سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: تاريخ سکر

باب؛ 3

صفحو ؛ 3

 

باب ٽيون

 

اسلامي فتوحات

 

ڏاهر جي هٺ ڌرميءَ ڪري، حجاج سنڌ تي ڪاهه ڪرائڻ لاءِ پڪو ارادو ڪيو. چنانچه سرانديپ جي راجا ڪي سوغاتون خليفي وليد ڏانهن روانيون ڪيون، انهن جهازن ۾ عرب سوداگرن جون بيوه زالون ۽ يتيم ٻار به سوار هئا. ديبل وٽ پهچڻ وقت بحري ڦورن مٿين جهازن کي لٽي، بيوه عورتن ۽ يتيمن کي ديبل جي قلعي ۾ قيد ڪيو. حجاج ان باري ۾ ڏاهر سان خط و ڪتابت ڪئي، پر ڏاهر ڪو معقول جواب نه ڏنو. حجاج دمشق درٻار کان اجازت وٺي، خرچ جو ذمو پاڻ تي کڻي، شيراز جي گورنر ”عماد الدين محمد بن قاسم“ کي، جو سندس سوءٽ نوجوان جرنيل هو تيار رهڻ لاءِ حڪم ڏنو. محمد بن قاسم جي عمر 17 سال هئي ۽ دمشق جي فوجي ڪاليج جو تعليم يافته شاگرد هو.

 

محمد بن قاسم جي سنڌ تي ڪاهه

حجاج پنهنجي سؤٽ کي روبرو گهرائي ضروري هدايتون ڏيئي 6 هزار شامي سوار فوج ۽ 6 هزار عراقي شتر، سوار لشڪر سئي سڳي سميت ڏيئي روانو ڪيو ۽ هڪڙو جهازن جو دستو جن تي کانڀاڻيون ( منجنيقون) هيون، سمنڊ رستي روانو ڪيائين. مڪران پهچڻ وقت محمد بن هارون به ساڻس پنجن سون جي فوجي دستي سان شريڪ ٿيو ۽ اسلامي لشڪر ارمائيل (لس ٻيلو) فتح ڪيو. هتي محمد بن هارون وفات ڪئي[1]. سال 711ع ڌاري اسلامي لشڪر ديبل تي گهيرو ڪيو. مجاهدن وڏي  کانڀاڻي سان مندر جي عظيم الشان گنبذ جنهن تي جهنڊو لڳل هو، ڪيرائي ڇڏيو، قلعي وارن آڻ مڃي. محمد بن قاسم قيدين کي آزاد ڪرايو. جن آڻ مڃي هٿيار ڦٽا ڪيا، تن کي آزاد ڪيو ويو، جن مقابلو ڪيو، تن کي گرفتار ڪيو ويو. محمد بن قاسم اڳتي وڌي  نيرن ڪوٽ ۽ سيوستان فتح ڪيا، اروڙ جي جنگ ۾ ڏاهر وڏي لشڪر سان شڪست کاڌي ۽ مارجي ويو. برهمڻ آباد فتح ڪرڻ کانپوءِ اروڙ تي گهيرو ڪيو ويو. شهر وارن تنگ ٿي امان گهري، محمد بن قاسم اڳتي وڌي ملتان فتح ڪيو. هتي  جي مندر جي تهخانن مان کيس بيشمار خزانو هٿ لڳو، جو سمنڊ رستي حجاج ڏانهن روانو ڪيو ويو. فتوحات سنڌ وقت مال غنيمت ۾13 ڪروڙ روپيا هٿ لڳا. عرب فاتح جيڪي شهر ديبل کان قنوج تائين فتح ڪيا، تن تي مسلمان حاڪم مقرر ڪيا ۽ منجهن مسجدون تعمير ڪرايون، هندن جي مندرن سان ڪا ڇيڙڇاڙ ڪونه ڪيائين، برهمڻن جي عهدن ۽ جاگيرن کي قائم رکي، انهن لاءِ وظيفا مقرر ڪيائين. برصغير ۾ سنڌ پهريون علائقو هو جو اسلامي تبليغ ڪري ”باب الاسلام“ بنجي پيو. ٽن سالن جي عرصي ۾ غازي محمد بن قاسم ڪشمير جي حد کان وٺي مالوه ۽ راجپوتانا تائين ملڪ فتح ڪيا. سکر اسلامي جهنڊي هيٺ اچي ويو ۽ اولياء الله جو مسڪن بنجي ويو. لوڪل بورڊ سکر جي دفتر جي اڀرندي طرف ٽڪري جي ٻنهي ڪنڊن تي ٻه ڊٺل تجرون آهن، جن متعلق روايت آهي ته مجاهدن جون قبرون آهن، جيڪي محمد بن قاسم جي لشڪر سان آيا هئا.

 

بني اميه دور

خلافت راشده جو دور 632ع کان شروع ٿي 35 هه مطابق 652ع تائين پورو ٿيو. ٻيو دور اسلامي سلطنت جو 41 هه کان مطابق 661ع شروع ٿي 127 مطابق 743ع تائين پورو ٿيو. 714ع وليد بن عبدالملڪ جي وفات کانپوءِ سليمان بن عبدالملڪ دمشق جي گاديءَ تي ويٺو. وليد پنهنجي پٽ کي وليعهد مقرر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي؛ جن سندس مدد ڪئي هئي، تن کي سليمان سخت سزائون ڏنيون جهڙوڪ: غازي محمد بن قاسم فاتح سنڌ کي واسط جي جيل خاني ۾ قيد ڪري کيس ايذاء ڏيئي مارايو. قتيبه بن مسلم فاتح ڪابل ۽ وچ ايشيا، موسيٰ بن نصير فاتح اندلس کي به تڪليفون پيش آيون. سليمان حڪم ڏنو ته جيڪي عرب سپاهي محمد بن قاسم جي لشڪر سان سنڌ ڏانهن ويا هئا، سي سنڌ ۾ رهن، بني اميه دور ۾ اسلامي تبليغ حضرت عمر بن عبدالعزيز رضه جي ڪوشش سان بيحد ترقي ڪئي. 107 هه  (725ع) ۾ جنيد سنڌ جو والي ٿي آيو جنهن مرمد مارواڙ، مانڊل (وير گام)، دهنج (پٽن) ۽ ڀڙوچ فتح ڪيا. جنيد کانپوءِ حڪم بن عوانه ڪلبي سنڌ جو والي مقرر ٿي آيو ساڻس محمد بن قاسم جو پٽ عمر گڏجي  جنهن ٻه نوان شهر منصوره ۽ محفوظه تعمير ڪرايا، جن مان منصوره صدين تائين سنڌ جو عربي تختگاه رهيو. حڪم کانپوءِ عمرو بن محمد قاسم سنڌ جو والي ٿي آيو. کانئس پوءِ  يزيد والي مقرر ٿيو، جنهن جي خلاف منصور بن جمهور باغي ٿي سنڌ تي قبضو ڪيو.

 

عباسي دور

 132 هه 749ع ڌاري عباسي دور شروع ٿيو ۽ سنڌ بغداد جي ماتحت ٿي ويئي. هن دور ۾ ساداتن ۽ عباسين جون پاڻ ۾ جنگيون شروع ٿيون، جن جو اثر سنڌ تي به پيو. جهڙوڪ: عمر بن حفص ساداتن جو حامي هو، جنهن ڪري شيعت جو سنڌ تي اثر پيو، جو پوءِ اڳتي هلي وڌي وڻ ٿي ويو. 752ع منصور عباسي جي ڏينهن ۾ سنڌ جي والي شام جازن سان گجرات ۽ ڀڙوچ تي ڪاهي يادگار لاءِ ڀڙوچ ۾ مسجد تعمير ڪرائي، 777ع ۾ مصبح بن عمر تغلبي جي ڏينهن ۾ سنڌ ۾ نزارين (حجازين) ۽ يمنين جا پاڻ ۾ فساد شروع ٿيا، جنهن ڪري سنڌ جي عربي حڪومت کي نقصان پهتو. 780ع ۾ ليث سنڌ جو والي ٿيو ۽ جاٽن فساد ڪيا. هارون الرشيد جي ڏينهن ۾ شيخ ابوتراب بکر جو فرشته قلعو تعمير ڪرايو ۽ يمني ۽ حجازين جا باهمي جهڳڙا زور پوندا ويا. 800ع ۾ دائود مهلبي سنڌ جي والي حجازين جو زور ڀڃي ڇڏيو. 221هه 835ع ۾  موسيٰ برمڪي سنڌ جو والي مقرر ٿيو، پٽس عمران ڪيڪانان جي جاٽن کي شڪست ڏني ۽ بيضا جو شهر تعمير ڪرائي، منجهس ڇانوڻي وڌي. موسيٰ کان پوءِ عمران برمڪي سنڌ جو والي ٿيو، جنهن ميد باغين کي شڪست ڏيئي قيدين کان سکر وٽ مهراڻ کي ”سڪته الميد“ بند ڏياريو، سنڌ ۾ هيءَ پهرين ”براج“ هئي.236هه-850ع ۾ عنبسه ابن اسحاق ديبل واري مندر جي هڪ حصي کي قيد خاني ۾ تبديل ڪيو، يمنين ۽ حجازين جو وري فساد کڙو ٿيو. عمران بن موسيٰ، حجازين  جو  امير، عمر بن عبدالعزيز هٿان مارجي ويو، 849ع ۾ هارون سنڌ مٿان والي مقرر ٿيو، هو يمنين ۽ حجازين ۾ توازن رکي نه سگهيو، جنهن ڪري عمر بن عبدالعزيز، هباريءَ هٿان قتل ٿي ويو. خليفي متوڪل عباسيءَ عمر بن عبدالعزيز جي درخواست تي سنڌ، هباري امير جي حوالي ڪئي.

 

سنڌ تي هبارين جي حڪومت

هن خاندان جو باني عمر بن عبدالعزيز هبارين اسود جي پيڙهيءَ مان هو، هباري گهڻي وقت کان منصوره جي ڀر واري ڳوٽ ”بانيه“ ۾ رهندا هئا ۽ سنڌي عربن ۾ سندن قبيلو ممتاز هو ۽ 854ع ۾ طاقت ۾ اچي سنڌ جا حاڪم بڻجي ويا، سنڌ نالي طور بغداد جي ماتحت هئي، عربن جي اندروني باهمي فسادن ۽ انتشار ڪري سنڌ جي هندو راجائن خود مختياري اختيار ڪئي هئي، جنهن ڪري عربن کي پنهنجي بچاءُ ڪاڻ منصوره، محفوظه ۽ بيضا جا نوان شهر تعمير ڪرڻا پيا. اڳ اروڙ تخت گاه هو پوءِ منصوره بني اميه جي پوئين دور ۾ عربن جو تخت گاه بڻجي ويو، هبارين جو تخت گاه به منصوره هو. 270هه-883ع ڌاري عمر کان پوءِ پٽس عبدالله منصوره جي گاديءَ تي ويٺو، پر 279هه 892ع ۾ عام بلوه ۾ بنو ڪنده جي غلام صمه سنڌ تي قبضو ڪيو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ عبدالله هباريءَ حالتن تي قبضو ڪري، پنهنجو موروثي ملڪ هٿ ڪيو. سکر ۽ بکر اروڙ سميت منصوره ۾ شامل هئا.

 

بنو منبه جي ملتان تي حڪومت

بنو منبه گهراڻي وارا عمان جي بنوسامه خاندان جي هڪ شاخ هئا، جي ملتان ۾ رهندا هئا، عربن جي بغاوتن مان فائدو وٺي 290هه ۾ ملتان ۾ پنهنجي خود مختاريءَ جو اعلان ڪيائون ۽ سنڌ ٻن رياستن ۾ ورهائجي ويئي: (1) منصوره جنهن جون حدون اروڙ کان وٺي سمنڊ تائين هيون. (2) ملتان جنهن جون حدون ملتان کان اروڙ تائين هيون. ٻئي فوجي لحاظ کان طاقتور هيون.

 

ملتان ۽ منصوره تي محمود غزنويءَ جو قبضو

شيعن جو هڪ فرقو اسماعيلي سڏ جي ٿو ۽ تاريخن ۾ قرمطي ۽ فاطمي نالن سان ڄاڻايل آهن. ان زماني ۾ اتر آفريڪا ۽ مصر ۾ فاطمين پنهنجي حڪومت قائم ڪئي. عباسي سلطنت پوڙهي ٿي چڪي هئي، ان مان فائدو وٺي فاطمين پاران داعي عباسين جي پر انهن صوبن ۾ پنهنجي مذهب جي تبليغ ڪرڻ لڳا ۽ پر ڳڻن کي انقلاب لاءِ تيار ڪرڻ لڳا. 270 هه – 999ع ۾ عبدالله المهدي فاطمي جي ڏينهن ۾ داعي هيشم سنڌ ۾ تبليغ ڪرڻ آيو هو. تنهن کانپوءِ داعي تبليغ ڪرڻ لاءِ ايندا رهيا. کين قاهره کان هدايتون ملنديون رهيون، آخر سر زمين سنڌ کي انقلاب لاءِ هموار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا. اسماعيلي امام العزيز باالله متوفي 386 هه جي ڏينهن ۾ ”جلم بن شيبان“، امام جي فوجي مدد سان 367 هه -997ع  ۾ بنوسامه قريشين کان ملتان کسي حڪومت ڪرڻ ۽ تبليغ ڪرڻ لڳو ۽ ڀر وارن هندو راجائن سان دوستي جا ناتا رکڻ لڳو. 375 هه شيخ حميد ملتان جي گاديءَ تي ويٺو ۽ فاطمي سڪو ۽ خطبو جاري ڪيائين. کانئس پوءِ شيخ نصر کانپوءِ شيخ دائود تخت نشين ٿيو، جنهن محمود غزنوي خلاف لاهور جي راجا جيپال کي مدد ڏني. انهيءَ ڏوهه ڪري 401 هه 1010ع ۾ سلطان محمود دائود کي گرفتار ڪري، ملتان تي قبضو ڪيو. اسماعيلي منصوره ڏانهن ڀڄي آباد ۽ شهر تي قبضو ڪيائون. 416 هه 1025ع ۾ محمود غزنوي سومناٿ فتح ڪري، موٽندي منصوره تي قبضو ڪيو ۽ سلطان جي جنرل عبدالرزاق سکر ۽ بکر جي قلعي تي قبضو ڪيو[2].

 

مهراڻ جو اروڙ کان رخ بدلائڻ

عربن جي پوين ڏينهن ۾ سندن ڪم طاقتي ڪري جن هندو رياستن سنڌ ۾ زور ورتو، تن مان اروڙ جي رياست وڏي هئي. راجا جو نالو دلو راءِ هو، جو  وڏو ظالم هو. هر رات ڪنهن نه ڪنهن دوشيزه سان هم بستري ڪندو هو ۽ اروڙ کان لنگهندڙ مال سان ڀريل جهازن کان مال جي قيمت جو اڌ حصو محصول طور اڳاڙيندو هو. برهمڻ آباد به سندس رياست اندر هو. هن جي ڏينهن ۾ مهراڻ اروڙ کان رخ بدلايو. ايلٽ هن واقع کي تاريخ طاهري کان نقل ڪيو آهي.

 

”هڪڙي دفعي هڪ خداپرست عرب سودا گر سيف الملوڪ مال ٻيڙيون ڀرائي، مهراڻ ذريعي ديبل ڏانهن وڃي رهيو هو، (ڪن هنڌن سودا گر جو نالو شاهه حسين سيف الملوڪ ڄاڻايل آهي) اروڙ جي بندر تي لنگرانداز ٿيڻ وقت، راجا جي اهلڪارن هن جي زال بديع الجمال جي حسن جي تعريف وڃي راجا سان ڪئي، جنهن حڪم ڏنو ته زوريءَ سندس زال کي رنگ محل اندر پهچايو وڃي. سودا گر مطلب سمجهي ٽن ڏينهن لاءِ مهلت گهري. انهيءَ وچ ۾ ڪثير دولت خرچ ڪري اروڙ کان ڪجهه فاصلي تي مهراڻ کي ڪاريگرن کان مضبوط پٿرن جو بند ڏياريائين، جنهن ڪري مهراڻ هاڻوڪو رخ روهڙي ۽ سکر کان اختيار ڪري، ٻن شاخن ۾ وهڻ لڳو“.[3]

هن واقعي ڪري اروڙ جو اوج مٽجي ويو.  انهيءَ ۾ شڪ ناهي جو دلو راءِ ظالم ۽ زاني هو، ڇو ته هو پنهنجي ڀاءُ ڇٽي آمراڻي جي زال تي به بري نظر رکندو هو، پر ٽن ڏينهن  ۾ مهراڻ تي بند ٻڌڻ مهال  اچي ٿو[4]، شايد زلزلي جي ڪري درياهه رخ بدلايو هوندو. والله اعلم بالصواب. مهراڻ جي اروڙ واري وهڪري جي نشان لاءِ اروڙ جي ويجهو هڪ وڏو پهڻ اڄ به موجود آهي، جنهن تي مير محمد معصوم جو نالو اڪريل آهي. مهراڻ جي اروڙ کان رخ بدلائڻ جي سال تي مؤرخن ۾ اختلاف نظر اچي ٿو. چنانچه ايڇ – ڪزنس 341 هه 952ع ڄاڻائي ٿو[5] مسٽر ايڇ – ريورٽي مهراڻ جي وهڪري بدلائڻ جو سال 335 هه – 946ع ڏيکاريو آهي[6] مسٽر اي- ايڇ ائٽڪن سنڌ گزيٽئر ۾ 1221ع سال لکيو آهي[7].

مسٽر جي- ايبٽ سال 992 هه ڏيکاريو آهي[8]. جنرل ڪننگهام ڊائريڪٽر آثار قديمه هندوستان جي قديم جا گرافي ۾ ڄاڻايو آهي، ته محمد بن قاسم جي ڪاهه کان اڳ راجا ڏاهر بن چچ جي حڪومت ۾ سال 680ع ۾ مهراڻ سکر ۽ روهڙي کان وهڻ لڳو هو، والله اعلم بالصواب.

 

سکر عربن جي ڏينهن ۾:

واپار

عربي دور ۾ سکر مشهور پتڻ هو. هندستان جي مال جا قافلا جيڪي خشڪيءَ رستي اڳ اروڙ مال نيڪال ڪندا هئا، سي اروڙ جي ويرانيءَ کانپوءِ سکر پهچڻ لڳا، ڇو ته روهڙي جو شهر اڃا آباد ڪونه ٿيو هو. المسعودي سکر کي ”شاڪرا“ ڄاڻايو آهي، جو ”ساگرا“ سنسڪرت لفظ جو مخفف آهي. سکر سرحدي شهر جي حيثيت ۾ وچ ايشيا جي ملڪن کي ويجهو هئڻ ڪري واپار ۾ ترقي ڪئي. اتر الهندي وارن ملڪن، خوزستان، فارس، بحيره خضر (ڪاسپين سمنڊ)، آرمينا، ڪاري سمنڊ ڏانهن ويندڙ قافلا بولان ۽ موله لڪن کان ايندا ويندا هئا. سکر عربي دور جي واپاري شهرن جهڙوڪ: ملتان، سيوستان، منصوره، نيرن ڪوٽ ۽ ديبل سان تجارتي لحاظ سان ڳنڍيل هو. بولان لڪ کان جيئن قافلا وچ ايشيا، خراسان ۽ ايران ڏانهن ويندا هئا ۽ واپسيءَ ۾ خر اسان جا تر ۽ خشڪ ميوه، ڪيمخواب، ڪلاباتون ويندي جار جيا جون ٻانهيون ۽ روسي ورلگا جو چمڙو ۽ غاليچا آڻيندا هئا، تهڙيءَ طرح موله لڪ کان قافلا جهالاوان جي شهر قصدار، مڪران جي شهر ڪيچ ۽ قتربون ويندي ڪرمان کان مال آڻيندا ۽ نيندا هئا. بشاري مقدسي پاڻ واپاري هو. ڄاڻائي ٿو ته، سنڌ جي شهرن ۾ هڪ هزار درهمن جي موڙيءَ سان هڪ هزار دينار فائدو پهچي ٿو. ديبل سنڌ جو مکيه بندر هو. سندس حيثيت اڄڪلهه جي ڪراچي جهڙي هئي. مهراڻ وسيلي ڪشمير، پنجاب، هندوستان جو مال ٻيڙين وسيلي ديبل پهچندو هو. ملتان جي عظيم الشان مندر ۾ روزانو ٻن اشرفين جي قيمت جون خوشبودار شيون ٻرنديون هيون. پروهتن کان عرب واپاري اهي شيون خريد ڪندا هئا[9]. ديبل تي چين جا جهاز لنگر انداز ٿيندا هئا ۽ ايراني نار جي بندرن تيز، سيراف، ابله ۽ بصره سان ڳنڍيل هو ۽ بصره جي کجور جي وڏي مارڪيٽ هئي. ديبل جو مال، ٻيڙين رستي سکر پهچندو هو ۽ وچ ايشيا جو قيمتي مال هن شهر کان ديبل پهچندو هو. سکر ڪڻڪ جي پيداوار ڪري مشهور هو، جا هتان ٻيڙين وسيلي لاڙ جي شهرن ڏانهن ويندي هئي. چنانچه ابن خرداز به متوفي 912ع ڄاڻايو آهي ته لاڙ مان بيد ۽ بانس سان ڀريل ٻيڙيون 4 ڏينهن ۾ سکر پهچن ٿيون ۽ هتان ڪڻڪ خريد ڪن ٿيون. سکر کي هر وقت ميدن جي ڪاهه کان خطرو رهي ٿو. ابن حوقل 977ع ڌاري ڄاڻايو آهي، ته ملتان کان وٺي سمنڊ تائين مهراڻ جي ڪپن تي جيڪي به شهر آهن، تن کي ميدن کان خطرو رهي ٿو [10].

 

سڪا ۽ شين جي سستائي

موئن جي دڙي مان سڪا هٿ لڳا آهن. اهڙي ثبوت ڪري تسليم ڪرڻو پوي ٿو، ته قديم زماني کان سنڌ ۾ سڪن جو رواج هو. ازانسواءِ شين جي ڏيتي ليتي جو به رواج هو. سنڌ ۾ هندي، يوناني، ايراني، باختري ۽ ٻين ڌارين ملڪن جا سڪا به چالو هئا. انهن سڪن مان ڪن جون تصويرون ڪئمبرج تاريخ هند جلد پهرين ۾ ڏنل آهن. آسوڪا اعظم جي سلطنت جون حدون هرات تائين هيون. کائنس اڳ ۽ سندس ڏينهن ۾ (483 ق م 563 ق-م) ”نشڪا“، سونا سڪا يا سونا زيور-”سوانا“ به سونو سڪو هو. ڪمسا، پادا ۽ ماشا، پتل ۽ ٽامي جا سڪا هئا. سڪن کان سواءِ ”سپيڪاني“ (ڪوڏين) جو رواج هو. عيسوي ويهين صدي کان ڏهه ورهيه پوءِ به سکر ۾ في پئسي 25 چونڪ ڪوڏيون چالو هيون. پالي زبان ۾ وياج کي ”وڌي“ چوندا هئا. اشڪاني ايراني ڪسرائن (486 ق-م-522 ق-م) جو زمانو دارا اعظم کان شروع ٿئي ٿو. سندس ڏينهن ۾ ٻن قسمن جو سڪو رائج هو (1) ”درميڪ“ سونو سڪو: (2) سگولي. دريڪ جو وزن انگريزي 130 گرين هو. سگولي چانديءَ جا چوڪنڊا سڪا وزن 86 گرين هو. ويهه سگوليون هڪ دريڪ ۾ پونديون هيون. اهي سڪا هندوستان کان وٺي ايشيا ڪو چڪ  تائين رائج هئا.

ساساني سڪا ٽن قسمن جا هئا: (1) بغلي، (2) طبري، (3) مغربي[11]، سنڌ ۾ رائج هئا. عربي دور ۾ پهريان خليفته المسلمين حضرت عمر الفاروق اعظم رضه سڪا رائج ڪرايا هئا، جن جي هڪڙي پاسي کان ”لا اله الا اله وحده“ ٻئي پاسي ”محمد رسول الله“ عبارتون لکيل هيون، انهن سڪن جو وزن بغلي ۽ طبري سڪن جيترو ۽ ڏهن درهمن جو وزن 6 مشقالن جيترو هو ۽ درهم جي قيمت بغلي ۽ طبري جي گڏيل قيمت جي اڌ جيتري هئي. بني اميه تاجدارن عبد الملڪ بن مروان دينار ۽ درهم رائج ڪرايا هئا. عرب جڏهن سنڌ ۾ پهتا ته بيان ڪيل غير اسلامي سڪن کانسواءِ به هندي سڪا رائج هئا، طاطري سوماترا جو سڪو هو. ٻيو گجرات جي هندو راجائن جا روپيا بالوترا چالو هئا. بني دور ۾ چئن قسمن جا سڪا رائج ٿيا: (1) حجاجيه، جيڪي حجاج بن يوسف ضرب ڪرايا هئا، (2) هبيره، جيڪي ابن هبيره راج ڪرايا هئا، (3) قسريه، جيڪي خالد قسريءَ رائج ڪيا هئا، (4) يوسفيه، جيڪي يوسف بن عمر  ضرب ڪرايا هئا[12]. بصره ۽ بلخ ۾ ضربخانا هئا، پويان ٻه پهرين ٻن کان کرا هئا. عباسي دور جي دينارن ۽ درهمن جو سون ۽ چاندي خالص هئا، في دينار جي قيمت هاڻوڪن پنجن روپين جيتري هئي ۽ درهم جي قيمت چار آنا هئي. عربي دور ۾ دينارن جو واپار هلندو رهيو؛ ڇو ته في سنڌ جو دينار هندوستان جي شهرن ۾ اتي جي ٽن اشرفين ۾ وڪامندو هو. سليمان تاجر سنڌ جا دينار بنگال جي اپسمنڊ تائين وڪامندو ڏٺا هئا[13]. ڪي عربي سنڌ جا سڪا جوڌپور جي عجائب گهر ۾ موجود هئا[14]. ايڇ-ڪزنس صاحب کي برهمڻ آباد جي کنڊرن مان ڪي سڪا منصوره جا هٿ لڳا هئا.

سستائي هئڻ ڪري ماڻهو فارغ البال هئا، جن عرب سياحن سنڌ کي ڏٺو سي سستائي جي تعريف ڪن ٿا. گوشت، ڪڻڪ، ڀاڄيون ۽ زندگيءَ جي ضروريات جي شين ۽ ميوات جي شهرن ۾ سستائي هئي. اٽو في درهم ٽيهه مڻ، غانيذ (کجور جو حلوه) في درهم ٽي مڻ منصوره، الور، بکر، ملتان ۽ ڪيزڪانان باغات ڪري مشهور هئا. ديبل ته سڄي هندوستان اندر اناج جي وڏي مارڪيٽ هئي[15]. بشاري ته ايترو لکيو آهي ته فارغ البالي ڪري ماڻهو آرام سان زندگي بسر ڪن ٿا[16]. اهو به ياد رکڻ گهرجي ته عربي مڻ جو وزن گهڻو گهٽ هو.

مذهبي حالت

اسلامي فتوحات ڪري سنڌ جي شهرن ۾ مسجدون تعمير ٿيون. عرب فاتحن هندن جي مندرن جو احترام ڪري، پنهنجي رواداري جي ثبوت لاءِ هندن کي اهل – ڪتاب جو درجو ڏنو  ۽ مندرن جي پروهتن لاءِ وظيفا مقرر ڪيا هئا. اهڙي رواداري ڪري هندو جن جي شهرن ۾ ڪثرت هئي، سي مسجدن جو احترام ڪندا هئا. هر هڪ شهر ۾ عدالتي کاتي لاءِ قاضي مقرر هئا،  هندو پنهنجا فيصلا پئنچائت وسيلي ڪندا هئا؛ چونڪ هندو شراب پيئندا هئا، تنهنڪري شهرن ۾ مسلمانن جا محلا ڌار هئا. حجاج بن يوسف غير اسلامي قومن جي سهولت لاءِ قرآن شريف کي نقطا ۽ اعراب ڏياريا، ته غير مسلم قومن کي پڙهڻ ۾ آساني ٿئي. سنڌ فتح ڪرڻ کان ٿورو اڳ عبدالملڪ بن مروان جي ڏينهن ۾ ابن جبير جو تفسير موجود هو[17]. الور جي راجا مهروگ لاءِ عراق جي هڪ سنڌي عرب عالم قرآن شريف جو نثر ۽ نظم ۾ هندي ترجمو ڪيو. حضرت عمر بن عبدالعزيز رضه شهرن جي مسجدن ۾ قرآن شريف جي تعليم لاءِ معلم مڪا ۽ شاگردن لاءِ وضيفا مقرر ڪيا؛ جنهنڪري سنڌ جي گهڻن راجائن دين اسلام خوشيءَ سان قبول ڪيو[18]. فن-حديث جي تدوين به بني اميه دور     ۾ ٿي، عربن حڪومت جي زبان عربي مقرر ڪئي، جنهن ڪري هندن خوشيءَ سان عربي زبان ڳالهائڻ ۽ لکڻ سکي، بصره ۽ بغداد تائين مال گذاري کاتن ۾ عهدا هٿ ڪيا. مسلمان علماء هندو پنڊتن سان مذهبي مناظرا ڪندا هئا، اهڙن مناظرن جو هندن تي چڱو اثر پيو ۽ اسلام جي تبليغ ٿيڻ لڳي[19]. عرب هندي زبان ڳالهائڻ لڳا ۽ هندو عربي. اهڙي ميل جول ڪري هندن جو ملواري ۽ ناگري خط عربي سنڌي ۾ بدلجي ويو. الور جي ويرانيءَ کان پوءِ اتي جيڪي عرب عالم رهندا هئا، تن بکر ۾ سڪونت اختيار ڪئي، جنهن ڪري ديبل، منصوره، بکر ۽ ملتان علمي لحاظ ڪري ڪوفا، بغداد، دمشق ۽ قرطبه سان همسري ڪرڻ لڳا.نو مسلم هندن پاڻ تي عربي نالا رکيا. الور کان جيڪي عرب علماء سکر ۾ اچي رهيا، تن جا وڏا عراقي ۽ شامي لشڪر سان گڏجي آيا هئا، انهن ۾ ڪي اهڙا بزرگ هئا، جن کي صحابه ڪرام کان ۽ ڪن مجاهدن، تابعين جي صحبتن کان فيض پاتو هو.

 

تمدني حالت:

فاتح قوم جو مفتوح قوم تي اثر پوڻ لازمي امر آهي.  عرب سپاهي جيڪي محمد بن قاسم جي لشڪر سان سنڌ ۾ آيا هئا، تن کي سليمان بن عبدالملڪ سنڌ ۾ رهڻ لاءِ حڪم ڏنو، جن هتي جي زالن کي مسلمان ڪري ساڻن شاديون ڪيون. حڪمران قوم جي لباس کي پائڻ ڪري هندو به عراق جي پوشاڪ پائڻ لڳا، جنهن ڪري هندو مسلمان جو لباس هڪ جهڙو هو. اهڙي ميل جول جي هڪ اهڙي گڏيل ”هندو مسلم“ (Indo – Muslim) تهذيب جو بنياد پيو. عرب فوجي سپاهي هئا، سندن ڪا خاص وردي ڪانه هئي. پاجاما ۽ موزا سندن خاص پوشاڪ هئي. عراق، يمن ۽ مصر جون رنگين چادرون، ٽوپيون ۽ قبائون سنڌي پائڻ لڳا. منصوره ۽ ملتان جا عرب امير هندو راجائن  وانگي هاٿين تي سواري ڪرڻ لڳا. هڪ نئين تهذيب جنم ورتو.

سکر جون جايون ڪاٺ جون سوڙهيون هيون. عربن اچي شهرين کي ڪشادا اڱڻ رکڻ سيکاريو.  ڪمرن کي فرش سان سينگارڻ ۽ دسترخوانن تي ماني رکي کائڻ، شمعدان ۽ قنديلن ٻارڻ کان واقف ڪيو. لوهه ۽ ٽامي جي باسڻن جو رواج به عربن وڌو. پرهيزگاري ۽ پاڪائي مومنن جي ايمان جو مکيه جزو آهن، ان ڪري مجاهدن حمامن جو شهرن ۾ بنياد وڌو. مسلمان زالون چادر اوڙهي بازارن مان سودو سلف خريد ڪرڻ لڳيون[20].

زاني لاءِ قتل جي سزا مقرر ڪئي ويئي، جنهن ڪري شهرن مان بدڪاري مٽجي ۽ واپار ۽ ڏيتي ليتي ايمانداريءَ سان ٿيڻ لڳي. اڳ وياج خور قرض خواهه، قرضائن جون زالون، ٻار ٻچا ۽ گهر وڪڻي قرض وصول ڪندا هئا. عباسي دور ۾ هتي جي باشندن جي طرز معاشرت گهڻو بدلجي ويئي. سنڌي زيب ۽ زينت ڏانهن مائل ٿيا[21].


[1] محمد بن هارون جي قبر ٻيلي جي ويجهو قنبلي ڳوٺ ۾ زيارتگاه آهي، هن کي پير ڄام چوندا آهن.

[2] ڪزنس- ايڇ: سنڌ جا آثار قديمه ص 132

[3] ايلٽ-ايڇ: تاريخ هندوستان ج 1، بحوالي طاهري.

[4] ڇٽو آمراڻي اروڙ جي ويراني کانپوءِ اچي برهمڻ آباد ۾ رهڻ لڳو ته دلو راءِ به برهمڻ آباد ۾ رهڻ لڳو ۽ پنهنجي ڀاءُ کي تنگ ڪرڻ لڳو، جنهن تي ڇٽي بغداد پهچي خليفي کي دانهن ڏني. خليفي سيد علي کي لشڪر ڏيئي سنڌ ڏانهن روانو ڪيو. دلوراءِ پيش پئي پنهنجي ڌيءَ جي سيد علي سان شادي ڪرائي. شاهه صدر الدين لڪياري سيد علي جي اولاد مان آهي، جو سنڌ جي راشدي ساداتن جو مورث اعليٰ آهي. ڇٽي امراڻي جو مقبرو سيوهڻ ۾ زيارتگاه آهي.

[5] ريوٽي-ايڇ: مهراڻ، ص  202 ڪلڪتو 1892ع.

[6] ائٽڪن – اي – ايڇ: سنڌ گزيٽئر ص 96 ڪراچي 1907ع.

[7] جي-ايبٽ: سنڌ ناخوش ماٿري ص  75 – 76، ڪراچي 1907ع.

[8] Sindh Historical Journal, Part IV, P.3, March, 1937

[9] ابوزيد سيرافي: سفر نامه ص 130، پيرس.

[10] Sindh Historical Journal, VoI, I, Part II, p.25, “Ancient Sindh” March, 1934,  Karachi

[11] الماوردي: الاحڪام السلطانيه، ص 67، مصر،

[12] جرجي زيڍان: ابو مسلم خراساني اردو ترجمو، ص 43  لاهور.

[13] الجاحظ: ڪتاب البيان التبيين، ج 2، ص 215، مصر 1345 هه – هڪ دينار ۾ ويهه يا پنجويهه درهم پوندا هئا. في دينار انگريزي 9 شلنگن جي قيمت رکندو هو.

[14] المعارف: آگسٽ 1949ع ص 132 – 133، اعظم ڳڙهه.

[15] معودي:  مروج الذهب ج، ص 372 .

[16] بشاري:   احسن التقسيم ص 84 ليڊن.

[17] ذهبي: ميزان الاعتدال ذڪر عطاء بن دينار: ابن خلڪان: تذڪره حجاج بن يوسف. 

[18] بلاذري: فتوح البلدان ص 446 .

[19] مسعودي: مروج الذهب، ج 1، ص 254.

[20] بشاري: احسن التقسيم ص  84، ليڊن.

[21] شهرن ۾ کوهه، شفاخانن، يتيم خانن، مسافرن جي رهائش لاءِ سرائون تعمير ڪرايون ويون. محتاجن ۽ نادارن لاءِ دولتمند خير خيراتون ڪرڻ لڳا. محلن ۾ مهمان خانه کلي ويا. اهو بيان بشاريءَ ڏنو آهي جو پاڻ عالم هو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ