باب ٻيو
سکر تاريخ جي آئيني ۾
منو شاستر
هڪ هزار ورهيه قبل مسيح آرين جي هڪ پنڊت منو مهراج جيڪي قانون
رائج ڪيا، ان مطابق ورن آشرم جو دور شروع ٿيو.
منوءَ جي قانونن موجب برهمڻ ايشور جي مک مان، کتري
ٻانهن مان، ويش پيٽ مان ۽ شودر پيرن مان پيدا ٿيا.
مٿين قانونن موجب برهمڻ جو ڪم هو راجائن کي صلاح
مصلحت ڏيڻ، تعليم ڏيڻ ۽ مذهبي امور بجا آڻڻ. اهي
سڀني ذاتين کان برتر هئا، حڪومتن جو چرخو به سندن
معرفت هلندو هو. کتري حڪمران طبقو هو. ويش جو ڌنڌو
هو ، واپار ڪرڻ ۽ زراعت، شودر قديم رهاڪو هئا جن
کي ”دسير“ ۽ زالن کي ”داسي“ لقب ڏنا، هن طبقي جو
ڌنڌو هو مٿئين ذاتين جي چاڪري ۽ غلامي ڪرڻ. غرض
انساني سوسائٽي ۾ قديم رهاڪو سخت قانونن نافذ هئڻ
ڪري ذليل زندگي بسر ڪرڻ لڳا. سندن ڇوٽڪاري جو ڪو
وسيلو ڪونه هو، سواءِ غلامي جي. اهو دور. .00 6 ق-م تائين رهيو.
جين ۽ ٻڌ ڌرم
467 ق-م ويسيلي شهر ۾ هڪڙي شاهوڪار جناتريڪا کي مهاوير نالي پٽ
ڄايو. ويسيلي پاٽنا جي ويجهو ويديها آريائي رياست
جو تختگاه هو جو سڄي هندوستان ۾ برک شهر هو.
مهاوير جين ڌرم جو پايو وڌو. هن چئن ڳالهين جو
پرچار ڪيو (1) ڪنهن به ساهه واري کي ايذاءَ نه
پهچايو. (2) هميشه سچ ڳالهايو. (3) ڪابه شيءِ چوري
نه ڪريو. (4) پٺيان ڪابه ملڪيت نه ڇڏبو.
گوتم ٻڌ
ڪپل وستو رياست جي ساڪيا گهراڻي جي راجا سڌوڌن جو پٽ، سندس
زمانو 563 ق-م کان 483 ق-م آهي. گوتم ذات پات جي
زنجيرن کي ڀڃڻ لاءِ تحرڪ شروع ڪيو. پهريان بنگال،
وچ هندوستان ۽ گجرات تائين ٻڌ ڌرم پکڙجي ويو. بعد
۾ موريا راجائن جي تبليغ ڪري سنڌ، بلوچستان،
افغانستان، وچ ايشيا، چين، جاپان، برما، سيام ۽
سيلون تائين پکڙجي ويو. تعجب هي چئبو جو ايتري
وسعت هوندي به هندوستان مان به سندس اثر مٽجي ويو
فقط جين ڌرم موجود آهي. مٿئين ڌرم جي ڪري دسيو کي
زندگيءَ جي مهلت ملي ۽ برهمڻ جو زور گهٽجي ويو.
دسيو کي تعليم پرائڻ ۽ هنر سکڻ جي اجازت ملي.
آسوڪا ٻڌ ڌرم کي زور وٺرايو. جا بجا ٻڌ جا ڪتبا،
مندر ۽ مَٺ تعمير ٿيا، اهڙن مندرن ۽ اسٽوپن جو سنڌ
۾ چار هزار تعداد هو ۽ هوئن تسانگ چيني سياح
ڄاڻايو آهي ته راجا آسوڪا جمله 000 84 چوراسي هزار
سنگهارا ۽ مٺ تعمير ڪرايا هئا. سنڌ ۾ تارڪ الدنيا
ڀڪشن جو تعداد ڏهه هزار هو[1].
هوئن تسانگ 629ع کان 645ع تائين سنڌ ۽ هند جي
سياحت ڪئي هئي.
سکر ايران جي ماتحت
ايران جي اشڪاني فرمانروائن مان دارا جي ڏينهن ۾ مهراڻ جو
اولهندو حصو اٽڪ کان وٺي ويندي سمنڊ تائين سکر
سميت ايران جي ماتحت هو. دارا کي هن حصي مان
178272 پائونڊ ساليانو آمدني هئي. ايرانين ڪڇي ۾
قندابيل ۽ سنڌ ۾ بهمن آباد شهر تعمير ڪرايا،
لاڙڪاڻي ضلع جي دڙن مان جيڪي شيون هٿ لڳيون آهن،
سي ايراني ساخت جون آهن[2].
دارا مهراڻ جي واپار کي ترقي ڏيارڻ لاءِ ۽ سامونڊي
رستن کي معلوم ڪرڻ لاءِ پنهنجي اميرالبحرسائيڪلاس
کي اٽڪ کان جهازن جو دستو ڏيئي روانو ڪيو، جنهن ٽن
سالن تائين مهراڻ جي ڊيلٽا کان ڳاڙهي سمنڊ کان مصر
تائين رستو معلوم ڪيو هو.
[3]. هي 480 ق-م جو
واقعو آهي.
يونانين جي ڪاهه
332 ق-م يونانين اسڪندر مقدوني جي سرڪردگيءَ هيٺ ايشيا ڪوچڪ،
شام، فلسطين، مصر، ايران، وچ ايشيا ۽ افغانستان کي
طوفان وانگر لتاڙيندا خيبرلڪ ٽپي بياس تائين پهچي،
ٻيڙين وسيلي ملتان، اچ فتح ڪري سکر تائين پهتا،
اسڪندر اروڙ جي راجا موسيڪانوس کي آڻ مڃڻ لاءِ
چوائي مڪو پر هن انڪار ڪيو، هڪ دوا يوناني فاتح
ڏانهن مڪائين، جنهن کي استعمال ڪرڻ سان نانگ جو
زهر ضايع ٿيندو هو. اسڪندر دوا کي آزمائي
موسيڪانوس جي تعريف ڪئي ۽ سکر ۾ پنهنجي هڪ جنرل
ڪريٽريوس جي نگراني هيٺ هاٿين جو دستو ۽ لٽ جو
سامان بولان لڪ واري رستي کان سيستان ڏانهن روانا
ڪيا، موءرخ بطليموس اسڪندر جي ڪاهه وقت بکر جو
نالو بينانگر ڄاڻايو آهي. يعني بينا قوم رهندي
هئي. تحفته الڪرام بينا، تاڪ ۽ موميد سنڌ جون
قديم قومون لکيون آهن، تاڪ قوم جو وطن تڪاديش هو،
جنهن تي يونانين ٽئڪسلا نالو رکيو هو. ريورٽي بينا
قوم کي سوڍا ڏيکاري ٿو، جنهن جو بيان بکر جي نالن
۾ ڏيئي چڪا آهيون، ادارڪي بيگلاري” بيگلار نامه“ ۾
بينا، ٽانڪ ۽ بنوميا سنڌ جون قومون ڄاڻائي ٿو.
بهرحال اسان کي خبر پئجي سگهي ٿي ته يونانين جي
ڏينهن ۾ بکر ۽ سکر جا رهاڪو بينا يا بنوميا يا بنو
جا هئا[4].
وڌيڪ هي خبر پوي ٿي ته سکر مهراڻ تي مشهور پتڻ هو
جو مهراڻ ذريعي پنجاب، ڪشمير، صوبه سرحد ۽ سنڌ جي
ڊيلٽا وارن شهرن سان ڳنڍيل هو ۽ خشڪيءَ رستي بولان
۽ موله لڪن وسيلي مڪران، قنڌار، خراسان، سيستان ۽
وچ ايشيا ڏانهن هتان رستا ويندا هئا.
موريا جو راڄ
اسڪندر مشرقي ملڪن جي دولت کي لٽي واپار جي رستن کي معلوم ڪري
324 ق-م ۾ مڪران جو ڪنارو وٺي بابل پهتو جتي
انتقال ڪيائين. هن جيڪي ملڪ فتح ڪيا هئا، سي سندس
جرنيلن پاڻ ۾ ورهائي کنيا. سنڌ سيليوڪس جي ماتحت
ٿي ويئي، جنهن کي 323 ق-م ۾ موريا گهراڻي جي راجا
چندر گپت مات ڪري سنڌ، بلوچستان ۽ هرات تائين ملڪ
پنهنجي قبضي هيٺ آندا. سيليوڪس پاران ميگسٿيتيز،
چندر گپت جي درٻار پاٽنا ۾ سفير هو، جنهن جي بيانن
مان ان زماني جي سماجي، اقتصادي، ثقافتي، ڌرمي ۽
تجارتي حالتن تي روشني پئجي سگهي ٿي. مسٽر آر-سي
دت يوناني سفير جي بيانن تان قديم هندستان جي
تاريخ جا ٽي جلد تيار ڪيا.
آسوڪا
337 ق-م آسوڪا اعظم پاٽنا جي گادي تي ويٺو، جنهن ٻڌ ڌرم کي زور
وٺرايو ۽ جا بجا ڪتبا کڙا ڪيا، جي پالي زبان ۾
آهن. هن پنهنجا سفير يونان، مصر ۽ لبيا جي يوناني
حاڪمن جي درٻارن ڏانهن روانا ڪيا. اهڙن ناتن جي
ڪري واپار ۽ ثقافت ترقي ڪئي. موريا راڄ ۾ امن امان
هئڻ ڪري سکر واپار ۾ ترقي ڪئي. چين جو ريشم،
ڪشمير جون جڙيون ٻوٽيون ۽ عطر مهراڻ رستي ڊيلٽا تي
پهچڻ لڳو جتان جهازن وسيلي مصر جي بندر برنائيس تي
پهچڻ لڳو. هي بندر ڳاڙهي سمنڊ تي مصر جي بطليموس
حاڪمن تعمير ڪرايو هو. خشڪي رستي هندوستان جي مال
جا قافلا خيبر ۽ بولان لڪن کان ايشيا ڪوچڪ تائين
پهچڻ لڳا. سنڌ جي ڊيلٽا تي پٽالا ۽ ڀنڀور ٻه مکيه
شهر ۽ بندر هئا، جتي فنيقيا جا واپاري رهندا هئا.
ڀنڀور ۾ مهراڻ جي جهازن کي محصول ڀرڻو پوندو هو ۽
ٻيڙن جو مال غورابن ۾ ڀربو هو[5].
سکر کان گهوڙا ۽ گڏهه وڪري لاءِ هندوستان ڏانهن
ويندا هئا. سکر واپار جي مارڪيٽ هئي.
يوناني باختري حڪومت
185 ق-م-موريا شهنشاهت جو سنگا گهراڻي خاتمو ڪيو. هن انقلابي
دور ۾ نئين يوناني باختري حڪومت جنم ورتو، جنهن
پنجاب، سنڌ ۽ گجرات تائين قبضو ڄمايو پر جٽاءُ ڪري
نه سگهي.
پارٿي ۽ يوچي
پارٿين جو وطن خراسان هو، جن سان ساڪ (سٿين) قوم به شامل هئي.
ساڪ قوم جي ڪري سيستان تي ساڪستان نالو پيو هو.
يوچي جن جو وطن اتر چين هو ۽ مغربين هن قوم کي
”هن“
HUN لکيو آهي. انهن قومن جو وجود بلخ، ڪابل، پنجاب ۽ بلوچستان
تائين پکڙجي ويو هو. 73 ق-م هندوستان ۾ سنگا
گهراڻي جو خاتمو ٿيو ۽ 78 ق-م انڌرا قوم ولين مگڌه
تي قبضو ڪيو. ساڳي سال يوچي راجا ڪنشڪ پنجاب،
ڪشمير، قنڌار، سنڌ ويندي نربدا نديءَ تائين علائقن
تي قبضو ڪيو. ڪنشڪ جي حڪومت مضبوط هئي پر 220ع ۾
ڪنشڪ کان پوءِ انڌرا ۽ يوچين جي حڪومت جو خاتمو
ٿيو ۽ پاٽنا تي گپت گهراڻي قبضو ڪيو. هندوستان
ننڍين ننڍين رياستن ۾ ورهائجي ويو. ڪنشڪ جي راڄ ۾
گنڌارا آرٽ ترقي ڪئي ۽ يوناني سنگتراشي جو اثر
پيو.
گپت جو راڄ
گپت راجائن مان 375ع ۾ راجا وڪرما جيت اُجين جي گاديءَ تي ويٺو.
مالوه، گجرات ۽ سنڌ سندس قبضي هيٺ هئا. هن دور ۾
سنسڪرت زبان پراڪرت ٻولين ۾ ورهائجي ويئي، شاعري ۽
فن ناٽڪ ۽ سنگتراشي ترقي ڪئي[6].
وڪرما جيت جو سنبت هندن ۾ اڄ به رائج آهي. وڪرمي
درٻار جي شاعرن مان مهاڪوي ڪاليداس جا ناٽڪ
شڪنتلا، ميگهدوت، رگهوونس مشهور آهن. شاعر امر ڪوس
جون تصنيفون به مشهور آهن. جو تشين مان براهمير،
آريا ڀٽ نالي وارا ٿي گذريا آهن. طب ۾ ڌنوتري وقت
جو جالينوس هو. فن مصوري به ترقي ڪئي. شڪنتلا جو
ڊرامو گهڻن زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. مٿين ادبي
ڪارنامن جو اثر اسان جي سنڌي ادب تي پيو هوندو.
هرش جي حڪومت
گپت گهراڻي جي خاتمي کانپوءِ قنوج جي راجا هرش ٻڌ ڌرم جي تبليغ
ڪئي. سندس ڏينهن ۾ چيني سياح هوئن تسانگ هندوستان
۾ ٻڌ جي مندرن جي ياترا ڪرڻ آيو هو. هن اروڙ کان
وٺي ٿر تائين سنڌ جا مندر ڏٺا هئا. هرش 647ع ۾
انتقال ڪيو. کائنس پوءِ جيڪي انقلاب رونما ٿيا،
انهن مان هڪ هو ٻڌ ڌرم جو هندوستان ۾ خاتمو، ٻيو
ويدڪ ديوتائن اندرا، ورونا ۽ اگني بدران درگا
(ڪالي)، گنيش جي بتن جي پوڄا ٿيڻ لڳي. راجپوت جيڪي
ڪاليءَ جا پوڄاري هئا، سي ٻڌ جي خلاف هئا. اڄ به
اروڙ ويجهو ڪاليءَ (ڪالڪا) جي بت تي هر سال رات جو
ميلو لڳي ٿو، جتي جو ئا جام هلي ٿي. هرش پاڻ ودو
ان هو. سندس ڊراما نا گا نندا، رتناولي ۽ پريه
درڪشا مشهور آهن ۽ سندس درٻاري شاعر ”بان“ جون
تصنيفون ڪادمبري ۽ هرش مشهور آهن.
راجپوت
راجپوت معنيٰ راجائن جو اولاد، آهي سورج ونسي ۽ چندر و نسي
سڏائيندا هئا. پوءِ منجهن جدا جدا ڪل بنجي ويا
جهڙوڪ اگني ڪل جنهن ۾ پرمار، سولنڪي، چوهاڻ ۽
پرمار. ”سورج و نسي“ جون چار شاخون آهن: گهلوت،
سيبويه، ڪڇوا، راٺوڙ. ”چندر و نسي“ جون اٺ شاخون
آهن: يادو، ڀاٽي، جاڙيجا، سمتيجا، مديجا، بدمن،
بدا ۽ سوها[7].
اروڙ جا راجپوت
ايوڌيا جي ڪوسل راڄ جا راجائون، جن جي سنڌ تي حڪومت هئي ۽
رامائڻ جي هيرو سري رامچندر سان سندن مائٽي هئي،
اهي سورج و نسي هئا. سنڌ جي راجائن جو بيان ”وشنو
پراڻ“ ۽ ”مئترايڻي“ اپنشد“ ۽ ويدڪ دور ۾ مهراڻ
ماٿريءَ ۾ ڪيڪئه ديش هاڻوڪي اٽڪ وٽ هو. ڪيڪئي هن
ديش جي راجڪماري هئي، جنهن ايوڌيا جي راجا دسرٿ
سان شادي ڪئي هئي. مالي قوم جو راڄ ملتان تي هو.
سنڌ ساگر دوآبه تي ”شبي“ راجا جو راڄ هو، جنهن جي
اولاد سنڌ جي ڪڇي پر ڳڻي ۾ شبي
SIBI
(سيوي) جو شهر تعمير ڪيو هو. يوب، لورالائي ۽ قلات
تي انهيءَ شيوي (شيوا) قوم جي حڪومت هئي. راجا
رامچندر جي سورج و نسي ڪل جي راجا بليڪا جي پٽن
اروڙ جو بنياد وڌو. اهي راجائون اروڙ و نسي به
سڏبا هئا. هندن ۾ اروڙ قوم پنجاب ۾ موجود هئي. هن
بيان مان 1100 يارنهن سوء ورهيه ق-م اروڙ شهر جي
قدامت جو ڏس ملي ٿو. تاريخن ۾ اروڙ جا ٻيا نالا به
آهن، ايم-جولين سنسڪرت نالو ”وچوا پورا“ يعني
وچولي جو شهر ڄاڻايو آهي.
اروڙ جا نالا
سنڌ جي تختگاه شهر اروڙ جو پهريون نالو ” پٽولا“ هو معنيٰ ٽڪري
تي مندر وارو بندر. سنڌ جا اهڙا شهر جيڪي مهراڻ جي
ڪپ تي ٽڪرين مٿان هئا، تن تي يونانين ”پٽالا“ نالو
رکيو هو، جيئن نيرن ڪوٽ اڳ پٽالا سڏ بو هو. لهاسا
(ٿٻيٽ) ۾ لاما جو ٽڪر تي مندر به پٽولا سڏبو هو[8].
هوئن تسانگ اروڙ جو نالو ” پيشان پوپولو“ ڄاڻايو
آهي، جنرل ڪئنگهام ڪتاب ” قديم هندوستان“ ۾ اروڙ
جا ٻه نالا ڏيکاري ٿو، ”روڙپورا“ ۽ ” روڙانگرا“
ٻنهي جي معنيٰ ٽڪريءَ وارو شهر، راءُ گهراڻي جا
راجائون، جن 450ع کان 643ع تائين سنڌ تي حڪومت
ڪئي، تن جي سلطنت جون حدون چچنامه ۾ هن طرح
ڏيکاريل آهن:
”حدود و مسالڪ او از جانب شرقي تاحد ڪشمير، از طرف غربي تاحد
مڪران، از جنوبي تالب آب درياي محيط و ديبل و از
شمالي تاکوه کردان و از ڪيڪانان[9]
“.
سکر چوٿين پرڳڻي ۾ ”سڪهہههه “ ڄاڻايل آهي. رعايا خوشحال ۽
حڪومت وٽ دولت هئي، بکر جو نالو ڏنل ڪونهي.
تختگاهه اروڙ
اروڙ هينئر ڳوٺ آهي روهڙيءَ کان پنج ميل ڏکڻ اوڀر طرف ٽڪري تي
آهي، تختگاهه واري زماني شهر جي الهندي کان مهراڻ
۽ اوڀرندي کان هاڪڙي جي وجود ڪري شهر باغات،
نخلستانن، حوضن ۽ واهن ڪري سرسبز ۽ شاداب هو، شهر
کي ٻٽي عالمپناه ڏنل هئي، شهر ۾ ڪاٺ جون ماڙيون ۽
محلات هئا. شهر جي وچ ۾ ٻڌ جو عظيم الشان مندر هو،
منجهس وڏو بت رکيل هو. جنهن جي ٻانهن ۾ سونا ڪنگڻ
پيل هئا، هٿيارن ۽ اَن جا گدام هئا، گندي پاڻي جي
نيڪال لاءِ زمين دوز ناليون هيون، اروڙ پنهنجي
باغن ۽ تفريحگاهن ڪري مشهور هو ۽ ملتان جيڏو هو.
راءُ گهراڻي جا راجائون انصاف پسند ۽ رعايا پرور
هئا، ڪابل، چين، ڪشمير، پنجاب ۽ هندوستان جو مال
ٻيڙين وسيلي ديبل ڏانهن ويندي، هتي لنگر هڻندا
هئا، حڪومت کي محصول مان وڏي آمدني هئي، شاهي
خزانا ڀرپور هئا. حڪومت چئن حصن ۾ ورهايل هئي، جن
مٿان گورنر(ملڪ) مقرر هئا، ماڻهو هر طرح فارغ
البال هئا.
”راويان احاديث و مصنفان تواريخ چنين آورده اندر که شهر ارور
که دارلملڪ هند و سنداست، شهري بود معظم، آراسته،
بانواع قصر و باغ ورياحين و حياض و انهارو و رياض
و ازهار، بر آب سيحون که آنرا مهران گويند“[10].
راءُ گهراڻي جي راجائن جي حڪومت سڄي هندوستان ۾ اقتصادي ۽ سياسي
نقطه نظر کان مضبوط هئي، سنڌ جي راجائن جي
راجپوتانا ۽ ڪشمير جي رجائن سان مائٽي هئي، ڪشمير
کان وٺي ديبل تائين ۽ چتوڙ کان وٺي ڪردان (براهوئي
جبل) ۽ مڪران تائين ملڪ سندن ماتحت هو.
اروڙ جا عربي نالا
ابن خردازبه 250 هه : هن تختگاهه شهر کي رور لکيو آهي، اصطخري
الزور ڄاڻايو آهي، مسعودي جنهن 942ع ۾ شهر ڏٺو هو
الرور لکيو آهي. ادريسي 1165ع ڌاري رور ڄاڻائي ٿو
۽ ابن حوقل جنهن 343 هه مطابق 943ع سنڌ جو پهريون
نقشو تيار ڪيو هو، اروڙ کي الرور ڏيکاري ٿو[11].
راءُ گهراڻي جي جمله پنجن راجائن حڪومت ڪئي: 1-
راءُ ديواجي، 2- راءُ سهرس، 3-راءُ سهاسي. 4- راءُ
سهرس ٻيو، 5- راءُ سهاسي ٻيو، اهي راجائون ايران
جي ساساني فرمانروائن جا همعصر هئا، راءُ سهرس اول
نيمروز (سيستان) جي جنگ ۾ ايرانين هٿان مارجي ويو
هو. راجائن جو مذهب ٻڌ هو.
برهمڻ حڪومت
راءُ سهاسي ثاني بي اولاد هو، هن جي راڻي سُونهدي (سونهن ديوي)
نهايت حسين هئي. چچ نالي هڪ ڪشميري نوجوان برهمڻ
جو بيحد خوبصورت ۽ زبان جو چتر هو، هن کي چارئي
ويد ياد هئا، پڻهس سيلائج اروڙ جي ڀر ۾ هڪ مٺ جو
پروهت هو. چچ وڏي وزير رام جي دفتر ۾ محرر هو.
چونڪ انشاپردازي جي فن ۾ ماهر هو، ان سبب ڪري وزير
جو منظور نظر بنجي ويو. گورنرن جا خط جيڪي درٻار ۾
پهچندا هئا، سي وزير راجا کي ٻڌائيندو هو ۽ حڪمن
موجب جواب گورنرن کي موڪليندو هو. هڪ دفعي وزير
موڪل تي ويو ۽ چچ کي هدايت ڪري ويو ته راجا کي
احتياط سان خط پڙهي ٻڌائي ۽ جواب ڌيان سان لکي
روانا ڪري، وزير جي غير حاضري ۾ چچ شاهي محلات جي
در تي پهتو ان وقت راڻي به موجود هئي، چونڪ برهمڻ
زادو هو، ان ڪري راجاراڻي جي پردي کي محسوس نه ڪري
چچ کي روبرو گهرايو. هن ترتيب وار خط راجا اڳيان
اهڙي موزون انداز سان پڙهي ٻڌايا جو راجا نوجوان
برهمڻ جي لياقت جو قائل بنجي حڪم ڏنو ته آئينده
رام جي غيرحاضريءَ ۾ چچ ڪم هلائي، ليڪن راڻي برهمڻ
نوجوان جي حسن کي ڏسي مٿس عاشق ٿي پئي، ڪجهه وقت خفيه عهد و پيام جو
سلسلو جاري رهيو. آخر هڪ ڏينهن راجا بيمار ٿي پيو
۽ ڪجهه ڏينهن علالت ۾ رهي انتقال ڪيو. راڻي، راجا
جي موت کي لڪائي، چچ سان وعدو ڪري راجا جي مائٽن ۽
اهلڪارن کي گهرائي سڀني کي قيد ڪري مارائي چچ سان
شادي ڪئي. راءُ گهراڻي جو راڄ ختم ٿيو ۽ برهمڻن جو
راڄ شروع ٿيو. چچ 643ع کان 662ع تائين سياڻپ سان
حڪومت ڪئي. جن جن راجائن يا قومن بغاوتون ڪيون تن
کي مات ڪيائين. هر سال ملڪ جو دورو ڪري حالتن جو
جائزو وٺي جوڳو انتظام ڪندو هو. هن رعايا لاءِ
جيڪي ٻڌ هئا، اهڙا سخت قانون نافذ ڪيا هئا، جو
ڪيترن راجائن بغاوتون ڪيون، جن کي ٻاهرين امداد نه
ملڻ سبب شڪست کائڻي پئي. حضرت عمرالفاروق رضه جي
ڏينهن ۾ عربن پوئين ساساني ايراني شهنشاهه يزد گرد
کي شڪست ڏئي ايران تي قبضو ڪيو. هن موقع تي چچ
ايران کي هاٿين ۽ جنگي سامان جي امداد ڪئي، اهڙي
طرح سياسي توازن رکڻ لڳو[12].
سنڌ جا رهاڪو سهتا، لوهاڻا، لاکا ۽ جاٽ جي ٻڌ جا
پوڄاري هئا، سي برهمڻ حڪومت جي خلاف هئا.
ڏاهر بن چچ
ڏاهر بن چچ 700ع ۾ اروڙ جي تخت تي ويٺو. انهن ڏينهن ۾ دمشق جي
تخت تي بنواميه گهراڻي مان وليد بن عبدالملڪ هو.
سندس پاران حجاج بن يوسف ثقفي بصره جو حاڪم هو.
مشرقي پر ڳڻا به سندس نگراني هيٺ هئا، هو وڏو
سياستدان ۽ ظالم هو، سندس ظلمن کان تنگ ٿي گهڻن
عربن ملبار، سيلون ۽ ڪارو منڊل ۾ بيٺڪون وڌيون
هيون، ۽ اتي واپار ڪندا هئا. وليد جي ڏينهن ۾ عرب
جي قبيلي علافي بغاوتون ڪري مڪر ان ۾ پناه ورتي
هئي. حجاج سندن گوشمالي ڪرڻ لاءِ محمد بن هارون
نمريءَ کي مڪر ان جو والي مقرر ڪيو، جنهن علافين
کي شڪست ڏني. ڪي علافي سنڌ ڏانهن ڀڄي آيا، جن کي
ڏاهر پناهه ڏئي پنهنجي لشڪر ۾ ڀرتي ڪيو. سنڌ جا
برهمڻ راجائون وقت بوقت اسلامي سلطنت سان ڇيڙ ڇاڙ
ڪرڻ لڳا. برهمڻ راجائن ٻڌ وارن تي جيڪي قانون نافذ
ڪيا هئا، سي گهڻو سخت هئا. جهڙوڪ: (1) گهوڙي تي
هني رکڻ کان سواءِ سواري ڪن، (2) ريشمي ڪپڙن پائڻ
کان پرهيز ڪن، (3) چيلهه سان ڪاٺ جي ترار ٻڌي
نڪرن. (4) ٻاهر نڪرڻ وقت ڪتو ساڻ کڻن، (5) مندرن
جي لنگر خانن کي ڪاٺيون پهچائين، (6) مٿي تي پٽڪي
رکڻ بدران رومال ٻڌن، (7) حڪومت جي حفاظت ڪرڻ لاءِ
جاسوسي ڪن. چچ جي قانون کان ٻڌ جا پوڄاري جن کي
عرب موءرخن سمينه لکيو آهي، تن مان نيرن ڪوٽ وارن
حجاج بن يوسف ڏانهن امداد لاءِ وفد مڪو. وليد جي
ڏينهن ۾ اسلامي حڪومت جون حدون الهندي ۾ موراڪو
کان اڀرندي ۾ ڪابل تائين هيون. ڀونوچ سمنڊ، ڳاڙهي
سمنڊ ۽ ايراني نار تي عربن جو قبضو هو. حجاج
گهڻائي ڀيرا وليد کان سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ اجازت
گهري هئي؛ پر خرچ پکي جي سبب ڪري وليد انڪار ڪندو
رهيو. ڏاهر کي نجومين اطلاح ڏنو ته جيڪو تنهنجي
ڀيڻ ٻائي سان شادي ڪندو، سو سنڌ فتح ڪندو. ڏاهر
اهو ٻڌي پنهنجي ڀيڻ سان نالي ماتر شادي ڪئي،
انهيءَ ڪري شاهي خاندان ۾ انتشار پئجي ويو، ڇو ته
ٻائي چتور جي راجڪمار سان مڱيل هئي[13].
آر-سي دت: ائنشنٽ انڊيا، ج 2 ڪلڪئو، ايف
مئڪسملر: واٽ انڊيا ڪئن اٽ ٽيچ اس، آڪسفورڊ.
Horig.M.R: Indus delta country, C H, II PP.
18. 20, London 1892. Sindh
عراق جي سوميري قوم، مصر جي فراعنه ۽ هندن ۾
نالي ماتر ماءُ ۽ ڀيڻ سان شادين ڪرڻ جو رواج
هو.
|