باب پنجون
تته يا ٺٽي جو بيان
ڀاڱو پهريون-ساداتن بابت
ٺٽو يا نگر ٺٽو تمام جهونو شهر آهي. چون ٿا ته اڳي انهيءَ هنڌ
سمنڊ جو کارو پاڻي هو، جو پوءِ سڪي پٽ ٿيو ۽ جڏهين
الور جو شهر ڦٽو ۽ درياهه سوستان يا سيوهڻ کان وهڻ
لڳو ۽ جڏهين سومرن حاڪمن جو وڏو شهر محمد طور ڦٽو
۽ سما ڄام حاڪم ٿيا. تڏهين مڪليءَ جي ويجهو سامائي
جو شهر ٻڌائون ۽ پوءِ آسپاس ملڪ آباد ٿيڻ لڳو. ڄام
نظام الدين يا ڄام نندي سنه 900 هه جي پڇاڙيءَ ۾
نجومين کان پڇيو ته ڪهڙو نئون شهر ٻڌجي ۽ ڪهڙي هنڌ
ٻڌجي. هنن اها جاءِ ٻڌائي، جو انهيءَ هنڌ جي
اڀرندي باغ هئا ۽ مهاڻا ماڻهو اتي ويٺل هئا ۽ زمين
هيٺانهين هئي يعني لهه تهه جنهن جي معنيٰ آهي،
هيٺانهين ڪن جو خيال آهي ته ٺٽ چون ماڻهن جي گوڙ
کي ۽ ٺٽ چون خشڪ ميدان کي. شايد انهن مان نالو
نڪتو هجي. ٺٽ نالي ڳوٺ سنڌ ۾ ٻئي هنڌ به آهي. حڪيم
عبدالرزاق اصفهان جي ذڪر ڪندي لکيو آهي ته تته اصل
يونان جي زمين جو ڀاڱو آهي. شايد انهيءَ جي معنيٰ
ته سڪندر يونانيءَ جي هٿ هيٺ آيو. گهڻو ڪري اڳوڻو
ديبل يا ديول جو بندر. جو ساڪري جي پرڳڻي ۾ هو. سو
ويران ٿيو. تڏهين انهيءَ ۽ ٻين شهرن جا ماڻهو سڀ
اچي اتي گڏ ٿيا ۽ ٺٽ ڪيائون. ڪي تاريخ وارا ٺٽي کي
سڪندر وارو پٽالو شهر ٿا ڄاڻن. انهيءَ ۾ ته شڪ
ڪونهي ته انهيءَ شهر درياهه جي پائڻ ڪري جايون پئي
مٽايون آهن. ٽي ڀيرا ته باهه ساڙي ناس ڪيس؛ پهرين
سنه 1521ع ۾ مرزا شاهه بيگ ارغون ۽ پوءِ سنه 1555ع
۾ فرينچ ماڻهن ۽ پوءِ سنه 1591ع مرزا جاني بيگ
جڏهين اڪبر لشڪر کي سامهون ٿي ٿيو، مطلب ته جيسين
ڪلهوڙن سنڌ جو تختگاهه حيدرآباد ڪيو. تيسين ٺٽو
تختگاهه رهيو.
هڪڙو ڀيرو ته وبا طاعون ان کي ناس ڪيو ۽ اسي هزار ماڻهو منجهس
مري ويا.
ان جي قديم عمارتن مان جامع مسجد آهي. جا شاهه جهان بادشاهه جي
حڪم سان سنه 1647ع ۾ جڙي تيار ٿي ۽ نو لک رپيا مٿس
لڳا. ٻي دٻگرن جي مسجد آهي. جا شهر جي وچ ۾ آهي،
جنهن کي جڙئي اٽڪل ٽي سئو ورهيه ٿيندا ۽ امير خسرو
خان ٺهرائي هئي. جڏهين مرزا عيسيٰ ترخان جي ڏينهن
۾ اتي جو نواب هو.
ٺٽي جي بزرگن جي احوال شروع ڪرڻ کان اڳي هڪ ٻه عجيب ڳالهيون جي
ٺٽي ۾ ٿي گذريون ۽ جي ڪتاب تحفته الڪرام ۽ معلومته
الافاق ۾ لکيل آهن، سي ڏجن ٿيون:
عالمگير بادشاهه جي راڄ جي پڇاڙي ۾ ٺٽي جي هڪڙي زال کي اچي ويم
جا سور ٿيا. ڇهه ڏينهن برابر اهي سور رهيس. آخر
ڇوٽڪارو نه ٿيو. پوءِ هڪڙيءَ ران جي پاڙ ۾ هڪڙو
ڳوڙهو ظاهر ٿيس. جو ڦاٽو ۽ انهيءَ مان ٻار ڄائو.
اها ڌيءَ هئي. اهو زخم پوءِ مرهم سان ڇٽايو ويو ۽
اها ڇوڪري به ست ورهيه جيئري. هئي ۽ پوءِ مري
ويئي.
عنايت خان نالي افغان ٺٽي جو رهندڙ هو. انهيءَ جي زال ويم جي
سورن ۾ مري ويئي. انهيءَ کي وڃي دفن ڪيائون. دستور
موجب سنديس مائٽياڻيون سندس قبر تي وينديون رهيون.
ٽن ورهين کان پوءِ هو قبرستان ۾ ويون. انهن جي
ٻارن مقام ۾ راند پئي ڪئي ته اوچتو هڪڙيءَ قبر مان
هڪڙي ننڍڙي ٻار منهن ڪڍيو. تنهن کي ڏسي ٻار ڊڄي
ويا ۽ رڙيون ڪرڻ لڳا. انهيءَ تي زالون اتي ويون.
ڏسن ته عنايت خان جي زال جي قبر مان اهو ٻار نڪتو
هو. جو هيستائين مئل مآءٌ جي ٿڻن تي پئي پليو. پر
جهنگلي حالت ۾ هو. نه ڳالهايائين ٿي. نه ڪا سمجهه
هيس. ڏاڍن حيلن سان انهيءَ کي پڪڙي وٺي آيا. رحمت
خان نالو رکيائونس. گهڻا ورهيه جيئرو هو. پوءِ
سنه 1155 هه ۾ مري ويو.
فل پهريون – انجوي شيرازي سيد
هاڻي اسين ٺٽي جي قديم ماڻهن جو ذڪر ڪنداسين. پهرين سيدن جو
ڪنداسين. جن جا خاندان گهڻا هئا ۽ جن مان گهڻا
مشهور ٿي گذريا، پهرين انجوي شيرازي سيدن جو ذڪر
ٿا ڪريون.
هن خاندان جو پهريون شخص جو سنڌ ۾ آيو. سو سيد محمد هو. جو
پنهنجي پٽ سيد احمد سان گڏ سنه 786 هه ۾. جو سال
ابجد جي حساب سان بسم الله الرحمٰن الرحيم مان ٿو
نڪري، ڄام صلاح الدين بن تماچيءَ جي وقت ۾ آيو ۽
ماڃر جي پرڳڻي ۾ مراد اوٺي جي ڳوٺ ۾ اچي رهيو.
انهيءَ سيد کي ميران محمد ڪري سڏيندا هئا. مرڻ کان
پوءِ انهيءَ ڳوٺ ۾ دفن ڪيو ويو. ليڪن سندس پوٽي
سيد علي ثانيءَ جي ڏينهن ۾ مڪليءَ تي قبو ٺهيو ۽
انهيءَ ۾ هن جي لاش ڪڍي رکي ويئي. سيد محمد جي
وفات کان پوءِ سندس پٽ سيد احمد هن جو جانشين ٿيو.
هن سيد جي نسبت ۾ ذڪر لکيل آهي ته هڪڙي ڏينهن شيخ
عيسيٰ جي ملاقات لاءِ ساموئي ۾ ويو. شيخ وٽ قاضي
نعمت الله عباسي اڳيئي ويٺو هو، جو وڏو عالم ۽
فاضل شمار ڪيل هو. شيخ سيد جي ڏاڍي تعظيم ڪئي، پر
قاضي چُريو ئي ڪين. ڳچ تائين صحبت ڪري جڏهين سيد
اٿيو. تڏهين هن کي اڳي کان به زياده تعظيم ڏنائين.
هن جي وڃڻ کان پوءِ قاضيءَ شيخ کان ايتري تعظيم
جو سبب پڇيو. شيخ چيو ته هن جي پيڙهيءَ مان هڪڙو
قطب پيدا ٿيڻو آهي. جو مون ڏٺو؛ جي حياتي هونديم
ته انهيءَ جو آءٌ مريد ٿيندس. پر سيد احمد کي
قاضيءَ جي بي پرواهيءَ ڪري گهڻو رنج ٿيو. انهيءَ
رنج جو اهو اثر ٿيو ته جڏهين قاضي پنهنجي گهر ويو.
تڏهين سندس نظر گم ٿي ويئي ۽ انڌو ٿي پيو. حيران
ٿيو. انهيءَ رات سندس ڌيءَ فاطمه خواب ڏٺو. جنهن
مان معلوم ٿيو ته سيد جي بي ادبيءَ کان ائين ٿيو
آهي. آخر اها پنهنجي ڌيءَ جنهن جو نالو فاطمه هو،
سا سيد کي نڪاح ۾ ڏنائين ۽ هن کي لڏائي آڻي پنهنجي
گهر ۾ وهاريائين. انهيءَ کي چار پٽ ٿيا: سيد علي،
سيد جعفر، سيد محمد شريف ۽ سيد محمد حسين. سيد
احمد سنه 845 هه ۾ وفات ڪئي ۽ عباسي قاضين جي مقام
۾ دفن ڪيو ويو.
سيد عليءَ کي ٻه پٽ هئا؛ هڪڙو سيد جلال ۽ ٻيو سيد جمال. ٻئي وڏا
بزرگ ۽ ڪرامتن وارا ٿي گذريا. سيد جلال جو پٽ سيد
علي ثاني فقير ٿيو ۽ گهڻا حج ڪيائين ۽ مخدوم نوح
جو مريد ٿيو ۽ سندس وفات سنه 971 هه ۾ ٿي ۽ مڪليءَ
تي رکيو ويو. ڪتاب آداب المريدين سندس تصنيف آهي.
انهيءَ جو پٽ سيد جلال ثاني پيءُ ڏاڏي جي سجادي
تي ويٺو مرزا باقي ترخان جي ڀآءٌ مرزا صالح پنهنجي
نياڻي هن کي ڏني ۽ مرزا محمد باقي انهيءَ نسبت ڪري
هن کي اڪبر بادشاهه جي حضور ۾ رهڻ لاءِموڪليو ۽
اتي فوت ٿيو. سندس پٽ سيد مير محمد سندس جانشين
ٿيو. پوءِ انهيءَ جو پٽ مير زين العابدين. جنهن کي
مير لطف الله چوندا هئا. سو مشهور ٿي گذريو. شاعر
به هو. عالم به هو. ڪتاب ضررالبشر انهيءَ جي تصنيف
آهي. سندس تخلص شعر ۾ قانع هو. سنه 1130هه ۾ وفات
ڪيائين. جو سال رضواعنه مان نڪري ٿو. انهيءَ جا ٻه
پٽ ٿيا؛ سيد غلام علي ۽ سيد عبدالولي. انهن جو
اولاد هليو هلي.
سيد جعفر ولد سيد احمد سنڌ مان لڏي گجرات ويو ۽ اتي شادي ڪيائين
۽ سيد احمد پٽ ڄائس ۽ انهيءَ جو اولاد اتي رهيو.
سيد محمد شريف ولد سيد احمد کي سيد لطف الله پٽ ٿيو ۽ انهيءَ جو
اولاد پشت به پشت هليو. انهيءَ جي اولاد مان سيد
لطف الله، شاهه عنات صوفي جو مريد ٿيو ۽ شاهه
اسماعيل صوفيءَ جي خدمت ۾ رهيو. انهيءَ جي اولاد
مان سيد ياسين ۽ سيد فضل علي هئا. سيد محمد حسين
ولد سيد احمد وڏو بزرگ ٿي گذريو. جيئن مٿي چيو
ويو، تيئن هن جي ڄمڻ جي خوشخبري شيخ عيسيٰ لنگوٽي
۽ ڪن ٻين اوليائن ڏني. سندس ڄمڻ جو سال قرت عين
آهي. يعني سنه 831هه تڏهين ڄام فتح خان بن ڄام
اسڪندر سمي جو راڄ هو. چون ٿا ته جڏهين هيءُ سيد
ڄائو، تڏهين اکيون نٿي پٽيائين. جڏهن شيخ عيسيٰ
آيو. تڏهين پٽيائين. شيخ چيو ته الحمدلله. جنهن جي
مريد ٿيڻ جو مون کي انتظار هو. سو آيو. انهيءَ
کان پوءِ ٽئين ڏينهن شيخ وفات ڪئي. هن سيد جي
ڪرامتن جو توڙي ٻيو احوال ڪتاب تذڪرة المراد ۾ ڏنل
آهي. جو حاجي محمد حسين صفائيءَ جو لکيل آهي.
انهيءَ سيد جا گهڻا مريد ٿيا. انهيءَ ڪتاب ۾ لکيل
آهي ته شيخ بهاوالدين ملتانيءَ جو پوٽو شيخ
صدرالدين ٺٽي ۾ هن سيد جي ڏسڻ لاءِ آيو. پوءِ ٻئي
گڏجي جامع مسجد ڏي هليا. رستي ۾ هڪڙو مثل ٻلو پيو
هو. شيخ انهيءَکي لت هڻي چيو ته جيئرو ٿيءُ ته
جيئرو ٿي پيو. پوءِ مسجد ۾ ويهي هڪڙي خادم کي
چيائين ته ٻاهر جيڪو ماڻهو منهن پويئي، اهو وٺي
آءٌ. هو هڪڙي برهمڻ هندوءَ کي وٺي آيو. شيخ جي
تصرف سان هو اچڻ سان بسم الله جون چوڏهن معنائون
ٻڌائي ويو. شيخ جون اهي ڪرامتون ڏسي سيد محمد حسين
چيس ته سائين مئي کي جيارڻ بدعت آهي. جو ٻيو دفعو
هن کي موت جي تڪليف ڏسڻي پوندي؛ مگر مئل دل کي
جيارڻ مشائخن جي سنت آهي. شيخ اها ڳالهه قبول ڪئي
۽ فرمايو ته تون برابر مشائخن جي مراد آهين ۽ تو
مان گهڻن جون مرادون حاصل ٿينديون. انهيءَ وقت کان
وٺي سيد جو لقب مراد ٿي ويو. سيد وري شيخ کي حليم
جو خطاب ڏنو. ڪتاب جو نالو تذڪرة المراد به انهيءَ
ڪري ٿيو. هن سيد جي نشاني صفه واري مسجد آهي. جا
اصل لکير نالي هندوءَ جو گهر هو. جو ڄام نندي جو
ديوان هو. انهيءَ کي سيد دعا ڪئي هئي ته تنهنجو پٽ
مولو نالو ڪڍندو ۽ گهڻو رهندو. شهر جي اتر ۾ وڃي
رهيو. مولو لٽئي پوءِ ايامن تائين مشهور هو. هن
سيد سنه 893 هه ۾ وفات ڪئي. هو عباسي قاضين مان
پرڻيو هو ۽ ٽي پٽ ٿيس: سيد منصور، سيد نعمت الله ۽
سيد حماد. هر هڪ جو گهڻو اولاد ٿيو. انهيءَ مان
مشهور مير محمد محسن ٿيو. جو مير مرزا جان جو ناٺي
ٿيو، انهيءَ جو اولاد به گهڻو ٿيو.
فصل ٻيو- مشهدي سيد
سنه 901 هه ۾ سيد يعقوب ۽ سيد اسحاق ٻئي ڀائر مشهد مقدس مان لڏي
ڄام نظام الدين جي وقت ۾ ساموئي ۾ آيا. سيد يعقوب
ته وڏو ڪرامت وارو هو. چون ٿا ته شينهن تي سوار ٿي
اچي لٿو هو. ست سومريون ڇوڪريون عمر ڪوٽ سمي حاڪم
جي ظلم کان اچي وٽس ساموئي ۾ لڪيون هيون، جن جو
مٿي ذڪر آهي. سنه 922 هه ۾ وفات ڪيائين. سندس قبر
ساموئي ۾ آهي. انهيءَ جو الاد ڪو ڪڪراله ۾ آهي ۽
ڪو ٻين هنڌن تي. ٺٽي ۾ سندس اولاد مان هڪڙو سيد
ملوڪ شاهه نالي وارو ٿيو ۽ قاضي صدوءَ جو مريد ٿيو
۽ انهيءَ جي قبر به انهيءَ قاضيءَ جي ويجهو آهي ۽
ٻيو سيد جلال الدين، جنهن جا ٻه پٽ هئا: سيد
خيرالدين ۽ سيد شريف. انهيءَ جو به گهڻو اولاد
ٿيو. انهن مان هڪڙو سيد ابوالمڪارم هو، جو سيد علي
ولد سيد شرف الدين جيلانيءَ جو خليفو ٿيو. جو سيد
ان وقت ٺٽي ۾ آيو هو. جهانگير بادشاهه گذران جو
چڱو بندوبست ڪر ڏنس. ۽ جڏهين خسرو خان چرڪس سندس
حويليءَ جي پاسي ۾ جامع مسجد ٺهراِئي. تڏهين
انهيءَ سيد کي انهيءَجو متولي مقرر ڪيائين. سندس
وفات جي تاريخ (ستون دين فتاد) آهي. انهن سيد مان
ٻيو به هڪڙو سيد محمد قاسم بن سيد محمد مشهور
ٿيو. جو سيد عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو خليفو ٿيو.
انهيءَ جي وفات جي تاريخ (في جنته عاليه) آهي.
انهيءَ جو پٽ سيد فقيرمحمد سندس جانشين ٿيو. پوءِ
انهيءَ جو پٽ محمد عابد ۽ پوءِ انهيءَ جو پٽ سيد
حامد شاهه. انهيءَ کي اولاد ڪونه هو، تنهن ڪري اهو
سجادو انهيءَ جي ناٺيءَ سيد نظر عليءَ کي مليو، جو
پير مرد شيرازي انجويءَجي اولاد مان هو ۽ انهيءَ
جو سجاده نشين به هو. هاڻي به سيد عبدالڪريم شاهه
جي خلافت انهيءَ جي اولاد جي ذمي آهي.
فصل ٽيون- شيرازي شڪر الـٰـهي سيد
قاضي سيد شڪر الله ولد سيد وجه الدين سنه 906 هه ۾ هرات مان
قنڌار ۾ آيو ۽ اتان سنه 927 هه ۾ شاهه بيگ جي حڪم
سان ٺٽي ۾ آيو ۽ مرزا شاهه حسن جي زماني ۾ اتي جو
قاضي مقرر ٿيو. تاريخ طاهريءَ ۾ لکيل آهي ته قضا
جي ڪم ڪندي مرزا شاهه حسن هن جي انصاف ۽ بي
ريائيءَ جو امتحان ورتو. هڪڙي سوداگر کان گهوڙا
خريد ڪيائين ۽ پيسن کان جواب ڏنائينس. سوداگر
قاضيءَ وٽ دانهين ويو. قاضي ڊپ کان سواءِ بادشاهه
کي يعني شاهه حسن کي دستور موجب گهرائي هن سان گڏ
بيهاريو ۽ پوءِ فيصلو ڪري اٿي مرزا کي گڏيو ۽ مٿي
وهاريائينس. ڳالهين ڪندي مرزا شاهه حسن ڪپڙن جي
اندران خنجر ڪڍي ڏيکاريس ۽ چيائينس ته مون هي
لڪائي آندو هو ته جي تون قاضي ٿي منهنجي پاسداري
ڪندين ۽ هن جو حق وڃائيندين ته هن خنجر سان تو کي
اتي جو اتي ماريندس. تڏهين قاضيءَ وري پنهنجي مسند
جي هيٺان لڪل ترار ڪڍي ڏيکاريس ۽ چيائينس ته مون
به اڳيئي اهڙو احتياط ڪيو هو، جو ڄاتم ته جي
بادشاهه شريعت جي برخلاف ڪو قدم کڻندو ۽ ٻيو ڪو
سندس برخلاف ڪي به نه ڪري سگهندو ته هن ترار سان
شرعي سياست بجا آڻيندس، پر انهيءَ هوندي به ڪن
ٿورن ورهين کان پوءِ قاضي سيد شڪر الله انهيءَ ڪم
کي مشڪل ۽ ڳرو ڄاڻي استعيفا ڏني ۽ پنهنجي جاءِ تي
اُچ واري قاضي شيخ محمد کي مقرر ڪرايائين.
سيد شڪر الله انصارن جي قبيلي مان شادي ڪئي، جي شيخ عيسيٰ
لنگوٽي سان گڏ برهانپور مان آيا هئا ۽ ٺٽي ۾ اچي
رهيا هئا. کيس سيد ظهير الدين پٽ ٿيو. جو سندس
جانشين ٿيو. سيد شڪر الله سان گڏ ٽي سيد ٻيا به
آيا هئا: سيد منبه ۽ سيد ڪمال ۽ سيد عبدالله هن
سيد پنهنجي اولاد کي وصيت ڪري ڇڏي هئي ته مشڪلات
جي وقت انهن ٽنهين سيدن مان هڪڙي جي مدد وٺجو. ان
موجب سندس اولاد مان ڪن پيڙهين تائين ڪي هڪڙي سيد
جي بلي ٿيا، ڪي ٻئي جي ۽ ڪي ٽئين جي. سيد ظهير
الدين کي ٻه پٽ هئا: هڪڙو شڪر الله ثاني، بيو
عبدالرحمان.
سيد شڪرالله ثانيءَ جي نشاني سندس جوڙايل مسجد باقي آهي. انهن
جو ججهو اولاد ٿيو. جو پيڙهين تائين هليو. انهن
مان سيد شاهه ولي ولد سيد ابوالقاسم مخدوم رحمت
الله جو شاگرد هو ۽ ڪتاب تحفته المجالس لکيائين.
علم ۽ شعر ۾ نالو ڪڍيائين. 1150هه ۾ ڪڪراله تعلقي
۾ جيڪا سندن جاگير هئي. تنهن جي ڳوٺ جڳت پور ۾
وفات ڪيائين. سندس لاش کڻائي ٺٽي آيا ۽ اتي دفن
ڪيائون.
سيد ظهيرالدين جي ٻئي پٽ سيد عبدالرحمان کي ٽي پٽ هئا. انهن جو
اولاد به گهڻو ٿيو. جن مان سيد غلام اوليآءٌ وڏو
عالم. فاضل ۽ اوليآءٌ ٿي گذريو ۽ ڪرامتون
ڏيکاريائين ۽ جوانيءَ ۾ وفات ڪيائين. مهيني جي 21
تاريخ سندس مريد سندس مقبري تي زيارت لاءِ
اينداهئا ۽ ختمو ڏيندا هئا ۽ ماني ورهائيندا هئا.
سيد شڪر الله ثانيءَ جو هڪڙو پٽ سيد نور محمد به ڪامل شخص ٿيو ۽
سندس پڙ پوٽو سيد محمد ناصر ولد سيد عطآءٌ الله
مشهور پرهيزگار شخص ٿي گذريو. چون ٿا ته هن پنهنجي
عمر ۾ ڪڏهين ڪنهن به زال جو منهن نه ڏٺو ۽ نه ئي
نر ۽ ماديءَ جي سڃاڻپ هوندي هيس. نقشبندي طريقي جو
مريد ٿيو. هن جي ڏينهن ۾ ڏڪار اچي پيو. جو مينهن
ڪونه ٿي وٺو. ماڻهن کي سخت تڪليف پهتي ۽ اوليائن
کي سوال ڪرڻ لڳا. هڪڙي اولياءَ ڪنهن کي جواب ۾ چيو
ته جنهن ماڻهوءَ عمر ۾ ڪنهن زال کي نه ڏٺو هجي. سو
جي استسقا جي نماز پڙهائيندو ته مينهن پوندو ۽ ملڪ
۾سڪار ٿيندو. ٺٽي شهر ۾ پڇا ڪرايائون. سواءِ هن
سيد جي ٻيو ڪو هٿ نه آين، پر هن اهڙي ڪرامت جهڙي
ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو. ماڻهن قاضي محمد حسين کي
وٽس ميڙ نيو، بلڪه انهيءَ سيد جي والده کي زور
ڪيو. جنهن جي چوڻ تي آخر هن سيد نماز پڙهائي ۽
انهيءَ ڏينهن تمام چڱو مينهن پيو ۽ ماڻهن کي خوشي
حاصل ٿي، پر عجيب اتفاق اهو ٿيو. جو انهيءَ جي
ٽئين ڏينهن سيد وفات ڪئي. هن سيد کي اولاد ڪو نه
هو. هنن سيدن مان هڪڙو سيد نظام الدين ثاني ولد
نور محمد ثاني به مشهور عالم ٿي گذريو. جهان آباد
۾ ويو ۽ ڪتاب فتاوي عالمگيريءَ جي تصنيف ۾ گهڻي
مدد ڪيائين ۽ مشڪل مشڪل مسئلا حل ڪيائين. بادشاهه
پگهار مقرر ٿي ڪيس، پر اهو قبول نه ڪيائين. آخر
وفات به اتي ڪيائين. انهيءَ کي به ٻه پٽ هئا: سيد
عرب شاهه ۽ سيد احمد. سيد احمد کي گهڻو اولاد ٿيو.
سيد شڪر الله ثانيءَ جو ٻيو پٽ سيد ظهير الدين به عالم ۽ فاضل ۽
پرهيز گار هو. سندس پٽ محمد مقيم به جهڙس هو.
انهيءَ جو پٽ سيد محمد ڪاظم ته عجيب احوال وارو
هو. ٻه ٻه ٽي ٽي ڏينهن ننڊ ۾ هوندو هو، پر اها ننڊ
نه هئي بيداري هئي. جو ستي ذڪر قلبي پيو ڪندو هو ۽
اڪثر فاقي ۾ رهندو هو. انهيءَ جو پٽ سيد عزت الله
به عالم ۽ فاضل هو ۽ سنه 1161 هه ۾ گذريو ۽ ڇهه پٽ
ڇڏيائين، جن مان مير عظيم الدين مشهور شاعر ٿيو.
ٻيو سندس مشهور پٽ مير علي شير هو، جو ڪتاب تحفته
الڪرام جو مصنف هو ۽ قانع تخلص هوس. انهن ڇهن پٽن
جو گهڻو اولاد ٿيو، جو اڃا جاري آهي.
فصل چوٿون- مازندراني يا لودي سيد
هن خاندان جو پهريون شخص سيد بدرالدين هو، جو مازندران مان نڪري
عتبات عاليات جي زيارت ڪندو 967 هه ۾ سمنڊ جي رستي
ديول بندر تان ٺٽي ۾ آيو ۽ ساڪوره يعني ساڪره جي
پرڳڻي جي هالن جي ڳوٺ ۾ پهتو. جتي سيد سلطان شاهه
برقعه پوش رهندو هو، جنهن کي لودي سڏيندا هئا.
انهيءَ جي نياڻيءَسان سيد بدرالدين شادي ڪئي. جنهن
مان ٽي پٽ پيدا ٿيا: سيد لودي. سيد جنيد ۽ مير
ڪمال الدين محمد. پهريان ٻه اتي گذريا. ليڪن ٽيون
ڪمال الدين محمد ٺٽي ۾ آيو ۽ اڪثر مڪليءَ جي بزرگن
جون زيارتون ڪندو هو. اتي اتفاق سان سيد ظهير
الدين شڪر اللهيءَ سان ملاقات ٿيس. جنهن جي صحبت ۾
گهڻو رهندو هو. آخر وفات به ٺٽي ۾ ڪيائين. انهيءَ
کي ٽي پٽ هئا: مير ابو الفتح، مير مظفر ۽ مير
عبدالخالق. مير ابو الفتح جي پٽن مان هڪڙو مير
عبدالعلي وڏو مشرع عالم ٿي گذريو ۽ ٺانٺارن واري
محلي ۾ هندن جي هڪڙي ٽڪاڻي جي جاءِ تي مسجد
ٺهرايائين. جنهن جا نشان اڃا موجود آهن. هنن سيدن
جي اولاد مان سيد جمال الدين بن مير عبدالعلي جهان
آباد ۾ وڃي رهيو، پر عمر جي پڇاڙيءَ ۾ موٽي سنڌ
آيو ۽ لوهريءَ ۾ وڃي رهيو ۽ اتي اولاد ٿيس. ٺٽي ۾
هنن سيدن جو اولاد سنگتراشن جي محلي ۾ هوندو هو.
سيد ڪمال الدين جي اولاد مان وري سيدمحمد ملوڪ مشهور اوليآءٌ
ٿيو. حضرت پير جي خليفن مان هو ۽ شاهه دادن جي
درگاهه جي پاسي ۾ رکيل آهي. ربيع الثاني مهيني جي
ٻارهين تاريخ اتي ماڻهو گڏ ٿيندا آهن. نواب لشڪر
خان جي ڏينهن ۾ سنه 1071 هه ۾ بٺوري جي پرڳڻي ۾
سرڪاري عملدار مقرر هو. هڪڙو هندو پاڻ کي موحد اي
ايڪائي سڏائڻ لڳو. تنهن سان وڙهيو ۽ انهيءَ ويڙهه
۾ شهيد ٿيو. وصيت ڪيائين ته منهنجو جنازو کڻي
هلجو؛ جتي پاڻهي لهي. اتي دفن ڪجو. شاهه دادن وٽ
جنازو لٿو ۽ اتي دفن ڪيائونس ۽ اها زيارتگاهه ٿي.
هنن سيدن مان سيد علي ولد عبدالقدوس خوشنويسيءَ ڪري مشهور ٿيو.
هو مخدوم الياس جو شاگرد هو ۽ انهيءَ بزارگ جا ٻيا
ڪيترا شاگرد به خوشنويس ٿيا. |