سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: تاريخ سکر

باب؛ 8

صفحو ؛ 9

 

موجوده حالت

مسٽر ڪزنس جي ڏنل هڪ تصوير مان معلوم ٿو ٿئي ته اهو قبرستان زبون ٿي چڪو هو، منارا پٽ اچي پيا هئا، قبرون ڊهي ويون هيون، سنگين لوڙهه ۽ ڪتبا منتشر ٿي چڪا هئا، عمارت جي خاص وضع، ٽڪريءَ جي ماحول ۽ چوڌاري جي نظارن محڪمي آثار قديمه (حڪومت هند) جي ڪار پردازن کي متاثر ڪيو، جن ان کي محڪمي جي حفاظت ۾ وٺي، ان جي نئين سر تعمير ۽ مرمت ڪري، سموري قبرستان کي اصلي حالت ۾ آندو. منارا ٺاهيا ويا، قبرن جي مرمت ڪري مٿن اصلي ڪتبا لڳايا ويا[1]. فرش ٻڌو ويو ۽ حد بنديءَ واري ديوار دوباره مضبوط ڪئي ويئي ۽ حجرن کي به گهڻي حد تائين مرمت ڪري، ڪم آڻڻ جهڙو ڪيو ويو. هن وقت تمام مضبوط حالت ۾ آهي ۽ پاڪستان جي محڪمي آثار قديمه جي قبضي ۾ آهي، ممڪن آهي ته جيئن پوڻا چار سؤ ورهيه گذري چڪا آهن، تيئن ايندڙ ڪن صدين تائين اڃا به قائم رهي سگهي.

 

مرڪزي ٿلهو

فرش جي سطح کان 5 فوٽ 4 انچ بلنديءَ تي هڪ ٿلهو آهي، جنهن جو طول 48 فوٽ 6 انچ ۽ عرض 38 فوٽ آهي. ان تي ڏهه قبرون آهن، جن مان هڪ مير ابو القاسم نمڪين جي آهي. انهيءَ ٿلهي جي چئني ڪنڊن تي چار منارا ترڪي منارن جي نموني تي آهن، جيڪي 5 فوٽ کن بلندا ٿيندا، ڏکڻ کان انهيءَ ٿلهي تي مٿي چڙهڻ لاءِ ڏاڪڻ آهي. نمبر 9 ۽ 10 قبرون چوٽي جي پلاسٽر جون آهن، باقي سڀ پٿر جون آهن، جن جو سمورو لوڙهه اُڪر جي بهترين ڪم جو شاهڪار آهي، اوڀر کان اولهه طرف قبرن جو تفصيل ۽ ڪتبا هيٺ ڏجن ٿا، ڪن قبرن جي ڪتبن جا ڪي اکر ڊهي ويا آهن، انهن جاين تي اسان نقطا ڏنا آهن:

پٿر جي قبر، چوڌاري چٽساليءَ جي اُڪر اٿس، سيرانديءَ کان قرآني آيات جو ڪتبو، ۽ پيرانديءَ کان هي ڪتبو آهي:

وفات يافت مرحوم مغفور الواصل الي جوار
رحمت حضرت خالق . . . . . . مرزا عبد . . . .
شهر جمادي الاول . . . . . . . . . . . . . . . . . . .

 

نالي جو پهريون جزو پڙهڻ ۾ اچي ٿو، آخري جزو ”العلي“ جهڙو نظر اچي ٿو، ممڪن آهي ته عبدالعلي نالو هجي.

هيءَ قبر به پٿر جي آهي، پيرانديءَ کان ڪو به ڪتبو ڪو نه اٿس، سيرانديءَ کان هيءُ ڪتبو آهي:

لا الله محمد الرسول الله
فغان از گردش گردون بد عهد
دريغازين جهان عمر فرسا
که از بادِ اجل ناگاه شڪست
بنا غستان جان سروِ دل آرا
گل و گلذار اقبال و جواني
ابو القاسم فروغ بخت والا
سزا گر در فراق او بگريد
بجاي آب، خون چشم احبا
چو دلها داغ شد از فرقتِ او
نوشتم سال فوتش ”داغ دلها“ 

 

 1045 هه

هيءُ نمڪين جو پوٽو ۽ امير ابو البقا امير خان جو پٽ هو.

پٿر جي قبر – سمورو لوڙهه چٽسالي ۽ قرآني آيات سان مزاين، ڪتبو سيرانديءَ کان لڳل:

حيف و صد افسوس از عبد الرحيم
همچو او کم آمده زين آب و گل
سال فوتش راچه جستم از خرد
گفت از حسرت که ”دارم داغ دل“

 

1053 هه  

هيءَ قبر به پٿر جي آهي. ساڳيءَ طرح جي چٽسالي، آيات قرآني، ۽ سيرانديءَ کان هيٺيون ڪتبو آهي:  

يکتائي روزگار عتيق الله آن جواد
کاندر جهانِ جود نبودش کمي عديل
نگذاشت آسمان . . . . . . ازان که بود
مشتاق . . . . . او فردوس سلسبيل
سال شهادتش چونو شتم بصفحه بر
از غم بريخت آب ز چشم چو رود نيل
لا الله الله محمد رسول الله  

 

اهو ڪتبو پٿر جي ٻاهرئين طرف کان آهي، اندرئين پاسي هيءُ ڪتبو آهي:

عتيق الله مرزا ڪز فراقش
محبان را جگر ها چاک آمد
چو در خيل شهيدان شد خرامان
فلک را ديده نمناک آمد
ز روي درد گفتا سال تاريخ
”عتيق الله شهيد پاک آمد“

 

1037 هه

هي ڪتبو پيرانديءَ کان آهي:

بتاريخ روز پنجشنبه چهارم
شهر رجب المرجب سن 1037 هه
بدرجهء شهادت رسيد

 

هن قبر تي ڪو به ڪتبو ڪو نه آهي، چوني جو پلاسٽر ٿيل آهي ۽ ڪتبا سڀ ضايع ٿي ويل ڏسجن ٿا.

هيءَ قبر مير ابو القاسم ”نمڪين“ جي آهي، بهترين اُڪر جو ڪم ٿيل اٿس، قبر جون سموريون ديواريون  آيات قرآنيءَ سان مزين آهن ۽ هتي ڪتبو پيرانديءَ کان پٿر جي ٻاهرئين رخ تي اُڪريل آهي:

مير ابو القاسم آن يگانهء عصر
که بجز تخم دين و داد نکشت
ملڪ و اقبال در تصرف داشت
چو اجل در رسيد جمله بهشت
ديدهء دل کشاد بر گيريد
عبرتِ اِي غافلان پاک سرشت

 

هي ڪتبو انهيءَ ئي پٿر تي اندرئين پاسي کان آهي:

گربود بستر از حريرچه سود
چون نهد مرگ زيربالش خشت
خلف خير اوز ”داغ ابي“ 1018هه
چونکه تاريخ سال فوت نوشت
گفت ملهم مرا بگوش ضمير
سال فوتش که ”بادجاش بهشت“

 

1018 هه  

 

هي ڪتبو پيرانديءَ کان آهي:

خان زمان مير ابو القاسم آنکه او
لوح و جود از رقم غير ساده کرد
. . . . . دود مان . . . . گلبن حيا
سالِ وفات او طلب از ”داغ داده“ کرد

 

1019 هه

پٿر جي ساڳئي قسم جي قبر تي سيرانديءَ کان پٿر جي اندرئين طرف هي ڪتبو آهي:

عبدالرزاق که روحش قرين
باد ز ايزد بهزاز آفرين
سني و شيعه چو در افتاده دير
تيغ شجاعت ز ميان درکشيد
همت عاليش عنان گرم تاخت
جام شهادت ز فضا نوش يافت
ترک ازين عالم- فاني گرفت
”ملک بقا آل حسيني گرفت“

 

1062 هه  

 

مير نمڪين جو پوٽو ۽ مير ابو البقا امير خان جو پٽ هو. سيد محب الله روهڙيائي ”تحقيق جناءِ امصار سند“ ۾ لکيو آهي ته اها قبر عبدالرزاق ڪاشانيءَ (حاڪم بکر) جي آهي، ليڪن اهو غلط آهي، انهيءَ اطلاع جو ماخذ ميان علي اصغر ٺٽويءَ جو رسالو آهي[2].

 

هيءَ مزار امير البقا امير خان بن ابو القاسم خان ”نمڪين“ جي آهي، نهايت خوبصورت اُڪر جو ڪم، خط طغرائيءَ سان سڄيءَ مزار تي قرآني آيات، قبر جو ساڳيو اهو ئي نمونو آهي، جيڪو سندس والد جي قبر جو آهي. سيرانديءَ کان پٿر جي اندرئين رخ تي هي ڪتبو آهي:

مصدر خلق امير خان که بسي
خلق عالم بخلق او آسود
تا درين دهر بود صاحب جاه
در رضاي خداي خود مي بود
کوس رحلت چو زدز دار فنا
رخت آسودگي بخلد کشود
سال نقلش بگفت هاتف غيب
”هاديءِ دين امير خان آسود“

 

1057 هه  

 

(9 – 10) نمبر واريون قبرون گهري فيروزي ٽائيلس لڳل آهن، مٿن ڪو به ڪتبو ڪو نه آهي.

صحن جون قبرون

مرڪزي ٿلهي جي اوڀارئين طرف هيٺ فرش تي 67 قبرون آهن، انهن مان جن قبرن تي ڪتبا آهن، انهن جو محل و قوع ڪتاب ”تذڪرهء امير خاني“ جي شامل ڪيل نقشي مان معلوم ڪري سگهيو. ڪتبا هي آهن:

 

1.   وفات يافت مرحومه مغفوره بي بي . . . .
خانم هفتم تاريخ شهر رمضان سن . . .

في تاريخ هفتم شهر صفر ”خاتم بالخير و الظفر“ – 1131 هه (؟)  

تاريخ فوت مرحومه يازدهم شهر محرم الحرام – 1070 هه   

عبدالواحد چو از جهان فنا

کرد رحلت بسوي‘ ملک يقين

بهر تاريخ او خرد گفتا

”آمده جاي او بهشت برين“ – 1040 هه

خداوند فتاح را بندهء

که او بود در راه حق مستقيم

چوکرده ز دارالفنا انتقال  

بدارالبقا گشته جنت مقيم

پيء سال فوتش بسوز و گداز

سحر که بجستم ز طبعِ سليم

ز روي بديهه بگفتا نويس

”چو حاتم جوان مرد بودو کريم“ – 1052 هه

چون بحر اميد عبدالحي والا شان مردي

ازين دارالفنا ناگاه جانب روضهء رضوان

چو جستم سال تاريخ وفات . . . . .

جوان . . . . دانش ”بجنت يافت جاويدان“ – 1068 هه (؟)

چبوترا

اترئين طرف کان چار چبوترا فرش کان بلنديءَ تي آهن، جن مان هڪ اوڀر ۽ اتر جي ڪنڊ تي آهي، ٻه اترئين ڪناري تي هڪ ٻئي کان ٿوري فاصلي تي آهن، ۽ چوٿون اتر – اولهه جي ڪنڊ تي آهي. انهن چبوترن ۾ قبرون آهن، ۽ ڪنارن جي ڪنڊن تي ننڍا منارا آهن، قبرن جو تفصيل ۽ ڪتبا هيٺ ڏجن ٿا:

اولهه ۽ اتر جي ڪنڊ واري چبوتري ۾ هڪ قبر آهي، ڏکڻ کان مٿي چڙهڻ لاءِ ڏاڪڻ آهي. هيٺيون ڪتبو قبر تي موجود آهي:

مير اسفند يار مرحومي
که بهشت از رخش منور شد
ناگهان روز جنگ رعنا ماه
از شهادت شه مظفر شد
جستم از عقل سال او گفتا
”الحق آن شهيد اڪبر شد“

 

1036 هه  

قبر جي چوڌاريءَ قرآني آيت آهن.

اترئين طرف ڪناري سان جدا چبوترو آهي، جنهن ۾ پڻ هڪ قبر آهي، جنهن تي قرآني آيات خط طغرا ۾ اُڪريل آهن. هي ڪتبو قبر تي موجود آهي:

وفات يافت چو مغفور . . . . ميرزا
ابو نصر بتاريخ . . . شهر ذوالحج  

 

1045 هه

 

هي مرحوم مير نمڪين جو ڏهٽو هو. تحفته الڪرام ۾ سندس ذڪر آيو آهي.

مٿئين چبوتري سان لڳو لڳ، هن چبوتري ۾ ٻه قبرون آهن. اولهائين قبر تي ڪتبو آهي:

وفات يافت مرحومي و مغفوري ميرزا محمد . . .
. . . . . بتاريخ شهر ذوالحج سنه 1042 هه  

 

اوڀارينءَ قبر جو هيءُ ڪتبو آهي:

چونکه مرحوم محمد افضل
رفته زين . . . . . . . . . . . . اجل
عقل تاريخ وفاتش گفتا
که ”بيا سود محمد افضل“

 

1086 هه  

اهي ٻئي قبرون خوبصورت سنگتراشيءَ جو نمونو آهن ۽ انهن جي چوڌاريءَ قرآني آيات اُڪريل آهن.

اوڀر اتر واريءَ ڪنڊ تي جيڪو چبوترو آهي، اهو به اولهه اتر واريءَ ڪنڊ تي ٺهيل چبوتري وانگر آهي. ساڳيو سائيز، ساڳيو نمونو ۽ ساڳيا چار منارا. منجهس هڪ قبر آهي، جنهن تي هيٺيون ڪتبو آهي:

مير والا نزاد معد الدين
آن بهر فن يگانه و کامل
دل ازين خاکدان گرفت اورا
جنت عدن ساخت سر منزل
سال فوتش چو جستم از دل گفت
”شد بفر دوس مير صاحب دل“

 

 

1075 هه

مسجد

مٿين ڪتبن کان سواءِ ٻيا ڪتبا پڙهڻ ۾ نه آيا، گهڻو ڪري ٻين قبرن تي ڪتبا آهن به ڪو نه. سرڪاري مرمت وقت يا ان کان اڳ، انهن قبرن جا ڪتبا ضايع ٿي ويا آهن. مغربي ديوار سان لڳ مسجد جون چو ديواريون موجود آهن، ڇت ڊهي ويئي. محڪمي آثار قديمه طرفان فقط ديوارن کي قائم رکي، انهن جي مرمت ڪئي ويئي آهي. مسجد جو طول 15 فوٽ 6 انچ آهي ۽ عرض 8 فوٽ، مشرق کان ٽي دروازا ونگن سان ۽ ٽي دروازا مغرب کان آهن. اهڙيءَ طرح اتر ڏکڻ کان به هڪ هڪ دروازو آهي.

حجرا

ڏاکڻيءَ ڏاڪڻ تان چڙهڻ وقت ڏاڪڻ جي ٻنهي پاسن کان قديم حجرا آهن، جن مان سڄي هٿ وارا حجرا مجاورن سان آباد آهن ۽ کٻي هٿ وارا حجرا بند پيا آهن. اهڙيءَ طرح اترئين طرف کان اولهه – اوڀر وارا حجرا به بند پيا آهن ۽ انهن تائين پهچڻ لاءِ پاسن کان ڏاڪڻيون آهن.

هيٺين مسجد

انهيءَ ٽڪريءَ جي چڙهڻ واريءَ ڏاڪڻ کان ٿورو اولهه تي، هيٺ زمين تي، هڪ مسجد ٺهيل آهي، جا پڻ قديم ڏسڻ ۾ اچي ٿي، ان تي ڪو به ڪتبو وغيره ڪو نه آهي، ان کي محڪمي آثار قديمه وارن به پنهنجي قبضي ۾ ڪو نه ڪيو آهي، جنهنڪري بلڪل زبون حالت ۾ آهي. صفحئه صفا سکر جي جاذب نظر يادگار آهي.

ڪتبن جا سال

مٿي جيڪي ڪتبا ڏنا ويا آهن، ترتيبوار انهن جا سال هن طرح آهن: 1018 هه (ابو القاسم نمڪين)، 1021 هه (خاتمه بالخير و الظفر)، 1036 هه (مير اسفند يار)، 1037 هه (عتيق الله)، 1040 هه (عبد الواحد)، 1041 هه (مير معد الدين)، 1042 هه (ميرزا محمد)، 1045 هه (ميرزا ابو النصر)، 1045 هه (ابو القاسم)، 1053 هه (عبد الرحيم)، 1056 هه (فتاح)، 1057 هه (مير ابو البقا امير خان)، 1062 هه (عبد الرزاق)، 1070 هه (مرحوم . . . .)، 1086 هه (ميرزا محمد افضل).

سيد مير ابو القاسم جا تعميراتي ڪارناما

مير نمڪين 34 ورهيه اڪبر جي ملازمت ڪئي ۽ 5 ورهيه جهانگير وٽ رهيو. اهڙي ريت جملي 39 ورهيه مصروف زندگيءَ جا خير خوبيءَ سان ختم ڪري طبعي عمر کي پهچي، انتقال ڪيائين ۽ پنهنجي وطن بکر ۾ اچي دفن ٿيو. بکر ۽ روهڙيءَ ۾ مير صاحب ڪيئي يادگار آثار ڇڏيا، جن مان هڪ به اڄ سلامت ڪو نه آهي، سواءِ ”صفحهء صفا“ جي جيڪو محڪمي آثار قديمه جي طفيل هن وقت تائين قائم رهجي ويو آهي. ”ماثر الامرا“ ۾ آهي ته ”مسجد عالي قصبه بکر اساس گذاشته اوست“ اها مسجد هن پهرئين دفعي واري قيام جي بکر منجهه ٺهرائي. شيخ معروف بکري مير صاحب جو گهاٽو دوست هو، زياده تفصيل سان لکي ٿو:

”مسجد عالي جامع در قصبهء بکر (سکر) درعين رسيده، بازاز بنا نمود که اساس او در سالهاي دراز خواهد بود، و در قصبه لوهري و قصبه سکر مسجد و عيدگاهه هم بنا کرده است“[3].

مٿينءَ عبارت مان معلوم ٿئي ٿو ته هيٺيون عمارتون مير صاحب ٺهرايون:

جامع مسجد، نهايت عاليشان بکر ۾ تعمير ڪرايائين،

عاليشان، مضبوط ۽ پائدار بازار بکر ۾ جوڙايائين،

هڪ عيدگاهه سکر ۾،

هڪ عيدگاهه روهڙيءَ ۾ تعمير ڪرايائين.

اهي سڀ جايون زماني جي لاٿ ڦير ۾ ناس ٿي ويون. بکر جو قلعو اڄ صفا پٽ نظر اچي ٿو. قلعي جون ڪجهه ديوارون مخدوم نوح بکري ۽ شاهه صدر الدين خطيب جي روضي کان سواءِ ٻي ڪا به جهوني عمارت انهيءَ سر زمين تي موجود نه آهي. مير صاحب کائڻ جو وڏو ملهه هو. هن پنهنجا خاص باغ سنڌ جي قديم تختگاه اروڙ جي ويجهو رکرايا هئا جتان روزانو وٽس ميوو پهچندو هو. ”ماثرا الامرا“ ۾ آهي ته:

گويند اشتها بسيار داشت، هزارا انبه و هزار سيب شکري، و دو خرربوزه يک يک مني مي خورد“[4].  

يعني هڪ وقت تي هزار انب، هزار صوف ۽ ٻه خربوزه هر هڪ هڪ مڻ جو، کائي ويندو هو. ”ذخيرة الخوانين“ جي مصنف به ان جي تصديق ڪئي آهي[5]. مير صاحب جو فرزند ميرڪ يوسف لکي ٿو ته:

”خرپرهاءِ موضع تپه پدره را که در چار کروهي اين صفه (قبرستان) واقع است بغايت خرپزهاي ولايتي آنجا خوب مي شوند، صرف مي کرد، و خرپزهاي سر آمدرا بخدمت حضرت عرش آشياني، ميفر ستاد، و حضرت بادشاهه خوش کرده تناول ميفر موده“.[6]

 

علمي يادگارون

مير صاحب عالم، فاضل، اديب، علم دوست ۽ علم پروري ڪري مشهور هو، هميشه سندس مجلس ۾ اهل علم ۽ اهل ڪمال رهندا هئا، جن کي پاڻ وظيفا، روزينا ۽ ٻيا انعام اڪرام ڏيندو هو. ميرڪ يوسف هڪ هنڌ لکي ٿو ته:

”بمردم علماء و فضلاء دوست مي داشت، چنانچه روش مدد معاش درين ملک او پيدا کرد، که اکثر اهل علم و اهل فضل اين ديار رادر دور عرش آشياني از طرف خود روزيانه کرده، وبار برداده، همراه خود برداشته، بخدمت مغفرت پناهه ميران صدر  جهان رسيده، تجويز هر کدامي رافرا خوردانش او، فرامين درست کنانيده، خرچي راه داده، بسهوان مرخص نمود“.[7]

 

سندس خاص ملازمت ۾ به ڪئين ماڻهو اهڙا هئا، جيڪي علم ۽ ادب ۾ برک هئا. جهڙوڪ: مير عطاء الله مشهدي جيڪو سندس خاص ماڻهو هو، ۽ اديب، شاعر ۽ خطاط هو. علم دوستيءَ ۽ ادب پروريءَ جي گڻ کان سواءِ اسان کي اهو به معلوم ٿئي ٿو ته، مير صاحب پاڻ به نظم خواه نثر ۾ استاد ڪامل هو. انشا ۽ خط ۾ به کيس انتهائي ڪمال حاصل هو، چنانچه ”ذخيرة الخوانين“ جو مصنف شيخ فريد بکري نظم ۽ خط ۾ سندس شاگرد هو. هو پاڻ لکي ٿو ته، جنهن وقت مرحوم مير صاحب بکر ۾ منصبدار هو، ان وقت ۾ نظم ۽ خط ۾ وٽائنس تعليم ورتي. شيخ فريد جي شاهد ”ذخيرة الخوانين“ مان اڪبري دور جي عملي اميرن جو احوال ملي ٿو ۽ يادگار آهي. ”منثئات النمڪين“ فن انشاء ۾ مير صاحب جي هڪ ضخيم تصنيف آهي، جا مير صاحب 23 شعبان 1006 هه (44 سال اڪبري) 31 مارچ – 1598ع ۾ ختم ڪري پنهنجي ولي نعمت اڪبر بادشاهه جي نالي تي معنون ڪيو. ڪتاب اٺن بابن ۾ آهي ۽ انڊيا آفيسن لنڊن ۾ موجود آهي. مير صاحب جي ڪن تحريرن ڏانهن منهنجي عزيز فاضل دوست سيد حسام الدين راشدي صاحب اشارو ڏنو آهي، جنهن کي سندن ڪتاب ”تذڪرهء امير خاني“ ص 67 تي ڏسي سگهو ٿا.    

 

شيخ معروف بکري

شيخ معروف بکر جي معززن مان هو، اڪبري دربار تائين مشهور هو. پهرئين دفعي جڏهن مير نمڪين بکر ۾ جاگيردار ٿي آيو، ان وقت مقامي اربابن سان ڪن معاملن تي سندن اختلاف ٿي پيو[8]. جنهنڪري بکر جا ارباب فرياد کڻي شاهي لشڪر جي قاضيءَ، مولانا عبدالحي وٽ پهتا. دستور مطابق قاضي صاحب مير صاحب تي حاضر ٿي سبب پيش ڪرڻ لاءِ سمن ڪڍيو، جنهن تي فقط عدالتي ڪارروائيءَ جي مير صاحب پرواه نه ڪئي، بلڪ مقرر ڪيل تاريخ تي جوابدهيءَ لاءِ به عدالت ۾ حاصر نه ٿيو، تنهن تي قاضي عبدالحي بادشاهه جي حضور ۾ شڪايت لکي ته ”فلاڻي، شاهي حڪم ۽ عدالت خانهء الاهيءَ جي تعميل ڪرڻ ۾ ڄاڻي واڻي قاصر رهي، سخت جرم ڪيو آهي.“ بادشاهه حڪم ڪيو ته مير نمڪين کي هاٿيءَ جي پيرن ۾ ٻڌي، سڄي شهر ۾ ڦيرائي، کانئس حقدار جو حق وصول ڪيو وڃي. ”حکم شد که اورا (نمکين) به پاي فيل بسته تمام شهر گرداننده حق بحقدار رسانند“ انهيءَ وچ ۾ مير صاحب کي خبر پئجي ويئي، جنهن تي هنن شيخ معروف بکري (شيخ فريد بکري جي والد) جي ذريعي سڀني فريادين کي ٺاهي، کين حق رسي ڪري موٽائي ڇڏيو ۽ ان کان پوءِ بادشاهه کي رپورٽ ڪئي آهي، وٽس ڪو به فريادي پيش ڪو نه ٿيو آهي. بادشاهه حڪم ڪيو ته قاضي صاحب فريادين کي حاضر ڪري. قاضي غريب کي وچ جي خبر ئي ڪا نه هئي. گهڻي ڪوشش ڪيائين ته فريادين مان کيس ڪو هٿ اچي، پر ڪو به پيش ڪو نه ٿيو. ”قاضي دست وپارا بسيار زد، کسي از فرياديان حاضر نگشت“[9]. قاضي شرمندو ٿيو ۽ اهڙي طرح مير صاحبن پنهنجو پاڻ شاهي عتاب کان بچائي ورتو. بادشاهه آئيندي لاءِ حڪم ڪيو ته هن کان پوءِ فريادين جي شناخت لاءِ سندن شڪل شباهت به نوٽ رکي وڃي[10].

 

نواب مير محمد معصوم

سيد مير محمد معصوم عرف نظام الدين ابن شيخ الاسلام ابن سيد صفا الترمذي، سکر جي معصومي سادات جو سوخيل سکر جي مٽيءَ جو بي بها  مڻيو، اڪبري درٻار جو امير ۽ اهلڪار، دنيا جي زنده جاويد بزرگن مان هڪ  آهي، هن جي جامع صفات شخصيت جي مختلف پهلوئن تي بحث ڪرڻ لاءِ هت گنجائش ڪانهي، هن کي عمارت سازيءَ سان بيحد دلچسپي هئي. مسٽر ريورٽي صاحب پنهنجي ڪتاب ”مهراڻ“ ۾ مير محمد معصوم جي باري ۾ هن طرح لکي ٿو:

”سکر ۽ روهڙيءَ ۾ مير محمد معصوم گهڻيون عمارتون تعمير ڪرايون آهن. مسجدون ۽ مذهبي عمارتون تعمير ڪرائڻ هن جو مشغلو هو. عمارتن ۾ جيڪو پٿر استعمال ٿيندو هو، انهن کي پنهنجي نقاشي نمونن تي ٺهرائيندو هو. تاريخ ڪڍڻ جي فن ۽ ڪتبا ٺهرائڻ ۾ يگانه عصر هو. ان کان سواءِ خوشخطي جو وڏو ماهر هو. هڪ دفعي اڪبر پاران شاهي سفارت سان ايران ويو هو، ۽ هندوستان کان وٺي تبريز تائين ۽ اصفهان تائين پنهنجي سفر جا حالات مسجدن ۽ خاص عمارتن تي نقش ڪندو ويو. آگره جي قلعي جي دروازه، فتح پور سيڪري جي جامع مسجد ۽ ٻين مسجدن تي هن جا ڪتبا لڳل آهن“[11].

آگره جي عمارتن تي مير معصوم جا جيڪي ڪتبا لڳل آهن، تن کي سيد محمد لطيف پنهنجي ڪتاب ”آگره“ ۾ نقل ڪيو آهي. ٻين ڪتابن لکيو آهي ته، ڌاروار، اوجين، سعدپور، مانڊو، برهانپور، بيانه، مڌڪر ۽ ناگور ۾ به ڪن جاين تي سيد محمد معصوم جا ڪتبا آهن[12]. بيل صاحب جي ”مفتاح التواريخ“ ۾ سيد معصوم جو هڪ ڪتبو جنسي نقل ڪيل آهي، جو قنڌار جي عمارت ”چهل زينه“ تي اڪريل آهي. مدينته الاوليا سکر (بکر) سيد محمد معصوم جو وطن هو، جنهن ڪري قدرتي طور کيس پنهنجي وطن کي سينگارڻ جو شوق دامنگير هو. توڙي کڻي گهڻو ڪري سندس ساري زندگي وطن کان ڏور، سرڪاري ڪاروبار سان گذري، تڏهن به هن مدينته البسايتن کي ڪين وساريو. جيڪڏهن کيس مهلت ملي ها ته، جيڪر اڃا وطن سکر کي وڌيڪ سينگاري ها. پر ڇا ڪري، ويهه سال وطن کان ڏور گجرات ۽ ٻين پاسن ڏي لڙايون ڪندو رهيو.      

عبدالرحيم خان خانان سان گڏجي اچي سنڌ جو مغربي حصو فتح ڪيائين. جيڪڏهن کيس ڪا به فرصت ملي ته اهي زندگيءَ جا پويان 14 سال سنه 1000 هه ۾ هو تسخير سنڌ مان فارغ ٿيو ۽ 1014 هه يا 1015 هه ۾ سندس انتقال ٿيو. (پر يقيني طرح سندس سال وفات 1014 هه آهي، جو مصرع ”بودنامي صاحب ملڪ سخن“). ان وچ ۾ 1012 هه ڌاري هو ايران طرف سفير ٿي ويو. ان کان سواءِ به هيڏانهن هوڏانهن ويندو رهيو. 1005 هه جي پڇاڙيءَ  کان ڪم از ڪم 1007 هه تائين هو صاحب قنڌار طرف رهيو آهي. جيڪڏهن محمد معصوم صاحب جا سمورا ڪتبا مختلف جاين تان نقل ڪري اکين اڳيان رکيا ويندا ته، سندس سفر جو مفصل پروگرام مرتب ٿي ويندو. سيد موصوف گهڻو وقت پنهنجي وطن کان ٻاهر پئي رهيو آهي، جنهنڪري کيس عتاب ڏئي نه سگهبو، پر باوجود ان جي به، هن صاحب سکر سان چڱا ڀال پي ڀلايا آهن. سکر ۽ روهڙيءَ ۾ جيڪي عمارتون سيد محمد معصوم جون ٺهرايل آهن، سي  هن پنهنجن پئسن مان ٺهرايون يا سرڪاري امداد سان، تنهن تي ڪو به فيصلو ڏئي نه سگهبو. محمد معصوم وڏو مالدار هو. بادشاهه طرفان کيس وڏيون جاگيرون مليل هيون. جڏهن انتقال ڪيائين، تڏهن به 30 يا 40 لک روپيا پنهنجي پٽ کي ڏيئي ويو هو. خود عمارتن جي تعمير ڪا هروڀرو اهڙي قيمتي ڪا نه آهي، خاص طرح جڏهن ان زمانه ۾ گهڻي سهانگائي هوندي هئي. ان باري ۾ تحفته الڪرام ڪجهه لکيو آهي، جنهن جو مطلب آهي ته، ”اڪبر ڪجهه روپيا نذرانه طور حرمين موڪليا هئا، جيڪي موٽي آيا هئا. مير معصوم بادشاه جي حڪم موجب انهن پئسن مان مناره ۽ نشيمنهائي پاڪيزه سکر ۾ تعمير ڪرايا.“

 

روهڙيءَ جو عيدگاهه

سکر (بکر ) ۾ جيڪي آثار سيد موصوف جا ٺهرايا آهن، تن ۾ قدامت جي لحاظ سان روهڙيءَ وارو عيدگاه سڀ کان اول نمبر آهي. روهڙي شهر جي اولهه ڏکڻ جي ڪنڊ طرف ٽڪريءَ تي اهو عيدگاهه آهي. ٻن ايڪڙن کن زمين جي چوڌاري ديوار نڪتل آهي، ٽن طرفن کان ديوار اُره جيتري ۽ اولاهين طرف کان ڳڏي آهي، جنهن جي ٻنهي ڪنڊن خواه وچ تي ننڍا ننڍا گنبذ ٺهيل آهن. اهي گنبذ فقط اولاهين ديوار ۾ آهن. وچين گنبذ هيٺان محراب آهي، جنهن جي مٿان ٻاهرين طرف ڏانهن هڪ سفيد پٿر لڳل آهي، جنهن تي ٽن سٽن ۾ ڪتبو اُڪريل آهي:

ڪتبه

سيادت پناهه امير محمد معصوم نامي بن سيد صفا بنانهاد

 

مير معصوم ساخت برسر کوه
عيدگاهه بفيض همچون ارم
پير فکرت برائي تاريخش
عيد گاهه بفيض کرد رقم

 

1002 هه

بعد عيد گاهه وسيع ڪيو ويو آهي، جنهن جو اشارو ايڇ – ڪزنس جي ڪتاب ”سنڌ جا آثار قديمه“ صفحه 157 ۾ آهي.

 

مناره معصوم

عيدگاهه جي تعمير جي ٻئي سال يعني 1003 هه ۾ مير صاحب سکر واري معصومي مناره جي تعمير جو ڪم مير صاحب شروع ڪرايو، جو ڪم مير موصوف جي انتقال کان پوءِ سندن فرزند مير بزرگ 1027 هه ۾ پورو ڪرايو. اها حقيقت ان ڪتبه مان ظاهر آهي، جو مناره جي ڏاڪڻ واري دروازه جي ٻاهران اُڪريل آهي. ڪتبه جو مضمون هن طرح آهي:

”بنيٰ هذا المناره في زمان سلطان جلال الدين محمد اکبر بادشاهه غازي“.

 

بدر فلک علا محمد معصوم
افزاشت چنين بناءِ عالي که ز قدر
تاريخ بنائي او ملائڪ از عرش
مير معصوم آن رفيع القدر
کرد طرح منار تا گويند
پير چرخ از برائي تاريخش

کزوي زمانه صيت نيکو نامي است
افزاحته به چرچ مينانامي است  
گفتند جهان نما منارنامي است
که ازو کار دين به آئينه است
کين پئي يادگار ديرين است
ساق عرش برين بگفت اين است

مناره جي تعمير جي تشڪيل واري سال 1026 هه (يعني مير صاحب جي انتقال کان پوءِ تيرهون سال) هجڻ ان عام روايت جي تڪذيب ڪري رهيو آهي، جنهن جو مطلب آهي ته مير صاحب هڪ هندو عورت اڳيان پنهنجي جذبه عشق جي امتحان ڏيڻ لاءِ مناره ٺهرائي مٿانئس ٽپو ڏنو هو.

مناره هڪ اوچي ٽڪريءَ تي جڙيل آهي ۽ منجهس پڪيون سرون ۽ چن ڪم آندل آهي. سرون تمام پڪيون آهن ۽ هينئر گاٺ ڪري چمڪڻ لڳيون آهن. آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا نمبر 2 جي دوران ۾ مناره جي ماپ وغيره ڪرائي وئي آهي ۽ ان رپورٽ مان معلوم ٿئي ٿو ته پيڙهه وٽ منارو 84 فوٽ ويڪرو آهي. ڊگهائي ۾ به 84 فوٽ ۽ سندس ڦيردار ڏاڪڻ کي به 84 ڏاڪا آهن. اهو هڪ عجيب حساب آهي. ڏاڪڻ ڦيريدار ئي اندران وئي آهي. مناره جي چوٽي گنبذ نما آهي، جنهن تي ماڻهو چڙهي وڃي پري پري جو نظارو ڏسي سگهن ٿا. چوٽيءَ کي ميونسپالٽي چوڌاري پنڃرو هڻائي ڇڏيو آهي، ورنه اڳ ڪيترا ماڻهو مٿان ٽپ ڏئي خودڪشي ڪندا هئا. عام روايت آهي ته مناره لاءِ سرون اروڙ جي قديمي عمارتن مان پٽرائي آنديون هئائون ۽ ڪن جو خيال آهي ته شڪارپور کان گهرايل هيون. پر ان زماني ۾ شڪارپور هئي ئي ڪا نه – ڇو ته شڪارپور جو شهر دائود پوٽن پوئين زماني ۾ ٻڌايو هو. مناره ۾ هينئر ڪجهه ڦڏائي نظر اچي ٿي. اي – ڊبليو هيوز صاحب مولف سنڌ گزيٽئر، ان باري ۾ لکي ٿو ته ”تعجب انگيز ڳالهه هيءَ آهي ته مناره سڌائي کان ڪجهه مڙيل آهي، پر خبر پئجي نه ٿي سگهي ته اهو حساب عمداً ان جي تعمير ۾ ئي ڪيو ويو آهي، يا پوءِ سندن پيڙهه جي هڪ پاسي جهنوي وڃڻ ڪري مڙي پيو آهي،“ يا ڪنهن ڪاريگر جي غلطي سببان ان جي تعمير ۾ ابتدائي ڪجهه ڪجي واقع ٿي ويئي، يا وري پوءِ ڪنهن وقت زمين جي ڌڏڻ ڪري اهو فرق ٿي پيو آهي. هن کان اڳ به سنڌ ۾ گهڻائي دفعا نهايت شديد نموني ۾ ڌرتي ڌٻڻ جا واقعا ٿيندا رهيا آهن، 1828ع ۾ به ڌرتي اهڙي ڌٻي، جو ڏکڻ سنڌ جي طبعي جاگرافي تبديل ٿي وئي هئي. مناره ڪنهن جنگي مقصد لاءِ ٺهرايو ويو هو، يا نظاري بازي ۽ يادگار قائم ڪرڻ جي خيال سان، تنهن تي ڪو به يقيني رايو قائم ڪري نه ٿو سگهجي. ڪتبه مان البت معلوم ٿئي ٿو ته، يادگار قائم ڪرڻ جي خيال، ٺهرائيندڙ جي ذهن ۾ ٻين ڳالهين کان وڌيڪ ويٺل هو، توڙي جو برٽن صاحب پنهنجي ڪتاب ”سنڌ ريوزيٽيڊ“ ۾ مناره تان چڙهي سندس نظارن وٺڻ جو دل کولي بيان ڪيو آهي[13]. هن وقت تائين مناره جي حالت چڱي آهي ۽ انگريز سرڪار جي کاتي تحفظ آثار قديمه نالي ماتر ڪڏهن ڪڏهن مرمت ڪندو رهندو هو. مگر جنهن هنڌ هاڻوڪن ڪاريگرن مرمت ڪئي آهي، اُت سندن ڪم آندل مصالحو نمايان بيٺو آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هاڻوڪن ڪاريگرن کي اهڙو مصالحو ٺاهڻ ئي ڪو نه ٿو اچي.

 

آرامگاهه يا فيض محل

جيئن مٿي ڏيکاري چڪا آهيون ته، 1002هه ۾ روهڙيءَ جو عيدگاهه ٺهيو، ۽ 1003هه ۾ مناره جو بنياد پيو، وري 1004هه ۾ مناره جي قريب اٺن فوٽن جي فاصلي تي هڪ هشت پهلو گنبذ سان جاءِ جوڙائي وئي، جنهن جو اصل نالو ”فيض محل“ آهي، مگر عام ماڻهو ان کي آرامگاهه سڏين ٿا. اها جاءِ برج جي نموني پنجاه فوٽ کن اوچي آهي. ونگن سان چار دروازا اٿس ۽ زمين کان 14 فوٽ کن مٿي اندرين پاسي ڏانهن هڪ گيلري اٿس، جنهنڪري چار دريون آرپار آهن. چارئي دريون چئني دروازن جي مٿان آهن، ۽ ٻن درين جي مٿان پٿر جي ڇڄهري آهي. ڇڄهري جي ڇتين تي ڪي نصيحت آميز رباعيون پٿر تي اُڪريل آهن، جي چوڌاري ڦري آيون آهن. عمارت سهڻين پڪين سرن جي آهي ۽ زينت جي خيال سان ڪاشيءَ جون سرون ڪثرت سان منجهس استعمال ڪيل نظرن اچن ٿيون، ڄڻ جاءِ رنگا رنگي ٿي پئي آهي. ان جاءِ جي ويڪرائي اندرين پاسي کان سترهن فوٽ کن آهي. ذڪر ڪيل رباعيون گهڻيون آهن، پر هڪ رباعي هن طرح آهي، جنهن مان جاءِ جو نالو ۽ تعمير جو سال ملي ٿو:

اين گنبذ باشکوه نامي
کزقدر شد آسمان با فيض
چون بود محل فيض ازان رو
تاريخ شدش مکان با فيض

 

1004 هه

1005 هه ۾ مير صاحب ڪهڙيون عمارتون ٺهرايون، تن جو پتو ڪنهن به جاءِ جي ڪتبه مان ڪو نه پوي ٿو، البت ڪي آثار اهڙا آهن، جن تي ڪتبا ته لڳل آهن، مگر سال تعمير لکيل ڪو نه آهن، ممڪن آهي ته انهن مان ڪا جاءِ ان سال اندر تعمير ٿي هجي، ان سلسلي ۾ هاڻوڪي جيل جي قريبيءَ واري مسجد، هشت پهلو گنبذ جو ذڪر ڪرڻ هن موقعي تي مناسب آهي. تحفته الڪرام مان هي به معلوم ٿئي ٿو ته، مير صاحب بکر جي قلعي کي نئين سر تعمير ڪرايو هو[14]. درٻيلو، ڪاڪڙي ۽ چانڊوڪي پرڳڻا سندس جاگير هئا.

 

هشت پهلو عمارت، مسجد، کوهه ۽ باغ

پراڻي ۽ نئين سکر جي وچ ۾ موجود جيل خانه جي ڀر ۾ هڪ هشت پهلو گنبذ نما جاءِ آهي، ان جي اوساري پڪسري ۽ ٻاهران سفيد پڪو چونا گچ چڙهيل اٿس. چون ٿا ته ان جاءِ جي چوڌاري ست کوهه هوندا هئا، جن مان ڇهه کوهه لٽجي ويا آهن، باقي هڪ کوهه ان جي اولاهين پاسي ڏانهن اڃا تائين سلامت آهي. جنهن مان ماڻهو عام جام پاڻي وٺي رهيا آهن. کوهه جي سڄي اوساري پٿر جي آهي. ذڪر ڪيل هشت پهلو جاءِ لاءِ روايت آهي ته مير محمد معصوم مسافر خانه طور عام ماڻهن جي آسائش لاءِ جوڙائي هئي. اسين مٿي لکي چڪا آهيو ته، سکر ۾ قنڌار ۽ خراسان جي سوداگرن جا قافلا ايندا هئا ۽ مال جي مٽا سٽا ڪندا هئا. انهن قافلن سان مسافر به سفر ڪندا هئا، جو انهن ڏينهن ۾ رستا سلامت ڪو نه هئا. جهانگير جي ڏينهن ۾ 1609ع ڌاري جوزف سلامبئنڪي آگره کان قنڌار ويندي 24 ڏينهن تائين قافلي لاءِ سکر ۾ انهيءَ قافلي سراءِ ۾ ترسيو هو، ويهن ڏينهن کان پوءِ قافلو قنڌار پهتو هو[15]. نڪولس وٿنگٽن به سوداگرن جي قافلي سان ويهن ڏينهن ۾ آگره کان سکر پهتو، جيل سامهون واري هشت پهلو عمارت قافلي سراءِ هئي. هن عمارت اندر ڪمرا اهڙي نموني سان جڙيل آهن، جو منجهس ماڻهو ٻارن ٻچن سميت ڌار ڌار ڪمرن ۾ رهي سگهن ٿا. مدينته البساتين سکر جي هن قافلي سراءِ مان شاندار ماضيءَ جي دور جا اهڃاڻ نظر اچن ٿا. عمارت نهايت خوبصورت آهي ۽ ائين پيو معلوم ٿئي، ڄڻ تازي ٺهيل آهي. چاليهه فوٽ ديوار کان مٿي گنبذ اٿس ۽ ان زمانه جي سکر جي ٻاهرون آهي، کوهه ۽ هشت پهلو جاءِ جي اولهه ۾ هڪ مسجد آهي، جنهن جي اندران اولاهين دوار تي پٿر تي هيٺيون ڪتبو اُڪريل هو، جو ڳچ سال اڳ هڪ ملان پٽي گم ڪيو هو:

”بناءِ اين بقعه نهاد امير محمد معصوم نامي بکري جهت سير و استراحت وارد و صادر و مقيم و مسافر هر که درين بنا مقبره کند لعنت خدا و پيغمبران و ملائکه و مومنان بروباد.“

 

راقم پنهنجي ايام طفلگيءَ ۾ هن هشت پهلو عمارت جي چوگرد ڪي وڻ ڏٺا هئا، جن کي زمانه جي ناسازگار فضا پوءِ مٽائي ڇڏيو. ائين معلوم ٿئي ٿو ته مسافرن جي آسائش لاءِ اڳ هتي باغ هو، جنهن ۾ انبن ۽ کجين جا وڻ هئا.

مسجد منزلگاه واريون عمارتون

مسجد منزلگاه سکر بندر تي منزلگاه واري ميدان جي ڏاکڻي پاسي ساڌ ٻيلي جي سامهون درياه جي ڪناري جي نزديڪ سيد مير معصوم جون جوڙايل ٻه ٻيون عمارتون آهن، جن مان هڪ 1006 هه ۾ ٻي 1007هه ۾ تعمير ٿيل نظر اچي ٿي. 1006هه ۾ جيڪا جاءِ جڙي آهي، سا 1007هه واري هشت پهلو جي اولهه ۾ آهي، اندرين پاسي ڏانهن اولاهين ڀت تي هي ڪتبو پٿر تي اُڪريل اٿس:

خوشا منزل باغ رضوان رقم
که جان را دهد فيض باغ ارم
بتاريخ اين جاءِ عشرت سرشت
زهي جاءِ عشرت رقم زد قلم

 

1006 هه

سنڌ گزيٽئر ڀاڱي ب جي مؤلف سمائيٿ صاحب جو خيال آهي ته اها جاءِ مسجد هئي، ان خيال جي ڪزنس صاحب به پنهنجي ڪتاب جي تصديق ڪئي آهي. ان جاءِ جي اوڀر ۾ ٻي جاءِ به پڪ سري هشت پهلو آهي، هشت پهلو گنبذ جنهن جي چوٽي گنبذ وانگر آهي، گنبذ جي مٿان آسماني رنگ جون ڪاشيءَ جون سرون چسپان ڪيل آهن. اولاهين ڀاڱي واري ديوار تي ٻاهرين پاسي کان هي ڪتبو لڳل آهي:

در زمان خلافت بادشاه اعظم شهنشاه معظم جلال الدين محمد اکبر بادشاه غازي خلد ملک بنا نمود اين


عمارت خير امير محمد معصوم نامي بکري بن سيد
 صفائي ترمذي از برائي نفع عام مسلمانان هر که درين
 بنا مقبره سازد لعنت خدا و پيغمبران و ملائکه و
مومنان بروباد.      1007هه      

 

باغ

ڪزنس صاحب ان سلسلي ۾ هڪ نهايت ئي باريڪ نڪته پيدا ڪيو آهي. هو لکي ٿو ته اهي جايون هڪ باغ سان ملحق هيون، جن مان هڪ ۾ سير ڪندڙ آدم آرام وٺي سگهيو ٿي ۽ ٻيءَ ۾ عبادت گذاري. ان ڳالهه جي تصديق هڪ نهايت ئي قيمتي تاريخي دستاويز مان ٿئي ٿي جو اصلي حالت ۾ سردار ثابت علي شاهه صاحب معصومي وٽ موجود هو. ان دستاويز مان هيٺين حقيقت معلوم ٿئي ٿي:

 

”تاريخ 9 جمادي الثاني 1005 هه ۾ سيد معصوم ۽ سندس فرزند مير بزرگ هڪ باغ ”ڪوه شاد ٻيلي“ جي سامهون هيٺين حدن وارو ”سکر“ جي شهر ۾ قاضي فخر الدين جي پوين کان هڪ سو ٽنڪا جي قيمت ڏئي ورتو. حدون هن طرح نروار ڪيل آهن: اوڀر ۾ باغيچو ۽ سراءِ مشترين (يعني خريد ڪندڙن جي). اولهه ۾ زمين سعادت سلطان بيگم بنت مير يار حسين جلاير. اُتر ۾ عام رستو ڏکڻ ۽ درياء (پنجاب). اصل دستاويز 1005هه جو لکيل آهي ۽ مٿس قاضي علي بن محمد اسماعيل وغيره جي مهر لڳل آهي. مطلب ته جيڪو خيال ڪزنس ان جاءِ تي باغ هجڻ بابت ظاهر ڪيو آهي، تنهن جي تصديق خود هڪ دستاويز مان به ٿئي ٿي. ان دستاويز ذريعي معلوم ٿي رهيو آهي ته، مغليه دور ۾ سرڪاري دفتري زبان ۾ سکر جو نالو بکر هو پر گهرو زبان ۾ سکر هو ۽ جنهن ٻيٽ کي هينئر ”ساڌ ٻيلو“ سڏيو وڃي ٿو، سو مغلن جي صاحبي ۾ ”شاد ٻيلو“ سڏبو هو، جيئن دستاويز ۾ ”کوه شاد بيله“ لکيل آهي. انگريزن جي سکر ۾ وارد ٿيڻ وقت، ان باغ ۽ جاين تي سندن قبضو ٿي ويل ڏسجي ٿو. مسٽر ايسٽوڪ پنهنجي ڪتاب ”ڊراءِ ليوز فرام ينگ ايجپٽ“ صفحئه 53 مان معلوم ٿئي ٿو ته، انگريزن ابتدائي زماني ۾ ان جاءِ تي سفارتخاني جي آفيس هوندي هئي. هينئر اهو عظيم الشان باغ برباد ٿي چڪو آهي. عيسوي ويهين صدي جي شروعات ۾ هن ميدان ۾ انبن ۽ کجين جا وڻ هئا. اوڀرندي پاسي ۾ کوهه به هو. راقم هتان انب خريد ڪيا هئا.“

يعني ته سکر جو هت پتڻ هو، دريائي مسافرن جي آسائش سير ۽ آرام لاءِ مير معصوم هن منزلگاه جون جايون تعمير ڪرايون هيون. ڇو ته سکر بندر هو ۽ هتي لاهور ۽ لاڙ جا جهاز لنگر انداز ٿيندا هئا. جوزف سلامبئنڪي جو 1609ع ۾ جهانگير جي ڏينهن ۾ هتان لنگهيو هو، ڄاڻائي ٿو ته، سکر مان غوراب مال سان ڀرجي، سوراشٽر (گجرات) ڏانهن ويندا هئا. لاهور ۽ لاهري بندر جي وچ تي سکر وڏو بندر هو. گجرات ۽ ٺٽي کان قيمتي ڪپڙن سان ڀريل غوراب سکر پهچندا هئا. انهيءَ طرح ٺٽي کان خشڪي رستي جيڪي قافلا سکر پهچندا هئا، في وڳ ۾ هڪ هزار اُٺ مال سان ڀريل هوندا هئا[16]. ملاح جيڪي سميجن ڌاڙيلن سان گڏجي ٻيڙين کي درياء تي لٽيندا هئا، سي ذات جا ”هوسڙا“ ڄاڻايل آهن[17]. مال سان ڀريل غوراب سکر کان ويهن ڏينهن ۾ ٺٽي پهچندا هئا.

 

اروڙ واري درياءَ جي سير وارو پٿر

هڪ ٻي معصومي يادگار، ايسٽوڪ صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ هڪ جاءِ تي ڪيو آهي. لکي ٿو ته:

”اروڙ ۾ مون قابل توجهه فقط ٻه پهڻ ڏٺا جي پراڻي درياءَ جي پيٽ ۾ نصب ٿيل هئا، جن تي ڪتبا اُڪريل هئا. انهن ڪتبن تي لکيل عبارت جو مطلب هي هو ته، اهي پٿر مير محمد معصوم جا هڻايل آهن ته، انهن جي وسيلي درياءَ اڳين جي سير جي نشانن جو پتو پوي ٿو.“

انهن پٿرن ذريعي مير معصوم اروڙ واري درياءَ جي وهڪري کي نروار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر افسوس آهي، جو اڄ انهن پاهڻن مان فقط هڪ موجود آهي[18]. ساڳي طرح اروڙ وٽ هڪ پل جي هجڻ جو احوال به ڪن ڪتابن لکيو آهي ۽ ان جي تعمير به سيد محمد  معصوم سان منسوب ڪيل آهي. پل اڃا موجود آهي، جنهن متعلق ڄاڻايل آهي ته، اورنگزيب عالمگير جي دور جي جڙيل آهي.

 

ستياسر

سکر اندر مير معصوم صاحب جي ٺهرايل ڪن ٻين يادگارن جا حوالا ڪن ڪتابن ۾ ڏنل آهن، پر انهن يادگارن جا نشان هينئر ڪو نه ٿا ملن. بلاڪمئن صاحب ”آئين اڪبري“ جو ترجمو ڪندي، پهرين جلد جي پڇاڙيءَ ۾ ڪن اڪبري اميرن جي سوانح حيات تي قيمتي نوٽ لکيا آهن، انهن ۾ هڪ نوٽ مير محمد معصوم بابت به  آهي. اُن نوٽ ۾ هڪ جاءِ تي بلاڪمئن لکي ٿو ته:

 

”مير معصوم ڪيتريون عمارتون ٺهرايون – خاص طرح سکر (بکر) جي سامهون سکر ۾ درياءَ جي جيڪا شاخ بکر جي چوڌاري آهي، تنهن جي وچ ۾ مير معصوم هڪ گنبذ ٺهرايو، جنهن تي ”ستياسر“ نالو رکيائين. اهو گنبذ دنيا جي عجائبات مان هيو ۽ ان جي تعمير جو سال ”گنبذ دريائي“ مان نڪري ٿو.“   1007 هه

 

ميرڪ يوسف ”مظهر شاهجهاني“ ۾ لکيو آهي ته ستياسر گنبذ، دين ٻيلي واريءَ ٽڪريءَ تي تعمير ڪرايو ويو، جو هينئر ساڌ ٻيلي سان ملحق آهي. اڳ ڌار هو. اصل عبارت هيٺ ڏيون ٿا، اها هڪ پبلڪ لاءِ تفريح گاهه هئي:

        

”مير معصوم بکري يک کشتي ڪلان پراز سنگ
کرده بر آن کوهچه غرق کرده، گنبذ سبزي بالايش
عمارت ساخته ”ستياسر“ نام نهاد – اکثر مردم بطريق
سير آنجا ميروند و محظوظ ميگ دند“[19].

 

قبرستان

معصومي مناره ۽ فيض محل جي اوڀر ۾ هڪ چوڪنڊي، پٿريلي زمين جي هڪ اوچي ٿلهي تي آهي، جنهن هيٺان سيد محمد معصوم جي والد سيد صفائي، خود سيد محمدو معصوم ۽ ڪن ٻين جون تربتون آهن. اها چوڪنڊي، ڪشادي هشت پهلو ٿنڀن تي بهاريل آهي، تعمير سازي پٿر جي آهي. قبرن تي خواه عمارت جي ڇت ۽ ٿنڀن تي ڪتبن جي ڄڻ هڪ چادر وڇايل آهي، ڪو به حصو عمارت جو اکرن کان خالي ڪو نه آهي. چوڪنڊي جي وچ تي ٻه ننڍا گنبذ آهن، جن جي هيٺئين پاسي کان پڻ ڪتبا آهن ۽ اهي ڪتبا ناصحانه اشعارن، قرآني آيتن ۽ احاديث تي مشتمل آهن. طور تحرير معصومي نموني جي آهي. ڪن وڏين تربتن جي پيراندي واري پاسي ڏانهن صاحب تربت جو نالو ۽ تاريخ انتقال لکيل آهي. اصل پٿريلي مسقف چوڪنڊي هيٺيان 9 تربتون آهن، جن ۾ هڪ سيد معصوم جي والد جي آهي ۽ ٻي خود مير معصوم جي آهي. انهن قبرن مان ڪن تي صاحب قبر جا نالا ۽ سال وفات اُڪريل آهن ۽ ڪي ان کان خالي آهن. سيد مير صفائي جي تربت تي پيرن واري پاسي کان هيءُ ڪتبو آهي:  

 

اي آمده برسر مزارم
از آمدت اميدوارم
حسرت زده ام بخاک مانده
افتاده درين بفلک مانده
يک فاتح بخوان با اخلاص
تاحق کند مغفرت خاص

 

- - - - -

ماه قرشي سيد صفائي
کافر اشت فلک لوائي نورش
ناگاه ازين جهانگه سير
افتاد به آن جهان عبورش
نامي زبرائي سال تاريخ
گفتا پرنور باد گورش

 

قبر جي لوڙهه تکي مينائين رنگ جي پٿر جو آهي، جنهن تي سڀني پاسن کان خوش خط ڪتبا آهن. سيد صفائي جي تربت جي اوڀر ۾ هڪ ننڍي قبر ڪتبن کان خالي آهي ۽ ان کان پوءِ سيد محمد معصوم جي تربت آهي. اها ڪتبن سان ڀريل آهي ۽ لوڙهه تي پيرن واري پاسي کان هي ڪتبا اُڪريل اٿس:          

 

مير معصوم آي مه برج شرين
آفتاب شرح دين فخر زمن
روز جمعه سادس ذالحجه گشث
عازم جنت بامر ذوالمنن
سال فوتش از خود جستم بگفت
بودنامي صاحب ملک سخن

 

مير معصوم جي مزار کان اوڀر ۾ ٻيون ٻه قبرون اچن ٿيون، جن تي نالا يا سن وفات ڪو نه آهن. انهن کان پوءِ هڪ تربت آهي ۽ پيرن واري پاسي کان هي ڪتبو اٿس:

 

چوشد مير ابو القاسم نيک رائي
سوئي دارالبقا ز دار الفنا
چونامي طلب کرد تاريخ او

 

خرد گفت رفتا بدار البقا

 

انهن قبرن ۽ ساڻن ملحق چوڪنڊيءَ جون هي خصوصيتون آهن:

 

ساري تعمير زرد رنگ جي مضبوط پٿر جي ٽڪرن سان ٿيل آهي. هر هڪ ڪنڊ ڪڙڇ تي ڪتبا آهن، جيڪي نستعليق ۾ آهن. قرآني آيتون ۽ ڪي ٻيون عربي عبارتون طغرائي اکرن ۾ آهن. طور تحرير جو اهو ساڳيو نمونو آهي، جيڪو اڪثر معصومي ڪتبن تي نظر اچي ٿو. قبرون اوچيون ۽ تجز نمونو آهن، چوڪنڊي ڪا تمام اُڀي ڪا نه آهي. قبر کان 10 فوٽ کن مٿي ڀت اٿس. ڇت ٿنڀن تي بيهاريل آهي. سيد محمد معصوم ۽ سيد صفائي جي تربتن مٿان ٻه گنبذ آهن. ائين چئي سگهجي ٿو ته، اها چوڪنڊي سيد محمد معصوم پنهنجي حياتيءَ ۾ ٺهرائي هئي. سندس هيٺان پنهنجي والد کي دفن ڪرايائين ۽ پوءِ پاڻ به ساڳيءَ جاءِ تي ابدي ننڊ ۾ ستو.

 

مير معصوم جون خصوصيتون

مير محمد معصوم صاحب – سيف و قلم هو – فنِ شاعري ۾ سندس تخلص ”نامي“ هو ۽ صاحب ديوان هو. ديوان نامي کان سواءِ هن عالم فاضل سنڌ جي مشهور افساني ”سسئي پنهون“ کي پارسي ۾ منظوم ڪري مٿس ”ناز و نياز“ نالو رکيو. مختلف لڙاين ۾ بهادريءَ  جا جوهر ڏيکاري، نوابي جو لقب ۽ عهدو حاصل ڪيائين ۽ درٻار اڪبري کان جاگير حاصل ڪيائين. پنهنجي وقت جو باڪمال معمار هو ۽ سندس خوش نويسي جي ثبوت لاءِ سندس ڪتبا دکن، آگره کان اصفهان ۽ تبريز تائين پکڙيل آهن. هن کي پنهنجي وطن سکر سان بيحد محبت هئي، سر زمين وطن کي پنهنجن هٿن سان سينگاري، صنعت گري ۽ هنرمندي، صدق ۽ اخلاص جو مثال پوين لاءِ ڇڏي ويو. سندس صناعي هٿن جيڪي عمارتون تعمير ڪيون، تن جي وجود ڪري سکر سياحن لاءِ آماجگاه آهي. سکر جي قدرتي نظارن ۽ لافاني حسن ۽ رعنائيءَ کي مناره تي چڙهي ڏسي سگهجي ٿو. مير صاحب پنهنجي وقت جو مؤرخ ۽ محقق به هو، سندس ”تاريخ معصومي“ جا هن پنهنجي فرزند مير بزرگ جي تعليم لاءِ لکي آهي، سنڌ جي وچين زماني جي تاريخ اڪبري دور تائين آهي. مؤرخن ۽ محققن لاءِ ماخذ آهي. انگريزي راڄ جي شروعات 19 صديءَ  ۾ منشي نيوندرام سيوهاڻيءَ ان کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، بعد شمس العلماء مرحوم عمر بن محمد دائود پوٽه صاحب، جڏهن انڌيري ڪاليج بمبئي ۾ پروفيسر هو، تاريخ معصومي کي اهتمام سان قلمبند ڪري پارسي نسخو تيار ڪيو، جنهن کي ”ڀنڊارڪر اورينٽل انسٽيٽيوٽ پونا“ 1938ع ۾ مطبع قيمه مان شايع ڪرايو، تنهن کان پوءِ سنڌي ادبي بورڊ، تاريخ کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرايو. مير محمد معصوم صاحب پنهنجي وقت جو حڪيم به ٿي گذريو آهي. طب ۾ سندس ڪتاب ”طبِ نامي“ آهي، جنهن جو نسخو سندس پوين مان سيد منور علي شاهه صاحب سکر پراڻي وٽ موجود آهي ۽ ”مفردات – نامي“ جا چند اجزا شيخ عبدالرحيم روهڙائي وٽ آهن. سکر جي خاڪ شريف مان جيڪي وقت بوقت گوهر پيدا ٿيا، تن ۾ مير صاحب هڪ چمڪندڙ موتي آهي.

 

مير امين الدين خان

سبزواري ساداتن مان جيڪي سکر ۾ رهندا هئا، قاسم خاني ڪوٺبا هئا ۽ جيڪي ٺٽي ۾ رهندا هئا، امير خاني ڪوٺبا هئا. مير امين الدين خان امير خاني هو، جو اورنگزيب جي وفات 1118 هه کان ٻه سال پوءِ 1120 هه ۾ بکر جو فوجدار مقرر ٿي آيو. هن اچڻ شرط سکر شهر ۾ هڪ عظيم الشان مسجد جوڙائي، جنهن لاءِ مير محمد بلگرامي لکي ٿو ته:

 

”و همدرين سال 1120 هه خان ذيشان امين الدين خان
فوجدار سرڪار بکر – که از ابناء امير خان تتوي بود –
در عهد فوجداري خود، در قصبئه سکر که آنروئي آب
از قلعه بهکر است، مسجد عالي عمارت نمود، چنانچه
مير صاحب و قبل جاودان تاريخ چنين فرموده اند.“

 

مير عبدالجليل بلگرامي جيڪو انهيءَ وقت بکر ۽ سيوهڻ ۾ وقايع نويسي ۽ بخشگيريءَ تي فائز هو، مٿي ذڪر ڪيل تاريخ هيٺينءَ ريت چئي آهي:    

  

خان ذيشان امين الدين خان،
در رُ خش نور نبي گشته عيان،
سينه اش مخزن اسرار ازل،
مسجدي کرده بنا در سکر،
خانئه دين خود، آباد نمود،
سکهر از نسبت اين مسجد شد،
جد امجد فرخنده بنا،
از دمِ صبح بر آمد په په،
مي سزد، گريئي جارو بش، چرخ،
باهم آغوش مصلاش شده است،

 

ذکر فيضش بز بانها مذکوره
در کفش جود علي کرده ظهور  
شمع فانوس دلش لمعهء طور
پاک تراز دل ارباب حضور
سعي او پيش خدا شد مشکور
بلدهء طيبهء رب غفور
در و ديوار وي آئينهء نور
پر گچِ او چو نظر کرد از دور

 

سي سزد، گر پئي جادو بش چرخ،

باهم آغوش معلاش شده است،
دسته بندد ز سر ڪاڪل حور
سجده در جبهه کند رقص سرور

 

سال تاريخ چنين گفت خرد
مهبطِ نور چو بيت المعمور

 

1120 هه

 

مير عبدالجليل بلگرامي

جنهن دور ۾ امين الدين خان بکر جو فوجدار هو، اهو ئي وقت هو جڏهن بکر ۽ سيوهڻ جي بخشيگري ۽ وقايع نويسيءَ تي علامه مير سيد عبدالجليل بلگرامي دهلي سرڪار مان 1117 هه ۾ مقرر ٿي آيو. مير عبدالجليل ۽ مير امين الدين خان امير خاني جا باهمي تعلقات تمام گهرا ٿي ويا ۽ يگانگت پيدا ٿي پئي. مير عبدالجليل جي فرزند، سيد مير محمد پنهنجي والد ڏي لکيو ته بکر مان ڏانهس ڪو سفيد سرمون وٺي موڪلي. مير صاحب ذاتي تعلقات جي بناء تي پٽ جو اهو جنسي خط امير امين الدين خان جي حوالي ڪيو، جنهن نه فقط پنهنجو تيار ڪيل نفيس سرمون مير سيد محمد ڏانهن موڪلي ڏنو، بلڪ پنهنجي طرفان ”شرح ملا“ جو هڪ نفيس نسخو پڻ موڪليو. اهي سڀ سوکڙيون فريد نالي مير عبدالجليل جو ملازم کڻي بلگلرام روانو ٿيو. مير امين الدين جي سرمي جون خوبيون ۽ خصوصيتون جيڪي بيان ڪيون ويون آهن، سي هي آهن. ماتا جي بيماريءَ سبب اک ۾ پيل ڦلن کي دور ڪري ڇڏيندو هو، اکين جي نور کي اوجر ڏيندو هو ۽ تقريباً اکين جي سڀني بيمارين لاءِ مفيد هو[20].  


[1] چبوترا ۽ ڪتبا خاص اهميت نه ٿا رکن حدف ڪجن ته بهتر ٿيندو.   

[2] ڏسو تذڪره امير خاني، سيد حسام الدين راشدي فوٽ نوٽ ص 266.

[4] ماثر الامرا، ج 3 ص 75

[5] ايضاً، ج 3 ص 77.

[6] شيخ فريد بکري: ذخيرة الخوانين.

[7] مظهر شاهجهاني، ص 229.

[8] مظهر شاهجهاني، ج 2 ص 31.

[9] ماثر الامرا ج 3، ص 275.

[10] ذخيره ص 119.

[11] پير علي محمد شاهه جو مضمون ”سکر ۽ روهڙيءَ جا آثار قديمه“ الوحيد اسپيشل ايڊيشن جون 1936ع ڪراچي.

[12] رسالو معارف اعظم ڳڙهه آگسٽ 1931ع،  رتيديري تعلقه ۾ پير ارشد شاهه جي ڳوٺ واري مسجد جي صحن ۾ هڪ پٿر پيو آهي، جنهن تي پڻ سيد معصوم جو ڪتبو اُڪريل آهي. ڏسو پير علي محمد شاهه راشدي جو مضمون.  

[13] الوحيد اسپيشل ايڊيشن، سيد علي محمد شاهه راشدي جو مضمون ”سکر ۽ روهڙيءَ جا آثار قديمه“ ص 54، جون 1936ع ڪراچي.

[14] مرزا قليچ بيگ: قديم سنڌ، ص 16، بلئوٽسڪي پريس حيدرآباد 1925ع.

[15] ايڇ – ريورٽي: مهراڻ، ص 494.

[16] تذڪرهء امير خاني، ص 133 – 134.

[17] سنڌ جي ڌاڙيلن جو بيان مظهر شاهجهاني ۾ وضاحت سان ڏنل آهي.  

[18] راقم هڪ پٿر جي وڏي ڇپ اروڙ کان شاهه شڪر گنج ڏانهن ويندڙ رستي تي پيل ڏٺي، جنهن تي مير معصوم جو نالو اُڪريل آهي، باقي ٻي ڇپ جو پتو ڪو نه پيو.

[19] مظهر، باب اول ص 4.

[20] تذڪرهء امير خاني، مير امين الدين خان ۽ مير عبدالجليل بلگرامي ص 355 361.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org