باب نائون
ڪلهوڙن جي صاحبي
مغليه سلطنت جو زوال
سنڌ ۾ جنهن جدوجهد جو آغاز ارغونن جي دور کان شروع ٿيو هو سر
ترخانن کان ٿيندو، اڪبر ۽ جهانگير جي عهد ۾ به
قائم رهندو، شاهجهان جي آخري ايامن تائين پهتو هو
۽ انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي تقريباً سمورا طاقتور
قبيلا متحده طور برسر پيڪار رهيا. چند نالا ترتيب
وار ڏجن ٿا: سميجا، مهديجا، اُنڙ، چانڊيا، مهر،
ڌاريجا، سهتا، ابڙا، لاشاري، جتوئي، ڊومبڪي،
باروزئي، خيڪ، قلات جا بروهي، مڪراني ۽ بلوچي
قبيلا، جوکيا، نومردي (نومڙيا)، رونجها، ڪڪرالي جا
ڄام، سوڍا، شورا، لاکا، سما، چنه، راهوجا، ساند،
کيبر، ڪيريا، لاکيار، سهودا، ڳاهيجا، ڪورائي،
ٿيٻا، ڪيهر، مگسي، منگواڻا، منڌرا، منڱيجا، لنجار،
اوٺا، ماڇي، ملاح، نڪامرا، هاليپوٽا، ناريجا،
ڪٽوهر، دل، شيخ، هوسڙا، هالا، ڪوريجا، کماڻ،
پنهور، پلي، ديناري، ڏيٿا، ٿهيم، ڪلهوڙا، جوڻيجا،
جت، ڏاهري، سانگي، ڪلمتي، نوت، ٻٻر، باريجا،
ورياه، بليدي، ڀچا، هندو ۽ گجر. انهن قومن سرڪاري
قافلن ۾ ٻيڙين کي ڦري ملڪ ۽ مغليه نوابن جو نڪ ۾
دم آندو هو. شاهجهان جي ڏينهن ۾ شهزادو اورنگزيب،
زي الحج 1059 هه کان 1061 هه تائين ٻه سال اٺ
مهينا ٺٽي جو صوبيدار ۽ بکر سيوهڻ جو تيولدار ٿي
رهيو. سندس ڏينهن ۾ ڪڇي، قلات، ڪيچ مڪران، ڪاڇي،
ڪوهستان، لاڙ ۽ ڪڇ ڀڄ تائين مٿين قبيلن فساد ڪيا.
قلات جي احمد زئي خوانين آزادي حاصل ڪئي.
سنڌ جي آمدني امن امان قائم ڪرڻ ۾ خرچ ٿي ويندي هئي. ميرڪ يوسف
جي ڪتاب ”مظهر شاهجهاني“ ۽ اورنگزيب جي خطن مان
جيڪي هن شاهجهان کي لکيا آهن، تن مان اسان کي سنڌ
۾ انتشار، اضطراب واريون حالتون نظر اچن ٿيون. سنڌ
۾ پيدا ٿيل انتشار جي اهميت سختيءَ، شدت ۽
سنگينيءَ جو پتو رقعات عالمگير مان پئجي سگهي ٿو،
جو مغل لشڪر ڪٽڪ، توبن، تفنگن، غرابن ۽ غورابن جي
هوندي به ناڪام هلندو رهيو[1].
شاهجهان جي پٽن ۾ تخت نشينيءَ لاءِ جيڪا ڪشمڪش ۽
عداوت هلندي ٿي آئي، تنهن نه رڳو آخري عمر ۾ کيس
نهوڙي ڇڏيو، بلڪ ساڳي وقت مغل سلطنت جي سمورن ڪل
پرزن کي به هڪ ٻئي کان جدا ڪري سڄي تشڪيل ۾
استحڪام کي تتربتر ڪري ڇڏيو. جيڪي صوبا محض قوت جي
دٻاءَ تي سلطنت اندر شامل ڪيا ويا هئا، انهن ۾
رهائي ۽ آزاديءَ لاءِ ازسرنو جدوجهد جي امنگ پيدا
ٿي پئي. بلخ ۽ بخارا جي ڪشمڪش، قنڌار تي صفوين جو
قبضو، قلات جي آزاديءَ هندي رياستن ۾ بي چيني، اهي
سڀئي صورتحال جو نتيجو هيون. مغلن جي پنهنجي گهرو
جنگ و جدل ۽ انتشار جي ڪري پيدا ٿيل ڪمزوريءَ جو،
تخت تي ويهڻ بعد، جنهن جو سدباب ڪندي، خود عالمگير
جي حياتي به رائگان ٿي وئي.
1707ع ۾ اورنگزيب جي مرڻ کان پوءِ، مغل شهنشاهت ۾ انحطاط شروع
ٿيو. ڏکڻ کان مرهٽن ۽ جاٽن غارتگري شروع ڪئي. اُتر
۾ ووهيلن ۽ سکن ڦرمار شروع ڪئي. مرهٽن جي طاقت روز
بروز زور وٺندي ويئي. روهيلن دوآبه گنگا جمنا کي
ڦرمار لاءِ آماجگاه بنائي ڇڏيو. دکن ۽ ائوڌ مرڪز
کان ڇڄي ڌار ٿي ويا. نادر شاهه ۽ احمد شاهه جي
حملن ڪري، مغل شهنشاهت جا صدين جا گڏ ڪيل خزانا
لٽجي ويا ۽ سلطنت مفلوج ٿي ويئي. اورنگزيب کان
پوءِ جيڪي تخت تي ويٺا، تن ۾ بابر، همايون يا
جهانگير ۽ شاهجهان يا عالمگير جهڙي صلاحيت ڪو نه
هئي، اهي نالي طور کٽل واڻئي وانگي دوڪان هلائيندا
رهيا. سندن بي حيائي ڪري شاهي محلات بيعزتيءَ جو
رنگ محل بنجي ويو. حڪومت جون واڳون توراني ۽
ايراني اميرن جي هٿن ۾ هيون، جيڪي اقتدار حاصل ڪرڻ
جي جنگ ۾ رڌل هئا ۽ تيمور جي پوين کي ڪاٺ پتلين
وانگي نچائيندا رهيا. عالمگير کان پوءِ پٽس بهادر
شاهه 64 ورهين جي ڄمار ۾ تخت تي ويٺو. سندس ڀاءُ
اعظم سان ”جاجوئا“ جي جنگ لڳي، جنهن جنگ ۾ توڙي جو
بهادر شاهه ڪامياب ٿيو، پر مرڪز جا مضبوط ايوان
لڏي ويا. هو شخصيت رکندڙ هو پر عام طرح ”شاهه
بيخبر“ ڪوٺبو هو. 1712ع ۾ مئو ۽ پٽس جهانداد شاهه
تخت تي ويٺو، جو آرام طلب هو ۽ حڪومت سان کيس ڪا
دلچسپي ڪو نه هئي. يارنهن مهينن گذرڻ بعد فرخ تخت
تي ٿاڦيو ويو، جو ڪمزور طبيعت جو هو. 1719ع ۾ کيس
انڌو ڪيو ويو بادشاه سازباره سيد ڀائرن رفيع
الدرجات کي تخت تي ٿاڦيو. پر ٽن مهينن کان پوءِ
عالم بقا ڏانهن اُماڻيو ويو ۽ سندس وڏي ڀاءٌ رفيع
الدوله کي تخت طائوس تي ويهاريو ويو، ليڪن 3 مهينا
مس جيئرو رهيو. بعد ۾ محمد شاهه ”رنگيلي“ کي تخت
تي ويهاريو ويو. هن شاهي مهر، پنهنجي پياري ملڪه
”ڪوڪي“ جي حوالي ڪئي، جا هڪ نچڻي فقيرياڻي هئي.
حڪومت جو سمورو ڪاروبار سندس مرضيءَ مطابق هلندو
هو. درٻاري امير به هن جي معرفت ڪم ڪڍائيند هئا.
آصف جاهه نظام المڪ، جو ان وقت وڏو وزير هو، تنهن
ڪوڪيءَ جي ڪرشمئه سازين متعلق هڪ ربائي چئي هئي:
”مردان نکنند خاڪ برسر چکنند
امروز زني بجائي عالمگير است“
مٿئين رباعيءَ جي جواب ۾ ڪوڪيءَ وٽس جيڪي بيت لکائي مڪا، سي اُن
دور لاءِ آئينه دار آهن:
”نوبت زکيان بما کيان افتاد است
بازئي شگرفي بميان افتاد است
شايد کي سپهر سفله رقصد ز نشاط
شميرزدن بدف زنان افتاد است“
شاهي محلات ۾ ”ڪوڪيءَ“، ”حضرت قدسيه“ جي لقب سان سڏبي هئي، جا
بدڪار عورت هئي، جنهن پنهنجي نوڪرن مان جاويد
بهادر کي پسند ڪيو هو ۽ هن کي ”نواب بهادر“ جو
خطاب ڏنو هو. شاهي امير جڏهن درٻار ۾ حاضري ڏيڻ
ايندا هئا، تڏهن اهڙن موقعن تي محلات جا محافظ
دروازه تي هڪ کودڙو ۽ هڪ ڪتي ٻڌي ڇڏيندا هئا ۽
ايندڙن کي چوندا هئا ته، دربار ۾ گهڙڻ کان اڳ نواب
بهادر جاويد خان ۽ حضرت قدسيه کي ڪورنش ڪيو. هن
واقع کي مؤرخن جن لفظن ۾ لکيو آهي، سي هيٺ ڏجن ٿا:
”و بمرتبه که کزه خري و ماده سگي بر دروازه قلعه بسته برائي
مجرائي هردو ناپاک تکليف سلام بهر مجرائي بيباک مي
نموده و ميگفتند که خرکره نواب بهادر ست و سگ ماده
نواب قدسيه است“[2].
ڪلهوڙن جو سنڌ تي قبضو
ڪلهوڙن جي صاحبي جو دور 1131 هه 19 – 1718ع کان شروع ٿي 1197 هه
(83 – 1782ع) ۾ پورو ٿيو. ميان آدم شاه بکري،
اڪبري دور ۾ چانڊوڪي پرڳڻي جي جاگير مرزا
عبدالرحيم خان خانان کان هٿ ڪئي هئي، تنهن جي
ساليانو اُپت 12 لک روپيا هئي. سندس پوين هن جاگير
کي زور وٺرايو ۽ مريدن ۾ به اضافو ڪيائون. غرض
درويشي چولي ۾ وڏا ذميندار بڻجي ويا ۽ ”سرائي“ جي
لقب سان سڏجڻ لڳا. ميان شاهل محمد بن دائود آدم
شاهه طاقتور زميندار بنجي ويو، جنهن پنهنجن ابڙن
مريدن جون زمينون ضبط ڪيون، جنهن تي وڏيري جلال
خان ابڙي بکر جي نواب کي مرشد خلاف شڪايت پيش ڪئي
۽ ميان شاهل محمد بکر جي نواب سان وڙهندي شهيد
ٿيو. ميان شاهل محمد کان پوءِ ميان نصير محمد بن
ميان الياس بن دائود بن آدم شاهه 1068هه 1657ع ۾
گادي نشين ٿيو ۽ سندس فقير تر جي زميندارن کي تنگ
ڪرڻ لڳا. ميان صاحب دادو پرڳڻي جي پنهور زميندارن
جون زمينون ڦٻائڻ لڳو، شڪايتون بکر جي نواب کي
پهتيون، جيڪو صلح ۽ صفائي لاءِ ميان صاحب کي
عالمگير جي درٻار ڏانهن وٺي ويو ۽ حڪومت ميان صاحب
کي قيد ۾ رکيو، جتان ڪنهن ترڪيب سان ڀڄي چانڊڪي
پرڳڻي ۾ پهتو ۽ بکر جي نواب کي شڪست ڏيئي درياه جي
کاٻي پاسي تي ساهتي پرڳڻي تي قبض ڪرڻ کان سواءِ
مغل سرڪار کان سيوهڻ جو پرڳڻو ٺيڪي تي کنيائين.
ميان صاحب 1696ع 1103 هه ۾ وفات ڪئي، پٽس سرائي
ميان دين محمد گاديءَ تي ويٺو، جنهن پنهورن جي شهر فتح پور تي زوري قبضو ڪيو ۽ پنهور دهلي
درٻار ڏانهن دانهن کڻي ويا. اهو عالمگير جي حڪومت
جي پڇاڙيءَ وارو زمانو هو. بهرحال دهلي درٻار امير
جهان خان کي لشڪر ڏيئي، سنڌ ڏانهن روانو ڪيو.
چانڊڪي پرڳڻي ۾ ڳريلي وٽ جنگ لڳي، جهان خان مارجي
ويو. هن واقعي کان پوءِ بکر جو نواب الله يار خان
خوفزده ٿي ويو. اورنگزيب پنهنجي پٽ معز الدين کي
سنڌ ڏانهن روانو ڪيو. سرائي ميان دين محمد پنهنجي
ڀاءُ ميان يار محمد کي شهزاده جي استقبال لاءِ سکر
ڏانهن روانو ڪيو. سرائي جي اطاعت گذاري کي ڏسي،
شهزادو خوش ٿي لاهور ڏانهن روانو ٿيو. اڃا واٽ تي
هو ته سرائي جي هڪ فقير مقصودي ماٿيلي تائين ڳوٺن
کي ڦري ناس ڪري ڇڏيو، جنهن تي معز الدين موٽي سنڌ
ڏانهن آيو ۽ ڇهن مهينن تائين سرائي جي زمينن کي
برباد ڪندو رهيو، جڏهن سيوهڻ پهتو ته ميان دين
محمد روپوش ٿي ويو. آخر اچي پيش پيو. شهزاده هن کي
ملتان جيل ۾ نظر بند رکيو، جتي 1111 هه 1700ع ۾
وفات ڪيائين.
ميان دين محمد کان پوءِ ڀاڻس ميان يار محمد هڪ هٿ ۾ ڏاٽو ۽ ٻئي
هٿ ۾ ترار کڻي نڪتو. افراتفري مان فائدو وٺي سبي
جي حاڪم بختاور خان پني ميان جي زمينن تي قبضو
ڪيو. ٻن سالن کان پوءِ قلات جي بروهي نواب بروهي
لشڪر وٺي چانڊڪي پرڳڻي تي قبضو ڪيو. ميان يار محمد
ٻنهين حملي آورن کان پنهنجون زمينون آزاد ڪرائي،
معز الدين جي اطاعت منظور ڪيائين، جنهن تي دهلي
درٻار پاران کيس ”خدا يار خان“ جو خطاب مليو. هن
دادو جي ويجهو ”خدا آباد“ جون نئون تختگاه شهر
جوڙايو. انهن ڏينهن ۾ ديره جات ۾ فساد پيو. ميان
جي بلوچ سپه سالار مير شهداد خان فسادين کي مات
ڪيو، جنهنڪري ميان يار محمد پاڻ کي دهلي درٻار ۾
سرخرو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ميان صاحب 1131 هه 1719ع
۾ وفات ڪئي. ميان يار محمد کان پوءِ پٽس ميان نور
محمد گاديءَ تي ويٺو، جنهن 18 سالن جي عرصي اندر
سڄي سنڌ تي قبضو ڪيو. دائود پوٽن کان سري ۾
شڪارپور هٿ ڪيائين، دائود پوٽن جي سردار بهاول
خان، مهراڻ جي کاٻي ڪپ تي 1749ع ۾ بهاولپور رياست
جو بنياد وڌو. ميان نور محمد مهرن کان لکي جو شهر
فتح ڪيو ۽ 1144 هه ۾ قلات جي بروهي نواب مير
عبدالله خان کي جو ”هبارڪوهستان“ جي لقب سان سڏبو
هو، تنهن کي سني جي جنگ ۾ شڪست ڏيئي، ڪڇي جي شهرن
شوران، جهل ۽ ڀاڳناري تي قبضو ڪيو، لاڙ ۾ ڪڪرالي
جي ڄامن کي شڪست ڏنائين. 1151 هه – 1736ع محمد
شاهه رنگيلي، ٺٽو سرڪار ميان نور محمد خان کي ٺيڪي
تي ڏيئي کيس ”خدايار خان“ جو خطاب ڏنو. سنڌ تي
ڪلهوڙن جو قبضو ٿي ويو.
نادر شاهه جو بکر تي قبضو
1764ع ڌاري محمد شاهه جي ڏينهن ۾ مغل شهنشاهت جا حصا مرڪز کان
ڇڄڻ لڳا، چنانچه نظام الملڪ آصف جاهه دکن ۾، سعادت
علي خان ائوڌ ۾ خود مختيار حڪومتون قائم ڪيون.
مرهٽن جي پيشوا باجي راءُ گجرات، مالوه ۽ بنديلکنڊ
تي 1742ع ۾ اوڙيسا، بنگال ۾ بهار تي قبضو ڪيو.
1738ع ۾ نادر شاهه طوفان وانگي اٿيو. ڪابل ۽ 1739ع
۾ پنجاب کي لتاڙي ڪرنال جي جنگ ۾ مغليه لشڪر کي
شڪست ڏيئي دهلي پهتو ۽ شهر کي لٽڻ ۽ قتل ڪرڻ کان
پوءِ ويهه ڪروڙ نقد، طائوسي تخت بابر جي ڏينهن کان
گڏ ٿيل زر ۽ جواهر، ڪوهنور هيري سميت هٿ ڪري، محمد
شاهه سان ڪيل عهدنامي موجب، اٽڪ کان سمنڊ تائين
مهراڻ جي اولهندي ڪپ وارن پرڳڻن تي قبضو ڪري، ڪابل
ڏانهن موٽيو. اٽڪل اَسي ڪروڙن جي ملڪيت لٽي مغل
شهنشاهت کي کوکلي ڪري ويو[3].
نادر شاهه کي رڌل ڏسي ميان نور محمد ڍل ڏيڻ کان
نٽائڻ لڳو، جنهن تي 1152 – 1739ع ۾ نادر شاهه ڪابل
کان لاڙڪاڻي پهتو. ميان صاحب خوف کان عمر ڪوٽ جي
قلعي ۾ وڃي لڪو، جتي نادر شاهه کيس سوڙهو ڪري، هڪ
ڪروڙ رپيا ڦري مٿس ويهه لک روپيا سالياني ڍل مقرر
ڪري، بکر، سکر، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي کي ايران سان
لاڳو ڪري، بکر جي قلعي کي ڪيرائي، نئين سر تعمير
ڪرائي، ميان نور محمد کي ”شاهه قلي“ خان جو خطاب
ڏيئي واپس موٽي ويو.
احمد شاهه دراني جو سکر پهچڻ
1160 هه – 1747ع ۾ نادر شاهه، قزلباش هٿان قتل ٿيو. افغانستان،
خراسان ۽ مهراڻ جي اولهندي وارا پرڳڻا احمد شاهه
درانيءَ جي هٿ چڙهي ويا، جنهن ميان نور محمد کي
”شاهنواز خان“ جو خطاب ڏنو. ميان صاحب قنڌار کي ڍل
پهچائڻ ۾ دير ڪئي، جنهن تي 1167 هه ۾ احمد شاهه
دراني سکر پهتو. ٻيڙين وسيلي پل تيار ڪرائي روهڙي
پهتو. ميان نور محمد خان خوف کان جيسلمير ڏانهن
ڀڄي ويو، جتي وفات ڪيائين. سندس جنازه موري تعلقه
جي احمد آباد ڳوٺ ۾ دفنايو ويو. احمد شاهه، ميان
صاحب جي وڏي پٽ محمد مرادياب خان کي ”سر بلند“ جو
خطاب ڏيئي موٽيو، پر ميان صاحب ۾ حڪومت هلائڻ جي
صلاحيت ڪا نه هئي، ان ڪري اميرن گڏجي ميان غلام
شاهه خان کي تخت تي ويهاريو.
امرڪس جي جنگ
ميان نور محمد خان جي مُئي کان پوءِ سندس پٽن ۾ نا اتفاقي پئجي
ويئي. ميان عطر خان، احمد يار خان ۽ مقصودي گڏجي
روهڙيءَ جي ڀر واري واهه امرڪس وٽ ميان غلام شاهه
سان جنگ جوٽي، پر شڪست کاڌائون. عطر خان قنڌار
ڏانهن دانهن کڻي ويو، اتان نا اُميد ٿي بهاولپور
جي دائود پوٽن ۽ اتي جي خيرياڻي سردارن کان مدد
وٺي جنگ ڪرڻ آيو، پر اوٻاوڙه وٽ شڪست کاڌائون.
ميان غلام شاهه سنڌ جو حاڪم ٿيو. ميان غلام شاهه
دٻدٻي سان حڪومت ڪئي. هن واپار جي ترقي لاءِ 1758ع
۾ اورنگا بندر جي ويجهو شاهڪار (شاهبندر) تعمير
ڪرايو. اورنگا بندر شهزاده اورنگزيب 1061 هه جي
مابين تعمير ڪرايو هو، جڏهن هو، شاهجهان جي ڏينهن
۾ ٺٽي جي صوبيدار ۽ بکر ۽ سيوهڻ جو تيولدار ٿي
رهيو هو[4].
ميان غلام شاهه 1763ع ۾ ڪڇ جي راءُ کان بستا ۽
لکپت جا بندر ۽ قلعا فتح ڪيا. ڪلهوڙن گهڻائي
تختگاهه شهر تعمير ڪرايا هئا. جهڙوڪ: خدا آباد،
مراد آباد، شاه ڳڙه ۽ محمد آباد، مگر انهن کي
آبڪلاڻي کان خطرو هو، تنهنڪري ميان غلام شاهه
1768ع ۾ گنجي ٽڪري جي شاخ تي نئون قلعو حيدرآباد
تعمير ڪرايو، جنهن ٺٽي کان پوءِ صنعت ۽ واپار ۾
ترقي ڪئي. ميان جي جنرل بهرام خان ديره جات جي
ناهرن کي شڪست ڏني، انهن ڪارنامن جي ڪري احمد شاهه
ابداليءَ ميان صاحب کي ”شمس الدولت“ ۽ ”صمصام
الدوله“ جا خطاب ڏنا هئا. 1772ع ۾ ميان غلام شاهه
وفات ڪئي. پٽس ميان محمد سرفراز خان گادي تي ويٺو،
جنهن هالا تعلقه ۾ نئون تختگاهه خدا آباد وڏن جي
يادگيري لاءِ تعمير ڪرايو.
ڪلهوڙن جي حڪومت جو خاتمو
1773ع ۾ احمد شاهه دراني وفات ڪئي ۽ پٽس تيمور شاهه ڪابل جي
گادي تي ويٺو. ميان سرفراز خان پنهنجي فوجي
عملدارن ٽالپرن سان ڦٽائڻ لڳو، جيڪي ڪلهوڙن جا
مريد هئا. هن مير بهرام خان کي مارائي ڇڏيو. ميان
غلام نبي خان به 1777ع ۾ ٽالپرن سان ڦٽائڻ ڪري
مارجي ويو. ٽالپرن سندن ڀاءُ عبدالنبي خان کي
گاديءَ تي ويهاريو، جنهن مير بجر خان کي مارائي
ڇڏيو ۽ خوف کان ڪابل ڏانهن ڀڄي ويو ۽ اُتان مدد
خان پٺاڻ کي ساڻ وٺي آيو، جنهن لاڙ تائين سنڌ جي
شهرن ۽ ڳوٺن کي ڦري ويران ڪري ڇڏيو[5].
ميان عبدالنبي نه ڪابل کي ڍل پياري سگهيو، نه
ٽالپر مريدن سان صلح رکي سگهيو، اٽلندو پٺاڻن کان
سنڌ کي تاراج ڪرايائين، ٽالپرن جي سردارن مير فتح
خان ۽ مير عبدالله خان کي قتل ڪرايائين. جنهن تي
ٽالپرن پهريان لنياري جي جنگ ۽ 1783ع ۾ هالاڻي جي
فيصلي ڪن جنگ ۾ ڪلهوڙن کي شڪستون ڏيئي، سنڌ تي
قبضو ڪيو.
بکر جي قلعي جي نئين سر تعمير
اهو ياد رکڻ گهرجي ته قنڌار جي سدوزئي درانين جي ڏينهن ۾ سنڌ جي
سري وارو ”مغولي“ پرڳڻو، جنهن ۾ بکر جو قلعو، سکر،
شڪارپور ويندي مديجيءَ تائين شهر ۽ ڳوٺ ڪابل قنڌار
جي ماتحت هئا. افغان نائب شڪارپور ۾ رهندو هو سن
1192 هه – 1778ع ۾ تيمور شاهه جي حڪم سان نواب
صديق بکر جي قلعي جي نئين سر تعمير ڪرائي. ڪنهن
شاعر هن واقع جي تاريخ هن طرح لکي آهي:
در زمان شاهه عالم دين پناه
خسرو عالم ز ماهي تابماهه
خاک جائش فخر اورنگ برين
اوج فرتش رتبهء تاج و کلاه
مي کند گلشن گياهه خشک را
لاله درشوره رويد از نگاه
شاهه تيمور آنکه با لطف خدائي
باد دائم برسرش ظل الله
ساخت از سربنده صديق خان
قلعه بهکر بحکم شاهه
چون بخواهي سال تاريخش صفا
گوبزيبد قلعه تيمور شاهه
1192 هه
تجارتي صنعتي حالت
18 صديءَ جي وچ ڌاري آدمشماري ۽ واپار پراڻن شهرن مان نڪري نون
شهرن ۾ گڏ ٿيڻ لڳا. شڪارپور، حيدرآباد، ڪراچي،
خيرپور، لاڙڪاڻو، مير پور خاص ۽ ٻيا شهر جڏهن
اسريا، تڏهن پراڻا شهر ڦٽندا ويا. انهن شهرن جي
بنياد، اُوسر ۽ واڌاري جي مغلن ۽ اوائلي ڪلهوڙن جي
وقت سان ڀيٽ ڪرڻ دلچسپي ٿيندي.
شڪارپور
شڪارپور جي بنياد کي اتر سنڌ جي ڪوري حڪمران دائود پوٽن 1026
هه– 1617ع ۾ وڌو. شهر جي لکي دروازه ٻاهران، حاجي
فقير دولا جي لڳل ڪتبي ۾ ”غوڪ“ لفظ ڏنل آهي. ابجد
موجب غوڪ لفظ جي تشريح آهي 1026 هه سندس
جاگرافيائي بيهڪ بولان لڪ جي ڏکڻ ۾ آهي، ان ڪري
افغانستان ۽ قلات کان آمدرفت سولي هئي ۽ ٿوري ئي
وقت ۾ خراسان ۽ وچ ايشيا سان خشڪيءَ رستي واپار جو
وڏو مرڪز بنجي ويو ۽ شڪارپور جي سيٺين جون هنڍيون
اُسترا خان کان ڪلڪتي تائين هلڻ لڳيون[6].
هڪ زرخيز علائقي جي وچ ۾ هئڻ اتر سنڌ ۾ هن عرصي جي
پوئين دور ۾ وڏو واپاري مرڪز بنجي پيو هو. سنڌ جي
ٻين شهرن وانگر، هن شهر جي اهميت ڪو سندس صنعت ۽
مال تيار ڪرڻ ڪري ڪا نه وڌي، پر هي شهر مشهور
انهيءَ ڪري ٿيو، جو شڪارپور جي صرافن جي بئنڪن جي
ڏيتي ليتي سموري برصغير کان وٺي وچ ايشيا جي
ڪئسپيئن سمنڊ تائين هلندي هئي. شهر جو واپار ڪو
ايترو گهڻو نه هو، پر هتي جي صرافن جا گماشتا
هيٺين شهرن ۾ رهندا هئا: مسقط، بندر عباس، ڪرمان،
يزد، مشهد، اُسترا خان، بخارا، سمرقند، يار قند،
ڪندوز، خولم، سبزاور، انڌار، غزني، ڪابل، پشاور،
ديرو اسماعيل خان، لهيا، ملتان، امرتسر، لاهور،
بهاولپورا، جيسلمير، بيڪانير، پالي، ڪوڪن، بمبئي،
حيدرآباد دکن، ڪلڪتو، مرزاپور، سلر، حيدرآباد سنڌ،
ڪراچي، مانڊوي، قلات[7].
توهان ڏٺو ته صرافن جا گماشتا وچ ايشيا کان وٺي
اڀرندي ۾ هگلي ۽ ڏکڻ ۾ دکن تائين، وڏي واپار لاءِ
اهي موڙيون مهيا ڪندا هئا. تقسيم هند تائين
شڪارپور جا صراف هندوستان جي مشهور بئنڪرن ۾ شمار
ٿيندا هئا. 19 صديءَ جي اوائل ۾ انگريزن جي اچڻ
وقت، جيتوڻيڪ شڪارپور جي پسگردائيءَ ۾ ڪيترا اهڙا
شهر هئا. جهڙوڪ: اروڙ، روهڙي، سکر، لکي وغيره تن
کان هي شهر وڌيڪ سکيو هو[8].
شڪارپور جي آسودگي 1715ع کان شروع ٿي، جڏهن قنڌار
جي افغان حاڪمن هندن کي حفاظت جو يقين ڏياريو ۽
انجام ڪيائون ته، جيڪڏهن هو پنهنجي واپار کي ترقي
ڏيندا ۽ رڌل رهندا ته هنن تي آئيندي ڪنهن به قسم
جو ظلم نه ٿيندو. ايتري تسڪين هوندي به شڪارپور جو
شهر ٺٽي، نصرپور يا سيوهڻ جي بلندين کي ڪين پهتو،
توڙي جڏهن شهر جي آبادي انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ
وقت 22000 هئي[9].
لاڙڪاڻو
باغات ڪري سنڌ جو ”باغ عدن“ ڪوٺبو هو. چوڻي آهي ”هجيئي ناڻو ته
گهم لاڙڪاڻو“. ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ هي شهر فوجي
ڇانوڻي هئڻ ڪري، سنڌ جو وڏو شهر هو. ميان نور محمد
قلعو اڏائي مٿس توبون رکايون هيون ۽ شاهه بهارا
هتي جو نائب هو. ميل پرڳڻي جي زرخيز هنڌ ۽ وچ تي
ٻڌل هو، اناج جي سري ۾ وڏي منڊي هئي. 1831ع ۾
اليگزينڊر پرنس جو بيان موجب شهر جي آبادي . . .
.“ 12 هئي[10].
سيوهڻ
بکر وانگر آڳاٽي زماني کان سيوهڻ سنڌ جي بچاءُ لاءِ هڪ دروازي
جو ڪم ڏيندو رهيو آهي. اهڙي فوجي اهميت ڪري اسلام
کان اڳ اسڪندر يوناني قلعو اڏايو هو. محمد بن قاسم
جڏهن ديبل فتح ڪيو ته ان جو توجه يڪدم سيوهڻ ڏانهن
ڇڪيو. سومرن لاڙ کي وسايو مگر سمن سيوهڻ کي پنهنجي
قبضي ۾ رکيو. ٺتي فتح ڪرڻ کان اڳ شاهه بيگ ارغون
سيوهڻ ۽ بکر جا قلعا فتح ڪيا. معزول شهنشاهه
همايون به هن قلعي کي هٿ ڪرڻ لاءِ پنهنجي فوج
مارائي هئي. عبدالرحيم خان خانان هنڌ فتح ڪرڻ لاءِ
سيوهڻ جو رخ رکيو هو. مغلن جي پوين ڏينهن ۾ ميان
يار محمد ڪلهوڙي خداآباد جو نئون شهر دادو جي
ڀرسان آباد ڪيو، جنهن سيوهڻ جي شهرت کي ڌڪ هنيو.
ويتر ڪلهوڙن مهراڻ جي ڪپ تي محمد آباد، الله آباد
۽ خدا آباد هالن واري تعمير ڪيا ته سيوهڻ جي اهميت
گهٽجڻ لڳي. انگريزن جي راڄ بعد سيوهڻ هڪ ننڍي ڳوٺ
جي شڪل ورتي. ڊبليو – ڊبليو هنٽر جي گزيٽئر موجب
1872ع ۾ سيوهڻ جي آدمشماري 4249 هئي. جي – ڊبليو
سمٿ جي گزيٽئر مطابق 1911ع ۾ شهر جي آدمشماري 4789
هئي. مغليه دور ۾ سيوهڻ باغات ۾ ميوات ڪري مشهور
هو. 1635ع ايسٽ انڊيا ڪمپني سنڌ سان واپار شروع
ڪيو، سيوهڻ ڪڻڪ، نير ۽ ڪپڙي ڪري مشهور ۽ سيد عثمان
مروندي لعل شهباز قلندر رح جي زيارتگاهه ڪري هن
شهر جو نالو قائم آهي.
حيدرآباد
ڪلهوڙن تاجدارن مان ميان غلام شاهه خان 1768ع ۾ حيدرآباد جو شهر
ٻڌايو هو. ان وقت تائين، ٺٽي جو سمورو شان ۽ اهميت
ختم ٿي وئي هئي. ۽ ان جي جاءِ وري حيدرآباد ورتي.
حيدرآباد کي سنڌ جو تختگاه بنايو ويو، ۽ ڪلهوڙن
کان پوءِ ٽالپرن جي حڪومت جو صدر مقام به حيدرآباد
ئي رهيو، پر تڏهن به حيدرآباد کي ٺٽي جهڙو اوج
ڪنهن به وقت حاصل ٿي نه سگهيو. هي شهر گنجي ٽڪر تي
بيٺل آهي، آس پاس زرخيز زمينون هئس. هڪ پاسي ٽن
ميلن تي دريا هوس ته ٻئي پاسي ۾ مدامي وهندڙ ڦليلي
هئس. ان ڪري جلد ئي صوبي جو مکيه شهر بنجي ويو. پر
سندس اهميت ٺٽي، لاهري بندر ۽ شڪارپور جي برعڪس
فقط مقامي هئي. هتان مکيه صوبائي رستا ڦٽي ٿي نڪتا
۽ ان ڪري صوبي جي مکيه واپاري مرڪزن مان هو. هتي
هٿيارن جا ڪارخانا هئا.
ڪراچي
سنڌ جو لاهري بندر ان وقت سڄو واريءَ ڪري لٽجي سڪي ويو هو. ميان
غلام شاه خان شاهبندر مهراڻ جي ڇوڙ تعمير ڪرايو
هو. ڪراچي به جهونو بندر آهي، جو سڪندر يوناني جي
هتي پهچڻ وقت ڪڪرالا علائقي ۾ هئڻ سبب ”ڪروڪلا“
سڏبو هو. هندن جي ڏند ڪٿائن مطابق سري رامچندر
بنواس ٿيڻ واري زماني ۾ هت رهيو هو ۽ سندس اچڻ ڪري
مٿس ”رام باغ“ نالو پيو هو. ڪن جو چوڻ آهي ته
ڪراچي ”ڪلاچي“ لفظ مان نڪتل آهي، جو چيو وڃي ٿو ته
اتي پسگردائي ۾ مهاڻن جو هڪ ڳوٺڙو هو. پهريان قلات
جي قبضي ۾ هو ۽ ”قلاتي بندر“ ڪوٺبو هو. حب ندي جي
الهندي ڪپ ڇوڙ واري هنڌ جي ”ڪرڪ“ بندر جي سڪي وڃڻ
ڪري، هندو سيٺ ڀوڄومل هتي اچي رهيو ۽ جهوپڙين جي
ميڙ کي ڪچي ديوار ڏياريائين، جنهن کي ٻه دروازا:
(1) مٺو در (2) کارو در. اهي نالا اڄ به سڏجڻ ۾
اچن ٿا. پوسٽن جي بيان موجب ڪراچي جي آدمشماري فقط
8000 اٺ هزار هئي[11].
سيٺ ڀوڄومل جي پٽ سيٺ درياني مل جي نياڻي ديوان
واڌومل حيدرآبادي جي پٽ بهارمل جي گهر ۾ هئي.
ديوان واڌومل ميان غلام شاهه جي ڏينهن ۾ وڏي عهدي
تي هو، تنهن کي ٽالپرن قيد ڪيو، جنهن تي ڪراچيءَ
جي سيٺين ڪي رعايتون ٽالپرن کان وٺي قلعي جون
چاٻيون 1795ع ۾ ميرن کي حوالي ڪيون ۽ قلات جو نائب
ڪراچي ڇڏي ويو. ميرن منهوڙي جي ٽڪريءَ تي ڪچو
قلعو اڏائي مٿي توبون رکايون[12].
شهر جا اڌ رهاڪو هندو باقي بلوچ، جوکيا، جت ۽
مهاڻا هئا. ڪراچيءَ کي پنهنجي صنعت ڪا نه هئي، پر
ان هوندي به ڪڇ، ڪاٺياواڙ، بمبئي، ملبار جي بندرن،
بندر عباس ۽ زنگبار سان سندس ڪافي واپار هلندو هو.
هتي جي ڪيترن هندو واپارين جا گماشتا ۽ ڪوٺيون
شڪارپور، بهاولپور، ملتان، مانڊوي، بمبئي، مسقط،
بحرين، هرات، قنڌار ۽ ڪابل ۾ هيون[13].
اهي سنڌ جا نوان شهر جي مغلن ۽ ڪلهوڙن جي اوائلي
دور ۾ هئا، سي پراڻن شهرن جي مقابلي ۾ نه وڌيڪ
سکيا، نه وڌيڪ آباد ۽ وسيل نه وري واپار جا مرڪز
هئا.
سکر سونهارو تجارت ۽ صنعت
سکر سونهارو، سنڌ جي پراڻن شهرن مان هو. پکيڙ ۽ آدمشماريءَ ۾
ٺٽي جي مٽ ڪو نه هو، پر هن کي ڊگهي حياتي حاصل ٿي
هئي ۽ سندس پاڙون صنعت ۽ واپار جي لحاظ ڪري نهايت
پختيون هيون. سندس اتر ۽ ڏکڻ کان مٺو مهراڻ وهي ٿو
۽ شهر جي اتر – الهندي ۽ ڏکڻ ۾ سونهري ٽڪرين جون
قطارون، سرسبز کيتيون، باغ ۽ نخلستان جي ڪري قدرت
جي صناعي هٿن ڪري صاف، سٺو ۽ وڻندڙ شهر آهي، جو
شيراز جي مصلي و آب رڪناباد جون سڪون لاهي ٿو. اهو
ئي سبب آهي، جو جن بزرگن هن شهر کي وسايو، سي هن
شهر جي خاڪ پاڪ ۾ ابدي ننڊ ۾ آهن. بقول حافظ رحه:
نمي دهند اجازت مرابه، سير و سفر
نسيمِ باد مصلي و آب رڪناباد
مٺي مهراڻ جي ناز خرامي، آثار قديمه ۽ باغن ۽ ميون جي ڪري، هتي
جي فرخ بخش ۽ گلريز زمين، عراق، فارس، بغداد،
تبريز ۽ فرات ۽ دجله کان وڌيڪ دلاويزيءَ جو سامان
مهيا ڪري ٿو ۽ سندس گُل افشاني جو انداز دلين کي
موهيو ڇڏي. اها حقيقت آهي ته شڪارپور، لاڙڪاڻو
توڙي حيدرآباد آدمشماريءَ جي لحاظ کان سکر کان وڏا
شهر هئا، مگر قطعي گندا هئا. سکر پنهنجن قدرتي
جلوه گرين جي ڪري پاڪ ۽ صاف هو. مثلاً: حيدرآباد
نئون تختگاه شهر هو، پر ڏاڍو سوڙهو ۽ گندو شهر هو.
هتي جي بازار هڪ ميل ڊگهي ۽ بڇڙي طرح اڏيل هئي،
منجهس وڪري لاءِ مال ۽ اسباب ڪافي رکيل هو. ڪرنل
ڪيٿ ينگ ان لاءِ هيئن لکيو آهي:
”ڪهڙي نه بڇڙي جڳهه آهي هيءَ حيدرآباد؟ مون اهڙو بڇڙو ۽ گندو
بدبودار شهر، ڪو ورلي ڏٺو آهي، مون کي ماڻهن جي
بيمار ٿيڻ ۽ شهر کي ڌڪارڻ تي ڪو تعجب نه ٿيندو
آهي“[14].
شڪار پور عيسوي 17 صديءَ جي شروعات ۾ وجود ۾ آيو. پرپوسٽن جو
ڪتاب، جو 1843ع ۾ شايع ٿيو، تڏهن شهر کي ”گندي ۽
ڦٽل حالت ۾ ڏٺائين“[15].
ڪراچيءَ متعلق ڪرنل ڪيٿ ينگ ڏسي چوي ٿو ته:
”ڪراچيءَ ۾ ايترو ڪجهه ڪين هو جو رڳو مڪڙ ڪانيرن ڪرڻي لاءِ ترسي
پون ڪراچي ڏاڍي نامراد جڳهه آهي.“
ڪراچي جي پسگردائي واري خشڪ ۽ سڃي ملڪ کي ڏسي، ڪرنل ڪيٿ ينگ کي
ڪراچيءَ جو نظارو سر والٽر اسڪاٽ جي زماني جي
اسڪاٽالنڊ جا مٿانهان پٽ اچي ياد پيا، سو مزاحيه
انداز ۾ هڪڙي شاعر جي نظم مان هي ٽڪرو چونڊي چوي
ٿو:
”جيسين نظر پهتي ٿي، اوستائين ڪو ٽڻ به ڪو نه هو، زمين جهنگلي ۽
ڌڪاريل گاه (ٿوهر) سان ڍڪيل هئي ۽ واٽ ويندڙ پکين
کان سواءِ پکي پکڻ به ڪو نه ٿي اڏاڻو، ماکيءَ جي
مکين جي ڀون ڀون نه هئي، ڪنهن ڪبوتر به ڪوڪو ڪا نه
ٿي ڪئي، عنبر جهڙي لسي ۽ عنبر جهڙي صاف ڪا نهر ڪا
نه ٿي وهي، نڪو ڪو ان جو آواز ئي ٻڌڻ ۾ ٿي آيو“[16].
سکر پنهنجي موقع ۽ محل ڪري هميشه کان ترقي ڪندو رهيو. انهيءَ
موقع ۽ محل ڪري ڌارين ملڪن جو مال سکر پهچي پوءِ
هتان ويندو هو. خصوصاً اتر هندستان جي مال جو
نيڪال سکر کان ٿيندو هو. سکر ۾ مڇيءَ جو مقدار
ايترو گهڻو هو جو مقامي کاپي کان پوءِ به سڪائي،
لوڻي، دونهاٽي ٻين ملڪن ڏانهن برآمد ڪيو ويندو هو.
ڊيوريٽ باربوسا 1516ع ۾ سنڌ جي عاليشان مڇي جي
صنعت ۽ اتر هندستان ۽ ٻين ملڪن سان هلندڙ بر آمدي
واپار جو ذڪر ڪيو آهي. اڄ به مڇيءَ جو وڏو حصو
پنجاب ڇڪي ٿو. سکر جي مهاڻن وٽ مڇيءَ جي شڪار ڪرڻ
لاءِ سندون موجود آهن:
سنڌ جي سري ۾ سکر کان سواءِ ٻيو ڪو موزون شهر ڪو نه هو. چنانچه
لاهور، ڪشمير، صوبه سرحد، ديرجات، قنڌار، بيڪانير،
جيسلمير ۽ ملتان جو مال مهراڻ وسيلي سنڌ جي ڊيلٽا
وارن بندرن کان ٻاهر ويندو هو. مٿي نڪولس وٿنگٽن
جو بيان پڙهي چڪا آهيو، جو جهانگير جي ڏينهن ۾ هن
گجرات ڏانهن ويندڙ مال سان ڀريل جهاز گجرات ڏانهن
سکر کان ويندي ڏٺا هئا. مهراڻ جي مال آڻڻ ۽ نيڻ
لاءِ سکر ۾ جهازسازيءَ جو ڪارخانو هو ۽ هتي مهاڻن
جي بستي هئي، جيڪي مڇي ۽ پلن جو شڪار ڪندا هئا. هڪ
روايت موجب سمنڊ جا پلا سکر جي خواجه خضر واري ٻيٽ
تائين زيارت ڪرڻ ايندا هئا. ٻيڙين جو ڪاٺ ڪشمير
کان براه جهلم سکر پهچندو هو. اڄ به مياڻي ۾ ڪاٺ
جون مڏيون ۽ ٻيڙيون جڙن ٿيون. اهو سکر جو موقع ۽
محل هو، جو انگريزن هن جي اهميت کي معلوم ڪري، ضلع
جو صدر مقام جوڙيو هو. هندستان جي مختلف صوبن جا
رستا سکر واري رستي سان گڏبا هئا. سامونڊي واپار ۾
جيسين عام سهولتون پيدا ڪو نه ٿيون هيون، تيسين وچ
ايشيا ۽ خراسان جون مختلف جنسون قافلن ذريعي سکر
پهچنديون هيون ۽ هتان ٻيڙين وسيلي ڊيلٽا جي بندرن
تان ڏيساورن ڏانهن بر آمد ٿينديون هيون. سنڌ جا
بندر اورنگا بندر، شاهبندر، پستا ۽ علي بندر ۽
ڪراچي، ملبار، بمبئي، سورت، مانڊوي، مسقط، هرمز
بحرين ۽ زنگبار ڏانهن مال روانو ڪندا هئا. انهيءَ
طرح سکر کان قافلا ڀرجي هندستان جو مال خشڪيءَ جي
رستن کان استنبول، مصر ۽ يورپ ڏانهن ويندو هو.
امير تيمور سمرقند کان تبريز تائين واپاري رستو
تعمير ڪرايو هو. هن شاهراه جي هر هڪ منزل تي
مسافرن جي سهولت لاءِ سرائون تعمير ڪرايون هيون،
جتي پاڻي ۽ گاه جو جوڳو انتظام ڪيل هو. ڪلهوڙا
حڪمران زراعت پيشه هئا، هنن زراعت کي ترقي ڏيارڻ
لاءِ نوان واهه کوٽايا هئا. سکر جي آس پاس واريون
زمينون نهايت زرخيز هيون، چوپايه مال جي جهجهائي
هئي. سکر تيل ۽ گيهه جي سري ۾ مارڪيٽ هئي. گيهه
ايتري انداز ۾ ٿيندو هو، جو ملڪي ضرورتن کان وڌيڪ
هئڻ ڪري، مهراڻ وسيلي ٺٽي پهڇندو هو، اتان مسقط ۽
هندستان جي شهرن ڏانهن ويندو هو. مڇيون، ميوو،
گيهه، چانور، ڪڻڪ ڀاڄيون ۽ ٻيون کائڻ پيئڻ جون
شيون سستيون هيون، سستائي جو زمانو هو، هندستان
جون شيون به هتي وڪامنديون هيون. في ڪڪڙ قيمت ٽڪو،
في رڍ جي قيمت هڪ روپيو ۽ في مڻ ڪڻڪ جي قيمت ڏهه
آنا هئي. سکر، بکر ۽ روهڙيءَ جي باغن جي وڻن هيٺان
آن جا ڍير لڳل هئا، خواتين به واندڪائيءَ ۾ گڏجي
چرخن تي سٽ ڪتي، ڪورين کان ڪٽنب جي ڀاتين لاءِ
ڪپڙو تيار ڪرائينديون هيون. اُتر سنڌ ۾ سکر، روهڙي
۽ لکي ڪپڙي اُڻڻ جا مرڪز هئا. سنڌ ۾ سکر جو چمڙو ۽
تراريون به مشهور هيون. ڪلهوڙن کي سنڌ مان اَسي لک
روپيا اُپت هئي، ملڪ ۾ پئسو ٿورو هو ۽ روپيه جي
قيمت چوٽ چڙهيل هئي. انگريز واپاري لکن ٿا ته سنڌ
جي ڪنهن به وڏي شهر ۾ هڪ سؤ روپيا روڪ هٿ ڪرڻ لاءِ
گماشتا شهر جي بازارين جي هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ
تائين ڊڪ ڊوڙ ڪندا هئا. وليم فنچ 1608ع – 1611ع ۾
سنڌ ۾ آيو، چوي ٿو ته: ٺٽو، روهڙي ۽ سکر جو واپار
پنجاب جي وڏن شهرن سان هلي ٿو، هتي آفيم جا وڏا
ذخيرا هئا. اورنگزيب جي مرڻ 1707ع ۾ مٿيون واپار
پنجاب سان جاري رهيو، پر 18 صدي جي اڌ کي ڏسجي ٿو
ته واپار جا آثار چڱا نظر اچن ڪين ٿا اچن[17].
ميان غلام شاهه ۽ سندس ڀائرن جي پاڻ ۾ خانه جنگي،
ميان عبدالنبي جي ٽالپرن سان خصومت ۽ مدد خان پٺاڻ
جي ڦرلٽ ڪري سمورو صوبو وڳوڙن ۽ مونجهاري ۾ هو،
سنڌ جي واپار ۾ مقامي صنعتن ۾ رفته رفته زوال اچڻ
لڳو. 1764ع ۾ سنڌ جي واپار تي هڪ عام جمود ڇانيل هو، غير يقيني حالتن جي ڪري وڏن شهرن مان
تاجر ۽ ڪاريگر لڏي ويا. ٺٽي ۽ سکر درميان هلندڙ ڳچ
جيترو واپار، محصول اڳاڙيندڙن جي ڪڪ ڪندڙن چٽين ۽
اجائي دير مدار ڪري ڪراچي ڏانهن منتقل ٿي ويو.
ٽالپرن جي دور ۾ حالتون وڌيڪ خراب ٿي ويون[18].
گهرو لڙاين ۽ ٻاهرين ڪاهن جي ڪري معاشي آسودگيءَ ۾ زوال جا آثار
نظر اچڻ لڳا. صنعتون ڦٽڻ لڳيون، واپار گهٽجي ويو،
پراڻا شهر ويران ٿيندا ويا، انهن جي جاين تي
شڪارپور، ڪراچي، حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي جهڙا شهر
اُسريا، پر انهن کي ٺٽي، نصرپور، سيوهڻ ۽ سکر جهڙو
اوج نصيب نه ٿيو.
عوامي زندگي
ضرورت آهي ته هن مضمون ۾ عوامي زندگي جي هڪ جهلڪ ڏيکارجي، تا ته
خبر پئجي وڃي ته عوام جي زندگيءَ جو اسلوب ڪهڙو
هو. زماني قديم کان سمورا ڪم بادشاهن جي ذمي هئا ۽
غريبن ۽ حاجتمندن کي پنهنجي جود ۽ سخا سان مالا
مال ڪرڻ جو ڪم به سندن بلي هو. ظاهر آهي ته هڪڙو
شخص سڄي ملڪ جي حاجتن جو ڪفيل ٿي نه ٿو سگهي، مگر
سوال آهي ته اڄ اها ساڳي ڪيفيت آهي؟ ذاتي ۽ عوامي
ضرورتن جو قبلو به حڪومت کي ڄاتو وڃي ٿو. ادب ۽
شعر جي سرپرستي ڪري ته حڪومت، ثقافتي سرگرمين لاءِ
روپيا به حڪومت ڏي. ايتري شور ۽ غوغا هوندي به
اڄڪلهه جون حڪومتون، گذريل زماني جي بادشاهن جي
مقابلي ۾ ڏهين حصي جيترو به ڪري نه ٿيون سگهن. اڃا
اهو دور پري آهي، جڏهن عوام پنهنجن سرگرمين جو
ڪفيل پاڻ ٿيندو. جڏهن تعليم ۽ ثقافت ۽ ضرورتمندن
جي امداد لاءِ حڪومت اڳيان هٿ ٽنگڻ کي پاڻ لاءِ
ذات سمجهڻ لڳندو. اسلامي راڄ متعلق اهو واضح سمجهڻ گهرجي ته بادشاهه، ان جا جاگير دار ۽ امرا، صوبيدار ۽ ملڪ جا
رئيس ۽ ڪارڪن سمورا عوام جي شخصي ۽ اجتماعي ضرورتن
جي ڪفالت ۾ مصروف رهندا هئا. جتي به غريب ۽ افلاس
کي ڏسندا هئا، ته پنهنجن سمورن وسائلن کي انهن جي
تلافي ڪرڻ تي لڳائيندا هئا ۽ حتي الوسع ڪوشش ڪندا
هئا ته ملڪ جي خوشحالي ۽ فارغ البالي قائم رهي ۽
اهو پاڻ تي خدائي فرض سمجهندا هئا.
جنهن دور جو اسين ذڪر ڪريون ٿا، ان زماني جي اقتصاديات مطابق
عوام سادي زندگي بسر ڪندو هو ۽ پنهنجي ديني يا
معاشرتي ۽ رسمن تي پابند هو. ٻار جي ڄمڻ تي مسلمان
۽ هندو خوش ٿيندا هئا. مسلمان نو مولود جي ڪن ۾
ٻانگ ڏيندا هئا. بعد عقيقي ۽ ختنه جون رسمون غوغا
آرائي سان ادا ڪندا هئا. هندو پنڊت کي سڏائي جنم
پتري تيار ڪرائيندا هئا، وري جڏهن ٻار پنجن سالن
جو ٿيندو هو ته هن کي گروءَ جي حوالي ڪندا هئا ۽
مسلمان ٻارن کي آخوندن جي مڪتبن ۾ داخل ڪندا هئا.
وري جڏهن ٻار جوان ٿيندا هئا ته سندن شاديون
ڪرائيندا هئا. هندو توڙي مسلمان هر حالت ۾ ناٺين ۽
ننهن جي انتخاب جو ڪم بزرگن جي سپرد ڪندا هئا. اهي
پوري جاچ ڪرڻ کان پوءِ احتياط سان رشتا تجويز ڪندا
هئا. بعد ”منڱڻي“ ڪندا هئا ۽ شادي ڪرڻ کان پوءِ
ڪنوار کي ساهري گهر وڃڻو پوندو هو. فوتين جو ٽيجهو
۽ چهلم تي قرآن خواني ٿيندي هئي.
ائين معلوم ٿئي ٿو پويون رسمون هندن کان مسلمانن سکيون هونديون
ڇو ته اسلام جي ابتدائي دور ۾ هن رسم جو سراغ نه
ٿو ملي. مسلمان عيدالفطر، عيدالاضحيٰ، شب برات،
عاشوره محرم ملهائيندا هئا. هندو شو راتڙي، ڏياري،
دسهڙو، هولي، ۽ بسنت پئنچمي تي بعض رسمون تماشن
سان ملهائيندا هئا. ڏياري تي مسلمانن کي به
مٺايون ورهائيندا هئا ۽ هولي ڏينهن شراب پي بازارن
۾ مستيون ڪندا هئا. ڪپتان هئلمٽن عيسوي 17 صدي جي
پڇاڙيءَ ڌاري ٺٽي ۾ آيو هو. لکي ٿو ته، شهر ۾ ڏهن
هندن جي شمار ۾ هڪ مسلمان هو. اخلاق ۽ وضح جي حالت
اها ساڳي هئي جا اڄ کان سٺ سال اڳ عوام لاءِ طرهء
امتياز هو. اڄ ورلي ڪن ڳوٺن جي پوڙهن ۾ آڳاٽي
تهذيب جا اهڃاڻ نظر اچن ٿا، جيڪي ڳوٺ تهذيب حاضره
کان متاثر ڪو نه ٿيا آهن. اڄ معاشري جي اعتبار کان
بي شمار نوان عيب نظر اچن ٿا؛ ان جو سبب آهي جديد
ماحول جون پيچيدگيون. گذريل زماني ۾ عيب ۽ ثواب جو
تصور محدود رهيو. مثلاً: شراب ۽ عورت جا عيب علي
العلوم نهايت ناپسنديده سمجهبا هئا. بلاشبه بالائي
طبقو ان ۾ مستغرق هو؛ پر عوام اهڙين بدڪارين کان
بچيل هو ۽ بزرگن جي طور طريقي تي نهايت ايمانداري
سان قائم رهڻ، شرافت سمجهبي هئي. هر شخص پنهنجي
پيءُ ۽ ڏاڏي جي رستي تي هلندو هو. خاص طرح نمڪ
حلالي سڀ کان وڏي خوبي سمجهندا هئا. مثلاً بادشاه
سان امرا ۽ اميرن سان، سندن ملازم، مرشد سان سندس
مريد، زميندار سان هاري، سڀ کان وڏو محرڪ وفاداري
جو جذبو هو. جيڪو شخص نمڪ حلالي جي رستي جي
انحرافي ڪندو هو ان لاءِ ڌڪار هو ۽ سماج ۾ قطعي نا
مقبول ڳڻبو هو. دوستي جو رستو بيحد استوار هو.
جنهن کي هڪ دفعو دوست چوندا هئا، ان جي رفاقت ۽
خير خواهي جو دم مرڻ گهڙي تائين ڀريندا هئا.
مسلمانن ۾ زڪوات، صدقات ۽ خيرات ۽ هندن ۾ دان جو
درجو بلند هو. سيد پير، فقير عمدن لباسن ۾ گهوڙن
تي چڙهي خيراتون وٺندا هئا. خير خيرات ڪرڻ ۾ هر ڪو
سبقت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو.
پيرن، فقيرن، استادن، آخوندن ۽ قاضين توڙي وڏن مائٽن جي عزت ڪرڻ
فرض اولين تصور ڪندا هئا. وڏن اڳيان اٿڻ ۽ ويهڻ ۽
ڳالهائڻ وقت نهايت محتاط رهندا هئا ۽ ننڍا وڏن کي
نهايت احترام ۽ شائستگي سان گڏبا هئا. هر محلي ۾
مهمان خانو هو، بلڪ ڳوٺن ۾ ڪچهرين لاءِ منهن هئا.
زالن جو درجو مسلم معاشري ۾ نهايت معزز رهندو آيو.
اهڙو ثبوت لفظ ”حرم“ مان ظاهر آهي. مسلمانن جي
گهرن ۾ زالن کي مقام تقدس حاصل آهي. خواتين پرده ۾
رهنديون هيون ۽ نا محرمن سان کين ملڻ جي اجازت نه
هئي. حيا جي حفاظت ڪرڻ پرده ۾ به اصل مقصد هو.
شهري زالون برقعن ۾ ۽ ڳوٺاڻيون چادر اوڙهي پوءِ
ٻاهر نڪرنديون هيون. معزز ۽ اميراڻي گهرن جون
خواتين ڏولين ۽ محافن ۾ ٻاهر نڪرنديون هيون. نوڪر
۽ ملازم ساڻس گڏ هوندا هئا. تعليم ملڪ ۾ مذهبي فرض
جيترو درجو رکندڙ هئي. علمي ادارن ۾ غريب شاگردن
جي پوشاڪ ۽ طعام جو مفت انتظام هو. اهي مڪتب
مسجدون هيون. سکر ۾ جامع مسجدون هيون، جن ۾ شاگردن
کي فارسي ۽ عربي تعليم ملندي هئي. هندو به مسلمانن
سان گڏ پڙهندا هئا، ڇو ته فارسي سرڪاري زبان هئي.
ڪلهوڙن جي دور ۾ بعض مسلمان ڏاڙهين کي ڪترائڻ لڳا.
سکر ۾ ڪلهوڙن جي هڪ يادگار
سکر پراڻي ۾ سکر واهه جي منهن وٽ درياه جي ڪپ تي چند جهوپڙين جي
ميڙ ۾ هڪ چوني ۽ گچ سان ننڍي گنبذ سان عمارت آهي،
جنهن کي ”شاهه جو اوتارو“ چون ٿا. روايت آهي ته
انهيءَ گنبذدار عمارت ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح
ڪجهه وقت چلو ڪڍيو هو. شاهه ڀٽائي جو زمانو 1102
هه 1165 هه آهي.
ڪلهوڙن جي صاحبيءَ ۾ سکر جا علما ڪرام مير نجم الدين مير محمد
رفيع بکريءَ جو فرزند ۽ مخدوم محمد معين جو
ڀاڻيجو. مخدوم موصوف کان تعليم حاصل ڪيائين ۽ هن
جي زندگيءَ ۾ صاحب – درس ۽ فتويٰ بنجي ويو. سندس
شاگرد به بلند درجن تي پهتا. مثلاً ميان احمد ۽
ميان محمد ٻئي ٺٽي ۽ ان جي پسگردائي ۾ مفتي مڃيا
ويندا هئا. مير نجم الدين بکري عربيءَ ۾ گهڻائي
ڪتاب تضيف ڪيا هئا. منطق ۾ ”يڪروزي“ هڪ مشهور
رسالو هو. ”طوطي نامه“ کي نئين سر لکيائين، جنهن
جي عبارت نخشبيءَ جي عبارت کان زياده مٺي آهي.
شعر ۾ تخلص ”عزلت“ هوس 1160 هه ۾ هي بکر جي آسمان
جو روشن ستارو هميشه لاءِ غروب ٿي ويو.
سيد علي رضا
حضرت شيخ عبدالقادر گيلاني رح جي اولاد مان هو ۽ درويشانه زندگي
بسر ڪندو هو. جڏهن ٻاهر ويندو هو ته پاڻ گهوڙي تي
چڙهندو هو ۽ پٺيان اُٺ تي ڪتاب کڻندو هو. خادم
اڳيان جهنڊو لهرائيندا هلندا هئا ۽ اهڙي خدم ۽ هشم
سان سير ۽ سياحت ڪرڻ ۾ مشغول رهندا هئا. مگر سکر
جي خاڪ پاڪ جي صلاحيت ۽ شهر جي ٽڪرين جي طبعي
دلاويزي کيس اهڙو ڇڪي سوگهو ڪيو، جو وطن جوڙي
ويٺو. ميان نور محمد خان ڪلهوڙي هن درويش جي گذر
سفر لاءِ وظيفو مقرر ڪيو هو. سيد موصوف جي وفات
کان پوءِ سندس هڪڙو غلام مسند نشين ٿيو. سيد علي
رضا شعر و شاعري جو مذوق رکندڙ هو.
شيخ غلام علي بکري
شيخ غلام علي بن محمد باقر بن قاضي محمد حسين جو وطن اُچ شريف
هو پر رهندو سکر ۾ هو. ڪجهه وقت ٺٽي وڃي علمي ڪمال
حاصل ڪيائين ۽ اڪثر علمائن جي مجلسن ۾ رهندو هو.
قضا الاهي جنون جي عارضه ۾ مبتلا ٿي ويو ۽ انهيءَ
حال ۾ 1154 هه ۾ انتقال ڪيائين. ظاهري علم کان
سواءِ روحاني ذوق به خوب رکندو هو. اڪثر مثنوي
مولانا روم پڙهندو هو. مير قانع فرمائي ٿو ته،
چوندو هو ته بزرگن سهڻيون يادگارون ڇڏيون آهن.
اهڙو اشارو هڪڙيءَ مثنويءَ ڏانهن هو، جا پاڻ لکڻ
شروع ڪئي هئائين؛ پر جنون جي اثر ڪري مڪمل ٿي نه
سگهي. ان جو فقط هڪڙو شعر ”مقالات الشعراء“ ۾
منقول آهي:
”در خبري پي شدم خبردار
از خود شده باخدا شدم يار“[19]
مير محمد اڪرم
مير محمد اڪرم بکري، جنهن جو خاندان روهڙي منتقل ٿي ويو، فن –
طب ۾ ڪامل دستگاه رکندڙ هو، ۽ طبيب جي حيثيت ۾
ميان نور محمد جو ملازم هو ۽ ڪجهه وقت بکر جو ناظم
به رهيو هو. کيس چار پٽ هئا:
مير سراج الدين، مير تاج الدين، مير معين الدين ۽ مير نور الدين
– جيستائين جيئرو رهيو عزت ۽ فارغ البالي سان
زندگي بسر ڪيائين. عجيب اتفاق چئبو جو ڪنهن کي به
نرينو اولاد ڪو نه ٿيو. مير موصوف جو ڀاءُ محمد افضل ملتان ۾ رهندو هو ۽ پنهنجي ڀاءُ جي پسماندن کي روهڙي کان
ملتان ڏانهن وٺي ويو[20].
شيخ محمد رضا
ٺٽي جو باشندو هو پر ملازمت جي ڪري اهل ۽ عيال سميت سکر ۾ رهڻ
لڳو. اورنگزيب کان وٺي ويندي محمد شاه تائين بکر
سرڪار جي مختلف عهدن تي مامور هو ۽ مير محمد جليل
بلگرامي جو سنڌ ۾ وقائع نگاري ۽ اخبار نويسي جي
عهدي تي مقرر هو ۽ مير موصوف جڏهن هندستان ڏانهن
ويو، تڏهن پنهنجي گهري دوست محمد رضا کي پنهنجي
عهدي تي نائب مقرر ڪرائي ويو. نواب محمد اعظم جي
جهوڪ تي ڪاهه وقت ساڻس همراه هو[21].
جڏهن صوفي شاهه عنايت کي جهوڪ مان قيد ڪري ٺٽي وٺي آيا ۽ نواب
اعظم اڳيان سوالن ۽ جوابن جو سلسلو شروع ٿيو، تڏهن
شيخ محمد رضا، شاهه صاحب ڏانهن مخاطب ٿي هي شعر
پڙهيو:
”دوست بيدار شو عالم خواب است اين جا
حرف بيهوده مگو، پاي ثبات است اين جا.“
شيخ صاحب 1143 هه ۾ وفات ڪئي، ڪنهن مصرع تاريخ هن طرح چئي آهي:
”محمد رضا داده جان در جنان شد.“
مير محمد يعقوب
بکر جو رهاڪو ۽ پنهنجي وقت ۾ سکر جو نامي گرامي حڪيم ٿي گذريو
آهي.
نواب لطف علي خان بکري
ڪلهوڙا دور جي شاعرن مان محمد محسن بن نور محمد بن ابراهيم بن
محمد يعقوب جو پيشو خانداني ريشم فروشي هو، منجهان
ڪنهن به شخص کي شاعري سان مناسبت ڪا نه هئي، ليڪن
محسن هن خاندان مان گران مايه گوهر پيدا ٿيو، هن
اهڙي تربيت نواب لطف علي رضوي بکريءَ جي صحبت ۾
حاصل ڪئي هئي، جو نه فقط ڪلهوڙن جي صاحبي ۾ بلڪ
سموري سنڌ ۾ هن جهڙو ڪو ورلي شاعر پيدا ٿيو،
افسوس! جو هندستان جي تذڪره نويسن کي محسن ٺٽوي
متعلق ڪجهه به معلوم ٿي نه سگهيو، ڇاڪاڻ ته تمام
تذڪره هن جي بيان کان خالي آهن، افسوس! جو محسن جو
قدر هن جي بلند حيثيت جيترو ڪو نه ٿيو، ميان نور
محمد هن لاءِ 15 روپيا مستقل ماهوار وظيفو مقرر
ڪيو هو، محسن جي سمورن قصيدن ۾ ناقدر شناسي شڪوه
موجود آهي، سنڌ جي فارسي شاعرن ۾ محسن ٺٽوي، مير
قانع ٺٽوي، محمد پناه ”رجا“ سنڌ ۾ مشهور ٿي گذريا
آهن، شعر ۾ ”رجا“ جو مقام مير قانع کان بلند آهي،
ليڪن هو محسن کي پهچي نه ٿو سگهي، قانع جي اهميت ۽
عظمت هئي چئبي، جو هن سنڌ جي اڪابر عالمن، فاضلن،
دانشورن، درويشن، شاعرن اديبن ۽ هنرمندن جا تذڪره
لکي، اسان سنڌين تي عظيم احسان ڪيو آهي، مير علي
شير قانع ۽ محمد پناه ”رجا“ مير حيدر الدين ابو
تراب ڪامل جا شاگرد هئا، ۽ محسن جو استاد نواب لطف
علي رضوي بکري هو، جنهن جي تربيت ڪري، هو قادر
الڪلام شاعر بنجي ويو، سکر جي علمي ۽ ادبي معيار
لاءِ مٿيون بيان آئينه دار آهي، محسن 1163 هه –
1750ع 42 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي[22].
منشي عبدالرؤف بکري
ميرڪ محمد حسن احسن
سکر کي جن برگزيده خاندان وطن جوڙيو، تن جي علمي ڪارنامن ۽ فيض
عام ڪري هي شهر شيراز ۽ بغداد جون سڪون لاهڻ لڳو،
وقت جا حاڪم به قدردان هئا، ميرڪ محمد حسن احسن جي
علمي فضيلت جي افسانن کي خلوتين جي زباني ٻڌي ميان
نور محمد هن بزرگ عالم کي ٺٽي جو شيخ الاسلام مقرر
ڪيو ۽ هر وقت هن جي عزت افزائي ڪندو رهيو، پڻ وقت
جي شاعرن احسن صاحب جي حسن اخلاق جي تعريف ڪندي
قصيدا چيا آهن، هت نموني طور هڪڙي قصيده جو مطلع
اهل ذوق جي خدمت ۾ پيش ڪريون ٿا جيئن فزا عنبرريز
بنجي وڃي:
”گر بودبادِ صبا خلق تو در صحن چمن
گل کند از لب هر غنچه که احسن احسن“
مير مرتضيٰ رضوي
مير مرتضيٰ رضوي بن مير ڪمال الدين احمد رضوي، علم معقول و
منقول جي تحصيل کان سواءِ ٽيهن سالن جي عمر تائين
سپاهگري، شهسواري، ڪشتي گري، شمشير بازي ۽ تير
اندازي ۽ بهادريءَ جي مروجه فن ۾ ڪامل مهارت حاصل
ڪئي هئي ۽ علمي لحاظ سان هفت قلم لکڻ جو استاد هو،
عالمگيري درٻار ۾ پهچڻ لاءِ آرزومند هو، اورنگزيب
جي وفات جي خبر پيس ته شاهه عالم بهادر شاهه وٽ
دهلي پهتو ۽ پنهنجا ڪرتب ڏيکاري مورد الطاف ٿيو،
خوبصورتي ۾ يوسف ثاني هو، افسوس جو عين جواني ۾
سکر جو هي بهادر 1127 هه ۾ انتقال ڪري ويو، والد
جي تربيت ڪري کيس شاعريءَ جو شوق پيدا ڪيو ۽ سندس
ئي تجويز سان ”الهام“ تخلص اختيار ڪيو هئائين.
محمد اشرف بکري
سکر جو رهاڪو هو، سندس وڏا سلطان محمود بکري جي حڪومت ۾ چڱن
عهدن تي مامور هئا، محمد اشرف فڪر معاش ڪري
سرگردان هو، مير قانع هن کي محمد آباد ۾ ڏٺو هو،
جڏهن هن پنهنجي پريشان حالت جو نقشو احوال ڏيندي
هيٺين شعر ۾ پيش ڪيو هو:
”آن راکه بچاشت است ني شام
چه صبح وطن چه شام غربت“
مير اسد الله ساقي
مير اسد الله تخلص ”ساقي“ مير محمد معصوم بکري جو پوٽو هو ۽ وقت
جي حاذق حڪيم مير محمد يعقوب جي معيت ۾ ڪلهوڙن جي
درٻار مراد آباد ۾ پهتو ۽ هتي قانع جي ساڻس ملاقات
ٿي ۽ هن جو سجح چيائين ”اسد الله ساقي ڪوثر“ افسوس
جو هن معصومي نوابزاده جو اسان کي فقط هڪڙو شعر
مليو:
”مست گردم زيادهء کوثر
اسد الله ساقيم باشد“
مير جان محمد رضوي مير
مير جان محمد تخلص ”مير“ شاهه عنايت الله صوفي جهوڪ شريف جو
خليفو هو. صوفي اعظم جي خدمت ۾ پهچڻ کان پوءِ هڪ
ڊگهي مثنوي بطور ”ساقي نامه“ لکيائين، جنهن جا
گهڻا اشعار ”مقالات الشعرا“ ۾ منقول آهن. شاه
عنايت سان ملاقات جي ڪيفيت متعلق چند اشعار هن طرح
چيا اٿئين:
ز سر پا ساخته در پيش رفتم
جمالش ديدم و از خويش رفتم
دل و ديده همه محو لقايش
سر آشفته افگندم به پايش . . . الخ
مير ابو القاسم جا پوٽا ۽ ڏهٽا
مير ابو القاسم نمڪين ا پوٽا ۽ ڏهٽا، جيڪي 1181 هه تائين سکر ۾
رهندا هئا، تن جا نالا تحفته الڪرام ۾ ڏنل آهن:
مير محمد رحيم، ابو القاسم جو ڏهٽو ۽ پٽس محمد ڪريم – مير ابو
نصر نمڪين جو ڏهٽو، مير محمد اسلم نمڪين جو ڏهٽو،
مير محمد نعيم نمڪين جو ڏهٽو ۽ پٽس محمد صالح عرف
مير قلندر 1181 هه خاندان جو آخري يادگار هو.
[23]
(تذڪره امير خاني ص 61 – 62)
جادو ناٿ سرڪار: مغل شهنشاهت جو زوال، ج 1، ص
127، ڪلڪتو 1938ع.
ٿارنٽن: گزيٽئر، ج 1، ص 261، لنڊن 1844ع.
ڊاڪٽر
ايڇ – ٽي ڇٻلاڻي: سنڌ جي اقتصادي تاريخ.
مير علي شير قانع مقالات الشعرا ص 220.
نوٽ:
مير جان محمد شاه جو ”ديوان مير“ ۽ سندس پوٽي
جو ديوان ”ديوان عاشق“ سندس خاندان ۾ محفوظ
آهن. عبدالحسين شاهه موسوي ديوان بيدل 1961ع
|