محمد بخش ڪوجهي
سردار بهادر شيخ محمد بخش ”ڪوجهي“ ڀاگناڙي جي شيخ خاندان مان
هو. درازي درگاهه جو وڏو خليفو ۽ بيحد معتقد هو.
ڪليڪٽر هو. 1959ع ۾ وفات ڪيائين. تعيلم سان دلچسپي
هيس. سچل سرمست ڪاليج قائم ڪيائين. ڪافين ۾ تصوف
جو رنگ چڙهيل اٿس.
”سڱ نه سياپو ساهيان، از لئون گولي آهيان،
پاند ڳچيءَ ڳل پايان، من ڪا ڪهل پوئي.“
سکر جا زنده شاعر
سکر ضلعي ۾ ڪيترائي زنده شاعر موجود آهن، جن کي اسان ٽن قسمن ۾
ورهائي سگهون ٿا، جيئن:
(1) قديم نوع تي شعر چوندڙ (2) قديم ڍنگ وارا عروضي شاعر (3)
ترقي پسند. هيٺ ٽنهي جو مختصر ذڪر ڪجي ٿو.
قديم نوع تي شعر چوندڙ، گهڻو ڪري ٻهراڙين ۾ آهن، جتي هينئر اڳي
وارو چرچو ڪونهي، تڏهن به ”جر مان مڇي کٽڻي
ڪانهي.“ ڪيترائي ذوق جا صاحب موجود آهن، جي تند
تنواريندا اچن. شڪارپور ۾ سانول شر ۽ رمضان لوهر،
ان فن تي طبع آزمائي ڪندا اچن ٿا. سانول ڏور جو
سٺو شاعر آهي ۽ رمضان گهڻا مولود چيا آهن. شڪارپور
جي ڀرسان خانپور ۾ جان محمد کٽي ڌور جو ملوڪ شاعر
آهي ۽ تمام وڏي عمر جو آهي. ماڙيءَ ۾ محمد اڪرم،
حبيب ڪوٽ ۾ مولا بخش سومرو ۽ ڳوٺ شهمير تعلقي ڳڙهي
ياسين ۾ عبدالرحمان عاصي هڪ بلند پايه جو صوفي
شاعر رهي ٿو، جنهن تصوف جي رنگ ۾ بيت ڪافيون چيون
آهن. آرائين تعلقي سکر ۾ فقير غلام سرور پٺاڻ هڪ
زبردست صوفي شاعر رهي ٿو. سندس ڪيترائي صوفي طريقي
جا ڪلام چيل آهن. انهن کان سواءِ ٻيا ضرور هوندا.
قديم نوع تي جديد شاعرن به طبع آزمائي ڪئي آهي. سکر واري شيخ
مبارڪ ”اياز“ انهن صنفن کي نئين رنگ سان پيش ڪري،
جديد شاعري ۾ مروج ڪيو ۽ مقبول بنايو. لطف الله
بدوي شڪارپور واري به هن قسم تي طبع آزمائي ڪئي
آهي. قديم ڍنگ وارا عروضي شاعر به ڪيترا موجود
آهن. پني عاقل ۾ جناب شاهه محمد شاهه سيڪريٽري
سنڌي ادبي بورڊ ۽ سيد سردار علي شاهه صاحب ”ذاڪر“
ايڊيٽر روزنامه ”مهراڻ“ اعليٰ درجي جا شاعر آهن.
شڪارپور جا لطف الله بدوي، صبغت الله شاهه ”اديب“،
بشير مورياڻي، حاجي شير محمد چغدو، عبدالوهاب
”ناظم“، حبيب الله ڀٽو، ڳڙهي ياسين جو عزيز الله
”مجروح“، سلطان ڪوٽ جو آغا گل حسن. سکر جا امير
علي شاهه ”جامي“ معصومي، دائود پوٽو ولي محمد
”ولي“، رحيم داد خان مولائي شيدائي، محمد حسين
”مشتاق“، عبدالسلام ”سليم“ گهوٽڪيءَ جو اظهر
گيلاني سٺا شاعر آهن. ترقي پسند شاعرن مان پروفيسر
شيخ عبدالرزاق ”راز“ ۽ شيخ اياز جديد رنگ ۾ بهترين
عروضي شعر چيو آهي. راز صاحب غزل تي جديد رنگ ۾
ڪامياب تجربا ڪيا آهن. نياز همايونيءَ وري عروضي
شاعريءَ کي انقلابي رنگ ڏنو آهي.
جديد شاعريءَ جا چوٽيءَ جا شاعر شيخ راز ۽ شيخ اياز به هن ضلعي
جا رهاڪو آهن. سنڌ جي شاعريءَ جو ”نئون موڙ“ ڊي –
جي سنڌ ڪاليج جي ”سنڌي سرڪل“ قائم ٿيڻ کان پوءِ
ٿيو، جا 1941ع ۾ قائم ٿي. پروفيسر محترم شيخ ”راز“
انهيءَ سرڪل جو شروعات کان چئن سالن تائين
سيڪريٽري ٿي رهيو، انهيءَ سرڪل جي ڪوشش سان نئين
شاعري شروع ٿي ۽ پنهنجا ارتقائي مرحلا طئي ڪرڻ
لڳي. شيخ اياز صاحب به ان زماني ۾ سرڪل سان وابسته
هو، شڪارپور جو بشير مورياڻي به ترقي پسند شاعرن ۾
شمار ٿو ٿئي.
عزيز الله ”مجروح“
عزيز الله مجروح 35 سال کن اڳ تعلقي ڳڙهي ياسين جي ڳوٺ جادي
ڪلهوڙي ۾ جنم ورتو. ذهانت جي ڪري کيس پنهنجي پوري
خاندان ۾ خاص درجو حاصل هو. سنڌي تعليم کان سواءِ
ڪجهه عربي ۽ فارسي مان واقف ٿيو. شاهه ڀٽائي ۽
ڊاڪٽر اقبال ننڍي ٽهيءَ کان سندس پسنديده شاعر
هئا. سندس تصنيف ڪيل ٽي ڪتاب آهن:
(1) ”نالهء دل“، جو ڇپجي چڪو آهي. (2) ”داستان مجروح“ ۽ (3)
”افڪارِ مجروح“. جن مان داستان مجروح مڪمل آهي.
مجروح سنڌ جو اهو نوجوان هو، جنهن مختصر زندگيءَ ۾
سنڌ جي شاعرن ۾ چڱو مقام حاصل ڪيو. 8 آگسٽ 1962ع ۾
مرحوم تي ننڊ جي حالت ۾ سندس دشمنن بندوق جا فائر
ڪيا ۽ بر وقت دم ڏنائين. حب وطن جي جذبي کان متاثر
ٿي مرحوم چوي ٿو:
قربان ڪيان ديس جي ڌرتي تان سڄو جڳ،
ڇڇ
مون لاءِ ته آ خاڪ، وطن طول وهاڻو.
ساريون ۽ جوئر وونئڻ مٽر ڪڻڪ چڻا ڏس،
الله اڪيچار ڪيو آب ۽ داڻو.
پورهئي کان پنوهارن کي نه ٿئي هار ڪڏهن ڀي،
ڪو هر ۾ رڌل ۽ ڪو وهي نار نماڻو.
شل منهنجي وطن جو هر فرد رهي خوش،
عباسي ۽ ابڙو يا مڱڻهار، مهاڻو.
پنهنجي مادري زبان جي محبت رکندي، سنڌي عوام کي
مخاطب ٿي ڪري چوي ٿو:
ويهي متان وڃايو سنڌي زبان پنهنجي،
ڏسجو متان ڦيرايو سنڌي زبان پنهنجي.
سامي سچل ۽ بيدل ۽ ڀٽ ڌڻي جي صدقي،
رڻ ۾ نه هيئن رلايو سنڌي زبان پنهنجي.
اردو ۽ بنگله کي بيشڪ رکو اکين تي،
سڀني سان پر لڳايو سنڌي زبان پنهنجي.
عزت جي زندگي ٿا چاهيو ته چست ٿيو اڄ،
قائم اوهان ڪرايو سنڌي زبان پنهنجي.
نياز همايوني
”نياز“ همايوني صاحب، سنڌ جي ميلن بابت فرمائي ٿو:
هي سنڌڙي جيئي شال آباد ملڪ آهه،
هتي سال ۾ ڪيئي ميلا لڳن ٿا.
جتي سينڌ سرُما ڪري خوب ٿي ٽاٽ،
اوري پري کان سريلا اچن ٿا.
ڪي پاچن ۾ پورا ڪي کيسن ۾ گم،
ڪي مڻيادار مهانڊا ٿين ٿا.
- - - - - -
جڏهن ڪو به ميلو لڳي ٿو ته ائين ٿو سجهي،
ڄڻ ته شهرن ۾ شب برات آئي.
هي بر ۾ بازاريون هي جهنگل ۾ منگل،
گهمي ڄڻ ته جنت مان اوقات آئي.
نظر ڪر ته ماڻهون، ائين ڄڻ ته،
دهلن ڌمامن سان راجا جي بارات آئي.
- - - - - -
هو جوڙا ملهن جا، جتي جوان جوانن کي،
ڀاڪر وجهي بي ڊپا ٿي وڙهن ٿا.
گهڙيءَ ٿا ڪمانن جان ٻيڻا ٿين،
گهڙيءَ تير وانگي سڌا ٿي وڙهن ٿا.
دسڻ ۽ ڪرڻ مرڪ مردن جو،
ڊپ کان ٿي آجا، هي مهمير راجا وڙهن ٿا.
لطف الله بدوي
پروفيسر لطف الله بدوي شڪارپوري راقم جو همعصر، سنڌ جي محققن ۾
شمار ٿئي ٿو. بدوي صاحب هن وقت ملازمت کان رٽائرڊ
ڪيو آهي. سندس هڪ غزل نموني طور ڏجي ٿو:
زندگي جي خواب جي تعبير ڏسڻي آ پئي،
هت اچي تقدير ۽ تدبير ڏسڻي آ پئي.
آرزو جو نقش هو رنگين، پر ان جي بجا،
بيڪسي ۽ رنج جي تصوير ڏسڻي آ پئي.
ڪيترو نادان هيس، جنهن تي ڪيم ٿي ناز پئي،
ان نگهه پرور کان ئي تشهير ڏسڻي آ پئي.
ان جي وعدن تي تمنا جي عمارت کي رکيم،
پر اڌوري دل جي هي تعبير ڏسڻي آ پئي.
آ تعجب قرب ۽ دوري ٻئي ٿي پيا عذاب،
پنهنجي ئي قسمت جي هي تحرير ڏسڻي آ پئي.
”لطف“ مون وٽ دل هئي، ڪيڏي نه بي پروا، مگر،
هاءِ هو هٿ کان ڏئي تحقير ڏسڻي آ پئي.
شيخ عبدالرزاق ”راز“
شيخ عبدالرزاق ”راز“ جو بيان مٿي ڪري آيا آهيون، هو صاحب سکر
پراڻي هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر ۽ اسلاميه ڪاليج جو
پروفيسر آهي:
رات ڪهڙي نه اڄ سهاني آه،
چنڊ جو عالم جواني آه.
تنهنجي آئي ٿي چنڊ جي چانڊاڻ،
مهربان! تنهنجي مهرباني آه.
جنهن ۾ هڪ پل نه آ خوشي حاصل،
ڪهڙي هيءَ منهنجي زندگاني آه.
ٿئي حقائق کان آشنا ڪوئي،
زندگاني پوءِ جاوداني آه.
عشق جي بيڪسي ۽ مجبوري،
حسن رنگين جي ڪامراني آه.
- - - - -
اسان اڄ بي حجابانه تنهنجي محفل ۾ آياسين،
اسان هڪ آرزو بڻجي دلِ قاتل ۾ آياسين.
وڃون ڪاڏي، ملون ڪنهن سان، ٻڌايون حال دل ڪنهن کي،
اسان بس آزمائش جي وڏي مشڪل ۾ آياسين.
نه هُت ڪو چين ٿي آيو نه هِت ڪوئي قرار آيو،
اسان گرداب مان نڪري جڏهن ساحل ۾ آياسين.
گهڻي همت ٻڌي اڳتي وڌياسين شوق مان ليڪن،
وري گهٻرائي موٽياسون جڏهن منزل ۾ آياسين.
ٻڌوسين، ”راز“ هڪ سمجهي، لڳايو تو آه سيني سان،
خدا ڄاڻي ڪڏهن لاڪر اوهان جي دل ۾ آياسين.
شيخ مبارڪ ”اياز“
اصل شڪارپور جو ويٺل سکر ۾ وڪالت ڪري ٿو. سکر ريجن گلڊ جو ميمبر
رهيو آهي. ڪلام جو نمونو ڏجي ٿو:
وائي
جتي ڪٿي هو آهي، جيڏيون، جنهن سان جان جڙي!
ملي ويو هو منهنجي مڌ سان، ڳوڙهن منجهه ڳڙي.
پرين اسان جي پيالي ۾ هو، جيسين رات لڙي،
تنهنجي سار سوا، اي سرتيون، گهاري ناهه گهڙي.
هانءُ اسان جو تنهن وٽ هوندو، جنهن ۾ آس اڙي،
ڇني ڏنوسون، ڇڄي نه سگهندي، تنهنجي قرب جي ڪڙي.
غزل
هي دورِ محبت آ فسانو ئي فسانو،
ٻڌندا ٿا رهون آه گذر گاه زمانو.
هيءَ راند زماني جي تماشو ئي تماشو،
ويٺو ٿو ڪو ڳائي ڪو دلچسپ ترانو.
مکڙي نه کڙي باغ ۾، پر منهنجو قاتل،
گذري ويو وقت، اهو وقت سهانو.
هي ننگ، هو ناموس، اهو وهم اجايو،
ويٺي ٿي ڪيو يار بهاني تي بهانو.
بس منهنجي عقيدت ۾ محبت ۽ فقيري،
هي منهنجو دفينو ۽ اهو منهنجو خزانو.
تون ناز و ڪرم، شان ۽ شوڪت جو مجسم،
هي ”اياز“ وري عجز و عقيدت ۾ يگانو.
محمود شاهه راشدي
مير محمود شاهه راشدي جو ڪلام پختو آهي، حضرت پير صاحب پاڳاري
شاهه مرادن شاهه ثاني جو درٻاري شاعر ۽ تخلص
”سائل“ هئس.
ڪافي
موٽي مارو ملن مون، الله ڪري!
سدا سانگيئڙن کي ٿو ساهه گهري!
ڪري ويس وسڻ جا ٿا غيث اچن،
ڀانيان مينهن ملير تي اڄ ٿا وسن،
منهنجا نيرن ۾ ٿا نيڻ ٽمن،
آهي ملڪ ملير اٿاهه پري!
مون کي سڪ سبيل سنگهارن جي،
تن ٻاجهارن ٻڪرارن جي،
پوتم پرت اندر ۾ پنوهارن جي،
ڳران ڳڻتين ۾، جيئن ڳاهه ڳري!
وسون عام هونديون، وليون جام ٿينديون،
جيڏيون وسڻ گهمڻ صبح شام وينديون،
کلنديون پاڻ ۾ خوب ڪلام ڪنديون،
ورنديون پوئين پهر سر تي گاهه ڪري!
مارو مير، ”محمود“ نه وسرن ٿا،
سندءِ سور اندر ۾ ته اُسرن ٿا،
دل جا خمير سڄر سي ته پسرن ٿا،
منهنجي جيءَ اندر ٿو آڙاهه ٻري!
حڪيم شمس الحسن اختر
سکر ۾ اردو جا گهڻائي شاعر آهن، جن ۾ بزرگ شاعر حڪيم شمس الحسن
اختر آهي، جنهن جي وضع قطع دل کي لڀائيندڙ آهي.
حڪيم صاحب جو سياست سان به تعلق آهي، جنهن ڪري
ساڻس بحث مباحثه ۾ سياسي رنگ جو دخل ڏسڻ ۾ ايندو
آهي، هونءَ رڳو شاعر آهي، شعر ۾ سندس قديم روايت
جو رنگ ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ان کان سواءِ نعمت بريلوي
هڪ پرجوش نوجوان آهي. هن قديم روايت کي نظر انداز
ڪيو آهي. وٽس جديد دور جو اثر زياده آهي. خاموش
طبع انسان آهي.
آفاق صديقي
هي اردو زبان جو قادر الڪلام شاعر آهي. سندس ڪلام ۾ ڪيتريون ئي
خوبيون آهن. منجهس جديد و قديم شاعرن جو امتزاج
نظر اچي ٿو. سندس ڪلام ۾ سلاست ۽ سادگي آهي. کيس
سنڌي زبان جي چڱي ڄاڻ آهي، تنهنڪري سنڌي ڪلام ۽
سنڌي افساني کي نهايت سهڻي انداز ۾ ترجمو ڪري
سگهندو آهي. شاهه لطيف جي بيتن کان سواءِ هن سنڌ
جي شاعرن جهڙوڪ شيخ اياز، شيخ راز ۽ تنوير عباسي
جي شعرن جا اردو ۾ ترجما ڪيا آهن. پنهنجو گهڻو وقت
ادبي خدمات ۾ صرف ڪندو آهي. سندس ڪلام جا ٻه
مجموعا شايع ٿيا آهن ۽ عڪس لطيف شاهه جي شخصيت ۽
ڪلام تي اردو ۾ سندس وڏي ڪاوش جو نتيجو آهي. هر
ادبي ۽ ثقافتي انجمن جو ميمبر آهي ۽ سندس وڏي
حيثيت آهي. رائٽرس گلڊ جو سيڪريٽري ٿي رهيو آهي ۽
سکر جي هر ادبي جلسي ۾ سندس وڏي خدمت آهي. نظم سان
گڏ گيت ۽ غزل به لکندو آهي ۽ ترنم سان وڏي خوش
الحاني سان پڙهندو آهي.
حسن حميدي
هي صاحب نظم جو شاعر آهي سندس هر شعر ۾ هڪ طنز آهي. تفريح طبع
لاءِ غزل به لکندو آهي. سندس ڪلام ۾ عموماً
انقلابي رجحانات نظر اچي ٿو. سندس ڪلام ڪيترين ئي
تشبيهات ۽ تلميمات سان مرصع آهي! هو ادبي دنيا ۾
وڏي حيثيت رکندو آهي، پر سندس گهڻو وقت سياست ۽
ليبر ائسوسئيشن جي لاءِ وقف آهي.
رحيمداد خان مولائي شيدائي
راقم جو بيان مٿي ڪري آيا آهيون. مولائي جو شمار سنڌ جي محققن ۾
آهي. هيٺ سندس بيت ڏجن ٿا:
انگ نه ڍڪ اڳڙين سين، تنهنجو شاهاڻو شان،
تو ڪيئن بن وسايو، خاڪي خاڪ مڪان،
تو نرگس چوڏس ڦلايا، تو لالا تو ريحان،
تنهنجي در تي ديوانا ٿيا، سوين سالڪ سلطان،
توکي ويدن ويراڳي ڪيو، ٻيو گيتا جي گيان،
مون کي مڌ مستانو ڪيو، پريتم تنهنجي پيمان،
راڌا تنهنجو ڪان، مون ساويرو صحي ڪيو.
- - - -
سرچي پنهنجي من سين، وٺ گروءَ سندو گيان،
تون املهه هئين عميق ۾، پنهنجو پاڻ سڃاڻ،
تو ۾ وڄن بانسريون، سوين ساز سامان،
ميران خاطرمن ۾، هئين ساڳيو سرت سبحان،
جنهن نانڪ نوازيا ڪيترا، سو تون ئي سبحان،
تون خالق مالڪ ملڪ جو، تون ڪامل ڪشتي بان،
پوءِ ڪهڙي ثمر ڪاڻ، پيو ٻاڏائين ٻين کي.
ڪرم فقير سومرو
تعلقي ڳڙهي ياسين جي ڳوٺ شاهه آباد جو رهاڪو، سيد فاضل علي شاهه
مديجيءَ واري جو طالب هو. ولادت 1295 هه ۽ وفات
1366 هه. مرشد جي جلالي طبيعت سبب هن ۾ به جلالي
جذبو پيدا ٿيو هو. هيٺيون ڪلام هڪ هندو ڳوٺاڻي
طوطي مل کي بطور نصيحت ڪري چيو اٿس، جو ڪڙمين کي
پيڙهيندو هو:
”ڇڏ تون طوطا اهو تال، خاصو رکجان خيال،
نالو رکائن پکيءَ جو، وري ميڙين مڏيون مال!
سيءَ پاري ڪڙمي ويچارا، صبح جو ڪن سوال،
”ڪرم“ چئي ڪر تون پنهنجو، چتونءَ جيئن چال.“
بشير مورياڻي
هي نوجوان شاعر شڪارپور ۾ پروفيسر هو پوءِ سي – ايس – پي جو
امتحان ڏيئي، ڊپٽي ڪمشنر ٿيو. تخلص ”بشير“ اٿس:
چمن چمن کي ڏٺوسين، اُداس اُداس اسان،
نظر نظر کي ڏني آ، حسين آس اسان.
متان هي پنهنجي محبت جو خاتمو نه هجي!
ٿيا نه آهيون گهڻي وقت کان اداس اسان.
اسان جي دم سان ئي آباد آهي شهر الشهر،
رهيا نه آهيون مسرت جي آس پاس اسان.
نه تنهنجو غم، نه غمِ زندگي، نه فڪرِ جهان،
خبر نه آهي ته ڇو آهيون اداس اسان.
ٿي رات پوري ۽ خالي رهيو اسان جو جام،
ڪري سگهياسين نه ساقيءَ التماس اسان.
ڪڏهن ڪڏهن ته اوهان کان سوا قرار مليو،
ڪڏهن ٿياسين اوهان وٽ به محوِياس اسان.
خبر اٿئون، ته اسان کان هو بيخبر آهي،
”بشير“ ٿي نه سگهيا آهيون پر نراس اسان.
سيد اظهر گيلاني
سيد اظهر گيلاني، رهندڙ گهوٽڪي تخلص، ”اظهر“ نوجوان شاعر آهي.
ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
صنعت عڪس لفظي:
ڪر فيض عام ساقي! ڏي مئي ۽ جام ساقي!
ڏي مئي ۽ جام ساقي! ڪر فيض عام ساقي!
دنيا ۾ نام ساقي، تنهنجي سخا جو آهي،
تنهنجي سخا جو آهي، دنيا ۾ نام ساقي!
ڇو دورِ جام ساقي، دورِ جهان ۾ رڪجي؟
دورِ جهان ۾ رڪجي، ڇو دورِ جام ساقي!
ڪر انتظام ساقي، رندن کي مئي ڏيڻ جو،
رندن کي مئي ڏيڻ جو، ڪر انتظام ساقي!
ماهِ تمام ساقي، بوتل ۾ بند آهي،
بوتل ۾ بند آهي ماهِ تمام ساقي!
اعليٰ مقام ساقي، خوددار کي ملي ٿو،
خود دار کي ملي ٿو، اعليٰ مقام ساقي!
ماهِ صيام ساقي، رندن جي لاءِ آيو،
رندن جي لاءِ آيو، ماهِ صيام ساقي!
مئي آ حرام ساقي، ڇو شيخ جي چوڻ تي،
ڇو شيخ جي چوڻ تي، مئي آ حرام ساقي!
حرفِ غلام ساقي، ڪڍ دهر جي لغت مان،
ڪڍ دهر جي لغت مان، حرفِ غلام ساقي!
بگڙيو نظام ساقي، دنياءِ ميڪده جو،
دنياءِ ميڪده جو، بگڙيو نظام ساقي!
صبح ۽ شام ساقي، محتاج تنهنجو عالم،
محتاج تنهنجو عالم، آ صبح و شام ساقي!
تنهنجو مدام ساقي، ”اظهر“ کي آسرو آ،
”اظهر“ کي آسرو آ، تنهنجو مدام ساقي!
سيد امير علي جامي
امير علي سکر پراڻي جو معصومي سيد هو. تخلص ”جامي“ جو شمار سنڌ
جي چوٽيءَ جي شاعرن ۾ آهي. سيد اظهر گيلاني جو
همعصر آهي، جنهن جي ديوان جو ڪتابچو شايع ٿي چڪو
آهي پر ”جامي“ صاحب جو اڃا ديوان شايع ڪو نه ٿيو
آهي:
سراءِ دهر ۾ جهڙو سندءِ آ نام اي ساقي!
روا رک اهڙو مستن تي به تون انعام اي ساقي!
رکيو آ حادثاتِ دهر بي آرام عرصي کان،
ڪرڻ ڏي مئڪده جي سايه ۾ آرام اي ساقي!
اڃا ڀي تشنه لب آهيون اڃا خواهانِ ڪيف آهيون،
اڃا مستن کي گهرجي ٻيو به دورِ جام اي ساقي!
زماني جا سهارا سڀ ڇڏي اڄ بي سهارو ٿي،
پيو آهيان اچي تنهنجي پناري، سام اي ساقي!
پياري مئه محبت پنهنجي هٿ سان شاد و خندان ڪر،
نهوڙيو آهي ”جامي“ کي غم و آلام اي ساقي!
تمت بالخير
ماخذ
Max Mullar, F: India What Can it teach us?
Oxford. Cambridge History of India, Vol. I,
Cambridge 1922.
Elliot, H (Cowson) History of
India Vol. I, London 1898.
Sindh Historical Journal, Vol . I, Part, II, March, 1934
Karachi.
Hughes – Buller, R: Gazeteer of Makran, 1906
Bombay.
Vincent William: Periplus of Earythreanian Sea Part I. London
1800.
Ranerty, H. G: Mehran & its tributes,
Calcutta 1892.
Sindh Gazetter, Vol. B. Bambay, 1928.
Cousins, H: Antiquities of Sindh,
Calcutta 1929.
Tod. J: Annals & Antiquities of Rajisthan, Vol. I,
Calcutta, 1894.
Vincent William, D: Voyage of Nearchus, from
Indus to Euprates, London 1779.
Smith, V. A:
Oxford History of India, 1920, Oxford.
Dutt, R. C: Ancient
India, Vol. II, Calcutta.
Haig, M. R: The
Indus Delta Country, London, 1898.
Sindh Historical Journal, Part IV, 1939
Karachi.
Sindh Historical Journal, March, 1937
Karachi.
Aitken, E H: Gazeteer of Sindh,
Karachi 1907.
Abbot, J: Sindh A Re - interpreatation of The Unhappy,
Valley,
Karachi,
1907.
Sindh Historical Journal, March, 1935,
Karachi.
Ishwari Parsad: A Short History of Muslim Rule, In
India, Allahabad 1939.
Hodiwala, S.H: Studies in Indo – Muslim History,
Bombay 1939.
Cambridge History of India, Vol. II,
Cambridge 1929 Sindhian World the tri – Islands
in the Indus Vol. II, Karachi Feb: 1940.
Kalichbeg Furridun Beg: History of Sindh, Vol II,
Karachi 1901.
Whitehead, R. B: Catalouge of Coins in the
Punjab Museum of Lahore, Oxford 1914.
Berneir, F: Travels in the Mughal West Minister, Empire (1656
– 1668) Vol. I, 1890.
Foster, W. W: The English Factories in
India (1637), Oxford 1906.
Sarkar, J. N: History of Aurangzeb, Vol. V,
Calcutta.
Strange LE: Eastern Provinces of Caliphate,
Cambridge 1905.
Marshman, J. C: Abridgement of the History of
India, London.
Sarkar, J: The Decline of the Mughal Empire, Vol. I,
Calcutta, 1937.
Hutton, J: History of
Asia, London, 1875.
Burton, R: Sindh revistied, London 1877.
Pastons: Personal Observation on Sindh,
London, 1843.
Mohanlal, Munshi: Trade of Khairpur, 1837.
India Office, London.
Thornoton: Gazetteer, Vo. I,
London, 1844.
Faster Sir Willaim: Early Travellers in
India, Oxford, 1921.
Sorely, H. T: Shah Abdul Latif of Bhit,
Oxford, 1940.
Hughes, A. W: Gazetteer of Sindh, p. 41,
London, 1877.
Mukerji, R. K: Economic History of
India, London 1945.
Musto, A. A: Future of Sindh,
Karachi 1923.
Wylly, H. G: Military Memories of, J. Thackwell, Vol. 9, Part
II,
Calcutta
1840.
Trotter, L. J: Rulers of
India, The Earl of Auckland, p. 78, Oxford 1893.
Thornton, E: Gazetteer of The Countries Adjacent to India &
North West, 2 Vols.
London 1844.
Stanely Read E. S. T: Shepered: The Indian Year Book,
Bombay 1927.
Temple Richard Sir: Men & Events of Time in
India,
London 1882.
Sindh Historical Journal, Vol. V, Jan: 1941,
Karachi. |