سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: قديم سنڌ

ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو

باب؛ 13

صفحو ؛ 25

 

فتح باغ

سنه 998هه (سنه 1589ع) ۾ جڏهن اڪبر بادشاهه جي حڪم سان نواب خان خانان کي سنڌ ڏي موڪليو ويو ۽ هو مرزا جاني بيگ سان وڙهڻ لاءِ آيو، تڏهن هن جدا جدا ڀاڱن ڏي لشڪر موڪليو ۽ هڪڙو لشڪر فتح باغ ۽ جون ڏي موڪليائين. پوءِ سنه 1000هه (سن 1591ع) ۾ هنن جي وچ ۾ صلح ٿيو ۽ ٻئي فتح باغ ۾ هڪٻئي کي اچي گڏيا ۽ پوءِ ٻئي گڏجي اڪبر بادشاهه ڏي روانا ٿيا. وري مرزا غازي بيگ جي وقت ۾ مرزا فتح باغ ۾ آيو ۽ ڪي امير ٺٽي ۾ ڇڏي ۽ ڪي پاڻ سان وٺي اڪبر بادشاهه جي سلام ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو. اڪبر بادشاهه سان ملاقات ڪيائين ۽ ان جي مرڻ تي جهانگير جي به ملاقات ڪيائين ۽ پوءِ سنه 1031هه (سنه 1604ع) ۾ موٽي آيو.

فتح پور

سنه 925هه (سنه 1519ع) ۾ جڏهن مرزا شاهه بيگ ارغون قنڌار مان شال ۾ آيو ۽ آسپاس جا ماڻهو پاڻ سان ڪري سيويءَ تي ڪاهيائين، تڏهن سيويءَ جي قلعي جا ماڻهو سڀ ڀڄي فتح پور ۾ ويا، جو شهر اتان پنجاهه ڪوهن تي هو. شاه بيگ فتح پور تي ڪاه ڪئي. اتي سيويءَ جو حاڪم پيرولي برلاس اچي پهتو ۽ سندن وچ ۾ جنگ لڳي، جنهن ۾ شاه بيگ فتحياب ٿيو. وري ٻئي سال ۾ شاه بيگ فتح پور ۽ گنجابه _گندا واهه) ۾ لشڪر گڏ ڪري دريا خان سان وڙهڻ لاءِ آيو، جو ڄام فيروز جي لشڪر جو مهندار هو. سنه 390هه (سنه 1523ع) ۾ اڪبر بادشاهه مجاهد خان کي سلطان محمود خان سان وڙهڻ لاءِ موڪليو ۽ فتح پور هن کي جاگير ڪري ڏنائين. سنه 1113هه (سنه 1706ع) ڌاري ميان دين محمد جي ڏينهن ۾ فتح پور جو سردار مير پنوهر هو. ڪلهوڙن فتح پور وڃي ورتو، تنهنڪري هو دهليءَ جي بادشاهه ڏي دانهين ويو. جڏهن ميان دين محمد بادشاهي لشڪر سان وڙهندي پڪڙجي پيو ۽ فتح پور پنوهرن کي مليو، تڏهن ميان يار محمد وري فتح پور پنوهرن کان ورتو.

ڪاڇو

جبل جي وَٽِ يا ڪَڇَ واري ملڪ کي ڪاڇو چوندا آهن، پر اڳي ڪاڇي جي ملڪ ۾ جيڪي شهر هئا، تن مان هڪڙو ڪاڇو هو. سنه 1069هه (سنه 1684ع) ڌاري ميان نصير محمد ڪلهوڙي، جڏهن پنهنجي لاءِ پنوهرن جي ملڪ ۾ روهه جي ٽڪرن ۽ پاڻيءَ جي نهر جي وچ ۾ کاريءَ جو ڳوٺ ٻَڌو، جنهن ۾ مرڻ کان پوءِ پاڻ دفن ڪيو ويو، تڏهن هن ڪاڇو پنهنجي هڪڙي مريد عنايت شاه فقير کي ڏنو ۽ هٽڙي فوجي فقير کي ڏنائين. انهيءَ طرح هن اهو ملڪ اچي وسايو. سنه 1167هه (سنه 1754ع) کان پوءِ ميان محمد مراد ياب ڪاڇي ۾ هڪڙو قلعو مضبوط بنايو ۽ اوچتي ۽ لنجاري ۽ ميران ۾ به قلعا بنايائين. سنه 1144هه (سنه 1731ع) ۾ ميان نور محمد جي راڄ ۾ بروهين جو هڪڙو وڏو ڪٽڪ صلح جي شرطن جي برخلاف ڪاڇي جي زمين تي ڪاهي آيو ۽ ڦرلٽ ڪري هليو ويو. انهيءَ کي سزا ڏيڻ لاءِ ميان پاڻ لاڙڪاڻي ويو ۽ اُتان بروهين جي سردار مير عبدالله خان سان وڙهڻ لاءِ لشڪر موڪليائين. جنديهر وٽ انهن جي وچ ۾ لڙائي لڳي ۽ بروهين شڪست کاڌي ۽ سندن سردار مارجي ويو. سنه 1201هه (سنه 1786ع) ڌاري ميان عبدالنبي قلات جي خان کان بروهين جي مدد وٺي آيو. مير فتح علي خان پاڻ شڪار تي ونگ جي پاسي ويل هو. بروهين ڪاڇي مان آسپاس جو ملڪ ڦريو. مير اها خبر ٻڌي مٿن ڪاهي آيو ۽ جيڪو مال ڦري ويا هئا، سو هنن کان موٽي ورتائين.

ڪراچي

ڪراچي، جنهن کي اڳي ڪلاچي چوندا هئا ۽ جنهن جو ذڪر مٿي آيو آهي، سا اڳي ننڍڙو ڳوٺ هئي، جتي مهاڻا ۽ ڪي واڻيا رهندا هئا. ميان نور محمد جي راڄ ۾ سنه 1155هه (سن 1742ع) ۾، نادر شاهه بادشاهه سورت بندر ۾ ڪي جهاز ٺهرايا هئا، تن جي وٺڻ لاءِ مظفر علي خان بيات بيگلر بيگي ڪراچيءَ آيو ۽ اتان ٿي ٺٽي آيو ۽ ميان نور محمد (نواب شاه قلي خان) هن جي پيشوا ويو ۽ هن کي ٺٽي ۾ آڻي رهايائين. ٻن مهينن کان پوءِ هو هليو ويو. ڪراچي تڏهن قلات جي خان جي ملڪ ۾ هئي. سنه 1190هه (سنه 1777ع) ۾ مير بجار خان حج تان موٽي آيو ۽ ڪراچيءَ مان لهي شهدادپور آيو، جتي مير رهندا هئا. سنه 1207هه (سنه 1792ع) ۾ قلات جي خان جو ناٺي زرڪ خان ميان عبدالنبيءَ کي مدد ڏيندي ۽ ميرن سان وڙهندي مارجي ويو هو. انهيءَ جي عيوض ۾ ميان عبدالنبيءَ ڪراچي ۽ ڪُورن وارو ڀاڱو قلات جي خان کي ڏيئي ڇڏيو هو، سو هاڻ مير غلام علي خان وري ورتو ۽ ڪراچي ميرن جي هٿ ۾ آئي. سنه 1252هه (سنه 1836ع) ۾ انگريز سرڪار شاه شجاع الملڪ جي مدد لاءِ لشڪر ٿي موڪليو، جو ڪراچي اچي لٿو.، ميرن انهيءَ کي درياه جي رستي سنڌ مان لنگهڻ نٿي ڏنو. پر انگريز توبون هڻي منهڙي جو ڪوٽ ڀڃي زور سان ڪراچيءَ ۾ اچي لٿا ۽ پوءِ درياه جي رستي لنگهي ويا. ميرن جي طرفان آغا اسماعيل شاه وڪيل ٿي ڪراچيءَ ويو ۽ سرجان ڪين سان وڃي ٺهراءُ ڪيائين ۽ انگريزن ۽ ميرن جي وچ ۾ هڪڙو عهدنامو ٿيو. سنه 1258هه _سنه 1842ع) ۾ سرچارلس نيپئر پوني مان سنڌ جو ريزيڊنٽ مقرر ٿي ڪراچي آيو ۽ اُتان آگبوٽ تي چڙهي حيدرآباد ۾ آيو، جتي مير نصير خان سان ملاقات ڪيائين ۽ ٻين ميرن کي به گڏيو ۽ ٻيو عهدنامو ڪيائين، جنهن موجب ڪراچي، شڪارپور، عمرڪوٽ ۽ سبزلڪوٽ انگريز سرڪار کي مليا.

ڪڪراله

ڪڪراله جو پرڳڻو شاه بندر جي الهندي سمنڊ تائين هوندو هو. سنه 995هه (سنه 1567ع) ڌاري مرزا محمد باقي ترخان جي وقت ۾ ڄام ڏيسر ڪڪراله جو حاڪم هو. مرزا جان بابا محمد باقيءَ سان ٺٽي ۽ مڪليءَ جي وچ تي وڙهي شڪست کائي ڪڪراله جي ڄام وٽ مدد لاءِ آيو؛ پر هن مدد نه ڏنيس، تڏهن سميجن ڏي هليو ويو. سگهوئي پوءِ وري به جان بابا ۽ مرزا باقيءَ جي وچ ۾ لڪيءَ وٽ لڙائي لڳي ۽ وري به جان بابا شڪست کائي ڪڪراله ڏي ڀڳو. يادگار مسڪين به تڏهن ساڻس هو، پر سگهو ئي پوءِ هو ٻئي مارجي ويا. سنه 1009هه (سنه 1600ع) ڌاري ڄام ڏيسر جو پٽ ڄام هاله ڪڪراله جو حاڪم هو. انهيءَ سرحد تي ڪن جاگيردارن جي زمين تي دخلو ڪيو هو ۽ ڦرلٽ ڪئي هئائين ۽ ڪي ماڻهو ماريا هئائين، تنهنڪري مرزا غازي بيگ لشڪر وٺي ڪڪراله تي ڪاهي ويو. ڄام هاله جي مائٽن مان هڪڙو ڄام داؤد سندس سوُنهو ٿيو. ڄام هاله شڪست کائي ڀڳو. مرزا غازي ڄام داؤد جي ڌيءَ سان شادي ڪئي ۽ ڪڪراله جو ملڪ ورهائي ٽي ڀاڱا ڪيائين. هڪڙو ڄام داؤد کي ڏنائين ۽ ٻه ڀاڱا پنهنجي ملڪ سان گڏي ڇڏيائين. سنه 1151هه (سنه 1738ع) ۾ جڏهن نادر شاهه سنڌ ۾ اچڻ وارو هو ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙي جو راڄ هو، تڏهن ميان جي لاڙڪاڻي ڏي وڃڻ ڪري ڪڪراله جي ڄام ۽ ڌاراجه جي حاڪم پاڻ ۾ شامل ٿي جهازن تي لشڪر چاڙهي پهرين کاٽ تائين ۽ پوءِ نصرپور تائين آيا، پر ڪلهوڙن توبون هڻي ڀڄائي ڪڍيو.

جڏهن نواب مير خان دهليءَ جي بادشاه شاه جهان جي پاران ٺٽي جو نواب هو، تڏهن بادشاه نواب کي حڪم موڪليو ته اڳوڻي نواب شريف خان کي ۽ سندس دوست ڪڪراله جي ڄام ۽ ٻين کي مارائي ڇڏي، جو هن شاه جهان کي ٺٽي ۾ اچڻ وقت تڪليف ڏني هئي، جڏهن هو اڃا شاهزادو هو، نواب انهيءَ حڪم جي تعميل ڪئي.

لاڏڪاڻو يا لاڙڪاڻو

هن کي اڳي چانڊڪو به چوندا هئا، جنهن بابت ذڪر مٿي ڏسو. اُهو اصل چانڊين جي قوم جو هو، جو نواب خان خانان اڪبر بادشاهه جي ڏينهن ۾ آدم شاهه ڪلهوڙي کي جاگير ڪري ڏنو. سنه 1113هه ڌاري ميان يار محمد ڪلهوڙي جي وقت ۾ ڪلهوڙن شڪارپور پنوهرن کان وٺي انهيءَ کي خدا آباد جو نالو ڏيئي پنهنجي رهڻ جو هنڌ ڪيو ۽ بختاور خان جي ڀاءُ مَلڪَ الهه بخش کان لاڙڪاڻو ورتائون،. سنه 1144هه (سنه 1731ع) ۾ قلات جي بروهين ڪاڇي ۾ اچي ڦرلٽ ڪئي هئي، تن کي سزا ڏيڻ لاءِ ميان نور محمد ڪلهوڙو لشڪر وٺي لاڙڪاڻي آيو. اُتي بروهين جي سردار عبدالله خان سان وڙهي هن کي شڪست ڏنائين ۽ هو مارجي ويو. سنه 9153هه (سنه 1740ع) ڌاري نادر شاهه بادشاهه سنڌ ۾ آيو ۽ ميان نور محمد سان وڙهي اُنهن کي قيد ڪري لاڙڪاڻي آيو ۽ اُتان پنهنجا سردار جدا جدا ڀاڱن ڏي موڪليائين ۽ پوءِ پاڻ قنڌار ڏي روانو ٿيو. سنه 1172هه (سنه 1759ع) ۾ کوسن خداآباد تي ڪاهي نقصان ڪيو هو، تنهن ڪري ميان غلام شاهه ڪلهوڙو لاڙڪاڻي ۾ آيو ۽ کوسن کي سزا ڏيئي، انهن جا سردار ماري ۽ آئندي لاءِ پڪو بندوبست ڪري سيوهڻ ڏي ويو. ميان صادق علي خان ڪلهوڙي جي وقت ۾ ميان عبدالنبي بروهين کان مدد وٺي لاڙڪاڻي آيو. تنهن تي مير فتح علي خان لشڪر وٺي وڃي چالڪ جي پُل وٽ بروهين سان وڙهيو ۽ اُنهن کي شڪست ڏنائين ۽ انهن جو سردار زرڪ، جو قلات جو خان جو ناٺي هو، سو مارجي ويو. سنه 1218هه (سنه 1803ع) ۾ جڏهن شاه شجاع الملڪ سنڌ تي ڪاهي آيو، تڏهن مير غلام علي خان ٽالپر لشڪر وٺي پهرين لاڙڪاڻي آيو، جتي خيرپور واري مير سهراب جو لشڪر به اچي ساڻس گڏيو ۽ پوءِ شڪارپور ڏي ويو، جتي پوءِ شاه شجاع سان ٺهراءُ ٿيو.

لاهور

لاهور به ملتان وانگي اڳي سنڌ سان شامل هو. عربن جي فتح کان پوءِ هي سندن نائين جي هٿ ۾ هليو آيو ۽ پوءِ سلطان محمود غزنويءَ جي اولاد جي هٿ ۾ هليو آيو، جن مان پونيون خسرو ملڪ هو. انهيءَ جي راڄ جي ستين ورهيه ۾ يعني سنه 583هه (سنه 1187ع) ۾ غور جي بادشاهه غياث الدين انهي کي اچي لاهور ۾ قيد ڪيو ۽ غزنيءَ جي خاندان وارن کي مارائي پاڻ تخت تي ويٺو. سنه 607هه (سنه 1210ع) ۾ ٻانهو بادشاه قطب الدين ايبڪ لاهور ۾ گهوڙي تان ڪِري مئو ۽ سندس جاءِ تي آرام شاه ويٺو. اُنهي جي ڏينهن ۾ هندستان وراهيو ويو ۽ لاهور جو ڀاڱو تاج الدين يلدوز کي مليو. سنه 693هه ( سنه 1293ع) ۾ جلال الدين خلجي لاهور ۾ آيو ۽ پنهنجي پٽ ارڪعلي خان کي حاڪم مقرر ڪيائين. سنه 791هه (سنه 1389ع) ۾ جڏهن ابوبڪر شاه تغلق دهليءَ جو بادشاهه ٿيو، تڏهن گذر ئي بادشاهه غياث الدين جي پُٽ محمد شاه فساد ڪيو ۽ لاهور ۽ ملتان جي ماڻهن کي چوري بادشاهه جي طرف وارن کي ماريائين ۽ ملڪ ڦرايائين، جنهن ڪري ماڻهو کانئس رنج ٿي ابوبڪر شاه سان شامل ٿيا. سنه 796هه (سنه 1393ع) ۾ محمود شاه خلجي سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ جي ارادي سان سارنگ خان کي لشڪر سان موڪليو، جنهن لاهور وٽ اچي شيخا کوکر سان وڙهي هن کي ڀڄائي ڪڍيو ۽ لاهور جو قلعو ورتو ۽ اتي پنهنجي ڀاءُ عادل خان کي ڇڏي پاڻ ديبالپور تي ڪاهي ويو. ٻه ورهيه پوءِ سانگ خان لاهور جي حاڪم، ملتان جي حاڪم خضر خان سان وڙهي ملتان ورتو ۽ پوءِ دهليءَ ويو، جتي شڪست کائي موٽي ملتان ۾ آيو. سنه 947هه (سنه 1540ع) ۾ همايون شير شاه افغان کان ڀڄي لاهور ۾ آيو، جتي سندس ڀائر ۽ ٻيا سردار اچي گڏيا، پر سگهوئي شير شاه اتي ڪاهي آيو ۽ همايون ڀڄي ڪابل ڏي ويو. سنه 998هه (سنه 1589ع) ۾ اڪبر بادشاهه لاهور کي پنهنجو تخت گاه ڪيو اتان مرزا جاني بيگ کي تابع ڪرڻ لاءِ خان خانان کي روانو ڪيائين. سنه 1015هه (سنه 1606ع) ۾ مرزا غازي بيگ اڪبر بادشاهه وٽ لاهور ۾ آيو، جتي بادشاهه ڪابل مان آيو هو. هن کي وڏا انعام ۽ لقب ڏيئي قنڌار جو والي ڪري موڪليائين. سنه 1118هه (سنه 1706ع) ۾ نواب احمد يار خان ٺٽي جو نواب هو. اُهو لاهور ۽ ملتان جي حاڪم الهيار خان جو پٽ هو ۽ چاليهه ورهيه غزنيءَ جو فوجدار هو. سنه 1124هه (سنه 1712ع) ۾ شاهزادو محمد معزالدين لاهور ۾ آيو ۽ اتان سنڌ ۾ آيو، جتي تڏهن ميان دين محمد ڪلهوڙو گاديءَ تي هو.

لڪعلوي يا لڪي

جڏهن دلو راءِ الور جو راجا هو، تڏهن سندس ڀاءُ ڇُٽو امراني بغداد ۾ وڃي سامره مان سيد علي موسويءَ کي هڪ سؤ عربن سان سنڌ ۾ وٺي آيو ۽ اهو سيد لڪعلويءَ ۾ اچي رهيو، جنهن کي هاڻي لڪي ٿا چون. اتي جا سيد انهيءَ جو اولاد آهن. سنه 926هه (سنه 1519ع) ڌاري مرزا شاهه بيگ ارغون باغبان ۽ ٽلٽيءَ ۾ آيو ۽ لڪيءَ مان لنگهي ٺٽي ڏي رخ رکيائين. سگهو ئي پوءِ ڄام فيروز سان ٺهراءُ ڪري سنڌ وراهي ٻه ڀاڱا ڪيائون. لڪيءَ کان هيٺ ٺٽي تائين ملڪ ڄام فيروز جي هٿ ۾ رهيو ۽ مٿي شاه بيگ جي هٿ ۾ رهيو. سنه 962هه (سنه 1554ع) م۾ وري ساڳيءَ طرح لڪيءَ کان هيٺ ملڪ مرزا عيسيٰ ترخان جي هٿ ۾ رهيو ۽ مٿي سلطان محمود خان جي هٿ ۾. سنه 976هه (سنه 1568ع) ۾ مرزا محمد باقي تر خان پنهنجي ڌيءَ اڪبر بادشاهه ڏي ٿي موڪلي ته لڪيءَ وٽ مرزا خان بابا اچي انهن کي ڦري هليو ويو، جنهن تي مرزا باقي لشڪر وٺي ڪاهي آيو ۽ هنن کي شڪست ڏنائين ۽ سگهوئي پوءِ جان بابا مارجي ويو. سنه 998هه (سنه 1589ع) ۾ اڪبر بادشاه جي حڪم سان نواب خان خانان سنڌ تي لشڪر وٺي آيو ۽ مرزا جان يبيگ سان لڪيءَ وٽ لڙائي ڪيائين، جنهن ۾ جاني بيگ شڪست کائي ڀڄي ويو.

لکپت

لکپت ۽ بستا بندر ڪڇ جي راؤ جي هٿ ۾ هئا ۽ رڻ جي ڪناري تي هئا. سنه 1177هه (سنه 1764ع) ۾ ميان غلام شاه ڪلهوڙي ڪڇ تي ڪاهي پهرين سنڌڙي ورتي ۽ پوءِ لکپت ۽ بستا بندر ورتائين ۽ پُڄ تي به ڪاهي ويو، پر ڪڇ جي راوَ ساڻس صلح ڪيو. سنه 1184هه (سنه 1770ع) ۾ ميان غلام شاه ڪڇ جي راوَ جي سؤٽ ويسوجيءَ جي ڌيءَ سان شادي ڪئي. انهيءَ مائٽيءَ جي ڪري هن لکپت ۽ بستا بندر موٽائي هن کي ڏنا.

لوهري

سنه 927هه (سنه 1520ع) ۾ ڄام فيروز جي مدد لاءِ مرزا شاه بيگ ۽ سندس پٽ شاه حسن مغلن جو لشڪر وٺي سنڌ ۾ آيا. شاه بيگ بکر ۾ سلطان محمود خان کي ڇڏي گجرات فتح ڪرڻ لاءِ ٿي ويو ته ڌاريجن ماڻهن نوهريءَ مان اچي بکر تي ڪاهه ڪئي، پر سگهوئي سلطان محمود جي پيءُ مير فاضل ڪوڪلتاش انهي کي اچي شڪست ڏني ۽ سگهوئي پوءِ شاه بيگ به آيو. پوءِ پنهنجا مغل لڏائي بکر ۾ آڻي وهاريائين ۽ بکر جي سيدن کي لڏائي لوهريءَ ۾ آڻي وهاريائين. سنه 947هه (سنه 1540ع) ۾ همايون بادشاهه لاهور مان لوهريءَ اچي لٿو ۽ پاڻ اڪيلو ڀرالوءَ ۾ وڃي باغن ۾ رهيو ۽ پوءِ بکر ويو. سنه 950هه (سنه 1543ع) ۾ سلطان محمود جي وقت م بخشو لانگاهه ملتان مان لشڪر وٺي بکر تي ڪاهي آيو، پر شڪست کائي لوهريءَ ڏي هليو ويو. اُتي ٽي ڏينهن رهي موٽي ملتان ڏي ويو. سنه 980هه (سنه 1573ع) ۾ مبارڪ خان، الور جو حاڪم ۽ سندس پٽ بيگ اوغلي سلطان محمود خان کي مارڻ جو منصوبو ڪيو ۽ لوهريءَ ۾ اچي گڏ ٿيا ۽ اُتان لوهري ۽ بکر جي شهرن ۾ پکڙي پيا ۽ بکر جي ڪوٽ کي گهيرو ڪيائون؛ پر آخر شڪست کاڌائون ۽ مارجي ويا. سنه 982هه (سنه 1575ع) ۾ اڪبر بادشاه سلطان محمود خان جي مرڻ تي ڪيسو خان کي بکر جو حاڪم مقرر ڪري موڪليو؛ پر سگهو ئي وري ٻيو حڪم آيو، جنهن موجب ڪيسو خان کي فقط سکر مليو ۽ بکر ۽ لوهري محب علي خان ۽ مجاهد خانڪ کي مليا. سنه 1000هه (سنه 1593ع) ۾ مرزا جاني بيگ ۽ خان خانان ٺٽي مان لوهريءَ آيا ۽ ڪي ڏينهن اتي گذاري پوءِ اڪبر بادشاهه ڏي روانا ٿيا، جو انهيءَ سڏايو هون. سنه 1013هه (سنه 1605ع) ۾ اڪبر بادشاهه جي حڪم سان مرزا غازي بيگ ٺٽي تي قائم ٿيو، پر انهيءَ جي پهچڻ کان اڳي اڪبر مئو ۽ جهانگير تخت تي ويٺو، تنهن مير عبدالرزاق کي ٺٽي ۽ سيوهڻ ۽ لوهريءَ جو حاڪم ڪري موڪليو ۽ مرزا غازي موٽي بادشاهه وٽ ويو، جنهن قنڌار جو والي ڪري موڪليس. سنه 1171هه (سنه 1758ع) ۾ ميان غلام شاهه بهاولپور مان لشڪر وٺي عطر خان سان وڙهڻ لاءِ آيو ۽ عطر خان لوهريءَ ۾ اچي عمرڪس جي ڪنڌي تي لٿو. ٻنهي جي جنگ لڳي، جنهن ۾ عطر خان شڪست کاڌي ۽ مڏي ڇڏي ڀڄي ويو. ٻئي ڏينهن رمضان جي عيد هئي، ساڪري ميان غلام شاهه سيوهڻ ڏي ويو. سنه 1196هه (سنه 1781ع) ڌاري ميان عبدالنبيءَ جي راڄ ۾ تيمور شاهه بادشاهه وڏو لشڪر عزت يار خان جي هٿ هيٺ موڪليو، جنهن شڪارپور اچي هٿ ڪئي. هن پاسي ميان عبدالنبي ۽ مير بجار خان ارڙهن هزار ماڻهو وٺي تڪڙو تڪڙو لوهريءَ ۾ آيا. اُتي ٻيڙين جي پل ٻڌائي ٻن ٽن ڏينهن جي اندر لنگهي بکر جي پاسي ٿيا ۽ اُتان شڪارپور وڃي عزت يار خان کي شڪست ڏنائون. تنهن تي بادشاه پاڻ ڪاهي آيو. مير بجار خان انهيءَ جي اچڻ لاءِ وري به لوهريءَ وٽ ٻيڙين جي پل تيار ڪرائي ۽ پاڻ به سندس پيشوا آيو ۽ بادشاهه هن مان ڏاڍو راضي ٿيو ۽ عبدالنبيءَ کي سنڌ تي قائم ڪيائين. بادشاهه اُتان ئي موٽي ويو ۽ ميان ۽ مير موٽي شڪارپور ويا.ا نهيءَ سال ۾ مير بجار خان جي مارجڻ کان پوءِ جيڪڏهن عبدالنبي ڀڳو ۽ مدد خان سردار جي مدد وٺي آيو، تڏهن اُهو سردار لوهريءَ ۾ اچي لٿو ۽ مير فتح خان سندس پيشوا آيو، اُتان پوءِ هو اڳتي هليو. مير فتح خان کي هن کڻي بند ڪيو، پر هو وجهه ڏسي نڪري ڀڳو ۽ وڃي مير عبدالله خان سان گڏيو. مدد خان لوهريءَ مان ڪوچ ڪري اُٻاوڙي ۾ آيو ۽ اُتان دين ڳڙهه تي ڪاهيائين، جتي مير هئا. سنه 1197هه ( سنه 1783ع) ڌاري ميان عبدالنبي تيمور شاهه کان مدد وٺي ڪاهي آيو. مير فتح علي خان چاليهه هزار بلوچ وٺي اڳواٽ لوهريءَ ۾ آيو، پر انهيءَ وچ ۾ مير جي وڪيلن بادشاهه کي ساري حقيقت ٻڌائي ۽ بادشاهه لشڪر جي موٽڻ جو حڪم ڪڍيو. سنه 1202هه (سنه 1787ع) ۾ تيمور شاهه بادشاهه وري به ميان عبدالنبيءَ جي دانهن تي ٻيو شاهي لشڪر هن جي مدد لاءِ موڪليو ۽ احمد خان نورزائي اچي لوهريءَ ۾ لٿو ۽ ساڻس چاليهه هزار افغان هئا. هِتان مير فتح علي خان فقط ٻه هزار بلوچ وٺي هن سان وڙهڻ لاءِ ويو. وڏي جنگ لڳي ۽ احمد خان شڪست کائي ڀڳو. تيمور شاهه پاڻ تڏهن بهاولپور ۾ هو. مير جا وڪيل وٽس ويا ۽ هُن مير فتح علي خان کي سنڌ جي حڪومت تي قائم ڪيو ۽ پاڻ موٽي ويو.

ماٿيلو

سنه 758هه (سن 1356ع) ۾ ڄام رائني سمي ٺٽي جي گاديءَ تي ويهي پنهنجي چڱي هلت ۽ انصاف سان ماڻهن کي راضي ڪيو ۽ ملڪ وڌائي ماٿيلي ۽ اُٻاوڙي تائين آندائين. سنه 908هه (سنه 1502ع) ۾ مرزا شاه حسن جي راڄ ۾ مير فاضل ڪوڪلتاش جي پٽ بابا احمد کي مرزا موڪليو ته ماٿيلي ۽ اُٻاوڙي جي پاسي ڏهرن ۽ مهرن ۽ ماڇين کي سيکت ڏني، جو انهن فساد ٿي ڪيو. سنه 930هه (سنه 1523ع) ۾ سلطان محمود خان جي طرفان مبارڪ خان ماٿيلي جو حاڪم هو. اڪبر بادشاهه ڄام فيروز جي مدد لاءِ مجاهد خان کي موڪليو هو. تنهن اچي ماٿيلي جي ڪوٽ کي گهيرو ڪيو، جنهن ۾ مبارڪ خان پناهه وٺي ويهي رهيو. سگهوئي سلطان محمود خان ٽي هزار ماڻهو مدد لاءِ موڪليا، پر مبارڪ خان انهيءَ کان اڳي نڪري اچي پيش پيو ۽ مجاهد خان ماٿيلو ورتو.

محمد آباد

سنه 792هه (سنه 1389ع) ۾ فيروز شاهه تغلق جو پٽ محمد شاهه تخت تي ويهڻ کان پوءِ محمد آباد جو شهر ٻڌو ۽ آسپاس جي مخالف ۽ فسادي ماڻهن کي سزا ڏيئي اتي اچي رهيو، پر سگهوئي پوءِ مري ويو. اهو شهر دهليءَ کي ويجهو هو. پر انهيءَ نالي جو ٻيو شهر محمدآباد ميان نور محمد ڪلهوڙي خدا آباد کان پوءِ آيو، جتي سنه 1164هه (سنه 1751ع) ۾ خدا آباد ڇڏي پاڻ پنهنجي پٽ محمد مرادياب خان سان گڏ اچي رهيو. سنه 1168هه (سنه 1755ع) ۾ ميان نورمحمد جي مرڻ تي محمد مرادياب گاديءَ تي ويٺو، پر بادشاه ڪن مخالف اميرن جي چوڻ تي اسماعيل خان پنيءَ کي ٺٽي جو نواب مقرر ڪري موڪليو، جو محمد آباد تائين به آيو. پر سگهوئي ميان جا وڪيل بادشاهه تائين ويا ۽ ميان سنڌ جو حاڪم مقرر ٿيو ۽ نواب سربلند خان لقب مليس. سنه 1170هه (سنه 1757ع) ۾ ميان غلام شاهه محمد مرادياب کي لاهي پاڻ گاديءَ تي ويٺو ۽ محمد آباد جي پاسي ۾ ٻيو شهر الهه آباد نالي ٻڌي انهيءَ ۾ رهڻ لڳو ۽ محمد مرادياب وڃي خدا آباد ۾ رهيو. سنه 1171هه (سنه 1757ع) ۾ ميان غلام شاهه پنهنجي ڀاءُ عطر خان کي لوهريءَ ۾ شڪست ڏيئي موٽي محمد آباد ۾ آيو ۽ سارو سال اتي گذاريائين ۽ پوءِ عطر خان سان پرتو.

محمد طور

سومرن جي ڏينهن ۾ اهو شهر مکيه شهر ۽ سندس پاسي ۾ پيو ٿرڙيءَ جو شهر هو. محمد طور سومرو سنه 654هه (سنه 1256ع) ۾ سنڌ جي گاديءَ تي هو ۽ پندرهن ورهيه راڄ ڪيائين. انهيءَ اهو شهر ٻڌو، جو سندس نالي پٺيان سڏجڻ ۾ آيو. سنگهار سومري کان پوءِ سندس زال هيموُ پاڻ ادڪ جي ڪوٽ ۾ رهي ۽ پنهنجن سڳن ڀائن کي محمد طور ۽ ٿرڙيءَ ۾ رکيائين. اهو سنه 720هه (سنه 1320ع) ڌاري هو، جڏهن غازي ملڪ سنڌ ۽ ملتان جو لشڪر وٺي پونئين غزنوي بادشاه خسرو خان کي لاهي پاڻ دهليءَ جو بادشاه ٿيو. جڏهن سنه 752هه (سنه 1351ع) ڌاري سومرن جي حڪومت پوري ٿي ۽ سما آيا، تڏهن پونيون سومرو حاڪم سپڙ سمن سان وڙهندي مارجي ويو ۽ سومرا محمد طور ڇڏي ڪڇ ڏي هليا ويا؛ پر اتي به ابڙي سمي نه ڇڏين، ۽ سڀني کي ماري ڇڏيائين. جڏهن سما حاڪم ٿيا، تڏهن هنن محمد طور جو شهر ڦٽائي ڇڏيو ۽ انهيءَ جي جاءِ تي ساموئي ۽ ٻيا شهر ٻڌائون. اهي سڀ شهر درڪ پرڳڻي ۾ هئا.

ملتان

هن جو تاريخي احوال مٿي پهرئين باب ۾ ڏنو ويو آهي، اُتي ڏسجي.

منصوره

عباسي خليفن جي ڏينهن ۾ سنه 750ع ڌاري منصور بن جمهور سنڌ ۾ حاڪم هو، تنهن برهمڻ آباد کان ٿوري پنڌ تي هي شهر ٻڌايو، جنهن تي سندس نالو پيو. پاڻ پوءِ ڪن دشمنن سان وڙهندي رڻ ڏي ڀڄي ويو، جتي اُڃ جي ڪري مري ويو. جڏهن سومرا سنڌ ۾ حاڪم هئا، تڏهن منصوره شهر سندن گاديءَ جو هنڌ هو ۽ انهيءَ کان اڳي به سن 871ع ۾ جڏهن عربن جا نائب سنڌ جا حاڪم هئا، تڏهن به هي شهر گاديءَ جو هنڌ هو. جڏهن پوءِ الور ۽ برهمڻ آباد شهر ڦٽا، تڏهن هي به ڦٽو.

نصرپور

سنه 720هه (سنه 1320ع) کان پوءِ جڏهن سومرن جو راڄ هو ۽ دودو گاديءَ تي هو، تڏهن هن ٿرڙي ۽ محمد طور مان نڪري نصرپور تائين پنهنجو ملڪ وڌايو. سنه 880هه (سنه 1484ع) ڌاري جڏهن ڄام سڪندر گاديءَ تي هو ۽ صغير هو، تڏهن سيوهڻ ۽ بکر جي حاڪمن فساد ڪيو، جنهن تي هو ٺٽي مان نڪتو ۽ بکر ڏي وڃڻ جو ارادو ڪيائين، پر جڏهن نصرپور ۾ آيو، تڏهن سندس هڪڙو نوڪر مبارڪ نالي، جو بهادر شخص هو، تنهن پاڻ کي ڄام سڏايو پر ٽن ڏينهن جي اندر هن کي ماڻهن ڀڄائي ڪڍيو. سنه 928هه (سنه 1521ع) ۾ مرزا شاه بيگ جي مرڻ ڪري مرزا شاه حسن نصرپور ۾ پيءُ جي گاديءَ تي ويٺو، جو اهو شاه بيگ ٺٽي مان نڪري گجرات ڏي ٿي ويو ۽ رستي ۾ بيمار ٿي مري ويو. سنه 942هه (سنه 1535ع) ۾ همايون بادشاه گجرات تي ڪاهي آيو. انهيءَ وقت گجرات جي بادشاه جي پاران خضر خان پَٽن ۾ حاڪم هو. بادشاه جي حڪم سان مرزا شاه حسن نصرپور مان نڪري پٽن جي ڪوٽ کي اچي گهيرو ڪيو. پر خضر خان هن کي هڪ لک رپيا رشوت ڏني ۽ هو هليو ويو. سنه 976هه (سنه 1568ع) ۾ مرزا محمد باقي ترخان جي وقت ۾ سلطان محمود خان ارغون سردارن جي منٿن تي نصرپور جي قلعي کي اچي گهيرو ڪيو، پر خضر خان هن کي هڪ لک رپيا رشوت ڏني ۽ هو هليو ويو. سنه 976هه (سنه 1568ع) ۾ مرزا محمد باقي ترخان جي وقت ۾ سلطان محمود خان ارغون سردارن جي منٿن تي نصرپور جي قلعي کي اچي گهيرو ڪيو، پر اڪبر بادشاهه جي ملتان ۾ اچڻ جو ٻڌي، گهيرو لاهي بکر ڏي هليو ويو. سنه 978هه (سنه 1570ع) ۾ مرڻ کان ٿورو اڳي مرزا محمد باقي، اڪبر بادشاهه جي اچڻ جو ٻڌي سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن ۾ پنهنجا حاڪم مقرر ڪري ڇڏيا. نصرپور ۾ پنهنجي هڪڙي پٽ مرزا شاه رخ کي رکيائين ۽ شير علي ڪوڪه کي سندس مدد لاءِ رکيائين. ٻئي پٽ مرزا پاينده کي سيوهڻ ۾ رکيائين، پر سگهوئي شاه رخ مري ويو، تڏهن سندس جاءِ تي قاسم ارغون کي نصرپور جو حاڪم ڪري رکيائين. سنه 998هه (سنه 1585ع) ۾ جڏهن اڪبر بادشاه نواب خان خانان کي سنڌ ڏي موڪليو ۽ هو سيوهڻ تي ڪاهي آيو، تڏهن مرزا جاني بيگ هن کي سامهون ٿيڻ لاءِ نڪري اچي نصرپور وٽ درياهه تي ٻيڙين ۾ منزل ڪئي. سگهو ئي اتي ٻيڙين جي جنگ لڳي، جنهن ۾ مرزا جي طرفان خسرو خان شڪست کاڌي. سنه 1008هه (سنه 1599ع) ۾ مرزا غازي بيگ جي راڄ ۾ شاه قاسم ارغون جو پٽ ابوالقاسم سلطان، جو مرزا جاني بيگ جو سالو هو ۽ بهادر شخص هو ۽ نصرپور جو حاڪم هو، تنهن فساد ڪيو. تنهنڪري مرزا ٺٽي مان وڏي لشڪر سان هن تي ڪاهي آيو، پر پوءِ پاڻ ۾ صلح ڪيائون ۽ ابو القاسم نصرپور ۾ رهيو. سنه 1201هه (سنه 1612ع) ڌاري خسرو خان چرڪس، جنهن کي مرزا غازي بيگ فساد ڪرڻ کان پوءِ ٺٽي ۾ رکيو هو، تنهن اتي سرڪاري پيسن جي نسبت ۾ خيانت ڪئي هئي، تنهن کي سائين ڏنه هندو خان حساب چڪاسڻ بعد گرفتار ڪرڻ لاءِ نصرپور ۾ آيو ۽ خسرو خان جي چورت تي ابوالقاسم سلطان سامهون ٿيڻ لڳس؛ پر نيٺ هن قلعو ورتو ۽ خسرو خان کي به گرفتار ڪيائين. سنه 1151هه (سنه 1738ع) ۾ نادر شاهه بادشاهه سنڌ ۾ آيو ۽ ميان نور محمد بندوبست لاءِ لاڙڪاڻي ويو. پٺ تي ڌاراجه ۽ ڪڪراله جا ڄام وجهه وٺي لشڪر ٻيڙين تي چاڙهي نصرپور تائين آيا ۽ ملڪ ۾ ڦرمار ڪرڻ لڳا؛ پر ڪلهوڙن ڪنارن تان توبون ڇوڙي هنن کي ڀڄائي ڪڍيو. سنه 1168هه (سنه 175ع) ۾ ميان نور محمد جي چوڻ تي ديوان گدومل بادشاهه کان سَنَد ۽ خلعت وٺي آيو ۽ ميان محمد مرادياب کي نصرپور ۾ پيءُ جي گاديءَ تي ويهاريائون ۽ ڏاڍيون خوشيون ڪيائون. سنه 1172هه (سنه 1759ع) ۾ ميان غلام شاهه ۽ ميان عطر خان ٻنهي ڀائرن جو جهيڙو لڳو ۽ جنگ ٿي. آخر پرچاءُ ڪيائون ۽ ملڪ وراهيائون. شاه ڳڙهه کان نصرپور تائين ملڪ ميان غلام شاه کي مليو ۽ ٺٽو باقي حصي سان عطر خان ۽ سندس ڀاءُ احمد يار خان کي مليو. پر سگهوئي وري هنن پونين ٻن ڀائرن جو پاڻ ۾ تڪرار ٿيو. تنهن تي ميان غلام شاه نصرپور ۾ هيءَ خبر ٻڌي هنن جي ملڪ تي ڪاهي ويو ۽ آسانيءَ سان سڄي سنڌ پنهنجي هٿ ڪيائين. سنه 1201هه (سنه 1786ع) ۾ جڏهن ميان عبدالنبي قلات جي خان جي مدد وٺي آيو، تڏهن مير فتح علي خان ونگ جي پاسي شڪار تي ٿي ويو. نصرپور ۾ گهڻا بلوچ سردار به ساڻس ويا. سندن غير حاضريءَ ۾ ڪاڇي جا ڪي بلوچ اچي ملڪ ڦري هليا ويا، جن کي پوءِ مير اچي سزا ڏني.

نوشهره

ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾، اورنگزيب بادشاه جي عهد ۾ سنه 1069هه (سنه 1684ع) ڌاري ڪلهوڙن ساهتي پرڳڻو هٿ ڪيو ۽ انهيءَ جي وٺڻ وارو فيروز ويرار هو، جنهن نوشهري جو شهر ٻڌو، جنهن کي نوشهروفيروز ٿا چون. مورو به انهيءَ وقت ڌاري فريد ڀڳت جي معرفت ڪلهوڙن ورتو. سنه 1168هه (سنه 1755ع) ۾ احمد شاهه دورانيءَ وٽ ديوان گدومل ميان نور محمد ڪلهوڙي جي پاران وڃي سندس منظوري ورتي. بادشاهه تڏهن نوشهري ۾ لٿل هو. سگهو ئي پوءِ انهيءَ سال ۾ ميان وفات ڪئي ۽ سندس پٽ محمد مرادياب خان گاديءَ تي ويٺو. سنه 1171هه (سنه 1758ع) ۾ ميان محمد عطر خان جي گاديءَ تي ويهڻ کان پوءِ سندس ڀاءُ احمد يار خان نوشهري ۾ وڃي رهيو ۽ محمد مرادياب خان به آيو ۽ سڀئي پاڻن جي وچ ۾ ناسازي ٿيڻ لڳي. سنه 1172هه (سنه 1758ع) ۾ ميان غلام شاهه ۽ عطر خان پاڻ ۾ صلح ڪيو ۽ ملڪ وراهيائون. نوشهري وارو ڀاڱو عطر خان کي مليو، سو اتي اچي رهڻ لڳو، پر سگهوئي وري عطر خان ۽ احمد يار خان جو پاڻ ۾ تڪرار لڳو. تنهن تي ميان غلام شاه ڪاهي آيو ۽ عطر خان نوشهرو ڇڏي اٿي ڀڳو ۽ ميان غلام شاه اُهو ملڪ به پنهنجي هٿ ڪيو. سنه 1196هه ) سنه 1782ع) ۾ هالاڻيءَ جي جنگ ۾ مير فتح علي خان ڪلهوڙن کان سنڌ کڻي پهرين نوشهري ۾ آيو. سنه 1249هه (سنه 1843ع) ۾ جڏهن سرچارلس نيپئر حيدرآباد تي ڪاهي ٿي آيو، تڏهن نوشهري وٽ هن کي ڪرنل آؤٽرام وڃي گڏيو، جنهن کي ميرن ڪاهه ڪري حيدرآباد مان ڀڄايو هو. انهيءَ هنڌ تي مير نصير خان ۽ ٻين جا وڪيل به وٽس آيا، پر پوءِ ڳالهين ۾ نه ٺهيا ۽ سرچارلس ڪاهي حيدرآباد آيو ۽ مياڻيءَ جي جنگ ڪري سنڌ فتح ڪيائين.

نيرون ڪوٽ (هاڻي حيدرآباد)

جڏهن هندن جو راءُ گهراڻو سنڌ جي حڪومت تي هو، تڏهن نيرون، ديبل، لوهاڻا، لاکا ۽ سما، اهي سڀ ڳوٺ برهمن آباد جي حاڪم جي هٿ هيٺ هوندا هئا. سنه 92هه (سنه 710ع) ۾ جڏهن سرانديب جي راجا جا موڪليل تحفا ديبل وٽ چورائجي ويا ۽ حجاج جي لکڻ تي راجا ڏاهر چورن جي هٿ ڪرڻ کان انڪار ڪيو، تڏهن حجاج بزيل کي موڪليو، جو سمنڊ جي رستي سنڌ ۾ آيو ۽ نيرون ۾ اچي منزل ڪيائين، جتي هارون ٽن هزارن عربن جي مدد آڻي ڏنيس، جنهن سان بزيل ديبل تي ڪاهيو، پر ڏاهر جي پٽ جيسيئن جي هٿان شڪست کاڌائين ۽ مارجي ويو. انهيءَ وقت نيرون جو حاڪم هڪڙو سمني هو. انهيءَ ڊپ کان حجاج کان خط لکي معافي گهري، جا هن ڏني؛ پر پوءِ سگهوئي محمد قاسم ثقفيءَ کي سنڌ وٺڻ لاءِ موڪليائين. سنه 93هه (سنه 711ع) ۾ جڏهن محمد قاسم ديبل ورتو، تڏهن ديبل جو حاڪم ڀڄي نيرون ۾ ويو، جتي جيسيئن هو. ڏاهر جي حڪم سان هو سمنيءَ کي نيرون ۾ ڇڏي پاڻ برهمن آباد جو قلعو وڃي قابو ڪيائين. محمد قاسم ديبل وٺڻ کان پوءِ ڪلون کڻائي نيرون ڪوٽ تي آڻي بيهاريون، پر سمني اچي پيش پيو ۽ نذرانا به آندائين. محمد قاسم قلعو ورتو ۽ پنهنجو نائب اتي رکيائين ۽ ٻڌ جي مندر جي جاءِ تي هڪڙي مسجد ٺهرايائين ۽ امام مقرر ڪيائين ۽ پوءِ سيوستان ڏي روانو ٿيو. اتي جو ڪم لاهي وري به حجاج جي حڪم پهچڻ تي هو نيرون ۾ اچي رهي پيو ۽ سمني سندس خدمت ۾ رهيو، جنهن کي خلعت ۽ آبرو ڏنائين ۽ وري به حاڪم ڪري نيرون ۾ رکيائينس. انهيءَ لاءِ ته عربن جي لشڪر کي سامان موجود ڪري ڏئي. برهمڻ آباد جي وٺڻ کان پوءِ محمد قاسم انهيءَ هنڌ حيدرآباد جو شهر ٻڌو. انهيءَ کان پوءِ جو تاريخي احوال حيدرآباد هيٺ ڏنو ويو آهي.

هالاڻي

سنه 1196هه (سنه 1782ع) ۾ ميان عبدالنبي ڪلهوڙي دغا ڪري مير عبدالله ۽ فتح خان کي مارائي ڇڏيو. تنهن تي بلوچن مير فتح علي خان کي پنهنجو سردار ٺهرائي ميان عبدالنبيءَ تي ڪاهيو. پهرين پنهنجا ٻار ٻچا سڀ دين ڳڙهه ۾ رکيائون، پوءِ پاڻ يعني مير فتح علي خان ۽ سندس ڀاءُ مير غلام علي خان ۽ مير فتح خان جا پٽ الهيار ۽ ٺارو ۽ مير سهراب خان ۽ مرزو فقير، جو پڻ ميرن سان گڏ مارايو ويو هو، تنهنجو پٽ باغو فقير، ڇهن هزارن بلوچن سان نڪتا. مير سهراب ونگ جي پاسي ويو ته نندو ۽ ٻيا ڪي بلوچ مدد لاءِ وٺي اچي. هيءَ ٻڌي عبدالنبي وڙهڻ لاءِ سنڀري آيو. محمد حسن کهاوڙ سندس سپه سالار هو. بلاول ولد راڄو ليکي ۽ غلام حسن ولد الهه بخش جهنجهڻ ۽ تاجو سامٽيو ڌڱاڻو جتوئي ۽ پيروز ڪليري ۽ پيروز ٽالپر، اهي سڀ پنهنجا لشڪر وٺي آيا هئا.، نهمردي يا نومڙيا ۽ کوسا ۽ پٺاڻ به ساڻن هئا، جن جا سردار اسحاق خان ۽ سردار خان هئا. مڙيئي ٽيهن هزارن کان گهڻا ماڻهو هئا. ميان انهي لشڪر سان هالاڻيءَ ۾ آيو، جو شهر دين ڳڙهه کان ۽ مير جي منزل کان ٽي ڪوهه هو. مير فتح علي خان مير صوبدار جي مدد پهچڻ کان اڳي لاچار ميان کي سامهون ٿيڻ لاءِ نڪتو. بندوقون ۽ ڪمانون ۽ تراريون جنگ ۾ ڪم آندائون. جنگ هلندي مير سهراب خان ٻه ٽي هزار ٻيا بلوچي وٺي آيو. پهرين ميان جي لشڪر مان محمد حسن کهاوڙ ماريو، جنهن کي مير فتح علي خان ڌڪ هنيو. سگهوئي سندس ڀاءُ باقر به ماريو. مير سهراب وري تاجي ليکي ۽ سندس ڀاءُ الهداد کي ماريو ۽ سامٽين جي لشڪر کي ڀڄايو. سگهوئي عبدالنبي لشڪر سوڌو ڀڳو ۽ ٻيڙيءَ تي هڪڙيءَ ڍنڍ مان لنگهي پار وڃي ٽڪرن ڏي ڀڄي ويو. اها فتح کٽي مير نوشهري آيو. تاجو ۽ ٻيا سردار، جي ڪلهوڙن جي طرفان ٿي وڙهيا، سي هينئر پشميان ٿي مير وٽ آيا. جنهن هنن کي گهڻو مان ڏنو. انهيءَ جنگ جي سال جي تاريخ ابجد جي رستي ”فتح علي“ لفظ جي ٻيڻي ڪرڻ سان ٿي نڪري.

هاله ڪنڊي (هالا)

اٺين هجري صديءَ جي وچ ڌاري سمن جي راڄ جي شروعات ۾ جڏهن سنگهار سمو سندن سردار هو، تڏهن هن ملڪ وڌايو ۽ ڪڇ کان وٺي هالا ڪنڊيءَ تائين ملڪ پنهنجي قبضي ۾ آندائين. سنه 908هه (سنه 1502ع) ڌاري جڏهن مرزا شاهه حسن ڄام فيروز سان چاچڪان وٽ وڙهي هن کي ڀڄايو، تڏهن ٺٽي ۽ تغلق آباد مان ٿي هاله ڪنڊيءَ آيو ۽ اتان بکري ڏي ويو. سنه 968هه (سنه 1589ع) ۾ اڪبر بادشاهه جي حڪم سان نواب خان خانان مرزا جاني بيگ سان وڙهڻ لاءِ آيو. سيوهڻ وٽ ٻنهي جي جنگ لڳي ۽ مرزا شڪست کاڌي. جنگ تي اچڻ کان اڳي خان خانان کي ڊپ هو ۽ فتح جي اميد ڪانه هيس. ڪن ماڻهن جي صلاح تي هو هاله ڪنڊيءَ آيو، جتي مخدوم نوح تازو وفات ڪئي هئي. مرزا جاني توڙي خان خانان کي انهيءَ جي معذرت ڪرڻي هئي؛ پر فقيرن چيو ته ٻنهي مان جيڪو پهرين اتي ويندو ۽ معذرت ڪري دعا گهرندو، سو فتحياب ٿيندو. ٻنهيءَ انهيءَ پاسي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، پر خان خانان پهرين اتي پهتو ۽ نيٺ فتح به ڪيائين. سنه 1197هه (سنه 1782ع) ۾ ميان عبدالنبي  ڪلهوڙي کي مير بجار خان حيدرآباد مان سڏائي گاديءَ تي وهاريو. جڏهن هو هالا ڪنڊيءَ ۾ آيو، تڏهن مير وڃي گڏيس ۽ ٻيا سردار به اتي آيا. پوءِ سڀ مخدوم نوح جي درگاهه تي ويا ۽ اتي ميان کي پڳ ٻڌايائون ۽ اتان خدا آباد وٺي وڃي ميان محمد سرفراز جي جاءِ تي ويهاريائون. سنه 1201هه (سنه 1612ع) ۾ مرزا غازي بيگ جي مرڻ کان ٿورو اڳي خسرو خان چرڪس جي زور وٺڻ تي مرزا جي حڪم سان هندو خان وڃي هن کي گرفتار ڪيو ۽ ٻارن ٻچن سميت قيد ڪري هاله ڪنڊيءَ وٺي آيس ۽ اتان پوءِ قنڌار وٺي ويس. سنه 1259هه (سنه 1843ع) ۾ جڏهن سرچالس نيپئر ميرن سان وڙهڻ جو ارادو ڪيو، تڏهن نوشهري کان هلي پهرين هالن ۾ منزل ڪيائين، پوءِ 17 تاريخ محرم جي جمعي جي ڏينهن يعني 17 تاريخ فيبروريءَ جي اتان نڪتو ۽ ڦليليءَ تي مياڻيءَ وٽ ميرن سان وڙهيو ۽ جنگ کٽيائين ۽ پوءِ حيدرآباد جو قلعو ورتائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org