سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: قديم سنڌ

ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو

باب؛ 7

صفحو ؛ 16

 

باب ستون

ٺٽي جو بيان

ڀاڱو ٽيون

اوليائن. سالڪن ۽ ٻين مشهور ماڻهن بابت

ملا شيخ اسحاق اصل اُچ جو هو ۽ پوءِ ٺٽي ۾ آيو. سيد علي شيرازيءَ جو همعصر هو. وفات کانپوءِ مڪليءَ تي رکيو ويو. سندس قبر زيارتگاهه آهي. سندس اولاد ۾ پيري  مريدي هلي اچي. حضرت پير جو خليفو هوندو هو ۽ جن عمل ۾ هوندا هئس. کانئس پوءَ سندس پٽ شيخ محمد صالح مشهور ٿيو. تنهن کانپوءِ شيخ نعمت الله ٿيو. پوءِ ان جو پٽ خليفه اسدالله ۽ خليفه نعمتالله ۽ خليفه جان محمد انهيءَ جا پٽ قائم مقام ٿيا. ملا محمود راهوتي شيخ اسحاق جي يارن ۽ معتقدن مان هو. چون ٿا ته شيخ اسحاق حضرت غوث الثقلين جي حڪم سان ڪي لکي هن جي پڳ ۾ رکيو. جيڪو هن کي ڏسندو هو. سو سندس مريد ٿيندو هو. جڏهن مريد تمام گهڻا ٿيا ۽  گوڙ لڳو ۽ هو تنگ آيو. تڏهين  اهو ڪاغذ پڳ مان ڪڍي ڪنهن ٻئي پنهنجي مريد جي پڳ ۾ رکيائين. انهيءَ کان پوءِ ڪو به سندس نئون مريد نه ٿيو ۽ جيڪي اڳوڻا سندس مريد هئا. سي حضرت غوث جا خليفا ٿي رهيا.

خليفو ابوالبرڪات – اصل گجرات  ۾ شاهه حافظ الله گجراتيءَ جو مريد هو. چون ٿا ته شاهه حافظ الله هن خليفي ۽ شيخ يعقوب کي حڪم ڪيو ته اسان جن ڏاڏن جي سئوٽن مان سيد عبدالله مڪليءَ جي ٽڪر تي رکيل آهي. تنهنجي قبر ڊهي پيئي آهي.  سا وڃي ظاهر ڪريو. هو ٻئي ڄڻا گڏجي ٺٽي آيا ۽ انهيءَ وليءَ جي قبر ظاهر ڪيائون. مطلب ته خليفه ابو البرڪات وڏي عزت ۽ برڪت ۽ ڪرامت سان گذاري ويو. سندس پٽ خليفه محمود به جهڙس ٿيو. انهيءَ کان پوءِ انهيءَ جو پٽ خليفه حامد آيو ۽ پوءَ خليفه محمد سعيد جانشين ٿيو. هيءُ بزرگ جڏهين اڃا صغير هو. تڏهين حجري ۾ ستي منجهانس ظاهر ذڪر جو آواز پيو نڪرندو هو. خليفه دائود اصل صديقي هو ۽ سندس وڏا قادري خليفا هئا. ڪامل شخص هو. سندس پٽ خليفه عبدالرشيد پيءُ جهڙو مشهور ٿيو. پوءَ خليفه زين العابدين جانشين ٿيو ۽ در بند ڪري گوشه نشين ٿي رهندو هو ۽ ماڻهو دعا لاءِ سندس در تي ايندا هئا ۽ موٽي ويندا هئا. مناجاتي شعر چوندو هو ۽ پڙهندو هو. سنه 1148 هه ۾ وفات ڪيائين.

شاهه ابو القاسم شيخ عبدالله انصاريءَ جي اولاد مان هو ۽ هرات مان ٺٽي ۾ آيو. ڏاڍي بزرگيءَ سان گذاريائين. کانئس پوءِ سندس پٽ شاهه محمد يعقوب جانشين ٿيو. پوءِ انهيءَ جو پٽ محمد يوسف. پوءِ  ميان نعمت الله ٿيو. انهيءَ کي ٻه پٽ هئا: شاهه عزت الله ۽ شاهه اسدالله. شاهه عزت الله عالمگير بادشاهه جي ملازمت ۾ رهيو ۽ برهانپور ۾ شادي ڪيائين ۽ اولاد ٿيس. انهن مان شاهه حسن الله پنهنجي چاچي اسد الله جي سڏڻ تي ٺٽي آيو ۽ اتي رهي پيو. شاهه اسدالله جي وفات تي هو شاهه مسعود سان گڏجي جهان آباد ويو ۽ اتان شاهه غلام محمد سان گڏجي موٽي ٺٽي ۾ آيو ۽ فقير ٿي رهيو. شاهه اسدالله عرف شاهه اسماعيل صوفي شاهه عاشق الله جو مريد ٿيو. جو تازو هند مان آيو هو ۽ شاهه عنايت الله صوفيءَ جو صحبتي ۽ معتقد ٿيو. هو وڏي ڪرامت وارو هو. هڪڙي ڏينهن اوچتو سندس صورت بدلبي ڏسڻ ۾ آئي. هڪدم گودڙي گهرائي پاڻ کي ڍڪيائين. نيٺ معلوم ٿيو ته انهيءَ وقت ڪوٽواليءَ جي چڀوتڙي ۾ ڪنهن شخص کي چهبڪ ٿي هنيائون. انهيءَ جي اثر کا ن هن جي بت تي اهي چهبڪ جا نشان ٿي پيا. ڪيترن  بيمارن کي مرڻ کان بچايائين. اگرچ طبيب نااميد ٿي هليا ويندا هئا. هميشه اسغتراق ۾ رهندو هو. مثنوي مولانا روميءَ جي سيکاريندو هو. هر سال سندس مقبري تي ميلو لڳندو هو. اولاد ڪو نه هوس. شاهه مسعود. جنهن جو نالو مٿي آيو. سو ذات جو ولهاري هو. شاهه اسماعيل صوفي  مٿئين جو مريد هو. ظاهري علم حاجي محمد قائم وٽ پڙهيائين. پوءَ مثنوي شروع ڪيائين. شاهه اسماعيل جي وفات کان پوءِ سندس اشاري سان جهان آباد ويو ۽ شاهه غلام محمد جي خدمت ۾ رهيو؛ پوءَ ٺٽي آيو. جتي صوفين جو وڏو سلسلو قائم رکيائين.

شاهه عبداللطيف صوفي به تصوّف ۾ ڪامل رهبر هو ۽ شاهه اسماعيل صفويءَ جي يارن مان هو. مشهوري پسند نه ڪندو هو، نه ته گهڻا دفعا کانئس ڪرامتون ظاهر ٿيون. هڪڙي ڏينهن مخدوم محمد معين سندس ڏسڻ لاءِ ويو. ڳالهين ڪندي راڳ جي سُرن جو ذڪر نڪتو، مخدوم کي چيائين ته مون کي به راڳ جو شوق آهي، ڪڏهين ڪڏهين اها وندر ڪندو آهيان. پوءِ اهڙو هڪڙو راڳ ڳايائين، جو سندس آواز ۽ مضمون جي اثر کان جيڪي حاضر هئا، سي حال ۾ اچي ويا.

(4) شيخ محمد يعقؤب – شاهه حافظ الله گجراتيءَ جو مريد هو ۽ هو خليفه ابوالبرڪات سان ٺٽي ۾ آيو ۽ انهي مرشد جي اشاري سان شاه عبدالله جي قبر مڪليءَ ۾ ڳولي هٿ ڪئي، جيئن مٿي ذڪر آيو. فقر ۽ فنا ۾ هو وڏن اوليائن منجهان هو ٽي ناليرا اولياءَ سندس مريد ٿيا. هڪڙو شيخ عثمان، ٻيو درس لـلــه ۽ ٽيون درس امين محمد. هن شيخ کي اولاد ڪونه  هو. شاه عبدالله جي پيرانديءَ رکيل آهي ۽ ماڻهن جي زيارت گاهه آهي. شيخ عثمان سندس مريد جا وڏا امير جا عهديدار هئا، ليڪن هن کي فقيريءَ جو شوق ٿيو دنيا کي ڇڏي ڏنائين. پير جي هٿان ڪمال کي پهتو ۽ بقاوليءَ جو لقب مليس. گهڻيون ڪرامتون ڏيکاريائين. سندس پٽ ميان ملوڪ شاهه پيءُ جهڙو ٿيو. انهيءَ جو پٽ ميان شيرين محمد نالي وارو ٿيو ۽ پوءِ انهي جو پٽ ميان عبدالخالق ۽ پوءِ ميان عبدالوحد. شيخ يعقوب جو ٻيو يار ۽ مريد درس الـلــه هو، جو خليفي شيخ بايزيد جي اولاد مان هو ۽ ساڪره جي رسول آباد ڳوٺ جو رهاڪو هو. اڪثر جابلو ماڻهو، جي شيخ بايزيد جا مريد هئا، سي هن جا معتقد ٿيا. غوث الثقلين جي اشاري سان ٺٽي ۾ آيو ۽ ڪيترن خواجن کي سلام تي آندائين ۽ خواجن جي قوم جو محلو، جنهن کي نورسيه چوندا هئا، تنهن ۾ حاجي محمد قائم واري مسجد وٽ اچي رهڻ لڳو. شيخ يعقوب  جو ٽيون يار ۽ مريد درس امين محمد هو، جو پڻ ڪرامت وارو هو. ان جي قبر مڪليءَ جي دروازي جي ٻاهران آهي ۽ عيد جي سڀ ڪنهن ڏينهن انهي تي ميڙو لڳندو آهي. چون ٿا ته شيخ يعقوب پنهنجن انهن مٿين ٽن يارن سان گڏ جملي پير واري ميدان تي مٿينءَ مسجد جي اڳيان ڏاڍيون صحبتون ڪندو هو ۽ شهر جا ماڻهو اُتي اچي گڏ ٿيندا هئا ۽ انهن جي صحبت مان فيض حاصل ڪندا هئا. ڪن ڏينهن کان پوءِ درس لـلــه اُتان نڪري مغلواڙي ۾ اچي رهيو، جتي سندس اولاد کانئس پوءِ به رهندو آيو ۽ ڪرامتن وارو ٿيو. اُن جو پٽ شيخ ابراهيم به پيءُ جو مُٽُ هو. پوءِ ان جو پٽ ميان احمد پنهنجن بزرگن جو جانشين ٿيو. پوءِ ان جو پٽ خليفو بمهڪر ۽ پوءِ انهيءَ جو پٽ خليفو ڇَتو ٿيو.

(5) حاجي محمد حافظ دويه_ هن جا وڏا دويه ڳوٺ جا هئا، جو بکر جي پاسي هو. وڏو بي نظير درويش هو. سندس پٽ شيخ محمد گهڻا ڏينهن سفر ۾ رهيو ۽ گهڻن علمن ۾ ماهر هو، ۽ علم حڪمت ۽ علم طب ۾ ڏاڍو قابل هو. انهن علمن ۾ ڪي ڪتاب لکيائين. اکين جي يبمارين تي خاص هڪڙو عمدو ڪتاب لکيائين، پر پورو ڪري نه سگهيو. سنه 1174هه ۾ وفات ڪيائين. سندس سؤٽ ميان نور محمد ميان عبدالله عرف ميان موريه جو شاگرد هو. مشهور واعظ هو ۽ ٻارهن ورهيه ميان ملوڪ شاه جي مسجد ۾ واعظ ڪيائين، ۽ سنه 1176هه ۾ گذريو. حاجي محمد حافظ جي سؤٽن مان ميان محمد فاضل ۽ ميان محمد صابر ۽ انهيءَ جو پٽ ميان محمد قاسم ڪامل فقير ٿي گذريا. محمد قاسم سنه 1150هه ۾ وفات ڪئي. مُلا حاجي محمد طاهر به ڪامل درويش هو ۽ سيد رحمت الله عرف سيد مهتو شيرازيءَ شڪر الــٰــهيءَ جو هم عصر هو. انهن ٻنهي جا مريد ۽ خادم رهندا آيا ۽ سندن اولاد گهڻي تائين هليو.

(6) مخدوم آدم نقشبندي عرف مخدوم آدوَ هُن ٻئي مخدوم آدم جو هم عصر هو، جنهن جو ذڪر مخدومن ۾ آيو آهي. جڏهن هن مخدوم جو نالو مشهور هو، تڏهن هن پاڻ کي آدوُ سڏايو، جو ٻئي هڪڙي شهر ۾ رهندا هئا ۽ اهو خيال ٿيس ته متان ماڻهن کي مونجهارو ٿئي. چون ٿا ته هڪڙو مُلو آخوند يوسف مسجد جو امام هوندو هو. مخدوم آدوُ به انهيءَ ۾ نماز پڙهندو هو، ۽ انهيءَ جي اچڻ کان اڳي آخوند تڪبير نه چوندو هو. هڪڙي ڏينهن ميان ابوبڪر صدر ولد مخدوم آدم نماز پڙهڻ آيا، پر ڏٺائون ته نماز اڳئي پڙهي ويا آهن. ملي کي ڌمڪايائون ۽ چيائون ته ٻئي ڪنهن جي پرواهه نٿو رکين، توکي هن مسجد جي امامت کان موقوف ڪيوسين. هن ويچاري وڃي مخدوم آدوُءَ کي دانهن ڏني. هن چيس ته حرڪت ناهي، تون پنهنجي جاءِ جي ماڙي تي وڃي قرآن پڙهه، پاڻهي صدر تنهن جي در تي ايندو؛ پوءِ جيسين تنهنجو مطلب نه ٿئي، تيسين ساڻس نه پرچجانءِ. آخوند يوسف ائين ڪيو. اوچتو ميان ابوبڪر صدر کي اچي پيٽ ۾ سور پيو. معلوم ٿيس ته جنهن کي رنجايو هئائين، اُنهي جي اثر کان ائين ٿيو آهي. هن ماڻهو موڪلي آخوند کي گهرايو، پر هن اچڻ کان جواب ڏنو. هڪدم پاڻ کي پالڪيءَ ۾ کڻائي مُلي جي در تي ويو ۽ سور کان دانهون ڪرڻ لڳو. آخوند ماٺ ڪيو ويٺي ماڙيءَ تي قرآن پڙهيو. آخر گهڻي زاريءَ کان پوءِ جڏهن ڇهن مهينن جو پگهار اڳواٽ مليس ۽ سروپاءِ ۽ نئين سَند مليس، تڏهن راضي ٿيو ۽ هيٺ اچي پاڻيءَ تي دعا پڙهي ڇوڪاري صدر کي پياريائين ۽ هن جو سور لٿو. مخودم آدوُءَ جو پٽ محمد اشرف پيءُ جي جاءِ تي قائم مقام ٿيو ۽ پوءِ ان جو پٽ مخدوم محمد. انهي جي نالي جي سجع هيءَ هئي: محمد اشرف اولاد آدم. مخدوم محمد اشرف جو نالي مخدوم محمد صادق نقشبندي هو. اهو چڱو طالب علم هو ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي تارڪ جو مريد هو. ان جو پٽ ميان غلام حسن، جنهن کي مخدوم ابوالحسن به چوندا هئا، سو حرمين شريفين ويو. سندس وفات کان پوءِ مخدوم محمد حيات سنڌي، جو مديني منوره ۾ مدرسو پڙهائيندو هو ۽ وڏو عالم شمار ڪيل هو، سو مدرس ٿيو. مخدوم ابراهيم نقشبندي_ اصل لوهريءَ جو هو ۽ وڏو درويش ۽ ڪرامت وارو هو ۽ سندس پٽ ميان ابوبڪر، جنهن کي نالي چڱو به چوندا هئا، سو به مشهور ٿي گذريو. چون ٿا ته جڏهن هن وفات ڪئي ۽ سندس جنازو کڻي هليا، تڏهن شهر کان وٺي مڪليءَ تائين عجيب قسم ۽ آواز جا پکي ايترا مٿان اُڏامندا هليا، جو ڇانوَ ٿي ويئي، ۽ سج ئي ڍڪجي ويو. ميان ابوبڪر جي جاءِ تي، سندس پٽ مخدوم گل محمد جانشين ٿيو. ميان ابوالقاسم نقشبندي ولد درس ابراهيم، پنهنجي پيءُ درس ابراهيم جي مسند تي هو، جو شيخ بهاوالدين زڪريا جو مريد هو ۽ پهرين ٺٽي ۾ اچي رهيو هو. ميان ابوالقاسم به حال ۽ قال وارو ماڻهو هو ۽ گهڻيءَ خلق کي فيض رسايائين ۽ گهڻيون ڪرامتون ڏيکاريائين. سندس پٽ ميان احمد جوانيءَ ۾ گذريو. ميان ڪبير محمد نقشبندي، مخدوم آدوُءَ مٿئين سان گڏ خواجه معصوم شاهه ثانيءَ جا مريد ٿيا، جو سهراند ۾ رهندو هو. کانئس پوءِ خواجه نقشبنديءَ جي خدمت ۾ رهي ڪامل حاصل ڪيائون ۽ پوءِ ٺٽي ۾ آيا ۽ ٻين کي فيض پهچائڻ لڳا. هن مخدوم کي به پٽ هئا: هڪڙو ميان محمود ۽ ٻيو ميان محمد زمان. پونيون پيءُ جي جاءِ تي ويٺو. پوءِ ان جو پٽ ميان احمد ويٺو. انهي جي مصاحبن مان درس عبدالرحيم هو، جو پڻ وڏي حال ۽ قال وارو هو. درس عبدالڪريم ۽ ميرزا جان به وڏا سالڪ ۽ عارف ٿي گذريا ۽ ڪرامتون ڏيکاريائون. يوسف سهتو به چڱو درويش هو ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ شاعر هو.

(7) سيد يار محمد اصل لڪعلوي ساداتن مان هو ۽ ٻني جو رهاڪو هو. نورائي جي پيرزادن جي اولاد مان هو ۽ شاه عبدالله هنديءَ جو مريد هو، جو پڻ شاه ڪليم الله صاحب جو مريد هو، جو پڻ شاهه ڪليم الله صاحب جو مريد هو، جنهن جو ڪتاب ڪشڪول مشهور آهي. ڏاڍو ڪامل شخص ٿي گذريو ۽ خلق کي فيض پهچايائين. سنه 1177هه ۾ رمضان مهيني جي تيرهين تاريخ وفات ڪيائين. سندس ڀائٽيو مير ڇُٽن سندس قائم مقام ٿيو. سندس خاص مريدن مان ميان محمد ڪريم ولد ميان عبدالله عرف موريو واعظ هو.

(8) آقا محمد تاشڪندي_ هڪڙو قابل شخص مرزا جاني بيگ جي عهد ۾ ٺٽي ۾ آيو ۽ فرنگي قبيلي ۾ گڏجي ويو ان جو پٽ محمد رضا بيگ ۽ وري ان جو پٽ محمد زمان بيگ ۽ ان جو پٽ محمد بيگ سڀئي چڱي حال ۾ گذاري ويا.

(9) شيخ موسيٰ ولد شيخ جمال الدين محدث اصل بندر لحصه صديقيءَ جو رهاڪو هو. چڱي حال ۾ رهيو. اُن جو پٽ شيخ عبدالغني مشهور تاجر ٿي گذريو. اُن جو پٽ شيخ عبدالخالق شاهه جهان بادشاهه جي زماني ۾ ٺٽي جو امين ۽ خزانچي هو. عالمگير بادشاهه جي وقت ۾ ڪنهن سبب ڪري استعيفيٰ ڏنائين. گذران لاءِ هزار دام ملندا هئس، جنهن تي ڪفايت سان گذاريندو هو. پنج پٽ ڇڏيائين. هڪڙو شيخ محمد امين، جنهن جا ٻه پٽ محمد تقي ۽ محمد مير، نواب سيف الله خان جي وقت شاهزاده صفويءَ سان گڏ جهان آباد ۾ ويا ۽ اُتي گذريا ۽ محمد انوار ٺٽي ۾ رهيو ۽ سن 1179هه ۾ پنجاهه ورهين جي عمر ۾ ڇڙهو گذريو. ٻيو شيخ محمد جواد، جنهن کي چار پٽ هئا، جي پڻ چڱو گذاري ويا. ٽيون شيخ محمد نعيم، جو حاڪمن جي نوڪريءَ ۾ رهيو ۽ سن 1145هه ۾ خدا آباد ۾ وفات ڪيائين. ڇڙهو هو. چوٿون شيخ محمد مڪرم، جو ننڍي هوندي مري ويو. پنجون شيخ عزيزالله، جو فقير دوست هو ۽ اڪثر سفر ۾ رهندو هو. سن 1152هه ۾ وفات ڪيائين. اولاد ڪونه هوس. اهي سڀئي تحفته الڪرام جي مصنف جي ناني جا ڀائر هئا.

(10) شيخ عبدالغني مشهور ماڻهو ٿي گذريو. سندس پٽ مخدوم نور محمد عالم هو. ۽ انهيءَ جو پٽ شيخ عبدالغني ثاني منصبدار هو ۽ عالمگير جي راڄ کان وٺي فرح سير جي راڄ تائين منشي ۽ شاعر ٿي رهيو. ٺٽي جا گهڻا شريف ماڻهو، جيئن ته ميرڪ محمد افضل ۽ مير ڪامران ۽ ٻيا وٽس صحبت لاءِ ايندا هئا ۽ ادب سان وهندا هئا ۽ فيض حاصل ڪندا هئا. سندس ڀاءُ شيخ محمد سعيد به جهڙس ئي قابل هو ۽ جهان آباد ۾ گذاريائين ۽ وفات به اُتي ڪيائين.

(11) شيخ ابو طالب قريشي صديقي_ ڪامل مرد ۽ عجيب انسان هو. سندس پٽ شيخ ابوالفتح دامي جاگيرات جو امين مقرر هو. چون ٿا ته هڪڙو ڪاغذ سندس مُهر وارو شاهه جهان بادشاهه جي نظر مان گذريو. مهر جعلي ڏسڻ ۾ ٿي آئي. حڪم ڪيائين ته جي شيخ ابوالفضل جي مهر آهي ته اهڙي جعلي ۽ شڪ واري ڇو ٿي ۽ جي ڪنهن ٻئي ڪوڙي هنئي آهي ته اها انهيءَ کي ملي. وڏي عمر وارو ٿي گذريو. انهي جو پوٽو شيخ محمد زاهد انهيءَ جي نشاني هو.

(12) داروغه ڪهر ترخاني زماني ۾ وڏو سرڪاري ملازم ٿي گذريو. محمد علي ديوان ترخاني انهيءَ جو ناٺي هو. چڱيءَ حالت ۾ رهيو. سندس پٽ عبدالواسع به مشهور ٿيو ۽ انهي جو پٽ محمد رضا به. هو شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو مريد هو. ڪتاب بيان العارفين تنبيه الغافلين، جنهن ۾ سيد مٿئين جو احوال ۽ ملفوظات ڏنل آهن، سو سندس تصنيف ٿيل آهي، جو سنه 1038هه ۾ لکيائين.

(13) ملا حسين مُلائي وڏو مدرس هو. شيرازي سيدن جي محلي ۾ رهندو هو. گهڻا مريد هوندا هئس ۽ انهن کي گهڻو فيض پهچايائين. ان جو پٽ ملا سروُري پيءُ جهڙو لائق هو. وري انهي جو پٽ مولانا محمد حسين، جنهن کي جانباز سڏيندا هئا، سو ته زياده مشهور ٿيو ۽ چڱو شاعر هو. چون ٿا ته هڪڙي خوبصورت ڇوڪر تي عاشق ٿيو. انهيءَ ماري وڌس. مرڻ کان ٻه ٽي ڏينهن اڳي هن اهو احوال پنهنجي شعر ۾ به آندو.

(14) ملا بِلاول مشهدي_ ۽ سندس پٽ ملا طاهر ۽ اُنهي جو پٽ ملا الهڏنو به چڱا عالم ٿي گذريا. مُلا الهڏنو ته شاعر به هو. چون ٿا ته جيڪي گهر ۾ هوندو هوس، سو خدا جي واٽ ۾ ڏيئي ڇڏيندو هو ۽ پاڻ توڪل تي رهندو هو ۽ پلي کان سواءِ ٻيو ڪي به ڪين کائيندو هو. انهيءَ ڪري پَلا قُلي سڏيندا هئس. انهيءَ جو پٽ مولانا محمد حسين هو، جو مشهور عالم هو ۽ انهيءَ جو پٽ محمد صادق به اهڙو هو ۽ شيخ عبدالغنيءَ جي شاگردن مان هو.

(15) منشي عبدالرؤف_ اصل واڍو هو ۽ علميت ۾ ڪمال حاصل ڪيائين. شاهه جهان بادشاهه جي عهد جي پڇاڙيءَ ۾ ۽ عالمگير جي عهد جي شروعات ۾ حاڪمن وٽ منشي ۽ انشاپردازيءَ ۾ لاثاني هو. حافظ ابراهيم لاکاوتي به عالم هو ۽ شاهه جهان بادشاهه جي پٽ داراشڪوه جو استاد هو. عبدالرحمان سيفي قادري دعائن ۽ تعويذن جي علم ۾ لاثاني هو. بادشاهه عالمگير هن جا عجيب غريب ڪم اچن ڏٺا ۽ سنتا ۽ ٻين ڪافرن جي ماري کپائڻ ۾ سندس علم جي مدد ورتائين ۽ انهيءَ ڪري سندس لقب سيف الرحمان سنتاڪش رکيائين. سندس ڀائٽيو ميان محمد رفيع به انهيءَ ساڳئي علم ۾ قابل هو. محمد شريف ولد ميان بيگ محمد به انهيءَ علم ۾ مشهور استاد هو، ليڪن مسيڪيني حال ۾ رهي جهان ڇڏيائين. سندس ڏهٽو قمرالدين سندس يادگار رهيو. شيخ بيگ محمد فاضل خان صدرالصدور جو ناٺي هو. دولتمند هو ۽ نهايت چڱو انسان هو. سندس پٽ شيخ محمد رفيع سندس يادگار رهيو. ملا يوسف چڱو مدرس هو. سندس پٽ ملا عبدالرسول فصاحت ۽ بلاغت جي ڪري مشهور ٿيو. ڪتاب نفائس الافڪار في عرائس الابڪار انهي جي تصنيف آهي، جنهن مان سندس قابليت ظاهر آهي، محمد صالح ٻيو، صالح ۽ فاضل شخص هو، جنهن ڪتاب دستور السياق لکيو. اُهو اصل سيوستان واري قاضي ڏتي جي اولاد مان هو ۽ ٺٽي ۾ اچي رهيو. محمد عارف وڪيل شرعي گهڻو وقت هند ۾ گذاريو. نواب مهابت خان ڪاظم جو ننڍي هوندي اُستاد هو ۽ سندس ڏينهن ۾ ٺٽي آيو. مُلا محمد فاضل موله ٺٽي جو ويٺل هو. چڱو ملو هو ۽ شعر به چوندو هو. آخوند محمد يعقوب پارسي خوان وڏو استاد ۽ مدرس هو. عمر چڙهو رهيو ۽ ڪُهن سال ٿي وفات ڪيائين. رات ڏينهن عبادت ۾ گذاريائين. شيخ موسيٰ نصرپوري نئون مسلمان هو ۽ ٺٽي جي منصبدارن مان هو ۽ معرفت ۽ سلوڪ وارو شخص هو. شاه عنايت الله صوفيءَ واريءَ جنگ ۾ شهيد ٿيو.

(16) شيخ عبدالرحمان ولد شيخ عبدالهادي مخدوم عثمان وقت جي بزرگ جي اولاد مان هو ۽ مخدوم اسماعيل سومري جو همعصر هو، جو مخدوم عثمان جو ڏاڏو هو. مخدوم حسام الدين، جو ملتان جي حسام پور شهر جو رهاڪو هو، تنهن جي اولاد مان هو. اُن جا پٽ شيخ محمد محسن ۽ حاجي محمد اشرف ۽ عبدالهادي هئا ۽ شيخ نظام الدين ۽ شيخ سراج الدين نور محمد بکريءَ جا ڏهٽا هئا. انهي جو ڀائٽيو ميان قمرالدين نادر بادشاهه جي زماني ۾ متصدي هو ۽ مشهور ٿي گذريو.

(17) فاضل خان، جنهن جو اصل نالو ملا عثمان هو، سو گلي سميجي جي ڳوٺ جو رهاڪو هو ۽ مخدوم طالب الله جو مريد هو، جو مخدوم محمد معين جو ڏاڏو هو. ٺٽي ۾ اچي رهيو ۽ علم جي تحصيل ڪري پوءِ جهان آباد ويو. قابل خان مير منشيءَ جي مرڻ کان پوءِ هو مير منشي ۽ صدرالصدور ٿيو.

(18) محمد شفيع ولد مخدوم عبدالرحيم بديني عالمن ۽ عارفن مان هو ۽ ٺٽي جو مفتي ٿيو. پوءِ جهان آباد ۾ وڃي رهيو. اُتي ٻه پٽ ٿيس: شيخ نعمت الله ۽ شيخ غلام حسين، جي اُتي جا مفتي ۽ نائب قاضي ٿيا. ٺٽي ۾ ٻيا ٻه پٽ هئس: شيخ عطاءُ الله ۽ شيخ عنايت الله، جي وري ٺٽي جا مفتي ٿيا. شيخ عطاءُ الله کان پوءِ سندس پٽ محمد ڪريم پيءُ جي جيئري مفتي ٿيو.

(19) شيخ عبدالحميد ڪمال وارو شخص هو، جن تابع هئس، تنهن ڪري جنائي سڏبو هو. سندس پٽ شيخ محمد مير جوانيءَ ۾ گجرات ويو ۽ اُتي عزت ۾ حياتي گذاري ويو. سندس ٻه پٽ شيخ محمد مريد ۽ شيخ محمد ڪريم سنه 1156هه ۾ سير سفر تي نڪتا ۽ سورت بندر تائين ويا.

(20) شيخ محمد زمان منصبدارن مان مشهور ٿي گذريو. سندس پٽ ڪاظم خان ۽ قاسم حسن خان به مشهور ٿيا. ڪاظم خان ته بادشاهه جو ديوان ٿيو ۽ پوءِ سندس ڏهٽا محمد رفيع ۽ محمد اعظم شاعر هئا. قاسم حسن خان چڱو طالب علم ۽ نيڪ آدمي ٿي گذريو. سندس پٽ ميان محمد نالي سندس يادگار رهيو.

(21) شيخ محمد مريد اصل هندو هو ۽ پوءِ مسلمان ٿيو. سيوستاني قانونگو هو. ٺٽي ۾ عالمگير بادشاهه جي زماني ۽ قانون گوئيءَ جي عهدي تي هو. تمام نيڪ ۽ عارف ماڻهو هو. ٻه پٽ هئس، جن مان هڪڙو شيخ محمد محفوظ هو، جو نواب غلام شاه خان سان گڏجي بادشاهه تائين وڪيل ٿي ويو ۽ شعر ۾ اُستاد هو ۽ سرخوش تخلص هوس. انهيءَ جو پٽ شيخ قمرالدين به بادشاهي لشڪر جو وڪيل ٿيو ۽ لشڪر ۾ رهيو. اُهو به شاعر هو ۽ عشرت تخلص هوس.

(22) مرزا شادڪام به اصل هندو هو، پوءِ مسلمان ٿيو. بادشاهه جي منصبدارن مان هو ۽ مشهور ٿي گذريو. سندس پٽ محمد سرفراز به چالاڪ ماڻهو هو. جوانيءَ ۾ عشق ۽ عاشقيءَ ۾ گذاريائين. سن 1169هه ۾ وفات ڪيائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org