باب يارهون
انگريزي حڪومت ۾ سکر نئون
ڇپر ي بندر ۽ بکر جو قلعو
جنهن هنڌ نئون سکر آهي، اتي اڳ جهنگ هو ۽ کيتن کان سواءِ کجين
جا نخلستان هئا. ڪي زمينون ڀٽن جون هيون ۽ ڪي
جلائر مغلن جون هيون. 1838ع ۾ اليگزينڊر برنس کي
وائسراءِ لارڊ آڪلنڊ بولان لڪ واري رستي کي صاف
ڪرڻ لاءِ پهرين افغان ويڙهه وقت روانو ڪيو هو.
اليگزينڊر برنس جي اچڻ وقت سکر نئين ۾ معصوم شاهه
مناري ۽ مسجد منزلگاه وارين عمارتن کان سواءِ ٻي
ڪابه عمارت ڪانه هئي. بنگالي جي لشڪر جنهن ۾ 9500
سپاهي ۽ 3800 سئپرس مائنرس هئا، جن جي لنگهڻ لاءِ
اڳواٽ نواب بهاولپور فيروزپور کان وٺي ڪچو رستو
تعمير ڪرايو هو ۽ راول جيسلمير ۽ نواب صاحب
انگريزي لشڪر جي باربرداريءَ لاءِ ٽيهه هزار اُٺ
ڏنا هئا. انهيءَ لشڪر لاءِ سکر نئين وارين ٽڪرين
ٿي فوجن جي آرام وٺڻ منزلگاهه تعمير ڪرڻي هئي.
هتان ٻي منزل شڪاپور هئي ۽ ٽين منزل خان ڳڙهه جو
پوءِ جيڪب آباد سڏجڻ لڳو.
بکر جي قلعي جي ايراضي اوڀر کان اولهه تائين اٺ 8 سو گز هئي ۽
ويڪر ۾ 3 سو گز هو. ٽڪري درياه کان 25 فوٽ اوچي
هئي ۽ قلعي جون ديوارون 30 کان 35 فوٽن تائين بلند
هيون، جن تي مضبوط برج اڏيل هئا. قلعي کي ٻه
دروازا سکر ۽ روهڙي طرف کان هئا 1838ع ۾ انگريزن
جي قبضي ڪرڻ وقت قلعي اندر 25 پنجويهه جهونيون
عمارتون هيون ۽ 115 هڪ سو پنڌرهن ڊٺل عمارتن ها
دڙا هئا، جن مان ڪي زمين کان 15 فوٽ ڪي 20 فوٽ
اوچا هئا. لينسڊائون پل روهڙيءَ واري حصي جي، جا
بکر کان شروع ٿئي ٿي، تنهن جي اوڀرندي ۾ پل جي
ڀرسان هڪ عمدي عمارت مغلن جي دور جي بيٺل هئي، جا
راقم به ڏٺي هئي، تنهن کي انگريزن بارود خانو
جوڙيو هو. 1905ع ۾ اها عمارت ڊاٺي ويئي. انگريزن
35 هزارن رپين جي خرچ سان قلعي جي مرمت ڪرائي، ان
کي جنگي هٿيارن ٺاهڻ جو ڪارخانو ڪيو ۽ بمبئي
توبخاني جي هڪڙي ليفٽيننٽ مسٽر جان جيڪب کي
ڪارخاني مٿان انجنيئر مقرر ڪيو. انهيءَ جيڪب پوءِ
جيڪب آباد جو شهر اڏايو هو[1].
انگريزن سکر واري فريڪ هل تي فوجن لاءِ بئرڪون تعمير ڪرايون.
جملي 18 هزار فوج کي سکر ڇانوڻي ۾ آرام ڪرڻو هو.
آغاخاني اسماعيلين جي امام آغا حسن علي شاهه جنهن
جي خراسان ۽ ايران تائين رسوخ هو، تنهن جا خواجا
مريد، ڪڇي ميمڻن، پارسي سيٺين ۽ شڪارپور جي هندن
سيٺين کي وڏا وڏا ٺيڪا مليا. هن عظيم الشان ڇانوڻي
پوڻ ۽ ٺيڪن جي ڪمن لاءِ ٺيڪيدار سيٺين سکر نئين جي
ٽڪرين مٿان رهائش لاءِ ڪچيون جايون جوڙايون. فوجن
لاءِ اسپتالون ۽ سپلاءِ عمدار لاءِ مناري جي
سامهون واري اترين ٽڪري تي عاليشان بنگلو جنهن جي
بچاءُ لاءِ اردگرد مضبوط خندقون جڙيل هيون ۽ آس
پاس ٽڪري واري حصي تي فوجي دفتر کلي ويا. هاڻوڪي
سکر بندر تي پارسي اسڪول جي اوڀرندي ۾
ٻيڙين
رستي ڀوسو ۽ اناج پهچڻ لڳو ۽ گدام کلي ويا. فوجي
ڇانوڻي بنجڻ ڪري سکر پراڻي ۽ روهڙيءَ جي باکرو
واڻين مناري معصوم جي هيٺان فريئر روڊ جي منهن وٽ
ننڍين جهوپڙين جي ڪري سکر نئون ”ڇپري بندر“ جي
نالي سان سڏجڻ لڳو. يعني ته نئين سکر جي 1839ع ۾
آبادي 4 هزار ۽ سکر پراڻي جي 4 هزار جملي اٺن 8
هزارن کي پهتي. ڏهين ڊسمبر 1838ع انگريزي 12 هزار
فوج ۽ 6 هزار معزول شاهه شجاع جو ڀاڙيتو لشڪر
فيروزپور کان روانو ٿيو. هن لشڪر سان انگريزن جو
هندوستان جو ڪمانڊر انچيف سر هينري فين به شامل
هو، جو روهڙيءَ ۾ ڪيمپ هڻيو ويٺو هو ۽ هتان جهاز
رستي سيوهڻ ڏانهن روانو ٿيو جتي هن کي بمبئي جي
لشڪر ڪمانڊر سرجان ڪين سان ملاقات ڪرڻي هئي.
فيبروري 1839ع سکر ۾ لشڪر پهچڻ سان انگريزن سکي،
بکر، ڪراچي ۽ ٺٽي تي قبضي ڪرڻ لاءِ اعلان ڪيو[2].
سکر ڇانوڻيءَ جون فريڪ ٽڪريءَ واريون بئرڪون اڄ به موجود آهن.
ڪمسريٽ جي وڏي عملدار جو بنگلو هينئر زبون ٿي ويو
آهي. سندس چوگرد مليٽريءَ جون ڪچيون جايون هيون،
سي هينئر ڊهي ويون آهن. ڇوڪرين جو ريلوي هاءِ
اسڪول موجود آهي. ميونسپل زناني اسپتال واري هنڌ
تي به ڪچيون جايون هيون جي ڊاٺيون ويون. سکر
ميونسپل اسپتال، انگريزي هاءِ اسڪول ۽ سيشن جج جون
ڪورٽون سڀ ملٽري ڪوارٽر هئا. فوجي ٺيڪن جي هيءَ
حالت هئي، جو سولجرن لاءِ ماهوار 15000 هزار
هارڊسن بيئر جي بوتلن جي ضرورت هئي، ڇو ته ڪڇ جي
گرم ميدان مان لنگهڻ وقت في انگريز عملدار ۽ في
سولجر لاءِ ٻه ڊزن بيئر جي بوتلن جي ضرورت درپيش
هئي. بيئر نه ملڻ جي صورت ۾ جهولي لڳڻ جي ڪري
مرندا هئا. 1843ع ۾ انگريزن سنڌ فتح ڪئي ۽ سر
چارلس نيپيئر سنڌ جو گورنر مقرر ٿيو. پهرين افغان
ويڙهه جي خاتمي کان پوءِ انگريزن بکر جي قلعي کي
سياسي قيدين لاءِ جيل خانو جوڙيو. اپر سنڌ فرنٽيئر
۾ سرحدي بلوچن سان جنگين لڳڻ ڪري سکر، شڪارپور ۽
جيڪب آباد جي ڇانوڻين کي قائم رکيو ويو. پر فريڪ
هل ڇانوڻيءَ جي اتر ۾ سکر پراڻي شهر جي ڪني پاڻيءَ
جو دٻو، پهريان راهوجن جي ٻيلي هئڻ سبب مڇرن جو
ڏاڍو آزار هو. 1845ع ۾ 78 نمبر گهاگهرا اسڪاچ پلٽڻ
جا پنج سو سولجر منڊمن ۽ ٻارن سميت موت جو لقمو ٿي
ويا، جنهن سبب ڪري سکر ڇانوڻي کي بند ڪيو ويو[3].
گورن جو اوائلي قبرستان ريس ڪورس روڊ تي غريب آباد
ويجهو آهي. هن قبرستان کي چوطرف ديوار ڏنل هئي،
جنهن جي سال بسال مرمت ٿيندي رهي. 1896ع ۾ ڀرجي
وڃڻ ڪري بند ڪيو ويو ۽ نئون قبرستان نئين ڳوٺ وٽ
آهي. قيام پاڪستان کان پوءِ پراڻي قبرستان کي سکر
ميونسپالٽي پارڪ ۾ بدلائڻ جو ارادو ڪيو جا رٿ پوري
ٿي نه سگهي. قبرستان جون ديوارون ڪري پيون ۽ ماڻهو
قبرن تي لڳل قيمتي پٿر به پٽي ويا. اڄ ڪلهه اتي
غريبن جون جهوپڙيون آهن[4].
مير علي مراد خان سان انگريزن جو سلوڪ
ويڙهائڻ ۽ حڪومت ڪرڻ انگريزن جي پاليسي ضربالمثال آهي. ميرعلي
مراد خان پنهنجي ڀاءُ مير رستم خان کي ڀڄائڻ کان
پوءِ سر چارلس نيپيئر کي اپر سنڌ جي بلوچن خلاف
مدد ڪئي ۽ پنهنجي وفاداريءَ جو پورو ثبوت ڏنائين.
پر وٽس جيڪا جاگير هئي ان رياست جي پکيڙ 5 هزار
چورس ميل هئي ۽ آمدني ساليانو ڏهه لک روپيا هئي.
سر چارلس نيپيئر هن لاءِ سفارش ڪئي، 6 سال لنگهي
ويا پر انگريزن اڃان تصديق ڪانه ڪئي هئي. 1847ع ۾
سر چارلس نيپيئر سنڌ ڇڏي ويو. انگريزن سنڌ کي
بمبئي سان لاڳو ڪري مسٽر پرنگل ڪمشنر مقرر ڪيو.
سنڌ ٽن ضلعن ۾ ورهايل هئي. ڪراچي،حيدرآباد ۽
شڪارپور. 1849ع ۾ انگريزن پنجاب تي قبضو ڪيو.
خيرپور رياست ۾ نوشهرو، ڪنڊيارو، گاگڙي، لڌوگاگن،
خيرپور، ٿر، نارو، شاهه ڳڙهه، سردار ڳڙهه، امام
ڳڙهه، اوٻاڙو، خيرپور، ڏهرڪي، امام واهه، روپاهه،
ڀڙوچڪا، شڪارپور تعلقي جو ڪجهه حصو، موغلي، ميرپور
ماٿيلو، سهرڪي، دادلوءَ وغيره. ڪنهن گمنام شخص
بمبئيءَ جي گورنر سر جارج ڪلارڪ کي مخفي رپورٽ پيش
ڪئي ته مير علي مراد خان کي مير رستم خان قرآن تي
جيڪو نونهار جو معاهدو لکي ڏنو هو، تنهن ۾ مير علي
مراد خان ڦير ڦار ڪئي آهي. جتي ديهه جو لفظ هو،
اتي پرڳڻي جو لفظ وڌو اٿائين. گورنر جنرل جي حڪم
موجب ڪمشنر تحقيقات ڪري هيٺين ماڻهن جا نالا تهمت
هڻندڙ مير خلاف ڏيکاريا. (1) معزول وزير شيخ علي
حسين سهانپوري (2) سيد علي گوهر شاهه صاحب راشدي
پير پاڳارو، (3) منشي ذوقيرام (4) منشي ٽور مل
ساکرو. 1855ع ۾ ڪمشنر بارٽل فريئر فوجي دستي سان
سکر پهتو. تحقيقاتي ڪميشن جا ٻيا ميمبر ميجر جان
جيڪب ۽ ميجرلئينگ پوليٽيڪل ايجنٽ ڪاٺياواڙ. مير
علي مراد خان بچاءَ جي شاهدن ۾ پنهنجي چاچي مير
زنگي خان، پنهنجي ملازم محمد خان جلباڻي، قاضي
محمد شڪارپوري ۽ فتح محمد کي پيش ڪيو. پر 1851ع ۾
انگريزن ارادو ڪيو هو ته رياست جا شاداب حصا کسيا
وڃن. انگريزن مير صاحب کي فقط ريگستان وارو حصو
ڏنو جنهن جي اپت فقط اڍائي لک روپيا هئي باقي حصا
حيدرآباد ۽ شڪارپور ضلعن سان لاڳو ڪيا ويا. مير
صاحب 1856ع ۾ لنڊن پارليامينٽ تائين دانهن کڻي ويو
پر آواز ٻڌجڻ محال هو.
شاد ٻيلو ڪيئن ڦري ساڌ ٻيلو ٿيو؟
بکر جي ٻيٽ جي ڏکڻ ۾ شاد ٻيلو ۽ دين ٻيلو به ننڍا ٻيٽ آهن، جن
تي کجين جي وڻن جا جهڳٽا هئا، شاد ٻيلي تي پهرين
عمارت مرزا شاهه حسن ارغون پنهنجي نالي مرزا
ڪامران لاءِ جوڙائي هئي، اڪبري دور ۾ نواب مير
محمد معصوم هڪڙي گنبذدار عمارت ”ستياسر“ تعمير
ڪرائي هئي، جا نيري آسمان هيٺان کجين جي وڻن اندر
پريان خوشنما نظر ايندي هئي، جڏهن مير سهراب خان
جي پٽ مير رستم خان مٿيان ٻئي ٻيٽ بکي ۽ سکر سميت
شڪارپور جي دراني نواب خان فتح ڪيا هيا، تڏهن ٻنهي
ٻيٽن تي سواءِ کجين جي وڻن جي ٻيو ڪجهه به ڪين
هيو، سهرباڻين 1823ع ۾ انهن ٻيٽن تي قبضو ڪيو،
تنهن کان اڳ هندوستان کان هڪڙو سيلاني ساڌو سوامي
ورکنڊي سنڌ جي سير تي آيو هو، ٻائو ورکنڊي 1762ع ۾
ڪرو کيشتر (ڪرنال) ۾ ڄائو هو. ۽ ساڌن جي ”اُداسين“
فرقي مان هو ۽ 58 ورهين جي ڄمار ۾ سنڌ ۾ آيو هو،
لاڙ تائين سنڌ جو سير ڪيائين، پر هن کي شاڌ ٻيلي
جي پر فضا ٽڪري ايتري وڻي ويئي، جو ٻيٽ تي ديرو
ڄمائي درياءَ مان لڙهندڙ ڪاٺيون گڏ ڪري دونهين
دکائي ويٺو، هي 1817ع جو واقعو آهي. وري جڏهن ٻيٽ
تي سهراباڻين قبضو ڪيو ته کين سير ۽ شڪار کان
ايتري فرصت ڪانه هئي جو ٻيٽ جي چڪاس ڪن، ازانسواءِ
خيرپور جي درٻار تي هندن جو قبضو هو، مير منشي
اُتم چند متخلص ”صبا“ عربي دان ۽ فارسيءَ جو جادو
بيان شاعر هو، ايتري قدر جو هن کي سڏيندا ئي
”بلبل بوستان خيرپور“ هئا. سيٺ هوتسنگهه شڪارپوري
مدارالمهام هو. منشي ڪشنداس، منشي ڪانسنگهه، منشي
سجانسنگهه، منشي مولرام، منشي چندا سنگهه وڏن وڏن
عهدن تي مامور هئا[5]
هندن جي ايڏي اقتدار جي ڪري ڪنهن کي مجال هئي جو
ٻائي مهراج کي ٻيٽ تان تڙي ڪڍي. مير رستم خان ته
پاڻ فقير دوست ۽ درويش سيرت هو، 1838ع ۾ پهرين
افغان ويڙهه وقت انگريزن
بکر ۽ ٻين ٻيٽن تي سکر سميت قبضو ڪيو ته ملٽريءَ
جا ٺيڪيدار گهڻائي هندو هئا. سڀ کان پهريائين
ٻائي ورکنڊي ٻه چار پٿر جا بت کڙا ڪيا، جن ڪري شاد
ٻيلو ”ساڌ ٻيلو“ سڏجڻ لڳو ۽ هندو بتن جي ياترا ڪرڻ
اچڻ لڳا ۽ ساڌ ٻيلو تيرٿ بنجي ويو. پوءِ ٻين ساڌن
اچي جهوپڙيون کڙيون ڪيون. ساڌ ٻيلو ”ورکنڊي آشرم“
۽ ”اداسين آشرم“ سڏجڻ لڳو. انهيءَ طرح هڪ سيلاني
ساڌو مستقل گادي قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو، سوامي
ورکنڊي هڪ سو ورهين جي ڄمار ۾ 1862ع ڌاري پرلوڪ
پڌاري ويو. هڪڙي انگريز مسٽر پينڪ وئلس ٻيٽ تي
بنگلي تعمير ڪرائڻ جو ارادو ڪيو، پر پوءِ ساڌن جون
جهوپڙيون ڏسي هن ارادو لاهي ڇڏيو، هندن هن واقعي
کي سوامي جو پرڪاشن ظاهر ڪيو. 1883ع ۾ انگريزن سکر
کي ضلعي جو صدر مقام مقرر ڪيو ته هندن اثر هلائي
ٻيٽ تي عمديون جايون ۽ ڪاليءَ جو مندر تعمير
ڪرايو. 1893ع ۾ سکر جي هڪ دال فروش واڻئي جو پٽ
سوامي هرنامداس گاديءَ تي ويٺو. هندن هن لاءِ ٻيٽ
جي وچ تي هڪ عاليشان محلات اڏايو. ٻيٽ جي گهاٽ
واري پراڻي دروازي کي ڪيرائي نئون سنگ مر مرن جو
دروازو اڏايو، جنهن جي ديوارن تي سرڳ ۽ نرڳ جون
تصويرون ڏنل آهن. ياترين جي اچ وڃ لاءِ هڪ مسقل
پتڻ مسجد منزل گاهه جي لڳ مقرر ڪيو ويو. هندن مسجد
منزل گاهه کي چوطرف پٿرن جي ديوار ڏياري مسجد کي
دائمي قفل هڻائي ڇڏيو. ٻيٽ کي چوڌاري پٿرن جي
مظبوط ديوار ڏياري دين ٻيلي کي به ساڌ ٻيلي سان
ڳنڍي ڇڏيائون. دين ٻيلي تي هڪ شوالو ۽ باغ
لڳايائون. هر صبح شام پرارٿنا ڪرڻ وقت گهنڊن جو
آواز ۽ مورن جي ڪو ڪو جو آواز فضا۾ گونجڻ لڳندو
هو. ٻيٽ تي سڀني ايندڙن لاءِ ڦُلڪا ۽ ڪڻاهه لنگر
مان تيار ملندو هو. هر فرقي جي ماڻهوءَ کي اچڻ جي
اجازت هوندي هئي. هندن جي اڪثريت ۽ اقتدار جي ڪري
تاريخي مسجد منزل گاهه کي هندن بند ڪرائي ڇڏيو،
ليڪن انقلاب دهر کي قدرت جنبش ڏني، تقسيم هند کان
اڳ ۾ مسلمانن قربانين ڏيڻ کان پوءِ مسجد شريف آزاد
ڪرائي. 1947ع پاڪستان دنيا جي نقشي تي نمودار ٿيو،
هندو هندستان لڏي ويا ۽ گادي نشين سوامي هرنامداس
بمبئي کي وڃي وسايو. ساڌ ٻيلو جنهن ۾ صبح شام
گهنڊ وڄندا هئا ۽ مور رقص ڪندا هئا، سو انقلاب ڪري
شهر خموشان بنجي ويو. يادگار مسجد جنهن کي هندن
تالو لڳايو هو، تنهن مان پنج وقتي الله اڪبر جي
صدا ايمان وارن کي ايثار ۽ قربانيءَ جو سبق ياد
ڏياري ٿي. هينئر هر سال آهڙ جي مهيني جي 12،13 ۽
14 تاريخن ۾ ساڌ بيلي ۾ ميلو لڳندو آهي، پوءِ سڄو
سال خاموشي طاري رهي ٿي.. ”تلک الايام ندا ولها
بين الناس“
انڊس فلو ٽيلا ڪمپني جي جهاز راني
1838ع کان 1845ع ستن سالن جي عرصي ۾ سکر نئين جي دڪانن کلڻ ۽
ٽڪرين تي سرڪاري ۽ خانگي عمارتن جي نمودار ٿيڻ مان
صاف ظاهر هو ته سکر شريف جو مستقبل شاندار نظر پي
آيو. ڪراچي جيڪڏهن مشرق جي عروس البلاد بنجڻ لاءِ
منتظر هئي ته اوليائن ۽ درويشن ننگري سکر به
پنهنجي قدرتي دلاويزي ۽ طبعي جاءءِ وقوع جي لحاظ
ڪري پاسا بدلائي رهيو هو. ڇپري بندر جي ٽوئن ۽
ڪانن واريون جهوپڙيون ويس مٽائڻ لاءِ منتظر نظر
پئي آيون. انگريزن سنڌ کي ٽن ضلعن ۾ وراهيو هو، پر
واپار جي سهوليت لاءِ رستا پٽيءَ ڪونه هئا، 1857ع
واري پهرين آزاديءَ واري جنگ جي موقعي تي ڪراچي،
حيدرآباد ۽ شڪارپور جي ڇانوڻين ۾ ديسي سپاهين ڪجهه
شورش ڪئي هئي، پر انهن کي سخت سزائون ڏنيو ويون.
اهڙن اهم موقعن تي فقط سنڌو درياءُ هڪ قدرتي
شاهراهه هئي.
انهن ڏينهن ۾ ”انڊس فلو ٽيلا ڪمپنيءَ“ جا جهاز مهراڻ جي ڊيلٽا
کان شير شاهه ۽ ملتان مال ڍوئيندا هئا.جن سان
فلاٽون ٻڌندا هئا. مال آڻيندا هئا جو ڪراچيءَ کان
ولايت ويندو هو ۽ ولايتي مال سنڌ ۽ پنجاب جي شهرن
کي پهچندو هو. آگبوٽن ۾ ڪاٺيون ٻرنديون هيون، جن
جي کڻڻ لاءِ مهراڻ جي ڪپ تي اسٽيشنون کوليون ويون
هيون. وري جيڪي شهر بندر هئا، اتي ٽرئفڪ ايجنسيءَ
جا دفتر کلي ويا. سکر ۾ مسجد منزل گاهه واري هشت
پهلو عمارت ۾ ٽريفڪ جي آفيس کولي ويئي. اڳ ٻيڙين
وسيلي اناج جيڪو سکر پهچندو هو، سو وڻن هيٺان ڍڳ
ڪري رکندا هئا. مگر انڊس فلوٽيلا ڪمپنيءَ جي
باقائده سروس کلڻ کان پوءِ بندر تي ريلوي ڦاٽڪ لڳ
هڪ وڏو گدام مال رکڻ لاءِ تعمير ڪيو ويو، جيڪو
اڄڪلهه نواب فئڪٽري ڪوٺجي ٿي. سکر بندر تي هي
پهريون گدام هو. سال 1858ع ۾ ڪراچيءَ کان ڪوٽڙيءَ
تائين ”انڊس وئلي اسٽيٽ ريلوي“ جي پهرين لائين
چالو ٿي، جنهنڪري ” انڊس فلوٽيلا ڪمپنيءَ“ جو هيڊ
ڪوارٽر ڪوٽڙيءَ ۾ منتقل ڪيو ويو. سنڌ ۽ پنجاب کان
ايندڙ مال ڪوٽڙيءَ ۾ لهندو هو ۽ هتان ريلوي گاڏن ۾
چڙهندو هو. هزارين مزدور ڪم ڪندا هئا. جهازن جي
گودي به ڪوٽڙيءَ ۾ منتقل ٿي آئي.غرض ڪوٽڙي اهڙي
گهماگهميءَ جي ڪري سنڌ جو بمبئي بندر بنجي ويئي.
انهن ڏينهن ۾ لاهور کان ملتان تائين ريلوي لائين
کلي هئي. آگبوٽ ڪوٽڙيءَ کان ملتان تائين چڪر هڻندا
هئا. ڪوٽڙيءَ کان ملتان جي وچ ۾ سکر مشهور واپار
جو بندر هو، جنهن جي گهاٽن ۽ پتڻن کي 1860ع ۾
گهڙيلن پٿرن سان مظبوط ڪيو ويو هو ۽ جهازن نجي
آمد ورفت جي سلامتيءَ لاءِ هاڻوڪي سکر
ميونسپالٽيءَ جي ٽاور واري عمارت کي ” سنگل هائوس“
ٺاهيو ويو، جنهن مٿان اڄ تائين بتيون لڳل آهن.
پوءِ هن عمارت کي ميونسپل هال ۽ لائبريري ۾ تبديل
ڪيو ويو[6]
سن 1861ع کان اڳ سنڌ ۾ ڪابه ريلوي لائين ڪانه هئي.
بيگاري بند
1874ع ۾ مهراڻ جي ليٽ ڪري جيڪب آباد ڇانوڻيءَ کي نقصان پهتو
هو. ان کان سواءِ سکر ۽ لاڙڪاڻي ضلعن کي به نقصان
پهتو هو. ان وقت سکر ۽ لاڙڪاڻو ضلعا قائم نه ٿيا
هئا،سکر شهر کي هميشه خطرو رهندو هو. بيگاري واهه
جي منهن کان ڪشمور تائين ڇهه ميل مٿڀرو بند تعمير
ڪيو ويو ۽ لوپ بند سکر تائين تعمير ڪيو ويو جو
1879ع ۾ پورو ٿيو.
ريلوي لائين جو پهچڻ
1878 ٻي افغان ويڙهه وقت ريلوي لائين ڪوٽڙيءِ کان
براه دادو، لاڙڪاڻو، سکر پهتي ۽ مهراڻ جي کاٻي ڪپ
تي روهڙيءَ کان خانپور تائين ريلوي لائين چالو
ٿي، روهڙي جي ريلوي اسٽيشن قاسم خوانيءَ جي
اولهندي ساڌ ٻيلي جي سامهون هئي سکر بندر مال گدام
واري آفيس سکر جي ريلوي اسٽيشن هئي ۽ هاڻوڪي بندر
تي پٿر گودي ريلوي انجڻ شيڊ هئي. لاهڙيءَ ۾ به
کجين جي جهڳٽن ۾ انجڻ شيڊ هئي، مٿين ريلوي لائينن
کلڻ جي ڪري ”انڊس فلوٽيلا ڪمپنيءَ“ جي اهميت گهٽجي
ويئي، پر ڪوٽڙيءَ ۽ سکر ۾ لوهي پلين نه هئڻ سبب
ڪري ٻنهي بندرن کي آگبوٽن ۽ فلاٽن جي اڃان ضرورت
هئي، مثلاً ريلوي رستي جيڪي مال سان ڀريل گاڏا
پنجاب لاءِ سکر پهچندا هئا يا پنجاب کان مال گاڏا
جيڪي روهڙي پهچندا هئا، تن کي مزدور ڌڪي فلاٽن تي
چاڙهيندا هئا، هن ابتدائي دور ۾ مال گاڏا بلڪل
ننڍا هئا ۽ ”ايل “ ڪلاس ننڍيون انجڻيون هيون جن کي
فقط ويهه گاڏا لڳندا هئا، فلاٽن تي گاڏا آڻڻ ۽ نيڻ
ڪري مزدورن لاءِ روزگار کلي ويو هيو، پر ڪم ۾ وڏي
اينگهه ٿيندي هئي. 1882ع ۾ آدم شاهه ٽڪريءَ جي
هيٺيان ڏاکڻي طرف انجڻين جي مرمت لاءِ ريلوي
ورڪشاپ کولي ويئي جنهن ۾ چار هزار مزدور روزانو
ڪم ڪندا هئا، انهن ڪارخانن، ريلوائن جي کلڻ ڪري
نئين سکر جي آدمشماري ۾ اضافو ٿيڻ لڳو، چنانچه
نئين ڳوٺ ۽ غريب آباد جو بنياد پيو، تنهن کان پوءِ
ورڪشاپ جي مزورن لاءِ نئين پنڊ ۾ ريلوي ڪوارٽر
ٺهرايا ويا.
ڇپريءَ جي جهوپڙين ۾ روزمره اضافو ٿيڻ لڳو، جتي هينئر ڪپڙي
بازار آهي، اتي مارواڙي موچين جتين جا دوڪان
کوليا. فلاٽن جو ڪم 1889ع تائين چالو رهيو. پوءِ
لينسڊائون لوهي پل جڙڻ ڪري فلوٽيلا ڪمپني ختم ٿي
ويئي، فقط ڪمشنر سنڌ جي دوري لاءِ ، پاڻيءَ جي ماپ
لاءِ ٻه ٽي جهاز ڪوٽڙيءَ ۾ ۽ هڪڙو ماپ وٺڻ لاءِ
جهاز سکر ۾ رکيو ويو، جو اڄ سوڌو موجود آهي. فريڪ
هل واريون فوجي بيرڪون ريلوي کاتي جي حوالي ڪيون
ويون، جي اڄ سوڌو آهن.
سکر ضلعي جو هيڊ ڪوارٽر بنجڻ
شڪارپور آدمشماري ۽ واپار جي لحاظ ڪري سنڌ جو پهريون نمبر شهر
هيو ۽ هتي فوجي ڇانوڻي به هئي ۽ ضلعي جو صدر شهر
به هو، پر سم ۽ پوسل جي ڪري هتي جي آب و هوا فوجين
۽ گورن عملدارن کي موافق نه ڪونه پئي، سو سر چارلس
نيپيئر سنڌ فتح ڪرڻ اڳ ڪٿي ڪندي چيو هو ته:
”ڪراچيءَ کي مشرق جو لورپرل ۽ شڪارپور کي ٻروچن جي ڦرلٽ ۽ ڌاڙن
جي بچاءَ لاءِ ضلعي جو هيڊڪوارٽر ڪندس ۽ سکر کي
مهراڻ جو مکيه واپاري بندر ٺاهيندس.“
مٿين اڳڪٿي صحيح ثابت ٿي، سکر ۾ لوڪو ورڪشاپ ۽ انجڻ شيڊ پوڻ ڪري
يورپين آباديءَ ۾ اضافو ٿيڻ لڳو. سينٽ ميري هاءِ
اسڪول کان وٺي ويندي غريب آباد تائين ”ڪنگس
ٽڪريءَ“ تي جيڪي مخصوص ٽائيپ جا بنگلا هن وقت به
ريلوي ملازمن کي مليل آهن، تن ۾ اڳ ۾ يورپين اسٽاف
رهندو هو. لوڪو ورڪشاپ جي لڳ به گورن لاءِ بنگلا
جڙي ويا. لوڪو ورڪشاپ سان لڳ ريلوي سامان جو وڏو
اسٽور آهي. ريلوي گورن ملازمن 1883ع ۾ ” ڪنگس هل“
تي ريلوي انسٽيٽيوٽ تعمير ڪرايو ۽ ان سان لڳ ڏکڻ
طرف ٽينس گرائونڊ ۽ اتر طرف لائبريري ۽ بلئرڊ روم
پڻ تعمير ڪرايو. ريلوي ڪوآپريٽو اسٽور هڪڙي ملٽري
عمارت ۾ کولايو، جنهن ۾ اڄڪلهه ڇوڪرين جو ريلوي
هاءِ اسڪول آهي. شڪارپور جي ڇانوڻيءَ کي انگريزن
1861ع ۾ کڻي ڇڏيو هو. جيڪب آباد جي ڇانوڻي 1914ع
تائين قائم رهي. ان هنڌ کي اڄ ڪلهه ”فئملي
ڪوارٽرس“ سڏين ٿا. سکر جي ٽڪرين تي هن وقت جيڪي
دفتر ۽ ڪليڪٽر جي آفيس آهي يا فريڪ هل، انهن ٽڪرين
تي مسلمانن جون قبرون جڙيل هيون. اڳ آبڪلاڻي جي
مند ۾ سڄو ملڪ جهر جهنگ پاڻي ٿي ويندو هو، انهيءَ
سبب ڪري مسلمان قبرون ٽڪرين تي ٺاهيندا هئا.
انگريزن ضلعي آفيسون تعمير ڪرڻ لاءِ سمورين قبرن
کي ڊهرائي هڏن سان ٻيڙيون ڀرائي درياءَ ۾ ڦٽا
ڪرايا. مسلمانن جڏهن دانهون ڪوڪون ڪيون تڏهن
انگريز عملدارن چيو، ” سنڌو درياءُ عربي سمنڊ ۾
ڇوڙ ڪري ٿو ۽ هڏا وڃي حجاز پهچندا.“ فلوٽيلا
ڪمپنيءَ جي سنگل هائوس کي ميونسپالٽيءَ جو دفتر
ڪيو ويو ۽ هڪڙي ۾ شڪارپور لائبريري جا ڪتاب رکيا
ويا، جا هينئر جنرل لائبريري سکر سڏجي ٿي. جن
عمارتن ۾ جج جون ڪورٽون آهن، ٽريفڪ جون ريلوي
آفيسون هيون. 1883ع ۾ سکر ضلعو بنجي ويو، پر جج جي
ڪورٽ شڪارپور ۾ هئي. انهن ٽڪرين مان لوڪل بورڊ لڳ
ٽڪريءَ مٿان ٻنهي ڪنڊن تي چبوترن مٿان ٻه گنبذدار
قبرون هيون. چبوترا موجود آهن.
سکر نئون وڌي پڪو شهر بنجڻ
ڪليڪٽر ڪرنل آلفريد ميفيو سکر بندر تي وڻ رکائي بندر کي رونق
وٺرائي. سکر جي هنڌن ۾ ايڪو هو ۽ اڪثريت ۾ هئا.
هنن ڀٽن کان جايون خريد ڪري، نون پلاٽن تي نيون
جايون تعمير ڪرايون. انهن هندن ۾ گهڻا ٻاهر جا
هئا. جن واپار سانگي هن شهر کي وطن جوڙيو. جتي
هينئر ڀائي سيروءَ جو چونڪ آهي ۽ اڄ ڪلهه نشتر روڊ
چون ٿا، تنهن جي زمين هيٺانهين هئي، جا آبڪلاني جي
مند ۾ ويندي باغ حيات علي شاه ۽ شمس آباد تائين
تلاءَ بنجي ويندي هو. بندر کي پڪو ڪيو ويو ته
مينهن جو پاڻي گڏ ٿيڻ لڳو. بندر ڀرسان جنهن چونڪ
کي ”نمن جو چونڪ“ سڏيندا هئا، اتي نم جا وڻ هئا،
ان ڪري مٿس اهو نالو پيو. سکر جي منزلگاه واري هشت
پهلو گنبذ کي پوسٽ آفيس ڪيو ويو. ٻي نئين ڪچن سرن
واري پوسٽ ۽ تار آفيس سکر ميونسپالٽيءَ پٺيان
تعمير ڪئي ويئي،نيم جي چاڙهي سڏجڻ لڳي. سيٺ لمجي
ٺيڪيدار هو. يورپي آبادي جي ڪري بندر تي ڀوسا گدام
جي اوڀرندي ۾پارسي سيٺ ڊوسا ڀائي پالن جي سوڍا
ليمن جو پهريون ڪارخانو کوليو هو. شهر کي واٽر
ورڪس ڪونه هو، ماڻهو کوهن جو پاڻي استعمال ڪندا
هئا. غريب آباد ۾ ماڻهن جي سهوليت لاءِ وڏو
تلاءُ کوٽرائي پاڻيءَ سان ڀرائي سندس چوطرف وڻ
رکريا ويا هئا، جن هيٺان مسافر ويهندا هئا. وچ
تلاءَ ۾ هڪڙو ننڍڙو ٻيٽ هو جنهن ۾ کجيءَ جا وڻ
هئا. هر آرتوار ڏينهن شام جو منڊمون بطيلن تي چڙهي
سير ڪرڻ وينديون هيون، ٻيٽ جو منظر دلفريب هو. شهر
واسي تلاءَ مان مڇيون ماريندا هئا ۽ ڪپڙا ڌوئيندا
۽ وهنجندا هئا، پر پوءِ به ڪي مجرم، ماڻهن کي ماري
تلاءِ ۾ ڦٽو ڪندا هئا. اهڙين وارداتن کي ٻنجو ڏيڻ
لاءِ سرڪار تلاءَ کي سڪائي پورائي ڇڏيو. سڪي تلاءَ
جي اتر اولهائين ڪنڊ تي هر آرتوار شام جو ميلو
لڳندو هو. قدردان پهلوانن کي انعام ڏيندا هئا.
هفتيوار ملاکڙو گهڻا ڏينهن جاري رهندو هو پر پوءِ
منتظمين جي مري کپي وڃڻ جي ڪري ملاکڙو بند ٿي ويو.
جتي پوليس هيڊ ڪوارٽر آهي اتي واحد بخش ڀٽي جو باغ
هو. سرڪار اها زمين خريد ڪري پوليس هيڊڪوارٽر جو
ڪم 1899ع ۾ شروع ڪرايو جو 1901ع ۾ ختم ٿيو. سکر
لوڪو ورڪشاپ جا مزور پهريان نئين ڳوٺ لڳ چمڙي
گودام وٽ جتي ريلوي برج کاتي جو اسٽور آهي، اتي
خانگي جهوپڙين ۾ رهندا هئا. پوءِ ريلوي کاتي انهن
جي لاءِ نئين پنڊ ۾ ڪچيون جايون جوڙايون.
نئين پنڊ ۽ باگڙجي ڏانهن ويندڙ ريلوي لائين جي وچ واري هنڌ تي
شهر جو گند ڪچرو اڇلائيندا هئا، اتي هڪ انگريز
ريلوي عملدار مسٽر ڪنڪ هڪ عظيم الشان باغ ٺهرائي
مٿس ”فني گارڊن“
نالو
رکيو، جنهن ۾ بيشمار قسمن جا گل، ڀاڄيون ۽ ميوا
ٿيندا هئا، جن جون ٽوڪريون ڀرجي هر صبح جو ريلوي
عملدارن کي پهچنديون هيون. ناتال ڏينهن گورا،
منڊمون ۽ ٻار گڏجي جلسا ڪندا هئا. فني گارڊن ۾
گهمڻ جي اجازت هئي، پر گلن ڇنڻ جي منع هئي. باغ ۾
سيلانين جي آسائش لاءِ ولين ۽ گلن سان ڍڪيل منهن
پڻ هئا، جن ۾ بينچون رکيل هيون. باغ حيات علي شاهه
۾ ڀٽن جون کيتيون هيون.
سکر جون بازارون
سکر جي ڪليڪٽرن مان مسٽر واليس ڇپري واري ٽڪريءَ کي ڪاٽائي
واليس گنج بازار تعمير ڪرائي جا اڄ تائين سندس
نالي تي مشهور آهي. اهو رستو اڳتي هلي صرافڪي
بازار يا بمبئي بازار ڪوٺجڻ ۾ آئي.
مسٽر واليس فريئر روڊ جي اوڀرندي واري ٽڪريءَ کي ڪاٽائي، مٿس
ميونسپل ۽ سٽي مئجسٽريٽ واري رستي تي پل تعمير
ڪرائي. فريئر روڊ سنڌ جي معمار ڪمشنر مسٽر بارٽل
فريئر جي نالي تي آهي. هن صاحب سنڌي زبان جو گرامر
تيار ڪرائي هن کي تعليمي ۽ سرڪاري زبان جو درجو
ڏنو. گهڻو ڪري واپاري هندو هئا تنهنڪري بازارون به
سندن نالن تي سڏبيون هيون، جيئن ڀاڀڙڪي بازار،
لاڙائي بازار. ڀاڀڙ پنجابي واڻيا هئا ۽ لاڙائي لاڙ
جا هندو هئا. واليس گنج ۾ گيهه تيل، ڳڙ ۽ ناس جا
گدام هئا. ڪپڙي بازار ۾ مارواڙي موچين جون
جهوپڙيون هيون، تنهنڪري ”ماڙيچي“ بازار سڏبي هئي.
شهر ۾ ناس، گيهه، ڪپڙي ۽ ڪاٺ، چمڙي ۽ پسار جو
سامان روزانو لکن روپين جو وڪامندو هو. واپار جي
بازار يترو گرم هئي جو واپاري ڪلدارن کي ڳڻڻ بدران
تور ڪري وٺندا هئا. بندر تي ڪاٺ ۽ انج جون مڏيون
هيون، جتان روسي ۽ پٺاڻ واپاري اناج خريد ڪندا
هئا. جاين ۾ گرڊرن ۽ ٽيئرن بدران شهتير ڪتب ايندا
هئا.سيٺيون شڪارپور کان ڪمانگر ۽ رازا گهرائي
جايون ۽ گدام اڏائيندا هئا. شهر جي هيئت نرالي
هئي. پيونسپل مسافر خاني کان وٺي هاڻوڪي اسٽار
هوٽل تائين ”راڻي باغ“ هو. هندو مسافر خاني واري
هنڌ بيل خانو هو. چنيوٽي چمڙي جي واپارين جي جاين
واري هنڌ تي ”ٻڪرا پڙي“ هئي، جتان ڪاسائي ٻڪريون
خريد ڪندا هئا. انهيءَ ٻڪرا پڙي جي ڳوڀر ۾
هندوستاني ڪاسائن جي ڪچي لين هئي. اهي ڪاسائي فقط
رڍن جو گوشت وڪڻندا هئا جو انگريزن جا بٽلر خريد
ڪندا هئا. ڳتي ڊبل روٽين جو جهانگير خان جو دڪان
هو ۽ اهو سڄي شهر ۾ فقط هڪڙو دڪان هو. جتي غريب
آباد پرائمري اسڪول آهي اتي ڳائي گوشت جي مارڪيٽ
هئي پوءِ هندن جي اعتراض ڪري ميونسپل گورن جي
قبرستان جي اترين ڪنڊ تي نئين ڳائي مارڪيٽ تعمير
ڪرائي. سڄي شهر ۾ لمجي چاڙهيءَ تي پير بخش گهڙي
ساز جو دڪان هو، مناره کان شمس آباد ڏانهن ويندڙ
رستو گيلاني روڊ سڏبو هو.
سکر ۾ ولايتي سامان جي فقط ٽي دڪان هئا؛ (1) ريلوي ڪوآپريٽو
اسٽور، (2) سيٺ جان محمد ميمڻ جو فريئر روڊ تي
دڪان، (3) سيٺ حاجي موسيٰ جو دڪان، هاڻوڪي اسٽيڊيم
جي لڳ اوڀرندي طرف سول يوروپين عملدارن جو جيمخانو
۽ لائبرري هئي، جيمخاني جي اتر اولهندي واري ڪنڊ
تي هڪڙي کٻڙ جي وڻ هيٺيان بخاري پير جي قبر هئي جا
اڄ به آهي ليڪن پير جي نالي جو پتو نٿو پوي. سول
جيمخانو 1843ع ۾ تعمير
ٿيو
منجهس ٽينس گرائونڊ به هو. هندو واپارين وٽ ڪو
دڪان ڪو نه هو. سيٺ پارومل جو دڪان گهڻو پوءِ
کليو.هاڻوڪي مناري هيٺان اسپتال ۽ سٽي مئجسٽريٽ
جي ڪورٽ هئي ۽ هاڻوڪي مئجسٽريٽ جي ڪورٽ سول ڪورٽ
هئي ۽ سول ڪورٽ واريون عمارتون فوجي بئرڪون هيون.
سنڌ ۾ ڪراچيءَ کان پوءِ سکر ٻيو نمبر وڏو شهر هو،
جو شڪارپور جي واپار کي ڇڪي رهيو هو.
سکر جي وڌنڌڙ آدمشماريءَ جا انگ اکر؛
سال |
آدمشماري |
سال |
آدمشماري |
1844ع |
4،000 |
1891ع |
29،302 |
1858ع |
8،000 |
1901ع |
31،316 |
1872ع |
13،318 |
1911ع |
35،294 |
1881ع |
27،389 |
|
|
بولان ريلوي
خيبر لڪ وانگر بولان لڪ به هندوستان جو دروازو آهي پر فرق هي
آهي ته خيبر لڪ کي لتاڙبو ته اڳيان پنجاب جي
سرزمين اچي ٿي، جتي پاڻي ۽ گاهه جي گهڻائي آهي.
بولان لڪ اڳيان ڪڇيءَ جو ٽڪنڊو ويران ميدان آهي،
جتي ڪوهن تائين نه پاڻي
لڀي ٿو نه وري ڪو وڻ ٽڻ نظر اچي ٿو. انهيءَ ڪري
فاتح اڪثر خيبر کان آيا. انگريزن ڪوئيٽا ۾ ڇانوڻي
وڌي هئي، سندن مرضي هئي ته هن فوجي مرڪز کي جو
برصغير جي بچاءُ لاءِ نيزي جي نوڪ وانگي آهي، تنهن
کي ريل رستي لاهور ۽ ڪراچيءَ سان ملائڻ ضروري ڄاتو
ويو. ان باري ۾ قلات جي پوليٽيڪل ايجنٽ ميجر گرين
۽ جيڪب آباد جي ڪمانڊر جنرل جان جيڪب هندوستان جي
حڪومت کي سفارش ڪئي ته ريلوي لائين کي بولان لڪ
مان لنگهائڻ فوجي نقطه نظر سان وڏي اهميت جي حامل
آهي. جود برٽش حڪومت کي تلخ تجربا ياد هئا، جيڪي
برٽش فوجين کي 1839ع ۾ هتان لزگهندي پيش آيا هئا.
1878ع – 1880ع ٻي افغان ويڙهه وقت وائسراءِ لارڊ
لٽن، بمبئي جي گورنر سر رچرڊ ٽيمپل کي جيڪب آباد
کان سبيءَ تائين ريلوي لائين جي سروي ڪرڻ جو حڪم
ڏنو، جيئن جنگ لڳڻ جي حالت ۾ سکر کان فوجي سامان
برٽش فوجن کي بولان ۽ خوجڪ لڪن پريان پهچي سگهي.
گورنر پنهنجي سر 1879ع ۾ سروي جو ڪم شروع ڪيو جو 1880ع ۾ پورو
ٿيو ۽ 1885ع ۾ ”انڊس اسٽيٽ ريلوي“ جو ڪم بولان لڪ
تائين پورو ٿيو. هيءَ ريلوي لائين جيڪب آباد کان
براه بولان، ڪوئيٽا ۽ چمن تائين 265 ميلن ۾ هئي.
وچ ۾ شيلا باغ کان ٽوپا ڪاڪڙ تائين اڍائي ميل ڊگهي
خوجڪ سرنگهه مان لنگهي ٿي. هن ڪوئيٽا، پشين پشين
ريلوي جو ڪم 1881ع ۾ شروع ٿيو ۽ 1891ع ۾ پورو ٿيو.
فقط خوجڪ سرنگهه تي ستر لک روپيا خرچ لڳو. ”انڊس
اسٽيٽ وئلي ريلوي“ جي ٻي شاخ سبي کان شروع ٿي
هرنائي، ڪچلاغ، کوسٽ، خنائي کان ٿيندي ڪوئيٽا چمن
واري ريلوي لائين سان بوستان ۾ گڏجي ٿي. هن ريلوي
لائين کي ”سنڌ – پشين“ ريلوي چون ٿا. جنهن جو ڪم
1879ع ۾ شروع ٿيو ۽ 1892ع ۾ ختم ٿيو. هن لائين تي
”ڇپر“ پل فن انجنيرنگ جو حيرت انگيز ڪارنامو آهي[7].
سکر ميونسپالٽي
سکر ميونسپالٽي 1856ع ۾ شروع ٿي، جڏهن شهر جي آدمشماري 12 هزارن
کي قريب پهچڻ تي هئي، انهن ڏينهن ۾ حڪومت شهر
واسين مان پاڻ ميمبر چونڊيندي هئي، صدارت ڪليڪٽر
ڪندو هو، جو شڪارپور ۾ رهندو هو، 1883ع ۾ جڏهن سکر
ضلعو بنجي ويو ته 1884ع ۾ پهريون دفعو شهر واسين
کي ميمبر چونڊڻ جو حق ڏنو ويو مگر صدر ڪليڪٽر
ٿيندو هو، راءِ صاحب ديوان پيسو مل ذوقيرام پهريون
شهر واسي هو جو صدارت جي ڪرسيءَ تي ويٺو، 1911ع ۾
شهر واسين کي صدر چونڊڻ جو حق ڏنو ويو ۽ سکر جو
مشهور وڪيل ديوان ڀوڄسنگه صدر چونڊيو ويو ۽ 1914 ع
تائين صدر رهيو، 1922ع کان 1928ع تائين ٻيو دفعو
صدر ٿيو، 1936ع ۾ جڏهن سنڌ بمبئي کان ڇڄجي ڌار
صوبو ٿيو ته ديوان ڀوڄسنگه سنڌ اسيمبلي جو پهريون
اسپيڪر ٿيو، هو صاحب ميونسپل جنرل لائبرري جو
چيئرمين به هو.
ديوان صاحب جي چيئرميني جي دور ۾ سکر جنرل لائبريري بيحد ترقي
ڪئي، اٽڪل 5 هزار ڪتاب هر فن تي موجود هئا، 1947ع
۾ هندو پاڻ سان بيش بها نسخا ساڻ کڻي ويا، 1914ع
کان 1922ع تائين ميان پير بخش سي-آئي-اي رٽائرڊ
ڊپٽي ڪليڪٽر سکر ميونسپالٽي جو صدر ٿيو، 1928ع کان
1937ع تائين ديوان بهادر ايسر سنگه پبلڪ
پراسيڪيوٽر صدر ٿيو ۽ 1938ع کان 1947ع تائين مسٽر
بسنترام موٽواڻي وڪيل صدر هو، مٿئين بيان مان
اوهان معلوم ڪندا ته 1911ع کان 1947ع تائين 36
سالن جي ڊگهي عرصي ۾ فقط هڪ دفعو مسلمان صدر ٿيو،
باقي سمورو عرصو هندو صدارت جي ڪرسي ماڻيندا رهيا،
وٽن علم هو، دولت هئي ۽ اتفاق هو، ازانسواءِ
اڪثريت ۾ هئا، تنهنڪري شهر واسين مان فقط هندن کي
فائدا پهتا، جن جو ميونسپالٽيءَ تي قبضو رهندو
آيو.
سکر شهر جي بچاءَ لاءِ مورچا تعمير ڪرڻ
1884ع ۾ روس وچ ايشيا ۾ آشڪ آباد، پنج دهه ۽ کرو کي ريلوي لائين
سان ڳنڍي تار برقي جو انتظام به ڪيو ويو، جنهن سبب
جي ڪري شملي ۽ لنڊن جي برٽش سياسي حلقن ۾ هل چل
پئجي ويئي. انگريزن هندوستان جي اُتر الهندي وارن
سرحدي شهرن کي روس جي حملي جي خوف جي ڪري بچاءَ
لاءِ مورچن سان محفوظ ڪرڻ جو ارادو ڪيو، چنانچه هن
رٿا ۾ اٽڪ، راولپنڊي، شيرشاهه، ملتان، خيرپور،
بهولپور ۽ سکر شهرن جي چوگرد خندقن تعمير ڪرائڻ جو
ڪم شروع ڪيو ۽ اهو وائسراءِ لارڊ لينسڊائون جو
زمانو هو، سکر شهر جي چوگرد چار مورچا تعمير ڪيا
ويا. (1) سکر پراڻي جي اُتر اولهندي ۾ سکر واهه
پويان، (2) پير مراد شاهه راهوجن واري رستي جي
اولهندي ۾ ٽڪريءَ مٿان، (3) شهر جي اُتر اولهندي
وارين ٽڪرين تي، (4) آدم شاهه ٽڪريءَ مٿان، (5)
سکر بئراج جي اوڀرندي (جيڪا نئين مسجد تعمير ڪئي
ويئي آهي، ان هنڌ تي هو) اهي مورچا ٻاهران مٽيءَ
جي دڙن وانگي هئا، جن جي چوگرد پڪين سرن سان مضبوط
خندقون جڙيل هيون ۽ ٻاهر سندن چوگرد خاردار لوهي
جهنگلا ڏنل هئا. انهن مورچن جي نگرانيءَ ڪرڻ لاءِ
هڪڙو گورو ملٽري سارجنٽ لوڪو ورڪشاپ جي هڪڙي بنگلي
۾ رهندو هو، سندس ماتحت هڪڙو چوڪيدار روزانو چڪر
هڻندو هو. 1914ع ۾ هوائي جهازن جي وجود۾ اچڻ ڪري
قلعن ۽ مورچن جي اهميت گهٽجي ويئي، تنهنڪري ملٽري
کاتي انهن مورچن جي لوهه، سرن ۽ ڪاٺ کي ڪڍائي
نيلام ڪيو ويو. ميان آدم شاهه شهيد جي مقبره تي
وڃڻ لاءِ 1890ع ۾ جيڪا بندش پيل هئي سا 1914ع ۾
هٽائي وئي[8].
لينسڊائون پل
”انڊس اسٽيٽ وئلي ريلوي“ ۽ ” سنڌ پشين ريلوي“ لائينن جي کلڻ
ڪري ڪوئيٽا کي لاهور ۽ ڪراچيءَ سان گڏائڻ ضروري
فوجي مسئلو هو. ٻيو ته انڊس فلوٽيلا ڪمپني جي
فلاٽن ۽ جهازن وسيلي ريلوي مال گاڏن کي روهڙي آڻڻ
۽ نيڻ ۾ هڪ ته وقت ضايع ٿيندو هو ته ٻيو ڪمپنيءَ
کي خرچ ڏيڻو پوندو هو، تنهنڪري سکر ۽ روهڙي وارين
درياهه جي شاخن تي لوهي پل تعمير ڪرائڻ جو فيصلو
اٽل هو[9].
پل اڏڻ جي رٿا 1872ع کان حڪومت هند جي زير غور
هئي، جنهن جي منظوري 1883ع ۾ ڏني ويئي. 1885ع ۾
انگلينڊ کان مال اچڻ ۾ دير ٿي ويئي، ڪم روڪجي ويو،
1887ع ۾ وري ڪم شروع ٿيو، جو1889ع ۾ مڪمل ٿيو. هن
پل جا ٻه حصا آهن، روهڙيءَ وارو حصو جو ڪئنچين تي
بيٺل آهي ۽ هن جي ڊيگهه 820 فوٽ آهي، سکر واري شاخ
ٽن ٿنڀن تي بيٺل آهي ۽ ڊيگهه ۾ 600 فوٽ آهي، پل جي
افتتاحي رسم بمبئيءَ جي گورنر لارڊري ادا ڪئي،
جنهن لاءِ سکر ميونسپالٽي بکر جي قلعي ۾ وڏو
شاميانو جهنڊين سان سينگاريل کوڙيو هو. هن موقعي
تي سنڌ جو ڪمشنر مسٽر چارلس پرچرڊ ۽ خيرپور جو
والي هزهائنس سر مير علي مراد خان ۽ هندوستان ۽
پنجاب جي وڏن ماڻهن حاضري ڏني، گورنر تقرير ۾ چيو
ته افغانستان سان واپار ترقي ڪندو. پل تي چاليهه
لهه روپيا خرچ ٿيو ۽ ٺيڪو انگلنڊ جي ڪمپني ”ويسٽ
ووڊائنڊ ايلي“ کي ڏنو ويو ۽ مسٽر رابرٽن انجنيئر
جي نگراني هيٺ ڪم هليو، وائسراءِ لارڊ لينسڊائون
جي نالي تي پل ”لينسڊائون برج“ سڏجڻ لڳي، سکر جا
ڀاڳ کلي ويا ڇو ته هيءِ پل دنيا جي عجائبات ۾ شمار
ٿئي ٿي تنهنڪري پري پري کان ماڻهون ڏسڻ اچن ٿا،
انڊس فلو ٽيلا ڪمپنيءَ جو ڪاروبار 1889ع ۾ پل کلڻ
کان پوءِ بند ٿي ويو ۽ سکر تجارتي مرڪز بنجي ويو.
نئين ريلوي اسٽيشن
سکر نئين جو واپار ريلوي لائين ڪري وڌڻ لڳو، سکر جي مرڪزي
اسٽيشن جا موجوده مال گدام نئين ريلوي اسٽيشن هئي
۽ بندر واري اسٽيشن کي سکر بندر مال گدام ڪيو ويو.
1891ع ۾ ريلوي لائين چمن تائين کلي ويئي تنهنڪري
هاڻوڪي نئين ريلوي اسٽيشن تعمير ڪئي ويئي ۽ اڳوڻي
سکر اسٽيشن کي مال گدام ڪيو ويو. انهن ڏينهن ۾
لوڪو انجڻ شيڊ جيڪب آباد کان تبديل ڪري نئين انجڻ
شيڊ سکر کي ڪيو ويو. اسٽيشن پريان لوڪو شيڊ جي
ملازمن لاءَ ڪوارٽر تعمير ڪيا ويا، جنهنڪري سکر جي
آدمشماريءَ ۾ اضافو ٿيو ۽ ريلوي ملازمن جي سهوليت
لاءِ غريب آباد ۾ هندن نوان دوڪان کوليا.
سکر نئَين جون 19 صديءَ جون عمارتون
اڇي مسجد
غريب آباد ۾ ڀٽن جي مسجد آهي، جنهن جي لڳ کوهه به
آهي، مسجد جي دروازي مٿان مولانا محمد عظيم صاحب
جو مدرسو هو. راقم ابتدائي تعليم هن مسجد ۾ ورتي،
قيام پاڪستان کان پوءِ مسجد کي وڌايو ويو ۽ هينئر
جامع مسجد آهي ۽ اڳي کان وڌيڪ خوبصورت آهي.
شيعن جي مسجد
غريب آباد ۾ سکن جي گردواري جي ڏکڻ ۾ شيعن جي هڪڙي ننڍڙي مسجد
آهي، قيام پاڪستان کان پوءِ وڌيڪ شاندار نموني سان
نئين سر تعمير ڪئي ويئي آهي.
مولانا عبدالرحمان جي مسجد
هيءَ مسجد سکر نئين جي ڪپڙي بازار جي وچ ۾ مولانا عبدالرحمان
صاحب تعمير ڪرائي هئي، علم دينيات ۽ فقه جو صاحب
هو. مولوي عبدالرحمان صاحب جو وطن ڀاڳناڙي هو. ڳوٺ
جا ماڻهو ڪڪڙ ويڙهائيندا هئا، ان ڪري لڏي اچي سکر
۾ ويٺا.
فوجداري
اڳ فوجداري ڪچين سرن جي هاڻوڪي فوجداري واري هنڌ تي هئي، هاڻوڪي
ٻه ماڙ عمارت پوءِ جڙي آهي.
ورن پوري
هي مندر سکر واهه جي پراڻي منهن وٽ هڪڙي هندو ساڌو ڀائيءَ
ٻالي تعمير ڪرايو، جنهن ۾ هر وقت اگني ٻرندي هئي،
هن مندر جا گهڻائي نالا هئا جهڙوڪ: ورن پوري، دريا
شاه، سري اڏيرو لال جو آستان جو 1893ع جي تعمير
آهي. هر سال چيٽ ۽ ويساک ۾ ميلو لڳندو هو. سنڌ،
بهاولپور ۽ ملتان کان هندو ياترا ڪرڻ ايندا هئا.
سنڌي اسڪول
انجمن اسلام 1876 ع ڌاري ليمجي چاڙهي تي کوليو هو جو اڌ صدي
قائم رهيو.
سوامي موتيررام آشرم ۽ پئَنچائتي ٿلهو
ساڌ ٻيلي جي سامهون ڌوٻي گهاٽ وٽ سکر بندر تي ٽالپرن جي صاحبي ۾
1824ع ۾ سوامي موتيرام ڪبير پنٿي هن هنڌ تي ديرو
دمايو هو، سندس ٽين گادي نشين سوامي ڪيشوداس 1888ع
۾ عاليشان مندر تعمير ڪرايو هو، شروعات ۾ عمارت
معمولي هئي، پوءِ ڳاڙهو پٿر هندوستان کان گهرايو
ويو ۽ لڪشمي نارائڻ جي مورتي کڙي ڪئي ويئي، مندر
اندر کوهه ۽ ساڌن لاءَ ڪمرا جڙيل آهن، سوامي
موتيرام صوفي منش غريب پرور هو، پويان گادي نشين
ڪشن داس ساکرو هو، 1947ع ۾ هندن جي ڀارت لڏي وڃڻ
کان پوءِ مهاجرن جا ڪٽنب رهن ٿا، پئنچائتي ٿلهو
فريئر روڊ ۽ ٺاٺارڪي بازار جي چوسول تي آهي جنهن
تي هندو رام ليلا جا ناٽڪ ڪندا هئا.
سوامي آتم پرساد آشرم
هندو درياه جي پوڄا ڪندا هئا، ان سبب ڪري سمورو بندر ويندي هر
هڪ وڻ مندر يا آشرم هو، آتم پرساد آشرم سکر بئراج
جي ڀر ۾ سيٺ ٽهڪڻ داس 1888ع ۾ تعمير ڪرايو، ٽهڪڻ
داس سوامي آتم پرشاد جو مڃيندڙ هو، آشرم اندر
ديوتائن جي بتن کان سواءِ هڪ باغيچو به هو، سوامي
موصوف 1918ع ۾ پرلوڪ پڌاري ويو، پويان گادي نشين
سوامي سنت پرساد غريب آباد جو هندو هو، جنهن آشرم
اندر سنسڪرت پاٺشالا کولي هئي.
سائين بچل شاهه
سائين بچل شاهه 1807ع ۾ انڙپور تعلقي جي ڳوٺ مانجهوءَ ۾ ڄائو،
سير جي سانگي سکر پهچي بئراج جي اولهندي ۾ درياهه
جي ڪپ تي ديرو ڄمائي ويٺو، مسلمانن توڙي هندن سان
محبت ڪندو هو، هندو اڪثر سندس معتقد هئا. 1901 ع ۾
وفات ڪيائين ۽ رهائش واري هنڌ تي دفنايو ويو، هندن
مٿس مقبرو اڏايو ۽ مقبري چوگرد باغ آهي؛ هندو هر
سال عرس وڏي ڌام ڌوم سان ملهائيندا هئا؛ هيئنر اتي
ڳوٺ ٻڌجي ويو آهي، جو سندس نالي تي ”بچل شاهه“
سڏجي ٿو، هو روهڙي واري بيدل جو همعصر هو.
سکر ۾ پهريون انگريزي اسڪول
1859ع ڌاري ميونسپل هال چئن درجن وارو انگريزي اسڪول کوليو
ويو. پوءِ هاڻوڪي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۽ اورينٽل
ڪاليج واري بلڊنگ ۾ جا اڳ ملٽري کاتي جي هئي،
ميونسپل ائنگلوورنيڪيولر ڇهن درجن وارو اسڪول
کوليو ويو هيڊ ماسٽر مسٽر بهار سنگهه خيرپوري هو.
1911ع ۾ هن کي ميونسپل هاءِ اسڪول ڪيو ويو ۽ مسٽر
هيرانند روهڙي واري کي هيڊ ماسٽر ڪيو ويو جو 37
ورهيه مٿين عهدي تي فائز رهيو. راقم هن اسڪول ۾
پڙهيو هو. مسٽر هيرانند پارسيءَ جو ماهر هو ۽
پارسي بيت جوڙيندو هو. 1920ع ۾ مٿس تلڪ هاءِ اسڪول
نالو رکيو ويو هو.
سينٽ سؤيئَرديول
مئجسٽريٽ جي ڪورٽ جي اوڀرندي ۾، ڪوئينس روڊ جي منهن تي
پروٽيسٽنٽ فرقي وارن لاءِ لينسڊائون پل جوڙيندڙ
انجيئنر مسٽر ايف-ايف رابرٽن 1881ع ۾ تعمير ڪرائي،
ديول جي ڪتبي مان معلوم ٿي ٿو ته هيءَ ديول ميجر
جرنل آنربل جان رامسي جي ننڊي پٽ ڊيوڊرامسي جي
يادگيري لاءِ تعمير ڪرائي ويئي جو 37 نمبر بنگال
ريجمينٽ ۾ ليفٽننٽ هو ۽ 1839ع ۾ پهرين افغان ويڙهه
۾ مارجي ويو هو. پاڪستان کان پوءِ سينٽ سؤيئر
اسڪول کوليو ويو آهي. پروٽيسٽنٽ فرقي وارن جو هيڊ
ڪوارٽر لاهور ۾ آهي، وٽن تبليغ ۽ نشر ۽ اشاعت لاءِ
”بائيبل سوسائٽي“ آهي.
سينٽ ميري ديول
هاڻوڪي نينشل بئنڪ پاڪستان جي سامهون، عيدگاهه جي ڀر ۾ رومن
ڪئٿولڪ فرقي جي عيسائين جي ديول آهي، جا 1885ع ۾
تعمير ٿي. ديول جي اڳيان ماڻهوءَ جي قد جيترو سنگ
مر مر جو بت هڪ چبوتري تي بيٺل آهي. ورهاڱي کان
پوءِ سينٽ ميري اسڪول کي هاءِ اسڪول ڪيو ويو. هتي
وڏن ماڻهن جا ٻار تعليم وٺن ٿا. فيون بلڪل ڳريون
آهن. اڳ اسڪول جي شاگردن کي هر روز بائيبل جو سبق
ڏنو ويندو هو، پر ايوبي حڪومت سڀني ديولن جي
پادرين کي حڪم ڏنو آهي ته اسلامي تعليم ڏين. رومن
ڪئٿولڪ وارن جو هيڊ ڪوارٽر بمبئيءَ ۾ آهي. 1946ع
تائين شاگرد سينئر ڪئمبرج امتحان ڏيندا هئا. 1948ع
۾ سنڌيونيورسٽيءَ سان لاڳو ٿي ويو.
زنانه مشن اسپتال
هن زنانه مشن اسپتال جو نالو ”اليگزينڊرا“ آهي ۽ چرچ آف انگلينڊ
جي زيرسايه آهي، جنهن جو بنياد 1888ع ۾ رکيو ويو ۽
ڪچي عمارت هئي، پوءِ ٻه ماڙ پڪ سري عمارت جوڙائي
ويئي. بيمار عورتن جي دوا ۽ آپريشن ڪرڻ جو انتظام
تجربيڪار ڊاڪٽرياڻين جي حوالي آهي. پر فيون ۽
رهائش جا خرچ ايڏا وڏا آهن، جو فقط مالدار ماڻهو
ئي فائدو پرائين ٿا. اسپتال جي ڀر ۾ هڪ ننڍڙي ديول
آهي ۽ سامهون ٽڪريءَ تي عيسائي مشينريءَ جي جاءِ
آهي. عيسائيت جي تبليغ لاءِ به اسپتال جي سامهون
ننڍڙو دفتر آهي. عيسائيت تي ڪتاب سستا وڪامن ٿا.
وڪٽوريا جوبلي ٽيڪنيڪل اسڪول
سکر جو هي هنري اسڪول 1894ع ۾ لوڪل فنڊ مان تعمير ڪيو ويو.
اسڪول ۾ شاگردن کي تعليم سان گڏ واڍڪو، لوهارڪو ۽
ڍلائي، خراد جو ڪم سيکاربو هو. قيام پاڪستان کان
پوءِ بيروني امداد ڪري ”پاڪستان انڊسٽريل
ڊولپمينٽ“ کاتي طرفان نين مشينن ۽ ڪيمائي هنرن ڪري
اسڪول وڌيڪ ترقي ڪئي آهي.
موزئنڪ لاج[10]
عيدگاهه لڳ اسٽيشن روڊ تي آهي. انگريزي دور ۾ هن کي ”فري مسينري
لاج“ چوندا هئا. في ميمبر کي داخلا لاءِ 5 سو
روپيا ڏيڻا پوندا هئا ۽ ميمبرن کي سڃاڻپ لاءِ
لاج طرفان هڪ منڊي نشاني طور ملندي هئي، جنهن جي
ٽڪ تي گونيا مٿان ڪمپاس اڪريل هئا. لاج جي عمارت
1864ع ۾ تعمير ٿي، انگريزي راڄ ۾ وڏا وڏا ماڻهو
شوق سان ميمبر ٿيندا هئا. پاڪستان نمودار ٿيڻ کان
پوءِ ميمبري جي مقبوليت سرد پئجي ويئي.
مهراڻ جي ماپ جو انتظام
سنڌو ندي هر سال پاڻ سان لکين مڻ رائو آڻڻ ڪري، سندس پيٽ جي سطح
مٿي ٿيندي ٿي وڃي. ان ڪري انگريزن ضروري ڄاتو ته
مهراڻ جي چڙهه جو رڪارڊ قائم ڪيو وڃي ۽ پاڻيءِ جي
ماپ لاءِ 1848ع ۾ بکر ۾ گيج قائم ڪيو ويو ۽ 1898ع
۾ دين ٻيلي ۾ گيج لڳايا ويا. گيجن لڳائڻ کان پوءِ
آبڪلانيءَ جي مند ۾ اٽڪ کان وٺي ڪوٽڙي تائين عوام
کي اخبارن وسيلي مهراڻ جي مستين جي خبر پوي ٿي.
يورپين جيم خانا
1843ع سول عملدارن جو يورپين جيم خانو جاري ٿيو ۽ 1883ع ۾ ريلوي
انسٽيٽيوٽ تعمير ٿيو. مهراڻ جا ٻئي ڪپ هيٺيانهين
تي آهن ۽ سندن زمين به سخت ناهي جنهنڪري هن صوبي
کي وقت بوقت آبڪلانيءَ ڪري نقصان پهنچندو رهيو ۽
بئراج پوڻ کان پوءِ 1935ع، 1942ع، 1948ع ۽ 1955ع
ڌاري. 1929ع کان پوءِ پنج دفعا صوبي کي نقصان
پهتو. 1948ع ۾ ته ليٽ جو پاڻي لاڙڪاڻي تائين پهتو
هو. اٽڪل هڪ لک پنجاه هزار ٽن چانورن جي پوک کي
نقصان پهتو. 1961ع ۾ سکر کان 22 ميلن جي فاصلي تي
چمن ڳوٺ وٽ بند کي درياءُ کائي ويو. خوف کان
شڪارپور جا گهڻائي شهر واسي شهر خالي ڪري ويا پر
عوام ۽ انجنيئرن همت ڪري بند کي بچائي ورتو. 1901
ع کان 1930 ع تائين ”انڊس رور ڪميشن“ جيڪا رپورٽ
پيش ڪئي، تنهن ۾ ڏيکاريل هو ته مهراڻ لکها مڻ واري
پنهنجي وهڪري سان گڏ آڻي ٿي، ۽ هڪڙي ڏينهن ۾ ڏهه
لک ٽن واري سمنڊ ۾ اڇلائي ٿي.
واٽر ورڪس
سکر جي شهر واسين کي صاف پاڻي پهچائڻ لاءِ 1896ع ۾ سکر پراڻي جي
ڀر واري ٽڪري تي پڪ سري ٽانڪي ميونسپل تعمير ڪرائي
۽ پاڻي ڇڪڻ واري مشين ڌوٻي گهاٽ وٽ لڳائي ويئي.
شهر جي آدمشماري ۾ اضافي ٿيڻ ڪري مسٽر بسنت رام جي
صدارت ۾ هڪ نئين پڪ سري ٽانڪي مسٽر آهوجا انجنيئر
تعمير ڪئي. هيئنر وري آدمشماري وڌڻ ڪري پاڻيءَ جو
سوال ميونسپل کي درپيش آهي. ٻن ٽانڪين جو پاڻي شهر
جي وڌندڙ آدمشماري لاءِ ناڪافي آهي. جيتوڻيڪ آدم
شاهه جي ٽڪري وٽ هڪ واٽر ورڪس ٽيوب ويل سسٽم ته
تيار ٿيو آهي ته به مسئلو حل ٿي نه سگهيو آهي.
ڊرينيج سسٽم
شهر جي گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ 1896ع ۾ زير زمين ڊرينج سسٽم جو
ميونسپل انتظام ڪيو ۽ مياڻي روڊ تي هڪ مشين گندي
پاڻيءَ کي ڇڪڻ ۽ درياءَ ۾ اڇلائڻ لاءِ لڳائي ويئي.
نئين رٿ تي پنجاه لک روپيا خرچ ايندو.
نرسامل جيم خانو
هندن پنهنجي تفريح لاءِ انگريزن کي ڏسي پاڻ لاءِ جيم خانا تعمير
ڪرايا. 1899ع ۾ سکر پراڻي جي سيٺ نرسامل، جو وڏو
ٺيڪيدار هو ۽ بنگال تائين ٺيڪا کڻندو هو، تنهن
ريلوي انسٽيٽيوٽ جي ڀرسان پنهنجي نالي تي جيم خانو
تعمير ڪرايو، جنهن ۾ ٽينس جو به انتظام هو. سيٺ
موصوف 1914ع ۾ پر لوڪ پڌاريو. قيام پاڪستان کان
پوءِ مسلمانن مٿس ”همايون جيم خانه“ نالو رکيو.
سول اسپتال
فريڪ هيل تي فوجي بئرڪن مان هڪ بئرڪ کي سول اسپتال ۾ 1880ع ۾
تبديل ڪيو ويو. ميجر باڪلي ۽ خانبهادر پٽيگورا هر
دل عزيز سول سرجن ٿي گذريا آهن. قيام پاڪستان خان
پوءِ سنڌ جي گورنر ملڪ دين محمد نئين اسپتال جو
سنگ بنياد رکيو. نئين سول اسپتال ساڳيءَ هنڌ تي
ويهن لکن روپين جي لاڳت سان تعمير ٿي ۽ عملي لاءِ
نوان ڪوارٽر تعمير ڪيا ويا. اسپتال جي سامهون سبز
پارڪ هن عمارت جي حسن کي دوبالا ڪري ٿو.
گهاڙ بنگلو
فريڪ هل جي اولهائين ڏاڪڻي ڪنڊ تي، ريسٽ هائوس جي وڏي عمارت آهي
جا نظاريدار هنڌ تي آهي.
سرڪٽ هائوس
واٽر ورڪس واريءَ ٽڪريءَ جي لڳ اوڀرندي طرف هڪ نظاريدار هنڌ تي
بنگلو آهي. نئون سرڪٽ هائوس بئراج ڪالوني ۾ 1923ع
۾ تعمير ڪيو ويو.
امپيريل بئَنڪ آف انڊيا
پهرين بئنڪ امپيرل بئنڪ آف انڊيا جو دفتر پاور هائوس جي اوڀرندي
۾ ٽڪريءَ تي کوليو ويو. اها عمارت هڪ ميمڻ سيٺ جي
هئي. پوءِ هن بئنڪ جي آفيس سينٽ ميري اسڪول جي
ڀرسان کولي ويئي ۽ قيام پاڪستان کان پوءِ مٿس
”نيشنل بئنڪ آف پاڪستان“ نالو رکيو ويو.
ريلوي اردو انگريزي اسڪول
لمجي چاڙهيءَ تي گل بوڪ ڊيپو دڪان جي سامهون هڪ احاطي اندر
ريلوي جي پنجابي ملازمن جي ٻارن جي سهوليت لاءِ
1882ع ۾ کوليو ويو. انهيءَ احاطي اندر ماستر
جيئومل جو سنڌي ناگري اسڪول به هو.
1922ع ۾ نئون ريلوي اسڪول اسٽيشن روڊ تي کوليو ويو. قيام
پاڪستان کان پوءِ اسڪول هاءِ اسڪول ٿيو ۽ ماستر
عبدالرّب صاحب جي ڪوشش سان هي اسڪول ترقي ڪري رهيو
آهي ۽ عمارت کي به وڌايو ويو آهي. تاهم شاگردن جو
تعداد وڌڻ ڪري ريلوي انسٽيٽيوٽ جي ڪن حصن ۾ ڪلاس
کوليا ويا آهن.
سنڌي اسڪول فارمين
مناري معصوم شاهه جي هيٺان 1858ع ۾ کوليو ويو. هن اسڪول جي
ماسترن مان فقير محمد قريشي، شيخ حبيب الله،ميان
قنبر علي شاهه، ماستر عبدالله، محمد اسحاق ۽
هوتچند نامور استاد هئا. راقم وٽن تعليم ورتي هئي.
سنڌي اسڪول سکر پراڻو
1874ع ۾ سکر پراڻي ۾سنڌي اسڪول چئن درجن وارو کوليو ويو.
هندو گرلس اسڪول
1887ع ۾ بندر روڊ تي هندو ڇوڪرين لاءِ هڪ هندو مخير عورت ڪاڪي
ٻائي ڀيمنداس کوليو. هندو ڇوڪرين جو هي پهريون
اسڪول هو.
غريب آباد گرلس اسڪول
ميونسپالٽي ساڳي وقت غريب آباد ۾ مسلمان ڇوڪرين لاءِ سنڌي
اسڪول کوليو، هيڊ مسٽريس ”بيگم“ مغل نهايت قابل
هئي ۽ تعليم کاتي جا عملدار محترمه بيگم صاحبه جي
بيحد عزت ڪندا هئا. مسلمان ڇوڪرين جو پهرين اسڪول
هو.
ميونسپل مسافر خانو
ٽاور وٽ 1880ع ۾ سکر ميونسپالٽي مسافرن جي سهولت لاءِ تعمير
ڪرايو.
وڪٽوريا مارڪيٽ
سکر جي هي مارڪيٽ 1883ع ۾ راڻي وڪٽوريا جي نالي تي تعمير ڪرائي
ويئي. ڏاکڻي پاسي قاسائين جا دوڪان ۽ اترين طرف
ڀاڄين ۽ ميون جا دوڪان هئا. مڇي مارڪيٽ ڌار هئي.
پوءِ مڇي مارڪيٽ ۾ ڳُڙ ۽ کنڊ جا دوڪان کوليا ويا ۽
ميوي ۽ ڀاڄين وارن کي ٻاهر ڪڍي مڇيءَ جا دوڪان
وڪٽوريا مارڪيٽ اندر تبديل ڪيا ويا. وڪٽوريا
مارڪيٽ جي وچ ۾ چار فوٽ پٿر جو ٿلهو جڙيل هو جو
پوءِ ڊاٺو ويو. ميان سبحان علي شاهه مارڪيٽ
انسپيڪٽر هو، جو هر روز مارڪيٽ جون شيون تپاسيندو
هو. سينيٽري انسپيڪٽر مارڪر صفائي جاچيندو هو، بدن
۾ ايترو ٿلهو هو جو ٽانگي تي چڙهي گهمندو هو. شهر
واسي کيس ”باڪس صاحب“ چوندا هئا. مارڪيٽ جي
اوڀرندي واري ورانڊي جي هڪڙي حصي ۾ شربت وارا ۽ ٻي
حصي ۾ عريضي نويسن جا دوڪان هئا.
ميونسپل اسپتال
مناري هيٺان 1859ع ۾ کولي وئي. وارڊن جو به بندوبست ڪيل آهي.
اوائلي ڊاڪٽرن مان ڊاڪٽر بينجامن نالو ڪڍيو. هينئر
ڊاڪٽر احسان صاحب چڱو نالو ڪڍيو آهي. هن اسپتال جو
نالو غوث علي شاهه هو.
سڌار سڀا
هندو جاتي جي سڌاري لاءِ 1895ع ۾ مسٽر گوڪلداس گرداسمل برپا
ڪئي. سڀا پاران ”راتڙي پاٺشالا“ (نائيٽ اسڪول)
جاري ڪيو ويو. 1897ع ۾ ”گوڪلداس ڪنيا پاٺشالا“
بندر تي تعمير ڪرائي ويئي. ان کان سواءِ بندر روڊ
تي ٽيئون مل ديپچند لائبريري کولي ويئي. ويهين
صديءَ ۾ سڀائن ۾ اضافو ٿيو.
خيرپور هائوس
جتي جي – بي منگهارام عظيم عمارت آهي، اُتي خيرپور هائوس رياست
خيرپور جو بنگلو هو. سکر جو ڪليڪٽر سابق رياست جو
ريزيڊنٽ به هو، تنهنڪري خيرپور هائوس تعمير ڪرايو
ويو. بنگلي جي نظرداري جلندر خان نالي پٺاڻ
چوڪيدار ڪندو هو. بنگلي جي ڏکڻ ۾ همت سنگهه وڪيل
جو بنگلو هو. هي بنگلو جي – بي منگهارام خريد ڪري
هاڻوڪي عمارت تعمير ڪرائي.
19 صدي ۾ سکر جون اخبارون
روزانه آفتاب
19 صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ مسلمانن اڳيان گهڻائي سماجي ۽ سياسي
مسئلا درپيش هئا، سکر جي مسلمانن جي بيداري ۽ جائز
حقن جي پرداخت ڪرڻ لاءِ شهر جي مخير مسلمانن مان
سيٺ حاجي احمد ميمڻ ٺيڪيدار پريس گهرائي فريئر روڊ
تي سنڌي روزانه اخبار ”آفتاب“ جاري ڪئي جا 1895ع ۾
طلوع ٿين سان ڪارگر ثابت ٿي. خوش قسمتيءَ سان
اخبار جو ايڊيٽر سنڌ جو مشهور اديب ميان شمس الدين
متخلص ”بلبل“ هو، جنهن کي ظرافت ڪري اِهل نظر سنڌ
جو مولانا اڪبر آبادي چوندا هئا. بلبلِ سنڌ جي
تعريف لاءِ مولانا حڪيم فتح محمد صاحب جو هت هڪ
غزل پيش ڪيون ٿا:
شمس الدين بلبل جو هي شيرين مقال
سندهه مين شاعر بي عالي مرتبه
بي ايڊيٽر ”آفتاب سندهه“ کا
جلوه گر جس کا سخن هي همچو مه
پرچئه ”الحق“ حوا هي اور بهر
حضرتِ بلبل کي اب زيرِ نگه
کهدون يون سالِ تقويٰ صغير
روشن الحق آفتابِ دين سي وه[11].
روزانه سنڌي
شڪارپور جي هڪ هندو سماجي ڪارڪن مسٽر ويرومل بيگراج، فريئر روڊ
تي ڇاپخانو کولي سنڌي زبان ۾ روزانه 1906ع ۾
”سنڌي“ اخبار جاري ڪئي. هن اخبار به چڱا واڄٽ
وڄايا ۽ تقسيم هند تائين جاري رهي. مسٽر ويرومل
ڪٽر ڪانگريسي هو پر هندوستان ڪو نه لڏي ويو ۽
پنهنجي وطن شڪارپور ۾ سر ڳواسي ٿيو.
سکر جا اوائلي ڪتبخانا
سکر فقط هڪڙو ڪتبخانو ماستر هريسنگهه جو هو. ڪتاب گهڻو ڪري لِٿو
پريس ۾ ڇپيا هئا. ڪاتب لکندا هئا ۽ سندس لکڻيون
لاهور، آگره ۽ بمبئي جي پريسن مان شايع ٿينديون
هيون. ماستر ميان قنبر علي شاهه معصومي سنڌ جو
بهترين ڪاتب هو. 19 صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ سنڌ ۾ ٻه
ڪتب فروش مشهور هئا. مسٽر هريسنگهه سکر ۾ ۽ مسٽر
پوڪرداس شڪارپور ۾، حيدرآباد ۾ به، سندس ايجنسي
هئي. 1900ع ۾ شاهه جو رسالو ٽائيپ ۾ بمبئي مان
شايع ٿيو. آفتاب ۽ سنڌي، ٽائيپ ۾ ڇپيون هيون.
اوائلي ڪتاب مرزا علي قلي بيگ جو رسالو ”سچل“،
ڪليات علي نواز علوي، تاريخ معصومي ننديرام
سيوهاڻي، ديوان گل سمورا لِٿو ۾ ڇپيل هئا.
سيٺ جان محمد ميمڻ جي دڪان مان اسلامي ديني ڪتاب، قرآن شريف ۽
ٻيا ڪتاب وڪامندا هئا ۽ اهي بمبئيءَ مان سيٺ صاحب
گهرائيندو هو.
سکر ۾ پهرين پليگ 1895ع
1895ع ۾ ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ پليگ پئي، جنهن ۾ هزارين ماڻهو
مئا. شهر جي ڪنهن گهر ۾ ڪنهن ڀاتيءَ کي پليگ جي
ڳوڙهي نڪرندي هئي ۽ ٻيا ڀاتي خوف کان بيمار کي گهر
۾ ڦٽو ڪري ٻاهران قفل هڻي ويندا هئا. ڊاڪٽر تالا
ڀڃائي ان گهر جو سمورو اسباب ڍوئي ساڙائي ڇڏيندا
هئا. هن پليگ ۾ سکر جي زنده ولي مولانا عبدالرحمان
صاحب وفات ڪئي. اهو ڪليڪٽر ميفيو جو زمانو هو.
روزانه الحق اخبار
سال 1900ع ۾ سکر جي ڊپٽي ڪليڪٽر سردار محمد يعقوب جي صلاح سان
شيخ بابو سليمان صاحب روزانه الحق اخبار سنڌيءَ ۾
جاري ڪئي. الحق پريس هاڻوڪي ماڊل هاءِ اسڪول جي
سامهون هئي. اخبار جي انگريزي حصي کي مسٽر علي
محمد بارائٽ لاءِ ايڊٽ ڪندو هو. 1901ع ۾ الحق کي
شيخ محمد سليمان جو وڏو پٽ حيدرآباد کڻي ويو.
19 صدي ۾ شين جا اگهه
ڪڻڪ في مڻ سوا روپيو 1963ع ۾ ساڍا 17 روپيا
ڳڙ في مڻ ڏهه آنا – سوا رپيو 1963ع ۾ في سير روپيو
اڇي کنڊ جاوا في روپيو ڇهه سير 1963ع ۾ 1 روپيو 2 آنا في سير
ڪڪڙ في روپيو هڪ پئسو 1963ع ۾ 3 آنا
عمدو ولايتي لٺو في روپيو چارگز 1963ع ۾ في گز 2 روپيا
گوشت ٻڪري في سير ٽي آنا 1963ع ۾ اڍائي روپيا
گيهه في سير ٻارهن آنا 1963ع ۾ ساڍا ڇهه روپيا
بافتو في روپيه اَٺ گز 1963ع ۾ في گز سوا روپيو
سون في تولو 18 روپيا بعد 22 روپيا
بصر في مڻ چار آنا 1963ع ۾ 8 آنا في سير
ترڪاري في سير هڪ پئسو 1963ع ۾ هڪ روپيو
شربت عمدو مفرح في گلاس هڪ پئسو 1963ع ۾ 6 آنا
فالودو في پيالو هڪ پئسو
ڪمند عمدو في ڇڙي هڪ پئسو 1963ع ۾ 4 آني في سير
ڪتل في سير هڪ آنو 1963ع ۾ هڪ روپيو
انگريزي اشرفي (في گني جي قيمت 15 روپيا)
ماهيو کير في سير ڇهه پئسا 1963ع ۾ 12 آنا في سير
سگريٽ ڪئنچي ماچيس سميت ٻه پئسا (في پئڪيٽ)
ڪاربولڪ عمدو في چڪي هڪ آنو
ملتاني ڪپڙن ڌوئڻ جو صابڻ في روپيو اڍائي سير
چانور سگداسي عمدا في مڻ اڍائي روپيا يا ٽي، 1963ع ۾ مارڪيٽ مان
غائب
عمدو ريشمي رئو في داڻو پنج روپيا
وسڪي جان ڪلابي في بوتل سوا روپيو 1963ع ۾ 63 روپيا
عمدو چيني جو ولايتي ڪوپ ساسر آسٽريا جو جريل ٻه آنا 1963ع ۾
ولايتي في ڪوپ ساسر 3 روپيا
مزور کي روزانو مزوري 4 آنا 1963ع ۾ 3 روپيا
ڪاريگر رازي کي روز هڪ روپيو 1963ع ۾ اٺ روپيا
سپاهي جو پگهار ماهوار ست روپيا 1963ع ۾ سٺ روپيا
سرڪاري ڪارخانن ۾ ڪاريگر کي روز هڪ روپيو ٻه آنا 1963ع ۾ ست
روپيا
1963ع ۾ سون في تولي جي قيمت 130 هڪ سؤ ٽيهه روپيا اهو به
تيزابي سون
عوام جي پوشاڪ
هن دور ۾ جيڪو ديسي، ڪوٽ پتلون پائيندو هو، تنهن کي ڪرستان
چوندا هئا. شرفا مسلمان بافتو استعمال ڪندا هئا.
غريب غربو نير ۾ ٻڏل ڪپڙا پائيندا هئا. ڌوتل ململ
جو پٽڪو چولو، سلوار، پٺن تي چادر يا اجرڪ – شرفا
سلوار بدران ”چرڻو“ استعمال ڪندا هئا. چرڻي جا
پانچا گهڻو ويڪرا هئا. جيئن اڄ ڪلهه غرارو زالون
پائين ٿيون. مرد پٽڪي جو طرو پٺيان لڙڪائيندا هئا.
ڏاڙهي ۽ ٻٽوئان وار رکائڻ جو عام رواج هو. ڏاڙهي
ڪوڙائڻ عيب هو. پڙهيل گهڻو ڪري ڪاري پرميٽي جو ڪوٽ
پائيندا هئا. وڌيڪ تعليم يافته عملدار قسم جا
مسلمان پٽڪي جو طرو ڪو نه ڇڏيندا هئا. شيروانين
وانگي گوڏن تائين ڪوٽ اڪثر ڪاري رنگ جو ۽ بوٽ به
پائيندا هئا. ڏاڙهين کي خضاب يا ميندي سان رڱڻ جو
رواج هو. مسلمان خوائين ڇيٽ، سوسي، گربي، چڪن، اَن
ڦاڙي ڪپڙا استعمال ڪنديون هيون. شرفائن جون زالون
سفيد برقعو ڍڪي ٻاهر نڪرنديون هيون. ترڪي ڪارن
برقعن جو رواج پهرين عالمگير جن کان به پوءِ پيو.
هڪ گل ياٽن گلن واريون زالون جتيون پائينديون
هيون. نٿ، بولو، پنٿرا، ڪٺ مال، طوق، ڪڙيون ويندي
پيرن تائين منڊيون ۽ پازيب ۽ جهانجهرا زالن جا
مقبول زيور هئا. هندو عورتون گهڻو ڪري سڀ پڙا
پائينديون هيون ۽ نڪ ۾ سونو ننڍڙو بلڙو ٻن سفيد
موتين ۽ هڪ لعل سان پائڻ سهاڳ جي نشاني هئي.
ديوانن جون زالون چادر ڍڪي ٻاهر نڪرنديون هيون.
وڪيل يا ٻيا عملدار ڪوٽ پتلون ٽوپي ديسيءَ سان
پائيندا هئا. ديوان ڀوڄسنگهه پهلاجاڻي ميراڻي ڊگهي
ٽوپي پائيندوهو. وري جڏهن هندن ۾ تعليم پکڙجي ويئي
ته ڌوتين بدران پاجاما پائڻ لڳا ۽ زالون به پاجاما
پائڻ لڳيون. واڻيا، بقال هميشه ڌوتيون ٻڌندا هئا.
ڪن واڻين کي ڪنن ۾ سون جا وڏا والا پاتل هوندا
هئا. ٻاهر نڪرڻ وقت ڳچيءَ ۾ انگوڇو ويڙهي نڪرندا
هئا. ڪي انگر کا به پائيندا هئا. مرزا قليچ بيگ
صاحب جي ڪتاب ”يادگيريون“ ۾ چڱي روشني ڏنل آهي.
Cousins, H: The Antiquities of Sindhi, P.
142
Wylly. H.G: The Military Memoirs of, J.
Thackwell, CH. VII, pp. 121-122,
London,
1908.
Wylly. H.G: The Military Memoirs of, J.
Thackwell, CH. VII, pp. 121-122,
London, 1844.
اسٽينلي زيڊ، اي-ايس-ٽي شيپرڊ: دي انڊين ايئر
بوڪ، ص 60، بمبئي 1927ع..
سر رچرڊ ٽيمپل: مين ائنڊ ايونٽس آف ٽائيمس ان
انڊيا، ص 487، لنڊن 1882ع
ڪريم بخش خالد: سنڌي صحافت ص 122 – 123 حبيب
پرنٽنگ پريس 1955ع.
|