سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: قديم سنڌ

ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو

باب؛ 11

صفحو ؛ 20

 

باب يارهون

دهليءَ جي تيموري مغلن بادشاهن جا امير ۽ نواب سنڌ ۾

(1)  مرزا غازي بيگ جي مرڻ کان پوءِ سنه 1021هه ۾ جڏهن خسرو خان هندو خان کي ڀڄائي خودمختيار ٿيو، تڏهن دهليءَ جي بادشاهه مير عبدالرزاق کي موڪليو ته خسرو خان کي بيدخل ڪري. هن ائين اچي ڪيو.

(2) مرزا رستم بن سلطان حسين مرزا شاهه اسماعيل صفويءَ جي اولاد مان هو ۽ قنڌار جو حاڪم هو. جڏهن اوزبڪن خراسان تي غلبو ڪيو، تڏهن هو اُتان ڀڄي سنه 1002هه ۾ اڪبر بادشاهه وٽ آيو. پوءِ جهانگير بادشاهه هن کي پنج هزاري عهدي تي مقرر ڪري ٺٽي جو حاڪم ڪري موڪليو ۽ مير عبدالرزاق کي حڪم ٿيو ته ٺٽي جو شهر هن کي جاگير ۾ حوالي ڪري ۽ ٻه لک رپيا انعام به مليس، پر اُتي پهچڻ وقت قصو برعڪس ٿي پيو ۽ هو موقوف ٿيو ۽ راجا سنگدين جي حوالي ڪيو ويو ۽ حڪم اهو ڪيو ويو ته جيسين فريادين جي پوئواري نه ٿئي، تيسين منهن نه ڏيکاري. آخر ٻن ورهين کان پوءِ بادشاهه مٿس راضي ٿيو ۽ پهرين هو الهه آباد جو صوبيدار ٿيو ۽ پوءِ پاٽنا ۽ بهار جو. نيٺ شاهه جهان بادشاهه جي راڄ ۾ گوشه نشين ٿيو ۽ آگره ۾ رهي پيو ۽ وفات به اُتي ڪيائين. شعر چڱو چوندو هو. تخلص فدا هوس. سندس ڀاءُ مظفر حسين به قنڌار جو حاڪم هو. پوءِ ڀڄي اڪبر بادشاهه ڏي ويو. اهو به شاعر هو. مرزا رستم جو پٽ مرزا مراد شاهجهان جي اميرن مان هو ۽ التفات خان خطاب مليل هوس. اُهو به شاعر هو.

(3) مرزا مصطفيٰ خان ٺٽي جو ناظم ٿي آيو، پر سگهوئي موقوف ٿيو ۽ سندس جاءِ تي مير بايزيد بخاري جهانگير بادشاهه جي راڄ ۾ سنه 1028هه ۾ سنڌ جو صوبدار مقرر ٿي دوهزاري منصب سان ٺٽي آيو. ڏيڍ هزار ساڻس هئا. انهيءَ کان اڳي بکر جو فوجدار هو. انهيءَ کان پوءِ:

(4) نواب شريف الملڪ آيو، جنهن کي شريف خان چوندا هئا ۽ جو ڪاڻي هئڻ ڪري يڪ چشم سڏبو هو. هن جي حڪومت ۾ سنه 1035هه ۾ شاهزادو شاهه جهان پيءُ کان رُسي عراق عجم ڏي وڃڻ جي مراد سان ڪن ٿورن خاص ماڻهن سان ٺٽي ۾ آيو ۽ گهڻي تائين رهڻ جو ارادو ڪيائين، پر شريف الملڪ سامهون ٿيس. شاهزادي شهر جي هر طرف کان ڪاهه ڪئي، پر شڪست کاڌائين. آخر پير بدر جي ويجهو مڪليءَ جي پل ڌاري سخت لڙائي لڳي ۽ گهڻا ماڻهو مئا، جن جا هڏا ورهين تائين اتي ڏسڻ ۾ پئي آيا. هڪڙي ڀيري شاهزادي جي بيگم، جا پيٽ سان هئي، تنهن ڏاڙهن کائڻ جي خواهش ڪئي ۽ شاهزادي پنهنجي هٿ سان هن ڏي ڪن ڏاڙهن وٺي موڪلڻ لاءِ خط لکيو ۽ هن هڪڙي توبچي فرنگيءَ کي موڪليو، جنهن بيگم جي تنبوءَ ۾ وڃي توب هنئي ۽ جواب ڏنائين ته هتي اجهي اهڙا ڏاڙهون آهن. توب جي آواز جي ڊپ کان بيگم جو ٻار ڪري پيو. شريف الملڪ دوربين سان پاڻ به هڪڙيءَ توب کي باهه ڏني ۽ خيال اهو هوس ته خود شاهزادو توب سان مرندو، پر اتفاق سان هو انهيءَ مهل ٻاهر نڪري ويو هو ۽ توب کي باهه ڏيندي، جنهن اک سان نشان ٻڌو هئائين، سا باهه جي سيڪ کان نڪري پيس ۽ ڪاڻو ٿي پيو. جڏهن پوءِ شاهزادو پاڻ بادشاهه ٿيو، تڏهن انهي دشمنيءَ جي پاڻ ۽ سندس رفيقن به سزا کاڌي.

(5) مرزا عيسيٰ ترخان وڏي مرزا عيسيٰ جي پوٽي مرزا غازيءَ جو سئوٽ هو ۽ مرزا غازيءَ جي حڪومت جي شروعات ۾ جيڪو فساد ٿيو هو، تنهن ۾ ابوالقاسم سلطان جو سنگتي هو ۽ مرزا کان ڀڄي سميجن ماڻهن وٽ وڃي لڪو. جڏهن ابوالقاسم گرفتار ڪيو ويو ۽ لوهه جي تتل سرائيءَ سان انڌو ڪيو ويو، تڏهن هو ڊپ کان ڀڄي بادشاهه ڏي ويو ۽ اُتي وڃي ملازم ٿي رهيو. نيٺ سنه 1037هه ۾ چار هزاري منصب وٺي ٺٽي جو نواب ٿي آيو. پوءِ ڪرنال جي قلعي جي سنڀال لاءِ مقرر ڪيو ويو، جتي شاهه جهان جي راڄ تائين هو ۽ پوءِ وفات ڪيائين. سندس رانڪ مڪليءَ تي مشهور آهي. اُنهيءَ رانڪ جي لاءِ هن پهڻ پاڻ اتان موڪليا ۽ انهيءَ جي جُڙڻ ۾ ارڙهن ورهيه لڳا ۽ نورائي جي ديهه جي آمدنيءَ مان اُها جُڙي ۽ ٻين قديم قبرن جو به خرچ انهيءَ مان ٿيندو هو. رانڪ جڙندي مرزا عيسيٰ وفات ڪئي ۽ عمارت جو ڪم بند ڪيو ويو، نه ته مرزا جو ارادو هو ته انهيءَ جي چئن ئي پاسن کان پنهنجي وهڻ جون جايون ٺهرائي ها.

(6) انهيءَ کان پوءِ نواب امير خان مير ابوالبقا ولد نواب قاسم خان النمڪين هروي بن مُلا مير سبزواري آيو. جڏهن شاهه جهان بادشاهه تخت تي ويٺو، تڏهن شريف خان ۽ ڪڪراله جي ڄام جي دشمني ۽ گستاخيءَ جي سزا لاءِ ۽ ڌراجه جي راڻيءَ ۽ نگامره جي قوم ۽ حمل جت، جن سندس خدمت چاڪري ڪئي هئي، تن جي انعام لاءِ هِن نواب کي ٺٽي ڏي موڪليائين، جو سنه 1037هه ۾ ٺٽي ۾ پهتو. اڳوڻن منصبدارن کي موقوف ڪيائين ۽ ڪن کي گرفتار ڪيائين ۽ ڪن کي ڏنڊ ڪيائين. ڄام ڪڪراله واري کي قتل ڪرايائين. حمل جت ۽ ڌارا جن جي راڻي کي سرفراز ڪيائين. اميرپور جو شهر ٻڌائين، جو سندس نالي پٺيان سڏيو ويو. جڏهن اڃا نواب نه ٿيو هو، تڏهن اتان لنگهيو هو ته جهنگ ۽ برپٽ لڳو پيو هو. ٻڪرارن ۽ ريڍارن سندس خدمت چاڪري ڪئي هئي ۽ انهن تي راضي ٿيو هو، تنهن ڪري انهي ويران هنڌ کي پنهنجي نوابيءَ جي وقت هنن جي نالي مقرر ڪيائين. هن جي چئي تي هنن اتي وڃي ڳوٺ ٻَڌا ۽ بٺورو ۽ بهرامپور ۽ درڪ ۽ پليجار انهي هنڌ آهن. هن نواب جو اولاد گهڻو ٿيو ۽ هند ۽ سنڌ ۾ وڏي درجي کي رسيو. هڪڙي هندن جي مندر کي ڊاهي انهيءَ هنڌ مسجد جوڙايائين، جا ڀائيخان جي محلي ۾ هئي ۽ عبدالغنيءَ جي چؤنڪ ۾ ملڪ امان جي وچ ۾ هئي. هن جي رانڪ مڪليءَ تي آهي. سندس پٽن مان ضياء الدين خان سِوِستان جو فوجدار هو ۽ ٻيا به شمس الدين ۽ ملتفت خان هئا. سندس پوٽن مان مير ابوالمڪارم هو، جنهن جو تخلص شعر ۾ شهود هو. اهو وقت جو اولياءُ ٿي گذريو. ٻيو مير عبدالرزاق هو، جو وڏو عالم ۽ فاضل هو. هو ڳالهائيندي ڪن اکرن تي هٻڪندو ۽ اٽڪندو هو؛ پر اهڙو هوشيار هو، جو اُهي حرف ڇڏي ٻيا ڳالهائيندو هو.

(7) انهيءَ کان پوءِ نواب مظفر خان آيو، جو جهانگيري امير هو. سندس نالو مير عبدالرزاق معموري هو، جو لوڌي خان پوءِ ترخانين جي رد ڪيلن جاگيرن جو امين هو ۽ خسرو خان کان پوءِ ٺٽي جو امين هو. سندس نشاني گودڙي بازار واري مسجد آهي.

(8) پوءِ سيد ابراهيم ولد مير بايزيد بخاري حاڪم ٿيو.

(9) پوءِ سنه 1057هه ۾ نواب مغل خان آيو. هو شاهه جهاني امير هو. ڇهه سال نوابي ڪيائين. سنه 1059هه ۾ بکر ۽ سوستان جي سرڪار سندس حوالي ڪئي ويئي. انهيءَ کان اڳي ملتان جو صوبو سندس جاگير هئي.

(10) پوءِ سنه 1063هه ۾ نواب ظفر خان ٺٽي جو ناظم ۽ نواب ٿي آيو. ڇهه ورهيه رهيو. هن جي نشاني مشڪين باغ هو، جو پوءِ ڦِٽي ويو. سندس هوندي سنه 1065هه ۾ شاهزادو سپهر شڪوه ولد دارا شڪوه هفت هزاري منصب سان ٺٽي جو صوبدار ٿي آيو ۽ نواب سندس نائب ٿيو.

(11) سنه 1069هه ۾ اورنگزيب جي عهد ۾ قباد خان آيو. انهي جي وقت ۾ اتفاق سان سنڌ ملڪ ۾ سخت ڏڪار پيو. شاهزادو دارا شڪوه پاڻ به اچي نڪتو، تنهن پاڻ زياده ڏڪار وڌو، جو ساڻس گهڻو لشڪر هو ۽ ارادو هوس ته قلعي ۾ رهي. پر جڏهن قلعو ڏٺائين، تڏهن پڇيائين ته هي ڪنهن جو گهر آهي؟ چيائونس ته هيءُ سرڪاري قلعو آهي. تڏهن ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ ٻاهر نڪري آيو ۽ حڪم ڏنائين ته هن کي باهه ڏيئي ساڙيو. ائين ڪيائون. پهرين کاٽ بلده کي ساڙيائون. سڙيل کاٽ انهيءَ جي نشاني آهي.

(12) قباد خان کان پوءِ سنه 1071هه ۾ نواب لشڪر خان آيو ۽ چار سال رهيو.

(13) پوءِ نواب غضنفر خان سنه 1075هه ۾ آيو ۽ ٽي ورهيه رهيو.

(14) پوءِ نواب سيد عزت خان آيو، جنهن کي عزت پير چوندا هئا. اڳي هو بکر جو فوجدار هوندو هو. ٺٽي ۾ سنه 1078هه ۾ آيو ۽ ٻه سال رهيو.

(15) پوءِ نواب ابونصرت خان آيو، جو عالمگير بادشاهه جو مامو ۽ وڏو پرهيزگار امير هو. شاعر به هو. سنه 1082هه ۾  آيو ۽ ٻه ورهيه رهيو.

(16) پوءِ سندس جاءِ تي نواب سعادت خان آيو ۽ ٻه سال رهيو.

(17) پوءِ نواب سيد عزت خان ٻئي ڀيري آيو. سنه 1084هه ۾ آيو ۽ ڇهه سال رهيو.

(18) پوءِ نواب خانزاد خان سنه 1090هه ۾ آيو. پنج سال رهيو، چڱو شاعر هو.

(19) پوءِ نواب سردار خان سنه 1095هه ۾ صوبدار ٿي آيو. ٽي سال رهيو. سندس وقت ۾ ملڪ ۾ وبا پيئي ۽ گهڻا شهر ويران ٿي ويا، ڏڪار به پيو.

(20) پوءِ نواب مريد خان کان سنه 1099هه ۾ آيو. هيءُ اصل ڪنهن راجا جو پٽ هو، جو مسلمان ٿيو هو. انهيءَ سان گڏ ڪي هزار راجپوت به آيا. اُنهن جي خاطر ۽ ڪي پنهنجي اصل هندڪي مذهب جي بوءِ تي جڏهن کاٽ بلده وٽ آيو، تڏهن ڏٺائين ته قلعي تائين وڃڻ لاءِ وڏ قاصاين جي بازار مان لنگهڻو پوندو. تڏهن ٺٽي جي قاضي، قاضي حسين وڏي پيغام موڪليائين ته مون سان هندو ۽ راجپوت گهڻا آهن؛ بازار مان قاصاين کي اُٿاري ڇڏيو، متان انهن کي خراب لڳي، پر قاضي ڏٺو ته ائين ڪرڻ شرع جي برخلاف آهي ۽ شرعي حڪم عام حاڪم جي حڪم کان مٿي آهي، تنهن پاڻ راتو واهه حڪم ڪڍيو ته بازار جي ٻنهي پاسي پاڻ اهڙا ٻيا به قاصائي نوان دڪان ڪڍي ويهي رهن. جڏهن نواب ناظم کي اها خبر ئي، تڏهن ڪي ڪڇي نه سگهيو. هو ٺٽي ۾ ٻه سال رهيو، ليڪن سندس هندو لشڪر مسلمانن کي گهڻي تڪليف ڏني. انهيءَ بابت سکرن بادشاهه تائين دانهن ڏني. تنهن تي هن جو موقوفي جو حڪم پهتو. تڏهن اُتان نڪري تغلق آباد واري قلعي ۾ وڃي رهيو، جو ڦِٽل هو؛ پر پوءِ انهيءَ جي مرمت ڪئي ويئي. جڏهن ٻيو ناظم آيو، تڏهن هي حضور ۾ ويو.

(21) نواب زبردست خان سنه 1101هه ۾ نواب مريد خان جي هوندي ٺٽي ۾ آيو، پر سگهوئي مري ويو ۽ انهيءَ جي جاءِ تي ابو نصرت خان ٻيو ڀيرو رکيو ويو، جو ٻه ورهيه ۽ ڪي مهينا رهيو.

(22) پوءِ نواب حفظ الله خان ولد سعدالله خان، جو شاهه جهان جو وزير هو، سو سنه 1102هه ۾ ٺٽي ۽ سيوهڻ جي حڪومت لاءِ آيو. وڏو خير وارو امير هو. حضرت صلعم جن جي عرس جي وڏي ماني ٿي ڪيائين ۽ شروع ۾ يا پڇاڙيءَ ۾ پاڻ ماڻهن جا هٿ ڌئاريندو هو. جڏهن شاهزادو محمد معزالدين ميان دين محمد سرائيءَ جي وٺڻ لاءِ ٿي آيو، تڏهن هن نواب کي سيوهڻ وٽ درياهه تي پل ٻڌڻ جو حڪم مليو. هن شيخ عبدالغنيءَ کي حڪم ڏنو، پر جڏهن هن کان اهو ڪم نه ٿي سگهيو، تڏهن نواب پاڻ اهو ڪم وڃي ڪيو. سج جي گرميءَ ۾ بيهڻ ڪري بيمار ٿي پيو ۽ سنه 1112هه ۾ اُتي سيوهڻ ۾ ئي وفات ڪيائين. مير غلام علي آزاد بلگرامي سندس تاريخ ۾ هيءَ آيت لڌي: فلهم جناتُ الماويٰ نزلا بما کانوا يعملون. ٺٽي وارو نئون قلعو هن نواب جو شروع ڪرايل هو ۽ انهيءَ جي اڻ پوري رهڻ جو سبب هي هو ته اهو قلعو بادشاه جي حڪم سان ٿي ڪيائين. پر جڏهن معلوم ٿيس ته ٺٽي جي لاءِ شهر پناهه گهرجي ۽ اهو قلعو رڳو سندس گهر ٿيندو، تڏهن انهيءَ کي بند ڪيائين. هي نواب تمام چڱو شعر چوندو هو.

(23) نواب سعيد خان، جنهن کي خانزاد خان سعيد خاني چنگيز خاني چوندا هئا، سو سنه 1113هه ۾ ٺٽي ۽ سيوهڻ جو ناظم ٿي آيو. هو پاڻ سيوهڻ ۾ ويٺو ۽ پنهنجي پٽ ارشد خان کي ٺٽي ڏي موڪليائين.

(24) پوءِ نواب مير امين الدين خان حسين ولد سيد ابوالمڪارم شهود تخلص بن مير ابوالبقا امير خان سنه 1114ٿه ۾ ٺٽي جو ناظم مقرر ٿي آيو. وڏو امير هو ۽ اڪثر وقت ڪتابن پڙهڻ ۽ عالمن جي صحبت ۾ گذاريندو هو. ڪتاب رشحات الفنون، جنهن ۾ چوڏهن علمن جو ذڪر آهي، ۽ معلومنه ال آفاق ٻئي سندس تصنيفون آهن.

(25) پوءِ نواب يوسف خان تري سنه 1115هه ۾ ٺٽي جو صوبدار ٿي آيو ۽ هڪ سال کان پوءِ وري گهرايو ويو.

(26) پوءِ نواب احمد يار خان برلاس سنه 1116هه ۾ آيو. هو اصل لاهور جي ويجهو رهندو هو. پڻس الهيار خان لاهور ۽ ملتان جو حاڪم هو ۽ چاليهه ورهيه غزنيءَ جي فوجداري ڪيائين. ٽي سال ٺٽي ۾ رهيو. هن جي وقت ۾ سنه 1118هه جي 2 تاريخ ذوالقعد جي عالمگير بادشاهه وفات ڪئي ۽ سندس پٽ بهادر شاهه سنه 1119هه جي محرم جي پهرين تاريخ تخت تي ويٺو. انهيءَ جي يادگيريءَ لاءِ عاليجان جي پل ٺهرائي ويئي، جا قلعي جي اُڀرندي واري دروازي ڏي هئي.

(27) نواب سعيد خان بهادر ولد سعيد خان مٿيون، جنهن کي عطر خان سڏيندا هئا، سو سنه 1119هه ۾ بهادر شاهه جي حڪم سان ٺٽي ۾ آيو ۽ هڪ سال ۽ ڪي مهينا مس رهيو.

(28) پوءِ نواب مهين خان سنه 1121هه ۾ آيو ۽ ٻه ورهيه مس رهيو.

(29) نواب شاڪر خان سنه 1123هه ۾ آيو، پر انهيءَ سال ۾ نواب مهين خان وري ٻيو ڀيرو آيو ۽ انهيءَ وچ ۾ سنه 1124هه ۾ بهادر شاهه وفات ڪئي ۽ سندس پٽ معزالدين تخت تي ويٺو ۽ جهاندار خطاب مليس.

(30) انهيءَ سال ۾ نواب خواجه محمد خليل خان ناظم ٿي آيو. انهيءَ ورهيه جي نون مهينن منجهه باره وارن سيدن جي مدد سان معزالدين تخت تان لٿو ۽ فرخ سير تخت تي ويٺو.

(31) نواب عطر خان مٿيون ولد سعيد خان مٿيون وري ٻيو ڀيرو ٺٽي ۾ آيو، پر هيءُ جوان هو ۽ آزمودگار نه هو. سڄو ڪم ڪار محمد يعقوب ڪشميريءَ جي حوالي ڪري ڇڏيائين، تنهنڪري سگهوئي گڙٻڙ پوڻ لڳي. مير لطف علي خان سان جهيڙو ٿيس، پر هو زور وارو هو ۽ حضور تائين رسائي هيس حڪم موجب هن سان جنگ ڪيائين، جنهن ۾ نواب عطر خان مارجي ويو.

(32) مير لطف علي خان، جنهن جو نالو مير محمد شفيع هو، سومير محمد يوسف مهدي رضوي بکريءَ جي پوٽن مان هو. عطر خان کان پوءِ سنه 1125هه ۾ نواب ٿيو ۽ سنه 1127هه ۾ شجاعت علي خان خطاب مليس. تمام چڱي حڪومت ڪيائين. انهيءَ جهڙو ٻيو ڪو ٿورو آيو. شعر به چوندو هو. تخلص همت هوس. آخر سنه 1144هه ۾ وفات ڪيائين، جو سال ادخله في الجنات مان ٿو نڪري، جا تاريخ محمد محسن شاعر ڪڍي، جو سندس صحبتي هو. هن جا پٽ غضنفر علي ۽ مير ذوالفقار علي مشهور ٿيا. هن جو اولاد گهڻو ٿيو. پٽ پوٽا پنجاهه کان زياده ٿيا.

(33) نواب اعظم خان ولد صالح خان بن فدائي خان سنه 1128هه ۾ ٺٽي ۾ آيو. هو ڪوڪلتاش خان جهان بهادر، جنهن کي مير بابا چوندا هئا، تنهن جو پوٽو هو. ٿوري وقت تائين خواجه محمد خليل خان سندس نائب ٿي رهيو. پوءِ هو پاڻ آيو ۽ چار ورهيه رهيو. اتفاق سان هن جي حڪومت ۾ خلق تي وبا ۽ ڏڪار جي مصيبت آئي. شاهه عنايت الله صوفي جهوڪ واري جي شهادت به هن جي وقت ۾ ٿي، جنهن جو احوال مٿي ڏنو ويو آهي. خدا يار خان عباسي جهوڪ کي گهيري ڪرڻ لاءِ آيو. آخر سنه 1130هه جي صفر مهيني جي نائين تاريخ سيد مٿيون شهيد ٿيو ۽ انهي جي ٻئي سال ۾ فرخ سير مارجي ويو ۽ محمد شاهه بادشاهه تخت تي ويٺو ۽ نواب اعظم خان موقوف ٿيو.

(34) نواب مهابت خان ولد محمد منعم خان، جنهن کي خان خانان جو خطاب هو ۽ جو بهادر شاهه بادشاه جو وزير هو، سو سنه 1132هه ۾ مقرر ٿي آيو. ڏاڍو چڱو ۽ ڪم آزار ماڻهو هو. فقيرن سان صحبت رکندو هو. شاعرن کي عزت ڏيندو هو ۽ پاڻ به شعر چوندو هو. ڪاظم تخلص هوندو هوس. اتفاق سان سنه 1135هه ۾ اتي ئي وفات ڪيائين. سندس لاش لاهور جي رستي کڻي ويا ۽ سندس جاءِ تي سندس ننڍو پٽ رکيو ويو.

(35) انهي جو نالو سلطان محمود خان هو. هو صغير هو، تنهنڪري سندس والده رضي محمد خان کي موڪليو ته سندس پٽ کي سنڀالي ۽ انهي جي پاران ڪم هلائي. اهو سنه 1136هه ۾ آيو ۽ هڪ ورهيه رهيو؛ پر قلعي ۾ رهڻ جي جاءِ نه مليس.

(36) نواب سيف الله خان انهي کان پوءِ مقرر ٿي آيو ۽ عبدالسميع خان، جو شاهه عبدالغفور هالڪنڊيءَ سانوريه قوم جو ڀاءُ هو، سو پهرين سندس نائب ٿي رهيو. سلطان محمود خان بروقت هليو ويو ۽ رضي محمد خان به نائبيءَ جي اُميد تي ڪجهه وقت رهي موٽي هليو ويو. نواب سيف الله خان سنه 1137هه ۾ وارد ٿيو. هو تمام چڱو نواب هو. سندس حڪومت ۾ ٺٽي چڱي رونق ورتي. هن سان وڏا وڏا ماڻهو آيا. شيعه  مذهب گهڻو رواج ورتو. نشي جون شيون بند ڪرائي ڇڏيائين. چون ٿا ته هڪ سکر موالي کيس ڀنگ جي نالي اچي چيو ته سائين، اوهان ڇو اسان جي محبوبه کي اسان کان روڪي بند ڪري ڇڏيو آهي؟ هن ورندي ڏنيس ته اوهان جي محبوبه بازار ٿيڻ لڳي هئي ۽ گهمندڙ ٿي پيئي هئي، تنهن کي زور ڪري پرده نشين ڪيو اٿمانس. سنه 1143هه ۾ بيمار ٿي مري ويو ۽ مڪليءَ تي امامن واري ميدان ۾ دفن ڪيائونس. سندس تاريخ سندس قبر تي هيءَ لکيل آهي. دست وي بادامن آل عباست. کانئس پوءِ ٿوري وقت تائين سندس پٽ صادق علي خان رهيو، ۽ پوءِ جڏهن ٻيو نواب مقرر ٿي آيو، تڏهن اُهو هليو ويو.

(37) نواب دلير دل خان سنه 1143هه جي پڇاڙيءَ ۾ آيو ۽ ٻه سال رهيو. چڱو امير هو. انهي وچ ۾ ٺٽي جو صوبو جاگيري انعام ٿي امير خان کي مليو ۽ اجاري تي رهيو. دلير دل خان جي پٽ همت دلير خان کي ڊپ ٿيو ته متان ڪو ٻيو اهو صوبو اجاري تي کڻي ۽ پڻس کي حساب جي ڪشش ڪري ۽ تڪليف ڏئي، تنهنڪري امير خان کان مقاطعو ورتائين ۽ سنه 1145هه ۾ ٺٽي ۾ آيو ۽ چار ورهيه رهيو ۽ چڱو ڪم هلايائين، پر پوءِ موقوف ٿيو.

(38) نواب صادق علي خان ولد نواب سيف الله خان مٿيون سنه 1149هه ۾ امير خان جو مقاطعه دار ٿي انهي جي پاران آيو. پهريون ورهيه ته جيئن تيئن گذاريائين، ٻئي سال ۾ نقصان پيس ۽ کوٽ ڪڍيائين. انهيءَ وقت ميان نورمحمد ڪلهوڙو عباسي بادشاهه وٽ برک هو ۽ خدا يار خان خطاب هوس، تنهن کي صادق علي خان ٺيڪو ڏنو، جو نقصان ڏٺو هئائين. خدا يار خان جي وڪيل شيخ غلام محمد ولد شيخ عزيز الله في الحال ڪم پنهنجي حوالي ڪيو. انهي وقت کان پوءِ ٺٽي ۾ دهليءَ جي بادشاهن جا نواب اچڻ بند ٿيا ۽ بکر ۽ سيوهڻ ۽ ٺٽي جي حڪومت عباسي ڪلهوڙن کي ملي ۽ ميان نورمحمد ڪلهوڙو يعني نواب خدا يار خان انهيءَ گهراڻي جو پهريون حاڪم ٿيو. ڪلهوڙن جي اصل نسل ۽ حاڪمن جي نالن ۽ انهيءَ جي حڪومت جو بيان تاريخ مان معلوم ٿيندو ۽ ڪيئن وري انهن کان حڪومت نڪري ٽالپرن بلوچن کي ملي، سو احوال به سنڌ جي تاريخ مان معلوم ٿيندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org