چڙ آيس، لٺ کڻي سڀ ٿانءَ ڀڃي ڇڏيائين ۽  پوءِ پاڻ هڪڙي طعام مان ٿورو ڪڍي ويهي کاڌائين ۽ پنهنجي ڪوزي مان پاڻي پيتائين. سندس حال اهو فقيراڻو هوندو هو ۽ پٽس دولتمند ٿيو رهندو هو. عمر ۾ پٽ جي گهر ۾ ٻه دفعا مس آيو، جڏهين مڪاشفه ۾ پنهنجي مرڻ جو وقت ويجهو ڏٺائين، تڏهين گهر جي ڪنجي پنهنجي ننڍيءَ ڀيڻ جي هٿ ۾ ڏيئي هليو ويو. سندس وڏيءَ ڀيڻ کي انهيءَ ڪري رنج ٿيو. انهي کي غم ۾ ڏسي چيائين ته تون مون کان  پوءِ هتي گهڻو نه گذاريندينءَ. پوءِ ٿيو به ائين، هن جي مرڻ کانپوءِ سندس پٽ مير ڪمال الدين احمد خان، جنهن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو ته وڏي تجمل سان رهندو هو، سو فاضل خان جو ناٺي هو، جو دولتمند ماڻهو هو انهيءَ علم ۽ هنر ۾ به چڱو نالو ڪڍيو. گهڻا ڪتاب لکيائين. جيئن ته شرح ديوان حافظ ۽ اصطلاحات رضويه. سنه 1132 هه ۾ گذريو. ست پٽ هئس. جن مان ٽن کي اولاد ٿيو. پهريون مير مرتضيٰ جو ٽيهن ورهين جي عمر ۾  عالم ۽ فاضل ٿيو ۽ هنر گهڻا سکيو. سپاهگيري چڱي ايندي هيس. ستن قسمن جا خط يا اکر لکندو هو. مرزا صاحب شاعر جو شاگرد آقاتعظيما جڏهين ٺٽي ۾ آيو. تڏهين هن جا شعر تمام پسند آيس ۽ تخلص الهام ڏنائينس. خيال ائين ڪيل هو ته هي سيد پنهنجي ناني فاضل خان جو جانشين ٿيندو پر جڏهين فاضل مئو ۽ هن وڃڻ جي تياري پئي ڪئي ته بادشاهه جي مرڻ جي خبر پهتي ۽ شاهه عالم تخت تي ويٺو. مير مرتضيٰ هن وٽ ويو ۽ اتي وڏو درجو حاصل ڪيائين. آخر عين جوانيءَ ۾ سنه 1120 هه ۾ وفات ڪيائين. هڪڙو پٽ ذوالفقار علي ڇڏيائين، جنهن کي اولاد ڪو نه هو.

ٻيو پٽ سيد عنايت الله. جو مير غلام علي هو. جنهن کي ٽي پٽ هئا: مير مهر علي. مير نياز علي ۽ مير راز علي انهن کي اولاد ٿيو. جن مان مير محمد شفيع ولد سيد يار محمد مشهور حاڪم ٿيو ۽ لطف علي خان لقب هوس ۽ ٻيو مير محمد رفيع هو. مير نجم الدين به نالي وارو ٿيو. اهو مخدوم محمد معين جو ڀاڻيجو ۽ شاگرد هو. مدرسو رکندو هو ۽ گهڻا ڪتاب تصنيف ڪيائين. ۽ منطق ۽ ڪن بين علمن تي رسالا لکيائين. هڪ هڪ ڏينهن کان وڌيڪ وقت انهن جي لکڻ ۾ نه لڳس. طوطي نامه فارسي لکيائين. جو بخشيءَ جي طوطي نامه کان بهتر هو. شعر به چڱو چوندو هو. تخلص عزلت هوس، حياتيءَ بقا نه ڪيس، نه ته وڏي غنيمت هو. سنه 1160هه ۾ وفات ڪيائين. سندس پٽ مير نثار علي هو. انهيءَ خاندان مان سيد محمد رضا ۽ سيد محمد افضل ۽ سيد محمد زمان ۽ ٻيا چڱي حال ۾ گذاريندا رهيا.

فصل اٺون- بخاري سيد

سيد  محمود بخاري ارغونن جي راڄ ۾ گجرات مان ٺٽي ۾ آيو ۽ سيته جي محلي ۾ اچي رهيو. فرخ واري مسجد جو امام ۽ خطيب ٿيو ۽ عيدگاهه جو به امام مقرر ٿيو. کانئس پوءِ سندس پٽ سيد طيب ۽ پوءِ ان جو پٽ سيد رحمت الله هو. چون ٿا ته جڏهين هيءُ پونيون سيد ننڍو هو ۽ پيءُ سان گڏجي مسجد ۾ آيو. تڏهين مسجد جي در تي هڪڙو ڪامل فقير سيد ابراهيم نالي ويٺو هو. جن عالم انهيءَ جي عمل ۾ هو. انهيءَ هن سيد جي پيءُ کي چيو ته هن ڇوڪر جي ٻانهن مون کي ڏي. سيد کي هن تي اعتقاد هو، تنهنڪري پٽ جي ٻانهن انهيءَ کي ڏيئي ڇڏيائين. فقير انهيءَ کي ڇوڪر کي پاڻ سان وٺي ڪلان ڪوٽ تي ويو. جتي رهندو هو. ٻئي اتي رهڻ لڳا. جڏهين  نيٺ انهيءَ فقير سيد وفات ڪئي. تڏهين امانت انهيءَ ڇوڪر کي ڏنائين يعني سيد رحمت الله کي جو موٽي پنهنجي گهر آيو. انهيءَ جي اولاد مان سيد جهنگل ٿيو ۽ انهيءَ جو پٽ سيد ميرڪ هو. جو نقار چين جي محلي ۾ رهندو هو ۽ عارف ٿي گذريو. انهن سيدن مان سيد لطف الله لڏي راڻيه جي ڳوٺ ۾ وڃي رهيو ۽ پيري مريدي پيدا ڪيائين. پوکن لهڻ تي هن کي چاليهون حصو ملندو هو. انهيءَ جا پٽ سيد محمد فاضل ۽ سيد ساجن  به نالي وارا فقير ٿيا. بخاري سيدن مان پوءَ وري سيد محمد شجاع نالو ڪڍيو، جو ٺٽي جي سيته محلي ۾ مسجد  جامع جو امام ۽ خطيب ٿيو. بيو سيد عبداللطيف بخاري لڏي سيوهڻ وڃي رهيو. انهيءَ جو پوٽو عبداللطيف ثاني سنه 1124 هه ۾ گذريو. جو سال آيت يُرزق من يشاءَ وهو الحڪيم مان ٿو نڪري.

فصل نائون- امير خاني ۽ گيلاني سيد

هن خاندان جو وڏو ڏاڏو امير خان سنڌ جو نواب هو ۽ انهيءَ جو ذڪر سنڌ جي تاريخ ۾ آهي. انهيءَ جو پٽ مير ابوالمڪارم. جنهن جو تخلص شهود هو، سو اميريءَ هوندي فقير ٿيو ۽ ڪامل درويش ٿي گذريو. شاعر به هو ۽ حضرت سليمان ۽ بلقيس جي  مثنوي لکيائين. سيوستان ۾ دفن ٿيل آهي. ان جي پٽن مان مير امين الدين خان حسين ٺٽي جو نواب ٿيو ۽ اتي گذريو. انهيءَ جو پٽ مير متين الدين خان اسماعيل پيءُ جي حياتيءَ ۾ حاڪم ٿيو. انهيءَ جي پٽن مان مير محمد غوث نواب خدا يار خان عباسي يعني نور محمد ڪلهوڙي جي وقت ۾ بخشي هو. انهيءَ جو هڪڙو پٽ مير محمد ڪريم الدين پيءُ جي خدمت ۾ مقرر هو ۽ ٻيو مير ابوالمفاخر وفات ڪري ويو ۽ ٻه پٽ ڇڏيائين. مير محمد گدا ولد نواب امين الدين کي هڪڙو پٽ هو. مير ابوالمڪارم شهود جو ڦٽ مير رضي الدين شاعر ٿي گذريو. فدائي تخلص هوس. سندس ديوان آهي. سنه 1120 هه ۾ گذريو. ان جو پٽ مير حيدرالدين ابو تراب  به شاعر هو. تخلص ڪامل هوس ۽ پاڻ به حقيقت ڪري ڪامل درويش  هو ۽ مريد هئس. تمام پير مرد ٿي وفات ڪيائين. فارسي. سنڌي ۽ هندي ڪتاب سندس مشهور هئا. ڪتاب تحفته الڪرام جو مصنف سندس شاگرد هو ۽ وٽس مشق ڪندو هو. مير حفيظ الدين بن ابوالمڪارم شهود نظم ۽ نثر ۾ قابل هو. پيريءَ ۾ نظر گهٽ ٿي ويس.

هنن سيدن جا سئوٽ قاسم خان نمڪين جا پوٽا هئا. جو بکر ۾ رهندو هو. انهن مان مير محمد رحيم ۽ مير ڪريم ۽ مير ابو النصر ۽ مير شيرافگن ۽ مير محمد اسلم ۽ مير محمد نعيم ۽ مير  قلندر، سڀ  هڪ ٻئي پٺيان چڱو گذاري ويا.

هاڻي گيلاني يا حسني سيدن جو ذڪر ڪنداسين. محمد حسين گليلاني هروي. حضرت پير جي اولاد مان هو ۽ شاهه بيگ ارغون سان هرات مان ٺٽي آيو. مير شهاب الدين. جنهن جو مٿي ذڪر آيو، سو سندس نالي هو. کانئس پوءِ سندس پٽ مير عبدالله سندس  جانشين ٿيو. ان جو تخلص نازڪ هو. انهيءَ کان پوءِ مير عبداللطيف ۽ پوءِ مير عبدالعزيز، پوءِ عبدالله ثاني، پوءِ سيد محمد رضا گذريو. اهو وقت خواجه محمد خليل ٺٽي جي ناظم جو هو. انهيءَ جو اولاد ڪونه هو، پر خواجه مير شهاب الدين. جو مير محمد حسين جو ناٺي هو، تنهن جو اولاد يادگار رهيو. تنهن کان پوءَ سيد  نور شاهه حسني، حضرت پير جي اولاد مان ٺٽي ۾ آيو ۽ شورائي خليفن جي محلي ۾ رهيو. سندس وفات ڪرڻ تي سندس پٽ برخوردار سندس جانشين ٿيو ۽ پوءِ سيد بريشاهه ۽ پوءَ سيد نور شاهه ۽ پوءِ سيد پني لڌو شاهه ٿيو.جو ڪڇ جي ڳوٺ ۾ وڃي رهيو.

فصل ڏهون- علوي خواجه

هن خاندان جو باني خواجه محمد ولد خواجه احمد مشهور شيخ احمد ڄام جي اولاد مان هو. اهو پنهنجي وطن ڄام مان ٺٽي ۾ آيو ۽ قاسم خانين ۾ اچي رهيو. جن جو ذڪر مٿي آيو ۽ پوءَ لڏي ٻئي محلي ۾ وڃي ويٺو. وڏو ڪامل بزرگ هو. جهانگير بادشاهه جي راڄ ۾ ٺٽي منجهه وڏي مرتبي سان رهيو. جي تيموري مغل انهيءَ جا مريد هئا. سندس مرڻ کان پوءِ سندس پٽ خواجه احمد پيءُ جو قائم مقام ٿيو. انهيءَ ٻه پٽ ڇڏيا: هڪڙو خواجه عطآءٌ الله ۽ ٻيو خواجه امان الله. خواجه عطآءٌ الله ته مشهور سخي ٿي گذريو. نقل آهي ته هڪڙي ڏينهن هيءُ خواجه پنهنجي گهر جي در تي بيٺو هو ته هڪڙي زال بازار مان منهن اگهاڙي پئي آئي. خواجه کي ڏسي منهن کڻي چادر سان ڍڪيائين. خواجه چرچي مان پڇيس ته مائي. تون بازار مان منهن اگهاڙي پئي آئينءَ، مون کي ڏسڻ سان منهن کڻي ڍڪيءَ. مائيءَ ورندي ڏني ته جن ۾ منهن کلي ٿي آيس. سي حقيقت ڪري مرد ته ڪين آهن، پر ماڻهو ئي ڪين آهن، پر تو کي جڏهين مرد  ۽ آدمي ڏٺم. تڏهين پردو ڪيم. خواجه کي اهو جواب ڏاڍو وڻيو. انهيءَ وقت پنهنجي جاگير مان سئو خرار ان جا کڻائي پنهنجي ڪمدار کي چيائين ته فلاڻي مائيءَ جي گهر پهچائي آءٌ. جو هن مون کي آدمي سمجهيو آهي.

هن جي وفات کان پوءِ سندس پٽ محمد هاشم جانشين ٿيو ۽ پوءِ انهيءَ جا پٽ خواجه رحمت الله ۽ خواجه فتح الله هئا. باقي خواجه امان الله به ڪامل شخص ٿي گذريو ۽ شاعر به هو. ڪتاب بهمن نامه سندس لکيل آهي. جنهن ۾ ست قصا شعر ۾ لکيل آهن ۽ ٻيو ڪتاب هفت اختر به لکيائين. جنهن ۾ پڻ ست آکاڻيون آهن. انهيءَ ٽي پٽ ڇڏيا. جن جو به گهڻو اولاد ٿيو. جن مان ڪن جا نالا هي آهن: خواجه خير الله، خواجه محمد خليل، خواجه فضل الله، خواجه سيف الله، خواجه سعد الله، خواجه شهر الله، خواجه عنايت الله  ۽ خواجه امير الله. پونيون خواجه اسد الله جو پٽ هو. خواجه شهاب الدين ولد خواجه ڪمال الدين علوي هروي. مشهور خواجه احرار جي اولاد مان هو. جڏهين همايون بادشاهه ايران مان ٿي موٽيو. تڏهين هرات ۾ هو خواجه ڪمال الدين جو مريد ٿيو ۽ انهيءَ کان دعا جي مدد گهريائين. پيءُ جي نظر تي اڪبر بادشاهه خواجه کي گهرايو ته سند قدم بوسي حاصل ڪري. پر هن پيريءَ جو عذر ڏنو ۽ پنهنجي پٽ شهاب الدين کي ڏانهنس دهليءَ ڏياري موڪليائين. جو گهڻو وقت اتي رهي پوءَ موٽي آيو ۽ مير محمد حسين گيلاني هرويءَ جي نياڻيءَ سان شدي ڪرڻ لاءِ جا سندس مڱ هئي. مرزا شاهه بيگ سان گڏيو ٺٽي آيو ۽ اتي رهي پيو ۽ چڱي حال ۾ گذاري ويو. سندس پٽ مير ابو تراب سندس جانشين ٿيو ۽ اڪثر نيرون ڪوٽ جي ويجهو پنهنجي جاگير ۾ رهندو هو، جتي هڪڙو وڏو باغ هوندو هوس. وفات ڪرڻ تي دفن به اتي ٿيو. کانئس پوءِ سندس پٽ خواجه مير قاسم ٺٽي ۾ مشهور ٿيو ۽ پوءَ خواجه محمد مير ۽ پوءِ خواجه محمدشريف. جو  خوشنويس هو ۽ مير سيد علي خوشنويس جو شاگرد هو. انهيءَ کان پوءِ خواجه مرتضيٰ مشهور ٿيو. جو پهرين صاحب زاده دائود خانوٽ رهندو هو. پوءَ ميان نور محمد ڪلهوڙي جو ملازم ٿيو ۽ پوءِ ميان  غلام شاهه جو ستن ئي قلمن ۾ ان جو ثاني ڪونه هوندو هو ۽ طبابت ۾ وري مير عبدالرزاق جو شاگرد هو. شعر ۾ سندس تخلص ”مشرب“ هوندو هو.

فصل يارهون – متفرقه سيد

مٿين مشهور ساداتن جي خاندانن کانسواءِ ڪي ٻيا سيد به ٺٽي ۾ رهندا هئا. جن جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي.

(1) سيد محمد هاشم ولد سيد محمد، مرزا جاني بيگ جو همعصر هو. انهيءَ جو پٽ سيد عبدالقادر به مشهور هو ۽ ڪتاب حديقته الاوليا. جنهن ۾ سنڌ جي ولين ۽ بزرگن جو احوال ڏنل آهي، تنهن جو هو مصنف هو.

(2) سيد محمد حسن. جو مرزا باقيءَ جي متوسلن مان هو. مگر خبر نه آهي. ته اصل ڪٿي جو هو. انهيءَ جو پٽ سيد محمد طاهر نسياني مشهور ٿيو ۽ سنڌ جي تاريخ طاهري انهيءَ جي لکيل آهي.

(3) سيد عبدالغفور ڪامل بزرگ ٿي گذريو. سندس خانداني اصل جي خبر نه پئي سگهي. انهيءَ جا  ٻه پٽ سيد عبدالرشيد ۽ سيد عبدالرئوف نالي وارا ٿيا. سيد عبدالرشيد عالمگير بادشاهه جي زماني ۾ جهان آباد ۾ وڃي رهيو ۽ عربي فارسي ۽ فرهنگ تصنيف ڪيائين؛ هڪڙو فرهنگ منتخب. ٻيو فرهنگ رشيدي. ڪي ڪتاب علم مناظره ۾ به لکيائين. هنن سيدن کي اولاد ڪو نه ٿيو. مير لطف الله ولد محمد شريف شيرازي انهيءَ جو ڏوهٽو آهي.

(4) مير محمد ۽ سندس پٽ مير محمود مشهور هئا، پر سندن اصل جي خبر  ناهي. مير محمود قاسم خاني سيدن مان پرڻيو. چڱي عزت آبروءَ سان گذاريائون. اولاد ڪو نه ٿين.

(5) سيد محمد علي ۽ سيد محمد باقر ٻئي پٽ سيد جميل ويٺل اصل بکر جا ۽ پوءِ جون جي ڳوٺ جا. سي قسمت سانگي لڏي ٺٽي ۾ آيا  ۽ اچي رضوي سيدن واري محلي ۾ ويٺا. پهرئين ڀآءٌ مير عبدالستار نالي پٽ ڇڏيو ۽ ٻئي ڀآءٌ مير محمد فاضل. پونيون چڱو خوشنويس هو ۽ لڏي ڏندڻن ڪڍندڙن جي محلي ۾ اچي ويٺو. مير محمد فاض: کي ٻه پٽ هئا؛ سيد محمد ۽ سيد نظام الدين. جي عالمگير بادشاهه وٽ وڃي منصبدار ٿيا. سيد مير محمد قرآن شريف جو حافظ ۽ طالب علم ۽ خوشنويس هو ۽ بادشاهه مٿس مهربان هوندو هو. آخر هدايت الله مشهور زرين رقم جو شاگرد ٿيو. سيد نظام الدين بادشاهه سان گڏ دکن ۾ ويو ۽ اتي فوت ٿيو. مطلب ته سيد محمد ايڪيهه ورهيه برابر بادشاهه وٽ رهيو ۽  شاهزادي محمد ڪام بخش جو اُستاد ٿيو ۽ انهيءَکي مشق ڪرايائين. بادشاهه جي مرڻ کانپوءِ ٺٽي ۾ آيو ۽ اتي نيٺ اسي ورهين جي عمر ۾ سنه 1150 هه ۾  وفات ڪيائين. انهيءَ جو پوٽو  مير محمد منوره ولد  سيد اعظم فتح باغ ۾ وڃي رهيو. انهن جي اولاد مان سيد عبدالرحيم ۽ سيد جلال ۽ سيد حامد ولد سيد جلال انهيءَ محلي ۾ رهندا آيا.

(6) سيد مير محمد متعلوي وڏو بزرگ هو. خواجگان علويءَ واري محلي ۾ رهندو هو. سومرا ماڻهو سندس مريد هئا. کيس پٽ ڪو نه هو. مگر سندس پوٽو سيد سعد الله ولد سيد بيگ محمد مازندراني هن جي جاءِ تي ويٺو ۽ مشهور ٿي گذريو ۽ سنه 1167 هه ۾ اَسي ورهين جي عمر ۾ وفات ڪيائين. مرزا عبدالڪريم انهيءَ جي خاص مريدن مان مشهور ٿيو.

فصل ٻارهون- ملتاني شيخ

شيخ بهاو الدين زڪريا ملتانيءَ جو اولاد ساريءَ سنڌ ۾ آهي. اُهي پيريءَ مريديءَ جو سلسلو قائم رکندا  آيا آهن. انهن مان جيڪي ٺٽي ۾ هئا. تن مان ڪي نالي وارا ڏجن ٿا؛ سڀني ۾ وڏو پير شيخ عالي هو، جو شيخ بهاوالدين جو ڏهٽو هو ۽ ترخانين جي زماني ۾ سير ڪندو ٺٽي ۾ اچي نڪتو ۽ مير سيد علي شيرازيءَ جي باغ ۾ اچي لٿو. نار وهندڙ جو آواز ٻڌي هڪڙي وڻ جي ڇانو ۾ آرام ڪيائين. باغائي شام جي وقت ڏاند ڇوڙي شهر ڏي ويو. شيخ کي نار جو آواز اهڙو وڻي ويو هو. جو سندس خاطر ساري رات نار پئي وهيو. باغ ۾ پاڻي ايترو گهڻو ٿي پيو. جو وڻن جا چلها ۽ ٻارا ته ڀرجي اٿلي پيا پر گهڻا ننڍا وڻ به ڪري پيا. باغائي اها حرڪت فقير جي سمجهي باغ جي مالڪ سيد عليءَ وٽ دانهين ويو. سيد حڪم ڏنو ته فقير کي باغ کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. فقير کي جو باغ مان ڪڍيائون ته اهو وڻ جنهن هيٺ فقير ويٺل هو ۽ اهو باغ جو چمن جنهن کي فقير اتان ويٺي ڏٺو ۽ خوش ٿيو. سي ساڻس باغ مان نڪري ويا. سيد علي فقيرن درويشن ۾ اعتقاد رکندڙ هو . سو هن کي جڏهين اها خبر ملي، تڏهين هڪدم باغ ۾ اچي فقير جي قدمبوسي ڪيائين. ڪيترن ماڻهن فقير جي اها ڪرامت ڏسي اچي سندس مريدي اختيار ڪئي. انهيءَ کان پوءِ شيخ اڪثر مڪليءَ تي گذاريندو هو ۽ جتي هاڻي دفن ٿيل آهي. اتي وهندو هو. ڪن ڏينهن کان پوءَ شادي ڪيائين ۽ چار پٽ ٿيس. هڪڙو هو ابو محمد. جنهن ننڍي هوندي ئي ڪرامتون ڏيکاريون. هڪڙي ڏينهن ڪٿي بيٺو هو ته مريدن سندس پير ۽ بڪيون گپ ۾ ڀريل ڏٺيون. سبب پڇيائونس. چيائين ته اسان جو هڪڙو مريد ٻيڙيءَ ۾ چڙهيو ٿي آيو، ٻيڙيءَ وڃي گپ ۾ گتي، اسان کي مدد لاءِ سڏ ڪيائين وڃي ٻيڙيءَ کي ڪڍيوسين. جڏهن اهو مريد آيو. تڏهين ڳالهه ڪيائين ته انهيءَ تاريخ برابر ٻيڙي گتي هئي ٻيو پٽ صالح يا فاضل محمد هوس. ٽيون ولي محمد ۽ چوٿون شيخ محمد فاضل. پهريان ٽي پيءُ جي جيئري مري ويا. باقي شيخ محمد فاضل، سو پيءُ جهڙو ڪامل درويش هو. پيءُ جي وفات جي ڏينهن ٽن ڏينهن تائين فقير گڏ ڪري انهن کي ماني کارائڻ جي ڪيائين. شيرازي سيدن کي به انهيءَ ڏينهن فقير کارائڻا هئا. شيخ وٽ وڌيڪ فقير ويندا ڏسي سيد جلال ولد سيد علي شيرازيءَ کي ريس ٿي. فقيرن کي شيخ وٽ وڃڻ کان منع ڪيائين ۽ سيدن جي مانيءَ تي حاضر رهڻ لاءِ زور ڪيائين. شيخ جي ماني تي ته ٻيا ٻاهر جا فقير به گهڻا اچي گڏ ٿيا، پر سيد جي مانيءَ تي ماڻهو ئي ڪونه حاضر ٿيو. جڏهين شيخ کي منت آزي ڪري فقيرن جي اچڻ جي رخصت ورتائين، تڏهين هو فقير اچي گڏ ٿيا. انهن کان پڇيو ويو ته اڳي ڇو نه حاضر ٿيو؟ هنن چيو ته اسين سڄو ڏينهن پئي رُليا آهيون ۽ رات جو وري اچي پنهنجن پهرين پيرن تي بيٺا آهيون. انهيءَ وقت کان پوءَ شيخ ۽ سيد جي پاڻ ۾ دوستي ٿي ۽ اڳتي هڪ ٻئي وٽ پيا ايندا ويندا هئا. شيخ جي اولاد مان شيخ محمد واصل جي نياڻيءَ جي شادي شاهه عبدالله قريشي ملتانيءَ جي پٽ شيخ ضيآءٌ الدين سان ٿي. هنن کي شيخ محمد ملوڪ نالي پٽ ڄائو. جو ننڍي هوندي ئي مري ويو. شيخ  ضياءَ الدين سيرجي لاءِ هندستان ڏي ويو ۽ موٽي نه آيو. ان جو ڀآءٌ شيخ محمد رضا اتي ئي رهيو. جڏهين شيخ محمد واصل وفات ڪئي ۽ اولاد ڪونه هوس، تڏهين هو سجادي تي ويٺو. ڪڪراله تعلقي جي کاري جا قريشي پيرزادا هنن جا سئوٽ آهن ۽ هڪڙي ڏاڏي جو اولاد آهن. شيخ محمد رضا کان پوءِ سندس پٽ شيخ زين العابدين گاديءَ تي ويٺو. پهرين ڪرامتون ڏيکاريندو هو پوءِ گوشه نشين ٿي رهيو ۽ سندس وفات کان  پوءِ سندس پٽ دائم شاهه سندس قائم مقام ٿيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org