باب نائون
ٺٽي جو بيان
ڀاڱو پنجون _ قبرستان اهل الله جا
فصل پهريون _ جيڪي اهل الله شهر منجهه
۽ پسگردائيءَ ۾ رکيل آهن
(1) سيد ڪمال شيرازي ۽ سيد ملوڪ مازندراني.
درس امين، جو شيخ يعقوب جي ٽن يارن مان هو، جنهن
جو مٿي ذڪر آيو. پير بدر شهيد اولياء، جو جتن جي
رهڻ واري هنڌ کي ويجهو آهي. ارغونن جي وقت جو آهي.
پير عباس، درويش اجر جو همعصر هو. پيرشاهي، مرزا
عيسيٰ جي وقت ۾ فرنگين جي لشڪر اچڻ وقت شهيد ٿيو.
پير لاکو اصل ڪنڀار هو وڏي حال ۽ قال وارو هو.
(2) سيد شاه منبو غوث الثقلين جي اولاد مان
هو. هي سيد ڪمال شيرازي مٿيون ۽ سيد شاهه عبدالله
حسني، جنهن جو نالو هيٺ ايندو، سي ٽيئي مرزا شاهه
بيگ جي زماني ۾ سيد شڪرالله سان گڏ ٺٽي ۾ آيا. اهي
چارئي بزرگ پاڻ ۾ سچا ۽ گهاٽا يار هئا. هيءُ سيد
هڪڙي مريد جي گهر ۾ رهندو هو ۽ ڇڙهو رهيو. گهڻيون
ڪرامتون ڏيکاريائين ۽ خلق الله کي فائدو ۽ فيض
پهچايائين. سندس قبر جي پيرانديءَ ٻه قبرون ماءُ ۽
پٽ جون آهن، جن جي گهر ۾ انهن سان گڏ رهندو هو.
(3) شاهه مسڪين ڪامل فقير ۽ سيد هو. جتي
رکيل آهي اتي سندس مڪان يا تڪيو هوندو. فرنگين
واري فساد ۾ شهيد ٿيو. ميان ابو القاسم نقشبندي
چوندو هو ته انهيءَ بزرگ جهڙو ڪامل شخص ڪو ٿورو
هوندو. سيد محمود، جو عطارن واري محلي ۾ رکيل آهي،
سو به هڪڙو وڏو اولياءُ هو. پهرين هن جي قبر جي
ڪابه خبر ڪانه هئي. ڪنهن ماڻهوءَ جاءِ ٿي جوڙائي.
بنياد کوٽائيندي هن جي لاش سڄي ساري لڌائون. انهي
رات خواب ۾ معلوم ٿيو ته انهيءَ بزرگ جو نالو سيد
محمود آهي ۽ اهل الله مان هو.
(4) محمد مڪائي نيرون ڪوٽي، اَن بازار ۾ دفن
ٿيل آهي. چوڻ ۾ ٿو اچي ته هيءُ اهوئي ساڳيو شاهه
محمد مڪائي آهي، جنهن جي درگاهه نيرون ڪوٽ
(حيدرآباد) ۾ آهي، جنهن هتي به ظهور ڪيو. مير لڌو،
اصل ڪپهه وڪڻندو هو. گدا بازار ۾ سندس دڪان هوندو
هو. هميشه پنهنجي دڪان تي ميٽ رکندو هو ۽ ماڻهن کي
ڏيندو هو. انهيءَ جي کائڻ سان هر قسم جا بيمار ۽
مريض شفاياب ٿيندا هئا. وڏو اولياءُ هو ۽ اهل الله
به هن جي ملاقات ۽ صحبت لاءِ ايندا هئا. جڏهن وفات
ڪيائين، تڏهن سندس وصيت موجب کيس سندس دڪان ۾ دفن
ڪيائون. اتفاق سان انهيءَ سال مينهن بند ٿي ويو.
انهي ڪري حاڪمن حڪم ڪڍيو ته هن جي لاش اتان ڪڍي
جبل تي نيئي رکجي. ڪڍڻ جي سعي ۾ هئا ته اوچتو اچي
برسات پيئي. سڀ ماڻهو خوش ٿيا ۽ هن جي لاش نه
ڪڍيائون.
(5) سيد ابراهيم مخدوم راڄي قتال جي پوٽن
مان آهي. چون ٿا ته هن جي پيءُ کي هڪڙو ڪاٺ جو
پيالو وڏن جي ورثي ۾ مليو هو. جڏهن انهيءَ کي ماني
يا پاڻيءَ سان ڀريندا هئا، تڏهن هزارين ماڻهو
انهيءَ مان ڍؤ ڪندا هئا. مرڻ کان اڳي اهو پيالو
ڀڃي ڇڏيائين. پڇيائونس ته ڇو ڀڳءِ، جو اها وڏن جي
نشاني هئي. چيائين ته انهي مان مون کي ۽ اوهان کي
سواءِ شهرت ۽ ناموس جي ٻيو ڇا حاصل ٿيندو. سندس
قبر ڪشمشين جي محلي ۾ اُلهندي پاسي آهي.
(6) شاه ڪر گنج _ مست فقير هو، جو پنهنجي
مڪان ۾ دفن ڪيو ويو. مغلواڙي جي اُتر ڏي اُتر واري
ٻيلي جي ڪناري تي مڪان هوندو هوس. سيد احمد شيرازي
سندس وڏو مريد هوندو هو. پڇاڙيءَ ۾ سير ۽ سياحت ۾
رهيو ۽ شهيد ٿيو. چون ٿا ته پنهنجي سسي هٿن تي کڻي
اتي پنهنجي مڪان تي اچي ڪري پيو ۽ اتي دفن
ڪيائونس. هيئن به چون ٿا ته رات جو هڪڙو شينهن اچي
مڪان کي پڇ سان ٻهاري ڏيئي هليو ويندو هو.
(7) پير ڇُٽو شيخ پته جي مريدن مان هو. ٺٽي
جي اڀرندي رکيل آهي. هن بزرگ جو ظهور گهڻن هنڌن تي
ٿيو. ٺٽي جي الهندي، قندسر جي ڪناري تي به ٿيو.
پيراليو، جنهن جو اصل نالو مبارڪ هو، سو ڄام نظام
الدين جو ناٺي هو. هن اُهو بتخانو اچي ڀڳو، جتي
صفه واري مسجد جُڙي. سيد مراد شيرازيءَ جو مريد
هو. دنيا کي ترڪ ڪيو هئائين. جتي هينئر دفن ٿيل
آهي، اُتي کٻڙ جو وڻ هوندو هو، جنهن جي پاڙ مان
ڏندڻ ٿي ڪڍيائين ته جتان کوٽي، اُتان سون پوريل
ڏسڻ ۾ آيس. ڇڏي ڏنائين. پنهنجي مرشد سان ڳالهه
ڪيائين انهيءَ چيس ته جاشي خدا ٿي ڏياريءَ، سا ڇو
نه ڪڍيءِ. هن چيو ته جڏهن دنيا ترڪ ڪئي اٿم، تڏهن
سون کي ڇا ڪريان. انهي ڪري کيس اليو جو لقب
ڏنائون، يعني بي طمع. پنهنجي پير جي حياتيءَ ۾
وفات ڪيائين. سيد مراد سندس زيارت پيو ڪندو هو.
پير بابو_ اصل ڪو ٻيو نالو هوس. فقير ٿي مڪان ۾
گذاريندو هو. ڪي چون ٿا ته بخاري سيدن مان هو.
ڪامل انسان هو. هڪڙي ڏينهن ٻڌائين ته سيد مراد
شيرازي پير البه جي زيارت تي ويو آهي ۽ موٽندي
هتان لنگهندو. رستو وٺي وڃي کيس ڏسڻ ۽ مِلڻ لاءِ
بيٺو. اتفاق سان سيد اتان نه لنگهيو، ته به هو ويو
ڪين، سارو هفتو بيٺو هو. جڏهن سيد عادت موجب ساڳئي
انهي ڏينهن وري زيارت تي ويو، تڏهن هن وٽان
لنگهيو. اُتي ٻڌائين ته هن فقير سارو هفتو سندس
ديدار جي اُميد ۾ اُتي گذاريو آهي. تڏهن مٿس مَهر
جي نظر ڪيائين ۽ هو ڪامل ٿي پيو. کيس ڏسي چيائين
ته تون برابر بابو فقير آهين، يعني پڪو رياضتي
آهين. سيد جي اشاري تي هو سير ۽ سفر تي نڪتو.
ڪڪرالي ۾ پئي گهميو ته ڪن ماڻهن هن کي شهيد ڪيو.
چون ٿاته اُتان پنهنجي سِسِي پنهنجن هٿن تي کڻي
پنهنجي مڪان ڀڳو. جڏهن اُتي آيو، تڏهن ڪنهن
ماڻهوءَ انهيءَ کي ڏسي ٻين کي ٻڌايو ۽ اُتي دفن
ڪيائونس. سندس درگاهه تي ماڻهو اچڻ لڳا.
(8) پير دادن به اولياءُ هو مٿي اُگهاڙو
ڳتيلن وارن سان مڪان ۾ ويٺو هوندو هو. سيد محمد
يوسف رضويءَ جو همعصر هو. ڪي چون ٿا ته انهي کان
اڳي جو هو. هن سيد پنهنجي اولاد کي حڪم ڏيئي ڇڏيو
ته جڏهن ڪا مشڪلات پئيو ۽ مون تائين اچي نه سگهو،
تڏهن هن فقير کان دعا جي مدد گهرجو.
(9) حاجي شيخ بهاوالدين، شيخ بهاوالدين
زڪريا ملتانيءَ جي اولاد مان آهي ۽ ارغونن جي
زماني ۾ حج تان موٽي ٺٽي ۾ ايو ۽ اُتي وفات
ڪيائين. وڏي ڪماليت وارو هو. سيد علي شيرازيءَ جو
مريد هو. گهڻا فضيلت ۽ شريعت وارا ماڻهو سندس
زيارت تي ايندا آهن.
(10) پير لونگ به وڏن مشايخن مان هو. اڀرندي
ڏي هڪ ڪوهه پنڌ تي رکيل آهي. گهڻا سوالي مٿس ايندا
آهن.
(11) درويش آچر به وڏو درويش ٿي گذريو ۽ پير
لونگ کي ويجهو ببه لائي ڳوٺ ۾ رکيل آهي.
انهيءَ کان سواءِ ٺٽي شهر منجهه فرخ سير
واري جامع مسجد جي ٻاهران جيڪو شهيدن جو گنج آهي،
تنهن ۾ تيرهن سؤ ماڻهو دفن ٿيل آهن، جن کي فرنگين
قتل ڪيو هو ۽ ٻيو گنج شهيدن جو امير بيگ جي بازار
وٽ آهي، اُهي به تڏهن شهيد ٿيا ۽ اڪثر منجهن اهل
الله آهن. ٻيون به ڪيتريون قبرون آهن، جي شهر اندر
۽ آسپاس آهن، جن جو پتو ئي ڪونه ٿو پوي.
فصل ٻيو _ مڪليءَ تي آسپاس رکيل اولياءُ
مڪليءَ ۽ ساموئيءَ جي ذڪر ڪندي ڪن بزرگن جي
مقبرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي ۽ بزرگن جي ذڪر ڪندي،
جيڪي مڪليءَ تي رکيل آهن تن جو به اشارو بروقت ڏنو
ويو آهي. انهيءَ هوندي به ٻيا ڪي مقبرا آهن، جي
مڪليءَ تي آسپاس آهن. انهن جو مختصر بيان هتي ڏجي
ٿو.
(1) شيخ نعمت الله، شيخ بهاوالدين ملتانيءَ
جي اولاد مان هو. حقيقت ڪري خدا جي نعمت هو ۽ ڪامل
بزرگ هو. سمن جي حڪومت ۾ ٺٽي آيو ۽ اُتي گذريو.
سندس پٽ شيخ جيو به چڱو اولياءُ هو ۽ پيءُ جي ڏکڻ
ڏي قبر اٿس. هن کي مڪليءَ جو ڏيو ڪري سڏيندا آهن.
ماهه پهرئين سومر تي هر مهيني مٿس ميڙو لڳندو آهي
۽ ساليانو سندس وفات جي ڏينهن به. مريد رات جو اچي
مٿس جاڳندا آهن ۽ وجد ۽ سماع ڪندا آهن. ميان لال
جي قبر وري شيخ جئِي جي اُڀرندي ڏي آهي. قلندر
شهباز جو ڀاءُ يا سؤٽ ٿا چون.
(2) شيخ مغل چاچڪ_ وڏو ڪشف ڪرامت وارو
اولياءُ هو. مرزا شاهه حسن ارغون هڪڙي نصرپور جي
رئيس کي قيد ۾ وڌو. انهيءَ جا مائٽ شيخ مغل جا اصل
مريد هئا، پر اُنهيءَ مهل کيس وساري شيخ ڀرڪيه
ڪاتيار کي وڃي منٿ ڪيائون. هن کانئن ڳئون گهري، جا
هنن پنهنجي ڳوٺان آندي ۽ درياهه جو ڪنارو ڏيو
لنگهيو ٿي ويا. شيخ مغل ڏهاڻي صبح جو درياهه تي
وهنجڻ ايندو هو. هنن کي ڏسي ۽ حقيقت معلوم ڪري
ڪڇيائين ڪين، ليڪن دل ۾ غيرت ۽ ڪاوڙ آيس. جڏهن هو
ڳئون وٺي شيخ ڀرڪئي وٽ ويا، تڏهن هن چپن تي جيڪو
طلسم مون ٻَڌو هو، سو شيخ مغل رستي ۾ ڀڃي ڇڏيو.
تنهن ڪري انهيءَ قيدي کي موت کان سواءِ ٻيو چارو
ڪونهي. آخر ائين ٿيو.
(3) شيخ طلحه به شيخ بهاوالدين ملتانيءَ جو
اولاد مان هو ۽ ڪامل اولياءُ هو. هڪڙي ڏينهن هو
سيد مراد شيرازيءَ جي ڏسڻ لاءِ ويو. کانئس پڇيائين
ته پيري مرشدي ڪهڙي شيءِ آهي؟ اتفاق سان اُتي
نزديڪيءَ ۾ هڪڙو مئل ۽ سوڻل ٻِلو پيو هو. سيد مراد
انهيءَ کي چيو ته اُٿ، ته هو جيئرو ٿي اُٿي هليو.
پوءِ شيخ کي چيائين ته پيري اها آهي. اوهين ٻڌايو
ته شيخي ڪهڙي شيءِ آهي؟ شيخ چيو ته هڪڙي واڻئي کي
بازار مان آڻائي وٺ. ماڻهو هڪڙي کي وٺي آيا.
انهيءَ کي چيائين ته منبر تي چڙهي ويهي دين اسلام
جو وعظ ڪر. هندو هڪدم بيهي وعظ ڪرڻ لڳو، ڄڻ ته ڪو
وڏو دين جو عالم هو. تڏهن سيد کي چيائين شيخي اها
آهي، اها ڳالهه شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري پنهنجي
ڪتاب ۾ به آندي آهي، مگر ڪتاب تذڪرت المراد ۾ شيخ
طلحه جي بدران شيخ صدرالدين حليم جو نالو آندل
آهي.
(4) شيخ حسين سومرو سيد محمد حسين عرف پير
مراد شيرازيءَ جو خاص مريد هو. هڪڙي ڏينهن سيد وضو
پئي ڪيو. هن کي ڏسي مٿس مهرباني ڪيائين، ۽ ڪوزي ۾
جيڪو پاڻي وضوءَ کان بچيو هو، سو هن کي پيڻ لاءِ
ڏنائين. پيڻ سان هن جي عجيب حالت ٿي ۽ وجد ۾ اچي
ويو. درس ڀنڀو به سيد علي شيرازيءَ جي وڏن مريدن
مان هو ۽ اڀرندي ڏي قبر اٿس. مراد پليجو، نورائيءَ
جو رهاڪو به سيد علي شيرازيءَ جو مريد هو ۽ انهيءَ
جي درگاهه جي ويجهو قبر اٿس. شيخ حماد نيرون ڪوٽي
به مشهور اولياءُ هو ۽ سيد علي شيرازي جي قبر جي
ڀر ۾ انهيءَ جي قبر آهي.
(5) پير آسات سالڪ مجذوب هو ۽ مخدوم عربي
هالڪنڊيءَ واري جو ڀاءُ هو. سيد ميران محمد مهدي
جونپوريءَ جو مريد هو. سندس اولاد مان محمد حسين
نالي هڪڙو فقير مشهور ٿي گذريو. انهيءَ جا پٽ احمد
۽ محمد ٺٽي ۾ هئا. احمد جهان آباد ۾ شاه غلام محمد
صوفيءَ جي خدمت ۾ رهندو هو ۽ فقيرن جو لنگر
هلائيندو هو. مخدوم جمعو به وڏي حال ۽ قال وارو
فقير هو ۽ سيد علي شيرازي ثانيءَ جو همعصر هو. جمن
جتي به ڪرامت وارو فقير هو ۽ سمن جي حڪومت ۾
مڪاندار فقير هو.
(6) ميان مهٽيو فقير_ مخدوم نوح جي مريدن
مان هو ۽ ڪامل فقير هو. اڪثر فرخ سير جي جامع مسجد
۾ گذاريندو هو. سندس قبر آکري ۾ آهي. زيارتي ماڻهو
سيد علي شيرازيءَ جي زيارت ڪري پوءِ مٿس ايندا
آهن. پير آسات جي پيرانديءَ کان رکيل آهي. فقير
بهاوالدين گودڙيو به مخدوم نوح جي وڏن مريدن مان
هو ۽ ڪرامت وارو هو. مهٽئي فقير جي پاسي ۾ آهي.
سلطان کمر به مخدوم نوح جي مريدن مان هو. انهيءَ
تي به ماڻهو سيد علي شيرازيءَ جي زيارت کان پوءِ
ايندا آهن.
(7) درويش اجر_ اصل ٺٽي جو ڀوڳڙي هو ۽ پوءِ
سيد علي شيرازي ثانيءَ جو مريد ٿيو. هڪڙي ڏينهن
سيد علي سندس دڪان تي ويٺو هو. درويش اجر ستو پيو
هو ۽ هن زور پئي ڏنس. درويش حليم اتان اچي لنگهيو.
چوڻ لڳو ته هُن هنڌ هُڻ رستي ۽ هِن هنڌ هِن رستي.
درويش ظاهري ستل هو، پر دل جاڳيس پئي. مٿو کڻي چوڻ
لڳو ته هتي گهڻا آهن ۽ هو گهڻن ۾ گهٽ آهن ۽ هي
ٿورن ۾ ٿورا آهن. درويش حليم انهي ڳالهه مان اهو
اشارو سمجهيو ته حضرت پيغمبر صلعم جن جي خدمت ۾
باادب ٿي اهڙي خدمت بجا ٿو آڻين ۽ هتي سندس اولاد
جي هي خدمت ٿو ڪرين. جواب ۾ چيم ته ڪي اهڙا آهن،
جي پنهنجي لاءِ ٻين کان زياده فائدو ٿا گهرن، اُهي
گهڻا آهن ۽ ٻيا ڪي اهڙآ آهن، جي پاڻ مان ٻين جي
لاءِ گهڻو فائدو ٿا گهرن. اُهي گهڻن ۾ ٿورا آهن.
ڪي آهن جي ٻين جي فائدي ۾ پاڻ کي نقصان ۾ وجهڻ
گهرن ٿا. اُهي تمام ٿورا آهن. شهر جا شريف ماڻهو
انهيءَ ڳالهه تي ڪاوڙيا ته سندن ٻار فقير جا مريد
ٿا ٿين، تنهنڪري انهيءَ کي شهر مان ڪڍي ڇڏيائون ۽
هو گجرات ڏي هليو ويو. سيد علي سندس پٺيان ويو ۽
وڃي هٿ ڪيائينس. قريب المرگ هو. سيد کي امانت ڏيئي
دم ڏنائين. اهو سيد پڇاڙيءَ ۾ مخدوم نوح جو مريد
ٿيو؛ ليڪن جيڪو فيض حاصل ٿيس، سو انهيءَ درويش مان
ٿيس. ڪن جو چوڻ آهي ته درويش جو لاشو لڪ چوري
مڪليءَ تي کڻي ويا هئا.
(8) ميان احمد ۽ ميان محمد اصل بغدادي هئا.
ڪرامت وارا شخص هئا. ميرڪن جي قبرن جي اڀرندي دفن
ٿيل آهن. سيد احمد غوث ڪامل درويش فتحي ٽَڪَرَ تي
دفن ٿيل آهن. چون ٿا ته عاشورن ۾ حشر جي رات شهيدن
جا روح اُتي گڏ ٿيندا هئا، ۽ گهڻن ماڻهن ڏٺا. ميان
ابوبڪر به ڪامل شخص هو ۽ ميران محمد مهدي جونپوري
اصل سيد عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو مريد هو.
عيدگاهه جي ڏکڻ ڏي رکيل آهي. سيد ابراهيم وڏي حال
۽ قال وارو هو. هميشه گودڙي ڍڪيندو هو ۽ ڪلان ڪوٽ
۾ اڪيلو گذاريندو هو. جِن سندس تابع هئا. ڪلان ڪوٽ
جي قلعي جي ڀت جي پاڙ ۾ اُن جي قبر آهي. درويش سيد
حليم، درويش داؤد جو همعصر هو، جنهن جو ذڪر هيٺ
اچي ٿو ۽ ڀر ۾ به انهيءَ جي رکيل آهي.
(9) سيد عبدالله حسني_ پير دستگير جي اولاد
مان هو سيد منبه ۽ سيد ڪمال ۽ سيد قاضي شڪر الله
جي وڏن يارن مان هو. شاهه بيگ جي عهد ۾ گجرات کان
ٺٽي آيو ۽ جبل جي ڪنڊ ۾ لڪي پيو گذاريندو هو. ڇڙهو
ڇانڊ هو. ساري عمر خدا جي يادگيريءَ ۾ گذاريائين.
دفن به اُتي ٿيل هو، پر ايامن گذرڻ ڪري سندس قبر
ڊهي ويئي. گهڻي مدت کان پوءِ شاهه حافظ الله
گجراتي ۽ شيخ يعقوب ۽ خليفه ابوالبرڪات کي اشارو
ٿيو، جن مڪليءَ تي ڳولي اها قبر لڌي ۽ ظاهر ڪيائون
تنهن کان پوءِ وڏي زيارتگاهه ٿي پيئي.
(10) درويش ڀرڪيو لُنگ. مڪليءَ جي دامن ۾
سندس مڪان هو. اتي نقارا وڄائيندو هو. شهر جا
ماڻهو وٽس ويندا هئا. قبرستان جون گهڻيون قبرون
انهيءَ جوڙيون. پهڻ مان چونو ۽ گچ ٺاهي وڏا وڏا
منارا ۽ قُبا بنائيندو هو ۽ رات جو انهن تي ڏِيا
ٻاريندو هو. اُهي ڏِيا ڏسي سمنڊ تي جهاز وارا
بندرن تي ايندا هئا ۽ سندس اڳيان نذرانا رکندا
هئا،. ايتري دولت گڏ ڪيائين، جو مرزا باقيءَ کي
مٿس ريس آئي، جيڪو وٽس ويندو هو، تنهن کي تڪليف
رسائيندو هو. چون ٿا ته سيد علي شيرازيءَ کي به
انهيءَ سبب تڪليف پهچايائين، اها ڳالهه ٻڌي مخدوم
نوح ڏاڍو رنج ٿيو، انهيءَ رنج جو اهو نتيجو ٿيو،
جو سگهو ئي مرزا باقيءَ کي ڳجهه ڳوهه ۾ ماري
ڇڏيائون.
(11) درويش داؤد، جنهن کي داؤد درسن چوندا
هئا، سو وڏي ڪرامت وارو بزرگ هو. ڪلان ڪوٽ تي هڪڙو
پاڻيءَ جو دُٻو هوندو هو، جو هن فقير جي نالي سڏبو
هو. انهيءَ ۾ هو پنهنجن دوستن ۽ مريدن سان پاڻيءَ
۾ ترڻ سان راند ڪندو هو. هڪڙو ڀڄندو هو ته ٻيا
انهيءَ کي تري وٺندا هئا ۽ هو ٽُٻيون هڻي ڀڄندو
هو، جيئن ڪ ٻار ڪندا آهن. چون ٿا ته جنهن ماڻهوءَ
کي هي فقير واري تي وٺندو هو، تنهن کي پاڻي ۾ ٽٻي
ڏياريندو هو ۽ هووڏي معرفت ۽ حقيقت وارو ٿي پوندو
هو ۽ واصل بالله ٿيندو هو. دفن به اتي ئي ڪيو ويو.
سيد مراد شيرازيءَ جو همعصر هو. گهڻا ماڻهو سندس
زيارت تي ايندا آهن. برسات جي موسم ۾ ته مٿس خاص
ميڙو ڳندو آهي.
(12) شيخ پوٽوديولي_ هن جو اصل نالو حسين بن
راجبار هو ۽ اپلن جي قوم مان هو. سندس ماءُ سلطاني
بنت مراد هئي. هو تمام وڏو اولياءُ ٿي گذريو.
انهيءَ جهڙو بزرگ سنڌ ۾ ڪو ٿورو ٿيو هوندو. هن جي
تعريف جيڪا ڪجي، سا ٿوري آهي. اوائل ۾ هو جبل جي
هڪڙي غار ۾ لِڪو پيو هوندو هو، جيئن هيرو يا لعل
کاڻ ۾ لِڪل رهندي آهي. شيخ بهاوالدين ملتان وارو
پنهنجن يارن سان گڏجي اُتان اچي لنگهيو. دِل جي
نور سان معلوم ٿيس ته هن جبل ۾ هڪڙو وڏو گوهر آهي.
ڳولي وڃي غار ۾ هٿ ڪيائينس. انهيءَ کي ڪڍي پنهنجو
مريد ڪيائين ۽ ظاهر ڪيائينس. انهيءَ شيخ سنه 606هه
۾ وفات ڪئي. سندس درگاهه وڏي زيارتگاهه آهي ۽ وقت
بوقت سجاده نشين ٿيندا اچنس. شيخ ساجن کان پوءِ
شيخ صابو سجاده نشين ٿيو. __ ربيع الاول جي هر سال
سجاده نشين انهيءَ بزرگ جي دستار ڪڍي درگاهه تان
مناري تائين ويندو آهي ۽ نوراني ڏسڻ ۾ ايندو آهي.
(13) شيخ جميل، جنهن جو اصل نالوسيد
وجدالادين هو، سو امام موسيٰ ڪاظم جي اولاد مان
هو. لوهارڪو ڌنڌو ڪندو هو. سندس درگاهه وڏي
زيارتگاهه آهي. سجاده نشين ٿيندا آيا. پهرين شيخ
ممون هو، پوءِ شيخ براق ٿيو. ملا خليفو اصل محمد
طور شهر جو هو، جڏهن اهو شهر ڦِٽو، تڏهن اچي ساڪري
۾ رهيو. شيخ بهاوالدين ملتانيءَ جو خليفو هو. ڪامل
شخص هو. درس اله الدين سومرو سيد علي شيرازي
ثانيءَ جو همعصر هو. هڪٻئي سان سنڌي بيتن ۾ سوال
جواب ڪندا هئا. اصل شيخ بهاوالدين ملتانيءَ جو
مريد هو. گهڻيون ڪرامتون ڏيکاريائين. سندس مقبرو
شيخ ۽ پير پني جي وچ تي آهي. شيخ عبدالوهاب عباسي
خليفن مان هو ۽ محمد طور جو رهاڪو هو. مرزا باقيءَ
جي ڏينهن ۾ هو، ٺٽي جي پسگردائيءَ واري ڪنهن ڳوٺ ۾
اچي رهيو. جهنگ جا جانور ۽ پکي سندس تابعدار هئا.
ماڻهن جو مٿس هنگامو لڳندو هو، جنهن ڪري مرزا
باقيءَ کي شڪ پيو ۽ محمد خليل جي هٿان هن کي شهيد
ڪرائي ڇڏيائين.
(14) شيخ ابوتراب، جنهن کي حاجي ترابي چوندا
آهن، سو بني عباس خليفن جي گماشتن مان هو ۽ سنڌ ۾
ڪٿي حاڪم هو. هي به شهيد ٿيل آهي ۽ ٺٽي کان چئن
ڪوهن تي هڪڙي ڳوٺ ۾ رهندو هو. سندس قبو به اُتي
آهي. سندس وفات جو سال سنه 171هه آهي. شيخ سن
قندراني ۽ لال جوان ۽ پير دادن ۽ جتول حبشي ۽ ڇتو
مشايخ ۽ پير ڪپور، اهي سڀ شهيد آهن، جي شيخ
ابوتراب مٿئين جي نزديڪ دفن ٿيل آهن ۽ ماڻهو انهن
جي زيارت ڪندا آهن. شيخ جهاريو هڪڙي خلاصي ٽِڪَرَ
تي آهي، جو سندس نالي سڏبو آهي. پير ڪريم ساڪري ۾
رکيل آهي. چوندا آهن ته گدڙ انهيءَ جا مريد آهن ۽
مجاورن جي حڪم تي حاضر اچي ٿيندا آهن. لال انس
ساموئي جي اُتر ڏي درياهه جي ڪناري تي ٽڪريءَ تي
رکيل آهي. درس وريو به قديم بزرگن مان آهي.
مُلاموج دريا بندر لاهريءَ
جي
ويجهو رکيل آهي، جتي ديول بندر آهي. سندس اولاد به
ملا سڏبا هئا، جي ڌاراجه بندر ۾ رهندا هئا. سيد
محمود وڏو بزرگ هو ۽ بندر لاهريءَ جي ڏکڻ پاسي
رکيل آهي. بلوخان لودي ڪرامت وارو بزرگ هو. بندر
لاهريءَ تي رکيل آهي. شيخ نورالدين دريائي سمنڊ جي
ڪناري تي ڌاراجه بندر تي رکيل آهي.
فصل
ٽيون _ مجذوب ۽ ديوانا سالڪ فقير
(1)
وطايو فقير مجذوب عارف ۽ ڪامل شخص هو. سندس ٿورو
ذڪر مخدوم حمزه واعظ جي ذڪر ۾ آيو آهي. هو چوندو
هو ته شريعت طريقت جا موي زهار آهن. يعني جڏهن
ماڻهوءَ کي نهائينءَ جا وار نڪرندا آهن، تڏهن بالغ
سمجهبو آهي.
(2)
مٺوُ فقير مجذوب، غيب ڄاڻندڙ ڳجهه ظاهر ڪندڙ هو.
چون ٿا ته جڏهن ملا محمد جهانگيري مفلسيءَ جي حالت
۾ بادشاهه جي حضور ۾ وڃڻ جو ارادو ڪيو، تڏهن
مڪليءَ جي قبرستان وارن بزرگن کان موڪلائڻ آيو،
اتان موٽندي ڏسي ته مٺوُ فقير ۽ ڪي ٻيا مجذوب فقير
هڪڙي ڍونڍ تي بيٺا آهن ۽ انهيءَ جي پيٽ مان ڪي
ڪڍيو پيا کائين.
جڏهن
مٺوُ فقير مُلا محمد کي ڏٺو، تڏهن ڍونڍ مان ڪينئن
جو ٻڪ ڀري مُلي ڏي نهاري کڻي پنهنجي وات ۾ وڌائين
۽ هن کي به چيائين ته کاءُ. هن جو فقير ۾ پڪو
ارادو ٿيو ۽ سندس نصيب زور هو، سو ڪنهين به ڪراهت
کان سواءِ اُهي ڪينئا کائي ويو. تڏهن ٻئي مست فقير
اهو
حال
ڏسي ڊوڙي اچي چيس ته اي مٺوُ!
ٻئي جهان ٿو وڃائين. ائين ئي باقي جيڪي ڪينئا هن
جي هٿ ۾ هئا، ۽ وات ۾ هئا، سي ڪڍي ورتائينس، پر
جيڪي ملا کاڌو، انهيءَ جي برڪت سان وڏو درجو حاصل
ڪيائين.
(3)
وٽو فقير به مٿئين مٺوُ فقير جو همعصر هو. هو ڪنهن
سان ڪين ڳالهائيندو هو. جيڪي سوالي ايندا هئا، سي
سندس ويهڻ ۽ چُرڻ مان سڳڻ جهڙا جواب وٺي ويندا
هئا، ۽ جيڪي ڏسندا هئا، سو لهندا هئا. هڪڙي ڏينهن
ڪنهن ڳوٺ
۾
هن کي ڀڄندو ڏٺائون. خبر نه پين ته ڇوٿو ڀڄي.
اتفاق سان انهي ڏينهن نومڙين جو لشڪر ڪاهي اچي
انهيءَ ڳوٺ ۾ تي پيو ۽ نومڙيا ماڻهو ماري گهر ڦري
هليا ويا.
(4)
موٽو فقير مجذوب_ پنهنجي وقت ۾ مشهور هو. هڪڙي
ڀيري ٺٽي جو حاڪم نومڙين جي قوم کي سيکت ڏيڻ
لاءِ جبل ڏي ويو. حقيقت پڇڻ جي لاءِ هن فقير کي
جبل جي ڪناري سان پئي ڳوليائون. خسرو
خان جي ڍنڍ تي وڃي لڌائونس ڏسن ته هڪڙي وڻ جي
ڪاٺيءَ تي چڙهيو ويٺو آهي ۽ وڻ کي چهبڪ پيو هڻي ۽
پيو چوي ته اي وڻ، ٻڌاءِ توتي ڪاهه آهي، طاقت
اٿيئي يا نه؟ اوچتو اُهو ٽار ڀڄي پيو ۽ اهو اچي
زمين تي ڪريو. هنن ماڻهن کي ڏسي چوڻ لڳو ته هن وڻ
۾ هي ڏار وڏو هو، تنهن
تي
سواري ڪري انهي کي ڀڳوسين. انهي مان حاڪم چڱو سڳڻ
ورتو. هڪدم سوار ٿي اڳتي هليا. جڏهن دشمنن جي ڳوٺ
وٽ پهتا، تڏهن اُتي جو سردار اوچتو مري پيو ۽ ڪوبه
هن کي سامهون ٿي نه سگهيو. جيڪي هنن کي چيائون، سو
هنن قبول ڪيو. انهيءَ طرح ڪنهن کي به ڪا مشڪلات
پوندي هئي ته انهيءَ مجذوب جي ڳالهائڻ مان مطلب
معلوم ڪندو هو.
(5) ڪامل
فقير مجذوب_ هن جا وڏا لوهار هئا. هي اڪثر برپٽ ۾
گذاريندو هو. ڪڏهن اتفاق سان ڪنهن ڳوٺ ۾ ايندو هو
ته رات يا ڏينهن رهي هليو ويندو هو. اوتي جا ماڻهو
سندس چڱي خدمت چاڪري ڪندا هئا. جي ڪو هن کي پنهنجي
ڳوٺ ۾
هلڻ لاءِ چوندو هو ته ڪين قبول ڪندو هو. پنهنجي
مرضي تي جتي دل پوندي هيس، اتي ويندو هو. جيڪڏهن
ڪو سوال ڪندو هوس ته انهي جي جواب ۾ هڪڙو سنڌي بيت
پڙهندو هو، جو تقدير موافق پورو اچي بيهندو هو.
(6) حبيب
شاهه_ اصل ڏاهري هو. اوائل ۾ جڏهن هو اڃا چريو نه
هو، تڏهن سندس مائٽن کيس پرڻايو. اها رات زال سان
گڏ رهي پوءِ اوچتو گم ٿي ويو. ٻارهن ورهين کان
پوءِ پيدا ٿيو ۽ ديوانگيءَ جي حالت ۾ مٿي ۽ پيرين
اُگهاڙو هن کي گهر وٺي آيا. اڪثر پير منبه جي
درگاهه تي ويندو هو. ماڻهن جي دل جي خبر پوندي هيس
۽ پڇڻ کان سواءِ انهن کي جواب ڏيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن
ڪا شيءِ ڪنهن ماڻهوءَ کان گهرندو هو ته اُهو ضرور
هن کي اها ڏيندو هو. هڪڙي ڏينهن مير حيدر الدين
ڪامل سان گڏ ماني ويٺي کاڌائين. مڇيءَ جو ٻوڙ ۽
ماني سندن اڳيان هئي. ماني شوروي سان ويهي
کاڌائين. جڏهن مير مڇيءَ کي هٿ لاتو، تڏهن کائڻ نه
ٿي ڏنائينس ۽ منع ٿي ڪيائينس. جڏهن هن ڪنهن پاسي
منهن ڪيو، تڏهن مير مڇيءَ مان ذرو ڀڃي کڻي وات ۾
وڌو. جهٽ ۾ هن جي وات مان اُهو ڦري، سڀ ٻوڙ
کڻي
اڇلايائين. هڪڙو ٻلو اتي بيٺو هو، سو اها مڇيءَ
کائي ويو ۽ هڪدم ڦٿڪي ڦٿڪي ساهه ڏنائين. ٻئي ڀيري
مير محمد عطا امير خانيءَ جي گهر اڻ ڪوٺيو آيو ۽
چادر مٿان وجهي سمهي پيو. ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون
ستو پيو هو ۽ پاسو به ڪونه ورايائين. شاهه
عبداللطيف تارڪ ڀٽائي انهيءَ جاءِ جي ماڙيءَ تي
رهندو هو. فقير جي ننڊ جو ٻڌي هيٺ آيو ۽ سيرانديءَ
کان ويهي چوڻ لڳو ته اي ديوانا، هيءَ ننڊ
تون
ڪٿان سکيو آهين؟ جيڪي توکي ننڊ ۾ آهي، سو اسان کي
جاڳندي به نٿو ملي. جڏهن نادر شاهه جا مغل اچي شهر
۾ گهڙيا، تڏهن هو گم ٿي ويو.، پوءِ خبر نه پيئي ته
ڪيڏي ويو.
(7)
لونگ فقير مجذوب_ اصل پني جي ڳوٺ جو هو. جڏهن هي
اڃا ماءُ جي پيٽ ۾ هو، تڏهن سندس ماءُ پيءُ حج
ويا هئا. اتفاق سان هن جي ماءُ ٻن مهينن
جي
پيٽ سان مري ويئي. انهيءَ کي پوري ڇڏيائون. ٻن
ورهين کان پوءِ ڪو ماڻهو ان جي قبر وٽان اچي
لنگهيو ته ان جي قبر مان هڪڙو ٻار ٻاهر نڪرندو ۽
وري اندر ويندو ڏٺائين. لڪي بيهي رهيو جڏهن ٻه ٽي
ڀيرا اهو حال ڏٺائين، تڏهن ماڻهن کان پڇيائين.
معلوم ٿيس ته
اها زال پيٽ سان مئي هئي ۽ اهو ٻار قبر ۾ پيدا ٿيو
هو ۽ آڱرين مان کير پي وڏو ٿيو هو آخر پڻس گهر وٺي
آيو. جڏهن وڏو ٿيو، تڏهن چريو ٿيو ۽ ڪرامتون
ڏيکاريندو وتيو.
(8)
ٻيا ڪي مجذوب فقير ٺٽي شهر ۽ آسپاس جا هي آهن:
صابو فقير_ اصل کٽي هو.
ماڻهن جي گهر اچي انهن
کي
سڏ ڪري هليو ويندو هو. سڄڻ سالڪ_
بلڪل
مست هو. جيڪي زمين تي پيل ڏسندو هو، سو کائي ويندو
هو. ماڻهو قسمن قسمن جا طعام سندس اڳيان رکندا هئا
ته اڪثر ڪين کائيندو هو، جنهن جو طعام کائيندو هو،
سو پنهنجي مرا دکي رسندو هو. شاڪر فقير_
مخدوم زادن مان هو. مست هو ۽ ماٺ ۾ گذاريندو هو.
ڪنهن کي ڪاوڙ ۾ ڪي چوندو هو ته ان موجب ٿي پوندو
هو ملوڪ ۽ عنايت
ٻئي مجذوب هئا ۽ ڪرامتون ڏيکاريندا هئا ۽ ماڻهن جا
مطلب پورا ڪندا هئا. عبدالقدوس غيلاني مخدومن مان
هو. هميشه ماٺ ۾ گذاريندو هو ۽ ماڻهن جا جاءِ ضرور
صاف ڪرائيندو وتندو هو. اگرچ شهر کان ٻاهر نه
ويندو هو، ته به ماڻهو ٻاهر گهڻن هنڌن تي ڏسندا
هئا. ڪن حاجين ته حج تي به ان کي ڏٺو. بلڪ ڪي چون
ٿا ته ڏهاڙي صبح جو هو نماز بيت الله ۾ پڙهندو هو.
سيد قاسم سالڪ_ فرخ واري جامع مسجد جي محراب جي
پٺيان رهندو هو. ڪرامتون ڏيکاريندو هو. سناسي
مجذوب_ هميشه اگهاڙو گهمندو هو، جيڪي چوندو هو، سو
ڪنهن جي سمجهه ۾ نه ايندو هو. گهڻن جون مشڪلاتون
حل ڪندو هو. نادر شاهه جي مغلن جي اچڻ وقت گم ٿي
ويو. نور شاهه اصل هندي هو. ڏاڍو ڏاهو هو، پر
ديوانن جي ويس ۾ هو. اڪثر پنندو وتندو هو. جذبو به
ايندو
هوس ۽ ڪرامتون به ڏيکاريندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڳجهيون
ڳالهيون ظاهر ڪري ڏيندو هو. بولو ڪيدو به مست فقير
هو ۽ ڪرامتون ڪندو هو. هڪڙي ڏينهن ڪنهن مهاڻي هن
کي گاريون ڏنيون. تنهن تي ڪاوڙجي چيائينس ته
ڳالهائيندي سسي لهرائيندين. انهيءَ ڏينهن کان هن
ڪي ڳالهايو، جنهن تي سسي
لاهي ڇڏيائونس. ڇُٽو مجذوب سالڪ_ اڪثر اڪيلو
گذاريندو هو ۽
ڪڏهن
ڪڏهن ڪرامت جهڙا ڪم ڪندو هو. |