سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: تاريخ سکر

باب؛ 14

صفحو ؛ 18

 

مرزا انور حسين

مرزا محمد دين جو ننڍو پٽ انور حسين مغربي پاڪستان جو جوائنٽ ڊائريڪٽر آف انڊسٽريز جي عهدي تي فائز آهي ۽ ڪراچي ۾ رهي ٿو. مرزا محمد دين جي زندگي سبق آموز آهي.

 

مغل پير بخش

سکر جي مغلن مان مستري پير بخش خان جو والد مرزا امير بيگ 19 صديءَ جي شروعات ۾ گهوڙن جي واپار سانگي پنجاب جي شهر وزير آباد پهتو، مگر سمورو قافلو سکن لٽي ورتو ۽ مرزا امير بيگ جان بچائي ملتان پهتو. انڊس فلو ٽيلا ڪمپنيءَ جا جهاز ڪوٽڙي کان ملتان تائين ايندا ويندا هئا تن جي گورن ملازمن کي کاڌو کارائڻ جو ٺيڪو مرزا امير بيگ کنيو هو. 1858ع ۾ ملتان کان ڪوٽڙي پهتو ۽ 1883ع ۾ سکر جي ليمجي چاڙهي تي جاءِ جوڙائي سکر کي وطن جوڙي ويٺو. کيس ٽي پٽ هئا. الهڏنو خان، پير بخش خان ۽ وزير علي بيگ. پير بخش خان فن عمارت سازي جو ماهر هو. چنانچه خيرپور ڊويزن جون جيڪي به وڏيون بلڊنگون آهن، جهڙوڪ سکر لائيڊ بئراج، جنرل پوسٽ آفيس، پارسي آتشخانو سکر ۽ فيض محل خيرپور وغيره سندس زير نگراني ۾ تعمير ٿيون. وڏا وڏا ٺيڪيدار مستري صاحب کان صلاح وٺندا هئا. 1962ع جي شروعات ۾ 110 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪيائين. سندس وڏو پٽ تاج محمد خان رٽائرڊ سب ڊويزنل آفيسر آهي ۽ سندس جايون سکر ريلوي اسٽيشن جي ڦاٽڪ جي لڳ آهن. تاج محمد خان به فن عمارت سازي جو ماهر آهي.

 

ميمڻ

ميمڻ معنيٰ ”مومن“. ميمڻ قوم جا ٽي طبقا آهن: (1) هالاري (2) اوکائي (3) ڪڇي. انهن مان سکر نئين جو بنياد پوڻ وقت پهرين ڪابل جي ويڙهه 1838ع ۾ ڪڇي ميمڻ ڪمسريٽ جا ٺيڪا کنيا. اهي پهريان ميمڻ ڪڇي هئا. تقسيم کان پوءِ ڪاٺياواڙي هالاري ۽ اوکائي ميمڻ به سکر کي وطن جوڙيو. اهي وڏا واپاري، رفاه عام جي ڪمن ۾ حصو وٺندڙ ۽ مخير مومن آهن. هن ڪتاب ۾ اوائلي سکر جي ميمڻن جو بيان ڏيون ٿا.

 

سيٺ جان محمد

سيٺ جان محمد ولد حاجي محمد ذڪريا سکر جو اوائلي وڏو ٺيڪدار هو، جنهن بمبئي بئنڪ واري عمارت، پوليس سپرنٽنڊنٽ جي آفيس، انڪم ٽيڪس آفيس، عبدالرشيد باغ جي پٺيان مختيار ڪار جي آفيس ۽ پٿر گودي جي پٺيان ريلوي ڦاٽڪ جي ڀر وارو بنگلو تعمير ڪرايا ۽ اهي سندن جايون هيون. تن ڏينهن ۾ سکر ۾ اهي وڏيون جايون هيون.

 

سيٺ حاجي جان محمد

سيٺ حاجي جان محمد ولد خميسو جي فريئر روڊ تي وڏو شاپ هو. سکر شهر ۾ هي پهريون ديسي شاپ هو، جنهن تي ولايتي شيون وڪامنديون هيون. شاپ تي گورن ۽ مئڊمن جو هجوم رهندو هو. ٻيو ته سيٺ صاحب بمبئي جا ڇاپيل علم دينيات جا ڪتاب به گهرائيندو هو. سيٺ آدم ۽ سيٺ رحمت الله حاجي جان محمد جا ڀائر هئا ۽ کيس 3 پٽ هئا: سيٺ حاجي موسيٰ، سيٺ محمد صالح ۽ سيٺ محمد صديق.

 

سيٺ عبدالستار

سيٺ عبدالستار ولد سيٺ آدم صدر خلافت ڪاميٽي سکر هو. ۽ بنا مقابلي ميونسپل ميمبر چونڊيو ويو هو. هن نوجوان سماجي ورڪر 1925ع ۾ وفات ڪئي، سندس جنازي سان هزارين مسلمان شامل هئا. اهو سندس هر دلعزيزي جو ثبوت هو. سندس 3 پٽ عبدالڪريم، عبدالرحيم ۽ عبداللطيف ڪراچي ۾ رهن ٿا.

 

سيٺ حاجي هاشم

سيٺ حاجي هاشم ولد سيٺ رحمت الله هن وقت گرين شاپ جو مالڪ آهي، وٽس بيڪري به آهي. سيٺ محمد عثمان ولد سيٺ عبدالرحمان مڇين ڦاسائڻ جي ڪنڍين جو واپاري هو. هينئر سيٺ عبدالرحمان جا ڏهٽا اهو ڌنڌو ڪن ٿا.

سيٺ حاجي عبدالرحمان

سيٺ حاجي عبدالرحمان ٿارياڻي جنرل مرچنٽ هو، جنهن کي 3 پٽ هئا: سيٺ حاجي احمد، عبدالله ۽ محمد. سيٺ حاجي احمد وٽ فريئر روڊ تي البرٽ پرنٽنگ پريس هئي، جتان روزانه سنڌي آفتاب اخبار ۽ هڪ هفتيوار انگريزي اخبار ”مرڪنٽائيل گزٽ“ شايع ٿينديون هيون. آفتاب اخبار سکر جي مسلمانن جي پهرين اخبار هئي. سکر جا ميمڻ مخير ۽ سماجي ورڪر هئا، تنهنڪري سندن بيان ڏنو ويو آهي.   

 

منشي ميان محمود

منشي ميان محمود ولد عبدالرحمان ولد مولوي منشي حامد اصل ڪاٺياواڙي ميمڻ هئا ۽ پوءِ ڪڇ ۾ رهڻ لڳا. منشي پير حامد جي قبر فولا ڳوٺ جوڙيا (ڪڇ) ۾ آهي. کيس بيشمار مريد هئا ۽ مزار تي ساليانو ميلو لڳي ٿو. منشي عبدالرحمان ولد مولانا حامد جو پهريان قاضي جي عهدي تي فائز هو ۽ اتان رٽائرڊ ڪرڻ کان پوءِ حڪومت ڪڇ هن کي حيدرآباد سنڌ ڏانهن مڪو، ڇاڪاڻ جو سر چارلس نيپئر کي هڪ فارسي ڄاڻوءَ جي ضرورت هئي، جو هندستاني ۾ ترجماني ڪري سگهي. کيس 3 پٽ هئا: منشي علي محمد جو 15 ريجمينٽ جو صوبيدار ميجر هو. ٻيو منشي گل محمد جو ڪاردار هو. ٽيون خان بهادر نجم الدين جنهن ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تان رٽائرڊ ڪيو. ميان محمود جو 1839ع ۾ ڪڇ جي راءُ ڊيسلجي جي ڏينهن ۾ سنڌ آيو، سندس اولاد حيدرآباد ۾ رهي ٿو.

منشي ميان محمود پهرين انگريزي دور ۾ ميرپور خاص ۾ پوليٽيڪل منشي ٿي رهيو ۽ بعد ۾ انڊس نيول سروس پاران سکر ۾ ايجنٽ ٿي رهيو ۽ پويان 22 سال سپرنٽينڊنٽ ۽ سيٽلمينٽ کاتي جو اسسٽنٽ آفيسر ٿي رهيو. منشي خاندان مان هي پهريون خاندان جو مدبر هو، جنهن 1839ع کان سکر کي وطن جوڙيو. سال 1811ع ۾ ڪڇ جي شهر انجاد ۾ ڄائو ۽ 1875ع ۾ وفات ڪيائين. عربي، فارسي ۽ اردو جو ڄاڻو هو. سندس ”ديوان محمود“ سندس پٽ خانبهادر پير بخش 1898ع ۾ لاهور مان شايع ڪرايو. سندس ڪلام سنڌي، فارسي، اردو، هندي ۽ سرائڪي زبان ۾ آهي.

 

منشي ميان پير بخش

ميان پير بخش ولد  ميان محمود 1854ع ۾ ڄائو. سنڌي، فارسي ۽ انگريزي تعليم وٺڻ کان پوءِ پنهنجي قابليت جي ڪري ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي کي پهتو ۽ 1906ع ۾ رٽائرڊ ڪيائين. 1914ع ۽ 1918ع ۾ ٻه دفعا بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو سرڪاري ميمبر چونڊيو ويو. رٽائرڊ ڪرڻ کان پوءِ خانبهادر ميان پير بخش ”انجمنِ اسلام“ قائم ڪئي، ضلع مدرسه ۽ عيدگاهه انجمنِ اسلام جا ڪارناما آهن.

1914ع ۾ سکر ميونسپالٽي ۽ لوڪل بورڊ جو 9 سالن تائين صدر رهيو. خدمت خلق ۽ حڪومت سان ايماندار ۽ وفادار رهڻ ڪري حڪومت کيس ”ڪمپئينن آف انڊين ايمپار“ (سي – آئي – اِي) جو خطاب ڏنو ۽ زمين به ڏني. خانبهادر منشي پير بخش کي هندو توڙي مسلمان احترام جي نظر سان ڏسندا هئا. آنرري مئجسٽريٽ به هو. هر سال يارهين جي وڏي خيرات ڪندو هو ۽ علمائن کي کارائيندو هو. سندس پٽ ميان رسول بخش منشي 1883ع ۾ ڄائو ۽ 1904ع ۾ روينيو کاتي ۾ ڪلارڪ ٿيو پوءِ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو. ميونسپل ڪائونسل جو به ميمبر رهيو ۽ ڪو وقت سکر مسلم ليگ جو صدر رهيو. 1941ع ۾ حڪومت جي گڏيل لوڪل باڊيز جي چونڊن جي مخالفت ڪيائين. ميونسپل جي ميمبري جي زماني ۾ هندو سندس مخالف هئا. وفات 1947ع ۾ ڪيائين. ميان پير بخش جو ٻيو پٽ ميان نبي بخش انڪم ٽئڪس ڪليڪٽر هو ۽ بيجاپور ۾ رٽائرڊ ٿي سکر پهتو. فريئر روڊ تي رؤف برادرس جو ريڊيو جو دوڪان سندس پٽن جو آهي. 1958ع ۾ انقلابي حڪومت ميان نبي بخش کي بنيادي جمهوريت جو ميمبر چونڊيو. راقم جو دوست آهي. ميان رحيم بخش پهريان سکر ۾ وڪالت ڪندو هو. پوءِ پبلڪ پراسيڪيوٽر مقرر ٿيو. اتان ترقي ڪري سيشن جج ٿيو بعد ۾ چيف ڪورٽ جو جسٽس ٿيو ۽ 31 جولاءِ 1961ع ۾ رٽائرڊ ٿيو.

ميان رحيم بخش ميان پير بخش جو ننڍو پٽ آهي. ميان محمد بخش ولد ميان پير بخش زميندار 1956ع ۾ وفات ڪئي. ميان محمود ولد ميان پير بخش سب ڊويزنل آفيسر هينئر رٽائرڊ آهي. ميان پير بخش جو اولاد سکر بندر تي پنهنجن جاين ۾ رهي ٿو. فقط ميان رحيم بخش ڪراچي ۾ رهي ٿو.

سکر جا لکاڻي ميمڻ

سيٺ اسماعيل

سيٺ محمد اسماعيل لکاڻي ميمڻ جو والد سيٺ آدم رالي برادرس ڪمپني طرفان چمڙي جي خريداري ڪرڻ لاءِ 1907ع ۾ دلال جي حيثيت سان سکر ۾ ڌنڌو شروع ڪيو.       

سيٺ اسماعيل صاحب ڌنڌي ڪرڻ سان گڏ سکر جو مشهور سماجي ورڪر هو. 1922ع  کان 1957ع تائين سکر ميونسپالٽي جو ڪائونسلر رهيو. سيٺ اسماعيل سيٺ آدم جي سئوٽ سيٺ حسيني جي دختر سان شادي ڪئي. کيس گهڻو اولاد آهي. هو مسلم ليگ ورڪنگ ڪاميٽي جو سرگرم عمل ميمبر هو. ريس ڪورس روڊ تي مسجد جنازه گاهه وارو پلاٽ سيٺ اسماعيل جي ڪوشش سان مسلمانن کي مليو. جو هڪڙي هندو ساڌو والاريو هو. سکر جي هندو ويرو مل جي روزانه اخبار ساڌوئن جي فائدي ۾ هئي، ٻئي طرف روزانه دعوتِ اسلام ۽ سنڌ زميندار مسلمانن جي مطالبي کي دهرائڻ لڳيون. آخر جنگ سيٺ اسماعيل کٽي ۽ مسلمانن جنازه مسجد تعمير ڪرائي. سيٺ محمد اسماعيل جو اولاد سمورو برسر روزگار آهي. راقم سان دوستي هئس.

 

 

سکر جا پٺاڻ

سردار محمد علي خان

سردار محمد علي خان ولد امير شير علي خان ذات محمد زئي سکر جو پوليٽيڪل پينشنر ۽ وڏو زميندار هو. ٻي افغان ويڙهه وقت امير شير علي خان قنڌار جو والي هو، جنهن کي افغان حڪومت سياسي سببن جي ڪري جلاوطن ڪيو. جيڪو 1897ع ۾ ڪمشنر وينگٽ جي ڏينهن ۾ ڪراچي پهتو ۽ حڪومت سردار شير علي خان کي 5 هزار رپيا ماهوار پينشن ۽ رهائش لاءِ ڪراچي ۾ زمين ڏني. کيس ٻه پٽ هئا سردار محمد علي خان 1903ع ۾ سکر ۽ ميونسپل کان عيدگاهه لڳ اولهندي طرف زمين خريد ڪري بنگلو ۽ جايون جوڙائي رهڻ لڳو. حڪومت کيس چار سؤ رپيا ماهوار پينشن ۽ ميرپور ماٿيلي ۾ زمين ڏني. سردار محمد علي خان بلند اخلاق، پابند صوم و صلوات ۽ گوشه نشين بزرگ هو. عيد جي موقعن تي شهر جي شرفا کي ضيافتون ڏيندو هو. عبدالمجيد خان، پير ڪرم علي خان، ميان عبدالرحمان، بابو سليمان، پير بخش خان ۽ ماستر حبيب الله سان سندس برادري رستو هوندو هو. سندس وفات کان پوءِ سندس پويان سکر واريون جايون بلوچ زميندار صبح صادق کوسي کي وڪڻي ويا. سندس ميرپور ماٿيلي واري زمين سندس نالي ايراني پير صبغت الله شاهه سنڀاليندو آهي. آغا غلام نبي خان به پوليٽيڪل پينشز سکر بندر تي رهندو هو.

 

خداداد خان

خان بهادر خداداد خان ولد رضا محمد خان ترين پشين جي پٺاڻن مان هو، جو اتان لڏي سکر پراڻي ۾ رهڻ لڳو. کيس ٻه پٽ هئا. الله داد خان، جنهن 1888ع ۾ وفات ڪئي. خداداد خان 1838ع ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم سکر جي ڀر واري ڳوٺ چمن ۾ آخوند الله بخش کان حاصل ڪري، جامع خير الدين شاهه جيلاني ۾ داخل ٿيو. انهن ڏينهن ۾ ميجر گولڊ سمڊ سنڌي اسڪولن مٿان ”ناظرِ مڪتب“ هو، تنهن خداداد خان جي لياقت ڏسي، کيس سرڪاري ملازمت ڏني. 1853ع ۾ شڪارپور جي جوڊيشنل ڊپٽي مئجسٽريٽ جو منشي ٿيو ۽ پنهنجي قابليت جي ڪري 1857ع ۾ ڪمشنر سنڌ جي سيڪريٽريٽ ۾ داخل ٿيو ۽ اتان ترقي ڪري پوليٽڪل سروس ۾ داخل ٿيو ۽ سرڪاري ڪميشن سان بغداد، دهلي، مڪران ۽ ڪوئيٽا تائين سفر ڪندو رهيو. پهريان خان صاحب جو خطاب مليس ۽ بعد ۾ 1893ع خان بهادر جو خطاب مليس. ازانسواءِ ٽي سؤ ايڪڙ زمين ٻن پيڙهين تائين جاگير مليس. جڏهن 1900ع ۾ ڪمشنر سکر ۾ درٻار ڪئي هئي، تڏهن 1898ع ڌاري ڪمشنر جيمس سنڌ ڇڏڻ وقت خان بهادر کي سندس علمي لياقتن جي ڪري هڪ نقرئي دستي سان ترار، تمغو ۽ سند ڏيئي جاگير لاءِ سفارش ڪري ويو. 1896ع ۾ سرڪاري ملازمت کان رٽائرڊ ڪري پنهنجي بنگلي سکر پراڻي  ۾ رهڻ لڳو، جتي سندس مسجد آهي. 1903ع ۾ وفات ڪيائين ۽ پنهنجي بنگلي جي ڪمپائونڊ ۾ دفنايو ويو. مسجد جو ڪتبو هن طرح آهي:

 

آن خان بهادر خداداد خان
تاريخ لطيف گفت هاتف

چو ساخته معبد عجائب
الله چه مسجد عجائب

سکر جي خاڪ پاڪ مان گهڻائي عالم، فاضل، صحافي پيدا ٿيا. خان بهادر به مؤرخ هو. تصنيفات جي فهرست هي آهي:

 

(1) لبِ تاريخ

سنڌ جي فارسي ۾ تاريخ آهي جا 1900ع ۾ رياض الهند پريس امرتسر مان شايع ٿي. منجهس ڪمشنرن جو بيان ڏنل آهي. هن جو تازو نسخو سنڌي ادبي بورڊ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کان تيار ڪرائي شايع ڪرايو آهي.

 

(2) وقائع سير جيسلمير

خان بهادر 1859ع ۾ ميجر گولڊ سمڊ سان جيسلمير ويو هو. اهو ڪتاب 1867ع ۾ شايع ٿيو.

  

(3) خليج نامه

ايراني نار جو احوال ڏنل آهي جڏهن 1861ع ۾ خان بهادر ڪمشنر مينسفيلڊ سان گڏ بغداد ويو هو.  

 

(4) مڪران نامه

1862ع ۾ خان بهادر ميجر گولڊ سمڊ سان گڏ مڪران ۽ ايران جي حد بندي ڪرڻ ويو هو. ڪتاب ۾ 19 صدي جي حالتن ۽ لس ٻيلي ۽ مڪران جو بيان ڏنل آهي، جو 1862ع ۾ شايع ٿيو.  

 

(5) پل نامه

86 – 1887ع ۾ بمبئي جي گورنر لارڊ ري سکر جي لئنسڊائون پل جو افتتاح ڪرڻ آيو هو. ان موقعي تي بکر جي قلعي ۾ وڏي دربار لڳي هئي. سنڌ، پنجاب ۽ هندوستان جا وڏا ماڻهو آيا هئا، مير علي مراد خان به آيو هو. سکر ميونسپل پاران گورنر کي سپاس نامو پيش ڪيو ويو. جلسي ختم ٿيڻ کان پوءِ گورنر ڪوئيٽا، چمن ۽ شالا باغ ڏانهن ويو هو. جلسي جو انتظام خان بهادر ڪيو هو. پل نامه ۾ مفصل بيان ڏنل آهي.

 

(6) سياحت نامه

1892ع ۾ خان بهادر سرڪاري دوري تي راجڪوٽ، احمد آباد، پونا، اجمير، دهلي ۽ امرتسر ڏانهن ويو هو. مٿين شهرن جو بيان سياحت نامه ۾ ڏنل آهي.

 

(7) خيرپور نامه

مير سهراب خان ۽ سندس پٽن مير رستم خان، مير مبارڪ خان ۽ مير علي مراد جي جاگيرن، سياسي حالتن ۽ وفات جو بيان ڏنل آهي، جو 1894ع ۾ ڪراچي مان شايع ٿيو.

 

(8) سنڌ جي جاگيرداري جي تاريخ

خان بهادر سنڌ جي جاگيرن جي تاريخ مرتب ڪئي، جا 1886ع ۾ ”هسٽري آف ايلينيشن اِن دي پراونس آف سنڌ“ جلد 1 ۾ انگريزي ۾ ڏنل آهي.

 

(9) سنڌ جا شهر

ڪمشنر مسٽر ميري ويدر جي حڪم سان خان بهادر خداداد خان سنڌ جي ابتدائي ٽن ضلعن ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور جي اهم شهرن ۽ بزرگن جا بيان 1869ع ۾ شايع ڪيا. ڪراچي ضلع جي منگهوپير، لاهوت، دروت، شاهه بلاول ۽ حيدرآباد ضلع جي رني ڪوٽ، نصرپور ٽنڊو فاضل، مخدوم نوح، رحمڪي بازار، اڏيرو لال، شڪارپور ضلع جي خواجه خضر، مناره مير معصوم، قاسم خاني ۽ بکر جا حالت قلمبند ڪيا. هن ڪتاب کي حڪومت سنڌ، سنڌي انگريزي ۾ ترجما ڪرائي سنڌ جي سرڪاري عملدارن ۽ برطانيه جي معززن کي ورهائي ڏنا. انهن ڪتابن کان سواءِ مڪلي نامه ۽ افسوس نامه به آهن. راقم جي ڪتبخانه ۾ فقط لبِ تاريخ ۽ خيرپور نامه موجود آهن.

 

آغا عبدالحميد خان

خان بهادر خداداد خان جو ننڍو پٽ ۽ سکر جو سماجي ورڪر ۽ ليڊر هو. ابتدائي تعليم سکر ۾ حاصل ڪري ڪراچي جي مشن اسڪول ۾ داخل ٿيو ۽ وڌيڪ تعليم پرائڻ لاءِ 1903ع ۾ انگلينڊ ڏانهن ويو ۽ اتي جي سينٽ پال اسڪول ۽ ڊائوننگ ڪاليج ۾ داخلا وٺي، مڊل ٽيمپل جو ميمبر ٿيو ۽ بئريسٽري لاءِ تياريون ڪرڻ لڳو، پر پوءِ ڪن مجبورين جي ڪري 1912ع ۾ سکر موٽيو. سکر جي پبلڪ لائيف ۾ ميونسپل ڪاميٽيءَ جو ميمبر ٿيو. وائيس پريزيڊنٽ ۽ مختلف ڪاميٽين جو چيئرمين رهيو. صحت ۽ صفائي ڪاميٽي جي چيئرمين جي حيثيت ۾ هن 3 اسپتالون جاري ڪرايون جن مان غريب آباد اسپتال تي عبدالحميد خان اسپتال نالو رکيو ويو. هينئر اهو نالو غائب آهي. ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو به وائيس پريزيڊنٽ رهيو. سکر شهر جي رفاه عام ڪمن ۾ سندس وڏو حصو هو. 1924ع ۾ سنڌ پاران مرڪزي ليجسليٽو اسيمبلي جو ميمبر ٿيو. انجمن صليب احمر جي پايه وجهندڙ مان هو ۽ بواءِ اسڪائوٽ ڪاميٽيءَ جو ميمبر هو. 1936ع ۾ سکر پراونشل ڪوآپريٽو بنئڪ جو ميمبر ۽ پهرين چيئرمين ٿيو. 12 سالن تائين آنرري مئجسٽريٽن جي بينچ جو چيئرمين رهيو. سنڌي، آغا عبدالحميد خان کي احترام جي نظر سان ڏسندا هئا. راقم سان سندس دوستي هئي ۽ اڪثر خسخانه تي اچي ملاقات ڪندو هو. خوش اخلاق ۽ ملنسار هو. ڊسمبر 1960ع ۾ وفات ڪيائين.

 

بابر پٺاڻ

آغا عطا محمد خان

ميجر آغا عطا محمد خان جو والد آغا جان محمد خان ايم – پي – اي سلطان ڪوٽ جي بابر دراني پٺاڻ زميندارن مان آهن. جان محمد خان 1920ع ۾ تعلقه لوڪل بورڊ جو صدر هو ۽ 1926ع کان 1937ع تائين بمبئي ڪائونسل جو ميمبر رهيو. سنڌ جي بمبئي کان علحدگي بعد سنڌ انڊوائيزري ڪاميٽي جو ميمبر رهيو. آغا جان محمد خان پراڻي وضع قطع جو بزرگ هو. خان بهادر کي سکر شهر پسند هو. اهڙي ڇڪ ڪري 1929ع ۾ پارسي ڪالوني سکر ۾ هڪ عاليشان بنگلو تعمير ڪرايائين. خان بهادر آغا جان محمد 1938ع ۾ وفات ڪئي. پٽس ميجر آغا عطا محمد خان انجمن صليب احمر ۽ ٻين ڪيترن رفاه عام جي ڪاميٽين جو ميمبر آهي. سکر پراڻي ڏانهن ويندڙ رستي تي ”شالامار“ سئنيما، جا سکر جي بهترين سئنيما آهي، سندس ملڪيت آهي.

 

آغا نظام الدين خان

خان بهادر آغا نظام الدين خان ولد آغا سيف الدين خان وڏو زميندار آهي. آغا سيف الدين خان 1919ع ۾ وفات ڪئي. 1940ع ۾ آغا نظام الدين کي حڪومت پاران خان بهادري جو خطاب مليو ۽ عظيم الشان بنگلو تعمير ڪرائي رهڻ لڳو. هو ڪيترا دفعا سکر ميونسپالٽي جو وائيس پريزيڊنٽ رهيو. راقم جو هم مڪتب دوست آهي. هر سال باقاعده محتاجن ۽ بيواهه زالن کي زڪوات ڏئي ٿو. آغا صاحب کي 3 پٽ آهن. آغا نجم الدين سکر ۾ وڪيل ۽ سماجي ورڪر آهي، آغا آصف علي خان ولايت پاس بئريسٽر آهي. آغا فخر الدين ولايت ۾ بئريسٽري پڙهي ٿو. آغا نظام الدين خان وڏو مهمان نواز آهي.

 

بارڪزئي پٺاڻ

آغا در محمد خان

آغا در محمد خان بارڪزئي دراني، جنهن جي اوطاق ڪوئينس روڊ تي آهي، ڳڙهي ياسين جو وڏو ميندار هو. در محمد خان جو ڏاڏو خان صاحب الله بخش خان ۽ عبدالڪبير خان پاڻ ۾ ڀائر هئا. الله بخش کي ٻه پٽ عبدالمجيد خان ۽ عبدالحميد خان هئا آغا در محمد خان جو پٽ عبدالمجيد خان لاولد هو. عبدالڪبير خان کي شمس الدين خان پٽ هو، جو لوڪل بورڊ ڊسٽرڪٽ جو ميمبر هو. کيس ٻه پٽ آغا بدر الدين ۽ آغا صدر الدين آهن.

 

آغا بدر الدين خان

آغا بدر الدين بدر عالم وٽ ڳڙهي ياسين ۾ وڏو ڪتبخانو آهي ۽ پاڻ علم ۽ ادب جو شيدائي آهي. سندس دسترخوان وسيع آهي. هن صاحب 1945ع ۾ ڳڙهي ياسين مان ”آشيانه ادب“ ماهوار رسالو جاري ڪيو ۽ 1937ع ۾ هفتيوار اخبار ”پيغامِ صلح“ جاري ڪيائين جا 1947ع تائين جاري رهي. آغا بدر عالم مسلم ليگ کي زور وٺائڻ لاءِ سکر مان روزانه اخبار انقلاب 45 – 1948ع ۾ جاري ڪرائي جا مقبل رهي پر ٻه دفعا حڪومت طرفان مٿس بندش پئي. آغا بدر عالم ڪو وقت سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر رهيو ۽ ون يونٽ خلاف چڱو بهرو ورتائين. سندس ٻه ڪتاب ”مسافر حجاز“ ۽ ”تحفته الطاهرين“ مشهور آهن. پوئين ڪتاب ۾ مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي جيڪي بزرگ مدفن آهن تن جو مختصر احوال فارسيءَ ۾ ڏنل آهي.

 

 

آغا تاج محمد

باگڙجي جي ترين قبيلي جو فرد، جنهن سکر گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ تعليم ورتي. پهريان، رياست خيرپور جي ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن جي عهدي تي رهيو سندس تعليم بي – اي، بي – ٽي تائين هئي. سنڌ يونيورسٽي قائم ٿيڻ کان پوءِ رجسٽرار مقرر ٿيو ۽ 1959ع ۾ وفات تائين انهيءَ عهدي تي فائز رهيو ۽ آمريڪا تائين مسافري ڪئي هئائين. سندس ڪوشش سان لطيف ڪاميٽي قائم ٿي، جنهن جو چيئرمين سيد ميران محمد شاهه صاحب آهي. هر سال ڪاميٽيءَ پاران ڀٽ شاهه تي ادبي ڪانفرنس منعقد ٿيندي آهي ۽ شاهه عبداللطيف جي علم ۽ فڪر متعلق هر سال هڪ رسالو شايع ٿيندو آهي. آغا تاج محمد جو پٽ آغا شهاب الدين ايم – اي آهي.

 

قزلباش پٺاڻ

آغا خداداد خان

آغا خداداد خان قزلباش افغان سکر جو وڏو واپاري واري تڙ تي رهندو هو. غريب آباد ۾ وٽس گهڻيون جايون هيون ۽ نئين ڳوٺ جي اتر ۾ سندس ميويدار باغ هو، جنهن جا نشان به مٽجي ويا آهن.

 

آغا غلام علي خان

آغا غلام علي خان ولد آغا خداداد خان به واپار ڪندو هو ۽ فنِ حڪمت جو به ماهر هو ۽ آنربل سر غلام حسين جي همشيره سان شادي ڪيائين. کيس ٽي پٽ ڄاوا: حسين علي خان، حسن علي خان ۽ جعفر علي خان. خداداد خان 1915ع ۾ وفات ڪئي.  

 

آغا حسين علي خان

درويش قسم جو ماڻهو هو، ڪربلا معليٰ ۽ نجف اشرف جي زيارت ڪئي هئائين. 1955ع ۾ وفات ڪيائين.

 

آغا حسن علي خان

جنوري 1898ع ۾ تولد ٿيو. بمبئي يونيورسٽي مان بي – اي، ايل – ايل – بي پاس ڪرڻ کان پوءِ 1916ع ۾ ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ مقرر ٿيو. 1920ع ۾ مٿيون عهدو ڇڏي سکر ۾ وڪالت شروع ڪيائين ۽ 1923ع ۾ پبلڪ پراسيڪيوٽر مقرر ٿيو ۽ 1931ع ۾ ايڊيشنل سيشن جج مقرر ٿيو. 1937ع ۾ سيشن جج ۽ 1943ع ۾ ايڊووڪيٽ جنرل ٿيو. بعد ۾ چيف ڪورٽ ڪراچي جو جسٽس مقرر ٿيو، جتان 1955ع ۾ رٽائرڊ ڪائين. آغا صاحب ۽ سندس ننڍي ڀاءُ آغا جعفر علي خان، خانبهادر عبدالعليم برٽش وائيس قونصلر مقيم مشهد جي ٻن نياڻين سان شاديون ڪيون، جن مان کين اولاد ٿيو.

آغا حسن علي خان جي ڪوشش سان سکر ۾ امام بارگاهه تعمير ٿي. آغا صاحب کي ڇهه پٽ آهن، سندن نالا هيٺ ڏجن ٿا:

آغا غلام علي – 1948ع ۾ سکر ۾ وڪالت شروع ڪئي ۽ اسسٽنٽ پبلڪ پراسيڪويٽر آهي.

آغا امداد علي خان – پهريان ڪراچي ۾ وڪالت شروع ڪئي هينئر جيڪب آباد ۾ سيشن جج آهي.

آغا خادم علي خان – وليج ڊولپمينٽ کاتي ۾ عملدار آهي.

آغا ارشاد علي خان – پاڪستان هوائي کاتي ۾ پائيلٽ آهي ۽ آمريڪا ۾ تعليم ورتل آهي.

آغا رضا علي خان ۽ آغا اسد علي خان ڪاليج ۾ تعليم وٺن ٿا.

 

آغا جعفر علي خان

آغا جعفر علي خان ولد آغا غلام علي خان پهريان ايڪسائيز سپرنٽينڊنٽ مقرر ٿيو، بعد ۾ وائيسريگل ڪميشن معرفت فوج ۾ سيڪنڊ ليفٽننٽ مقرر ٿيو. ٻي عالمگير جنگ ۾ ڪپتان جي عهدي تي ڪوئيٽا ۾ مومينٽ آفيسر ٿي رهيو. جنگ جي خاتمي کان پوءِ ڊائريڪٽر ايڪسائيز ۽ ٽئڪسيشن مقرر ٿيو. 1960ع ۾ رٽائرڊ ڪري ڪراچي ۾ رهي ٿو. کيس ٻه پٽ آهن.

 

قريشي

ميان نعمت الله قريشي

سنڌ جو قومي ڪارڪن ميان نعمت الله قريشي سکر جو سماجي ورڪر، مسلم ليگ جو وائيس پريزيڊنٽ، مسجد منزلگاهه ريسٽوريشن ڪاميٽي جو سرگرم عمل رڪن جو شمار سنڌ جي سياسي ليڊرن ۾ آهي ۽ اهڙين خدمتن جي ڪري کيس جيل ڀوڳڻو پيو. ميان نعمت الله صحافي به آهي. دعوتِ اسلام کي ٻه دفعا روزانو ڪرڻو پيو ۽ هندو اخبارن کي دعوتِ اسلام ذريعي دندان شڪن جواب ڏيندو رهيو. وٽس ٽائيلس فئڪٽري آهي. 1962ع ۾ مارشل لا لهڻ کان پوءِ سکر ۾ پهريون سياسي جلسو سندس زير صدارت ٿيو.

ڊاڪٽر محمد يامين

مرحوم ڊاڪٽر محمد يامين سکر جو قومي بيباڪ خدمتگار هو. سندس وڏا شاهجاهان جي ڏينهن ۾ مڪه کان هند ۾ پهتا ۽ جالنڌر ۾ مستقبل سڪونت اختيار ڪيائون. ڊاڪٽر صاحب 1912ع ۾ هجرت ڪري سکر کي وطن بنائي رهڻ لڳو ۽ دندان سازي جو ڪاروبار ڪندو هو. سندس دڪان فريئر روڊ تي هو ۽ هي پهريون دندان ساز ڊاڪٽر هو، جنهن سکر ۾ دندان سازي جو دڪان کوليو ۽ فڪر معاش کان آزاد هو. 1922ع ۾ خلافت تحريڪ ۾ شريڪ ٿيو. تنهن کان پوءِ آريا سماج جي شڌي ۽ سنگهٽن تحريڪ خلاف ڊاڪٽر صاحب ”انجمن تبليغ اسلام“ جاري ڪئي ۽ مولانا تاج محمد امروٽي صاحب، شيخ عبدالمجيد صاحب ۽ سيٺ عبدالله هارون سندس ساراهه ڪرڻ لڳا. 1927ع ۾ تبليغ ڪانفرنس ڪوٺائڻ جي ڊاڪٽر صاحب رٿ ڏني هئي. 1928ع ۾ پنهنجي پرديس مان اخبار دعوتِ اسلام جاري ڪيائون، جا آزادي سان پنهنجو پارٽ ادا ڪرڻ لڳي. وري جڏهن پير صاحب پاڳاري تي حڪومت سکر ۾ ڪيس هلايو، پير صاحب پاران مسٽر محمد علي جناح، مسٽر صاحب سنگهه ۽ مسٽر احمد علي وڪيل هئا ته اهڙي اهم موقعي تي ڊاڪٽر يامين اخبار دعوتِ اسلام کي هفتيوار مان ڦيرائي روزانه ڪيو ۽ هن ڪم ۾ ميان نعمت الله قريشي ساڻس ٻانهن ٻيلي ٿي قومي ڪم ڪرڻ لڳو. سنڌ جدائي واري تحريڪ ۾ دعوتِ اسلام پنهنجي فرض کي ڪاميابي سان ادا ڪيو. 1939ع ۾ ڊاڪٽر صاحب نه صرف مسجد منزلگاهه واري تحريڪ ۾ انجمنِ اتحاد ملت جو ميمبر ٿي رهيو، پر دعوتِ اسلام کي ٻيو دفعو پنهنجي سر روزانو ڪيائين ۽ حڪومت بغاوت جي ڏوهه ۾ کيس ٻين ليڊرن سان گڏ جيل جي سزا ڏني. آزاد ٿيڻ کان پوءِ حڪومت هڪڙي مضمون شايع ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ڊاڪٽر صاحب کي هڪ سال قيد جي سزا ڏني، جنهنڪري سندس صحت تي گهڻو اثر پيو. اهڙي حالت ۾ 1958ع ۾ حج تي اسريا ۽ حج جي ٻئي ڏينهن مڪه معظمه ۾ جان، جان آفرين جي سپرد ڪيائون ۽ اتي جي خاڪ کين نصيب ٿي. دعوتِ اسلام سنڌ جي صحافت ۾ چڱو نالو ڪڍيو ۽ دعوتِ اسلام پريس سکر، پير صاحب پاڳاري جي سموري ڪيس جي ڪاروائي کي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيو.

قيام پاڪستان کان پوءِ پهريون دفعو سکر جي مسلمانن ڊاڪٽر محمد يامين جي ورسي ميونسپال هال سکر ۾ زير صدارت راقم ملهائي. ميان نعمت الله قريشي ۽ راقم ڊاڪٽر مرحوم جي ڪارنامن تي ليڪچر ڏنا ۽ شاعر فيض بخشاپوري شعر پڙهيو. مرحوم ڊاڪٽر محمد يامين کي گهڻو ئي اولاد آهي. وڏو پٽ ڊاڪٽر عبدالعزيز والد جي دڪان کي هلائي ٿو، قومي خدمت جو ولولو رکندڙ آهي. ٻيو پٽ مسٽر رشيد اختر ائڊووڪيٽ سکر جو مشهور وڪيل آهي. کيس هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ تائين ڪيس هلائڻ جي اختياري آهي. انقلابي حڪومت جي مارشل لا دور ۾ اوٿ ڪمشنر به رهيو.

 

مولانا غلام سرور انصاري

مولانا غلام سرور انصاري ٽيلر ماسٽر ويٺل پنجاب جو سکر جي سرگرم قومي خدمتگارن ۾ شمار ٿئي ٿو. مسجد منزلگاهه ريسٽوريشن ڪاميٽي جو ميمبر رهيو. حڪومت جن مسلمان مجاهدن تي بغاوت جو ڏوهه مڙهي مٿن ڪيس داخل ڪيو، تنهن فهرست ۾ مولانا غلام سرور جو نالو هو، جو ان وقت روپوش ٿي ويو ۽ سيٺ عبدالله هارون سندس ٻارن ٻچن لاءِ ڪجهه وقت ماهوار وظيفو گذر سفر لاءِ مقرر ڪيو هو. اهڙين مصيبتن کي سهندي مسلمان فتحمند ٿيا ۽ مولانا غلام سرور وطن سکر موٽي آيو. قيام پاڪستان کان پوءِ غلام سرور صاحب ۽ راقم مدرسه بورڊ تي ميمبر چوندجي ويا ۽ مدرسه جي مسجد شريف کي مولانا غلام سرور چندا گڏ ڪري نئين سر تعمير ڪرائي سينگاري منجهس پيش امام به مقرر ڪيو.

 

شيخ

بابو محمد سليمان

بابو محمد سليمان سکر جي مشهور ليڊر جو والد نو مسلم شيخ جان محمد ڪراچي سولجر بازار ۾ فوج جي راشن اسٽور ۾ ملازم هو ۽ اتي ئي مولوي تاج محمد مقيم گهوٽڪي جي هٿ تي اسلام قبول ڪيائين جو سولجر بازار مسجد ۾ پيش امام هو. شيخ محمد سليمان سندس والد جي اسلام آڻڻ کان پوءِ تولد ٿيو ۽ سندس والده ننڍي ڄمار ۾ فوت ٿي وئي، جنهنڪري هن جي تربيت پنهنجي والد جي آغوش ۾ ۽ تعليم مولوي تاج محمد صاحب وٽ ٿي. ابتدا ۾ پارسي، عربي تعليم حاصل ڪري ان کان پوءِ ڪراچي جي مشن اسڪول ۾ 4 درجا انگريزي پڙهي ٽپال کاتي ۾ ملازمت ڪيائين ۽ بوشهر، مسقط ۾ پوسٽ ماسٽر رهيو. اتان نوڪري ڇڏي ايران هليو ويو، جتي فارسي ۽ انگريزي جو مترجم مقرر ٿيو. ڪن سالن گذرڻ کان پوءِ اتان واپس اچي ڪوٽڙي ۾ ريلوي ڪلارڪ مقرر ٿيو، جتان ترقي ڪري سکر ريلوي اسٽور ۾ اسٽور ڪيپر مقرر ٿيو، ۽ وري ڪوئيٽا جي ريلوي آفيس ۾ هيڊ ڪلارڪي تي پهتو، پر ستت ئي نوڪري ڇڏي ڪن ڀائيوارن سان گڏجي پريس خريد ڪري سکر ۾ قائم ڪئي ۽ ان جي شاخ ڪوئيٽا ۾ ڪڍي وئي. شيخ محمد سليمان ڪوئيٽا مان ”بلوچستان گزٽ“ نالي اخبار جاري ڪئي، مگر پوءِ 1893ع ۾ ڀائيوارن کان جدا ٿي پريس تي مڪمل قبضو ڪيائين. 1895ع ۾ سکر ۾ سخت پليگ پئي، جنهن ۾ هزارين ماڻهو مئا ۽ شهر ويران ٿي ويو، مگر شيخ محمد سليمان وڏي همت سان شهرين جي خدمت ڪندو رهيو ۽ لاوارثن جي ڪفن دفن ۽ رهيل ماڻهن کي راشن وغيره پهچائڻ جو سمورو ڪم پنهنجي سر ڪندو رهيو. انهن خدمتن جي ڪري سکر شهر جي مسلمانن هن کي پنهنجو ليڊر تسليم ڪيو. 1900ع ۾ مسلمانن هڪ فنڊ گڏ ڪيو هو، جو نجم الدين فنڊ سان مشهور آهي، هن ارادي سان ته حيدرآباد ۾ ”مسلم هال“، ”لا ڪلاس“ ۽ اخبار جاري ڪئي وڃي. اخبار جي ادارت ۽ قانوني خدمات لاءِ مسٽر علي محمد دهلوي (بعد سر علي محمد وزير حڪومت بمبئي) کي گهرايو ويو، مگر اڳتي هلي فنڊ گڏ ڪندڙن جو پاڻ ۾ اختلاف ٿي پيو ۽ معاملو ڪورٽ تائين ويو. ان وچ ۾ سردار محمد يعقوب خان، جو مٿين فند جو باني هو. شيخ محمد سليمان کي گهرائي، چيو ته جيستائين ڪورٽ جو فيصلو ٿئي، تيستائين اوهان سنڌ جي مسلمانن لاءِ اخبار جاري ڪريو. سردار صاحب جي صلاح وٺي شيخ صاحب سنڌي ۽ انگريزي ۾ سکر مان ”الحق“ اخبار جاري ڪئي، جنهن جي انگريزي حصي جي ايڊيٽري مسٽر علي محمد بار ائٽ لا ڪندو رهيو. 1901ع ۾ الحق کي سکر کان حيدرآباد آندو ويو. سکر پوءِ 1907ع ۾ پريس وري واپس سکر آندي وئي. سيخ محمد سليمان سکر ۾ رهي جيڪي مسلمانن جون خدمتون ڪيون، تن مان ڊسٽرڪٽ نورڊنگ هائوس، مدرسته الاسلام ۽ ”انجمنِ اسلام“ قائم ڪرڻ نمايان خدمتون آهن. هو انهن جماعتن جو وفات جي دم تائين سيڪريٽري رهيو ۽ سنجيدگي سان خدمت ڪندو رهيو. سکر جي عيدگاهه اڄ ڪلهه پنهنجي گلريزي ڪري ”گلشنِ عيدگاهه“ سڏجي ٿي ۽ سندس هيمشه قائم رهڻ واري يادگار آهي. هي مسلمانن جو خادم بزرگ انهيءَ وقت تائين قوم جي خدمت ادا ڪندي، 8 – جون 1908ع ۾ وفات ڪري ويو ۽ سکر جي شيخ شينهن جي قبرستان ۾ دفن ٿيو. کيس 3 پٽ هئا، جن مان شيخ عبدالعزيز ۽ شيخ عبدالحڪيم مالڪ اخبار الحق وفات ڪري ويا، ڊاڪٽر شيخ عبدالباقي ٽنڊي ڄام ائگريڪلچر کاتي جو وڏو عملدار آهي. شيخ محمد سليمان شڪل شبيه ۾ رعبدار هو ۽ سندس شخصيت پيشانيءَ مان پڌري هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org