سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: تاريخ سکر

باب؛ 14

صفحو ؛ 19

 

 ماستر حبيب الله

شيخ حبيب الله ولد شيخ ملان عبد الله بکري 1862ع ۾ سکر پراڻي ۾ ڄائو. ماستر صاحب جا وڏا هندو خيرپور رياست جا رهاڪو هئا. هن خاندان جي جداعليٰ ليلارام اسلام اختيار ڪيو ۽ سندس اسلامي نالو ڏاتر ڏنو هو، جو ڪلهوڙن جي صاحبيءَ ۾ ننڍي عهدي تي مامور هو. ملان عبدالله سندس چوٿين پيڙهي مان هو. ماستر حبيب الله صاحب ابتدائي تعليم فارسي ۽ عربي ۾ شاهه خير الدين گيلاني رح جي مڪتب جامع مسجد ۾ ورتي. بعد ۾ سرڪاري سنڌي اسڪول نئين سکر ۾ داخل ٿيو هتان فارغ ٿي سکر جي وڏي بزرگ مولانا عبدالرحمان کان تعليم وٺي سکر مين اسڪول ۾ سنڌي ماستر ٿيو ۽ ترقي ڪري هيڊ ماستر ٿيو. 95 – 1896ع واري پليگ ۾ خدمت ڪندي ليڊر تسليم ڪيو ويو ۽ شيخ سليمان جو مددگار ٿي رهيو. اخبار الحق کي سڌاري سکر مدرسه جي اسڪيم ۽ عيدگاهه جي تعمير لاءِ فند گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو ۽ 1937ع ۾ وفات تائين عيدگاهه جو متولي ٿي رهيو. عيدگاهه جي اتر وارو عاليشان دروازو ماستر صاحب پنهنجي خرچ سان تعمير ڪرايو. شيخ حبيب الله مدرسه بورڊ جي ميمبر به هو. 1935ع ۾ خان بهادر پير بخش منشي جي وفات کان پوءِ انتظامي ڪاميٽي جو ميمبر ٿيو ۽ بورڊ جو اعزازي آڊيٽر ٿي رهيو. 12 سال سکر ميونسپالٽي جو ميمبر ۽ ورهين تائين پرائمري اسڪول بورڊ جو چيئرمين رهيو. 1919ع ۾ خان بهادر محمد ابراهيم وزير خيرپور ”آل انڊيا مسلم ايجوڪيشنل ڪانفرنس“ جو اجلاس خيرپور ۾ گهرايو، جنهن ۾ سکر ضلع پاران ماستر حبيب الله نمائندو ڪانفرنس لاءِ نامزد ٿيو. حبيب الله صاحب هندستان جي گهڻن ئي اوليائن جي درگاهن جي زيارت ڪئي هئي. وفات کان اڳ حج به ڪري آيو ۽ زندگيءَ جا پويان ڏينهن گوشه نشين ٿي رهيو. وقت جي بزرگن جهڙوڪ سخي قبول محمد سجاده نشين درگاهه سچل سرمست راڻيپور، مولانا عبدالغفور همايوني، پير صاحب پاڳارو ۽ مخدوم صاحب هالا سان سندس تعلقات هئا. 1937ع ۾ وفات ڪيائين. پنهنجي قبرستان ۾، جو سکر اسٽيشن جي اتر اوڀرندي واري ٽڪريءَ تي آهي، سپرد خاڪ ڪيو ويو.

 

شيخ عبدالواحد

شيخ عبدالواحد ولد شيخ خدا بخش، شيخ حبيب الله جو ڀائيٽو، راقم جو هم مڪتب، انڪم ٽئڪس کاتي ۾ انسپيڪٽر هو، جتان 1952ع ۾ رٽائرڊ ڪيائين ۽ پنهنجون موروثي زمينون سنڀالڻ لڳو. 1957ع ۾ وفات ڪيائين.

 

عبدالرزاق

شيخ عبدالرزاق ولد عبدالرؤف ولد خدا بخش، سنڌ جو مشهور اديب ۽ شاعر متخلص ”راز“ ايم – اي سکر پراڻي ميونسپل هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر آهي. هن صاحب علي ڳڙهه ۾ تعليم ورتي ۽ اتان فارغ ٿيڻ کان پوءِ روزانه الوحيد اخبار جو مئنيجر ۽ هفتيوار ايڊيشن جو هڪ سال تائين ايڊيٽر رهيو. 1948ع ۾ موٽي وطن سکر آيو ۽ ست سال سکر ميونسپالٽي جو چيف آفيسر ٿي رهيو. ازانسواءِ حبيب الله پبليڪيشن جو سرپرست رهيو ۽ هفتيوار اخبار ”رهنما“ جو سنگ بنياد رکيائين ۽ سکر ۾ ”ادبي انجمن“ به قائم ڪيائين. اسلاميه ڪاليج سکر نئين ۾ سنڌيءَ ۽ اسلامي تاريخ جو پروفيسر آهي. سکر جي ادبي حلقن ۾ سندس خاص حصو رهندو اچي ٿو ۽ لطيف جي ادبي حلقن ۾ سندس خاص حصو رهندو اچي ٿو ۽ لطيف اڪيڊمي جو چيئرمين ۾ مجلس ادب ”رائيٽرس گلڊ“ جو ميمبر آهي. راز صاحب ٻين ڪيترين ڪاميٽين جو ميمبر آهي. راز صاحب مصنف، مورخ، افسانه نويس ۽ شاعر به آهي سندس تصنيفات مان تاريخ سلطنت دهلي، ڊاڪ بنگلو، مارئي کي ديس مين، پيهي منجهه پاتال ۾ شايع ٿيا آهن. تازو ڪتاب انگريزي ۾ سکر قديم ۽ جديد آهي جو 1962ع ۾ شايع ٿيو.

 

شيخ شرف الدين

روهڙي جي هڪ هندوءَ جو پٽ آغاز زندگي ۾ اسلام جو عاشق بڻجي پيو ۽ امروٽ جي بزرگن وٽ اچي اسلام اختيار ڪيو. سندس نالو شرف الدين رکيو ويو. شيخ صاحب هندو مذهب کان ايترو باغي ٿيو، جو پنهنجي پيءُ جو نالو آدم لکندو هو. امروٽي بزرگن جي ڪن دهلي جي معتقدن سان گڏجي هو دهلي روانو ٿيو، جتي تعليم حاصل ڪيائين. نهايت زيرڪ نوجوان هو. علم حاصل ڪرڻ کان پوءِ انهن دهلي وارن جي سنگت ۾ حرمين شريف روانو ٿيو. نوجواني ۾ کيس حج ڪرڻ جي سعادت حاصل ٿي ۽ انهن جي سنگت ۾ دهلي موٽي آيو، جتي شيخ صاحب جي شادي جو بندوبست ٿيو. شادي ڪرڻ کان پوءِ هو وري وطن موٽيو ۽ سکر ۾ سڪونت اختيار ڪيائين، جتي هن کي پوسٽ ماستر ڪري رکيو ويو. سندس وڏي نياڻي ماسٽر حبيب الله جي گهر ۾ هئي ۽ ٻه نياڻيون هر هڪ روهڙي ۽ شڪارپور جي شيخن ۾ پرڻيل هيون. حاجي صاحب کي پنج پٽ هئا: هڪ عبدالقادر نالي سندس پٽ دهلي ۾ رهندو آيو ۽ سندس وفات ڪراچي ۾ ٿي. ٻيو پٽ شيخ عبدالرحمان روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ هو جنهن جا ٻه پٽ هينئر سکر ۾ واپار ڪندا آهن، سندس ٽيون پٽ شيخ عبدالرحيم هو جو مختيارڪار ٿي رٽائرڊ ڪيائين، سندس وڏو پٽ واپڊا ۾ آفيس سپرنٽينڊنٽ آهي ۽ ٻيو پٽ شيخ عبدالرحيم انگلستان ۾ ٽيڪسيشن ڊپارٽمينٽ ۾ عملدار آهي، ٽيون پٽ پٽ عبدالقدوس قرآن جو حافظ آهي جو پنهنجي مال املاڪ کي سکر ۾ سنڀاليندو آهي. شيخ شرف الدين جي وصيت موجب کيس پنهنجي مرشدن سرهندي بزرگن جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو آهي.

 

مستري غلام حسين

آٽو موبائيل انجنيئر الحاج شيخ غلام حسين صاحب جو ڏاڏو پنجاب جو هندو کتري هو، جنهن مولانا عبدالغفور صاحب همايوني جي هٿ تي بيعت ڪري اسلام قبول ڪيو ۽ مولوي صاحب مٿس اسلامي نالو غلام محمد رکيو. حاجي غلام حسين جو والد شيخ مولان بخش ريلوي کاتي ۾ پمپنگ مستري هو. شيخ غلام حسين مڪينڪ جو ڪم سکر جي هڪڙي سک ڪاريگر هربنسنگهه وٽان سکيو، پوءِ پنهنجي اڻٿڪ ڪوشش ۽ قابليت ڪري ترقي ڪندو ويو. هن وقت موٽر سازي جا ٽي ڪارخانا آهن، جن ۾ موٽرن جي مرمت ڪرڻ کان سواءِ موٽرن جا پرزا به ٺهندا آهن. ريس ڪورس روڊ تي وٽس پيٽرول پمپ آهي. انهيءَ پمپ لڳ سروس اسٽيشن به آهي، انهن ڪارخانن ۾ اٽڪل هڪ سؤ مزور روزي ڪمائين ٿا ۽ ڪم سکن ٿا. ايڏن ڪارخانن ۽ مزورن جي هوندي به سيخ غلام حسين ۽ سندس ڀاءُ حاجي صادق علي مزورن وانگي هٿن سان ڪم ڪندا ۽ ڪارخانن جي نگراني ڪندا آهن. ٻئي ڀائر سماجي ورڪر ۽ مخير حضرات آهن. سکر ۾ ”موتي مسجد“ شيخ غلام حسين صاحب جي نه مٽجندڙ يادگار آهي.

 

منشي عبدالله

سکر جي مشهور عريضي نويس شيخ عبدالله ولد مهرو مل هندو بيراڳي ڳڙهي خيرو جمالي جو زميندار هو. پٽس شيخ عبدالله حضرت تاج محمد امروٽي جي دست مبارڪ تي بيعت ڪري اسلام اختيار ڪيو. هندن، پير صاحب تي صغير کي گم ڪرڻ ۽ ناحق بند جو ڪيس داخل ڪيو ۽ ٻيو هڪ هندو سونارو ڇوڪرو به مسلمان ٿيو ۽ هندن ڪيس داخل ڪيو هو پر اسلام جو نشو هيڪر جنهن تي چڙهندو هو مٽجڻ مشڪل هو. شيخ عبدالله 1962ع ۾ سکر ۾ انتقال ڪيو ۽ سوناري ڇوڪري جو نالو شيخ نور الحق هو. جو عربي جو عالم آهي. شيخ عبدالله نوجواني جي زماني ۾ ڪيترا سال ماستر حبيب الله جي اوطاق تي رهيو.

 

ڊاڪٽر محمد عمر

ڊاڪٽر شيخ محمد عمر سکر جو مشهور سماجي ورڪر ۽ امروٽي بزرگ جو مريد آهي. پهريان جميعت احرار ۾ شريڪ هو ۽ سکر جو مشهور ڊاڪٽر آهي.

 

سرحدي پٺاڻ

ماستر محمد اسحاق

ماستر محمد اسحاق صاحب پشوري آخونند فقير محمد ۽ شيخ حبيب الله جو همعصر سکر مين سنڌي اسڪول ۾ ماستر ۽ قومي ڪارڪن هو. شيخ محمد سليمان ۽ ماستر حبيب الله سان گڏجي ڪم ڪيائين، خاص طرح عيدگاهه جي چندي گڏ ڪرڻ ۾ وڏي همت سان ڪم ڪيائين. هي پهريون سنڌي ماستر هو، جنهن ڪنڊر گارڊن امتحان ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. سکر جي سماجي ورڪر ليڊرن جي فهرست مان محمد اسحاق جو نالو ڪڍيو ته خال رهجي ويندو.

 

محمد عمر خان

سندس ڀائر پهريان پشوري هئا، جن سکر جي ڇپري بازار ۾ پشوري ناس جا دڪان کوليا هئا. ناس جي ڪاروبار کان پوءِ محمد عمر خان ريلوي ۾ لوڊنگ جو ٺيڪيدار هو. خانبهادر محمد ابراهيم وزير خيرپور جي ڏينهن ۾ رياست خيرپور جي سرڪاري دفترن ۾ گهربل مال پهچائيندو هو. وفات به سکر ۾ ڪيائين ۽ پراڻي سکر ۾ شيخن جي مقام ۾ دفنايو ويو. ماستر حبيب الله، ماستر محمد اسحاق، شيخ محمد سليمان ۽ سردار محمد علي سان دوستي هيس.

 

محمد عظيم خان

حاجي محمد عظيم خان پشوري سکر ۾ واپار ڪندو هو ۽ وٽس وڏو گدام هو، جنهن مان آمدني هيس.

 

عبدالحق خان

عمدة الحڪماء ولد حاجي محمد عظيم خان جو وڪٽوريا مارڪيٽ لڳ حڪمت جو دڪان اٿس. حڪمت جي سند لاهور مان حاصل ڪيائين. حڪيم صاحب جو شمار سکر جي سماجي ورڪرن ۾ آهي ۽ ڪتب فروش به آهي. تجريد بخاري جا جلد مولوي وفائي صاحب کي سنڌي ۾ ترجمو ڪرائي سنڌين تي احسان ڪيائين.

 

راج ولي خان

هزارا کان نڪري پيدل سفر ڪري حج ادا ڪيائين. ديارِ حبيب کان موٽندي سکر کي ٽالپرن جي دور ۾ وطن جوڙي ويٺو. هو پنڃارو هو ۽ دولت ڪمائڻ کان پوءِ خير جا ڪم به ڪرڻ لڳو. ڍڪ روڊ تي جاءِ جوڙائي هڪ مسجد به تعمير ڪرايائين ۽ ٽي جايون غريب آباد ۾ خريد ڪيائين. 1901ع ۾ وفات ڪيائين ۽ پٺيان چار پٽ امام بخش، رسول بخش، پير بخش ۽ حاجي خان ڇڏي ويو. انهن منجهان حاجي خان هن وقت زنده آهي.

 

ڪمانگر

سکر پراڻي ۽ نئين جا ڪمانگر شڪارپور کان آيل آهن. سندن ٽي پاڙا آهن، گجراتي، لاڙائي ۽ ٿاڻائي. مستري پريل آرائين ۾ ديرو دمايو ۽ مستري پير بخش، مستري احمد ۽ مستري نور حسن اهي اوائلي ڪاريگر هئا، جن سکر پراڻي کي وطن جوڙيو. ڪمانگرن جو چوڻ آهي ته اهي علاؤ الدين خلجي جي لشڪر سان سومرن جي صاحبي ۾ سنڌ ۾ آيا، والله اعلم. پر ايترو پتو پوي ٿو ته اهي نول غوري پير جا مريد آهن ۽ ان جي نالي تي منتون (باسون) باسيندا آهن.

 

مستري خدا بخش

سکر جي ڪمانگرن مان پهرئين شخص مستري خدابخش کي سرڪاري ڇپري بندر جي گدامن جي مرمت ڪرڻ لاءِ گهرايو هو جو پنهنجن شاگردن سان اچي سکر ۾ ويٺو. اهي ڪمانگر ڪاٺيءَ تي نقاشي ۽ رازي جو ڪم به ڪندا هئا، جڏهن اڃا گرڊرن جو رواج ڪو نه هو. مستري خدابخش 1918ع ۾ وفات ڪئي.

 

ميان غوث بخش

ميان غوث بخش ولد مستري خدا بخش هن وقت بنيادي جمهوريت جو ميمبر آهي.

 

مستري عبدالغفور

ڪمانگر، جيڪي غريب آباد جي ڪمانگرن جي محلي ۾ رهن ٿا، انهن ۾ مستري عبدالغفور چڱو ڪاريگر هو. کيس ٻه پٽ هئا. ميان عبدالمجيد جو جواني ۾ گذاري ويو، ننڍي پٽ ميان رسول بخش جو واڍڪو دڪان غريب آباد ۾ آهي.

 

ڀٽا

ڀٽا سکر جي هڪ قديم قوم آهي، جن جي رهائش سکر جي جهنگلي حصن ۾ هئي. ڀٽا، جن کي آرائين به چون ٿا ۽ انڊو پاڪ برصغير ۾ پکڙيل آهن ۽ شام، عراق، اردن، يمن ۽ حجاز ۾ به موجود آهن.

آرائين مٿن نالو ان ڪري پيو جو سندن اصل وطن آريها ARRIHA شام ۾ هو ۽ غازي محمد بن قاسم جي لشڪر ۾ جهاد جي شوق ۾ ڀرتي ٿي 712ع ۾ سنڌ فتح ڪيائون. ڪي چون ٿا ته ڀٽا حضرت سليم مڪي جي اولاد مان آهن، جنهن مڪه معظمه مان هجرت ڪري مدينه طيبه ۾ سڪونت اختيار ڪئي. سنڌ ۾ عربي حڪومت جي زوال کان پوءِ پنهنجي اباڻي ڪرت کيتي ڏانهن رجوع ٿيا. هو اصل شام جا رهاڪو آهن، تنهن ڪري عباسي حڪومت ۾ ڀائنجي ٿو معتوب ٿي ويا ۽ ڀڄي گمنام جاين تي پناهه ورتائون. سکر جو ڇپري بندر ڀٽن جون زمينون هيون. اهڙي ثبوت لاءِ وٽن ٻه يادگارون آهن، (1) شيخ شينهن آرائين جي قبر، جا سکر شهر واسين لاءِ مشهور زيارت گاهه آهي. هن بزرگ متعلق روايتون آهن ته شينهن تي سواري ڪندو هو. ٻي روايت آحي ته هر جمعي رات شينهن اچي پڇ سان آستانه کي جهاڙو گهمائي ويندو هو. بهرحال شيخ جو لقب شينهن هوندو پر سندس نالو ڪو ٻيو هوندو جنهن کان ڀٽا قطعي بيخبر آهن. ٻي سکر ۾ ڀٽن جي يادگار ”ڇپري ڀٽا مسجد“ جا صرافڪي ۽ شاهي بازار جي وچ ۾ موجود آهي، پراڻن ڀٽن مان فقط محمد صادق ڀٽي جو نالو ٻڌجڻ ۾ اچي ٿو جو زراعت پيشه هو، پوءِ هندو زمينون وڪڻندا کپائيندا ويا.

 

محمد اسماعيل

محمد اسماعيل ڀٽو واپاري ۽ زميندار هو. ڀٽا روڊ تي سندس حاطو هو، سندس پٽن مان محمد سليمان سپرنٽينڊنٽ انجنيئر پهريون ساکرو مسلمان هو، جنهن 1934ع ۾ انگلينڊ مان انجنيئرنگ جو امتحان پاس ڪيو، ٻيو پٽ ڊاڪٽر غلام محمد جنهن جي اسپتال ڀٽا روڊ تي آهي. 1953ع ۾ ميونسپل ڪائونسلر، مسلم ليگ ميمبر ۽ جسٽس آف پيس هو.

 

محمد حسن

حاجي فقير محمد حسن خيبر جي ڪمن ڪري فقير جي لقب سان سڏبو آهي. هو پنهنجي واپار جي ڪمپني جو ايجنٽ آهي، جنهن جون ڪراچي ۽ والس گنج سکر ۾ برانچون آهن جيڪي سندس ٻه پٽ هلائيندا آهن. وڏو پٽ صالح سکر ۾ ۽ عبدالغفور ڪراچي ۾. حاجي فقير محمد حسن کي شمس آباد ۾ برف شاپ آهي ۽ منجهس ڪولڊ اسٽوريج به آهي جو خيرپور ڊويزن ۾ پهريون ڪولڊ اسٽوريج آهي، قرآن شريف جي سيپارن جو ترجمو ڪرائي مفت تقسيم ڪندو هو، فقير صاحب وفات ڪري ويو آهي.

 

ڀٽن جا ڪارخانا

سکر ۾ ڀٽن جا پلٽ ۽ ليٽ جا گهڻائي ڪارخانا آهن، جهڙوڪ (1) حاجي پير بخش جي بئراج روڊ تي فائونڊري جو ڪارخانو، جنهن ۾ مشينن جا پرزا جڙن ٿا (2) مستري رسول بخش جو ڀٽا روڊ تي ڪارخانو فائونڊري ۽ ليٽ کان سواءِ ڪتر جون مشينون جڙن ٿيون (3) مستري ڪريم بخش جي شيخ شينهن روڊ تي فائونڊري.

 

بادل

حاجي بادل شينهن جو متولي هو. کانئس پوءِ پٽس عبدالله متولي ٿيو هو، سندس وفات کان پوءِ عبدالله جي پوين وٽ سندون نه هئڻ ڪري خانقاه شيخ شينهن اوقاف کاتي جي ماتحت آهي.

 

مولوي محمد عظيم

مولوي محمد عظيم صاحب ڀٽو غريب آباد جي اڇي مسجد جو پيش امام، ڀاڳناڙي جي ڀٽن مان وڏو عالم ۽ پرهيزگار ٿي گذريو آهي. راقم وٽس ابتدائي تعليم قرآن شريف جي حاصل ڪئي. اها مسجد به ڀاڳناڙي جي ڀٽن تعمير ڪرائي هئي، اڄ ڪلهه جامع مسجد آهي.

 

سلواٽا

سکر جي سلواٽا ٻن طبقن ۾ ورهايل آهن. هڪڙا جيڪي غريب آباد جي اڇي مسجد جي ڀر ۾ رهن ٿا، سي مارواڙ جي پوڪران شهر جا رهاڪو آهن، هن طبقي مان سلطان دولتمند آهي، جنهن جي سلطان هوٽل اسٽيشن روڊ تي آهي، ليمجي جي چاڙهيءَ تي رهندڙ سلواٽا اڪثر جيسلمير جا رهاڪو آهن. سکر ۾ سندن قدامت لاءِ ٿرپارڪر جي ننگر پارڪر تعلقي جي ڳوٺ ڀالوا ۾ جيڪا مارئي جي پٿر جي ڪونڊي پيل آهي اها سکر جي سلواٽن جي ٺهيل چئي وڃي ٿي، سکر جي نرم پٿر وارين ٽڪرين کي ٽڪي روزي ڪمائين ٿا، ڪن وٽ پنهنجون جايون آهن ۽ ڪي مالدار بنجي سرڪاري ٺيڪا کڻندا رهيا.

 

مستري محمد عظيم

سلواٽن جي محلي جي هڪڙي گهٽيءَ تي سندس نالو آهي، پهريان سنگتراشي ڪندو هو پوءِ ٺيڪا کڻڻ لڳو. کيس نظر محمد اوورسيئر ۽ امام بخش ٻه پٽ هئا.

 

مستري رضا محمد

مستري محمد عظيم جي ناٺي وڏو ٺيڪدار هو، ڪراچي کان ڪوٽڙي ڊبل ريلوي لائين جو ٺيڪو کنيو هئائين. لاولد وفات ڪري ويو.

 

حاجي امام بخش

حاجي امام بخش وڏو ٺيڪدار هو ۽ پوين لاءِ وڏي ملڪيت ڇڏي ويو.

 

 

محمد ابراهيم

ولد حاجي امام بخش لئنڊ لارڊ گهڻا سال ميونسپل ڪائونسلر رهيو. مناري هيٺان مارجيٽ ڏانهن ويندڙ ڏاڪڻ جا ٽڪر ڪاٽي ٺاهي ويئي آهي، سندس رٿ سان ميونسپل ٺهرائي.

انهن کان سواءِ مستري مولا بخش حال حيات ٺڪيدار هو. مستري سامو پي – ڊبليو – ڊي کاتي جو ٺيڪيدار هو.

 

بروهي

بروهين جا سکر ۾ ٽي قبيلا  رهن ٿا – شاهواڻي، محمد شهي ۽ پندواني. سراوان ۽ جهالاوان کان نڪري سنڌ ۾ پهتا ۽ محنت مزوري ڪري گذرسفر ڪندا رهيا، انهن منجهان جن تعليم حاصل ڪئي، سي آسودا ۽ پنهنجن جاين ۾ رهن ٿا ۽ جيڪي علم کي بي بهره آهن، سي ٽڪري مٿان جهوپڙين ۾ رهي مزوري ڪن ٿا.

 

شير محمد خان

شير محمد خان ولد داد محمد خان تعليم يافته هئڻ ڪري انجڻ ڊرائيور هو. مزوري جي حالت ۾ سکر جي ليڊرن جهڙوڪ غوث علي شاهه، پيرزاده عبدالرحمان، ماستر شيخ حبيب الله، بابو محمد سليمان، ماستر محمد اسحاق سان سندس دوستي هئي. عيدگاهه کان چندو گڏ ڪرڻ وقت هن وڏي رقم سکر انجڻ سيڊ جي مزورن کان گڏ ڪئي. ريلوي عملدارن ۾ کيس ڪافي رسوخ هو. سکر انجڻ شيڊ ڪوارٽرن واري مسجد سندس صلاح سان ريلوي عملدارن تعمير ڪرائي، جا اڄ به موجود آهي. کيس چار پٽ هئا: رحيم داد خان (راقم)، غلام محمد خان، غلام نبي خان ۽ لعل محمد خان. کيس هڪ نياڻي هئي جا هن شير محمد خان چانڊيو گارڊ سان پرڻائي هئي. شير محمد خان بروهي 1935ع ۾ وفات ڪئي ۽ مرڻ کان اڳ پٽن لاءِ غريب آباد ريس ڪورس روڊ تي جاءِ جوڙائي ويو. غلام محمد خان انجڻ ڊرائيور هو. سندس ٻه پٽ غلام مرتضيٰ خان بنيادي جمهوريت جو ميمبر ۽ داد محمد خان ٺيڪيدار آهي. غلام نبي خان، جيڪو جنرل غلام نبي جي نالي سان مشهور هو، گهڻا ورهيه ميونسپل ڪائونسلر رهيو ۽ لئنڊلارڊ هو. مسلم ليگ جو سرگرم رڪن ۽ ريسٽوريشن ڪاميٽي جو منزل گاهه جي سوال وقت ميمبر هو. لئنڊ لارڊ دڪاندار هو. کيس ٽي پٽ آهن: امان الله خان، عنايت الله خان ۽ ظفر الله خان. اهي تعليم يافته آهن. لعل محمد خان هن وقت مغلپوره ريلوي ورڪشاپ ۾ فورمين آهي ۽ انگلينڊ به ويو هو. کيس ڪافي اولاد آهي.

 

رحيمداد خان

رحيمداد خان ولد شير محمد خان 1891ع ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم مولوي خدا بخش ابڙي ۽ مولوي محمد عظيم ڀٽي کان حاصل ڪري 4 درجا سنڌي ۽ 6 درجا انگريزي پڙهي، 1913ع ۾ انجڻ شيڊ روهڙي ۾ ڪلينر ٿيو، 1914ع ۾ فائر مين، بعد ۾ ٽرئفڪ کاتي ۾ ٽرين ڪلارڪ، يارڊ فورمين، سيڪنڊ گارڊ ۽ پوءِ گارڊ ٿيو. 1939ع ۾ ريلوي کاتي کان رٽائرڊ ڪيائين. 1941ع ۾ خان بهادر الله بخش سومري وزير اعليٰ سنڌ جي روزانه اخبار ”آزاد“ جو سب ايڊيٽر مقرر ٿيو. ريلوي ملازمت ڪندي سندس مضمون ستاره سنڌ، توحيد، المناره، الوحيد ۽ سنڌو ۾ شايع ٿيندا رهيا، پر اصلي نالي بدران ”مولائي شيدائي“ جي نالي سان شايع ٿيندا هئا. اهو نالو مولوي دين محمد وفائي، سيد علي محمد راشدي مٿس رکيو هو. روزانه ”آزاد“ ڪانگريسي اخبار هئي، تنهنڪري اتان ڇڏي 1945ع ۾ روزانه ”هلال پاڪستان“ حيدرآباد جو ايڊيٽر ٿيو. 1950ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جو فيلو چونڊيو ويو ۽ پنجن سالن تائين اتي رهيو. ايوبي انقلابي حڪومت 1960ع ۾ مولائي شيدائي لاءِ هڪ سؤ رپيا ماهوار وظيفو مقرر ڪيو جو هڪ سال کان پوءِ بند ٿي ويو. 1962ع ۾ رائيٽرس گلڊ ڪاميٽي سنڌ ريجن جي سفارش سان هن لاءِ وظيفو جاري رهيو. رحيمداد خان مولائي شيدائي سنڌ جو مڃيل اديب، صحافي ۽ پاڪستان پبليڪيشن جي ڪتاب ”سنڌي ادب“ ۾ محقق ڄاڻايل آهي.

 

تصنيفات

مختصر تاريخ بلوچستان – 1941ع ۾ سکر مان شايع ٿي، جنهن کي علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي، ٽيچرس لائبريري ۽ سيڪنڊري اسڪولن لاءِ منظور ڪيو، حڪومت برٽش بلوچستان کان 4 سؤ روپيا ۽ درٻار قلات کان اڍائي سؤ روپيا انعام مليا.

جنت السنڌ – سنڌ جي تاريخ حوالن سان، جنهن لاءِ کيس هڪ هزار روپيا سنڌي ادبي بورڊ ڏنا ۽ 1958ع ۾ شايع ٿي.      

بلوچستان ۾ مهدوي تحريڪ – هي هڪ ڪتابچو آهي جو مهدوي جماعت شهدادپور، ڪراچيءَ مان اردو ۾ شايع ڪرايو.

فيلو شپ عرصي جا ڪتاب: (1) تاريخ تمدن سنڌ – جا 1959ع ۾ سنڌ يونيورسٽي پريس حيدرآباد مان شايع ٿي. (2) روضته السنڌ جا تاريخي جاگرافي آهي. (3) تاريخ هندو ڊاڪٽر سي – ڊيويز ريڊر آڪسفورڊ يونيورسٽي جي انگريزيءَ جو سنڌي ترجمو.

موسوين جي مختصر تاريخ – ميرڪي ساداتن جي ابتدائي تاريخ آهي.

تاريخ خاصخيلي – خاصخيلين جي مختصر تاريخ آهي، جا حڪيم نور محمد ندوي خاصخيلي لکرائي شايع ڪرائي. مصنف کي پنج سؤ روپيا حڪيم ڏنا.

سر غلام حسين هدايت الله – خان بهادر نظام الدين پٺاڻ مصنف کي هڪ سؤ روپيا ڏيئي لکرائي شايع ڪرائي.

سنڌ جي اقتصادي تاريخ – سر ڳواسي ڊاڪٽر ايس – بي ڇٻلاڻي ”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“ انگريزي ۾ لکي آهي، جنهن کي سر الحق ايم – اي سنڌي ۾ ترجمو ڪو ۽ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪرائي آهي. ڪتاب ۾ 1592ع کان 1842ع تائين بيان ڏنل آهي، مولائي جا مؤمن جي دڙي کان 1596ع تائين لکيل تاريخ تي دستخط موجود آهن.

مقالات شيدائي – 4 جلد مولائي شيدائي جا وقت بوقت رسالن ۽ اخبارن ۾ جيڪي مضمون شايع ٿيندا رهيا موجود آهن.

سنڌ جا قديم شهر – جلد پهريون دستخط موجود آهن.

مڪتوبات شيدائي – مولائي شيدائي کي وقت بوقت جيڪي خط مليا، سي ”ميخانه مولائي“ جي عنوان سان موجود آهن.

سوانحِ عمري – مولائي جي قلم سان خودنوشته زندگي جي سفر جو بيان آهي.

تاريخِ سکر – دستخط جي صورت ۾ موجود آهي مسٽر مولائي کي فقط هڪ نياڻي آهي. نرينه اولاد ڪونهي.

 

حاجي شير محمد خان

حاجي شير محمد خان چانڊيو، شير محمد خان بروهي جو ناٺي ريلوي کاتي ۾ گارڊ هو. ريلوي کاتي کان رٽائرڊ ٿي حج ڪري آيو ۽ باقي عمر جا ڏينهن گوشه نشيني ۾ گذاريائين. اسٽيشن روڊ تي جيڪا ريلوي ڪوارٽر وٽ وڏي مسجد آهي، تنهن جو سنگ بنياد حاجي شير محمد خان هٿان رکايو ويو. جامع عربي، جا 1933ع ۾ غريب آباد ۾ قائم ڪئي ويئي، ان ۾ حاجي صاحب چندي جي مدد ڪئي. کيس ٽي پٽ آهن، علي بخش خان، واحد بخش ۽ حاجي شير محمد خان، هن 1953ع ۾ وفات ڪئي.

 

رئيس علي بخش خان

رئيس علي بخش خان زميندار ۽ لئنڊلارڊ ولد حاجي شير محمد خان به ريلوي ۾ گارڊ هو. رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي زمين دادو واري جي سنڀال ڪري ٿو ۽ لاڙڪاڻه ۾ رالي باغ واري هنڌ تي سندس جايون آهن، کيس پنج پٽ – محمد اسلم، محمد اڪرم، محمد اشرف، محمد افضل ۽ محمد اصغر آهن. رئيس علي بخش کي سکر ۾ جايون آهن.

 

غلام محمد خان

حاجي غلام محمد خان ويٺل چپري ميونسپل ڪائونسلر هو ۽ شخصيت رکندڙ هو. پٽس غلام رسول به ميونسپل ڪائونسلر هو. حاجي غلام محمد خان جو ڀاڻيجو حاجي رحمت الله خان ريلوي ورڪشاپ ۾ مستري هو.

 

دهلوي ۽ پنجابي

انعام الاهي

اصل دهلي جا رهاڪو هاڻ سکر سندن گهڻي عرصي کان وطن آهي. انعام الاهي صاحب ٺيڪيدار آهي.

 

مهر الاهي

مستري حاجي الاهي ريلوي ورڪشاپ ۾ مستري هو. کيس 6 پٽ آهن:

عمر الاهي، محبوب الاهي، مشتاق الاهي، مقبول الاهي، نور الاهي، بخش الاهي. حاجي مهر الاهي صاحب جو سؤٽ آهي.

 

صوفي محمد رفيع

محمد رفيع صاحب رٽائرڊ ڊي – ايس – پي بئراج ۾ رهي ٿو، احمديه تبليغ جو وٽس مرڪز آهي.

 

محمد ياسين خان

حاجي مهر الاهي مستري جو ڀاءُ محمد ياسين خان وٽ سائيڪل رپئرس جو دڪان آهي.

 

غلام نبي

غلام نبي زين ساز سيالڪوٽي کي سکر جي فريئر روڊ تي زين سازي جو واحد دڪان هو، کيس وڏي ڪمائي هئي، هينئر سندس پٽ کي شڪارپور روڊ تي زين سازيءَ جو دڪان آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org