باب ڏهون
ميرن جي صاحبي
پهرين چوياري
ٽالپر مير بلوچ ڪلهوڙن جا مريد ۽ فوج ۾ ملازم هئا. 1783ع ۾ هنن
ڪلهوڙن کي هالاڻي جي جنگ ۾ شڪست ڏيئي سنڌ تي قبضو
ڪيو. مير فتح علي خان سنڌ کي ٽن حصن ۾ ورهايو: (1)
شهداداڻي سرڪار جنهن جو تختگاه حيدرآباد هو. هيءَ
مرڪزي حڪومت هئي (2) ماڻڪاڻي سرڪار جنهن جو
سربراهه مير ٺارو خان هو. هن جو تختگاه ونگي ۾ هو:
کانئس پوءِ پٽس مير علي مراد خان ميرپور خاص جو
شهر اڏائي ان کي تختگاه ڪيو، (3) سهراباڻي سرڪار
جنهن جو سربراه مير سهراب خان هو، جنهن سهراب پور
جو شهر اڏايو، جو پوءِ خيرپور سڏجڻ لڳو. هن ڪوٽ
ڏيجي واري ٽڪري تي قلعو اڏائي ان تي احمد آباد
نالو رکيو، پر پوءِ پنهنجي اصلوڪي نالي سان سڏجڻ
لڳو. ٽالپر به ڪلهوڙن وانگي ڪابل کي ڍل ڀريندا
هئا. 1793ع ۾ تيمور شاه وفات ڪري ويو ۽ زمان شاه
تخت تي ويٺو. مغولي علائقو سري ۾ جنهن ۾ بکر جو
قلعو، سکر، شڪارپور، بلدڪو، روپاچڪ، مغرچه، محمد
باغ، ڪلواڙي ۽ سوهيجا پرڳڻا اڳ دراني حڪومت جي
ماتحت هئا، تن تي مير سهراب خان جي پٽن مير رستم
خان ۽ مير مبارڪ خان قبضو ڪيو. فقط شڪارپور مٿان
ڪابل پاران افغان نائب حڪومت ڪندو هو. پهرين
چوياري ۾ مير فتح علي خان، مير ڪرم علي خان، غلام
علي خان ۽ مراد علي خان حڪومت ڪئي. انگريز، مرهٽن
۽ پنڊارين سان وچ هندستان ۾ رڌل هئا، ٽالپرن سان
فقط واپاري عهدناما ڪندا آيا. هن چوياري ۾ 1823ع ۾
ميرن عمرڪوٽ تي ۽ 1824ع ۾ شڪارپور تي قبضو ڪيو،
1802ع مير فتح علي خان وفات ڪئي، مير غلام علي خان
گادي تي ويٺو، جنهن ڪابل کي ڍل ڏيڻ بند ڪئي، 1811ع
۾ مير غلام علي خان وفات ڪئي ۽ مير ڪرم علي خان
تخت تي ويٺو، 1818ع ۾ بارڪزئين ڪابل تي قبضو ڪيو،
شاهه شجاع سدوزئين جو آخري تاجدار ڪشمير لاهور کان
ٿيندو انگريزن وٽ لڌياني ۾ اچي پناه ورتي، 1828ع ۾
مير ڪرم علي خان وفات ڪئي ۽ مير مراد علي خان
گاديءَ تي ويٺو، 1831ع انگريزن مهراڻ جي ماپ ورتي.[1]
معزول شاهه شجاع جو سکر مان لنگهڻ ۽ ٻي چوياري
1833ع ۾ مير مراد علي خان وفات ڪئي ۽ ٻي چوياري شروع ٿي، مير
نور محمد خان گاديءَ تي ويٺو، شاهه شجاع جو لڌياني
انگريزن جي ٽڪرن تي پلجي رهيو هو، تنهن ٻه چار سو
سپاهي ڀاڙي جا ٽٽو خريد ڪري اتان ڪابل فتح ڪرڻ
لاءِ روانو ٿيو، 1834ع روهڙي پهتو، شهداداڻين جي
سپهه سالار سيد ڪاظم شاهه ۽ سهراباڻي جنزل گولي
شاهه معزول بادشاهه جو مقابلو ڪيو پر ٻئي جنرل قتل
ٿي ويا، شجاع سکر ۽ شڪارپور واري رستي تان قنڌار
پهتو پر بارڪزئي سردار عبدالرحيم کان شڪست کائي
قنڌار جي نواب محراب خان ۽ ٽالپرن جي مدد ۽ خرچ
سان وري لڌياني پهتو[2].
1834ع تائين محال گوسڙجي، قلعي ڪرن، ڳڙهي ياسين ۽
محال روپاه جو شڪارپور ۽ جيڪب آباد جي وچ ۾ آهي
جمله ايراضي 402 چورس ميل هئي تنهن تي شاهه شجاع
جو قبضو رهيو.
مير سهراب خان جو وصيت نامه
سال 1811ع ۾ مير سهراب خان حڪومت جون واڳون پنهنجي وڏي پٽ مير
رستم خان جي حوالي ڪري پاڻ گوشه نشين ٿيو. مير
صاحب 1830ع ۾ وفات ڪئي ۽ پنهنجي رياست چئن حصن ۾
پنهنجن پٽن کي دستاويز ذريعي لکي ڏيئي ويو،
دستاويز جي تاريخ 18 مئي 1829ع – 1245 هه ڄاڻايل
هئي. رياست جي سالياني آمدني 2039000 ويهه لک
اوڻيتاليهه هزار هئي. (1) حصو ذاتي مير رستم خان
جو ٻيو حصو سندس صفاتي يعني دستاربندي جو (2) مير
مبارڪ جو حصو (3) ننڍي پٽ مير علي مراد خان جو
حصو، جنهن جي ملڪيت جو سنڀاليندڙ مير مبارڪ خان
هو، عام ۾ چوٻول پيل هو ته وصيت نامه ۾ ڦير گهير
ٿيل آهي:
مير رستم خان جا ٻه حصا
جريان نمبر |
ضلعن يا پرڳڻن جا نالا |
آمدني جي سالياني رقم روپيا |
|
نوشهرو فيروز
ڪنڊيارو
لڌو گاگن |
350000
17500
150000 |
|
|
روهڙي
ڀنگ ڀاڙو
سبزل ڪوٽ
½
حصو
بردڪو
شڪارپور ۽ ٻيون زمينون
¾
حصو
چڪ ۽ مغرچه
متفرقه زمينون
خيرپور ڏهرڪي
نارو (ريگستان) ڀمڀرڪي
ريگستان جا قلعا
ڪوهيرا جو حصو
اٻاوڙو |
30000
25000
25000
60000
21000
50000
50300
120000
3000
6000
10000
125000[3] |
|
جمله پيدائش |
1200300 روپيا |
مير مبارڪ خان جو 1 حصو
جريان نمبر |
ضلعن يا پرڳڻن جا نالا |
آمدني جي سالياني رقم روپيا |
ف
|
گهوٽڪي
مير پور ماٿيلو
امام واهه
مهراڻ جي اولهندي واريون زمينون |
125000
150000
2000
20000 |
|
شڪارپور جي آمدني جو
½
حصو
ڪوهيرا جو حصو |
7000
3000 |
|
جمله پيدائش |
315000[4] |
مير علي مراد خان جو حصو
جريان نمبر |
ضلعن يا پرڳڻن جا نالا |
آمدني جي سالياني رقم روپيا |
|
گاگڙي مير واهه سميت
لڌو گاگن جا حصا
مهراڻ جي اولهندي واريون زمينون
ناري ۽ شير ڳڙه واريون زمينون
ڪوهيرا جو حصو |
275000
30000
34000
6000
5000 |
|
جمله پيدائش |
350000[5] |
انگريزن جو بکر جي قلعي تي قبضو
وائسراءِ لارڊ آڪلنڊ ڪابل سان جنگ ڪرڻ ۽ شاه شجاع جهڙي نا اهل
کي ڪابل جي تخت تي ٿاڦڻ جو ارادو ڪيو. هن مهم لاءِ
انگريزن، رنجيت سنگهه ۽ شاه شجاع جو پاڻ ۾ عهدنامو
ٿيو. بمبئي جي لشڪر ۽ بنگال جي لشڪر کي سنڌ مان
لنگهڻو هو. بولان جي رستي کي صاف ڪرڻ لاءِ فوجن
رواني ڪرڻ کان اڳ وائسراءِ اليگزينڊر برنس کي 25 ڊسمبر 1838ع ۾
مير رستم خان ڏانهن مڪو. جنهن کان سنگين جي نوڪ
سان برنس بکر جو قلعو هٿ ڪيو، هن شرط سان ته پهرين
افغان ويڙهه جي خاتمي کان پوءِ انگريز قلعي کي
خالي ڪندا. ساڳيءَ طرح حيدرآباد جي ميرنور محمد
خان کي زبردستي انگريزن جا شرط منظور ڪرڻا پيا.
مطلب ته سنڌ فتح ڪرڻ کان اڳ انگريزن لاڙ ۾ ڪراچي،
ٺٽي ۽ سري ۾ سکر ۽ بکر جي قلعي ۽ درياه وارن ٻيٽن
تي قبضو ڪيو. جون 1838ع 1254ع ۾ مير مبارڪ خان
وفات ڪئي، ميجر آئوٽ رام حيدرآباد ۾ انگريزي
ريزيڊنٽ هو ۽ مسٽر راس بيل خيرپور ۾ ريزيڊنٽ هو.
نونهار جو معاهدو
سال 1841ع 1257ع ۾ جڏهن ڪپتان راس بيل درٻار خيرپور ۾ ريزيڊنٽ
هو، جائداد جي باري ۾ مير رستم خان ۽ مير علي مراد
خان ۽ مير نصير خان ولد مير مبارڪ خان جي پاڻ ۾
جنگ لڳي، جنهن ۾ مير علي مراد خان سوڀارو ٿيو. مير
رستم خان قرآن شريف تي نونهار جو عهدنامو مير مراد
علي خان سان ڪيو ۽ پوري ملڪيت کيس موٽائي ڏنائين.
2 نومبر 1841ع ۾ انگريزن سردار اڪبر خان هٿان
افغان ۾ ذليل شڪست کاڌي 15 پندرهن هزار لشڪر
انگريزن جو پٺاڻن هٿان ناموسي جي تلافيءَ لاءِ
انگريزن سنڌ تي قبضي ڪرڻ لاءِ سر چارلس نيپئر کي
ريزيڊنٽ ڪري موڪليو، جنهن 25 سيٽمبر 1842ع ۾
حيدرآباد پهچڻ شرط ميرن اڳيان اهڙا ڳرا شرط وڌا جو
ميرن جي صبر جو پيمانو لبريز ٿي ويو.
سر چارلس نيپئَر جو سکر پهچڻ
ڊسمبر 1842ع ۾ سر چارلس نيپئر، جنهن کي وائسراءِ لارڊ ايلنبرو
ميرن سان ڦٽائڻ لاءِ مڪو هو، تنهن اچڻ شرط سيزلڪوٽ
۽ ڀنگ ڀاڙو لاءِ مير رستم خان کان گهر ڪئي. مير
مراد علي خان جو موقعي جي تاڙ ۾ هو، تنهن مير رستم
خان خلاف وصيت نامه ۾ خيانت ڪرڻ جي شڪايت پيش ڪئي،
جنهن تي چارلس نيپئر مير رستم خان کي ملاقات لاءِ
سکر گهرايو. مير صاحب جي عمر 85 ورهيه هئي. هن کي
خوف جاڳيو متان فرنگي کيس گرفتار ڪري، سو حرم ۽
خزاني سميت ريگستان جي قلعي امام ڳڙهه ڏانهن ڀڄي
ويو. فرعون دماغ چارلس نيپئر مير مراد علي خان کي
همراه ڪري قلعي تي ڪاهي ويو. مير رستم خان اتان
ڀڄي حيدرآباد ڏانهن ويو. فرنگي امام ڳڙهه کي بارود
سان اُڏائي موٽيو. فيبروري 1843ع ۾ مياڻي ۽ دٻي جي
ٻن خونريز جنگين ۾ مير انگريزن کان شڪست کاڌي
انگريزن حيدرآباد وارن ميرن کي جلا وطن ڪري
پهريان پوني ۽ پوءِ ڪلڪتي ۾ نظر بند ڪري رکيو.
ميراڻي سنڌ ۾ سکر
ميراڻي سنڌ ۾ سکر ۾ آسودگي هئي. ميرن جيڪي واهه کڻايا هئا، سي
اڄ به مير واهه سڏجن ٿا. سکر ڪڻڪ ۽ جوئر جي
پيداوار ڪري مشهور هو. جوئر جو ڪانو 12 فوٽن کان
16 فوٽ ڊگهو هو. جوئر جو في سنگ وزن ۾ چوڏهن
آئونسن جيترو هو. شهر جي آس پاس وارا حصا ميلن
تائين ٻنين ڪري سرسبز هئا. اڄ به باگڙ جي ڪڻڪ تيل
پيڙهڻ جي گهاڻن ڪري مشهور آهي. پُست، ڪمند، ڀنگ ۽
تماڪ ٿوري انداز ۾ پوکبا هئا. شهرن ۽ ڳوٺن ۾
اوتارا (ساقي خانه) هئا، جتي هر شام غم غلط ڪرڻ
لاءِ ڀنگ جو دور جاري هو. چرس جا وزم به لڳندا هئا[6].
شهرن ۾ ديسي قسمين قسمين نمونن جو شراب وڪامندو
هو. سنڌ ۾ ٺٽو، نصرپور، حيدرآباد، سيوهڻ، شڪارپور،
لاڙڪاڻو، سکر ۽ روهڙي باغات ڪري مشهور هئا. سکر ۽
روهڙي جا ڇوهارا، مسقط جي ڇوهارن کي مات ڪندا هئا،
روهڙي جا باغ ڏاڙهن، انجيرن، صوفن، انبن، صوفي
ٻيرن، ليما، سنگتڙا، ڪيوڙا، پٻڻ، ڊاک، ڪتل ڪري
مشهور هئا. اُتي ڪتل جو عمدو سير وڪامندو هو.
اونهارو گلاب ۽ چنبيلي جي مهڪ سان ايندو هو ۽ گلن
جي پوشاڪ پهرائيندو هو. تفريح جي ميدان ۾ شڪارپور
گوءِ کڻي ويو هو. ڀاڄين جا عام نمونا ڪافي انداز ۾
هئا. چڻا، مٽر، توريون، ساڳ، بيهه، پٽاٽا، موريون،
پتائي گجرون، ڪدو، گوگڙو، بصر، پالڪ ۽ ٿوم، پلا ۽
مڇيون غريب غربو کائي رڄ ڪندا هئا. انب لذيز،
ڇانهيون ۽ گدرا تور تي ڪو نه وڪامندا هئا، چوپايو
مال، چانور ۽ اناجن جي سستائي هئي. ماڻهو ان جا
انبار گڏ ڪري تڏن سان ڍڪي مٿان مٽيءَ جو ليپو ڏيئي
ڇڏيندا هئا. ان ۾ شڪ نه آهي ته ٽالپرن درياه جي
ڪچن جون ڀليون زمينون شڪار لاءِ مخصوص ڪيون هيون،
مگر ملڪ جي اُپت ملڪ اندر رهندي هئي، تنهنڪري شين
جي سستائي ڪري خوشحالي جو دور هو. عوام جي زندگي
سادگيءَ سان گذرندي هئي. لطف الله پنهنجي سفرنامه
۾ لکي ٿو ته اُتر سنڌ ۾ في ڪڪڙ جي قيمت ڇهه پايون
۽ في رڍ جي قيمت هڪ شلنگ هئي. شهرن جون جايون
ڪچيون هيون ۽ ڳوٺاڻا ڪکائن جهوپڙين ۾ رهندا هئا.
اڄ شهرن ۾ فلڪ بوس عمارتون آهن پر ڳوٺاڻن جون جهوپڙيون ساڳيون
آهن، چانور، گوشت، مڇي، کير، ڏڌ ۽ گيهه جي جهجهائي
هئي. ڳوٺن ۾ کير ۽ ڏڌ ڪو نه مڪامبو هو. ڀاڳيا مفت
ورهائندا هئا، انهن ڏينهن ۾ ٻاجهر جي پڪل ۽ مکڻ
سان مکيل ماني ڏڌ يا کير سان کائڻ طاقتور کاڌو هو.
اڄ ڪلهه جي وناسپتي گيهه ۾ پڪل گوشت کان هزار بار
مفيد هئي. سياري جو ڪچن مان مکڻ سان ڀريل ٻيڙيون ،
ڳوٺن ۽ شهرن جي پتڻن تي پهچنديون هيون ۽ مکڻ ڪوڏر
جي لپن سان وڪامندو هو[7].
پهرين افغان ويڙهه وقت سڄا سارا پنج ورهيه سنڌ
انگريزي لشڪر کي کاڌي ۽ خوراڪ ۽ چوپايو مال پهچائڻ
لاءِ ”سپلاءِ بيس“
Supply Base
هو. انگريزن جا گماشتا جن جو
سر گروه سيٺ نائون مل ڀوڄواڻي هو، شهرن ۽ ڳوٺن مان
اناج ۽ چوپايو مال خريد ڪندا هئا ۽ جابجا فوجي
گدام جڙيل هئا. انهيءَ ڪري ملڪ جي حالت پوڻي پوندي
ويئي. ٽالپرن جي ڏينهن ۾ ڪڇ ۽ مارواڙ ۾ سخت ڏڪار
پيو ۽ قحط زده سنڌ ڏانهن ڀڄي آيا ٽن چئن روپين تي
پنهنجا ٻار وڪڻڻ لڳا. مگر سنڌ جي شهرن ۾ في روپيه
ڇهه سير اَن وڪامڻ لڳو. ماڻهو دانهون ڪرڻ لڳا ته
اَن مهانگو ٿي ويو. مٿيون ڏڪار 1802ع – 1207 هه ۾
پيو هو. اڄڪلهه ترقي جو دور آهي، ٽرئڪٽرن ۽ اوزارن
سان زمين کيڙي وڃي ٿي ۽ ولايتي ڀاڻ زمينن کي ڏنو
وڃي ٿو، تاهم في روپيه ٻه 2 سير جوئر ۽ ٻاجهري نٿي
وڪامي! حالانڪ اڳ سنڌ جي ايراضي جو فقط چوٿون حصو
آباد ٿيندو هو، اهو بيان ڊيل هوسٽ 1836ع ۾ ڏنو آهي[8].
اڳ ملڪ ۾ نه ايترا واهه هئا نه وري براجون وڌيل ڪو
نه هيون. اڳ ملڪ ۾ نه ايترا واهه هئا نه وري
براجون هيون. مکيه سبب ته اڳ زندگيءَ جون ضرورتون
اڄ وانگر وڌيل ڪو نه هيون. گهر جي هڪ ڀاتي
ڪمائيندو هو ۽ ڏهن کي کارائي سگهندو هو. هر شهر ۾
اوطاقون ۽ ڳوٺن ۾ مهمان خانا هئا، جن ۾ ڪچهريون
لڳنديون هيون. فصل لهندو هو ته ڪڙميءَ کان سواءِ
ڳوٺن جي ڪاسبين کي به حصو ملندو هو.
اقتصادي حالت
ٽالپري روپيه جي قيمت چاليهه ڏوڪڙ هئي. ڪوڏيون به هلنديون هيون.
في پئسي جا 25 چونڪ منهنجي سانڀر ۾ ڪوڏيون هلنديون
هيون. هڪ پيادي سپاهيءَ کي روزانو هڪ سير اَٽو ۽
چار ڏوڪڙ روڪ ملندا هئا. سوار کي روزانو ان کان
ٻيڻو ملندو هو. انهيءَ کان سواءِ کين ڪپڙا ۽ ضروري
سامان ڏنو ويندو هو. هڪ عام مزور جو ماهوار پگهار
ٽي روپيا هو ۽ ڪاريگر کي ماهوار 4 يا 5 روپيا
ملندا هئا[9].
انگريزن پنهنجا ڪلدار جاري ڪيا ته واپاري خوشيءَ
سان وٺڻ لڳا. مسقط جي امام سان ميرن جا دوستانه
تعلقات هئا، ايران سان به هئا. ان ڪري مٿين ملڪن
جا سڪا به چالو هئا. انگريزي ڪلدار وڄندا هئا،
تنهنڪري واپارين کي وڻندا هئا. ڪلهوڙن جي سالياني
اُپت اَسي لک روپيا هئي. پوسٽن ٽالپرن جي آمدنيءَ
جا هيٺيان انگ ڏيکاريا آهن:
1800ع 40 لک، 1809ع 43 لک، 1814ع 61 لک، 1824ع 50 لک، 1843ع 35
لک. سراسري اٽڪل 46 لک. مسٽر اي – ڊبليو هيوز جي
چوڻ مطابق، سنڌ ۾ انگريزي شروعات راڄ ۾ زمين جي ڍل
آمدني، ڪل ڍلن ۾ آمدنيءَ جو ٻه ڀاڱي ٽيون حصو
هوندي هئي. انهيءَ ڪري ضروري آهي ته، اُن وقت جي
سراسري قيمتن ۽ روپئي جي قوت خريداري بابت ڄاڻ
حاصل ڪجي. ڊاڪٽر راڌا ڪمل مڪر جي قيمتن جون ڪي
نسبتي اگهوتريون مرتب ڪيون آهن، جن ۾ 1600ع کان
وٺي رپئي جي قوت خريد ۾ ڦيريون گهيريون ڏيکاريون
ويون آهن. سنڌ جون قيمتون، هندستان جي قيمتن کان
گهڻو مختلف ڪين هيون. کاڌي جي شين جون قيمتون جيڪي
سنڌ ۾ رهيون، سورت ۾ ساڳيون هيون. 1650ع تائين
رپئي جي قوت خريد ساڳي رهي، 1730ع يعني اَسي سالن
کان پوءِ 50 سيڪڙو وڌي ويئي، ان کان پوءِ وري
گهٽجڻ لڳي. 1807ع ۾ اصل ملهه جي اٽڪل ٻه ڀاڱي ٽئين
حصي تي وڃي بيٺي، ۽ ان بعد اڍائي سالن کان پوءِ
وري اها ساڳي حد قائم رهي. اناج جي شين جي سراسري
قيمت 5 آنا في مڻ[10].
ڪلهوڙن جي صاحبي ۾ اناج جي حساب سان روپئي جي قيمت
مغلن جي روپئي جي قوت خريد جو 50 سيڪڙو هئي. يعني
ڏهين آني في مڻ. ٽالپرن جي وقت ۾ رپئي جي قوت خريد
مغلن جي وقت جي قوت خريدي جي 35 سيڪڙو کان به گهٽ
هئي، جڏهن اناج جي قيمت 5 آنا ڪٿي ويئي آهي،
انهيءَ حساب سان ٽالپرن جي وقت ۾ اناج جي قيمت 15
آنا في مڻ هوندي. ان جو سبب ته ڪلهوڙن جي وقت ۾سنڌ
۾ ويهن لکن ايڪڙن ۾ پوک ٿيندي هئي. ٽالپرن جي وقت
۾ پوک هيٺ ايندڙ سراسري ايراضي ڏهن لکن ايڪڙن جي
ويجهو هوندي. هن مان اها خبر پوي ٿي ته ڪلهوڙن جي
وقت کان ڪيڏي نه ڪتر ۽ گهٽتائي اچي ويئي هئي.
انهيءَ طرح اسان کي خبر پئي ٿي ته سنڌ جي زرعي
پيداوار جي قوت مغلن جي دور ۾ چڱي عروج تي هئي.
اوائلي ڪلهوڙن جي وقت ۾ اڃا اها وڌيڪ بلنديءَ تي
پهچندي وئي ۽ ان کان پوءِ ان جو زوال شروع ٿيو.
تاهم ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي صاحبين ۾ کير ۽ ڏڌ ڪو نه
وڪامندو هو. ڀاڳيا مفت ورهائيندا هئا. انگريزي راڄ
۾ زراعت جي ايراضي وڌندي ويئي. 1878ع – 1879ع ۾
ساڳي ڪلهوڙن واري بلندي يعني ويهن لکن ايڪڙن تائين
پهتي ۽ 1930ع – 1931ع ۾ زراعت جي ايراضي 46 لکن
ايڪڙن تائين پهتي ۽ 1932ع ۾ سکر بئراج جي تيار ٿي
وڃڻ ڪري، انهيءَ ايراضي ۾ ٻين ڏهن لکن ايڪڙن جو
اضافو ٿيو[11].
سنڌ جي شهري آدمشماري ۽ سکر
شهرن ۽ ڳوٺن جي آدمشماري بابت ڪي انگ اکر ملي نه ٿا سگهن. مسٽر
ٿارنٽن پنهنجي گزيٽئر ۾ انگريزن جي فتح وقت سنڌ جي
مکيه شهرن جي آباديءَ هيٺيان انگ اکر ڄاڻايا آهن:
شڪارپور 30000
حيدرآباد 20000
ڪراچي 15000
خيرپور 15000
ٺٽو 12000
ميرپور خاص 10000
لاڙڪاڻو 10000
هالا 10000 |
روهڙي 8000
مٽياري 5000
ٽنڊو الهيار 5000
سکر 4000
گمبٽ 3000
سيوهڻ 2000
مانجهند 2000 |
بيان ڪيل شهرن کان سواءِ ٻيا به ڪيترا شهر هئا جهڙوڪ، سبزل ڪوٽ
جو سر چارلس نيپئر سکر پهچڻ وقت 1843ع ۾ نواب
بهاولپور کي ڀنگ ڀاڙي سميت موٽائي ڏنا هئا.
راڻيپور، مغل ڀين هر هڪ جي آبادي پنج هزار هئي.
دريجي، ڪوڏل خير گائون، سن، ڀيون، گهوٽڪي هر هڪ جي
آبادي ٻه هزار هئي. انهن کان سواءِ پنج ٻيا به
مکيه شهر هئا، ٽنڊو محمد خان، قنبر، ٽنڊو مستي
خان، نوشهرو فيروز، خيرپور ڏهرڪي، پر انهن جي
آدمشماري ڄاڻايل ناهي. اي – برنس توڙي پاٽينجر
ٽنڊي محمد خان کي وسندڙ شهر ڏيکاريو اٿن. قنبر
چانڊڪي پرڳڻي ۾ پڻ وڏو شهر هو. منجهس هڪ سٺي بازار
به هئي، جنهن جي چوڌاري واهين ذريعي سرسبز ٻنيون ۽
باغ بستان هئا[12].
سکر جي آبادي ان ڪري گهٽجي ويئي، جو اڳ بکر سرڪار
جو صدر مقام هو ۽ هر دور ۾ هن جي ساڳي حيثيت رهندي
آئي. بعد مير سهراب خان سهراب پور (خيرپور) جو شهر
اڏايو، جو اتر سنڌ جو تختگاه هو ۽ رياست جون حدون
مزارچه تائين هيون. سکر جا گهڻائي، ڪوري، موچي،
نيروٽي ۽ رنگريز ۽ ٻيا ڪاريگر لڏي وڃي نئين
تختگاهه شهر ۾ ويٺا. شروعات ۾ خيرپور جي آدمشماري
فقط 8 هزار هئي، پوءِ وڌي 12 هزارن کي پهتي ۽
1843ع ۾ 15 هزارن کي پهتي، 1838ع ۾ نئين سکر جي
بنياد پوڻ ڪري سکر وڌندو رهيو. ائين چوڻ صحيح
ٿيندو ته سکر ۽ ڪراچي جا شهر جاءِ وقوع جي اهميت
ڪري انگريزن جا اڏايل آهن، جن ٿوري عرصي اندر بيحد
ترقي ڪئي ۽ ڏينهون ڏينهن وڌندا وڃن ٿا.
ٽالپوري دور ۾ سماجي حالت
خوراڪ: کاڌي ۽ زندگيءَ جي ٻين ضرورتن جي فراواني هئي ۽ قيمتون
گهٽيل هيون. چوپايو مال جهجهو هو، ۽ عام رواجي
ماڻهوءَ وٽ آسائشي حالتن ۾ اَٺ جوڙا ڍڳن جا، هڪ
گهوڙو، هڪ ڳئون ۽ هڪ گابو، هڪ مينهن ۽ 15 يا 20
ٻڪريون هونديون هيون. اها حالت لاڙ جي هئي. اُتر
سنڌ جنهن ۾ روهڙي، خيرپور، سکر ۽ شڪارپور مکيه شهر
هئا، هڪ هڪ هاريءَ کي رواجي حالتن ۾ چئن کان پنج
جوڙا ڍڳا هوندا هئا. زميندارن مان ڪي زرعي مال ۽
نهايت مالدار هئا. کير جي پيدائش جي فراواني هوندي
هئي. غريب توڙي امير کي ڏڌ، لسي، مکڻ ۽ کير جام
ملندو هوم توڙي جو هاريءَ جو کاڌو سادو ۽ غريباڻو
هوندو هو ته به ائين ٿو ڏسجي ته کير جي پيدائش ۽
گوشت جي لحاظ کان ان دور جو عوام اڄ جي عام
ماڻهوءَ کان ڀيٽ ۾ بهتر حالت ۾ هو. زراعت ريل ڇيل
۽ هڪ فصلي هئي ۽ زمين جون وڏيون ايراضيون چراگاهن
طور استعمال ٿينديون هيون، پر پوءِ خاص ڪري بکر
بئراج کلڻ کان پوءِ، زراعت باضابطه ۽ گهڻ فصلي
ٿيندي ويئي ۽ چراگاهن لاءِ زمين گهٽجي ويئي ۽
هاڻي ته ان دور جيتري هيڪاندي چوپائي مال جو چارڻ
ئي نا ممڪن آهي، هاريءَ کي انهيءَ ڪري پنهنجي مکڻ
۽ کير جي ٻين پيدائش کي لازمي طرح قناعت سان
استعمال ڪرڻو ٿو پوي، ڊچ مورخ پيلز وٽ ٻڌائي ٿو ته
اتر هندستان ۾ غريبن کي گوشت جي سواد جي ڪا خير
خبر آهي ٽيري ٻڌائي ٿو ته سنڌ جا رهواسي اهڙي ته
صاف ۽ لذيذ روتي نهايت سٺي پچائين ٿا، جو آءٌ هوند
ان جي ساڳي تعريف ڪريان ته اها آسماني روٽي (من
سلويٰ) آهي. مانيءَ سان گڏ هنن وٽ ٻين شين، جهڙوڪ:
مکڻ، ڌوئنرو وغيره جي نهايت فراواني آهي، جو هنن
وٽ مينهون، رڍون، ۽ ٻڪريون گهڻي تعداد ۾ آهن[13].
انهيءَ سلسلي ۾ پوسٽن لکي ٿو ته:
”سمورا ماڻهو جانورن جو گوشت کائين ٿا، مسلمان رڍن جي گوشت کان
ٻڪريءَ جو گوشت وڌيڪ پسند ڪن ٿا، چانور،
مڇي يا جوئر جي ماني هيٺيئن طبقي ۽ پورهيت طبقي جو مکيه کاڌو
آهي، ڌنار ۽ رولو قومون کير، ڏڌ ۽ ٿلهي اَٽي تي
گذران ڪن ٿيون“. (آر – برٽن)
سنڌ ۾ شڪار هر قسم جو جام آهي، سنڌين ۾ غريب طبقي جا ماڻهو خوش
قسمت آهن، جو کين گذران جا ٻه ذريعا آهن، مڇي ۽
جهنگلي پکي عام جام ملن ٿا، جن سان درياه، ڍنڍون ۽
تلاءُ ڀريل آهن، ملڪ ۾ جتي جتي پاڻي گهڻو آهي،
اُتي انهن پکين جا ولر ڏسڻ ۾ اچن ٿا، ۽ ماڻهو انهن
پکين کي ڦاسائڻ ۾ نهايت قابل ۽ ڪاريگر آهن، ۽
مختلف قسمن جي مڇي هر موسم ۾ ايتري ته گهڻي ۽
فراوان آهي، جو انهيءَ کي شمار ڪرڻ نا ممڪن آهي،
ڳوٺاڻا پکي جام پالين ٿا، ۽ انهن کي نهايت سستو
خريد ڪري سگهجي ٿو، مسلمان انهن پکين کي کاڌي طور
گهڻو استعمال ڪن ٿا[14].
جيئن ته اڄ ڪلهه زراعت ۽ پوک انهن ايراضين تائين
پهچي ويئي آهي، جيڪي اڳ ٻيلن ۽ جهنگن سان ڍڪيل
هيون، انهيءَ ڪري گهڻو شڪار هاڻ ختم ٿي ويو آهي،
ايتري قدر جو ٻهراڙين ۾ مڇي به هاڻي گهٽ ٿي ملي ۽
غريب ماڻهو مشڪل سان مهيني ۾ ٽي يا چار دفعا گوشت
واپرائي سگهي ٿو. نه فقط غريب طبقو پر وچون طبقو
به اڄ ڪلهه شين جي مهانگائي ڪري پريشان آهي لطف
اهو ته ناڻي ڏيڻ سان خالص شيون نٿيون ملن، 1963ع ۾
سکر ۾ گوشت في سير 3 روپيه ۽ مڇي في سير 2 روپيه
هئي.
سماجي جائزو انگريزن جي دور حڪومت ۾
تهذيب، قوم جي مجموعي حالت جو نالو آهي، قومي افراد جي هلت چلت،
رسم و رواج، سياسي ۽ معاشي طريقن فني ڪارنامن کي
گڏي ”تهذيب“ نالو ڏنو ويو آهي. تهذيب ڏينهن ۾ رات،
صبح ۽ شام وانگر هڪ تدريجي سلسلو آهي، ڪا به تهذيب
ڪيتري به زر خرچڻ سان اچانڪ وجود ۾ اچي ڪا نه ٿي
سگهي ۽ نه وري اچانڪ ختم ٿي سگهي ٿي. انگريزي
حڪومت جي اوائل ۾ سنڌ ۾ شهر ٿورا ۽ ڳوٺ گهڻا هئا،
هر ڪو شهر ۽ ڳوٺ سياسي، معاشي ۽ اقتصادي لحاظ کان
هڪ خود ڪفيل دائرو هو، جنهن جون گهڻو ڪري سڀ
ضرورتون سندس ئي ذريعن ۽ وسيلن سان پوريون ٿينديون
هيون، هر ڪنهن ڳوٺ جو وڏيرو يا رئيس هوندو هو، جو
پرڳڻن ڪي ڪاردار جي معرفت پنهنجي حد اندر امن ۽
امان رکڻ لاءِ ذميوار هو. ڳوٺن جي آبادي هيٺين چئن
طبقن ۾ ورهايل هئي: (1) وڏيرا يا پٽيل ۽ سندن
رشتيدار، (2) مخدوم، سادات ۽ علماءَ، (3) وڻجارا
يا واڻيا، (4) ڪاسبي جهڙوڪ: واڍا، لهار، ڪوري،
موچي، کٽي، ملان، مڱڻهار، چارڻ، چاڪي، ڪڙمي ۽ ننڍا
آبدگار، بلوچي قومن جا ماڻهو جهڙوڪ: چانڊيا، چانگ،
لغاري ۽ لساري، مري ۽ مستوئي، مليدي ۽ برهماڻي،
جمالي ۽ جسڪاڻي، جکراڻي ۽ ککراڻي، جلباڻي، شنباڻي،
جتوئي ۽ مغيري، دستي ۽ ڊومڪي، گبول ۽ لنڊ، بوزدار
۽ پتافي وغيره، قديم عربن قبيلن وانگر هميشه ڳوٺن
کان ٻاهر علحده علحده پنهنجون بستيون ٺاهي انهن ۾
رهندا هئا، هو پنهنجي معاشي ۽ تعليمي ضرورتن جي
پورائي لاءِ ڀر وارن ڳوٺن سان لهه وچڙ رکندا هئا،
بلوچن جي هنن قبائلي بستين ۾ عرب جي بدوي قبيلن
وانگر مهامنداري، مساوات، انسيت ۽ عسڪريت ممتاز
خصوصيتون هيون، شهرن ۾ ڪاردار ۽ ڳوٺن ۾ وڏيرا گهڻي
هد تائين سياه ۽ سفيد جا مالڪ هئا، چورن ٻين رهزنن
کي ڪاٺ ۾ وڌو ويندو هو يا ٻيون ڳريون سزائون ڏنيون
وينديون هيون.
جن شهرن ۾ ساداتن، پيرن يا علمائن جو زور هو اتي شرعي حڪمن
موافق تعزير ملندا هئا، نماز، روزي، ۽ ٻين شرعي
امرن کان انحرافيءَ سبب واسيطدار ڌرين کي جوڳي سزا
ڏني ويندي هئي يا انهن سان قطع تعلقات ڪيو ويندو
هو. ٺٽو، نصرپور، چوٽياري، هالا، سن، سيوهڻ، پاٽ،
شڪارپور، روهڙي، سکر، کهڙا، درٻيلو، هالاڻي وغيره
وغيره شهر اوائلي انگريزي دور جا مشهور شهر ۽
تعليمي مرڪز هئا، هنن وڏن شهرن ۾ مختلف قمسن جون
صنعتون قائم هيون، ۽ اتي جي مدرسن ۾ درس نظاميه
موافق مفت تعليم ڏني ويندي هئي. هنن مدرسن جو خرچ
مسلمان زميندارن ۽ صنعتڪارن جي طرفانن مليل زڪوات
۽ صدقات وغيره سان ڪيو ويندو هو.
شهرن ۽ ڳوٺن ۾ هندو سڀ گڏ هڪ محلي ۾ پئنچات ڪري رهندا هئا، سندن
ڇيڙي نبيري جو ڪم پئنچات جي وسيلي ئي ٿيندو هئو.
البت حڪومت يا مسلمان پاڙيسرين سان سندن معاملا
قاعدي موافق فيصل ٿيندا هئا. هندن جو مکيه ڪم وڻج
واپار هو، جو ڏيارون تائين هلندو هو. جيئن ته ليکي
چوکي ۾ هندو ماڻهو ڀڙ هوندا هئا تنهنڪري منجهائن
ڪيترا ڪاردار، منشي ۽ ديوان مقرر ٿيا. ڌرمي تعليم
لاءِ هندن کي ڪيترن وڏن شهرن ۾ پاٺشالا هئا. پر
ننڍن ڳوٺن ۾ هڪ رواجي هندوءَ جي تعليم گرمکي اکرن
جي سڃاڻپ ۽ انگن ۽ ليکن جي ڳڻ ڳوت تائين محدود
هئي. جيڪي هندو سرڪاري نوڪري ڪرڻ چاهيندا هئا تن
کي پارسي زبان ضرور سکڻي پوندي هئي. بلوچي بستين
اندر سرائڪي ٻولي هلندي هئي، ليڪن عام رعايا جي
ٻولي سنڌي هئي.
ملڪ ۾ آمدرفت جا رستا گهڻي قدر محدود هئا ۽ ملڪ جو وڻج واپار
سنڌو نديءَ ۽ سندس ڦاٽن رستي هلندو هو. هٿ جا واهه
۾ کوٽايل ڪڙيا ڪي بلڪل ٿورا هئا جيئن ته درياءَ تي
پل يا ڪا ٻي بندش ڪا نه هئي تنهنڪري درياءَ پوري
آزادي سان وهندو هو ۽ آب ڪلانيءَ جي مند ۾ ملڪان
ملڪ ٻوڏ ڪري ملڪ کي سرسبز ۽ شاداب ڪري ڇڏيندو هو.
ملڪ ۾ سڪار گهڻو هو. سستائيءَ جو اهو حال هو جو
بيانيءَ ۾ سير مکڻ ۽ آڌئي ۾ مڻ ڪڻڪ جو ملندو هو.
مٿين سببن جي ڪري اهلڪارن جون پگهارون به بلڪل
ٿوريون هيون. جيئن ته ان وقت سنڌي معاشرو قديم
آرين وانگر چئن طبقن ۾ ورهايل هو تنهنڪري مختلف
طبقن ۾ ماڻهن جي هڪ ٻي تي چڙهت ڪرڻ جي ڪا به ضرورت
ڪا نه هئي. قاضيءَ جو پٽ قاضي، مُلي جو پُٽ مُلو ۽
چاڪيءَ جو پٽ چڪيءَ ئي ٿي رهندو هو. ملن موراڻن ۽
ڪاسبين کي شهر جي حاڪم ۽ زميندار طبقي کان آهت طور
آن ملندو هو، جنهن سان هو پنهنجن گهرن ۾ گنديون
ڀري رکندا هئا ۽ اهو ان هنن جي سڄي سال جي ضرورتن
لاءِ ڪافي هوندو هو. ملڪ جي وڻج واپار ۾ به سڪي جو
رائج گهٽ ۽ اناج جو رواج وڌيڪ هوندو هو. ماڻهو
ڪفايتي، قناعتي ۽ قربدار هوندا هئا. هر ڪو پنهنجي
معاشرتي منصب ۽ معيار کان واقف ۽ ان تي هلڻ لاءِ
پابند هو. اجايو ريب ۽ ريس، حرص ۽ هوس، لوڀ ۽ لالچ
ڪو نه هو. عوام ۽ خواص تصوف جي رڱ ۾ رڱيل ۽
سادگيءَ ڏي مائل هئا. هندن جي ڀڳتين تي مسلمان، ۽
مسلمانن جي سماع تي هندو ايندا هئا. اوليائن جي
عرسن ۽ ميڙن ملاکڙن ۾ هندو خواه مسلمان هڪ جهڙو
بهرو وٺندا هئا. انگريزن جو قدم جيئن سنڌ ۾ پڪو ۽
پختو ڄمندو ويو تيئن هو ملڪي معاشرت ۾ پنهنجين
سياسي مصلحتن جي بناءَ تي ڦيرڦار ڪرڻ لڳا. ميرن جي
زماني ۾ هندن تي جيڪي زمين جي خريدڻ، وياج جي وڏن
نرخن وٺڻ ۽ مسلمانن جون زمينون گروي رکڻ تي جيڪي
بندشون پيل هيون سي هنن لاهي ڇڏيون جنهنڪري ڪيترا
آبادگار پنهنجي جهالت ۽ فضول خرچيءَ سبب هندو
شاهوڪارن جي وياج تي وياج ۽ ڪپتن جي ڪري پنهنجون
زمينون وڃائي ڪنگال ٿي ويا. اڳ جيڪي مُلن موراڻن،
مدرسن ۽ معلمن کي ميرن جي دربار مان مددون ملنديون
هيون سي هاڻي قطعي بند ٿي ويون ويتر جو انگريزن
پارسي ٻوليءَ کي دفتري زبان جي منصب کان لاهي ڇڏيو
تنهن ته هيڪاري مسلمانن جي علم نواز طبقي جا طاق
ڪڍي ڇڏيا. ملڪي اهلڪار جهڙوڪ: قاضي ۽ ڪاردار
وغيره، جي پارسي دانيءَ جي شرطن ڪري عموماً
مسلمان طبقي مان هوندا هئا سي هاڻي پارسي زبان جي
منزلت ختم ٿيڻ جي ڪري هندن وانگر سست ٿين لڳا.
ايتري قدر جو ملڪ جي سمورين ملازمتن تي هندن جو
قبضو ٿي ويو. هندو پنهنجي انگريز جي ملڪي مصلحتن
جي ڪري سنڌ جي صنعت ڪارن کي به ڪاپاري ڌڪ لڳي ويو.
انگريز سنڌ ۾ واپاري ٿي آيا هئا ۽ واپاريءَ جي حيثيت سان هو ملڪ
جا مالڪ بنجي پيا هئا. هنن جون ملڪي صنعتون مشينن
جي مدد سان نهايت اعليٰ معيار تي پهچي چڪيون هيون.
انهن صنعتن کي فرغ ڏيئي پنهنجي ملڪي معيشت کي ترقي
ڏيارڻ، سندن ملڪ گيريءَ واري پاليسيءَ جو سنگِ
بنياد هو. هنن ديسي صنعتن جي مٿان سخت پابنديون
عائد ڪري پنهنجي ملڪ جو ٺهيل شيون وڏي انداز ۾
بازار ۾ آڻي ڪڍيون. نتيجو اهو ٿيو جو ٺٽو، هالا،
نصرپور، هاکاڻي، درٻيلو، ڪنڊيارو، گمبٽ وغيره، جي
اوائلي زماني کان سنڌ ۾ ڪپڙي جي صنعت کان مشهور
هئا، سي ڦٽي تباهه ٿي ويا ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ ڪپڙي جي
صنعت جو خاتمو ٿي ويو.
1881ع کان سنڌ ۾ ريلوايون پوڻ شروع ٿيو ۽ جلد ئي سڄيءَ سنڌ ۾
ريلوائين جو ڄار پکڙجي ويو. هنن ريلن جو نتيجو اهو
نڪتو جو لکها ماڻهو، جن جي گذران جو ذريعو ملڪ جي
واپار ۽ آمدرفت سان وابسته هو جهڙوڪ: جت، مير بحر
وغيره سيءَ روزگار کان محرو ٿي سڃا ٿي ويا. دنيا
سڌندڙ ۽ بدلجڻ واري آهي ۽ علمي، فني ۽ صنعتي
ترقيءَ جي ڪري مٿين سڀني ڳالهين جو وجود ۾ اچڻ
ناگريز هو. اڳي يا پوءِ بهر صورت اهي ڳالهيون ضرور
وجود ۾ اچن ها، پر ٺڪر جو انگريزن تي ڀڄڻو هو، سو
مٿن ئي ڀڳو.
مٿين سڀني تبديلين جي ڪري، جي دنيا جي وڌندڙ علم ۽
صنعتي سڌارن جي عين تقاضا موافق هيون تن کان ملڪ
جي حيثيت ۽ سماج ۾ وڏو ڦير اچي ويو، جو سنڌ جي
مسلم قوم لاءِ وڏي اخلاقي، معاشي ۽ اقتصادي نقصان
جو باعث بنيو. ڳوٺن جي معيشت جا اڳ خود ڪفيل هئي ۽
چئن اقتصادي طبقن ۾ ورهايل هئي، سا يڪايڪ بدلجي
ويئي. وڏيرن زميندارن جو زور ٽُٽي پيو ۽ ڏينهون
ڏينهن ڪجهه پنهنجن افعالن جي ڪري ته ڪجهه زماني جي
نامساعد حالتن جي ڪري ترين ڀر ڪرندا ويا. علم نواز
طبقو يعني قاضي، مفتي مثلاً آخوند، مخدوم ۽ پير به
ديني علمن، شرعي قانونن ۽ پارسي زبان جي اهميت ختم
ٿيڻ ڪري پوين پساهن تي اچي بيٺا، ڪاسبي طبقو ته
بنهه پائمال ٿي ويو، صنعتڪار فنا ٿي ويا، آبادگار
ڪنگال ٿي ويا. اڳ جو مخدومن، پيرن، مُلن ۽ سيدن جي
اثر ڪري عام توري خاص ماڻهو اخلاقي ضابطن موافق
هلندا هئا سي ضابطا به معاشي قانون ۽ معاشره جي
درهم برهم ٿيڻ ڪري مٽجي ويا ۽ ملڪي معاشره، شتر بي
مهار وانگر هاڃي حد تائين وڃي رهيو. ملڪ مان اخلاق
به، پر ڪڍي اڏامي ويو، روحاني اقتدار ختم ٿي ويا.
ماڻهن مان دينداري ختم ٿي وئي. امير ۽ غريب طبقي
جي مٿان اوائل ۾ جيڪو ديندار طبقي جو ڌاڪو ۽ اثر
هو سو زائل ٿي ويو ۽ ملڪي معاشرو بي سکان ٻيڙي
وانگر، جهان جي گرداب ۾ توائي ٿي ڦرڻ لڳو، پير ۽
مرشد، آخوند ۽ عالم، جي اصل کان دين جا محافظ ۽
اخلاق جا علمبردار هئا سي خود پنهنجي خسته حاليءَ
۾ حيران پريشان ٿي پيا. وڏڙن جي مري وڃڻ کان پوءِ
سيدن ۾ پيرن جو نئون نسل آوارهه گرديءَ ۾ ڪاهي
پيو. خود مغلي مخدومن ۾، جي اصل کان دين جا ٿنڀا
هئا تن ۾ رياءَ ۽ خيانت، لوڀ ۽ لالچ خواه ڪفر سازي
۽ بخيليءَ جون خصلتون گهر ڪري ويون. مطلب ته بک ۽
بيروزگاري، جهل افلاس ماڻهن سان هاڃا ڪري ڇڏيا. هڪ
پاسي مسلمان پنهنجي اخلاقي ابتريءَ ۽ معاشي مصائب
۾ مبتلا هئا ته ٻئي پاسي وري سندن هندو پاڙيسري
پنهنجن انگريز آقائن جي سرپرستيءَ ۾ ملڪ تي پنهنجو
حڪومتي ۽ اقتصادي اقتدار وڌائڻ ۾ مصروف هئا.
انگريزن جي اچڻ کان اڳ اٽڪل هڪ هزار ورهين تائين
مسلمان سنڌ جي سفيد ۽ سياه جا مالڪ ٿي رهيا هئا.
انگريزن جي طرفداريءَ ڪري هندن ۾ حصول اقتدار جو
اهو عالم هو جو هڪ سؤ ورهين جي انگريزي دور ۾
مسلمانن کان هڪ هزار ورهين جون ڪسرون ڪڍي رهڻ ۾
ڪامياب ٿي ويا ۽ کين ڪُٽي ڪُٽي مارڻ لڳا، ايتري
قدر جو سنڌ جي خاص هندو شهرن جهڙوڪ: شهدادپور،
ٽنڊو آدم، سکر، حيدرآباد، شڪارپور وغيره ۾ اڪيلي
سر مسلمان جو شهر جي گهٽين مان لنگهڻ به خطري کان
ٻاهر ڪو نه هو. انگريزي راڄ ۾ ڪهڙو انقلاب پيو،
تنهن جي هيءَ روئداد آهي[15].
رحيمداد خان مولائي شيدائي: جنت السنڌ، ص
691ع، ڪراچي 1958ع.
نوٽ: 1251ع ۾ شاه شجاع قنڌار کان شڪست کائي
موٽڻ بعد ميرن کان بکر جي قلعي ۽ شڪارپور لاءِ
گهر ڪئي هئي پر ٽالپرن ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو.
نوائي معارڪ ص 358.
Delections from Pre Muting records No. I, P.
4, 1847 Karachi.
Mukerji, R.K: Economic History of India,
London 1945.
Musto,
A. A: Future of Sindh, Karachi, 1923.
ٿارنٽن ج 1 ص 39 – ايضاً ج 2 ص 245 – اي برنس:
ٽريئولس ٽوبخارا ص 236.
|