بُڪيرا
هي ڳوٺ نصرپرر جي اوريان ٽن ڪوهن تي آهي. شيخ فاضل شاهه، جو شيخ
بهاوالدين زڪريا ملتانيءَ جي اولاد مان هو. سو
هزار ۽ ڪن ورهين جي سنه ۾ اچي اتي رهيو. چون ٿا ته
انهيءَ وقت ڌاري آمريءَ جو مقام پُران جي ڪناري
تي هو ۽ شيخ بهاوالدين ملتانيءَ جي يادگيري جو
نشان هو. انهيءَ جا مريد ۽ فقير اتي اچي گڏ ٿيندا
هئا. مخدوم نوح جي مريدن زور زبردتيءَ سان اهو اچي
هٿ ڪيو. شيخ بهاوالدين جا مريد انهن سان پڄي نه
سگهيا. سي ملتان ڏي ڀڳا ۽ شيخ جي روضي تي دانهين
ٿي ويٺا. انهيءَ وقت ڌاري شيخ جي اولاد مان هڪڙو
وڏو بزرگ شيخ شهرالله نصرپور ۾ اچي لٿو ۽ رهڻ لڳو.
شيخ فاضل شاهه کي پٽ ڪونه هو. نياڻي هيس سان کڻي
شهرالله کي ڏنائين ۽ انهيءَ کي پنهنجو ناٺي
ڪيائين. پوءِ درجي بدرجي انهيءَ شيخ آمريءَ وارو
اڳوڻو مقام آباد ڪيو ۽ شيخ ملتانيءَ جا مريد اڳي
وانگي اتي گڏ ٿيڻ لڳا. انهيءَ شيخ کي ٻه پٽ ٿيا؛
هڪڙو شاهه سراج الدين ۽ ٻيو شاهه قائم الدين. قائم
الدين شاهه کي اولاد ڪونه ٿيو. سراج الدين شاهه جي
بادشاهه وٽ گهڻي هلندي هئي. جن ڏينهن ۾ شاهه عنايت
الله صوفيءَ سان جهوڪ ۾ جنگ ٿي. تن ڏينهن ۾ هو
دهليءَ ۾ هو. انهيءَ کي ٻه پٽ ٿيا؛ هڪڙو فاضل شاهه
۽ ٻيو مهر شاهه. فاضل شاهه کي اولاد ڪونه ٿيو. مهر
شاهه کي قائم الدين شاهه پٽ هو. جنهن نالو ڪڍيو.
ڪاتيار
هيءُ شهر به نصرپور جي تعلقي جو هو ۽ سماواتي پرڳڻي ۾ داخل هو.
هن ۾ به گهڻا ۽ وڏا بزرگ ٿي گذريا:
(1) شيخ ڀرڪيو ولد شاهو ڪاتيار، جو مخدوم اسحاق هالائيءَ جي
پٽن احمد ۽ محمد جو همعصر هو. جن جو ذڪر هاله
ڪنڊيءَ ۾ آيو آهي. اوائل ۾ هن شيخ ڏاڍيون رياضتون
ڪڍيون. هڪڙي ڀيري سورهن ورهين کان پوءِ هن روزو
ڇوڙيو. سياري جي ڏينهن ۾ سنهڙي چادرسان درياهه تي
وڃي وهنجي. آليءَ چادر ۾ نماز پڙهندو هو ۽ جڏهين
اها سڪندي هئي. تڏهين وري انهيءَ کي ڀڄائيندو هو.
انهيءَ طرح ساري رات پيو وهنجندو ۽ نماز پڙهندو هو
۽ آرڙهه جي ڏينهن ۾ جهولن منجهه برپٽ ۾ اُس منجهه
گذاريندو هو. ائين ڪرڻ سان هن جي بت جي کل سڙي
ٽڙڪي پيئي هئي. جڏهن هڪڙي ڀيري هن شيخ چلو ٿي
ڪڍيو. تڏهين هڪڙو ٻيو شخص به هن سان رفيق هو. شيخ
جي لاءِ ڏهاڙي مانيءَ تي گيهه ۽ ڳڙ وجهي آڻيندا
هئا، ته کائي ۽ هُن شخص فاقو ٿي ڪڍيو. جڏهين رياضت
جا چاليهه ڏينهن پورا ٿيا. تڏهين ڪن ماڻهن شيخ تي
ٽوڪ ڪئي، پر چلي جي پوري ٿيڻ تي چاليهه ئي مانيون
صحيح سالم رکيل نڪتيون. جو شيخ اهي نٿي کاڌيون.
ٻيو هڪڙو ماڻهو شيخ وٽ آيو ۽ چيائين ته منهنجي
زال گم ٿي ويئي آهي. الاجي جيئري آهي يا مري ويئي؛
ٻار ويچارا رڙيون پيا ڪن. شيخ جي حڪم موجب سندس
خادم ٻاهر نڪري اٿي هليو. ائين پئي معلوم ٿيس ته
مٿان هيٺ ڏاڪڻ تان زمين جي پيٽ ۾ لهندو وڃي؛ آخر
وڃي زمين جي هن پاسي نڪتو ۽ زمين پنهنجي مٿي تي
ڏٺائين. اتي هڪڙي وڏي ڪچهري ڏٺائين. زال جي ٻانهن
گهريائين. جواب مليس ته انهيءَ زال جيڪو نذر ڪيو
هو. سو پورو ڪين ڪيو اٿس. تنهن ڪري بند آهي. خادم
ساڳيو رستو ڏيئي موٽي آيو ۽ شيخ کي اها ڳالهه
ٻڌايائين شيخ کي چڙ آئي. سو انهيءَ زال جي مڙس کي
پاڻ سان وٺي ساڳئي رستي ساڳيءَ ڪچهري ۾ آيو. سندس
زال جي ٻانهن گهريائين. جواب ڪو نه مليس. تنهن تي
مڙس کي چيائين ته زبردستيءَ سان پنهنجي زال کي وٺي
هل. هن ائين ڪيو. انهيءَ طرح زال وٺائي شيخ موٽيو.
انهيءَ ڪچهري جو جيڪو بزرگ هو. تنهن کي انهيءَ
ڳالهه جي خبر ڏنائون. تنهن چيو ته اهو شيخ مجذوب
آهي ۽ خدا جي محبت ۾ مست آهي. جيڪي ڪيائين، سو هن
کي مباح آهي، اها ڳالهه شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ
واري جي ڪتاب ”بيان العارفين“ ۾ ”تنبيه الغالفلين“
۾ به لکيل آهي ۽ اتي چيل آهي ته اهو بزرگ حضرت پير
دستگير هو.
شيخ ڀرڪئي کي چيائيون ته گهڻو ڪري هتي ماڻهو شيخ بهاوالدين
ملتانيءَ جا مريد آهن. تون ڇو انهيءَ جو مريد ڪين
ٿيو آهين؟ انهيءَ دم هڪڙو کير جو وٽو. جو هٿ ۾
هوس. سو کڻي زمين ۾ ٽٻي هڻي وڃي ملتان کان نڪتو.
اتي جو سجاده نشين گهر جي هڪڙِ ڪوٺيءَ ۾ پنهنجي
گهر جي هڪڙي ڪوٺيءَ ۾ پنهنجيءَ بيبي سان گڏ ويٺو
هو. شيخ ڀرڪئي کير جو وٽو نيئي هن جي اڳيان رکيو ۽
ادب کان منهن ورائي ٻئي پاسي ڪري بيٺو ۽ سجاده
نشين کي هٿ ڏيئي وري ٽٻي هڻي اچي پنهنجي جاءِ تي
نڪتو ۽ چڻ لڳو ته هينئر وڃي انهيءَ درگاهه جو مريد
ٿي آيو آهيان.
هڪڙي ڏينهن شيخ چيو ته الــٰــهي نور جي لقاءَ ۾ محو هوس ته
غيب مان آواز آيو ته اي ڀرڪيا، ٻانهون ٿيندين؟ مون
چيو ته نه. وري آواز آيو ته خادم ٿيندين؟ مون وري
به چيو ته نه، تڏهين ٽئين ڀيري آواز آيو ته ٻانهو
به نه ٿيندي، خادم به نه ٿيندين. تڏهين ڇا ٿيندين؟
مون چيو ته آءٌ ڪي ڪين آهيان ۽ ڪي ڪين ٿيڻ ٿو
گهران. ايتري چوڻ تي خدا تعاليٰ پنهنجي قدرت جو
هٿ منهنجن پٺن تي رکيو ۽ مون کي معرفت عطا ڪيائين.
(2) ميرڻ ڪاتيار- اوائل جي ڏينهن ۾ ڀنگ پي ٻيڙيءَ ۾ چڙهيو ٿي
ويو ته خدائي جذبو آيس ۽ بيهوش ٿي پيو ۽ پوءِ
ڪرامت وارو ٿي پيو. ليڪن ڳجهه ظاهر نه ڪيائين.
هڪڙي ڏينهن پنهنجو حال ڪنهن کي ڏنائين ته اها حالت
گم ٿي ويس ۽ اصل چريو ٿي پيو ۽ جهنگ ۾ گهمندو
وتندو هو ۽ مانيءَ جي ٿالهي مٿي تي رکيو ٻين
ديوانن ۽ جوڳين جي طلب ۾ ٿي رهيو. انهيءَ کي ڏسي
سيد عبدالڪريم بلڙيءَ واري کيس مخدوم نوح هالن
واري وٽ نيو. انهن کي ڏسي اڳي کان به زياده حال
وارو ٿيو، ايتري قدر جو جڏهين ذڪر ڪندو هو. تڏهين
بيهوش ٿي ويندو هو. اهڙو ڄڻ ته مري ويو آهي ۽ مٿس
ياسين به پڙهندا هئا. پر پوءِ وري ساهه پٽيندو هو.
عبدالحميد قادري- ڪاتيارن جي ڳوٺ جي سامهون موچر جي ڳوٺ ۾ رهندو
هو. وقت جو ڪامل مرد هو ۽ وڏي ڪرامت وارو هو. سندس
پٽ ميان محمد شريف به پيءُ جهڙو هو ۽ رات ڏينهن
ذڪر ۾ رهندو هو ۽ مريدن جي جماعت وٽن حاضر رهندي
هئي.
شيخ دهانه- راڄ سپري ۾ هوندو هو. آديجي قوم مان هو. جن مان سندس
گهڻا مريد هئا. سندس اولاد اتي جا قاضي ۽ ملا ۽
پيرزادا ٿيندا آيا ۽ مريد ڪندا آيا.
خسرو بن محمود – اصل غزنوي بادشاهن جي نسل مان هو. اُڌيجن جي
راڄ ۾ هوندو هو. پاڻ توڙي سندس وزير وڏي ڪرامت
وارا هئا. سندس قبي جي آسپاس واري جهنگ مان ڪنهن
کي طاقت ڪا نه ٿيندي هئي ته ڪاٺي کڻي وڃي. مير
امين الدين خان پنهنجي ڪتاب معلوم الافاق ۾ لکيو
آهي ته عالمگير بادشاهه جي پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾
هن سماواتي پرڳڻي ۾ اڳي اڪثر برهمڻ ۽ چاچڪ رهندا
هئا. هڪڙيءَ چاچڪڻ زال کي ڇهن مهينن جو ڪچو ٻار
هو. جو رڳو گوشت جو ٽڪر هو ۽ اڃا عضوا ڪين پيدا
ٿيا هئس ۽ نه ساهه پيو هوس. پورڻ جي بدران ان جي
مائٽن انهيءَ کي لڪائي ڪنهن گرم هنڌ حفاظت سان
رکي ڇڏيو. اتي درجي بدرجي عضوا پيدا ٿيس؛ اکيون ۽
ڪن ۽ نڪ ۽ ڄڀ ۽ هٿ ۽ پير. نون ڏهن مهينن کان پوءِ
پورو ٻار ٿيو ۽ ماءُ جو کير پيئڻ لڳو. انهيءَ جي
مائٽن انهيءَکي عمرڪوٽ ۾ نيئي پالي وڏو ڪيو ۽ 15
ورهين تائين اهو جيئرو رهيو.
کيبره
هن ڳوٺ ۾ درويش نوح کيبرائي مشهور هو. ڌڻاري ڪندو هو ۽ ڪرامت
وارو هوندو هو. ڪتاب حديقته الاولياءَ ۾ آهي ته
ڄام جوڻي جي راڄ ۾ هو درويش کيبرن کي چوندو وتيو
ته ٽن ڏينهن کان جھام تماچي جي نالي منادي پيئي
ٿئي. سو اجهو ٿو اچي. آخر درويش جي تصرف سان ڄام
تماچي دهليءَ مان اچي نڪتو.
سانگره
سانگره جي قديم درياهه جي ڪناري سان به گهڻا بزرگ هوندا هئا.
انهن مان ڪي ڏجن ٿا:
شيخ موسيٰ آهيداڻي – اصل هندستان جو هو ۽ سلطان علاوالدين جي
زماني ۾ سنڌ ۾ آيو. هڪڙي ڀيري هڪڙو سوداگر قافلي
کان جدا ٿيو. بار جو اٺ ساڻ هوس. تنهنجو پير ترڪي
پيو ۽ ٽنگ ڀڄي پيس. ڪو به ڳوٺ ويجهو ڪو نه هو.
حيران ٿيو ته هاڻ ڇا ڪريان. شيخ موسيٰ جو قبو پري
کان ڏسي انهيءَ کان دعا گهريائين. رات جيئن تيئن
اتي گذاريائين. صبح جو اٿي ڏسي ته اٺ صحيح سالم
بيٺو آهي. انهيءَ تي بار وجهي اڳتي روانو ٿيو.
جڏهين پنهنجي ڳوٺ پهتو، تڏهين اهو اُٺ بيمار ٿي
پيو. تنهن ڪري انهيءَ کي ڪهي قرباني ڪيائين. کل
لاهڻ کان پوءِ ڏٺائين ته ٽنگ ڀڳي پيئي هيس پر ڀڳلن
هڏن ۾ ڪلي لڳل هيس. جنهن ڪري هڏو ڳنڍجي سڄو ٿي پيو
هو.
درويش وهيو چانيو – وڏن ولين مان هو. سندس وفات جو سال مات في
عشق آهي. يعني سنه 1001 هه ۽ فارسيءَ ۾ - در عشق
جان سپرده.
درويش آلو – هو عارف بالله ۽ مجذوب هو. هيءُ به اصل هند جو هو.
پوءِ سنڌ ۾ آيو. سارو ڏينهن گهٽين ۾ گهمندو وتندو
هو. ڪنهن سان ڳالهائيندو ڪين هوي يا جيڪي به
ڳالهائيندو هو. سو ٻيو ڪو سمجهندو ڪين هو. جهنگ ۾
گهمندو ڪاٺين ۽ ڪانن جون ڀريون پٺن تي کڻي ماڻهن
کي آڻي ڏيندو هو. ڪشف ۽ ڪرامت جو صاحب هو. گهڻن
جون مرادون پڄايائين.
درويش پلي سميجو– شيخ هوٿي لاکي جي يارن مان هو، ڏاڍو چرچائي
هوندو هو. هڪڙي ڏينهن درياهه جي ڪناري تي ڪنڍي
وجهي مڇي مارڻ لاءِ ويٺو هو، جڏهين گهڻي تائين
ويٺو ۽ مڇي ڪانه مئي. تڏهين بيزار ٿي چوڻ لڳو ته
ڌڻي منهنجا، يا ڏي يا ني. اوچتو درياهه جي ڀڪ.
جنهن تي ويٺو هو، سا ڦاٽڻ ۽ ڪرڻ لڳي تڏهين اتان
اٿي ٻئي هنڌ ويهي چوڻ لڳو ته خدا کي به ڏيڻ مشڪل
ٿو لڳي ۽ نيڻ آسان ٿو لڳي.
درويش لڌو – درويش وهئي جي مريدن مان هو ۽ ڪشف ۽ ڪرامت وارو هو.
مولانا عباس ۽ مخدوم آدم ٿيٻو ۽ دوريش ڇتو ۽ شيخ
صدو لوهريو به درويش وهئي جي ڪامل مريدن مان هئا.
متعلوي (مٽياري)
هيءُ سيدن جو مشهور شهر هو. انهن مان مشهور هيءُ هئا:
سيد حيدر – وڏو اولياءَ ٿي گذريو ۽ اولاد گهڻو ڇڏيائين. جن جو
مٿي گهڻن هنڌن تي ذڪر آيو آهي.
سيد عبدالڪريم بلڙيءَ وارو به انهن سيدن مان هو. انهيءَ جو ذڪر
بلڙيءَ ۾ ايندو. پر انهيءَ جو پٽ سيد للو هتي هو ۽
سيد رڪن الدين به انهيءَ سيدن مان هو ۽ چوندو هو
ته تيرن سان بٿي ڀريو ويٺو آهيان ۽ پيو هڻان. ڪن
کي ڪنن وٽ ٿو لڳي ۽ ڪن کي ٻئي پاسي؛ سنئون منهن ۾
ڪنهن کي نٿو لڳي. نه ته جيڪر ڪِري پوي. جنهن کي
سنئون لڳو. سو اهڙو ڪِرندو جو وري نه اٿندو.
سيد عالي به اتي جي ساداتن جي چئن قبيلن مان هو.
هن جو پٽ سيد لال هو. ٻئي وڏا بزرگ هئا. هڪڙي ڀيري
سندس همشيره کي دل ۾ آيو ته اسان کي ڪيئن خبر
پوي ته اسين صحيح النسب سيد آهيون. رات جو حضرت
صلعم جن جي زيارت حاصل ٿيس. جن چيس ته سڀاڻي اوهان
جي نسب جي سند پاڻهي اوهان کي ملندي. اتفاقن صبح
جو ميان عبدالباقي واعظ. جو ٺٽي جي بزرگ ميان
عبدالقاسم نقشبنديءَ جو مريد هو ۽ وعظ ڪندڙ هو، سو
اتي اچي نڪتو. ڏندڻ ۽ درود حاضري کڻي آيو، چيائين
ته اوهان جي ڏاڏي هي نشانيون اوهان کي ڏيڻ لاءِ
ڏنيون آهن، انهيءَ لاءِ ته اوهان کي صحيح النسب
هئڻ جي ثابتي ملي. ميان نور محمد ڪلهوڙي هن سيد کي
منٿن آزين سان پاڻ وٽ گهرايو ۽ نادر شاهه جي اچڻ ۽
ٻين تاريخي ڳالهين بابت هن کان پڇيائين ۽ احوال
ورتائين.
انهن کان سواءِ سيد شهمير ۽ ميان ابوالبقا طالب علم به نالي
وارا ٿي گذريا.
سهار
هن ڳوٺ ۾ ٻه – ٽي بزرگ ٿي گذريا:
درويش حسين – اصل کٽي هو پر حال ۽ قال وارو هو. سيد عبدالڪريم
بلڙيءَ واري جي همعصرن مان هو.
درويش ڀنوسهار– هيءُ به ڪامل شخص هو. هڪڙي ڏينهن مريد سفارش
لاءِ ڪنهن حاڪم وٽ وٺي ويس. اهو حاڪم ظالم هو.
انهيءَ کي جڏهين اها خبر پيئي. تڏهين هن پنهنجن
دربانن کي چئي ڇڏيو ته جڏهين فلاڻو اچي. تڏهين
اهڙي مار ڏجوس جو وري همت ڪري نه. اچي؛ ان موجب
جڏهين درويش اتي آيو. تڏهين دربانن ماري هڪالي
ڇڏيس. اڃا هو ٿورو پرڀرو ويو ئي نه. ته ڪن ٻين وري
اچي ورايس. جن تي ڪا تهمت رکيل هئي ۽ چٽي پوڻي هين
۽ زور ڪيائونس ته خدا جي واسطي هلي اسان جي پارت
ڪر. هنن جي منت تي هو وري به انهيءَ حاڪم وٽ ويو.
دربانن وڃي سارو حال حاڪم کي ٻڌايو. حاڪم سمجهيو
ته هيءُ درويش حال ۽ قال جو صاحب آهي. رواجي ماڻهو
نه آهي. سڏي معافي گهريائينس ۽ سندس ٻئي سفارشون
قبول ڪيائين. هي درويش سيد عبدالڪريم جي وفات کان
اڳي جو هو.
نيرون ڪوٽ (حيدرآباد)
اصل هندو راجائن جي راڄ ۾ نيرون سمني نالي اتي حاڪم هوندو هو ۽
اتي به هڪڙو ڪوٽ هوندو هو. جيئن ڪن ٻين وڏن شهرن ۾
ڪافر قلعا هوندا هئا. جڏهين محمد بن قاسم آيو.
تڏهين هنن قلعي جا در کولي هن کي ڏنا ۽ معافي
ملين. نيرون ڪوٽ درياهه جي ڪناري تي هو، پر درياهه
ان جي اڀرندي کان وهندو هو. سنه 1182 هه ۾ ميان
غلام شاهه ڪلهوڙي نئون قلعو اتي جوڙايو، جو اڃا
قائم آهي. اڳي اتي فقط هڪڙو ڳوٺ هو، پوءِ وڏو شهر
ٿيو، اتي سون ورهين کان ماڻهو پوريل هئا، سي سڀ
ڪڍي پري مقامن ۾ رکيائون. چون ٿا ته سندن لاشا
صحيح سالم نڪتا. انهن مان هڪڙي مڙس ۽ زال جا لاشا
لڌا. جي بلڪل تازا ڏسڻ ۾ ٿي آيا، اگرچ انهن جون
قبرون تمام جهونيون ٿي ڏٺيون، ٻئي گڏ پوريل هئا.
ڀانئجي ٿو ته اهي عاشق ۽ معشوق هئا. نئين ٻڌل شهر
جو نالو حيدرآباد رکيو ويو ۽ انهيءَ کان پوءِ اهو
شهر سنڌ جو تخت گاهه ٿيو. آسپاس ٽڪرين تي اڃا
تائين گهڻن بزرگن جون قبرون رهيل آهن، جن مان هڪڙي
شيخ محمد مڪئيءَ جي آهي. جنهن جو قبو شهر جي
اُلهندي ڏي مٽيءَ جي ڪوٽ اندر آهي. جو پڻ ميان
غلام شاهه وڏي ڪوٽ جي حفاظت لاءِ ٺهرايو هو. اهو
شيخ عربن جي فتح ٿيڻ کان پوءِ اتي حاڪم ڪري رکيو
ويو هو. وڏن اوليائن مان شمار ڪيل آهي. شهر جي ڏکڻ
ڏي گنجو ٽڪر آهي. جنهن تي گهڻا نامور ماڻهو دفن
ٿيل آهن، ڪي ٿورا هيٺ ڏجن ٿا:
سڀني ۾ وڏو شيخ ڀريو آهي، جو اصل هندو برهمڻ هو ۽ ويرداس نالو
هوس. مجذوب موحد سالڪ هو. ڏاڍي وجد وارو هو. اڪثر
برپٽ ۽ جبل ۾ گهمندو وتندو هو. ڳالهائيندو ڪين هو.
ماڻهن سندس زيارت لاءِ ايندا هئا، انهن جي دل جي
ڳالهه معلوم ڪري هر ڪنهن کي پنهنجي مطلب جو جواب
ڏيندو هو. ڪتاب حديقته الاولياءَ جو منصف ٿو لکي
ته آءٌ انهيءَ فقير جي خدمت ۾ ويس. هڪڙو سنڌي بيت
ويٺي پڙهيائين. دل ۾ چيو ته خبر ناهي ته اهو بيت
سندس ٺاهيل آهي يا ڪنهن ٻئي شاعر جو آهي. فقير
هڪدم چيو ته ابا هو بيت اسحاق لوهار جو آهي.
انهيءَ وقت ڪيتريون ئي ٻيون ڳالهيون دل ۾ آندم.
انهن سڀني جا جواب باصواب ڏنائين، نقل آهي ته هڪڙو
شخص سندس ڏسڻ لاء ِويو. پري کان پنڌ ڪري آيو هو،
سو تمام بک لڳي هيس. فقير سندس حال معلوم ڪري چيس
ته ابا هن ٿوهر جي وڻ ۾ ديڳڙي يا ڪُني رکي اٿيئي
سا وڃي کڻي آءُ. هو وڃي کڻي آيو. چيائينس ته
انهيءَ ۾ پاڻي وجهي باهه تي چاڙهه. پوءِ ڪَڪريءَ
جو ٻُڪ ڀري انهيءَ ۾ وڌائين ۽ ڍڪڻ ڏيئي ڇڏيائينس.
ذري کان پوءِ ڀت رجهي تيار ٿيو. ۽ هڪڙي پاسي کان
هڪ هرڻي آئي. جنهن مان کير ڏهي هن ماڻهوءَ کي
کائڻ لاءِ ڏنائين. سنه 903 هه ۾ وفات ڪيائين. گنجي
ٽڪر جي دامن ۾ انهيءَ جي قبر آهي.
درويش بدين ولد راهو– اهو به وڏن بزرگن مان آهي. انهيءَ گهڻو
اولاد ڇڏيو.جي سڀ ملڪيت وارا هئا. اگرچ ظاهري ڪا
پوک راهه نه ڪندا هئا ته به خوش پيا گذاريندا هئا،
جو انهيءَ پير دعا ڪئي هُين. سندس پٽ موليڏنو سندس
جانشين ٿيو.
نهال شاهه مداري به پوئين بزرگن مان هو ۽ ڪامل اولياءَ ٿي
گذريو.
شهر جي ويجهو ناياهن جي ڳوٺ ۾ درويش باده آهي، جو مخدوم نوح جو
مريد هو. چون ٿا ته جڏهين پهرين پهرين اچي مخدوم
وٽ مريد ٿي ٿيو. تڏهين هن چيس ته ڪلمو پڙهه. ڪلمي
پڙهڻ سان مڇيءَ وانگي زمين تي ڦٿڪڻ لڳو ۽ بيهوش ٿي
ويو ۽ مُئن وانگي سُڪِي ويو. اندر حجري ۾ کڻي ويس،
ٽي ڏينهن انهيءَ حال ۾ پيو هو. پوءِ اٿيو ۽
انهيءَکان پوءِ ڪامل اولياءُ ٿي پيو.
مير فتح علي خان کان پوءِ جيڪي ٽالپر حاڪم ٿي گذريا، توڙي
ڪلهوڙن حاڪمن جا قباحيدرآباد شحرجي اتر ڏي بيٺل
آهن.
رڪن پور
انهيءَ ڳوٺ تي شيخ رڪن الدين ملتانيءَ جو نالو پيو، جنهن جو ذڪر
ملتان ۾ آيو آهي. هتي جو وڏو اولياءَ شيخ ريحان
جهنگلي آهي، جو ذات جو سومرو هو. شيخ رڪن الدين
انهيءَ جي مريدن ٿيڻ لاءِ آيو ۽ اتي رهجي ويو ۽
اهو ڳوٺ ٻڌائين. شيخ جو اصل نالو ريحان چنيسر هو.
چون ٿا ته پهرين جڏهين شيخ رڪن الدين ۽ قلندر
شهباز ٻئي گڏجي اتان لنگهيا ٿي. تڏهين هن شيخ کي
چيائون ته اسان کي ماني ۽ کير ۽ ماکي کاراءِ. هڪدم
هڪڙي قدرتي جانڊهه اچي پيدا ٿي. جنهن جو هيٺيون
پهڻ اڃا موجود آهي ۽ جنهن ڪنڊي جي وڻ مان ماکي
لٿي، سو به اڃا موجود آهي. انهيءَ شيخ جو پٽ قطب
الدين به زماني جو قطب ٿي گذريو ۽ اهو به اتي دفن
ٿيل آهي. هر مهيني جي چوڏهينءَ رات ميڙو لڳندو
آهي. شيخ قطب جو ڀاءُ شيخ دودو به اتي رکيل آهي،
جو شهيد ٿيو هو. چون ٿا ته انهيءَ جي فاتحه لاءِ
قلندر شهباز به آيو هو. جنهن لئي جي وڻ کي پٺ ڏيئي
وهندو هو، سو اڃا بيٺل آهي. انهيءَ جي جانشينن مان
شيخ عنايت ۽ شيخ ڪريم ڏنو ٿيا. شيخ ريحان جي پوٽن
مان شيخ ابراهيم نالي وارو ٿيو. انهيءَ جي نالي
چون ٿا ته هڪڙي ڏينهن سيد علي شيرازيءَ جي ڏسڻ
لاءِ ٺٽي ويو. تسبيح سندس هٿ ۾ هئي. جڏهين ڀاڪر
پائي گڏيا. تڏهين سيد چيس ته اوهين به تسبيح هٿ ۾
کڻو ٿا! ورندي ڏنائين ته ڏٻري گهوڙي کي چهبڪ هڻڻ
ضروري آهي. تازيءَ کي چهبڪ جو ضرور ڪونهي. مٿئين
شيخ جي اولاد مان شيخ ريڪن به مشهور ٿيو، جو هالن
جي تعلقي ۾ دفن ٿيل آهي ۽ زيارتگاهه آهي.
ڌونرا هنڱورا
هيءُ متعلوي سيدن جو ڳوٺ آهي. جن مان سيد هارون مشهور هو ۽
حقيقي شعر به چوندو هو. ٻيو سيد شيريزدان به سخي
ٿي گذريو ۽ سيدالهيار ۽ سيد محمد به زميندار ۽
نالي وارا ٿي گذريا. انهن کان سواءِ درويش زڪريا
ٿهيم به نالي وارو درويش ٿيو ۽ درويش ابراهيم ولد
ناڪودر ٿيٻي جي همعصرن مان هو. جنهن جو مٿي ذڪر
آيو آهي.
رائدن
هيءُ لُنڊن جو ڳوٺ آهي. هتي درويش راڄو مجذوب واصل بالله رهندو
هو. هيمشه مٿي اگهاڙو گهمندو وتندو هو. هڪڙي هنڌ
اصل نه رهندو هو. جيڪي واتان نڪرندو هوس، سو ٿيندو
هو. چون ٿا ته جيڪي چوندو هو، سو سنڌي بيتن ۾
چوندو هو ۽ مٺي آواز سان ڳائي چوندو هو. پوءِ جيڪي
چوندو هو. سو ٿي پوندو هو. هڪڙي ڀيري ڪڇ جي پاسي
مينهن جي وٿاڻ تي اچي پهتو. هنن کي چيائين ته
مايون. مون کي ڪو کير يا ڏڌ ته پياريو. مڙس ماڻهو
اتي ڪو نه هو. ڪي زالون هيون. تن البت ساڻس بي
ادبيءَ سان ڳالهايو. ڏاڍو جوش آيس. نعرو هڻي هڪڙي
پاسي هليو ويو. جيڪي مينهون ۽ گابا ٻڌل بيٺا هئا.
سي سڀ گم ٿي ويا. خبر ئي نه پيئي ته ڪيڏي ويا.
هڪڙي ورهيه کان پوءِ فقير وري به اتفاق سان انهيءَ
هنڌ آيو. ماڻهن کيس سڃاتو ۽ اچي پيرين پيس ۽ منٿون
آزيون ڪيائونس. جڏهن راضي ٿيو. تڏهين انهن کي
چيائين ته پاڻيهي اينديون. شام جو اهي ساڳيون
مينهون ۽ گابا ۽ ميهار سڀ اچي نڪتا. ميهار کان
پڇيائون ته هيترا مهينا ڪٿي هئو؟ هن چيو ته آءٌ
صبح جو هميشه وانگي مينهون چارڻ لاءِ نڪتس ۽ شام
جو وري وٺي آيو آهيان. ٻئي ڪنهن پاسي ڪين ويس.
ڊنڊيءَ ۾ شيخ ممون ۽ شيخ ڪپور ۽ شيخ نظام الدين مشهور آهن.
پويان ٻئي شهيد آهن ۽ خواجا ماڻهو انهن جا معتقد
آهن ۽ انهن تي ميڙو لائيندا آهن.
ذورائي
هيءُ مشهور ڳوٺ آهي. انهيءَ ۾ هيٺيان بزرگ آهن:
شيخ اسماعيل قادري. جنهن تي ميڙو لڳندو آهي. انهيءَ جي پوٽن مان
شيخ محمد صلاح سجاده تي ويٺو.
مخدوم عمر ۽ اسحاق فقير ۽ علي اصغر. جو پيران پير جي اولاد مان
هو. سي به مشهور بزرگ ۽ درويش ڪامل ٿي گذريا.
سُتيار
هي پرڳڻو اڳي مشهور هو. منجهس:
(1) شيخ لودي پيران پير جي اولاد مان مشهور ٿي گذريو.
(2) مخدوم يعقوب پليجو. ناري جي ڳوٺ ۾ زماني جو عارف هو. چون ٿا
ته هڪڙ ڀيري ڪو سوالي وٽس آيو ۽ کير پيئڻ لاءِ
مينهن جو سوال ڪيائينس، انهي کي چيائين ته فلاڻي
هنڌ منهنجي ٻانهي وٽ وڃ ۽ انهيءَ کان وڃي هڪڙي
مينهن وٺ. هن وڃي انهيءَ کي پيغام ڏنو ۽ هڪڙي
مينهن ورتائين. جا ڏهاڙي ڇهه ڪاسا کير جا ڏيندي
هئي. جڏهن مخدوم ٻڌو ته سندس ٻانهي سندس موڪل کان
سواءِ هڪڙي تمام ڀلي ميهن هن کي ڏني آهي. تڏهين
انهي کي آزاد ڪري ڇڏيائين ۽ انهيءَ جي تعريف
پنهنجي بيبيءَ وٽ ڪيائين. تنهن ٻڌي چيو ته اهڙي
چڱي ڪم ڪرڻ لاءِ منهنجو به جيڪو توتي حق آهي. سو
شڪريه طرح مون توکي بخشيو. ٻئي هڪڙي ڀيري مخدوم
پنهنجي مڱن جي پوک ۾ ويو. ماڻهو ساڻس گهڻا هئا.
ديگڙو موجود ڪو نه هو. هڪڙو ٺڪر جو ڪنو مليو. جنهن
۾ ٽنگ هو. سندس حڪم موجب باهه تي پاسيرو ڪري
رکيائونس ته پاڻي نه وهيس. پاڻ چيائين ته پاسيرو
نه چاڙهيو. ماڻهو گهڻا آهن. سنئون ڪري چاڙهيوس ته
ججهورجهي. سنئون ڪيائون ته خدا جي قدت سان ٽنگ بند
ٿي ويو. ايترو ڀت رڌو جو سڀئي کائي خوش ٿيا. پوءِ
ماڻهن کي چيائين ته هاڻي هرڪو انهيءَ ٺڪر جي ڪُني
کي ڪوڏر هڻي ڀڃي. سڀني ڪوڏاريون هنيون. پر ڪُنو نه
ڀڳو، ڄڻ ته ٽامي يا لوهه جو آهي. ٻي به هڪڙي ڳالهه
هن بزرگ جي مشهور آهي. هڪڙي ڀيري ڪنهن واڻئي
پنهنجي ڌيءَ جي شآدي لاءِ خرار سارين جو آڌارو
ورتو هو ۽ هڪڙو ڍڳو ڪنهن کان سوال تي وٺي انهيءَ
تي کڻائي ٿي آيو. ڪنهن پاڻيءَ مان ٿي لنگهيو ته
ڍڱو بار سوڌو پاڻيءَ ۾ ڪري پيو. ۽ ٻڏي ويو. اوچتو
مخدوم اتان اچي لنگهيو. واڻئي کي رئندو ڏسي مٿس
قياس آيس. چيائينس ته هن هنڌان پاڻيءَ ۾ ٽٻي هڻ ۽
اکيون پٽ. اتي ڪو رئيس ويٺل ڏسين. انهيءَ کي
منهنجا سلام ڏج ۽ چئج ته تو کي پنهنجو ڍڳو بار
سميت ڏئي. هن ائين ڪيو. ٽٻي هڻڻ سان سڪي تي وڃي
بيٺو. ماڻهن جي جماعت ڏٺائين ۽ هڪڙو ماڻهو مٿي
مسند تي ويٺو هو. انهيءَ کي هن مخدوم جا سلام به
ڏنا ۽ پيغام به ڏنو. اهو ٻڌي هن هڪدم پنهنجن ماڻهن
کي حڪم ڏنو ته مون اوهان کي هينئر ڪين ٿي چيو ته
مخدوم يعقوب وٽان ڪو ماڻهو ڍڳي ۽ سارين جي ڳولا
لاءِ ٿو اچي، پوءِ اهو ڍڳو بار سميت سندس حوالي
ڪيائون جو وٺي ڳوٺ آيو، اهو مخدوم مرزا شاهه حسن
ارغون جي زماني ۾ رهندو هو. |