سبزل ڪوٽ يا سبزل ڳڙهه
سنه 1218هه (سنه 1803ع) ۾ جڏهن مير غلام علي
خان سنڌ جي گاديءَ تي هو، تڏهن اچ جي هڪڙي آبروءَ
واري سيد ذوالفقار علي شاه کي دادپوٽن جي سردار
محمد صادق خان ستايو ۽ تڪليف ڏني ۽ هو مير وٽ
دانهين آيو. ميرن کي سيدن سان گهڻي محبت هئي، تن
هن جي سفارش خان ڏي لکي؛ پر خان پاڻ اُچ جي سڀني
سيدن کي اڳي کان زياده تڪليف ڏني. تنهن تي مير
ڪاوڙجي طاهر خدمتگار کي وڏي لشڪر سان بهاولپور تي
چاڙهي موڪليو. هن بهاولپور جي حد اندر گهڻا ڳوٺ
ورتا ۽ خان کي اهڙو تنگ ڪيو، جو هن صلح ڪيو، ۽
سيدن کي جيڪا جاگير اڳي مليل هئي، سا هنن کي
ڏنائين، ۽ سبزل ڳڙهه جو قلعو ۽ ان جي آسپاس وارو
پرڳڻو مير کي ڏنائين ۽ خان جو پٽ بهاول خان اول ۾
ڏنائين، جو حيدرآباد وٺي آيا. انهيءَ کي ميرن گهڻو
مان ڏنو. ڪي ڏينهن رکي پوءِ هن کي موٽائي
موڪليائون. انهيءَ وقت کان وٺي سبزل ڪوٽ ميرن جي
هٿ ۾ رهيو ۽ پوءِ خيرپور وارن ميرن جي حصي ۾ آيو.
سکر
اڳي جڏهن بکر وڏو شهر ۽ قلعو هو، تڏهن سکر
انهيءَ جي ويجهو هڪڙو ننڍو ڳوٺ هو. سنه 927هه (سنه
1520ع) ڌاري جڏهن مرزا شاه بيگ ارغون سنڌ جو حاڪم
هو، تڏهن بکر ۾ ڌاريجن ماڻهن فساد ڪيو هو. انهيءَ
جي بند ڪرڻ لاءِ مرزا ٺٽي مان آيو ۽ بکر ڏانهن
ويندي سکر ۾ منزل ڪيائين. سلطان محمود خان بکر
واري، اڳيئي فساد بند ڪرائي ستاويهن ڌاريجن سردارن
کي مارائي ڇڏيو هو. انهن فسادين جون لاشون پورائي
انهن جي مٿان هڪڙو ٺلهه ٺهرائي ڇڏيائين، جنهن کي
خوني ٺلهه يا منارو سڏيندا آهن. سنه 983هه (سنه
1575ع) ۾ اڪبر بادشاهه ڪيسو خان کي موڪليو ته
سلطان محمود خان جي جاءِ تي بکر جو حاڪم مقرر ٿئي.
جڏهن هو بکر ۾ آيو، تڏهن بادشاه وٽان ٻيو حڪم آيو
ته بکر ۽ لوهري محب علي خان ۽ مجاهد خان کي ڏئي ۽
پاڻ فقط سکر هٿ ۾ رکي. پر سلطان محمود خان جي زالن
جي پڪار تي ڪيسو خان کي برطرف ڪري بادشاه سيد مير
عدل کي مقرر ڪيو. سنه 998هه (سنه 1589ع) ڌاري،
جڏهن خان خانان ميان آدم شاه ڪلهوڙي وٽ آيو ۽ هن
کي جاگير ڏيئي ويو، تڏهن آدم شاه ٿوري وقت لاءِ
پنهنجي مرشد لال عيسن جي ملاقات لاءِ ويو. اتي
گهڻا مريد وٽس گڏ ٿيا، تنهنڪري اتي جي زميندارن هن
کي شهيد ڪرائي ڇڏيو. سندس وصيت موجب سندس لاش بکر
۾ آڻي سکر جي هڪڙي ٽڪريءَ تي رکيائون، جا اڃا
تائين آدم شاه جي ٽڪري ٿي سڏجي. سنه 1168هه (سنه
1755ع) ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي پنهنجي پاران ديوان
گدومل کي احمد شاه دورانيءَ ڏي موڪليو ۽ اهو سکر ۾
هن کي اچي گڏيو؛ پر بادشاهه ميان تي ڪاوڙيل هو ۽
ٽن ڏينهن تائين ديوان کي نه گڏيو. پوءِ بادشاهه
ڪوچ ڪري نوشهري ويو. اتي ديوان گڏيس ۽ ميان جي
فائدي ۾ حڪم ورتائين. سنه 1258هه (سنه 1842ع) ۾
جڏهن سرچارلس نيپئر سنڌ جو ريزيڊنٽ مقرر ٿيو، تڏهن
هو سکر ۾ آيو ۽ مير صوبدار ۽ ٻين انهيءَ پاسي جي
ميرن اُتي اچي ساڻس ملاقات ڪئي. (بکر جو احوال مٿي
ڏنو ويو آهي.)
سيوستان (هاڻ سيوهڻ)
راءِ گهراڻي وارن راجائن جي راڄ ۾ جڏهن الور
گاديءَ جو هنڌ هو ۽ سنڌ جي ملڪ جا چار ڀاڍا چئن
قلعن سان هئا، تڏهن انهن مان هڪڙو ڀاڱو ۽ قلعو
سيوستان جو هو ۽ اتي جي حاڪم جي هٿ هيٺ اُتر وارو
ڀاڱا روجهاڻ جي ٽڪرن سميت مڪران جي ٽڪرن سوڌو هو.
سيوستان سڄي پرڳڻي کي چوندا هئا ۽ فقط قلعي کي
سيوهڻ چوندا هئا.
چچ جي ڏينهن ۾ سيوستان جو حاڪم مته نالي
هوندو هو. چچ ڪشمير جي سرحد قائم ڪري موٽي سيوستان
۾ آيو ۽ اتي جو بندوبست قائم ڪيائين. چچ جي مرڻ
کان پوءِ مته قنوج ۾ ويو، انهيءَ لاءِ ته چندر، چڇ
جي ڀاءُ کان ملڪ کسي. ڏاهر جي وقت ۾ هو برهمن آباد
مان ٿي پوءِ سيوستان ۾ آيو، ۽ اتان پوءِ راور جي
قلعي ۾ ۽ پوءِ موٽي الور آيو. انهن چئن ئي هنڌن تي
سال جي اندر چار مهينا گذاريندو هو. محمد قاسم
نيرون ڪوٽ وٺي پوءِ سيوستان آيو ۽ اتي جو آسپاس
ملڪ هٿ ڪيائين. سيوستان جي قلعي وٺڻ ۾ هن کي تڪليف
ٿي. ڏاهر جي پاران سندس سؤٽ بڇيرا ولد چندر اتي جو
حاڪم هو. محمد قاسم ڪلن سان ڀت ڀڃي قلعو ورتو ۽
بڇيرا ڀڄي ويو. انهيءَ جي جاءِ تي هن چند رام هاله
کي ويهاريو، پر هن جي بئي پاسي وڃڻ تي چند رام
فساد ڪري عربن کي ڀڄائي ڪڍيو. تنهن تي محمد قاسم
مصعب ولد عبدالرحمان کي وڏي لشڪر سان سيوستان ڏي
موڪليو، جو چند رام سان وڙهيو ۽ چند رام مارجي
ويو. مصعب ٻيو حاڪم اتي مقرر ڪري ۽ پورو بندوبست
رکي موٽي محمد قاسم ڏي ويو. ڪن ڏينهن کان پوءِ
حجاج جي حڪم موجب قيس عبدالملڪ ۽ خالد انصاري
سيوستان جا نائب مقرر ٿيا. مٿيون احوال سنه 93هه
(سنه 711ع) ڌاري جو آهي. سنه 416هه (سنه 1035ع) ۾
سلطان محمود غزنوي جي حڪم سان سندس وزير عبدالرزاق
لشڪر وٺي پهرين سيوستان يا سيوهڻ ورتو ۽ پوءِ ٺٽي
ويو، جو تڏهن سنڌ جو تختگاهه هو. انهيءَ طرح عربن
جي خليفن جا نائب سيوستان ۾ رهندا آيا. سنه 649هه
(سنه 1251ع) ۾ ناصرالدين محمود دهليءَ مان لشڪر
وٺي سنڌ ۾ آيو، ۽ سيوهڻ ۾ اچي قليچ خان کي حاڪم
مقرر ڪري، پوءِ اُچ ۽ ملتان ڏي ويو. سنه 667هه
(سنه 1297ع) ۾ جلال الدين خلجيءَ جي عهد ۾ مغلن
سيوهڻ اچي هٿ ڪيو، جنهن تي نصرت خان حڪم موجب
ملتان مان سيوهڻ آيو ۽ مغلن سان وڙهي انهن کي
ڀڄائي ڪڍيائين ۽ پوءِ بکر ويو. سنه 721هه (سنه
1231ع) ڌاري سلطان غياث الدين تغلق مَلَڪَ عليشير
کي سيوهڻ جو حاڪم مقرر ڪري موڪليو. سنه 752هه (سنه
1351ع) ۾ ڄام اُنڙ سمو سيوهڻ تي ڪاهي آيو ۽ دهلي
جي بادشاهه جي پاران مَلَڪَ رتن تُرڪ اُتي جو حاڪم
هو، تنهن سان وڙهي اُنهيءَ کي ماريائين ۽ قلعو
ورتائين. وري سنه 768هه (سنه 1367ع) ۾ ڄام تماچيءَ
جي راڄ ۾ سلطان علاءُ الدين جو لشڪر اچي سيوهڻ ۾
سمن سان وڙهيو ۽ اُنهن کي قيد ڪري دهلي وٺي ويو،
جڏهن ڄام سڪندر سمو گاديءَ تي ويٺو هو ۽ هو صغير
هو، تڏهن بکر ۽ سيوهڻ جا حاڪم باغي ٿيڻ لڳا. ڄام
سڪندر مٿن ڪاهي ويو، پر سگهو ئي مري ويو. سنه
896هه (سنه 1490ع) ۾ ڄام نظام الدين جي گاديءَ تي
ويهڻ بعد بکر ۽ سيوهڻ جا سڀ ماڻهو انهيءَ جي پاسي
ٿيا. سنه 962هه (سنه 1519ع) ڌاري ڄام فيروز جي
راڄ ۾ مرزا شاه بيگ ارغون سنڌ ۾ آيو ۽ سيوهڻ ۾ مير
عليڪه ۽ ٻيا سنڀال لاءِ ڇڏي پاڻ شال ڏي ويو.
سگهوئي ڄام صلاح الدين ڄام فيروز کي ٺٽي مان ڀڄائي
ڪڍيو، جو سيوهڻ ۾ آيو ۽ شاه بيگ جي پٽ شاه حسن هن
کي مدد ڏيئي ۽ سيوهڻ جي قلعي جو پورو بندوبست رکي
هليو ويو. سنه 948هه (سنه 1541ع) ۾ همايون بادشاهه
بکر مان نڪري سيوهڻ ۾ اچي منزل ڪئي. مرزا شاه بيگ
جا نائب سلطان بيگ ۽ مير محمد ساربان، جي اُتي
هئا، تن اڳيئي ملڪ آسپاس ويران ڪري ڇڏيو هو ته هو
اُتي نه رهي. مرزا شاه حسن پاڻ به آيو ۽ اچڻ سان
بادشاهه سان وڙهڻ جو سعيو ڪيائين. همايون سيوهڻ کي
گهيرو ڪيو، جو ست مهينا هليو. آخر نااُميد ٿي موٽي
بکر لوهريءَ ڏي هليو ويو. هن جي وڃڻ کان پوءِ مرزا
سيوهڻ جي قلعي کي جيڪا شڪست رسي هئي، تنهن جي مرمت
ڪرائي. سنه 962هه _سنه 1554ع) ۾ مرزا شاهه حسن ٺٽي
مان سيوهڻ ڏي ايندي رستي ۾ مري ويو. سلطان محمود
خان ساڻ هوس. سندس لاش ٺٽي ڏي نيائون. ڪيل ٺهراءَ
موجب سنڌ جو ڏاکڻيون ڀاڱو ٺٽي وارو سندس پٽ مرزا
عيسيٰ کي مليو ۽ اتريون بکر وارو سلطان محمود خان
کي. تنهن تي مرزا شاه مسعود ۽ ڪن ٻين اميرن ناراض
ٿي فساد ڪيو ۽ سيوهڻ اچي هٿ ڪيائون. مرزا عيسيٰ
پننهنجي پٽ محمد صالح سميت لشڪر وٺي اچي هنن سان
وڙهيو. سيد مير ڪلان مير معصوم شاهه بکر واري جي
پيءُ هنن جو صلح ڪرايو ۽ مرزا شاهه مسعود نااميد
ٿي گجرات ڏي هليو ويو. ٻئي سال ۾ مرزا عيسيٰ ترخان
بکر ۾ سلطان محمود سان وڃي وڙهيو، جنهن ڀڄائي ڪڍيس
۽ پٺيان پئي سيوهڻ تائين آندائينس. اُتي مرزا
باهيون ڏيڻ ۽ ملڪ ناس ڪرڻ لڳو. اُتي وري ٻي جنگ ٿي
لڳي، پر وري به سيد مير ڪلان سندن پرچاءُ ڪرايو.
سنه 970هه (سنه 1562ع) ۾ مرزا عيسيٰ جي ٻن پٽن جو
پاڻ ۾ تڪرار ٿيو ۽ هڪڙو مرزا صالح مارجي ويو. ٻئي
کي يعني مرزا باقيءَ کي مرزا سيوهڻ جاگير ڪري ڏنو،
جتي هو وڃي رهڻ لڳو. پر سگهوئي خود مرزا عيسيٰ ۽
سلطان محمود جي وچ ۾ وري به هڪ جنگ سيوهڻ ۾ لڳي ۽
ٻي درٻيلي ۾. آخر سندن وچ ۾ صلح ٿيو. سنه 974هه ۾
جڏهن مرزا عيسيٰ ترخان مئو، تڏهن سندس وصيت جي
برخلاف سندس زال ماه بيگم مرزا محمد باقيءَ کي
سيوهڻ مان سڏائي گاديءَ تي ويهاريو ۽ نه هن جي ٻئي
پٽ خان بابا کي، جنهن جي وصيت ڪئي هئائين. سنه
978هه (1570ع) ۾ اڪبر بادشاهه مرزا محمد باقيءَ جي
ظلمن جو ٻڌي پنهنجو نائب مجاهد خان بکر ۾ موڪليو.
انهيءَ ڪري مرزا باقيءَ ملڪ جي جدا جدا ڀاڱن ۾
پنهنجا پٽ وهاري ڇڏيا. سيوهڻ ۾ پنهنجي وڏي پٽ مرزا
پاينده کي رکيائين ۽ ننڍو جاني بيگ به ساڻس
ڏنائين. پوءِ سگهوئي پاڻ کي ماري ڇڏيائين ۽ اميرن
مرزا جاني بيگ کي سيوهڻ مان سڏي ٺٽي جي گادي تي
ويهاريو. سنه 998هه (سنه 1589ع) ۾ اڪبر بادشاهه
نواب خان خانان کي موڪليو، جو پهرين بکر ۾ آيو ۽
پوءِ لشڪر وٺي سيوهڻ تي ڪاهي آيو. مرزا جاني بيگ
ٺٽي مان لشڪر وٺي آيو. مرزا جي پاران خسرو خان
لشڪر جو مهندار هو ۽ خان جي پاران سيد بهاءَالدين
۽ مير معصوم شاهه بکر وارو. لڪيءَ وٽ سخت جنگ لڳي.
آخر مرزا جاني فقط ٻارهن ماڻهن مان ڀڄي اُنڙپور ڏي
ويو. سگهوئي پوءِ سندن وچ ۾ صلح ٿيو. سنه 1013هه
(سنه 1605ع) ۾ جڏهن اڪبر بادشاهه کان پوءِ جهانگير
تخت تي ويٺو، تڏهن هن عبدالرزاق کي نواب ڪري سيوهڻ
۽ ٺٽي جي مٿان موڪليو ۽ مرزا غازي بيگ کي پاڻ وٽ
سڏائي ورتائين ۽ انهيءَ کي قنڌار ڏي نائب ڪري
موڪليائين. سنه 1059هه (سنه 1649ع) ۾ جڏهن نواب
مغل خان دهليءَ جي بادشاهه جي پاران ٺٽي جو نواب
هو، تڏهن شاه جهان بادشاهه پنهنجي پٽ شاهزادي
اورنگزيب کي سيوهڻ ۽ بکر ۽ ٺٽي جا پرڳڻا، يعني
قريب ساري سنڌ جاگير ڪري ڏني. انهيءَ کان اڳي
ملتان هن جي جاگير هئي. سنه 1150هه (سنه 1737ع) ۾
نواب خدايار خان يعني ميان نور محمد ڪلهوڙو سيوهڻ،
بکر ۽ ٺٽي جي حڪومت تي مقرر ٿيو. سنه 1171هه (سنه
1758ع) ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙو لوهريءَ مان سيوهڻ
آيو، ۽ اُتان الهه آباد ۽ محمد آباد ۾ ويو، جتي
سارو سال گذاريائين. سنه 1259هه (سنه 1843ع) ۾
جڏهن دٻي جي جنگ ۾ مير شير محمد خان سرچارلس نيپئر
جي هٿان شڪست کائي پنجاب ڏي ڀڳو، تڏهن ميرپورخاص
مان ضروري سامان کڻي پهرين سيوهڻ ۾ درياهه جي ڀر
تي چوڌاري کاهي کڻائي ويهي رهيو ۽ سندس ڀاءُ مير
شاهه محمد سندس سامان جي سنڀال تي هو. ڪرنل رائٽ،
جو تڏهن سيوهڻ ۾ هو، تنهن مٿس ڪاهه ڪئي. مير شاهه
محمد سان جيڪي ٽي چار سؤ ماڻهو هئا، سي ڀڄي ويا ۽
شاهه محمد پڪڙجي پيو، جنهن کي هن حيدرآباد ڏي
ڏياري موڪليو. مير شير محمد نڪري پنجاب ڏي ويو ته
راجا شير سنگهه وٽ پناهه وٺي.
سيوي (هاڻي سبي)
سيويءَ ۾ مضبوط قلعو هوندو هو ۽ اهو به سنڌ
جي حدن اندر هو. سنه 925هه (سنه 1519ع) ۾ مرزا شاه
بيگ ارغون قنڌار مان سيويءَ تي ڪاهه ڪئي. اتي جو
حاڪم تڏهن پيرولي برلاس هو. انهيءَ کي فتح پور۾
شڪست ڏيئي سيويءَ ۾ رهي پيو ۽ اتي گهڻيون عمارتون
۽ باغ جهوڙايائين ۽ پوءِ موٽي قنڌار ويو. سنڌ ۾
تڏهن ٺٽي ۾ ڄام نظام الدين حاڪم هو. انهيءَ جي
پاران دريا خان مغلن سان وڃي وڙهيو، پر ڄام نندي
جي مرڻ ڪري سنڌي موٽي ٺٽي آيا ۽ مغل پرتي ويا. ٻئي
سال ۾ جڏهن ڄام فيروز سنڌ جي گاديءَ تي هو، تڏهن
مرزا شاه بيگ پنهنجي ڀاءُ کي سيويءَ ۾ ڇڏي پاڻ
لشڪر وٺي سنڌ ڏي آيو ۽ باغبان مان لنگهي ٺٽي جي
ويجهو آيو، جتي ڄام جي پاران دريا خان اچي ساڻس
وڙهيو ۽ مارجي ويو. پوءِ ٺٽو ڄام فيروز کي ڏيئي
شاه بيگ موٽي سيوي ۽ شال ۾ آيو. سنه 930هه (سنه
1023ع) ۾ مرزا شاهه حسن بکر مان سيويءَ ڏي ويو، جو
اُتي ارغونن ۽ هزارا واريءَ قوم جو تڪرار ٿي پيو
هو. اُتي تڪرار لاهي، سيويءَ جي قلعي جي ازسير نو
مرمت ڪرائي، پنهنجا نائب ويهاري، موٽي بکر آيو.
سنه 961هه (سنه 1553ع) ڌاري مرزا شاه حسن بکر تي
مير شاه محمود کي مقرر ڪيو. سلطان محمود خان تڏهن
سيويءَ ۾ هو. بکر ۾ فساد ٿيڻ تي ماءُ جي پيغام
پهچڻ شرط سلطان محمود خان آيو ۽ بکر جو ڪوٽ هٿ
ڪيائين ۽ ٻين کي هڪالي ڪڍيائين. سنه 1069هه (سنه
1684ع) ڌاري ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي وقت ۾
سيويءَ جو حاڪم مرزا خان پني هو، تنهن جي ميان سان
جنگ لڳي، پر سگهو ئي سندن وچ ۾ صلح ٿيو ۽ ميان
نصير محمد دهليءَ جي بادشاه اورنگزيب عالمگير ڏي
ويو. پوءِ به پني جا افغان سيويءَ ۽ شڪارپور جا
حاڪم ٿيندا آيا. سنه 1224هه (سنه 1712ع) کان پوءِ
جڏهن شاهزادو معزالدين سنڌ ۾ آيو، تڏهن ڪلهوڙا
شاهي لشڪر سان وڙهيا ۽ ميان دين محمد گرفتار ٿيو.
شاهزادي سيويءَ جي حاڪم بختاور خان کي مارائي غازي
خان دودائي کي اتي مقرر ڪيو ۽ سگهوئي انهيءَ کي
برطرف ڪري انهيءَ جي ڀاءُ مَلَڪ الهه بخش کي
رکيائين ۽ پوءِ اسلام خان ۽ قائم خان ناهرن کي؛ پر
انهن مان ڪنهين ڪين خاطريءَ جهڙو بندوبست رکيو،
تڏهن ميان يار محمد ڪلهوڙي کي خدا يار خان جو خطاب
ڏيئي سيويءَ جو حاڪم ڪيائين. ميان سيويءَ تي پهرين
پنهنجي ڀاءُ مير محمد کي رکيو، ۽ پوءِ محمد داؤد
خان کي. رحيم خان پرانڪ ۽ دولت خان پني فساد ڪيو،
پر اُهي سڀيئي سزاياب ٿيا. پوءِ به گهڻن ڏينهن
تائين داؤدپوٽن ۽ ڪلهوڙن سرائين جي وچ ۾ جهيڙو
هليو؛ پر نيٺ ڪلهوڙا زور وٺي ويا. سنه 1142هه (سنه
1729ع) ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي وقت ۾ مراد
ڪيلري گنجو، سيويءَ جو حاڪم ٿيو، جنهن اتي جي
سردارن قيصر خان مگسي گنجابه يا گندا واهه واري کي
۽ ميري رند شورڻ واري کي ۽ بهرام لاشاري سيويءَ
واري کي ۽ ميري بلري ڪجيءَ واري کي ۽ ٻين کي ماري
مڃايو. سنه 1151هه (سنه 1738ع) ۾ جڏهن نادر شاهه
سنڌ ۾ آيو، تڏهن شڪارپور دائودپوٽن کي ڏنائين ۽
سيوي افغانين کي، جيئن ڪي ورهيه اڳي هوندو هو.
شاهه بندر
سنه 963هه (سنه 1555ع) ڌاري، يورپين ماڻهن
ٺٽي تي ڪاهه ڪري نقصان رسايو، تنهن کان مرزا عيسيٰ
ترخان شاهه بندر نئون ٻڌو. سنه 1172هه (سنه 1759ع)
کان پوءِ ميان غلام شاهه ڪوج جي ڦٽل ڳوٺ ۾ آڻي شهر
ٻڌو ۽ اُتي هڪڙو قلعو ٺهرايائين. انهيءَ شهر جو
نالو شاهه بندر ۽ قلعي جو نالو شاه ڳڙه رکيائين.
پنهنجي پٽ سرفراز خان کي اتي رکيائين ۽ پاڻ پنهنجن
ڀائن سان وڙهڻ لاءِ نڪتو. سنه 998هه (سنه 1589ع) ۾
جڏهن نواب خان خانان اڪبر جي حڪم موجب سنڌ ۾ آيو،
تڏهن هو مرزا جاني بيگ تي ڪاهي آيو، پر قلعو وٺي
نه سگهيو؛ تنهن ڪري پاڻ ٺٽي ۾ رهيو ۽ شاه بيگ کي
شاه ڳڙه ڏي موڪليائين ۽ سيوهڻ ۽ ٻين پاسن ڏي ٻيا
موڪليائين. ابو القاسم ارغون قلعي کي بچائڻ جي
ڪئي، پر شاه بيگ ارغون وڙهي قلعو هٿ ڪيو. سنه
1202هه _سنه 1787ع) ۾ تيمور شاه بادشاه کان
عبدالنبي مدد وٺي آيو ۽ مير فتح علي خان سان وڙهڻ
نڪتو ۽ انهيءَ کي شڪست ڏنائين. مير سهراب انجام
موجب مير سان شامل نه ٿيو ۽ شاه ڳڙه ۾ وڃي لڪي
ويهي رهيو.
شاهپور
سنه 1173هه (سنه 1760ع) ۾ ميان غلام شاه
شاهپور جي نئين ٻڌل شهر ۾ اچي لٿو ۽ پنهنجي پٽ
سرفراز خان کي به شاه ڳڙه مان گهرائي ورتائين. پر
هوا ۽ مٽي اتي ايتري گهڻي ٿي، جو سنه 1178هه (سنه
1765ع) ۾ ڪڇ ڏي وڃڻ ۽ اُتي صلح ڪري موٽڻ کان پوءِ
شاهپور جي پراڻي شهر ۾ اچي لٿو ۽ نئين کي ڇڏي
ڏنائين. سنه 1197هه (سنه 1783ع) کان پوءِ مير فتح
علي خان خدا آباد کي ڇڏي اچي شاهپور ۾ رهيو ۽ اتان
حيدرآباد جي قلعي وٺڻ لاءِ لشڪر موڪليائين. مير
فتح علي خان پاڻ ۽ ڪي ٻيا مير اتي شاهپور جي ويجهو
دفن ٿيل آهن، جنهن هنڌ کي هاڻي قبا شهداد ٿا چون.
شڪارپور
اڳي انهيءَ هنڌ ڌاري گهاٽا ٻيلا هئا ۽ حاڪم
اتي شڪار لاءِ ايندا هئا ۽ انهيءَ ڪم لاءِ شڪار
گاهه مقرر هئا. داؤد خان ڪلهوڙن جي ڏاڏي کي اهو
هنڌ مليل هو، جنهن جو اولاد داؤد پوٽا هئا ۽ اُهي
انهيءَ هنڌ جا مالڪ هئا. داؤد جي اٺين پيڙهي بهادر
خان هو، جنهن کي اورنگزيب بادشاه وٽان لکي ۽
خانپور جاگير ٿي مليا. انهي جو اُٻاوڙي جي مهرن جي
سردار شير خان سان تڪرار ٿيو، جنهن لکي کسي پنهنجي
هٿ ڪئي. طرفين جي وچ ۾ سخت جنگ لڳي ۽ داؤد پوٽن
فتح ڪئي ۽ لکي موٽي ورتي. پوءِ انهيءَ فتح جي
يادگيريءَ لاءِ شڪارگاهه جو جهنگ وڍائي ميدان صفا
ڪرائي اتي شهر ٻڌايائون ۽ انهي جو نالو شڪارپور
رکيائون. اُهو سال سنه 1026هه (سنه 1617ع) هو، جو
فارسي لفظ ”غوڪ“ مان ٿو نڪري، جنهن جي معنيٰ ڏيڏر
آهيححي ۽ جو شهر جي لکي دروازي واري حاجي فقير
الله واريءَ مسجد جي هڪڙي پهڻ تي اُڪريل آهي. ميان
دين محمد ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ شڪارپور ۽ سيويءَ جا
حاڪم پنيءَ جا افغان هئا. انهن سان ڪلهوڙن جو
جهِيڙو هليو. جڏهن سنه 1124هه (سنه 1712ع) ۾
شاهزادو معزالدين آيو، تڏهن ڪلهوڙا انهيءَ جي لشڪر
سان وڙهڻ لڳا، جنهن ۾ ميان دين محمد گرفتار ٿي
پيو. پر انهيءَ کان پوءِ ميان يار محمد جي ڏينهن ۾
وري ڪلهوڙا زور وٺي ويا. شڪارپور ۾ تڏهن پنوهر زور
هئا، انهن کان ڪلهوڙن شڪارپور هٿ ڪيو ۽ اتي پنهنجو
شهر ٻڌائون، جنهن کي خدا آباد سڏيائون ۽ اتان
آسپاس جو ملڪ وٺڻ لڳا. ميان يار محمد خدا يار خان
جي خطاب سان سيويءَ جو حاڪم مقرر ٿيو ۽ پوءِ بکر
آيو. داؤد پوٽن ۽ پنين جو فساد ٿيو، جو هن اچي بند
ڪيو. اهي ڳالهيون سنه 1130هه (سنه 1717ع) ڌاري
ٿيون. يار محمد کان پوءِ ميان نور محمد جي ڏينهن ۾
سنه 1139هه (سنه 1726ع) ۾ هو وري به داؤد پوٽن سان
وڙهيو ۽ نيٺ انهن کي جيتي اچي شڪارپور ۾ رهڻ لڳو.
پر 1150هه (سنه 1737ع) ۾ جڏهن نادر شاه آيو، تڏهن
هن شڪارپور وري داؤد پوٽن کي ڏني ۽ سيوي افغانن
کي، جيئن اڳي هو. سنه 1197هه (سنه 1782ع) کان پوءِ
جڏهن ميان عبدالنبي گاديءَ تي هو، تڏهن تيمور شاه
بادشاه سنڌ تي ڪاهيو ۽ سندس لشڪر جو سردار عزت يار
خان هو، تنهن کي مير بجار خان شڪارپور وٽ شڪست
ڏني، اگرچ داؤد پوٽا، بروهي، افعان ٻيا سڀ شاهي
لشڪر سان شامل هئا. تنهن تي تيمور شاه پاڻ آيو،
اچي مير بجار خان کي ڏاڍي آبرو ڏنائين ۽ ميان
عبدالنبيءَ کي سنڌ جو پڪو حاڪم ڪيائين. سنه 1207هه
(سنه 1792ع) ۾ ڪن ماڻهن جي چورت تي تيمور شاهه وري
سنڌ تي ڪاهي آيو ۽ مير فتح علي خان سامهون ٿيڻ
لڳس، پر پوءِ صلح ڪيائون ۽ شاهه مير کي پڪو حاڪم
مقرر ڪيو. سنه 1218هه (سنه 1803ع) ۾ شاهه شجاع
الملڪ سنڌ تي ڪاهه ڪئي ۽ مير غلام علي خان لشڪر
وٺي شڪارپور آيو، پر پوءِ ڍل مقرر ڪري پٺ تي موٽي
ويو. سنه 1230هه (سنه 1814ع) ۾ شاه شجاع الملڪ
عظيم خان کان ڀڄي حيدرآباد ۾ آيو. مير ڪرم علي خان
لشڪر ڏيئي شڪارپور ۾ آڻي رهايس. عظيم خان ايوب شاه
کي لشڪر ڏيئي هن کي ڀڄائڻ لاءِ شڪارپور آيو. ٻئي
لشڪر وڙهڻ لاءِ تيار ٿيا، پر سگهو ئي ميرن ٻارهن
لک رپيا ڏيڻ قبول ڪيا ۽ شاه شجاع اتان ڀڄي لڌياني
هليو ويو. سنه 1233هه (سنه 1817ع) ۾ وري راجا
رنجيت سنگهه نهال سنگهه جي هٿ هيٺ لشڪر سنڌ ڏي
موڪليو. مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان
انهيءَ کي سامهون ٿيڻ لاءِ شڪارپور ۾ لشڪر گڏ ڪيو،
پر انگريزن جي دست اندازيءَ ڪري صلح ٿيو. سنه
1244هه (سنه 1828ع) ۾ مير مراد علي خان جي وقت ۾
شاهه شجاع الملڪ وري به ڀڄي سنڌ ۾ آيو ۽ شڪارپور
جو شهر ۽ ان جي پيدائش هن کي رهڻ ۽ خرچ لاءِ ڏني
ويئي، پر مير جي مرڻ تي شاه شجاع الملڪ اُتي جو
مالڪ ٿي ويهي رهيو ۽ آغا اسماعيل شاه، جو شڪارپور
جو ناظم هو، تنهن جي اطلاع ڏيڻ تي مير نور محمد
خان لشڪر موڪليو، جنهن سان خيرپور جو لشڪر به شامل
ٿيو. طرفين جي وچ ۾ جنگ ٿي. گهڻا ماڻهو مئا.، آخر
صلح ٿيو ۽ شاه شجاع ٻارهن لک رپيا وٺي نڪري هليو
ويو. سنه 1258هه _سنه 1842ع) ۾ سرچارلس نيپئر ميرن
سان عهدنامو ڪيو ته مير انگريز سرڪار کي شڪارپور،
ڪراچي، سبزل ڪوٽ ۽ عمرڪوٽ ڏيئي ڇڏين ۽ ٻيا به ڪي
شرط هئا. ميرن پهرين اُنهيءَ تي صحيح نه ٿي ڪئي،
پر آخر ڪيائون.
شهدادپور
هيءُ شهر مير شهداد خان ميان يار محمد
ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ ٻڌايو هو، ۽ جڏهن ڪلهوڙن جي
گادي جو هنڌ خدا آباد هو، تڏهن هو پنهنجن سڀني
بلوچن سان گڏ اُتي رهندو هو، جن مان گهڻا شاهپور ۾
دفن ٿيل آهن، جنهن هنڌ کي قبا شهداد چوندا آهن.،
سنه 1189هه (سنه 1775ع) ۾ ميان سرفراز جي ڀڄي وڃڻ
کان پوءِ ٽالپرن سندس ڀاءُ محمود خان کي خدا آباد
جي گاديءَ تي ويهاريو، پر راڄي ليکيءَ ٻين ڪن سان
منصوبن ڪري کاهيءَ ۾ وڃي ميان عبدالنبيءَ کي
گاديءَ تي ويهارڻ جو بندوسبت ڪيو. سنه 1190هه
(سنه 1776ع) ۾ مير بجار خان ڇهن هزارن بلوچن سان
شهدادپور تعلقي ۾ لانياريءَ جي ڳوٺ وٽ ڪلهوڙن کي
شڪست ڏني، جن جا سردار تاجو ليکي ۽ ڪي ٻيا هئا.
انهيءَ ميان غلام نبيءَ کي ماري ڇڏيو ۽ پاڻ ڀڄي
ويو. سنه 1194هه (سنه 1781ع) ۾ جڏهن مير بجار، مير
عبدالله ۽ مير فتح خان ماريا ويا، تڏهن ميرن
شهدادپور ڇڏي ڏني، جتي بلوچن جو ديرو هو، ۽ جڏهن
مير فتح علي خان سنڌ ورتي، تڏهن پهرين خدا آباد ۾
۽ پوءِ حيدرآباد ۾ وڃي ويٺا.
عمرڪوٽ
عمرڪوٽ يا امرڪوٽ عمر سومره ولد دودي سومري
جو ٻڌل هو، جو سنه 793هه (سنه 1390ع) ۾ گاديءَ تي
ويٺو ۽ 35 ورهيه بادشاهي ڪيائين. اهو ظالم شمار
ڪيل هو. عمر ۽ ماروئيءَ جو قصو سنڌ ۾ مشهور آهي.
سنه 949هه _سنه 1542ع) ۾ مرزا شاه حسن جي وقت
همايون بادشاه شير شاه افغان کان ڀڄي سنڌ ۾ آيو ۽
اچي سنڌ ۾ رهيو ۽ اُتي انهيءَ سال جي رجب مهيني جي
پنجين تاريخ اڪبر بادشاه ڄائو. راڻيءَ جو نالو
حميده بانو هو. عمرڪوٽ تڏهن ننڍڙو ڳوٺ هو، تنهنڪري
همايون اتان نڪري جونپور ۾ درياه جي ڪناري تي اچي
رهيو. سنه 967هه (سنه 1559ع) ۾ مرزا عيسيٰ ترخان
جي ٻنهي پٽن محمد باقي ۽ محمد صالح جي پاڻ ۾ جنگ
لڳي. مرزا عيسيٰ محمد صالح جي فائدي ۾ هو، تنهن
ڪري محمد باقي شڪست کائي ونگ منجهان عمرڪوٽ ۾ آيو
۽ اتان جيسلمير مان لنگهي بکر ۾ سلطان محمود خان
وٽ آيو. مرزا غازي بيگ جي وقت ۾ سنه 1508هه (سنه
1599ع) ڌاري ابو القاسم سلطان ولد شاه قاسم ارغون
سوڍن سان وڙهي عمرڪوٽ ورتو. هو مرزا جانيءَ جو
سالو هو. سنه 1152هه (سنه 1739ع) ۾ جڏهن نادر شاه
سنڌ تي ڪاهي آيو، تڏهن ميان نور محمد ۽ سندس پٽ
محمد مراد ياب خان ڪلهوڙا ٺٽو ڇڏي عمرڪوٽ جي قلعي
۾ وڃي لڪا، پر نادر شاه هنن جي مٿان وڃي بيٺو ۽ هو
لاچار ٿي اچي پيش پيا. اتان نادر شاه جا امير سنڌ
جي جدا جدا ڀاڱن ۾ پکڙي پيا. سنه 1168هه (سنه
1755ع) ۾ ميان محمد مرادياب خان سنڌ جي گاديءَ تي
ويٺو. هو عمرڪوٽ هو. جڏهن ديوان گدومل سندس لاءِ
بادشاهه کان سُندَ ۽ نواب سريبلند خان جو لقب وٺي
آيو، تڏهن هو عمرڪوٽ کان ٺٽي آيو ۽ رستي ۾ نصرپور
وٽ تاجپوشيءَ جي رسم ادا ڪئي ويئي. سنه 1190هه
(سنه 1777ع) ۾ ميربجار خان حج پڙهي موٽي آيو ۽ سڌو
عمرڪوٽ ۾ وڃي رهيو، ۽ کوسن کي اتان ڀڄائي ڪڍيائين.
ميان غلام نبيءَ کي تاجو ليکي هڪڙي لشڪر ساڻ وٺي
آيو ۽ اچي ڪوٽ کي گهيرو ڪيائون؛ پر فتحياب نه ٿيا.
تڏهن الهه بخش جهنجڻ دغا ڪري مير کان وڃي معافي
گهري. جنهن تي مير عمرڪوٽ کان نڪري ٻاهر ٿيو ته
تاجي ليکيءَ ٻن هزارن ماڻهن سان ڪوٽ وڃي والاريو.
تنهن تي ميربجار ڇهه هزار لشڪر وٺي ٽيهن هزارن
ڪلهوڙن تي ڪاهي ويو. ڪلهوڙا نڪري لانياريءَ وٽ
آيا، جتي جنگ لڳي ۽ شڪست کاڌائون ۽ ميان غلام نبي
مارجي ويو، سنه 1194هه (سنه 1781ع) ۾ ميان
عبدالنبيءَ جي چوڻ تي بجيسنگ جوڌپور جي راجا ڪي ٻه
ماڻهو موڪلي مير بجار خان کي دغا سان مارايو،
انهيءَ لاءِ ميان راجا کي عمرڪوٽ ڏيئي ڇڏيو.
انهيءَ وقت ڌاري جڏهن عبدالنبيءَ جي مدد لاءِ
تيمور شاه مدد خان سردار لشڪر سان موڪليو، تڏهن
مير عمرڪوٽ ۾ هئا. مير عبدالله خان بلوچن جو لشڪر
وٺي هن کي سامهون ٿيڻ لاءِ نڪتو. گهڻي لکپڙهه کان
پوءِ مدد خان عمرڪوٽ ۾ آيو ۽ مير فتح خان کي ٺڳاري
پڪڙي وٺي ويو. پر پوءِ هو نڪري ڀڄي وڃي مير
عبدالله ۽ مير فتح علي خان سان گڏيو، جي تڏهن دين
ڳڙهه ۾ هئا. ميرن جي سانباهي جو ٻڌي مدد خان
عبدالنبيءَ کان بيزار ٿي هن کي ڇڏي هليو ويو ۽
پوءِ عبدالنبي لاچار ٿي اچي مير جي پيش پيو. سنه
1201هه (سنه 1786ع) ۾ جوڌپور جي راجا ٻه هزار
ماڻهو عمرڪوٽ ۾ آڻي ويهاريا، جو اهو ڪوٽ ميان
عبدالنبيءَ هن کي ڏنو هو اتفاق سان واٽ ويندي
اُنهن جو جهيڙو مير سهراب خان جي ڀاءُ مير غلام
محمد جي ماڻهن سان ٿي پيو، جو هو ٿَرَ جي شڪار تي
آيل هو. مير جا گهڻا ماڻهو مارجي ويا. تنهن تي مير
سهراب، مير فتح علي خان جي مدد سان عمرڪوٽ تي ڪاهي
آيو ۽ راجپوتن کي ماري ملڪ ڦري وير وٺي هليو ويو.
سنه 1229هه (سنه 1813ع) ۾ مير ڪرم علي خان ۽ مير
مراد علي خان عمرڪوٽ جوڌپور جي راجا کان کسي ورتو
۽ انهيءَ کان پوءِ سندن هٿ ۾ رهيو. سنه 1258هه
(سنه 1842ع) ۾ سرچارلس نيپئر ميرن سان عهدنامو
ڪيو، جنهن موجب عمرڪوٽ، سبزلڪوٽ، شڪارپور ۽ ڪراچي
انگريز سرڪار کي مليا. |