سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: تاريخ سکر

باب؛ 14

صفحو ؛ 17

 

 باب چوڏهون

 

سکر جا قديم رهاڪو ۽ معزز ماڻهو

سادات ڪرام

اسلام جي ڪاهه کان پوءِ بکر ۽ سکر بعد ۾ روھڙي سادات ڪرام جو وطن بنجي ويا. بکر ۽ سکر کي خاص طور مير علي شير قانع ٺٽوي صاحب تحفته الڪرام ۾ ”اوليائن جي کاڻ“ يعني ”مدينته الاولياء“ جي لقب سان لکيو آھي ۽ سادات ڪرام جي روحاني فيض ۽ علوم جي ڪري، ھي شهر ھر صدي سنڌ جي درسگاه رھندو آيو ۽ اڄ تائين علمن جو مرڪز آھي. ھتي جون خانقاھون، گنبذ ۽ منارا ساداتن جون يادگارون ۽ آخري آرامگاھون آھن. ڪي نشان ۽ عمارتون ته صفا مٽجي ويون آھن ۽ اوليائن جي قبرستانن ۾ ڪارخانا کلي رهيا آھن. جيڪڏهن محڪمي آثار قديمه پورو توجهه ڪونه ڏنو ته رهيل نشان به مٽجي ويندا.

 

رضوي

سکر ۾ جيڪي سادات موجود آھن، تن مان رضوي سڀني کان جهونا آهن. مير محمد مڪي رضوين جو ڏاڏو مير محمد مڪي رح ڪليڪٽر جي بنگلي ھيٺيان ابدي ننڊ ۾ آرامي آهي، جنهن جي دعا سان ھن علم ۽ روحانيت جي فيضستان تي بکر نالو پيو. سيد حيدر حقاني، مير ميران، مير جان محمد ۽ مير جان الله جي روھڙي شهر ۾ آرامي آهن ۽ رضوي پير جو اولاد آهن. شاه بيگ ارغون 1521ع ۾ بکر جي رضوي ساداتن کي روھڙيءَ ۾ جاگيرون ڏنيون ۽ اڄ تائين ڪوٽائي سيد ڪوٺجن ٿا. انهن ڪوٽائي سيدن مان سيد مير يعقوب خان متوفي 1091 هه ـ 1081 هه کان 1085 هه تائين مغلن جي عالمگيري دور ۾ بکر مٿان نواب ھو. انهن ڪوٽائي سيدن جي ڏاڏي سيد صدر الدين جي خانقاه بکر  جي قلعي اندر موجود آهي ۽ اها خانقاه بيحد فيض ۽ برڪت واري آهي. رضوي پير جو اولاد ھندستان، يو ـ پي ۽ سنڌ ۾ نصرپور تائين پهتو. ڪن جو چوڻ آهي ته ڪوٽائي سيدن جي ڪوٽ وٽ جنهن  جامع مسجد جا نشان موجود آهن، سا نواب مير يعقوب خان 1677ع ۾ جوڙائي ھئي. رضوين جو شجرو سيد محمد مڪي جي بيان ۾ ڏيکاري آيا آهيون[1].

 

 

بخاري

        ھندستان جا سمورا بخاري سادات سيد جلال الملت والدين جلال الدين سرخ بخاري رحه بن ابي المويد علي بن جعفر بن محمد بن محمود بن احمد عبدالله بن علي اصغر بن عبدالله جعفر ابن امام علي نقي عليه السلام[2]. پاڻ مادرزاد ولي الله ھئا. کين 3 فرزند ھئا: (1) سيد احمد ڪبير، (2) سيد الدين، (3) سيد محمد، سيد سرخ بخاري سيد بدرالدين رضوي جي دختر نيڪ احتر سان شادي ڪئي ھئي. بخارا کان سڌو بکر آيو ھو ۽ پوءِ قبته الاسلام ملتان ڏانهن ويو ۽ حضرت شيخ بهاء الدين ذڪريا ملتان جي دستِ مبارڪ تي بيعت ڪري خرقو خلافت ڍڪيائين. سکر  بخاري ساداتن جو قديم وطن هو، تنهنڪري گهڻائي بخاري پير هن شهر ۾ آرامي آهن. جهڙوڪ مخدوم نوح بخاري، جو قلعي بکر اندر ستل آهي، سيد سومر شاه، سيد لقا شاه، سيد بقا شاه وغيره جو بيان مٿي ڪري آيا آهيون.

 

سيد علي رضا شاهه

سيد علي رضا شاه ولد مولا داد شاه بخاري جا وڏا ملتان کان آيا. علي رضا شاه اسسٽنٽ سول سرجن هاڻ رٽائرڊ غريب آباد ۾ رهي ٿو. خانگي اسپتال ۽ ملڪيت اٿس. راقم جو هم مڪتب  دوست آهي. شاه صاحب جو ننڍو ڀاءُ سيد باقر علي شاه روهڙي سيمينٽ فئڪٽري ۾ مڪينڪ آهي.

 

سيد پير علي شاه

سيد پير علي شاه بخاري جو والد پير حسين شاه ملتان ۾ مريدن وارو هو. سيد پير علي شاه گهرو تڪرار سبب 1889 ع ۾ سکر اچي حڪمت ڪرڻ لڳو. راقم جي وڏن جا پير صاحب سان دوستانه تعلقات ھئا. پير علي شاه يوناني طب جو جراح مڃيل طبيب ھو. غريب آباد جو حڪيم ھاسومل پير صاحب جو شاگرد ھو. شاهه صاحب ريلوي لوڪو ورڪشاپ مان چارج مئن جي عهدي تان رٽائرڊ ڪيو ۽ 1929 ع ۾ وفات ڪيائين. سندس هڪ پٽ پير غربت علي شاه هينئر نابينا آهي ۽ سندس ٻيو پٽ سيد رحمت علي شاه پوليس کاتي ۾ هيڊ ڪانسٽيبل آهي.

 

سيد قاسم علي شاه

پير قاسم علي شاه نقوي پرهيزگار بزرگ هو. سندس تعويذن ۾ اڪثر مسيحائي اعجاز هو. اڪثر بيمار وٽائنس تعويذ وٺندا هئا. انهن ڏينهن ۾ سکر شهر ۾ بينجامن غوث علي شاه ميونسپل اسپتال جو ڊاڪٽر هو ۽ ٻيو سول سرجن سکر هو. ماڻهو انهن ڏينهن ۾ انگريزي دوائن کان پرهيز ڪندا هئا ۽ وري ايتريون بيماريون ئي نه هيون. ماڻهو اڪثر تعويذ وٺندا هئا.

 

سيد نور شاه

پير قاسم علي شاه جو پٽ هو ۽ واري تڙ واري امام بارگاه جو پيش امام هو. 1962 ع ۾ نماز جي سجدي ۾ سندس روح پرواز ڪري ويو. پير قاسم علي شاه جي ڪٽنب مان هن وقت سندس ناٺي پير حسين شاه موجود آهي.

 

سيد سردار علي شاه

سيد سردار علي شاه جي زندگي سبق آموز آهي. پنجاب کان سکر پهچي ريلوي ورڪشاپ ۾ نوڪر ٿيو. ڪم سکڻ کان پوءِ انجنيئرنگ جو امتحان پاس ڪري ڪجهه وقت هڪڙي ھندو سيٺ جو برف شاپ معقول پگهار تي هلائڻ لڳو. بعد ۾ ڊيملا مِل جي سامهون ڍلائي ۽ خراد جو ڪارخانو کوليائين جيڪو اڄ سوڌو سندس پوٽا هلائين ٿا. پير صاحب جو ڪارخانو پنهنجي قسم جو سکر ۾ پهريون ڪارخانو هو جنهن ۾ ماڻهو ڇنڇر جو اڌ ڏينهن ۽ آتوار جو سڄو ڏينهن ڪارخاني ۾ ڪم ڪندا ۽ سکندا هئا. شاه صاحب خوش خلق، فياض ۽ مرنجان مرنج هو، حڪمت جو ڄاڻو ۽ ڪتبخانو به وٽس هو. سير ۽ سياحت سان دلچسپي رکندو هو. ڪڏهن ڪشمير جي مرغ زارن ۾ گل سنگهندو هو ته ڪڏهن بغداد ۽ دمشق جا ديدار ڪندو هو. زندگي ڪئين ٺاهجي اهو مثال پيش ڪري ويو. حڪمت جي لحاظ سان کيس ڪي صدري نسخا ياد هئا. خدا بخشيس عجيب آزاد مرد هو.

 

پير محبوب علي شاهه

سيد سردار علي شاهه کي ٻه پٽ ھئا، محبوب علي شاهه ۽ ناصر علي شاهه. محبوب علي شاهه جواني ۾ سياست جي خاردار وادي ۾ پير پاتو. پنهنجي بلڊنگ جي ھڪ ڪمري کي خلافت جو دفتر ڪيو هئائين ۽ ڪارخاني جي احاطي اندر هندستان جي چوٽيءَ جي ليڊرن کي گهرائي ليڪچر ڏياريندو هو. سندس ڪوشش سان مولوي تاج محمد احمدپور شرقيه وارو خلافت تحريڪ جي تبليغ ڪرڻ لاءِ مقرر هو. هڪ دفعي مولانا ظفر علي خان کي اچڻ لاءِ دعوت نامون موڪليائين. مولانا ذاتي مصروفيتن جي ڪري معذرت نامون موڪليو ته سيد محبوب علي شاهه مولانا جي نالي ڪوڙو وارنٽ ڪڍايو ۽ مولانا صاحب کي ڪورٽ ۾ حاضر ٿيڻو پيو ۽ سکر واسين کي ليڪچر ٻڌڻ جو موقعو مليو.  30ـ 1931 ع ۾ مولانا ظفر علي خان، مولانا ابوالڪلام ۽ حبيب الرحمان لڌيانوي ليڪچر ڏيڻ آيا هئا. محبوب علي شاهه جو هڪڙو پٽ سيشن جج آهي. سکر جي سماجي ورڪرن ۾ محبوب علي شاهه جو نالو سرفهرست رهندو. اڄڪلهه شاهه صاحب آرام جي زندگي گذاري رهيو آهي. گهڻو وقت ميونسپل ڪائونسلر رهيو.

 

معصومي

سيد صفائي معصومين جي جداعليٰ ۽ سندس فرزند مير محمد معصوم عرف نظام الدين جو احوال اڳ ڏيئي آيا آهيون. سيد صفائي سکر جو شيخ الاسلام هو ۽ سندس لائق فرزند مير معصوم نواب، معمار، شاعر، طبيب، موءرخ ٿي گذريو آهي.

 

مير بزرگ

مير بزرگ بن مير محمد معصوم پيءَ جي مناري جي ڪم کي پورو ڪرايو.پڻس هن لاءِ چاليهه لک روپيا ڇڏي ويو هو. مير محمد معصوم پٽ جي تعليم لاءِ تاريخ معصومي لکي ويو جا سنڌ جي مشهور تاريخ آهي.

 

مير محمد ذڪريا ۽ اسدالله

ٻئي صاحب مير محمد معصوم جا پوٽا آهن. مير اسدالله متخلص ساقي شاعر بيبڊل هو. شاه خيرالدين جي گنبذ جي پيشاني تي جيڪو ڪتبو لکيل آهي سو حضرت ساقي جو چيل آهي. مير علي شير قانع ٺٽوي سان سندس ملاقات ٿي هئي. مير محمد ذڪريا، شاه خير الدين گيلانيءَ جو مريد هو.

 

مير ثابت علي شاهه

معصومي ساداتن مان پويون بزرگ هو، جو ڪمشنر سنڌ جو درباري هو. شاهه صاحب پراڻي وضع قطع جو بزرگ هو.   

 

سيد قنبر علي شاهه

سکر ۾ سنڌي اسڪول جو سينئر ماستر هو، جنهن کي هيڊ ماستر آخوند فقير محمد صديقيءَ ٻاراڻي ڪلاس جي ماستري ڏني هئي. قنبر علي شاهه خوش نويسي ۽ ستار وڄائڻ ڪري مشهور هو. ٻاراڻي ڪلاس جي نصاب ۾ جيڪو بمبئي تعليم کاتي منظور ڪيو هو، تنهن ۾ الف اک لکيل هو. قنبر علي شاهه حڪم ڏنو ته الف الله پڙهو ۽ پنهنجي قلم سان شاگردن جي ڪتابن تي اک ڊاهي الف لکيائين، جنهن تي مشن جي عيسائي ميڊم گوڙ ڪيو، پر ميان قنبر علي شاهه پنهنجي حڪم تان نه مڙيو. آخر ديوان چتر ڀوڄ ايجوڪيشنل انسپيڪٽر انڪوائري ڪرڻ آيو ۽ ميان جي حڪم جي تائيد ڪري ويو. وري جڏهن ائنگلوور نيڪيولر اسڪول جي هيڊ ماستر ديوان بهارسنگهه شڪايت ڪئي ته سنڌي چوٿين درجي مان ڇوڪرا جيڪي انگريزي اسڪول ۾ داخل ٿين ٿا، تن جي پيره ڪچي ٿئي ٿي، تنهن تي هيڊ ماستر ميان فقير محمد شاهه صاحب کي چوٿين درجي تي رکيو.

 

سيد سبحان علي شاهه

پراڻي وضع قطع جو هي معصومي بزرگ سکر ميونسپالٽي پاران وڪٽوريا مارڪيٽ مٿان انسڪپيٽر هو. مارڪيٽ جي اوڀر واري وڏي دروازي جي ڀر ۾ وڏي رعب سان صندل تي ويهندو هو. هميشه وٽس بيد جو لڪڻ رهندو هو. ڪوبه شهري مارڪيٽ جي دڪاندار خلاف وٽس شڪايت ڪندو هو ته مجرم جي پهريان بيد جي لڪڻ سان آجيان ڪندو هو. وٽس ڀنگين جو هڪ دستو رهندو هو. شاه صاحب صبح جو ڀاڄين، ميون وارن جون شيون چڪاسيندو هو، جيڪا شيءَ خراب ڏسندو هو ڀنگين معرفت درياهه ۾ اڇلارائي ڇڏيندو هو.

 

سيد قوت علي شاهه

آزادي کان پوءِ ٻه دفعا سکر ميونسپالٽي جو صدر رهيو. هن وقت لئنڊلارڊ آهي.

 

سيد امير علي

اوور سيئر آهي پر سنڌ جي قادرڪلام شاعرن ۾ سندس شمار آهي. سکر ادبي سنگت جو ميمبر آهي.

 

 

سيد منور علي شاهه

سيد منور علي شاهه سکر جو مشهور راڳيندڙ ۽ ريڊيوسنگر آهي. وٽس طب نامي جا ڪي رسالا موجود آهن.

 

ميرڪي

سکر جا ميرڪي سادات به معصومين وانگر مشهور  آهن. سندن ڏاڏو ميرڪ بايزيد ولد ميرڪ ابو سعيد سبزواري عربشاهي ۽ ڀاڻس ميرڪ شيخ محمود شاهه بيگ ارغون سان گڏ سنڌ ۾ آيا ۽ ميرڪ بايزيد سکر مٿان شيخ مقرر ٿيو. هن سکر  ۾ هڪ درسگاهه کولي هئي، جنهن ۾ جاميٽري جي تعليم ملندي هئي. سنڌ ۾ هي پهريون مدرسو هو، جتي اقليدس جي تعليم پهريون دفعو  رائج ٿي هئي. ميرڪ محمود پوراني ٺٽي ۾ رهڻ لڳو. ميرڪ بايزيد جو فرزند مير عبدالباقي وقت جو قطب ٿي گذريو آهي. افسوس ! هن خاندان جو قبرستان گهڻي ڀاڱي ڊهي ويو  آهي. اڳ عبدالرشيد باغ کان وٺي ويندي بندر ڏانهن ويندڙ ريلوي لائين تائين ميرڪين جو قبرستان هو. مير عبدالباقي جي مقبري پٺيان ٽڪريءَ تي به قبرون اڃا موجود آهن پر خبر نه ٿي پوي ته ڪهڙن بزرگن جون آهن. ڪي گمنام قبرون غازي عبدالرشيد باغ ۽ سکر اسٽيڊيم جي اوڀرندي ڪنڊ تي گمنام موجود آهن. ڪي عمارتون ميرڪين جي قبرستان جون عبرت انگريز هيون جيئن حرامي ۽ حلالي جي منارهه نما عمارت جا ڊٺل مسجد جي ڀر ۾ 1903ع تائين راقم موجود ڏٺي جا پوءِ ڊهي ويئي. چون ٿا ته حلالي هن عمارت اندران لنگهي سگهندو هو ۽ حرامي لنگهي نه سگهندو هو. سيد قوت علي شاهه صاحب پنهنجي ميونسپل جي صدارت جي ڏينهن ۾ ڪن قبرن جي مرمت ڪرائي هئي. ميرڪي سادات به معصومين وانگر نوابن جي خطاب سان بهر مند هئا.

 

مير عبدالله

ميرڪ عبدالله شاهجهاني دور ۾ دهلي ۾ ”عهده عرص مڪرر“ تي فائز هو، جو معتمد ۽ مقرب کي ڏنو ويندو هو. ميرڪ عبدالله  ولد ميرڪ عبدالباقي سمورو زندگيءَ جو عرصو هندوستان ۽ سرڪاري عهدن تي ممتاز رهيو مثلاً 1004هه ڌاري لاهور، 1008هه ۾ آگرهه، 1010هه جونپور ۽ 1013هه الله آباد ۾ شيخ السلام جي عهدي تي جلوه گر نظر اچي ٿو. 1641ع ۾ شاهجهان کيس پني عاقل ۾ جاگير ڏني هئي. ميرڪ عبدالله 1023هه ۾ موٽي وطن سکر آيو ۽ 1051هه ۾ وفات ڪيائين سندس قبر ڪٿي آهي. اهو سوال حل ڪرڻ محال آهي.

 

مير عبدالاول

ميرڪ عبدالباقي جو پوٽو، سکر جو شيخ الا سلام ٿي گذريو آهي متوفي 1093هه . نواب مير يعقوب رضوي جو همعصر هو. اورنگيزيب 1661هه ۾ کيس کڏهري تعلقي روهڙي ۾ جاگير ڏني هئي.

 

مير غلام علي شاهه

مير غلام علي شاهه ولادت 1222هه وفات 1282هه وڏو جاگيردار هو. سندس جاگير ۾ سکر نئون، سکر پراڻو، ٻنڊي، ڌاريجا، قادرپور، کڏهري، علي واهڻ، صرفو، نصير آباد ۽ وٽار هئا.مير صاحب کي چئن ديرن مان چار پٽ هئا:

(1) مير ڏتل شاهه، (2) مير قادر بخش شاهه، (3) مير قلندر بخش شاهه، (4) مير ذولفقار علي شاهه، پڳ جو مالڪ مير ڏتل شاهه هو، جو مير علي مراد خان جو همعصر هو.

 

مير ڏتل شاهه

ولادت 1249هه. مير صاحب طلائي ۽ نقرئي سنجن وارن گهوڙن تي سواري ڪندو هو. دٻدٻي جي هيءَ حالت هئي جو هڪ دفعي هزهائينس مير علي مراد خان کيس دعوت نامو مڪو هو. مير ڏتل شاهه جواب ۾ لکي مڪس ته تون به مير آءٌ به مير پر مان سادات آهيان تنهنڪري بهتر ائين ٿيندو ته توهين منهنجي دعوت قبول ڪيو. مير صاحب وٽ ايتريون مينهون هيون جو شمار کان ٻاهر هيون ۽ ڪيتريون ته جهنگلي ٿي ويون هيون. مير صاحب جي پلنگ جا پاوا نقرئي هئا. نئين سکر ۾ ليمجي ۽ ڇپريءَ جون جايون ۽ سکر ضلعي جو وڏو حصومير صاحب جون ملڪيتون هيون. مير صاحب جي روڪڙ جي موڙي سکر پراڻي جي مکي سيٺ ڏيونداس وٽ امانت رکيل هئي، جا سموري سيٺ ڏيونداس ڦٻائي ڏيوالو ڪڍيو.مير صاحب غلطي ڪري سموري جائداد اسٽامپن تي لکرائي پنهنجن دوستن کي ورهائي ڏني، ان خوف کان ته ڍل پيارڻ کان بچي وڃي. مگر دوستن جائداد ڦٻائي ورتي، اهي وڏا زميندار بنجي ويا ۽ ميرڪي سادات ڪرام جائداد کان محروم رهجي ويا. 9 محرم الحرام 1892ع ۾ مسلمانن تابوت ڪڍيو. ماتامين سان سکر جو فوجدار گهوڙي تي چڙهيل ساڻ هو. ماتامين اعتراض ڪري فوجدار کي هيٺ لهڻ لاءِ چيو، پر هن رعب سان انڪار ڪيو. جنهن تي ماتامين هن کي گهوڙي تان هيٺ ڪيرائي خوب مار ڏني ۽ هن جي هڪ اک نڪري ويئي. ماتامين کي مير ڏتل شاه سميت گرفتار ڪيو ويو، حالانڪ هو پيرسن هو.ڪيس هلڻ کان پوءِ ملزمن کي مير صاحب سميت حيدرآباد جيل ۾ رکيو ويو. سندس ڀائرن مان مير قلندر بخش شاه هڪڙو خط هز هائينس مير عبدالحسين خان ولد مير عباس علي خان ولد مير محمد نصير خان (1851ع کان 1924ع) ڏانهن لکي موڪليو. مير صاحب گدو جي ٽنڊي کان ڏيڍ ميل کن ڏکڻ طرف درياه جي ڪپ تي رهندو هو ۽ وڏي پڄندي وارو فرسٽ ڪلاس اسپيشل مئجسٽريٽ به هو. مير عبدالحسين سانگي صاحب بمبئي جي گورنر ڏانهن سفارش جو خط مڪو ۽ مير ڏتل شاه آزاد ٿي سکر پهتو ۽ مارڪيٽ پويان پنهنجي وچ شهر واري اوتاري ۾ رهڻ لڳو. هندو سيٺين اوتاري لاءِ کيس هڪ لک روپين جي آڇ ڪئي هئي پر مير صاحب انڪار ڪيو. راقم مير ڏتل شاه کي اوتاري ۾ درويشي حال ۾ ڏٺو هو.فقير جڳت علي هن جي ٽهل ٽڪور ڪندو هو. انهيءَ حالت ۾ 17 رمضان 1322هه ۾ وفات ڪيائين ۽ سکر بسڪيٽ فئڪٽري جي سامهون ريل جي پٽي جي هن ڀر ميرڪين جي قبرستان ۾ آرامي آهي. قبر جو تعويذ ميٽائي پٿر جو آهي، جنهن تي آيتون ۽ عبرت انگيز رباعيون لکيل آهن.مٿس هر سال ميلو لڳندو هو پر هينئر خاموشي ڇانيل آهي.

 

مير قلندر بخش شاه

ميرڪ قلندر بخش شاه موروثي جاگير جائداد لاءِ حڪومت کي درخواست ڪئي، جنهن جي جواب ۾ ڪپتان مارسٽين مير صاحب کي گذر سفر لاءِ هڪ سوء جريب زمين ۽ شڪار ڪرڻ لاءِ هڪ اعليٰ قسم جي بندوق ڏني.

 

مير غلام مصطفيٰ شاه

 ميرڪ غلام مصطفيٰ شاه ميرڪ قلندر بخش جو پوٽو هڪ زميندار ۽ سنڌي اسڪول سکر پراڻي جو هيڊماستر آهي،مير صاحب وٽ سندس وڏن جو سمورو رڪارڊ شجرن سميت موجود آهي، جيڪڏهن ان کي مرتب ڪيو وڃي ته ميرڪي ساداتن جي تاريخ جو بي نظير نسخو تيار ٿي سگهي ٿو.

 

مير محمد شاه

ڇپري ۾ سندس عاليشان اوتارو آهي جنهن ۾ سندس مزار آهي. ڀُٽا سندس مريد هئا. هر سال محرم ۾ تابوت نڪري ٿو[3].

 

گيلاني

گيلاني بزرگن مان پهريون بزرگ جنهن سکر ۾ فيض جاري ڪيو، سو شاهه خيرالله عرف شاهه خيرالدين قادري 911 هه ۾ بغداد ۾ ڄائو ۽ 14 ورهيه مدينه طيبه ۾ تعليم حاصل ڪري 33 ورهيه سير ڪري هالڪنڊي ۾ مخدوم نوح قدس سره ۽ سندس خليفي شاه عبدالڪريم بلڙائي کان فيض حاصل ڪري سکر ۾ منزل ڪيائين.چالهين ورهين جي عمر ۾ حج ڪرڻ لڳو ۽ ٻارهن دفعا حج ڪيائين. سکر ۾ 116 ورهين جي ڄمار ۾ لاولد 1027هه مطابق 1617ع ۾ وفات ڪيائين. سندس روضو سکر پراڻي ۾ آهي.اڳ هر ماه چنڊ جي 11تاريخ رات جو مٿس ميلو لڳندو هو.قبو ميان غلام محمد مجاور 1660ع ۾ تعمير ڪرايو. 

 

نئَين سکر جا گيلاني

ميان غلام شاه ڪلهوڙي جي راڄ ۾ بغداد شريف کان حضرت پيران پير شيخ عبدالقادر جيلاني رحه جي اولاد مان ٻه ڀائر محمد شاه ۽ احمد شاه جي نالي سنڌ ۾ آيا، پر خديو سنڌ ميان غلام شاه خان صمصام الدوله کين رهڻ نه ڏنو،  ڇاڪاڻ ته کيس شڪ هو ته هو ترڪي جي سلطان جا جاسوس آهن ۽ ملڪ جو حال احوال معلوم ڪرڻ آيا آهن.ميان غلام شاه جي وفات کان پوءِ اهي ٻئي ڀائر وري آيا ۽ سڌا کهڙن جي مخدوم احمديءَ صاحب جا مهمان ٿيا ۽ پورو سال وٽس رهيا.پوءِ مخدوم ميان احمديءَ گمبٽ ۽ راڻي پور جي زميندارن کي گهرائي کانئن جايون وٺي، وڏي پير ميان محمد شاه کي گمبٽ ۾ ۽ ننڍي پير ميان احمد شاه کي راڻيپور ۾ ويهاريو.اڄ تائين ٻنهي پيرن جو جيلاني (گيلاني)خاندان گمبٽ ۽ راڻيپور ۾ موجود آهي[4]. سکر جا گيلاني سادات محمد شاه جو اولاد آهن.سيد محمد شاه جي قبر ڳوٺ وس ڀرسان ڳوٺ ڪنبوءَ ۾ آهي.

 

پير غلام شاه

سکر جي جيلاني ساداتن جو ڏاڏو پير غلام شاه سکر ۾ پيري مريدي جي مسند قائم ڪئي.سندس قبر مناري جي سامهون واري ڊٺل ملٽري بنگلي جي ڀر ۾ آهي.

 

سيد غوث علي شاه

متوفي 1905ع ۾ شيخ عبدالرزاق پنهنجي ڪتابچي ۾ هن کي پنجاب کان آيل ڏيکاري ٿو، جو غلط آهي. سيد غلام شاه کان پوءِ پير غوث علي شاه پيري مريدي جي سلسلي کي زور وٺرايو ۽ ۽ سکر ميونسپالٽي جو لائيف هو. صاحب جو سکر شهر ۾ ايترو رسوخ هو، جو پنهنجي گهراڻي جي شخص يا ڪنهن به شهري ماڻهوءَ کي ميونسپالٽي جي ميمبري لاءِ کڙو ڪندو هو ته چونڊن ۾ سواءِ مخالفت جي ڪامياب ٿيندو هو. سکر جا قديم رهاڪو ڀٽا سندس مريد ۽ معتقد هئا. پير صاحب وڏي شخصيت وارا ۽ پرهيز گار هئا. سندن سکر ۾ وڏي ملڪيت کان سواءِ ضلع جي هر هڪ تعلقي ۾ زمينون ۽ مريد هئا. سکر ميونسپل مناري هيٺان اسپتال تي غوث علي شاهه اسپتال نالو رکيو ويو.

 

پير ڪرم علي شاه

سيد غوث علي شاه کان پوءِ مسندنشين ٿيا. پنجاهه سالن تائين ميونسپالٽيءَ جا اليڪٽيڊ ميمبر ۽ آرنري مئجسٽريٽ، انجمن اسلام جا صدر ۽ اوقاف کاتي جا به صدر هئا. پير صاحب راقم جو دلي دوست هو ۽ سندس رسوخ شهر ۾ ايترو هو جو سندس گهراڻي مان چار ميمبر يڪايڪ ميونسپالٽي ۾ چونڊيا هئا. پهرين عالمگير جنگ ۾ انگريز سرڪار کي رڪروٽ ڀرتي ڪري ڏيندا رهيا. هي خاندان هميشه حڪومت سان وفادار رهندو آهي. پير ڪرم علي شاه کي چار پٽ آهن: (1) مرحوم سيد قوت علي شاه (2) سيد بهادر علي شاه (ميمبر مدرسه بورڊ ڪاميٽي) (3) سيد تراب علي شاه (4) سيد اُميد علي شاه. پيءُ جي جيئري ڀائرن جي پاڻ ۾ اڻبڻت ٿي پيئي ۽ ميان ڪرم علي شاه جي وفات کان پوءِ ملڪيت پاڻ ۾ ورهائي ڌار ڌار ٿي ويا. سکر ميونسپل اسپتال کان جيڪو رستو شمس آباد ڏانهن وڃي ٿو اڳ جيلاني روڊ سڏبو هو. جانورن جي اسپتال پٺيان اوتارو ميان همت علي شاه جي بيٺڪ هئي. جانورن جي اسپتال کان وٺي شمس آباد جي حفيظ ٽاڪيز تائين ميان ڪرم علي شاه جو باغ مشهور هو، جو اڄ به باغ ڪوارٽر سڏجي ٿو. سيد بهادر علي شاه 1930ع کان 1950ع تائين ميونسپل ڪائونسلر رهيو. پئراڊائيز سئنيما ۾ سندس حصو ۽ احاطو آهي. کيس چار پيٽ هئا: (1) زين العابدين شاهه (2) محبوب علي شاهه (3) مظهر علي شاهه (4) سرفراز علي شاهه. سيد تراب علي شاهه کي مناره هيٺ جايون آهن، کيس ٻه پٽ آهن: (1) هدايت علي شاهه (2) محڪم علي شاهه. سيد قوت علي شاهه حڪمت جو ڄاڻو هو کيس ٻه پٽ هئا: 1- حاجن علي شاهه، 2- ثابت علي شاهه. سيد اُميد علي شاهه کي خيرپور جي سئنيما آهي ۽ هڪ پٽ جاويد علي شاهه.

 

پيرزادا

سکر پراڻي جا پيرزادا شاهه خيرالدين جي خليفي ميان جمال الدين جو اولاد آهن. ماءُ طرفان ميان الدين 1605ع ڌاري سکر پراڻي ۾ اچي ويٺو. انهن پيرزادن مان ميان غلام محمد جو اديب هو، 1670ع ۾ شاهه خيرالدين جو ڪاشيءَ جو گنبذ اڏايو. هاڻوڪا پيرزادا پيءُ طرفان  ميان شير محمد جي نسل مان آهن جو پنهنجي ڀاءُ ميان غلام جي وفات کان پوءِ سجاده نشين ٿيو هو.

 

ميان عبدالرحمان

1860ع ۾ ڄائو، ابتدائي تعليم خانقاه واري مدرسي مان حاصل ڪري سکر پراڻي جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ٿيو، بعد ۾ وقت جي بزرگ مولوي عبدالرحمان جي مدرسي ۾ داخل ٿيو. ميان عبدالرحمان پيرزادو سماجي ورڪر هو انجمن اسلام جيڪا پير غوث علي شاهه قائم ڪئي هئي. ان جو ميمبر هو. سکر ضلع مدرسه بورڊ جو پايو وجهندڙ ۽ بعد ۾ بورڊ جو سيڪريٽري رهيو ۽ عيد گاه جي تعمير ۾ سندس هٿ هو. سکر ميونسپالٽيءَ جو ميمبر هو ۽ 1962ع کان ٻه دفعا وائيس پريزيڊنٽ ٿيو. سکر جي جهونن ليڊرن مان هندو توڙي مسلمانن جو مڃيل ليڊر هو. 1892ع ۽ 1930ع ۾ سکر ۾ جيڪي هندو مسلم فساد ٿيا، انهن موقعن تي ميان عبدالرحمان پيرزادي جي همت ڪري سکر پراڻي ۾ امن امان رهيو. 1939ع واري موقعي ته سندس تقريرن چڱو اثر وڌو ۽ مسجد منزلگاهه جي سوال تي هن پبلڪ جي رهنمائي ڪئي. هن وفات 1942ع ۾ ڪئي. سندس ڀاءُ پيرزادو عبدالغفار بئريسٽر هو ۽ سندس فرزند عبدالستار بئريسٽر 1936ع ۾ بمبئي کان سنڌ ڌار ٿيڻ وقت الله بخش وزارت ۾ وزير ٿيو ۽ 1958ع ۾ انقلاب اچڻ کان اڳ سنڌ جو وڏو وزير هو. سندس پٽ ميان عبدالحفيظ به بئريسٽر آهي، جو 1962ع ۾ صوبائي ڪائونسل لاءِ اميد وار بيٺو هو، پيرزادا وڏا زميندار آهن.

 

صديقي

سکر پراڻي ۽ نئين جا صديقي غازي محمد بن قاسم جي دور اسلامي ۾ سنڌ ۾ آيا ۽ فتح اروڙ کان پوءِ تختگاهه شهر ۾ سڪونت اختيار ڪيائون. اروڙ جي ويراني کان پوءِ سکر پراڻي جي دٻي واري حصي ۾ مستقل طور رهڻ لڳا ۽ درس ۽ تدريس جو ڌنڌو اختيار ڪيائون. اهڙي علمي فضيلت ڪري ”آخوند“ جي لقب سان مشهور ٿيا. عيدن تي امامت جا فرائض بجا آڻيندا هئا ۽ پڻ قضا جي ممتاز عهدن تي به فائز رهندا آيا. اهڙن علمي ڪارنامن جي ڪري وقت جي حاڪمن وٽ کين عزت حاصل هئي ۽ فڪر معاش کان آزاد هئا.

 

آخوند محمد پنڃل

آخوند محمد بچل جو پيءُ آخوند محمد متو جيد عالم هئڻ کان سواءِ وڏي ملڪيت جو مالڪ هو. آخوند محمد پنڃل سکر جو قاضي ۽ سرڪاري سب رجسٽرار به هو. پيدائش جو اڌ سرڪار کان کيس ملندو هو. رٽائرڊ ڪرڻ کان پوءِ سکر ميونسپالٽي جو ڪائونسلر ٿيو.

 

آخوند فقير محمد

سکر نئين ۾ سنڌي اسڪول جو هيڊ ماستر هو، پوءِ ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر ٿيو ۽ رٽائرڊ ڪرڻ کان پوءِ ميونسپل ڪائونسلر رهيو. راقم سندس شاگرد آهي.

 

آخوند عبدالغفور

آخوند فقير محمد جو فرزند ميونسپل ڪائونسلر ۽ زميندار هو وڏو مخير ۽ ملنسار ماڻهو هوندو هو. 1936ع ۾ وفات ڪيائين.

 

آخوند فيض محمد

آخوند فيض محمد ولد آخوند محمد پنڃل غريب آباد سنڌي اسڪول جو هيڊ ماستر ۽ لئنڊلارڊ هو.

 

آخوند نياز علي

آخوند نياز علي ولد آخوند فيض محمد لئنڊلارڊ ۽ غريب آباد نياز هوٽل جو مالڪ، ڪجهه وقت هفتيوار پاسبان جاري ڪيائين ۽ سماج ورڪر آهي.

 

آخوند عبدالغفار

سنڌي اسڪول جو هيڊ ماستر آهي ۽ پٽس شاهنواز وڪالت ڪندو آهي.

 

آخوند ولي محمد

سکر جي شاهي بازار ۾ ڪپڙي جو وڏو واپاري ۽ سيٺ هو ۽ ميونسپل ڪائونسلر به هو. سندس پوٽو آخوند انور علي ولد آخوند طيب پوليس کاتي سانگهڙ ۾ آفيس سپرنٽينڊنٽ آهي.

 

آخوند نيباهو

نئين سکر جو وڏو لئنڊلارڊ هو. سندس جوڙايل مسجد ۽ کوهه اڄ تائين باغ حيات علي شاهه ۾ يادگارون آهن. پٽس آخوند غلام رينج فاريسٽر هو. غلام محمد جو پٽ بشير احمد پي- ڊبليو- ڊي کاتي ۾ سروريئر آهي.

 

آخوند ابوبڪر

مختيار ڪار هو رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ ليمجي چاڙهي تي ”گل بڪ ڊيپو“ سندس ڪتب فروشي جو دڪان آهي، انهن کان پوءِ آخوند نور محمد، آخوند عبدالرحيم، آخوند محمد اسحاق، آخوند فيض محمد، آخوند محمد ابراهيم، آخوند الله ڏنو سمورا پڙهيل، لئنڊلارڊ، واپاري يا سرڪاري ڪامورا آهن.

 

قزلباش مغل

سکر ۾ ترخاني ۽ جاليار مغلن جا محلا هئا اهي مري کپي ويا فقط قزلباش مغلن جا ٿورا گهر سکر ۾ آهن، جن جو ڏاڏو مرزا محمد جعفر بيگ سکر جي آرائين ڳوٺ جي ڀر ۾ پنهنجي جاگير ۾ جعفرآباد ڳوٺ ٻڌرايو هو. هن خاندان مان رئيس ثابت علي شاهه معصومي ۽ خان بهادر خداداد خان پٺاڻ شاديون ڪيون هيون[5].

 

مرزا عبدالمجيد خان

مرزا محمد جعفر بيگ جي وفات کان پوءِ سندس اولاد لڏي اچي سکر ۾ ويٺو. جن مان مرزا عبدالمجيد خان ولد مرزا سرفراز بيگ پوليس عملدار هو. سندس ٻيا ڀائر مرزا غلام علي خان، مرزا بخشڻ خان، مرزا مراد علي خان سمورا پوليس کاتي ۾ عملدار هئا. مرزا عبدالمجيد خان جو سالو ڪپتان مرزا حاجي خان رياست خير پور جي ڪئمل ڪاريس مٿان ڪمانڊر هو. جعفرآباد سکر کان 4 ڪوهن جي مفاصلي تي شڪارپور واري رستي تي آهي.

 

مرزا حسين بخش خان

مرزا حسين بخش ولد عبدالمجيد خان سکر جي جانورن جي اسپتال جو ڊاڪٽر ۽ لئنڊلارڊ آهي. سندس جايون غريب آباد اڇي مسجد جي ڀر ۾ آهن. سندس پٽ تعليم يافته ۽ سرڪاري عهدن تي آهن.

 

مرزا عبدالحميد خان

ڪپتان مرزا حاجي خان جو سالو سکر ميونسپل اليڪٽريڪل انجنيئر هو ۽ سال 1960ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. هينئر ٺيڪيدار آهي.

 

مرزا رسول بخش خان

مرزا رسول بخش خان ميونسپل پاور هائوس جو سپر نٽينڊنٽ آهي.

 

بيبي بيگم صاحبه

بيبي بيگم صاحبه مرزا عبدالمجيد خان جي همشيره ۽ ميان محمد بچل ميمڻ، شڪارپور جي وڏي ٺيڪيدار ۽ ميونسپل ڪائونسلر سان پرڻيل هئي. بيگم صاحبه غريب آباد گرلس اسڪول جي هيڊ مسٽريس هئي. سکر شهر ۾ غريب آباد گرلس اسڪول، پهريون ڇوڪرين جو اسڪول هو ۽ سکر جي مسلم خواتين مان مائي بيگم پهرين خاتون هئي، جا هيڊ مسٽريس جي عهدي تي فائز هئي. وقت جي شرفا جون نياڻيون سموريون مائي مغلياڻي بيگم جون شاگردياڻيون هيون، تنهنڪري شرفا توڙي آفيسرن جي حلقن ۾ قابل احترام هئي. هيڊ مسٽريس جي عهدي کان پوءِ محترمه بيگم صاحبه انسپيڪٽرس آف اسڪولس جي عهدي تي پهتي ۽ اتان رٽائرڊ ڪيائين ۽ 1931ع ۾ وفات ڪيائين ۽ شيخ شينهن جي قبرستان ۾ آرامي آهي. حاجي محمد بچل مخير انسان هو. سکر ۾ مسجد مناره جا آخوند محمد پنڃل روڊ تي موجود آهي، سا حاجي محمد بچل جي جوڙايل آهي. مسجد جي سامهون سندس دولت خانو هو. سکر ۾ کٽين وارو حاطو ۽ ڪوس گهر جي ڀرسان آغا حسن علي خان جي گهر تائين زمين حاجي محمد بچل جي هئي جا پوءِ واڻين کي وڪڻي ڇڏيائين. شڪارپور کان ٻن ميلن تي ماڙي جي ڳوٺ ۾ سندس جوڙايل سراءِ، کوه ۽ باغ اڃا موجود آهن. سکر واري مناره مسجد جي ڪتبي تي سندس نالو لکيل آهي.

 

برلاس مغل

مرزا محمد دين

برلاس مغل امير تيمور هندستان جي مغل فرمانروائن جي نسل مان هئا چنانچه امير تيمور گور گان قبيلي ۽ برلاس خاندا مان هو. قزلباش ايراني مغل هئا ۽ برلاس ترڪستان (وچ ايشيا) کان آيا هئا. مرزا محمد سکر جو مشهور بندوق ساز 1280 هه ۾ ڄمون ۽ سيالڪوٽ جي وچ واري ڪنهن ڳوٺ ۾ ڄائو هو. هز هائينس مير علي مراد خان والي خيرپور پنهنجو ماڻهو موڪلي مرزا محمد دين کي گهرائي پاڻ وٽ ملازم رکيو. 1908ع تائين مرزا صاحب خيرپور ۾ رهيو پوءِ سکر غريب آباد ۾ بندوق سازي جو دڪان کوليائين. انهن ڏينهن ۾ بندوق سازي جو ليسن حڪومت کان وٺڻ ڏاڍو ڏکيو هو. سنڌ ۾ مرزا محمد دين ۽ پنجاب ۾ مستري نظام الدين کي ليسن مليل هئا. 1910ع کان اڄ تائين ”مرزا ائنڊ سنز“ جي انهيءَ ڪاروبار ذريعي سنڌ ۾ ٻاهر مشهوري هلندي اچي ٿي. مرزا محمد دين نه صرف ڪاريگر هو پر عربي ۽ پارسيءَ جو عالم ۽ فاضل هو. راقم سندس لکيل ڪتابن جو معائنو ڪيو، جيڪي سندس پٽ مرزا افضل حسين وٽ محفوظ آهن. انهن ڪتابن ۾ ڪي طب جو جا صدري نسخا به لکيل آهن. ائين چئي سگهجي ٿو ته مرزا موصوف طب جو ڄاڻو هو. هڪڙو ڪتاب علم ڪيميا تي ” تجارت شهر ياري“ ۾ موجود آهي، جو ڪنهن ايراني جو لکيل آهي، ڪتاب ۾ ڪيميا تي گهڻائي نسخا لکيل آهن. مرزا صاحب شاعري ۾ به طبع آزمائي ڪندو هو. سندس بياض ۾ پسنديده اشعارن جو انتخاب درج آهي، جن مان بعض شاعرن جا غير مطبوعه ڪلام لکيل آهن. ڪتاب ”ديوان مراد“ ۾ ٻين گهڻن سنڌي شاعرن ۽ صوفي درويشن جا چيده اشعار ڏنل آهن. ائين معلوم ٿئي ٿو ته مرزا دين محمد پاڻ به صوفي درويش هو. فن، طب، تصوف، شعر و شاعري کان سواءِ موسيقي سان به کيس والهانه دلچسپي هئي. توڙي جو وٽس دنيوي نعمتون موجود دهيون، پر پاڻ درويشانه زندگي بسر ڪندو هو ۽ سڄي عمر شاهه خيرالدين گيلاني جي درگاه تي حاضري ڏيندو رهيو. مرزا محمد دين 1878ع ۾ سنڌ کي وطن جوڙيو ۽ 1949ع ۾ وفات ڪيائين ۽ شيخ شينهن واري قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.

 

مرزا افضل حسين

مرزا محمد دين جو وڏو پٽ، جنهن کي سيٺ نارائڻ داس مارڪيٽ ٽاور جي ڀر وارو بندوقن جو دڪان وڪڻي، هندوستان لڏي ويو. مرزا افضل حسين صاحب سکر جو مشهور سماجي ورڪر آهي ۽ رفاه عام جي ڪمن ۾ فراخدلي سان حصو وٺندو آهي. چنانچه روٽري ڪلب، مسلم ايجوڪيشنل سوسائٽي جو ميمبر، اسلاميه ڪاميٽي جو چيئرمن، ريڊڪراس سوسائٽي جو سرگرم رڪن، انسداد بيرحمي حيوانات ڪاميٽي جو سيڪريٽري، ڊسٽرڪٽ اسپورٽس ڪلب ۽ سول ڊفينس، قيام پاڪستان کان پوءِ جسٽس آف پيس به رهيو. پوءِ پويون سلسلو ختم ڪيو ويو. 1951ع کان 1959ع تائين”نيشنل ريڪنسٽر ڪشن بيورو“ ۾ سکر ضلع جي مئنيجنگ پارٽي تي ميمبر رهيو. مرزا افضل حسين صاحب کي ٻه پٽ ۽ پنج نياڻيون آهن. وڏو پٽ منظورحسين متخلص ”منظور“ بي-اي، اردو ۽ انگريزي شاعري سان دلچسپي رکندڙ آهي. سندس مضمون اُردو ۽ انگريزي رسالن ۾ شايع ٿين ٿا ۽ پنهنجي ڏاڏي وانگر علم هيئت سان دلچسپي رکندڙ آهي ۽ علم هيئت تي سندس هڪ ڪتاب زير طبع آهي. آفريڪا ۾ يوگنڊا جي شهر ڪمپالا ۾ واپار ڪري ٿو. مرزا افضل جي وڏي نياڻي اديب امتحان پاس ڪيل آهي. ٻي نياڻي-ايم اي ۾ فائن آرٽس جي تعليم وٺي رهي آهي ۽ مشهور آرٽسٽ آهي، ٽين نياڻي بي-اي ۽ ٻه نياڻيون ايم-بي-بي – ايس آهن.


[1] نواب سيد يعقوب جي مزار ڪوٽائي ساداتن جي قبرستان ۾ آهي ۽ ڪتبو لڳل آهي

[2] مخدوم سرخ بخاري جو شجرو مخدوم جهانيان جهان گشت جي ملفوظات جي اردو ترجمي الدرالمنظوم ص 506، دهلي ۾ آهي. سنڌي بزرگن مان محمد علي بن شيخ عبدالواسع صوفي شاعر بخاري ساداتن جو شجرو شعر ۾ آندو اٿس.

نوٽ: رضوين مان شاه نصيرالدين رضوي، شاه خير الدين جو خليفو نصرپور ۾ وڃي رھيو. سندس فرزند شاه عنايت الله قادري سنڌ جي نامور شاعر شاه عبد اللطيف ڀٽائي جو ھمعصر ھو. گلستان لطيف ص 56، اطلاعات کاتو 1962ع حيدرآباد.

[3] ميرڪين جو بيان ميرڪ غلام مصطفٰي شاهه عرف الحاج وريل شاهه جي رڪارڊ تان ورتل آهي.مير حيات علي شاهه ميرڪي سيد جو باغ سکر ۾ هو اڄ اُن هنڌ کي باغ ڪوارٽر سڏين ٿا.

[4] تحفته الڪرام سنڌي ترجمو ج3،ص 343 فوٽ نوٽ بيان کهڙا، سنڌي ادبي بورڊ.

پير غوث علي شاه مسافرن جي سهوليت لاءِ هڪ مسافر خانو تعمير ڪرايو هو. 

[5] شيخ صفوي اردبيلي رح اردبيلي خاندان جي جداعليٰ ايران ۾ پيري مريدي جو سلسلو شروع ڪيو. امير تيمور گور گاني به سندس معتقد هو. شيخ صفوي پنهنجن مريدن لاءِ ٻارهن ڪنگرن واري ڳاڙهي بنات جي ٽوپي ٻارهن امامن جي نشاني طور ايجاد ڪئي، سندس مريد قزلباش سڏبا هئا يعني ڳاڙهين ٽوپين وارا. صفوين ايران تي دٻد ٻي سان حڪومت ڪئي. مرتب

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org