سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: تاريخ سکر

باب؛ 6

صفحو ؛ 6

     

باب ڇهون

 

سکر تغلق دور ۾

تغلقن 1320ع کان 1412ع تائين دهلي تي حڪومت ڪئي. هن گهراڻي جو باني غياث الدين تغلق قرونا ترڪن مان هو، جنهن ڪيترن جنگين ۾ مغلن کي شڪستون ڏنيون هيون. هن فقط پنج سال حڪومت ڪئي هئي، هن تاج الدين کي ملتان مٿان، خواجه خطيري کي بکر مٿان ۽ علي شير کي سيوهڻ مٿان گورنر مقرر ڪيو. غياث الدين 1325ع ۾ انتقال ڪيو، پٽس فخرالملڪ جونا خان ”محمد تغلق“ جي لقب سان دهليءَ جي تخت تي ويٺو ۽ ڪشلو خان کي بکر مٿان گورنر مقرر ڪيو.

 

بکر جي گورنر جي بغاوت

محمد تغلق هڪ سال دهليءَ ۾ رهيو ۽ 1326ع ۾ ديوگير (دولت آباد) کي دکن ۾ تختگاه مقرر ڪري اُتي رهڻ لڳو. سندس غير حاضري مان فائدو وٺي بکر جي نواب ملتان جي بلوچن ۽ بکر جي لشڪر سان ملتان ۾ پنهنجي خود مختياري جو اعلان ڪيو، محمد تغلق وڏي فوج وٺي تڪڙيون تڪڙيون منزلون ڪندو ملتان پهتو ۽ ڪشلو خان سان جنگ جوٽايائين، ڪشلو خان قتل ٿي ويو. محمد تغلق ملتان جي ماڻهن جون رت جون نديون وهايون، آخر اتي جي روحاني پيشوا رڪن الدين رحه جي چوڻ تي قتل عام بند ڪري قوام الملڪ کي ملتان ۽ سنڌ مٿان گورنر مقرر ڪري موٽي ويو.

 

غلام طغي جي بغاوت ۽ محمد تغلق جي وفات

سلطان سوچيو ته پهريائين گجرات جي بغاوت کي ختم ڪيو وڃي ۽ ان کان پوءِ دولت آباد جي بغاوت کي، گجرات ۾ طغي شاهي فوج کان ڪيترين لڙائين ۾ شڪست کاڌي آخرڪار هن ڪاٺياواڙ ۾ پناهه ورتي سلطان جي فوج سندس تعاقب ۾ رهي طغي ڪاٺياواڙ کان ڀڄي سنڌ ۾ هليو آيو جتي کيس سنڌ جي ڄام پناهه ڏني. سلطان ڄام کي سزا ڏيڻ خاطر سنڌ جو رخ ڪيو اڃا هو منزل مقصود تي پهتو ئي مس هو ته کيس بخار اچي ويو جتي هو مري ويو. برني جي لفظن ۾ ”سلطان کي پنهنجي ماڻهن کان ۽ ماڻهن کي سلطان کان ڇوٽڪارو حاصل ٿيو.“ بزرگ مشائخ جي اصرار تي محمد تغلق جي سوٽ فيروز شاهه حڪومت جون واڳون سنڀاليون سومرن ۽ جاڙيجن سان جنگيون جوٽيون جن طغي کي پناهه ڏني هئي. سنڌوءَ جي ڪپ تي سندس تاجپوشي ٿي. دهليءَ ڏانهن ويندي سيوهڻ ۽ بکر کان لنگهندي اتي جي عالمن ۽ فاضلن کي گهرائي خلعتون ڏنائين. ملڪ رڪن الدين کي بکر مٿان ۽ تاج الدين ڪافوري ۽ علي شير کي سيوهڻ مٿان گورنر مقرر ڪيائين.

 

روهڙي شهر جو بنياد پيو

سکر وانگر سنڌ جي سري ۾ روهڙي به قديم آهي، جنهن جي قدامت جي باري ۾ ڪي شيون درياه جي پيٽ مان 1875ع ۾ هٿ لڳيون، اهي شيون پٿر واري دور سان تعلق رکندڙ هيون. اهڙو بيان رائل انجنير مسٽر ٽويملو ۽ مسٽر جان ٽيٽ جي ٻن مضمونن مان معلوم ٿيو جيڪي جرنل ايشياٽڪ سوسائٽي ۾ بيان ڪيل سال ۾ شايع ٿيا هئا. ائين معلوم ٿو ٿئي ته ٽڪريءَ  تي پنجاه فوٽن جي بلنديءَ تي هي شهر ڪيترا دفعا آباد ٿي ۽ پوءِ مٽندو رهيو. سنڌ گزيٽئر ۾ شهر جو نالو ”لوهڙي“ ڄاڻايل آهي. ڪپتان اي – ويسٽ ميڪاٽ 1841ع ۾ جرنل ايشياٽڪ سوسائٽي بنگال ۾ شهر جو نالو ”لوهر ڪوٽ“ لکندي ڄاڻايو هئائين ته اهو شهر جو قديم نالو هيو. ريوٽي صاحب ”مهراڻ “ ۾ روهڙي جو قديم نالو ”روڙپورا“ يا ”روڙا ننگرا“ لکيو آهي[1]. روڙي سنسڪرت لفظ آهي معنيٰ ٽڪريءَ وارو شهر. روهڙي جي به ساڳي معنيٰ آهي. روهه معنيٰ جبل روهڙي معنيٰ ٽڪري. اڄ تائين پنجاب ۽ هندوستان وارا هن شهر کي ”روڙي“ سڏين ٿا. هاڻوڪي شهر متعلق سنڌ جي پهرين گزيٽئر ۾ مسٽر اي – ڊبليو هيوز صاحب ڄاڻايو آهي ته 696 هه 1297ع ۾ سيد رڪن الدين تعمير ڪرايو. يعني سلطان علاو الدين خلجي جي ڏينهن ۾، جڏهن علاؤ الدين خلجي رضوي سيدن لاءِ ڪوٽ تعمير ڪرايو هو. جي – ايڇ ڪزنس صاحب ”سنڌ جي آثار قديمه“ ۾ لکيو آهي ته هي شهر مخدوم رڪن الدين بن صدر بن مخدوم بهاؤ الدين ذڪريا ملتاني تعمير ڪرايو، جنهن کي سلطان فيروز شاه تغلق اخلاص خان جو لقب ڏنو هو[2].

ڪزنس صاحب جو بيان غلط آهي ڇو ته مخدوم ابو الفتح رڪن الدين 735 هه ڌاري سلطان محمد تغلق جي ڏينهن ۾ وفات ڪئي هئي ۽ سلطان فيروز شاه تغلق 752 هه 1351ع ۾ تخت تي ويٺو هو[3]. فيروز شاه ملڪ   رڪن الدين کي بکر  جو نواب مقرر ڪيو هو. سيد ڪو نه هو، ٽڪري   جنهن  تي شهر ٻڌل هو، اها پنجاه فوٽ بلند آهي. اڳ درياه جي طغياني وقت پاڻي ٽڪريءَ سان لڳي وهندو هو ۽ پاڻيءَ جي چاڙهه جا نشان اڄ تائين موجود آهن. درياه جي کاٻي ڪپ  تي هئڻ ڪري هن شهر ستت واپار ۽ زراعت ۾ ترقي ڪئي ۽ چوڌاري باغات ۾ ميويدار وڻن ڪري ”چمن – سنڌ“ ڪوٺجڻ لڳو ۽ شهر ۾ سوا لک پير ابدي ننڊ ۾ آهن، جن جي ڪري ”روهڙي شريف“ ڪوٺجي ٿو. غرض ته سکر ۽ روهڙي علم، هنرن ۽ روحاني فيض ڪري تاريخ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي.

 

سنڌ تي سمن جي حڪومت

سومرن 1300ع کان 1439ع تائين سنڌ تي حڪومت ڪئي. سنڌ جي لاڙ ڀاڱي کان هالڪنڊي تائين وڌي سگهيا. ايبٽ صاحب ڪڇ، گجرات، سورت تائين سومرن جي حڪومت جون حدون ڏيکاري ٿو[4]. بهرحال عمر ماروئي، مومل مينڌرو، سسئي پنهون، ليلان چنيسر جن کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي وحدت جو جامو پهرايو آهي، هن دور جون آکاڻيون آهن ۽ سنڌي ادب لاءِ روح روان آهن. پويون حاڪم همير سومرو هو، جنهن جي ظلمن کان تنگ ٿي سمن گڏجي هن کي قتل ڪري سنڌ تي قبضو ڪيو. ڄام انڙ سيوهڻ جي دهلي جي حاڪم ملڪ رتن کي قتل ڪري سرڪاري خزاني تي قبضو ڪيو. سمن مان ڄام بانيهه بن اُنڙ سلطان فيروز شاه جي ڏينهن ۾ بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو. 1371ع سلطان فيروز شاهه تغلق نوي هزار سوار ۽ پيادا ۽ 480 هاٿي 5 هزار ٻيڙين تي چاڙهي ديپالپور کان ٺٽي پهتو پر گاهه ۽ کاڌ خوارڪ جي ڪمي ڪري واپس وريو ۽ برسات جي مند گجرات ۾ گذاري، لشڪر جي جوڙجڪ ڪري مقابلي ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو پر مخدوم جلال الدين جهانيان بخاري معرفت طرفين جو صلح ٿيو، سنڌ دهليءَ کان آزاد ٿي[5]. سمن اُوٻاوڙه تائين ملڪ فتح ڪيو، سمه سلاطين 1521ع تائين سنڌ تي حڪومت ڪئي، سومرن ۽ سمن جو زمانو اسلامي تبليغ جو زمانو هو، سومرن ۾ ڪي هندڪي رسمون هيون، سمن جي ڏينهن ۾ به هندن جو تعداد وڌيڪ هو. ٺٽي جو بنياد سمن وڌو. 

 

تغلق دور ۾ سکر جي اقتصادي ۽ تجارتي حالت

دهليءَ جا سلاطين بغداد جي عباسي خليفن جو خطبو پڙهندا هئا ۽ اسلامي دنيا جي ايشيائي ۽ آفريڪي ملڪن جا سفير سندن درٻار ۾ رهندا هئا، اهڙن ناتن جي ڪري اسلامي دنيا جا واپاري برصغير ۾ واپار ڪرڻ ايندا هئا، سنڌ جو سرحدي صوبو هو، تنهن واپار ۾ ترقي ڪئي، ملتان ۽ سکر واپار جا وڏا مرڪز هئا، جتي ڌارين ملڪن جي واپارين کي محصول ڀرڻو پوندو، ابن بطوطا به عراق جي هڪڙي واپاريءَ کان ملتان ۾ گهوڙا خريد ڪيا هئا، علاؤ الدين خلجي ملڪ جي رستن تي فوجي چوڪيون قائم ڪري واپارين لاءِ سهولتون پيدا ڪيون هيون، رستي تي ڪا چوري ٿيندي هئي، ته حد جو ٿاڻيدار ۽ ويجهي ڳوٺ جا باشندا جوابدار هئا، سلطان محمد تغلق بريد کاتي (ٽپال) کي ترقي ڏني هئي، رستن تي هرڪارن لاءِ چوڪيون، ڪوس منارا ۽ کوهه کوٽرايا ويا ۽ دڪان کولايا ويا، جتي مسافرن کي کاڌو به سرڪار پاران ملندو هو، سيوهڻ جي ٽپال ٽن ڏينهن ۾ دهلي پهچندي هئي، سنڌو جي ڊيلٽا تي دمريلا ۽ لاهري بندر ٻه بندر هئا، جن مان لاهري بندر واپار ڪري مشهور هو، هتي مسقط، يمن ۽ ايراني نار  جا جهاز لنگر انداز ٿيندا هئا، مهراڻ ذريعي سکر جو مال ٻاهرين ملڪن ڏانهن ويندو هو، ڇو ته ايشيا جا قافلا هن شهر ۾ مال نيڪال ڪندا هئا. سکر وڏو دريائي پتڻ هو، توهان پڙهي چڪا آهيو ته فيروز شاهه تغلق پنج هزار ٻيڙيون لشڪر سان ڀرائي مهراڻ تان لنگهيو هو[6].    

 

سڪا

جيتل، ٽنڪا ۽ ٻيا ننڍا سڪا رائج هئا. هندوستان جي سڪي کي ٻاهر موڪلڻ تي بندش پيل هئي، تنهن ڪري سکر جي لوهاڻن، ڀاٽين دوڪاندارن کي ناڻي ڪمائڻ جو وجهه ملي ويو، محمد بن تغلق جي ڏينهن ۾ دوآبه جي سر زمين جا زرخيز هئي، اتي جي زميندارن جي بغاوت ڪري هندوستان ۾ سخت ڏڪار پئجي ويو، جو سانده ڏهه سال هليو، ٻيو ته دنيا ۾ چانديءَ جي کوٽ پوڻ ڪري محمد تغلق ٽامي جا سڪا سون ۽ چانديءَ جي اگهن تي هلائڻ لڳو، جنهن ڪري ماڻهن بيشمار جعلي سڪا تيار ڪيا، جن کي ڌارين واپارين وٺڻ کان انڪار ڪيو، ملڪ جي سڀني پر ڳڻن ۾ فساد پوڻ ڪري واپار کي ڪافي ڌڪ لڳي ويو، سکر سرحدي شهر هئڻ ڪري مٿين قسمن جي آفتن کان آزاد هو، علاؤ الدين خلجي زمينداري ۽ جاگيرداريءَ جو خاتمو ڪيو هو، هارين کي نقد ڍل پيارڻي پوندي هئي. فيروزشاهه تغلق جاگيرداري نظام کي ٻيهر عمل ۾ آڻي 23 ڍلون معاف ڪيون، سکر جا رهاڪو سکيا ستابا هئا. شين جا نرخ هن طرح هئا:    

 

محمد تغلق

ڪڻڪ

جوَ

ساريون

داليون

اڇي کنڊ

ڳاڙهي کنڊ

گوشت ٻاڪرو  

في مڻ

  =     = 

  =     = 

  =     = 

  =     = 

  =     = 

  =     = 

  =     = 

12 جيتل

8       =

14    =

4         =

1 ٽنڪو 14 جيتل

1 ٽنڪو

1 ٽنڪو

 

فيروز شاهه

ڪڻڪ

جوَ

ساريون

داليون

کنڊ اڇي

کنڊ ڳاڙهي

گيهه

في مڻ

  =     = 

  =     = 

  =     = 

  =     = 

  =     = 

  =     = 

  =     = 

8 جيتل

4 جيتل

14 جيتل

4 جيتل

140 جيتل

120 جيتل

100 جيتل[7]

 

نوٽ: ڪپڙن جا اگهه ساڳيا هئا جيڪي علاء الدين جي زمانه ۾ هئا.

 

مذهبي ۽ علمي حالت

محمد تغلق ۽ فيروز شاه جي ڏينهن ۾ مخدوم سيد جلال الدين جهانيان جهان گشت جي تبليغ ڪري گهڻن قومن اسلام اختيار ڪيو ۽ سهروردي بزرگن جي سنڌ ۾ پهرين خلافت سکر ۾ قائم ٿي هئي، جنهن لاءِ شيخ نوح رحه جو بيان ڏيئي چڪا آهيون، جنهن جو مقبرو بکر جي قلعي ۾ موجود آهي. سومرن ۽ سمن جي ڏينهن ۾ سهروردي خلافتون سيوهڻ ۽ لاڙ ۾ قائم ٿيون. ملتان، اُچ، بکر، سيوهڻ، محمد طور ۽ اگهاڻي تبليغ ۽ علميت جا مرڪزي شهر بنجي ويا. سهرورديه سلسله خلافت گجرات تائين پهتو. هندن جا گهڻائي فرقا هئا. انهن مان شومت وارا مهاديو جي ”لُنگ“ مخصوص عضوي ۽ سندس زال جي شرمگاه ”ڀُڳ“ جي پوڄا ڪندا هئا[8]. ٻيا فرقا جهڙُوڪ ڀڳتي، ٻڌڪان ۽ وامامرگي (واساچاريه)، پوئين فرقه جو صدر مقام اوڙيسا ۾ جگناٿ پري جو مندر هو. هن فرقي وارن جون ٽوليون سنڌ تائين چڪر هڻنديون هيون. سندن پاٽ پوڄا جو طريقو نرالو هو. جنهن شهر ۾ پهچندا هئا ته هڪ مخصوص هنڌ کي گوبر سان ليپو ڏيئي مٿس چانور، گل ڇڙڪي، مڇي، گوشت تيار ڪري، زالن جون چوٽيون ۽ چوليون گڏ ڪري رکندا هئا. پوءِ مرد شراب پي هڪ مورتي جي پوڄا ڪندا هئا. شراب پيئڻ ۽ ڀڳتي کان واندا ٿي، ”ڀيروا چڪرا“ ڪندا هئا، هن فرقي وارن کي ”تنتر“ جي نالي سان سڏيندا هئا. فرشته هن فرقي وارن کي ”اباحيه“ ڄاڻايو آهي[9]. اڪبري دور تائين هن فرقي جو سنڌ جي شهرن ۾  چڪر ڪاٽيندي ڏس ملي ٿو[10]. علاؤ الدين خلجي منجهان گهڻن کي مارايو  هو. سلطان فيروز شاه حڪم ڏنو هو ته ڪو به هندو مسلمانن کي هندو ڌرم ۾ نه آڻي[11]. سنڌ جي مسلمانن ۾ ڪيتريون هندن جون رسمون رائج هيون. مثلاً شراب پيئڻ، دستر خوان تي گڏجي طعام تناول نه ڪرڻ وغيره. اهي رسمون سومرا حڪمران طبقي ۾ هيون. علاؤ الدين خلجي شرابين لاءِ سخت سزائون مقرر ڪيون. مسلمان هندو عورتن سان شاديون ڪندا هئا ۽ هندو مسلمان زالن سان. وري ڪنهن بدنصيب مسلمان عورت جو هندو مڙس مرندو هو ته مسلمان زال کي مڙس جي لاش سان چکيا تي چڙهڻو پوندو هو. اهو رواج اتر هندوستان ۾ رائج هو، جو شاهجاهن جي ڏينهن تائين قائم رهندو آيو[12]. سمان، سومرا ۽ ڪلهوڙا هندو عورتن کي اسلام جي دائري ۾ آڻڻ کان سواءِ ساڻن شاديون ڪندا هئا[13]. سنڌ جي روماني آکاڻين، مومل مينڌرو ۽ ليلان چنيسر پڙهڻ سان اهڙا مثال ملن. بعض پتورتا زالن کي پنهنجي پاڪدامني جي ثبوت پيش ڪرڻ لاءِ باهه مان لنگهڻو پوندو هو. سنڌي ٻولي گهرن ۾ ڳالهائبي هئي. سرڪاري زبان پارسي هئي. مسجدن ۾ به پارسي تعليم ڏيڻ جو رواج هو. اهي مسجدون مدرسا هئا، جن جو خرچ سرڪاري اوقاف کاتو ڀريندو هو. فقه حنفي جي ڪتاب ”هدايه“ جي تعليم هن دور ۾ رائج هئي، نصاب جا ڪتاب پارسي ۾ هئا. سنڌي ٻولي جي شاخ ملتاني نهايت فصيح هئي، جنهن مان اردو زبان جنم ورتو، هن قومي زبان جي اوائلي صورت لهنڊا ٻولي ۾ نظر اچي ٿي. يعني ته اردو ٻوليءَ مهراڻ جي ماٿريءَ ۾ جنم  ورتو[14]. سنڌي شاعري جا اهڃاڻ هن دور ۾ ڏوهيڙن مان نظر اچن ٿا، جن مان سومرن جي علاؤ الدين سان جنگين جو ذڪر ملي ٿو[15]. سمن جي صاحبي ۾ سنڌ اندر امن امان ۽ فارغ البالي جو دور هو. ٻئي طرف 1398ع ۾ امير تيمور هندستان تي ڪاهي ملڪ کي لٽيو. سکر سندس ڪاهه کان بچي ويو. تيمور جي پوٽي شهزاده پير محمد ملتان پهچڻ کان پوءِ سکر وارن کي پيش پوڻ لاءِ ڌمڪي ڏني هئي پر هن شهر جي هڪ خدا پرست بزرگ جي روحاني برڪت سان اها بلا ٽري ويئي. 1334ع ۾ شيخ ابن بطوطا طنجي سنڌ جي سير تي آيو ۽ سکر شهر واسين جي مهمان نوازي ۽ هتي جي عالمن ۽ فاضلن بزرگن جي هن پنهنجي سفرنامي ۾ تعريف ڪئي آهي. جن جو بيان موقعه سر ڏبو. صوفين جي سماع جي محفلن ۾ هندو گويا به ڳائيندا هئا.

 

تغلق دور جي سکر ۾ هڪ يادگار

هند ۽ سنڌ ۾ اوليائن جي زيارت ڪرڻ ۾ هندو به مسلمانن جهڙو حصو وٺندا هئا. ڄام ننده (نظام الدين) جي ڏينهن ۾ نيرن ڪوٽ جي سماع جي مجلس ۾ هڪ هندو سوناري ڇوڪري هي بيت سرتال سان ڳايو:

”سڏ سڻي پرينءَ جو، وانگي جي نه ورن،
ڪوڙي دعوا دوست جي ڪڄاڙي کي ڪن.“

 

اهو بيت ٻڌي مخدوم احمد ڀٽي صاحب مڇيءَ وانگي تڙڦندي پنهنجي جان، جان آفرين جي حوالي ڪئي. هي واقعو 930 هه جو آهي[16]. سنڌ ۾ گهڻيون اهڙيون زيارتگاهون آهن جن تي هندو ۽ مسلمان گڏجي ويندا هئا. مثلاً مخدوم لعل شهباز قلندر کي هندو راجا ڀرتري چوندا هئا، ڪراچي جي ويجهو منگهو پير جنهن کي هندو لالا جسراج چوندا هئا، پير پٺو ديبلي وغيره غرض اسلامي تصوف جو رنگ نه صرف مسلمانن تي چڙهيل هو پر هندن تي به غالب هو. اهڙن مشترڪه زيارتگاهن مان سکر ۾ خواجه خضر جو آستان آهي.

 

خواجه خضر جي خانقاه

هيءَ  خانقاه جا بکر جي قلعي جي اوڀرندي هڪ ٽڪريءَ تي آهي، تنهن کي مسلمان خواجه خضر عليه السلام جو آستان چون ٿا. مورخ يوسف ميرڪ هن طرح ڄاڻائي ٿو: ”و طرف رويه بهکر، آستانهء حضرت خضر عليه السلام برکوهي درميان ساخته اند“[17]. هن ٽڪريءَ متعلق گهڻيون روايتون آهن. ريورٽي صاحب لکي ٿو ته خانقاه تعمير ٿيڻ کان اڳ انهيءَ ٽڪريءَ تي هر رات ماڻهو هڪ ڏيئو ٻرندو ڏسندا هئا، جڏهن ٻيڙيءَ ذريعي اتي پهچندا هئا ته ڏيئو غائب ٿي ويندو هو [18]. غرض تصوف جي مشترڪ رجحان ڪري درياه جي وچواري هيءَ ٽڪري به معمو هئي. هندن جو عقيدو ته عجيب ۽ غريب هو. هنن ٽڪري تي ”زنده پير“ نالو رکيو هو. ٻيو نالو اڏيرو لعل رکيو هئائون. مسلمان اڏيري لعل کي شيخ طاهر چوندا هئا.

سندن عقيدي موجب سمنڊ جا پلا اُڏيري لعل ”زنده پير“ جي زيارت ڪرڻ لاءِ هتي پهچن ٿا[19]. سلطان محمد تغلق جي ڏينهن ۾ بکر جي نواب ڪشلو خان هن ٽڪريءَ تي هڪ خانقاه جوڙائي هئي. ٽڪريءَ جو عاليشان دروازو جو روهڙي ڏانهن هو ۽ مٿس وڏو قبو هو، هن دروازي جي ديوارن تي خوبصورت ڪاشيءَ جو ڪم ڪيل هو. آبڪلاني جي مند ۾ درياه جو پاڻي دروازي جي ڏاڪڻ جي ڪن ڏاڪن کان مٿي چڙهي ويندو هو. هن ٽڪريءَ تي هڪ غار به آهي. مسلمانن ۽ هندن جي هڪ مشترڪ زيارتگاه هئي. هندن دروازي مٿان گهنڊ ٻڌا هئا، جي صبح ۽ شام وڄائيندا هئا[20]. ابن بطوطا به هيءَ خانقاه ڏٺي هئي. سکر جي پهرين عمارت بکر جو قلعو عربن تعمير ڪرايو ۽ هيءَ ٻي عمارت تغلق دور جي آهي.    

 

تغلق ۽ سمن جي ڏينهن جا ساکرو علماء

 

سيد علاؤ الدين رضوي

سيد علاؤ الدين بن شهاب الدين بن موسيٰ بن علاؤ الدين بن سيد محمد مڪي رحه هن دور جو برک بزرگ هو.

پير موسيٰ نواب

سهروردي مخدومن مان تبليغ جي ارادي سان اچي بکر ۾ رهيو. گهوٽڪي، ماٿيلي ۽ سکر جي آس پاس رهندڙ ٻن مکيه راجپوت قومن مان مهرن ۽ ڌاريجن اسلام قبول ڪيو. انهن قومن کي جيڪي جڻيان پاتل هئا، سي اڄ تائين پير موسيٰ نواب جي درگاه (بهاولپور رياست) تي موجود آهن.

سيد مير ميران

سيد مير ميران رضوي وڏي ڪرامت جو صاحب هو. سندس تربت روهڙي شهر جي وچ ۾ آهي.

 

شاهه حاجي دريائي

سندس تربت روهڙي شهر جي اُتر ۾ درياه جي ڪپ تي آهي. عام طور ”حاجران شاهه حضوري“ جي نالي سان مشهور آهي. تحفته الڪرام ۾ ڄاڻايل آهي ته هڪ نابينا قلندر درياه جي ڪپ تي ڪنڍيءَ سان مڇي ڦاسائي رهيو هو ته ڪنڍي ڪنهن شيءِ ۾ ڦاسي پئي، ڇڪي ڪڍيائين ته هڪڙي صندوق هئي ۽ صندوق کي ڇهڻ سان سندس اکيون روشن ٿي ويون. صندوق کولي ڏٺائين ته منجهس لاش پيل هئي. هن کي خواب ۾ اشارو ٿيو ته منهنجو نالو شاه حاجي آهي ۽ مرشد شيخ بهاء الدين ذڪريا ملتاني رح جي ڀر ۾ دفن ٿيڻ لاءِ عرب کان هت پهتو آهيان. سندس قبر درياه جي ڪپ تي آهي. عقيدتمند اڪثر مڇي ۽ ماني درگاه تي ورهائيندا آهن.

شيخ ابن بطوطا طنجي

تاريخ جي وچين زماني جو مشهور سياح ابن بطوطا 1334ع ۾ سکر کان لنگهيو هو. سکر پراڻي متعلق لکي ٿو ته مهراڻ جي ڪپ تي بارؤنق شهر آهي. هتي هڪ خانقاه آهي جتي مسافرن کي کاڌو ملي ٿو. سندس ملاقات امام عبدالله حنفي ۽ شهر جي قاضي ابو حنيفه ۽ شمس الدين محمد شيرازي سان ٿي هئي. ان وقت شمس الدين جي عمر سندس بيان موجب هڪ سؤ ويهه ورهيه هئي. اها خانقاه خواجه خضر واري ٽڪريءَ تي هئي[21]. شيخ ابن بطوطا اُچ ۽ سکر جي وچ ۾ شهر جناني ۽ اتي جي رؤنق دار بازارين جو بيان ڏنو آهي. خبر نه ٿي پوي ته اهو ڪهڙي هنڌ تي هو.

 

مير ابو الغيث بکري

سکر جو ديندار خدا رسيد و بزرگ هو. سنڌ جي سمي حاڪم ڄام فتح خان بن ڪرن جي صاحبي ۾ امير تيمور گورگاني جي پوٽي ميرزا پير محمد ملتان پهچڻ کان پوءِ سکر جي شهر واسين کي حڪم ڏنو ته اچي پيش پئو، ٻيءَ صورت ۾ مغل لشڪر سکر تي ڪاهه ڪندو. هن خوفناڪ خبر شهرين جي دلين ۾ ڌڌڪو پيدا ڪيو ۽ هو خوف کان شهر خالي ڪري جيسلمير ڏانهن ڀڄڻ لڳا. اهڙي ٻڙڌول کي ڏسي مير ابو الغيث، ميرزا سان ملاقات ڪرڻ لاءِ ملتان ڏانهن روانو ٿيو. سندس پهچڻ کان هڪ رات اڳ ميرزا خواب ۾ حضرت رسول اڪرم صلي الله عليہ وآلہ وسلم کي ڏٺو، حضور پاڪ هن کي فرمايو ته، منهنجي اولاد سان احترام سان پيش اچج. چنانچه مير صاحب جڏهن ميرزا جي درٻار ۾ پهتو،تڏهن شهزادو نهايت احترام ۽ تواضع سان ڀاڪر پائي پاڻ سان گڏ ويهاري، خواب جو احوال اوريو ۽ سيد موصوف کي تسلي ڏنائين ته سکر تي ڪاهه ڪرڻ جو ارادو لاهي ڇڏيو اٿم. موڪلائڻ وقت شهزاده مير صاحب کي بيش بهاسوغاتون ۽ اروڙ جو پرڳڻو جاگير ڏيئي روانو ڪيو. سکر واسين تان هيءَ ناگهاني آفت ٽري ويئي، هو موٽي اچي شهر ۾ رهڻ لڳا.

مير ناصر  الدين بکري

سيد مير ناصر الدين بن نظام الدين بکري، هر وقت سماع جي مجلسن ۾ مسرور رهندو هو ۽ سوندري راڳ کي بيحد پسند ڪندو هو. وفات ڪرڻ کان پوءِ، جڏهن ماڻهو تدفين لاءِ سندس جنازو کڻڻ لڳا ته کڄي نه سگهيو. پٽس مير رڪن الدين کي پيءُ جي وصيت ياد آئي، هن سازندن کي گهرائي سوندري راڳ شروع ڪرايو. قدر خداوندي سان جنازو پاڻمرادو کڄي وڃي قبرستان ۾ لٿو.

مولانا عالم

مولانا عالم ظاهري توڙي باطني علمن جو ماهر ۽ صاحب ڪشف هو. پٽس درويش يحيٰ هو، جو پوءِ سکر ڇڏي ريل پرڳڻي ۾ رهڻ لڳو. ريل پرڳڻو سيوهڻ ويجهو هو، جتي شيخ مبارڪ، ابو الفاضل ۽ فيضي جو پيءَ ڄائو هو. شيخ مبارڪ پهريان ناگور پهتو ۽ ڪجهه عرصي کان پوءِ گجرات ۾ رهيو، جتان آگره پهتو هو.

قاضي معروف

ڄام سنجر سمي قاضي معروف کي بکر مٿان قاضي مقرر ڪيو هو، جو وڏو عالم، متقي ۽ بيحد خوش مزاج هو. وٽس جيڪو فريادي ايندو هو، تنهن کان ۽ جوابدارن کان رشوتون وٺندو هو. اهي شڪايتون ڄام سنجر کي پهتيون، جنهن قاضي صاحب کي گهرائي کانئس پڇا ڪئي. قاضي موصوف بيباڪيءَ سان جواب ڏنو ته عيالدار آهيان پگهار گذر سفر لاءِ نا ڪافي آهي، تنهنڪري مدعي ۽ مدعاليه کان رشوتون وٺان ٿو. افسوس اٿم ته شاهد فيصلي ٻڌڻ کان اڳ هليا وڃن ٿا ته نه جيڪر انهن کي به خالي وڃڻ ڪو نه ڇڏيان ها. ڄام سنجر سندس صاف گوئي تي گهڻو خوش ٿيو ۽ حڪم ڏنائين ته سرڪاري ملازمن جو پگهار وڌايو وڃي جيئن رشوت کي ٻنجو اچي وڃي.

قاضي ابو الخير

اصل سيوهاڻي هو ۽ سکر مٿان قاضي هو ۽ سکر ۾ رهڻ لڳو. مشهور قاضي قاضن سندس پيڙهيءَ مان هو. [22]

 

اروڙ جو واقعو

سيد جلال الدين جهانيان مڪي کان موٽندي سکر پهتو ته شهر جي ماڻهن کيس چيو ته اروڙ جي الڳ هڪ غار ۾ هڪ درويش رهي ٿو، جو دعويٰ ڪري ٿو ته الله تعاليٰ  هن لاءِ نماز کي معاف ڪيو آهي. اهو قصو ٻڌي مخدوم صاحب اروڙ پهتو ۽ ڏٺائين ته غار اڳيان ماڻهن جو هجوم لڳل هو، جنهن ۾ امير توڙي غريب موجود هئا. مخدوم صاحب به تارڪ – صلوات وٽ پهچي کائنس پڇيو ته تون نماز ڇو نه ٿو پڙهين جڏهن حضور پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو آهي ته، ”الفرق بين المومن و الڪافر الصلوات“ يعني ته ”مومن ۽ ڪافر ۾ فرق نماز ڪري ٿي“. درويش جواب ڏنو ته، ”سيد! مون وٽ جبريل ايندو آهي ۽ بهشت کان طعام آڻيندو آهي ۽ چوندو آهي ته، تو لاءِ نماز معاف ڪئي ويئي آهي ۽ تون خاص مقرب بنجي ويو آهين“.

حضرت مخدوم صاحب ٻڌي فرمايو ته، ”بڪواس بند ڪر، جڏهن ته محمد رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم لاءِ نماز معاف نه ٿي ته، تو جهڙي جاهل لاءِ ڪيئن معاف ٿي؟ جيڪو تو وٽ اچي ٿو، سو شيطان آهي ۽ تو کي چوي ٿو ته آءٌ جبريل آهيان، جبريل وحي جو فرشتو آهي، جو پيغمبرن کان سواءِ ٻئي ڪنهن وٽ ڪو نه ايندو. جيڪو کاڌو تو وٽ اچي ٿو، سو غليظ آهي“. درويش چيو ته، کاڌو ڏاڍو لذيذ هوندو آهي ۽ مان ان مان لذت محسوس ڪندو آهيان. مخدوم صاحب چيس ته، ”جڏهن تو وٽ فرشتو اچي ته، لا حول ولا قوت اِلا با الله العلي العظيم پڙهجانءِ“. ٻئي ڏينهن جڏهن درويش وٽ ويا ته درويش سندن پيرن تي ڪري پيو ۽ چوڻ لڳو ته، ”مون توهان جي چوڻ تي عمل ڪيو ته، فرشتو غائب ٿي ويو ۽ جيڪو کاڌو آندو هئائين؛ سو غليظ ٿي، منهنجن هٿن ۽ ڪپڙن تي پيو ۽ منهنجا ڪپڙا نجس ٿي ويا.“ درويش توبه ڪئي ۽ جيڪي نمازون فوت ٿيون هيون، قضا ڪري پڙهڻ لڳو[23].      

 

سلاطين، صوفي درويش ۽ علماء اسلام

جهڙي طرح وقت جي مسلمان بادشاهن جي درٻارن ۾ امير، رئيس، فوجي جرنيل ۽ فنڪار رهندا هئا ۽ سلاطين جي سرپرستي جي زير سايه ملڪ فتح ڪندا هئا ۽ ثقافتي خدمتون ڪندا هئا، تهڙيءَ طرح مسلمان علما قرآن، حديث، منطق، فقه جي تعليم ۽ ترويج سان تعلق رکندا هئا. مسجدن ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي قرآن ۽ پارسيءَ جي تعليم ڏيندا هئا. انهن جو تعلق صرف اسلامي معاشري سان هو. اهي هندن سان ڪو تعلق نه رکندا هئا. ليڪن صوفيا ڪرام ۽ فقرا جون خانقاهون عوام جي ڀلائي ۽ رهنمائي لاءِ کليل هيون وٽن اسلام يا ڪفر جو ڪو سوال ڪو نه هو. اهي مخلوق خدا کي سواءِ امتياز جي ”خدا جو ڪٽنب“ سمجهندا هئا، باهمي اختلافات بدران امن ۽ امان ۽ عرفان – الاهي جي تعليم ڏيندا هئا ۽ اسلامي مساوات، امن ۽ انساني مساوات جي تلقين ڪري اسلام جي اساسي اصولن کي تقويت پهچائيندا هئا. جيئن سلاطين دارو و دهش سان قدر داني ڪندا هئا. انهيءَ طرح صوفين جي خانقاهن تي به عوام لاءِ لنگر جاري رهندو هو. انهن خدا رسيده بزرگن کي ذاتي اغراض سان ڪو تعلق ڪو نه هو، جنهن ڪري سلاطين توڙي امرا به سندن احترام ڪندا هئا ۽ کين لنگر خانن جي خرچ لاءِ وڏيون رقمون به ڏيندا هئا، مگر انهن بزرگن جي روز افزون خيراتن ڪرڻ ڪري سندن خزانا خالي رهندا هئا. هو پنهنجي رسوخ سان بعض عوام جي شڪايتن جو تدارڪ به ڪندا هئا. تاريخ شاهد آهي ته برصغير ۾ اسلام گهڻو ڪري صوفين درويشن جي ڪوششن سان پکڙيو. بادشاهه ترار جي زور تي عوام تي حڪومت هلائيندا هئا ۽ صوفي درويش روحانيت وسيلي عوام جي دلين تي حڪومت هلائيندا هئا. عيسوي ڏهين صدي کان وٺي هزارين صوفين ۽ مبلغن برصغير جي گوشن ۾ پر امن طريقه سان تبليغ جو ڪم ڪيو؛ نتيجي طور هندن مٿان جيڪو فڪري جمود طاري هو، سو ٽٽي پيو. ضعيف الاعقادي، اوهام پرستي، ڇوت  ڇات، ذات پات جو امتياز ۽ شرڪ جا ڪارا ڪڪر جيڪي صدين لاڪر برصغير تي ڇانيل هئا، تن کان آسمان صاف ٿي ويو ۽ شرف – انسانيت جو سج طلوع ٿيو. توحيد جي عقيدي ۽ انساني مساوات عامه جي مقبوليت ڪري، هندو ڌرم جو بنياد لڏي ويو ۽ منجهن نوان روشن خيال مفڪر پيدا ٿيا. اهڙو بيان موقعي سر ڏبو.


[1] جي – ايڇ ريورٽي: مهراڻ ص 494 – وقت جي شاعرن روهڙي جي تعريف ڪندي شهر جو نالو ”لُهري“ پنهنجن قصيدن ۾ ڏيکاريو آهي، جيئن شاعر عبدالقادر ”بيدل“ جو مشهور قصيدو آهي. ڏسو عبدالحسين شاه موسوي جو ديوان بيدل ص 14 – 16 سنڌي ادبي بورڊ، 1961ع حيدرآباد سنڌ.

[2] جي – ايڇ ڪزنس: سنڌ جا آثار قديمه بيان روهڙي ڪلڪتو 1929ع.

[3] سيد صباح الدين عبدالرحمان: بزم صوفيا ص 273.

[4] ايبٽ جو ”سنڌ“ ص 89 فوٽ نوٽ.

[5] ايشوري پرساد: مسلمانن جي هندوستان تي حڪومت جي مختصر تاريخ، ص 154 – 155 الله آباد 1939ع. 

نوٽ: منشي عطا محمد قنڌاريءَ پنهنجي ڪتاب ”نوائي معارڪ“ ۾ روهه معني جبل ان حصي کي ڏيکاريو آهي جو حسن ابدال کان هرات تائين آهي.

[6] عجائب الاسفارج – 2، سيد ابو ظفر ندوي مختصر تاريخ هند دور تغلق ص 70 – 72.

[7] عبد المجيد سالڪ: هندوستان ۾ مسلم ثقافت ص 668 – 669.

نوٽ: سکر جي واڻين لوهاڻن، ڀاٽين ۽ ڇاٻڙن کي وياج جي ڪمائي هئي. جيڪو ماڻهو محمد تغلق کي تحفا پيش ڪندو هو، تن کي بادشاهه کان ٻيڻي رقم ملندي هئي انهي ڪري واپاري ماڻهن کي دل کولي قرض ڏيندا هئا.

[8] لنگ جي پوڄا اڄ تائين هندن ۾ رائج آهي. هر ڇهين سال هر دوار هي ڪنڀ جي ميلي، هر ٻارهين سال پرياگ جي ميلي تي لکين اگهاڙا ساڌو، گنگا ۽ جمنا ۾ لنگ پوڄا ڪرائڻ لاءِ هماليه جي ترائن مان اشنان ڪرڻ اچن ٿا. لنگ پوڄا لاءِ ڏسو راقم جو مضمون روزانه الوحيد ص 8، 21 فيبروري 1954ع ڪراچي.    

[9] Hodiwala, S H: Studies in Indo – Muslim History, p 342, Mombay, 1939.

[10] سفينته نوح از مولائي شيدائي، ڪتبخانو مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ قلمي هالا.

[11] فتوحات فيروز شاهي ص 7 – 8.      

[12] Cambridge History of India, Vol: II, p. 306, Cambridge 1929.

[13] شيخ محمد اڪرام: رود ڪوثر ص 166 – 167، ڪراچي.  

[14] مسلمانن جي هندستان ۾ ثقافت.

[15] خان بهادر محمد صديق ميمڻ، سنڌ جي ادبي تاريخ بيان سومرا، سنڌي ادبي سوسائٽي پريس، حيدرآباد.

[16] سيد حسام الدين راشدي: سنڌي ادب ص 21 – 22 ڪراچي.

[17] يوسف ميرڪ: تاريخ مظهر شاهجاهني، باب اول ص 4، ڪراچي 1962ع.

[18] ايڇ – ريورٽي: مهراڻ ۽ سندس معاون شاخون.

[19] Sindhian World ‘The tri – Islets in the Indus’, pp. 135 – 140 Feb: 1940, Karachi.

[20] عجائب السفار ج 2.

[21] عجائب السفار ج 2.

[22] علمائن جو بيان عبدالغني عبدالله جي تاريخ سنڌ ڀاڱو 3 مسلم ادبي سوسائٽي پريس، حيدرآباد 1939ع، تحفته الڪرام ج 3 مرزا قليچ بيگ جي تاريخ قديم سنڌ، بلوءَ ٽسڪي پريس حيدرآباد 1925ع تان ورتل آهي. سمن جي صاحبي ۾ ڄام تماچي ۽ نوري جي آکاڻي مشهور آهي. ٻنهين جون قبرون ڪينجهر جي ڍنڍ ۾ آهن. 

[23] الحد المنظوم في ترجمه ملفوظات المخدوم، اردو ترجمو ص 217.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org