سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: تاريخ سکر

باب؛ 16

صفحو ؛ 23

 

باب سورهون

 

سکر جا سنڌي، سرائڪي ۽ اردو شعراء

پارسي زبان جو چرچو سنڌ سونهاريءَ ۾ انگريزن جي راڄ ۾ 1858ع تائين قائم رهيو. سنڌ جي ڪمشنر سربارٽل فريئر جي ڪوشش سان هاڻوڪو سنڌي، عربي خط تيار ٿيو ۽ جرمن ماهر ڊاڪٽر ٽرمپ صاحب سنڌي، گرامر تيار ڪيو. ائين چوڻ صحيح ٿيندو ته سنڌي گهرو زبان انگريزن جي اچڻ کان پوءِ سرڪاري زبان بڻجي ويئي ۽ سنڌي ٻولي پنهنجو مقام حاصل ڪيو. خود انگريزن جو چوڻ آهي ته سنڌ فتح ڪرڻ وقت 1843ع ۾ هن شاهوڪار ٻوليءَ ۾ بي انداز لساني سرمايو موجود هو ۽ هندستان جي ٻولين جي مقابلي ۾ سندس ادبي پهلو گهٽ ڪو نه هو. بکر جي گلريز خاڪ مان گهڻائي سنڌي شاعر پيدا ٿيا، جن جي ڪلام جي سرهاڻ سنڌ جي زمين کي سرهو ڪري ڇڏيو. انهن سنڌي شاعرن سرائڪي، هندي ۽ اردو ٻولين ۾ به طبع آزمائي ڪئي.

 

 

قاضي قاضن

سکر جي سرزمين کي فخر آهي، ته سنڌي زبان جي اوائلي شاعر قاضي قاضن، جنهن جو شعر پهريائين لکت ۾ آيو، سو ڄام نظام الدين سمي ۽ مرزا شاهه حسن ارغون جي ڏينهن ۾ ويهه سال بکر جو قاضي ٿي رهيو. 947 هه ۾ استعيفا ڏيئي مدينه منوره ويو ۽ اتي سڌو سندس ڀاءُ مليو. سنڌي شاعريءَ جي تاريخ قاضي قاضن کان شروع ٿئي ٿي، جڏهن هو سيد ميران محمد مهدي جونپوري جو مريد ٿيو هو، تڏهن وقت جي عالمن قاضي صاحب تي ڪفر جي فتويٰ مڙهي هئي، ان جي جواب ۾ قاضي صاحب سنجيدگيءَ سان مناظرو ڪندي، علمائن کي بيتن ذريعي جواب ڏنو هو، جن مان فقط ست بيت شاهه ڪريم بلڙئيءَ واري جي رسالي ”بيان العارفين“ ۾ موجود آهن. ڪلام جو نمونو ملاحظه فرمايو:

”جوڳي جاڳايوس ستو هوس ننڊ ۾“
”سيئي سيلهه ٿيام، پڙهيام جي پاڻان
اکر اڳيان اڀري واڳون ٿي وريام“
”ڪنز قدوري ڪافيه پڙهي پروڙين سڀ
ته ڪرمنڊي ماڪوڙي کوه ۾ پئي ڪڇي اڀ“.

پير محمد لکوي

لکت ۾ جيڪو شعر ملي ٿو، ان موجب هن سر زمين جو سڀ کان قديم شاعر مخدوم پير محمد متوفي (1590ع يا 1600ع) آهي. اصل ٺٽي جو ويٺل هو، پوءِ لڏي اچي لکي تعلقي سکر ۾ ويٺو. سندس هڪ طويل نظم مليو آهي، جو ”الف“ جي قافيي تي مشتمل آهي. سنڌي شعر جي انهيءَ قديم صنف تي سڄيءَ سنڌ ۾ پهريائين مخدوم صاحب جو شعر ملي ٿو. کانئس پوءِ مخدوم ابو الحسن وغيره ان صنف تي طبع آزمائي ڪئي، مثال ملاحظه ٿئي:

 

”سنڌي ساڪن سنڌ جو شائق شفيتا
جنهن قسمت قيد ڪيو لکي جي لاما“.

 

ڀارو ۽ حفيظ

ڀارو ۽ حفيظ صدري روايتن موجب هن ضلعي جا ٻيا به قديم شاعر ملن ٿا، جي مخدوم پير محمد کان به قديم هئا. چيو وڃي ٿو ته ”ڀارو“ ۽ ”حفيظ“ قديم شاعر هئا، جن پهريائين سنڌ جي عوامي شاعريءَ جي صنف ”ڏٺ“ کي سنڌ ۾ مروج ڪيو. هو ڳوٺ ماڙي تعلقي سکر جا ويٺل ۽ پاڻ ۾ استاد ۽ شاگرد هئا. مثال طور سندن ڏٺ جو بيت هيٺ ڏجي ٿو:

گهرن ۾ گهر گهڻا، گهرن ۾ گهر گهڻا
چٻيندي چڻا، گهڻا ڏينڀو ڏٺا هوندءِ ڏار ۾.

 

هان فقير، ڀرپور شاهه ۽ ڪالو فقير

مٿيان قديم شاعر روايتن موجب شاهه ڪريم کان اڳ يا ان دور جا هئا. سندن شعر به قدامت جي ساک ڀري ٿو. هو ڳوٺ ماڙي تعلقي سکر جا ويٺل هئا. ڪالو فقير مولود چيا آهن، جي وائي جي سر ۾ آهن. سندن هڪ مولود جو ٿل ۽ هڪ مصرع هيٺ ڏجن ٿا:

 

ڪالو فقير:

 

 

هان فقير:

 

 

ڀرپور شاهه:

”ٻڌي سچ جو سندرو پئي آهيان پٺيءَ پيغمبر
ڪرڙا اٺ ڪيچين جا، ڀوري ڪيئن لنگهي بر“.
 

”جي جيها آهن جوءِ ۾ ته، هردو ههڙا حال
يا جيها وڃن جوءِ مان، يا مرين مال.“

 

”چندو چورن ماريو اٽل ماريو اُڃ
ويا جيئنداڻي جوءِ مان ٽنڊو ٿيڙو سڃ“.

 

عثماني احساني

ذڪر ڪيل مخدوم پير محمد جو همعصر، عثماني احساني نالي شاعر به ملي ٿو، جو 1640ع ڌاري ڀاڳناڙي مان لڏي اچي ”لکيءَ“ ۾ ويٺو. سندس شعر بيتن تي مشتمل آهي، جو ٽن کان ڇهن سٽن تائين آهي، سندس بيت جي هر هڪ سٽ جو قافيو پڇاڙيءَ ۾ اچي ٿو. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته، هن صاحب ”الف“ جي قافيي کان هٽي، صحيح قافيي سان گهڻين سٽن واري بيت جو تجربو ڪيو هو. هي صاحب پهريون شاعر آهي، جنهن چئن کان مٿي سٽن واري بيت جو تجربو ڪيو. کانئس اڳ فقط چئن سٽن وارا بيت ملن ٿا. جيئن ته انهيءَ قسم جو سندس پهريون تجربو هو، تنهنڪري چوٿينءَ سٽ جو قافيو اڌ ۾ آڻي نه سگهيو آهي. سندس هڪ بيت آهي: 

 

ڳالهه اڻانگي گورجي، ويهه م سار وهي،
ترس م ويهه تيار ٿي، ساٿيڙا سنجهي،
هيءَ حد هيبت جهڙي، ويندءِ گور ڳهي،
سڀ وڇون سهس ٽنڊڻ نانگن سان نهي،
ڏنگي جان ڏنگن سان ويندءِ ڏيل ڏهي،
ڳري ويندءِ گور ۾ لڱين لحم لهي.

 

شاهه خير الدين ۽ سندس مريد

خان خداداد خان جي ”لب تاريخ“ سنڌ مان معلوم ٿئي ٿو ته حضرت شاهه خير الدين (المتوفي 1027 هه) جو هڪ مريد ساڌ ٻيلي واري ٻيٽ تي مجاهدي ۾ مشغول هوندو هو، ڪجهه وقت کان پوءِ حضرت شاهه خير الدين پنهنجي ان طالب وٽ ويو، ڏسن ته طالب سيراندي اتر ڏي ڪيو سجدي ۾ پيو آهي، تنهن تي شاهه صاحب فرمايو:

 

شاهه:

 

مريد:

”نه تون ڪعبو نه تون قبلو، رهين منجهه سجود،
وساري پاڻ کي، ملئين سان درياءَ.“
 ”ڪوهه ڪندا قبلو، جن سڃاتو سلطان،
پرين اسين پاڻ، ڪريون سجدو ڪنهن کي؟“

هن مان معلوم ٿيو ته شاهه صاحب ۽ سندس مريد سنڌيءَ جا شاعر هئا.

 

بقادار شاهه راشدي

ان کان پوءِ ڪلهوڙن جي دور ۾ پير سائين پاڳاري جي وڏي ڏاڏي، حضرت بقادار شاهه راشديءَ جو شعر ملي ٿو، سندن ولادت 1234 هه ۾ ٿي ۽ 63 ورهين جي ڄمار ۾ شهيد ٿيا، سندن بيت پنجن ڇهن سٽن تائين آهن:

 

”جي ڪهان ته، ڪوڪ نه نڪري، صبر سان آءٌ سهان،
اکيون لايو پر کي ويٺي سور سهان،
ڪنهن کي ڪين چوان، ڪنهن پر اڪنڊي آهيان.“

 

محمد راشد

هن برگزيده خاندان مان سڀئي بزرگ پاڻ به وڏا عالم، اديب ۽ شاعر هوندا هئا ۽ عالمن، اديبن جا قدردان به هوندا هئا، پير سائين محمد راشد روضي ڌڻي، جو سچل سرمست جو همعصر هو، سنڌيءَ جو سٺو شاعر هو. سندن ”اون“ جو عشقيه قصو منظوم ۽ ڪجهه سنڌي بيت مليا آهن. سندن بيت بيدل فقير جي ڪتاب ”سندالموحدين“ ۾ آيل آهي:

 

”وحدت مان ڪثرت ٿي، آهي ڪثرت وحدت ڪل،
اندر پرين ٻاهر پرين، ڀول نه ٻئي ڪنهن ڀل،
هي هنگامو هل، مڙوئي محبوب جو.“

 

علي گوهر شاهه

پير محمد راشد 1223 هه ۾ وفات ڪئي، کانئس پوءِ هن خاندان مان پير علي گوهر شاهه ”اصغر“ بنگلي ڌڻي وفات 1263 هه بلند پايه شاعر ٿي گذريو آهي، فقط ڪافيون چيون اٿس، جن فن توڙي مضمون جي لحاظ کان سنڌي زبان ۾ وڏو درجو رکن ٿيون، هڪ مصرع ملاحظه فرمايو:

 

”مثر گن سندا خنجر هڻي، رت عاشقن جو ٿو پئين،
هٿ پيرڙا رت ۾ رڱي، پوءِ ڏوهه مينديءَ کي ڏئين.“

 

غلام شاهه

هن خاندان مان هڪ ٻيو بزرگ غلام شاهه ولادت 1259 هه به سنڌيءَ جو سٺو شاعر ٿي گذريو آهي، جو لڏي لاڙ ۾ وڃي ويٺو. سندس ڪافيون ڏاڍيون پُردرد ۽ پر اثر آهن. سندس هڪ ڪافيءَ جو ٿل هي آهي:

 

”هڪ هڪ نيڻن جي ناز تون،
سئو سئو ڀيرو صدقي ٿيان“

 

صبغت الله شاهه

سنڌ جو بي مثل محب وطن ۽ سنڌ جي آزاديءَ جو علمبردار پير سائين صبغت الله شاهه ثاني ولادت 1327هه ڪڏهن ڪڏهن شعر چوندو هو. رتنا گري جيل ۾ سلوڪ جي مختلف نڪتن تي هڪ بياض قلمبند ڪيو اٿن، جنهن ۾ پنهنجي هڪ ڪافي به ڏني اٿن، ان جو ٿل هي آهي:

ڪري چشمن سندو چارو، سر ساهه ٻئي سٽي وئين.

 

روحل فقير

ڪنڊڙيءَ جو ڳوٺ جو اڳ خيرپور رياست ۽ هينئر روهڙي تعلقي ۾ آهي، هڪ عظيم شاعر صوفي روحل فقير جو آخري آستانو آهي، جو ڪلهوڙن جي آخري دور ۾ ۽ ميرن جي شروعاتي دور ۾ ٿي گذريو. سنڌيءَ کان سواءِ هندي، سرائڪي ۾ اعليٰ درجي جو شعر چيو اٿس، سندس سنڌي شعر فن توڙي مضمون جي لحاظ کان بي نظير آهي، سنڌي بيتن ۾ عربي، فارسي صوفيانه اصطلاحن سان گڏ هندي ويدانتي لفظ ۽ اصلاح به نهايت سهڻي نموني آندا اٿس:

”پڙهيا بيد ڪتيب جا، ڏين ڏورانهان ڏس“

 

- - - -

صحيح سڃاڻين سچ، مڙج نه ملامت کون،
گهڙي پنهنجي گهٽ ۾، پرواني جئن پچ،
ماري ڪڍج من مان، ڪوڙائي جو ڪچ،
رنگ پريان جي رچ، راتيان ڏينهان روحل چئي.

 

- - - -

وڻج وهائڻ ڪاڻ ڇو وڃين ٻئي هٽ؟
توکي پٽ پٽيهر پنهنجو وڻج مڙيوئي وٽ،
جنهن ۾ نشو نينهن جو، سا ڪا ڪوٺي پٽ،
محبت مورهه مٽ، توکي سڪ ۾ ٿيندو سوجهرو.

 

- - - -

جي ننگ ڇڏي نانگا ٿيا، تن نانگن ڪهڙو ننگ،
گنگا ۽ گرنار جو، تن سامين ڇڏيو سنگ،
نڪي واهن سگيتون، نڪي چورن چنگ،
’روحل‘ لڳو رنگ، تن لاهوتين لقاء جو.

 

روحل فقير کان سواءِ سندس سالو ۽ مريد مراد فقير به هڪ عظيم شاعر ٿي گذريو آهي. روحل فقير جا پٽ شاهو فقير، غلام علي فقير وفات 1839ع، خدا بخش فقير وفات 1843ع ۽ دريا خان فقير به بلند پايه صوفي شاعر ٿي گذريا آهن. دريا خان نالي ٻه صوفي شاعر ٿي گذريا آهن، هڪ دريا خان فقير نوشهري واري درگاهه جو مريد هو ۽ ٻيو ڪنڊڙيءَ وارو دريا خان فقير، تذڪره لطفي (ج 2، ص 247) جي صاحب ۽ ڪن ٻين اديبن کان غلطي ٿي آهي، جو ٻنهي کي هڪ سمجهو اٿن.

 

محمد عارف

ميرن جي صاحبي ۾ محمد عارف تخلص ”صنعت“ وفات 1266 هه شاعر ٿي گذريو آهي، جو شڪارپور جو ويٺل هو. سنڌي ۽ فارسيءَ جو سٺو شاعر هو ۽ ”صنعت“ ۽ ”عارف“ تخلص ڪندو هو. سنڌيءَ ۾ آياتِ ڪريما جو منظوم ترجمو ڪيو اٿس، جو علم عروض موجب آهي. هن سرزمين جو هي پهريون شاعر آهي، جنهن علم عروض موجب شعر چيو آهي. سندس منظم ترجمي مان هڪ بيت مثال طور ڏجي ٿو:

”تواضع وڌائي تنهن جو مرتبو
ته جيئن سج کان چنڊ کي پرنور.“

 

خليفو ڪرم الله

شڪارپور جو شاعر خليفو ڪرم الله وفات 1271 هه سندس همعصر هو. خليفي صاحب سنڌيءَ ۽ فارسيءَ ۾ شعر چيو آهي. سنڌي شعر علم عروض تي ۽ قديم نوع تي چيو اٿس سندس غزل مان هڪ مصرع ڏجي ٿي:

”سوئي مون کي سنمت ڪيو آه،
محبت محب اوهان جي،
ڏوري ڏور ڏکي ٿي ڏونگر،
ٿيءُ اچي ته اوطاقي.“

 

ڀائي چينراءِ

سنڌ جو عظيم هندو صوفي شاعر ڀائي چينراءِ وفات 1850ع شڪارپور جو ويٺل هو. تخلص ”سامي“ ڪنهن به تعارف جو محتاج نه آهي. سندس هڪ سلوڪ مثال طور ڏجي ٿو.

”جاڳي ڏٺو جن سامي سپرين کي،
سي نئنن جي نروار کون پلڪ نه پاسو ڪن،
ٿڌ گرمي دک بک اُڃ سر تي سڀ سهن،
اٺ ئي پهر رهن، اڳيون ٻڌي هٿڙا.“

 

فقير قادر بخش ”بيدل“

فقير قادر بخش بيدل روهڙيءَ جي جهنڊي جو بيان مٿي ڏيئي آيا آهيون. حضرت قادر بخش صوفي جو ڪلام فارسي، سنڌي، سرائڪي ۽ اردو ۾ آهي. سندس فارسي ڪلام پيش ڪري آيا آهيون، باقي ٻيو ڪلام هيٺ ڏجي ٿو:

 

سنڌي ڪلام

عقل جو ويو اختيار، عشق ”انا الحق“ جو دم ماريو.
عشق عقل جي لڳي آ لڙائي، عشق کٽي جنگ، عقل هارائي،
هيڪل هڪ هسوار، ڪيڏي ڪٽڪ کي برهه ڀڄايو.
دست ڌري آيو حسن جو ڀالو، چئنچل چشمن جو ڪري چالو،
گوءِ کڻي ٿيو نروار، باهه برهه جي سنڌن کي ساڙيو.
ڪاٿي پير مريد سڏائين، ڪاٿي پاڻ سان لنؤن لائين،
ڪاٿي ڪري ڪوڪار، قم يا ذني چئي مئو جيئاريو.
يار بيرنگي نور نهاني، پهري پوشاڪ آيو انساني،
عشقئون ٿي اظهار، سهس ويسن سان پاڻ سينگاريو.
هن تون باولي برهه جي بيدل، لامڪانون ٿي ڪر نازل،
ٽوڙ دوالي يار، بيخوديءَ جو باز اڏايو.

 

سرائڪي ڪلام

سک رمز وجود وڃاوڻ دي،
نهين حاجت پڙهڻ پڙهاوڻ دي!

 

اکران دي وچ جوئي اڙيا،
عشق دي چاڙهي مول نه چڙهيا،
’اثباتي‘ دا علم جو پڙهيا،

 

مون انهين سر سانوڻ دي!

 

بارش بره دي جنهن سر آئي،
سوز عشق وچ جالي سدائي،
بي دردان نون ڪل نه ڪائي،

 

درد دي دود دکاوڻ دي!

 

نال دليل نا لڀسئي دلبر،
عقل نه اوڏانهن ٿيسئي رهبر،
سمجهي مام ڪون صوفي بي سر،

 

شاهي طبل وڄاوڻ دي!

 

بحر عميق ۾ جوئي پوسي،
دين ڪفر دا دفتر ڌوسي،
ساري سڌ انهين ڪون هوسي،

 

ذات صفات سماوڻ دي!

 

بيدل ڳالهه وحدت دي من تون،
طلسم وهم دوئي دا ڀن تون،
وچ عروج نزول دي گهن تون،

 

لذت آوڻ جاوڻ دي!

 

- - - - -

 

مذهب دي باتيان تون برها،
صوفي لا مذهب مستي وچ،
شيعا سني ٿيوڻ سوکا،
بي سري دا منصب پاڪر،

هڪ پل وچ اُڏاويگا.
اَنا الحق اَلاويگا.
صوفي ڪون سڏاويگا.
سولي سر چڙهاويگا.

 

محمد محسن ”بيڪس“

محمد محسن تخلص ”بيڪس“ ولد فقير قادر بخش صوفي درويش هو. سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو. وفات 1298 هه. فرمائي ٿو عاشق صادق:

ريءَ هوت بنا ڪونهي اجهو،
جنت ڏير ڏئي ويا مئي کي ڏجهو.

 

ڪوڪان ڪندي ڪوڪاريان،

 

 

سرتيون اوهين ڇو ٿيون جهليو،
 

 

’بيڪس‘ چئي انهيءَ بحر مون،

رَندن مٿي ڪندس رڙيون،
هاڻي ڏونگر ڏورڻ پيو جهجهو.
 

هر ڪا ڏسي پنهنجون بديون،
اوهين پيون ٿيون روح ۾ رجهو.
 

ٽٻي هنيائون لهر مون،
هاءِ درد لڳو دل ۾ ڳجهو.

صوفي محمد محسن اڃا چوڏهن ورهين جو هو ته سندس والد وفات ڪئي. سندس فرزند فقير محمد محسن ”بيڪس“ وفات جي تاريخ هيٺينءَ ريت چئي آهي:  

رمز رنديءَ جو عجائب روهڙيءَ ۾ راز هو،
نالي بيدل بادشاهه بيشڪ اتي شهباز هو.
موج ستيءَ ۾ سدا سرفراز هو،
حلاج جي حالت ۾ هردم من خدا ممتاز هو.
پير مغان جي پيش هڪ حقيقت مجاز هو،
’همه اوست‘ واري حال ۾، محمود سو ’اياز‘ هو.
درد واري دين ۾، هو وير وحدت باز هو،
عشق جي اوتار سان دلدار دست و راز هو.
هن تماشي گاهه ۾ اڻهٺ سندي آواز هو،
مرضيءَ موجب پانهنجي سو سير صفاتي ساز هو.
سال ٻارهن سو، اڻانوي ۾ سوزگداز هو،
سورهين ذوالقعد جي، هاديءَ سندو پرواز هو.
بيدل مرشد پنهنجو سائين غريب نواز هو،
”بيڪس“ خادم در سندس کي عشق جو آغاز هو.

 

 

ملان صاحب ڏنو

ساميءَ چينراءِ جو همعصر ۽ شڪارپور جو ويٺل ملان صاحب ڏنو وفات 1841ع به سنڌيءَ ۽ فارسيءَ جو سٺو شاعر ٿي گذريو آهي. سنڌيءَ ۾ سندس هڪ مدح ملي آهي، جنهن جو هڪ بيت ڏجي ٿو:

”تون سرتاج، سردار صاحب سدا،
سڀو جڳ سلامي سندءِ سرورا،

 

پهچ پير درماندگان دستگير،
مريدن مدد ڪر محي الدين مير.“

 

منشي ميان محمود

سکر جا ميمڻ واپاري توڙي سرڪاري عملدار پنهنجي علميت ڪري ”منشي“ ڪوٺبا هئا. ميان محمود اسسٽنٽ اسٽئبلشمينٽ آفيسر هو. عربي، پارسي، سرائڪي، هندي، سنڌي ۽ اردو جو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ديوان ”گلزار محمودي“ جنهن کي ميان غلام شاهه رضوي ڪوٽائي مرتب ڪيو، تنهن کي ميان محمود جي فرزند ارجمند منشي ميان پير بخش صاحب، جو 1898ع ۾ روهڙيءَ جو ڊپٽي ڪليڪٽر هو ساڳئي سال اسلاميه پريس لاهور مان شايع ڪرايو. ديوان گلزار محمودي جو ديباچو ميان عبدالرحمان متخلص ”عاصي“ جو لکيل آهي جو پڻ سيٽلمينٽ کاتي جو ملازم هو. ميان محمود جو تخلص ”طالب“ هو، جنهن ڪتاب جي شروع ۾ هيٺين مدح چئي آهي:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org