سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: هندستان جي تواريخ

باب؛ 13

صفحو ؛ 16

 

تحريڪ عدم تعاون

انهن ڏينهن ۾ ڪانگريس جي خاص اجلاس ۾ مهاتما گانڌي ”عدم تعاون“ تحريڪ جو سوال پيش ڪري ان کي مقبول عام بنائڻ لاءِ سکر جو 1920ع ۾ دورو ڪيو، ساڻس مولانا شوڪت علي، مولانا عبدالڪلام آزاد، لوڪمانيه تلڪ ۽ مولانا تاج محمود گڏ ھئا. سنڌ ۾ سکر عدم تعاون ھل چل جو مرڪز بنجي ويو. 1923ع ۾ ڪن ليڊرن ڪانگريس جي دائره اندر سوراج پارٽي قائم ڪئي، جنهن ڪري ھندو ـ مسلم اتحاد کي لوڏو اچي ويو. 1921ع ۾ مولانا محمد علي جامع مليه جو بنياد وڌو، جنهنڪري علي ڳڙه رونيورسٽي جي گهڻن شاگردن خلافت ھل چل ۾ حصو ورتو. مولانا محمد علي 12 سنڌي شاگردن کي خلافت تحريڪ کي زور وٺرائڻ لاءِ انهن کي سنڌ ڏانهن ڏياري موڪليو، جن مان پير الاھي بخش، قاضي فضل الله، نعمت الله قريشي ۽ دين محمد عليگ جا نالا مثالي آھن. عدم تعاون ۽ خلافت تحريڪون ڪو وقت سنڌ ۾ گڏجي چڱو ڪم ڪيو پر اھڙو ماحول 1924ع تائين قائم رھيو[1].

 

شدي ۽ سنگهٽن

خلافت ۽ عدم تعاون تحريڪون جن ھندو ـ مسلم اتحاد کي مضبوط ڪيو، دراصل برٽش امپيرئل ازم لاءِ کليو چئلينج ھو. دھلي ۾ سوامي شرڌانند انگريزن جي اشارن تي ملڪاڻه راجپوتن کي ھندو ڌرم ۾ آڻڻ لاءِ شڌي ۽ سنگهٽن تحريڪون شروع ڪيون[2]. خوف ھو ته سنڌ جا سنجوڳي شيخ ڦري نه وڃن. بيان ڪيل ھندن جي خطرناڪ تحريڪن جي جواب ۾ ھندوستان جي مسلمانن ”تنظيم ۽ تبليغ“ نالي تحريڪ شروع ڪئي. خلافت جو زور گهٽجي ويو، جو 1923ع ۾ غازي ڪمال پاشا اتاترڪ نئين ترڪيءَ کي جمهوريت جو جامو ڍڪائي ”مجلس عاليه مليه“ جو بنياد وڌو، جنهن ڪري خليفته المسلمين جي وجود مٽجڻ ڪري خلافت جو خاتمو ٿيو.

سکر جي نوجوان سماجي ڪارڪنن مان مرحوم ڊاڪٽر محمد يامين ۽ حاجي گل خان ھوٽل واري جماعت تنظيم ۽ تبليغ شروع ڪئي ۽ ٻنهي سرگرم ڪارڪنن 1927ع ۾ ”انجمن اتحاد ۽ ملت“ سکر ۾ قائم ڪئي ڇاڪاڻ جو مسلمانن جو ويساه ڪانگريس مان صفا نڪري ويو فقط ڪي علماء ڪانگريس جا حامي ھئا. سنڌ ۾ ڪي سنجوڳي شيخ مرتد ٿيا پر مولانا تاج محمود رحه جي روحاني فيض جو ئي اثر ھو ته وٽن جيڪو به مسلمان ٿيو، سو وري اسلام مان ڪڏھن به خارج ڪو نه ٿيو. سال 1922ع ۾ جميعت العلماء جو جيڪو ساليانو اجلاس منعقد ٿيو، تنهن جي صدارت حضرت تاج محمود صاحب ڪئي.

 

مسجدن جي حفاظت ڪرڻ

1923ع ۾ سکر براج جي واھن جي کوٽائي جو ڪم شروع ٿيو ۽ واھن لڳ جيڪي مسجدون اچن پيون تن کي بئراج کاتي وارن ڊھرائڻ جو ارادو ڪيو. حضرت تاج محمود صاحب جي، توڙي جو آخري عمر ھئي، پر سندن جماعت کاٽي ڪندڙ مشينن اڳيان ستيا گره ڪري مسجدن کي بچائي ورتو. اھڙيون مسجدون اڄ تائين واھن جي وچ تي يادگار طور موجود آھن.

 

قرآن پاڪ جو ترجمو

آخر وقت ۾ ”الهام الرحمٰن“ نالي قرآن پاڪ جو ترجمو ڇپيو جو خالص بامحاوره سنڌي زبان ۾ آھي، جنهن مان سنڌ جي ھزارن ماڻهن کي فائدو ۽ فيض حاصل ٿيو آھي. اھو سندن ھڪ خير جاري آھي، جو قيامت تائين قائم رھندو ۽ ھن کان پوءِ قرآن شريف جا جيترا به سنڌي ۾ ترجما ٿيندا تن کي ھميشه لاءِ امروٽي ترجمي مان فائدو وٺڻ جو احتياج پوندو رھندو. بزرگن جا بلند ترين اخلاق ۽ خدا ترسي ۽ ڪرامتن جا ايترا ته چشم ديد واقعا آھن، جو جيڪڏھن انهن جي اپٽار ڪجي ته دفتر ڀرجي وڃن. ھي سندن مقدس زندگي جي مقدس داستان جو ھڪ تمام ٿورڙو گوشو بيان ڪيو ويو آھي ته سکر شهر جي تاريخ تبرڪ کان خالي نه رھي.        

سکر جي بزرگ ترين ۽ فياض ھستي 5 نومبر 1929ع (مطابق 3 جمادي الثاني 1348 هه) ۾ فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. حضرت صاحب امروٽي جي وفات تي ڪيترن شاعرن ۽ عالمن عربي، فارسي، سنڌي مرثيا ۽ قطعات تاريخ لکيا. ھت فقط مولوي عبدالله صاحب فارسي ۾ ھڪ قطع تاريخ وفات لکيو ھو، جنهن جي ھيٺين شعر جي پوئين مصرعه مان تاريخ جو ماده ملي ٿو:ـ

 

”ازبراءِ شاه کامل مهتر و بهتر نزاد کرد رضوان ”جاءِ اندر روضه“ دارالسلام“   (1348 هه) 

 

خلفائن جو حلقو

امروٽي استاد جي خلفائن جو حلقو سکر جي چوءگرد آھي، جن مان مولانا حماد الله صاحب ھاليجوي، مولوي حاجي عبدالعزيز صاحب ٿريچاڻي، خليفو حاجي محمد صالح صاحب بائجي، مولانا عبدالڪريم صاحب واعظ اسلام ۽ ٻيا ڪيترا بزرگ موجود آھن جي اڄ به سنڌ کي پنهنجي برڪات ۽ فيض مان مالا مال ڪندا رھن ٿا ۽ سکر جي شان لاءِ باعث فخر آھن.انهن بزرگن جي دمِ مسيحائي جي ڪري سکر دستور موجب علم ۽ فيض جو مرڪز آھي. اٽڪل ست ھزار ماڻهو جدا جدا وقتن تي سندن تبليغ جي طفيل غيرمسلم اسلام جي حلقي ۾ داخل ٿيا، جنهن لاءِ اڄ به امروٽ جو رجسٽر موجود آھي[3]. سکر شهر ۾ ضلع خلافت ڪاميٽي جو دفتر سيد محبوب علي شاه جي بلڊنگ جي ھڪڙي ڪمري ۾ ھو. ميمڻ حضرات مان سيٺ عبدالستار ۽ نعمت الله قريشي سرگرم ڪارڪن ھئا ۽ مولوي تاج محمد صاحب احمد پور شرقيه پروپئگنڊا سيڪريٽري ھو. 1919ع ۾ رولٽ ائڪٽ پاس ٿيڻ ڪري ملڪ ۾ ڌڙا ڌڙ گرفتاريون ٿيڻ لڳيون. اھڙي ھولناڪ ماحول ۾ حضرت تاج محمود صاحب کي جهاد في سبيل الله جو ايترو شوق ھو جو ڪيترا گهوڙا سندس رفيقن وٽ تيار بيٺل ھوندا ھئا، ھن ارادي سان ته ڪڏھن نه ڪڏھن اھي گهوڙا جهاد ۾ ڪم ايندا[4]. خلافت تحريڪ کي زور وٺرائڻ لاءِ ڪراچي جي مخير سيٺ سر عبدالله ھارون اپريل 1920ع ۾ ڪراچي مان ھڪ روزانه سنڌي اخبار الوحيد سلطان وحيد الدين جي نالي پٺيان جاري ڪئي ھئي.

 

تحريڪ ھجرت       

1919ع ۾ خلافت تحريڪ سان گڏ تحريڪ ھجرت شروع ٿي. عالمگير جنگ جي زماني ۾ ترڪي، جرمن وفد ۽ ديوبند پاران مولانا عبيد الله سنڌي ڪابل پهچي امير حبيب الله خان کي ھندوستان تي ڪاھه ڪرڻ لاءِ دعوت ڏني ھئي پر ھن انڪار ڪيو ھو. ھندي نوجوانن 1905ع ۾ برلن ۾ ”انجمن انقلاب ھند“ نالي سان قائم ڪئي ھئي. ھن انجمن جا مکيه ڪارڪن مجتبٰي حسن، علي احمد صديقي، حڪيم فهيم علي، حسن خان ۽ ھرديال دھلوي ھئا. از ان سواءِ سک ۽ ھندو به انجمن ۾ شامل ھئا. 1913ع ۾ ھرديال سئنفرئنسسڪو (آمريڪا) مان ”غدر“ نالي اخبار جاري ڪئي ھئي. جنهن جون ڪاپيون وڏي تعداد ۾ ھندوستان پهچنديون ھيون. انجمن جون شاخون استنبول، قاھره، آمريڪا، سينگاپور، فلپائن، ھانگ ڪانگ، چين، ڪابل ۽ ٻين ملڪن ۾ پکڙيل ھيون[5].

امير حبيب الله خان انگريزي دسترخوان تي پليو هو. ٻيو ته جرمن ۽ ترڪ عراق تائين پهتا ھئا.ٽيون ته برلن ـ بغداد ريلوي جو ڪم به پورو ڪو نه ٿيو ھو. چوٿون ته ترڪي فوجون سوئيز واري لنگهه کي بند ڪري ڪونه سگهيون، انهن سببن جي ڪري ھو ظاھري دلاسا ڏيڻ لڳو ۽ سندس چوڻ ھو ته ھندوستان جا مسلمان ڪانگريس سان گڏجي ڪم ڪن، پنجون ايران ۽ افغانستان ۾ ايتري ھمت ڪانه ھئي جو انقلاب پوڻ جي حالت ۾ ھندوستانين سان شامل ٿي  سگهن. 1919ع ۾ ڪابل ۾ انقلاب پيو امير حبيب الله خان جلال آباد ۾ مارجي ويو ۽ امير امان الله خان ڪابل جي تخت تي ويٺو. پنجاب ۽ سنڌ مان مسلمان ھجرت ڪرڻ لاءِ تيار ٿيا. سنڌ جي مقتدر علمائن مان حضرت محمود امروٽي رحه، مولانا محمد صادق کڏه (ڪراچي)، مولانا حڪيم محمد معاذ (نواب شاه)، پير تراب علي شاه راشدي ۽ سنڌ جو جهونو سپاهي شيخ عبدالمجيد انگريزن خلاف جهاد جون تياريون ڪرڻ لڳا. لاڙڪاڻي جي مجاھد وڪيل جان محمد جوڻيجي جي زيرنگراني مسلمان زمينون ڍور، ڍڳا وڪڻي ڪابل ڏانهن ھجرت ڪري ويا. امير امان الله خان مهاجرن کي ٻنيون ڏيڻ جو وعدو ڪيو پر انگريزين جي ريشه دوانين ۽ وزير ڪابل محمود طرزي جي پاليسي ڪري ھجرت تحريڪ ناڪام ٿي. مهاجر دربدر ٿي موٽي آيا. ميان جان محمد جوڻيجي زندگيءَ جا پويان ڏينهن اجمير شريف ۾ پورا ڪيا. 1917ع ۾ روس ۾ انقلاب پيو. رومناف خاندان جو خاتمو ٿيو، بالشويڪ حڪومت قائم ٿي. مولانا عبيدالله سنڌي 1922ع ۾ ڪابل کان ماسڪو پهتو. 1918ع ۾ جنگ جي خاتمي بعد برٽش حڪومت بالفور پڌرائي مطابق فلسطين ۾ يهودي حڪومت کڙي ڪئي. انگريزن عربن کي برغلائڻ لاءِ ساڻن جيڪي وعدا ڪيا ھئا، تن کان ڦري ويا. مسلمانن ”انجمن ڪعبه“ قائم ڪئي.

 

ھوم رول تحريڪ

1916ع ۾ ٿياسافيڪل فرقي جي سربراه مسز ايني بيسينٽ ”ھوم رول“ تحريڪ شروع ڪئي ته ھندو ۽ مسلمان گڏجي ھندوستان کي آزاد ڪرائين. ھن تحريڪ کي زور وٺرائڻ لاءِ 1917ع ۾ مسٽر ڄيٺمل پرسرام روزاني سنڌي اخبار ”ھندواسي“ شروع ڪئي، جنهن جي مقابلي ۾ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي اخبار ”الامين“ حيدرآباد مان جاري ڪئي جنهن جو ايڊيٽر ڪهنه مشق صحافي شيخ عبدالمجيد صاحب ھو. جميعت العلماء ھند جي ڪلڪته واري اجلاس ۾ مولانا تاج محمود امروٽي سنڌ جي جدائي جي سوال کي پيش ڪيو. شيخ عبدالمجيد به الامين ذريعي سنڌ جي سوال کي دھرائڻ لڳو. 1922ع ۾ مسز ايني بيسينٽ، علي برادران ۽ مهاتما گانڌي جي گرفتاري ڪري ھوم رول تحريڪ دٻجي ويئي.

 

سکر ۾ ھندو مسلم فساد

سکر ۾ پهريون ھندو ـ مسلم فساد 19 صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ محرم جي

عاشورن واري ڏينهن ۾ ٿيو ھو، ھندو ـ مسلم اتحاد ته 1924ع ۾ ختم ٿيو ھو، جڏھن شڌي ۽ سنگهٽن جي تحريڪ ھندن شروع ڪئي، پهريان اسلام ۽ باني اسلام عليه الصلوات والسلام تي ھندن حملا شروع ڪيا، جيئن ميرپور خاص گزٽ، سکر جي نمن جي چونڪ ته آريا سماجين لاءِ آکاڙو، پر ھندو اخبارن جي مسلمان صحافين اڳيان دال ڳري نه سگهي، چنانچه 1923ع ۾ ڪراچيءَ مان مولوي دين محمد وفائي ماھوار توحيد ۽ محمد ھاشم مخلص ميرپورخاص مان مسلمان اخبار جاري ڪئي ۽ ٻين مسلم اخبارن جهڙوڪ: مرغ ـ فلڪ، طيراََ ابابيل، تنظيم ۽ الراشد، دعوت اسلام اخبارن جيڪو پارٽ ادا ڪيو. سو سنڌي صحافت جي فن جو ڪمال چئبو، مثلاََ ھفتيوار مسلمان جو ”حافظ ڪرڙ بزرخي“، نور الاسلام جو ”ڪنڊو ڪوهستاني“، وغيره نه صرف سياسي نظرين کي ھڪ نه ٻي نموني ۾ فروغ ڏنو ۽ صحافت ۾ ھزل ۽ ظرافت جو نئون رجحان پيدا ڪيو ۽ اھڙي ڪيفيت ۽ ماهيت سندن نالن مان عيان آھي. اسان جي ظريف ايڊيٽرن مان مخلص، بلبل، مولوي نور محمد نظاماڻي، مولانا حڪيم محمد صادق، مولانا دين محمد وفائي، مولانا حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، پير علي محمد راشدي، شيخ عبدالمجيد ھن دور جا بهترين طنزنگار، بحث ۽ مباحثي جا ماهر، سنڌي نفسايت جا ڄاڻو تسليم ڪيا وڃن ٿا. 1925ع ۾ سکر جي ”انجمن ـ اتحاد ـ ملت“ وجود ۾ آئي، جنهن 1928ع ۾ مسجد منزلگاه لاءِ مطالبو ڪيو. مسجد ساڌ ٻيلي جي سامهون ھئڻ ڪري سخت مخالفت ڪئي. 1929ع ۾ خلافت ڪاميٽي مسجد جي حصول لاءِ ستيا گره ڪرڻ لاءِ ارادو ڪيو ٻئي طرف ڪانگريسي ھندن به فرقه ورانه ماحول کي اونداھو بنائي ڇڏيو، ويتر جو باگڙجي ريلوي اسٽيشن تي ھندن مولانا تاج محمود امروٽي رحه تي خوني حملو ڪيو ھو. تنهن حالتن کي نازڪ بنائي ڇڏيو، ھندن وچ شهر سکر ۾ پير صاحب ڀرچونڊي جي فرزند کي بيگناهه ڌڪ هنيا، تنهن کان پوءِ ڏهين محرم 1930ع ۾ عاشورن تي گولو اڇلايو ويو، جنهڪري شهر ۽ ڀروارن ڳوٺن ۾ ھندو ـ مسلم فساد پئجي ويو. حڪومت انجم ـ اسلام جي معرفت مسجد جي چوگرد ڏنل پٿرن جي ديوار کي 6 فوٽ اوچو ڪرايو، ھن فساد ۾ شهر جي گهڻن ڪارخانن کي نقصان پهتو.   

 

سنڌي زبان سان ھندن جي بغاوت   

1916ع ۾ سنڌ جي ھندن سنڌي عربي صورت خطي کي مٽائڻ لاءِ ناجائز مهم شروع ڪئي، 27 نومبر 1916ع ۾ حيدرآباد مان ھڪ ھفتيوار ھندو اخبار ”ھندو“ ديو ناگري اکرن ۾ شايع ٿيڻ لڳي. ھڪ سال آزمائش وٺڻ کان پوءِ به ڪامياب ٿي ڪونه سگهيا، پهريون ھفتيوار ھئي پوءِ سه روزه ٿي، 1934ع ۾ ڪراچي مان روزانه شايع ٿيڻ لڳي، ٻي ھندو روزانه اخبار سنسار سماچار ھئي، جنهن عربي اکر صورت خطي مان ڪڍي سنڌي صورت خطي کي قطعي بيڪار ڪري ڇڏيو، صورت خطي جو جهڳڙو به ڪافي عرصو ھليو ۽ پوءِ 1936ع ۾ مهاتما گانڌي ناگپور ۾ اُردو خلاف ”ڀارتيه ساھتيه پرشد“ جو بنياد رکيو محض ان لاءِ ته اردو رسم الخط لکجڻ ۾ اچي ٿي جنهن ڀارت ۾ ھن لاءِ ڪو مقام ڪونه، باباءِ اُردو مولوي عبدالحق جو مهاتما گانڌي جي مٿين تحريڪ ۾ بحيثيت مبصر جي موجود ھو تنهن دھلي موٽڻ کان پوءِ مسلمانن کي ھن خطري کان آگاه ڪيو ھو[6]. سال 1939ع ۾ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽه سنڌ جو ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن ٿي آيو ته ھندو اديبن مان  مسٽر ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ۽ مسٽر پنيا روزانه اخبار ”سنڌ آبزرور“ انگريزي ۾ توڙي سنڌي ۾ ھندو اخبارون علامه دائود پوٽه خلاف ڇوه ڇنڊڻ لڳيون ڇاڪاڻ ته ڊاڪٽر صاحب ”سنڌي ـ عربي“ صورتخطي جو حامي ھو. مسلمان اخبارن به ھندو اخبارن جي مخالفت شروع ڪئي ۽ مسلمان اديب به عربي ـ سنڌي خط جي فائدي ۾ مقالا لکڻ لڳا. آخر ھندن جي مٿين تحريڪ ڪامياب ٿي نه سگهي[7].. 1946ع ھندو اخبار جو نالو ”ھندوستان“ بدلايو ويو.

 

مسلم ليگ جي ڪاميابي

مسلم ليگ 1906ع ۾ ڍاڪا ۾ جنم ورتو ۽ نواب سليم الله جي ڪوشش سان ھڪ جماعت جي تشڪيل ڪئي ويئي جنهن تي ”آل انڊيا مسلم ليگ“ جو نالو رکيو ويو،. 1930ع ۾ جيڪو اجلاس زير صدارت علامه اقبال ٿيو، تنهن ۾ فيصلو ڪيو  ويو ته ”مسلمان اسلامي نظريه زندگي ۽ ثقافتي قدرن جي تحت ھڪ جدا رياست حاصل ڪن، جنهن جي آبادي مسلمانن تي مشتمل ھجي ۽ نه صرف ھندوستان بلڪ ايشيائي مسائل کي حل ڪري“ خوش قسمتي سان مسٽر محمد علي جناح جهڙي دانشور مسلم ليگ جون واڳون سنڀالي ورتيون جنهن 23 مارچ 1940ع ۾ پاڪستان جي مڪمل آزاديءَ جو لاھور ۾ اعلان ڪيو. ھن اجلاس ۾ ھندوستان جي پرڳڻن جي قومي ليڊرن سنڌ جي ليڊر سيٺ عبدالله ھارون مٿين فيصلن کي منظور ڪيو. سکر مسلم ليگ جماعت جا ميمبر ميان احمد علي عليگ، حافظ عبدالحميد، حڪيم عبدالحق، سيد محبوب علي شاه، حڪيم تاج محمد، ڊاڪٽر محمد يامين، غلام نبي خان بروھي عرف جنرل، ميان نعمت الله قريشي، آغا نظر علي، حاجي گل خان، حافظ محمد صديق غلام سرور انصاري سکر جا اھي سرفروش نوجوان  مسلم ليگ جي جهنڊي کي بلند رکندا آيا. 1937ع ۾ مسجد منزلگاه متعلق سيد محبوب علي شاهه جلسو ڪوٺايو ۽ مولانا ظفر علي خان ايڊيٽر زميندار کي صدارت لاءِ دعوت نامو موڪليو پر مولانا ڪو نه آيو، جنهن تي ڪوڙا وارنٽ سندس خلاف ڪڍرايا ويا ۽ مولانا کي وارنٽن ڇڪي آندو تڏھن جلسي جي صدارت ڪيائين ۽ حڪومت مسجد منزلگاه متعلق جيڪا پاليسي اختيار ڪئي ھئي، مولانا موصوف کليل لفظن ۾ مذمت ڪئي.

 

سنڌ جي علحدگي ۽ ھندو[8]

1919ع ۾ شيخ عبدالمجيد صاحب سنڌ جي علحدگيءَ جو سوال پيش ڪيو ھو. تنهن کان اڳ 17 – 1918ع ۾ وزير ھند مسٽر مانٽيگو سان سنڌ جي محب وطن ليڊرن صوبي سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪرڻ لاءِ ملاقات ڪئي ھئي. 1919ع انڊين نيشنل ڪانگريس جي پراونشل پوليٽيڪل ڪاميٽي، تحقيقات ڪرڻ کان پوءِ رپورٽ ۾ سنڌ جي جدائي لاءِ سفارش ڪئي ھئي ۽ ھندن جي مکيه ليڊر پنڊت مدن موھن مالويه سنڌ جي علحدگي جو ٺهراءُ پاس ڪيو ھو. مسلم ليگ آل پارٽيز ڪانفرنس ۽ ٻين سياسي جماعتن به تائيد ڪئي ھئي. انڊين نيشنل ڪانگريس جي 42 اجلاس ۾ فيصلو ڪو ويو ته سنڌ آزاد صوبو ٿيڻ ضروري آھي. 1928ع ۾ سنڌ جي مسلمانن، ھندن ۽ پارسي ليڊرن ڪشاده دلي سان سنڌ جي جدائي کي تسليم ڪيو ۽ ”سنڌ آزاد ڪانفرنس“ جو مسلمانن بنياد وڌو. 1929ع جي شروعات ۾ سائمن ڪميشن جي ڪراچي ۾ وارد ٿيڻ جي موقعي تي ”سنڌ محمدن ائسوسئيشن“ سنڌ کي علحده پرڳڻي بنائڻ لاءِ گهر پيش ڪئي ۽ لنڊن جي ٻن گول ميز ڪانفرنسن ۾ مسٽر محمد علي جناح، سر غلام حسين ھدايت الله ۽ سر شاھنواز ڀٽي سنڌ جي علحدگي جي تائيد ڪئي، 1931ع جي وچ ڌاري ھند سرڪار ھڪ جاچ ڪاميٽي ڪراچي موڪلي جنهن ۾ مسٽر مائيسل ارونگ ۽ مسٽر ھئرس عملدار ھئا، سنڌين پاران مسٽر محمد ايوب کهڙي نمائندگي ڪئي سنڌ جي علحدگي جو فيصلو ٿيو.

 

ھندن جي مخالفت ۽ سنڌ آزاد ٿي

اوڙيسا جي جدائي وقت اتي جي اقليت وارن مسلمانن ڪا مخالفت ڪانه ڪئي. سنڌ ۾ ھندو اقليت عادت جي مجبوري ڪري مجبور ھئا. 1928ع نهرو ڪاميٽي، مئي 1928ع نيشنل ڪنوينشن لکنوءَ، آڪٽوبر سائمن ڪميشن ۽ 7 مئي 1929ع ۾ ھندن جي چرچ تي بمبئي جي ميمبرن مخالفت ڪئي، حالانڪ مسٽر گوڪلي پرنسپال مالي جاچ ڪاميٽيءَ اڳيان انگن اکرن سان فائدي ۾ شاهدي ڏني. سمجهدار ھندن مان مسٽر ڄيٺمل پرسرام ۽ سنتداس وڪيل اخلاقي مدد ڪندا رھيا، 1932ع ۾ حيدرآباد جي ھومنسٽيڊ ھال ۾ علامه عبدالله يوسف علي جي صدارت ۾ سنڌ آزاد ڪانفرنس وڏي پيماني تي ڪوٺائي، جنهن ۾ ھندن کي حقن جو يقين ڏياريو ويو. ريزوليشن سيڪريٽري اسٽيٽ ۽ وزير اعظم انگلنڊ کي موڪليا ويا. ورڪنگ ڪاميٽي ۾ سڀني ضلعن جي نمائندگي رکي ويئي ۽ سرشاھنواز کي صدر، خان بهادر کهڙو نائب صدر ۽ ميران محمد شاهه جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيا ويا[9]. 26 جنوري 1933ع ۾ سنڌ جي جدائي جي مخالفت ڪندي سنڌ ھندو ڪانفرنس سخت اعتراض اٿاريا ۽ سخت ايجيٽيشن شروع ڪئي ويئي. بلڪ ھندن لنڊن ۾ ھڪ آفيس کولي جنهن جو خرچ سنڌ مهاسڀا تي ھو. مسلمانن کي سر آغا خان ۽ ڊاڪٽر شفاعت احمد تسلي ڏيندا رھيا، ڊاڪٽر گربخشاڻي ته برٽش کي چتاءُ ڏنو ته سنڌي، بلوچ، پٺاڻ ۽ ايراني گڏجي ھندستان تي حملا ڪندا، ان لاءِ ھندو والنٽيئر ڀرتي ڪرڻ لڳا، ليڪن شيخ عبدالمجيد الوحيد جي ذريعي، پير علي محمد شاهه راشدي ستاره سنڌ ۾، حافظ عبدالحميد المنار ۾، ڊاڪٽر يامين دعوتِ اسلام ۾، آغا نظر علي سنڌ زميندار ۾ ۽ پير حسام الدين راشدي ستاره سنڌ جي مخصوص ڪالم ”ملا لُٽر“ ۾ مخالفن جي چڱي لاک لاٿي. سکر جي اخبارن ھن اھم مهم ۾ جيڪو پارٽ ادا ڪيو، سو يادگار رھندو. دنيا ڏٺو ته 1936ع ۾ سنڌ بمبئي کان جدا ٿي، 1937ع ۾ سنڌ جدا صوبي جي حيثيت سان پنهنجي ليجسليٽو اسيمبلي حاصل ڪئي ۽ سرلانسيلاٽ گراھم پهريون گورنر مقرر ٿيو.

 

سر غلام حسين وزارت

سنڌ جي جدا ٿيڻ سان عهدن ماڻڻ لاءِ ڏاڙهي پٽ شروع ٿي، شروعات ۾ فيصلو ڪيو ويو ته صوبي جي بهتري لاءِ غير فرقيوار ۽ اقتصادي بنيادن تي ھڪ سنڌي جماعت قائم ڪجي، جنهن جو آل انڊيا ھنگامن ۽ آئيني مسئلن سان ڪو واسطو نه ھجي، مگر انتشار جي وبا ڪري طبقن ۾ گروه بندي پئجي ويئي. (1) سر غلام حسين گروه، (2) سر شاهنواز گروه، (3) ڪانگريس پارٽي، (4) آزاد پارٽي، (5) مسلم نيشنل پارٽي، (6) اتحاد پارٽي پهرين اليڪشن ۾ سر شاهنواز ڀُٽي ۽ سر حاجي ھارون اتحاد پارٽي جا ليڊر نا ڪامياب ٿيا.

 

مسجد منزلگاه جو سوال

انگريزن سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ ستت ئي انتظامي سهوليت لاءِ ان کي بمبئي سان ملائي ڇڏيو، ھن زبردستي واري ڳانڍاپي جو دور اسي سالن کان رھيو، بنيادي ۽ فطرتي تفاوتن، جهڙوڪ: جاگرافي، آب وھوا، زبان، زراعتي ۽ اقتصادي حالتن گذشته تاريخ ۽ نسل جي ڪري ھي ميلاپ صوبي جي مادي تعمير خواه سياسي ترقيءَ لاءِ رڪاوٽ ثابت ٿيو. سنڌ جون خاص حالتون ۽ سندس جداگانه مسئلا بمبئي جا سياستدان يا حڪمران چڱيءَ طرح سمجهي نه سگهيا ۽ نه ڪي وري منجهن سنڌ جي معاملن لاءِ دلچسپي ۽ ھمدردي پيدا ٿي سگهي، مگر ھينئر وقت پاسو بدلايو ھو، سنڌ بمبئي کان ڌار آزاد صوبو ۽ پهرين وزارت به مسلم ليگي ھئي، اھڙي اُميد سان سکر جي بيدار مسلمانن منزلگاه جي سوال کي حل ڪرڻ لاءِ پنهنجو وفد سر غلام حسين وٽ مڪو پر دستور موجب ھندن جو وزن ڳرو ھئڻ ڪري وڏو وزير مسلم ليگي به فيصلو نه ڪري سگهيو. 22 مارچ 1938ع ۾ اتحاد پارٽيءَ جي ليڊرن مان خان بهادر الهه بخش سومرو ڪانگريس پارٽيءَ جي مدد سان وزارت جون واڳون هٿ ڪيون.

 

الله بخش وزارت

الله بخش وزارت جي ڏينهن ۾ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي ڇڪتاڻ ھڪ طرف ھئي ته مسئله منزلگاه جي فرقيوارانه فساد جا ڪڪر سکر جي آسمان تي چڪر ھڻي رھيا ھئا. جون 1938ع ۾ سر عبدالله ھارون پراونشل مسلم ليگ جو چيئرمن مقرر ٿيو. آگسٽ جي ٽئين ھفتي خان بهادر الله بخش مولانا ابوالڪلام آزاد، سردار ولڀ ڀائي پٽيل ۽ ڪانگريس مرڪزي پارليامينٽري بورڊ جي ميمبرن کي مڪاني ڪانگريس ڪاميٽيءَ جي رھبري ڪرڻ لاءِ گهرايو. اھي ڪراچي ۾ ڪجهه ڏينهن رھي، حالتون ڏسي سواءِ فيصلي جي موٽي ويا.

 

مسلم ليگ ڪانفرنس

 آڪٽوبر 1938ع ۾ صوبه سنڌ مسلم ليگ ڪانفرنس جو اجلاس ڪراچيءَ ۾ ٿيو. قائد اعظم جناح، سر سڪندر حيات خان، مولوي فضل حق ۽ ٻيا ڪيترا آل انڊيا مسلم ليگ جا مشهور ليڊر ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيا. قائداعظم، سر عبدالله ھارون، راجا محمود آباد ۽ ٻيا ليڊر سکر آيا ۽ سکر مسلم ليگ پارٽي جا ميمبر نئين سر چونڊيا ويا. احمد علي عليگ، ميان نعمت الله قريشي، ڊاڪٽر محمد يامين صاحب، محمد صالح ڀُٽو، فقير محمد حسن، غلام نبي خان بروهي، سيد محبوب علي شاه، حافظ محمد صديق عبدالحميد خان وغيره. اتحاد پارٽي جو خاتمو ٿيو سر غلام حسين ليڊر ۽ مسٽر کهڙو سيڪريٽري چونڊيا ويا. مسٽر جي ـ ايم ـ سيد، مير بنده علي خان به ڪانفرنس جي موقعي تي حاضر ھئا. اٽڪل 24 مسلمان اسيمبلي ميمبرن مسلم ليگ جي مسودن تي صحيحون ڪيون، اڃا مس به ڪانه سڪي ھئي ته سر غلام حسين ۽ ڊپٽي ليڊر مير بنده علي خان، الله بخش وزارت ۾ وڃي شامل ٿيا. ڪانفرنس جي موقعي تي ھندو اخبارون مسلم ليگ خلاف دل کولي سخت پروپئگنڊا ڪرڻ لڳيون، جنهنڪري فرقه وارانه فساد لاءِ رستو صاف ٿيڻ لڳو.

 

اوم منڊلي ۽ ھنومان مندر

سال 1939ع ۾ ٻه اھم واقعا ٿيا، اوم منڊلي جو آشرم جو ھندو بيواھن عورتن ۽ مصيبت زده ھندو زالن لاءِ ھڪ سنڌروڪي دادا ليکراج نالي ڌرمي ۽ اخلاقي تعليم لاءِ حيدرآباد ۾ کوليو ويو. ھن درسگاهه ۾ ايتريون ھندو عورتون اچي گڏ ٿيون جو ڀائيبند ڪلاس جي ھندن کي پنهنجي گهرو زندگيءَ جي درھم برھم ٿيڻ جو خطرو پيدا ٿيو. ھنن گهر ڪئي ته حڪومت منڊلي تي بندش وجهي مگر مسلم ليگ ھن سوال تي غيرجانبداري اختيار ڪئي ۽ حڪومت سان به ساٿ ڏيڻ کان انڪار ڪيو، آخر ھندو پاڻ ۾ ٺهي ويا.

ڪراچي جي آرٽلري ميدان ۾ ھڪ ھندو ٻائي سواءِ اجازت وٺڻ جي ھڪڙو مندر تعمير ڪرايو هو. حڪومت مٿس منع نامو ڪڍيو پر ھندن شاهي سر گذشت ڪڍي حڪومت تي دٻاءُ وڌو. ھن معاملي ۾ به مسلمان غير جانبدار رهيا. هندن معاملو ٺاهي ڇڏيو. مگر مسجد منزلگاه جي واپسي ڪرڻ ۾ ميان الله بخش مسلمانن کي سکڻا دلاسا ڏيڻ لڳو.

 

حڪومت جي ناڪامي ۽ ريسٽوريشن ڪاميٽي

مارچ 1939ع کان اڳ ھن معاملي ۾ فقط سکر جا ماڻهو دلچسپي وٺندا ھئا ۽ ان کي صوبه وار اھميت حاصل نه ھئي. ھينئر مسلمانن ڏٺو ته ھندو جماعتون جهڙوڪ: ھندو مهاسڀا، ھندو پئنچائتون ۽ ساڌ ٻيلي جو مهنت ميدان ۾ نڪري نروار ٿيا، تڏهن انجمن اتحادِ ملت ۽ انجمن اسلام جي ميمبرن گڏجي ريسٽوريشن ڪاميٽي ستياگره ڪرڻ لاءِ قائم ڪئي، جنهن ۾ ھيٺيان ميمبر ھئا:ـ

 

احمد علي (عليگ) صاحب

 

سيٺ محمد اسماعيل ميمڻ صاحب

حافظ محمد صديق صاحب

سيد محبوب علي شاه صاحب

مير غلام نبي خان صاحب بروهي

آغا نظر علي خان صاحب

 

ميان نعمت الله صاحب قريشي

حاجي گل خان صاحب  

ڊاڪٽر محمد يامين قريشي

حڪيم عبدالحق عمدة الحڪماء

حڪيم تاج الدين صاحب

ماسٽر غلام سرور انصاري

صدر مسلم ليگ ۽ ميونسپل ڪائونسلر.

نائب صدر مسلم ليگ.

 

    ”        ”    مسلم ليگ.

سيڪريٽري ريسٽوريشن ڪاميٽي.

ميمبر ريسٽوريشن ڪاميٽي ۽ ميونسپل ڪائونسلر.

سيڪريٽري مسلم ليگ ۽ ايڊيٽر سنڌ زميندار.

سيڪريٽري انجمنِ اسلام.

صدر مجلس اتحادِ ملت.

سيڪريٽري ۽ ايڊيٽر دعوتِ اسلام.

ميمبر.

 

محاسب انجمن اتحاد ملت.

معاون ڪاميٽي ٽيلر ماسٽر.

 

ريسٽوريشن ڪاميٽي مسجد منزلگاه جي سوال کي سنڌ مسلم ليگ جي حوالي ڪيو. جنهن جو چيئرمن سيٺ سر عبدالله ھارون ۽ سيڪريٽري خان بهادر کهڙو ھئا. انهن ڏينهن ۾ حيدرآباد دکن خلاف ھندن جا جٿا دکن ڏانهن روانا ٿيا ۽ سکر جي ھندن به جٿا روانه ڪيا. مسجد منزلگاه جو مسئلو خالص مذهبي ھو، جنهن جو سياسي پهلو ھو الله بخش وزارت کي ڪيرائڻ. تنهنڪري علماء ڪرام به مسجد کي آزاد ڪرائڻ لاءِ ميدان ۾ ٽپي پيا. مسلمان اخبارون خان بهادر الله بخش جي خلاف ليک شايع ڪرڻ لڳيون ۽ سکر جي اخبار دعوتِ اسلام کي روزانو ڪيو ويو[10].

8 آڪٽوبر 1939ع ۾ چيف پارليامينٽري سيڪريٽري استعيفا ڏني. سکر شهر فرقيوارانه فساد لاءِ ٻرندڙ جبل وانگي دونهون ڪڍڻ لڳو. جي ـ ايم ـ سيد صاحب مسلم ليگ ريسٽوريشن ڪاميٽي تي مقرر ٿيو، جنهن حڪومت کي پهرين آڪٽوبر 1939ع ستيا گره ڪرڻ جو نوٽيس ڏنو، ڇاڪاڻ ته حالتون نازڪ ٿيڻ لڳيون ھيون. ھندن ڀرچونڊي جي پير جي پٽ کي شهر ۾ سخت مار ڏني. مسلمانن ستياگره شروع ڪيو. ڪنهن شاھينگ ڀڳت ڪنور کي گولي ھڻي قتل ڪري ڇڏيو. ھندو سندس ڪائي کي مسجد منزلگاه واري رستي کان کڻي لنگهڻ جو ارادو ڪيو. نومبر 1939ع جي وچ ڌاري سکر جي ھندن ڊاڪٽر مونجي کي گهرائي ليڪچر ڏياريا. ھن واقعي ٻرندڙ باهه تي تيل ڇڙڪيو.

 

ستيا گره ۽ ھندو ـ مسلم فساد

19 نومبر 1939ع ۾ ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ مسٽر ٽي ـ ٽي ڪوٺا والا مسجد منزلگاه کي والنٽيئر کان خالي ڪرائڻ  جو حڪم ڏنو ۽ والنٽيئر جي انڪار ڪرڻ تي پوليس لاٺي چارج ۽ ڳوڙھن آڻڻ واري گئس جا گولا اڇلايا ۽ مسجد تي پهرو بيهاريو ويو. مجاھدن عيدگاه کي ڪئمپ بنايو. شهر ۽ پسگردائي وارن ڳوٺن ۾ ھندو ـ مسلم فساد شروع ٿي ويا. الله بخش وزارت جا ھندن جي آڌار تي بيٺل ھئي، ڊھي پيئي. 18 مارچ 1940ع ۾ مير بنده علي خان وزارت جون واڳون سنڀاليون. ھندو ـ مسلم فساد ۾ مسلمانن کي وڌيڪ نقصان پهتو. يوروپين عملدار 110 قلم ھيٺ امن امان جي پردي پٺيان مسلمانن کي گرفتار ڪندا ويا. ڳوٺاڻا ڪورٽن ۾ نڌڻڪن وانگي دربدر ٿيا. ليڊرن ڪو به ٻوٽو ڪونه ٻاريو. ڪي مسلمان شهر واسي خوف کان شهر ڇڏي سالن تائين گم رهيا. مسجد کي مسلمانن آزاد ڪرايو. خانبهادر الله بخش کي ڪنهن خبيث 14 مئي 1943 ع ۾ شڪارپور ۾ روالور ھڻي شهيد ڪري ڇڏيو.

 

حُرن جو انگريزن خلاف جهاد

نوجوان پير پاڳاري صبغت الله شاه دوم کي انگريزي حڪومت سکر ۾ ڪيس ھلائي اٺ سال سزا ڏني. ھن تاريخي ڪيس جي روئداد ڊاڪٽر محمد يامين صاحب ڪتاب جي صورت ۾ دعوت اسلام پريس سکر مان شايع ڪئي ھئي. پير صاحب کي انهيءَ سزا جي عرصي ۾ ھندوستان جي مختلف جيلن ۾ رکيو ويو ھو، جتي جيل جي زندگيءَ جون تڪليفون، آفيسرن جي نامناسب روش، سياسي انقلابين جي ملاقاتن ھن جي زندگيءَ تي گهڻو اثر ڪيو. جڏهن جيل کان ٻاھر نڪتو ته انگريزن جو وڏو دشمن بنجي پيو. حر بغاوت ڪيتري قدر ملڪ ۾ پکڙيل ھئي، ان جو اندازو ھيٺين ڳالهين مان ڪري سگهبو.   

 

سنڌ سرڪار جي طاقت کان امن امان رکڻ زور ٿي ويو، جنهن ڪري مرڪزي حڪومت کي ملٽري موڪلي سنڌ جي اٽڪل ويهه ھزار چورس ميل ايراضيءَ ۾ مارشل لا لاڳو ڪري حڪومت ھلائڻي پيئي. مارشل لا ھڪ سال جي عرصي تائين قائم رھيو، جو دنيا جي موجوده دور ۾ ھڪ خاص مثال آھي. ذڪر ڪيل مارشل لا واري ايراضي ۾ گهڻي ڀاڱي رات جو ڪرفيو آرڊر رھيو.

 

سنڌونديءَ جي ساڄي ڪپ تي حرن 7 اپ ڪراچي ميل کي ڪيرائي وڌو، جنهنڪري ھڪ سال تائين ريلوي ٽرينون رات جو ھلائي نه سگهبيون ھيون.

 

مسلح آھني موٽر ڪارون، ھوائي جهاز، پئرا شوٽون بغاوت کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪتب آندا ويا. چوڻ ۾ اچي ٿو ته ھڪ وقت ٽيهه ھزارن کان مٿي فوجي رائفلن ۽ مشين گنن سان ھن تحريڪ کي دٻائڻ ۽ فنا ڪرڻ لاءِ ڪم آندي وئي.

 پير صاحب جي رھڻ جو مڪان پير ڳوٺ وارو ۽ سانگهڙ وارو بنگلو بارود سان تباهه ڪيو ويو ۽ پير صاحب جي ملڪيت ضبط ڪئي ويئي. سندس صاحبزادن کي جلا وطن ڪري ولايت موڪليو ويو ۽ پير صاحب جي گادي ختم ڪئي ويئي.

 حرن جون اٽڪل 15 ڪئمپون قائم ڪيون ويون، جن ۾ ھو نظربنديءَ جي مصيبتن جي زندگي گذارڻ لڳا. چوڻ ۾ اچي ٿو ته انهن ڪئمپن ۾ 12 ھزار ماڻهو رهايل ھئا. پير صاحب کي انگريزي حڪومت خلاف منظم بغاوت ڪرڻ جي الزام ۾ مارشل لا ڪورٽ اڳيان ڪيس ھلائي چوڻ ۾ اچي ٿو ته سزاءِ موت ڏني ويئي. انگريزن جا ثناخوان ڇا به چون ليڪن اگر اسان انگريزن جي سنڌ تي قبضي کي غاصبانه تسلط سمجهون ٿا، ته انهن جي ڀرخلاف ملڪ ۽ قوم خاطر بغاوت ڪرڻ ۽ لڙڻ به جهاد ۽ ثواب قبول ڪرڻو پوندوسون. انهيءَ ڪري پير صاحب جو تاريخ ۾ درجو مجاھد اعظم ۽ رئيس الاحرار جو ٿيندو، پر زماني جي بي قدري جي اھا حالت آھي ته جيڪي ظالم سان مقابلو ڪن ۽ ملڪ جي آزاديءَ لاءِ لڙن، تن کي گور ۽ ڪفن به نصيب نه ٿئي، ۽ انهن جو نالو وٺڻ به ڏوهه سمجهيو وڃي ۽ جيڪي ملڪ کي غلام بنائڻ يا ان ۾ مدد ڪن، انهن کي وڏن لقبن سان ياد ڪري، انهن جون يادگارون قائم ڪيون وڃن ٿيون! 

 آزاديءَ کان پوءِ حڪومت پاڪستان شهيد پير صاحب جي صاحبزادن کيولايت کان گهرائي راشديه خاندان گاديءَ کي قائم ڪري حضرت پير صاحب پاڳاري شاهه مردان شاه ثاني جي دستاربندي جي رسم ادا ڪئي ۽ حرن کي آزادي ڏياري جنهنڪري حر پرامن زندگي بسر ڪري رھيا آھن. ايوبي حڪومت حرن جي ضبط ڪيل زمين کين موٽائي ڏيئي رھي آھي.

 

مهراڻ جي مستي

1944ع سال سکر جي تاريخ ۾ خاص اھميت وارو سال ھو. ھڪ طرف حرن جو جهاد ۽ مارشل لا جون عوام تي مصيبتون، ٻئي طرف اپر سنڌ ۾ غير معمولي ٻوڏن، جن جي ڪري 5 لکن ماڻهن تي مصيبت آئي ۽ اٺ ھزار چورس ميل ايراضي مهراڻ جي مستيءَ ڪري ٻوڏ ۾ آئي ۽ ملڪ کي ويهن ڪروڙن روپين جو نقصان پهتو.

 

بکر جي قلعي ۾ بئَرڪون

1931ع  ۾ بکر جي قلعي ۾ ملٽري بئرڪون تعمير ڪرائي ملٽري رکي ويئي ڇاڪاڻ جو قلعو سنڌ جي سرحد ته آھي. 1943ع ۾ نيم ملٽري پوليس ”سنڌ پوليس رينجرس“ کي قلعي ۾ رھايو ويو. تنهن کان پوءِ رزرو پوليس هٿياربند 1960ع تائين قلعي کي وسايو.

 

پاڪستان کان پوءِ سکر ميونسپالٽي

ھندن جي لڏپلاڻ ڪري سکر ميونسپالٽي جو انتظام 1948ع ۾ درھم برھم ٿي ويو. حڪومت پاڪستان انتظام کي درست ڪرڻ لاءِ ھڪڙي رٽائرڊ ڪليڪٽر مسٽر علي بخش چنا کي ميونسپالٽي جو ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو، جنهن آگسٽ 1948ع ۾ عهدو سنڀاليو. 1950ع ۾ مسٽر چنا محمد حفيظ ميمڻ کي چارج ڏني. ھن ردوبدل ۾ مسٽر عبدالرزاق راز سکر ميونسپالٽيءَ جو پهريون مسلمان چيف آفيسر مقرر ٿيو، جنهن 1958ع ۾ پنهنجي عهدي تان استعفا ڏني. مسٽر محمد حفيظ مارچ 1951ع تائين رھيو ۽ سندس جاءِ تي ماه ڊسمبر تائين مسٽر مظهر علي شيخ ايڊمنسٽريٽر رھيو ۽ 1952ع ۾ سيد قوت علي شاهه معصومي صدر چونڊيو ويو. تقسيم ھند کان اڳ سکر ميونسپل جي ميمبرن جو تعداد 38 ھو جيڪي ستن وارڊن مان چونڊبا ھئا. 1938ع کان اڳ ميونسپالٽي ميمبرن جو تعداد 45 ھو جن مان 38 چونڊيل ۽ ست ٿاڦيل ميمبرن جي رسم کي ختم ڪيو ويو. 1947ع ۾ ھندو ميمبر لکين روپيا کڻي ميونسپالٽي کي کوٽ ۾ وجهي ويا. ھندن جي هٿن ۾ واپار ھو سندن وڃڻ ڪري واپار بيجهي ويو. ميونسپل کي ڊپٽي ڪسٽوڊين پاران به مدد نه ملي سگهي پر پوءِ واپار آھستي آھستي ترقي ڪرڻ لڳو. مسٽر چنا ايڊمنسٽريٽر جو نئين دفتر محمد علي ھال لڳ تعمير ڪرايو. حڪومت پاران کيس صلاحڪار ڪاميٽي ڏني ويئي. جنهن جو چيئرمن خان بهادر آغا نظام الدين ھو. 1952ع واريءَ چونڊ ۾ 36 ميمبر چونڊيا ويا. ھڪ ھندو ۽ ٻه خواتين ميمبر ھئا. قوت علي شاه صدر ۽ مسٽر حامد حسين نائب صدر ٿيا. 1955ع ۾ سنڌ جي سياست ۾ ردوبدل ڪري ميان قوت علي شاه جي صدارت جو خاتمو ٿيو ۽ ڪليڪٽر مسٽر نصرت حسن سي ـ ايس ـ پي سکر ميونسپالٽي جو ايڊمنسٽريٽر ٿيو جو برجستو عملدار ھو. مسٽر امير بخش شيخ ايڊيشنل ايڊمنسٽريٽر وٽس ھو. مسٽر نصرت حسن کان پوءِ مسٽر آفتاب احمد سي ـ ايس ـ پي ايڊمنسٽريٽر ٿيو. ميان قوت علي شاه جي رٽ درخواست منظور ٿي ۽ ھو ٻيهر صدر ٿيو. بعد مارشل لا جاري ٿيڻ کان پوءِ نومبر 1958ع ۾ نوجوان سي ـ ايس ـ پي مسٽر ذاڪر حسين ايڊمنسٽريٽر مقرر ٿي آيو.

عبدالرزاق کان پوءِ محمد نور الله چيف آفيسر ھو. 1960ع ۾ بنيادي جمهوريتن جي قائم ٿيڻ کان پوءِ شهر جي 9 يونين ڪاميٽين مان 9 ميمبر ميونسپل ڪاميٽيءَ لاءِ چونڊيا ويا ۽ مسٽر سرھيو چيف آفيسر ٿيو. ستت مسٽر امير بخش شيخ پي ـ سي ـ ايس سينئر آفيسر آڪٽوبر 1960ع ۾ مقرر ٿيو ۽ خواجه غلام نبي وائيس چيئرمن ٿيو. ھن واقعي کان پوءِ سکر ميونسپالٽي کي پهرين درجي ۾ آندو ويو، جنهن ڪري ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي واري عملدار محمد خان سومري کي ڊپٽي چيئرمن ڪيو ويو. سندس موڪل تي وڃڻ ڪري ميونسپل ڪاميٽيءَ مٿان ڊپٽي ڪمشنر مسٽر جمشيد رضا سي ـ ايس ـ پي چيئرمن جو عهدو سنڀاليو ـ شمس الدين ڇٺاڻي چيف آفيسر ٿيو ۽ آغا رفيق احمد سي ـ ايس ـ پي چيئرمن ٿيو ۽ اتي ڪمن تي خاص ڌيان ڏنو. سندس ڏينهن ۾ معصوم شاهه لائبرري تعمير ٿي ۽ ايوب گيٽ ٺهيو  ۽ ٽوئرسٽس ھوٽل جو بنياد پيو. مهراڻ مرڪز ابتدائي مرحلن ۾ ھو ته آغا صاحب خير پور جو ڊي ـ سي بڻيو.

 

سکر ريلوي ڊويزن

سکر ڪراچي ريلوي ڊويزن ۾ شامل ھو، ھتي اسسٽنٽ ٽرانسپورٽ آفيسر رھڻ لڳو، پر پوءِ ڪم جي وڌي وڃڻ ڪري ريلوي کاتي سکر ڊويزن ڌار ڪرڻ جو ارادو ڪيو. ڊويزن جي ملازمن لاءِ نوان ڪوارٽر تعمير ٿيا. پهريان ريلوي جو ارادو ھو ته بکر جي قلعي جي بئرڪن کي دفتر ڪيو وڃي، جيسين نئين ڊويزنل عمارت تعمير ٿي. بعد ۾ سکر ورڪشاپ جا 1930 کان خالي پئي آھي، تنهن جي ڪيرج شاپ ۾ عارضي دفتر کوليو ويو. اپريل 1963ع ۾ نئين ڊويزن ڪم شروع ڪندي.


[1] شيخ عبدالرزاق راز:  سکر قديم ۽ جديد ص 156 – 157.

نوٽ: 1920ع ۾ ڪانگريس جي ڪلڪته واري اجلاس ۾ ڪانگريس مانٽيگو – چيلمسوفورڊ رفام ۽ جليانوالا ڪوس جي جاچ جي مذمت ڪرڻ سان گڏ قطع تعلقات جو فيصلو ڪيو ھو.

[2] شڌي ۽ سنگهٽن جي مفصل بيان لاءِ ڏسو منهنجو مضمون ”شڌي ۽ سنگهٽن جي تاريخ“ نواءِ سنڌ 7 فبروري 1954ع ڪراچي. شڌي ۽ سنگهٽن جي زماني ۾ ھندن باگڙجي ريلوي اسٽيشن تي مولانا تاج محمود صاحب کي مارڻ لاءِ حملو ڪيو ھو ۽ تبليغ متعلق مٿن ٻه مقدما داخل ڪيا پر فتح ھن بزرگ جي ٿي.

[3] الوحيد اسپيشل نمبر سنڌ آزاد ص 41 – 43، جون 1936ع ڪراچي.

[4] رولٽ بل جي ھندوستانين مخالفت ڪئي، 13ـ اپريل 1919ع ۾ جلان والا باغ ۾ وڏو اجتماع ٿيو جنرل ڊيئر ماڻهن تي گولين ھلائڻ جو حڪم ڏنو 379 ماڻهو قتل ٿيا ۽ 1200 زخمي ٿيا جمله 1650 رائونڊ ڇوڙيا ويا ھئا. پروفيسر دربارا سنگهم: دي انڊين نيشن ص 164.

[5] رولٽ ڪاميٽي رپورٽ ص 226 – 241.

[6] روزانه اخبار جنگ ”“يوم پاڪستان نمبر 24 مارچ  1963ع ص 8، ڪراچي.

[7]  ڏسو منهنجو مضمون ”ابيات سنڌي ۽ مسٽر ڀيرو مل جا خط“ روزاني الوحيد 13 جنوري 1940ع ڪراچي.

[8] نوٽ: 1930ع واري فساد ۾ حڪومت پاران ريلوي کاتي جا فوجي والنٽيئر هٿيارن سان شهر جي گلين ۾ گشت ڪرڻ لڳا، اھي والنٽيئر گورا ھئا، مسٽر ڪو ريلوي ورڪشاپ جو لوڪو آفيسر ھن دستي مٿان نگراني ڪري رھيو ھو.

[9] سيد ميران محمد شاهه: سنڌ جي عليحدگي جي تاريخ الوحيد سنڌ آزاد نمبر ص 115 – 117 ڪراچي 1936ع .

[10] راقم جا 3 مضمون ”خان بهادر الله بخش جي غلط پاليسي“ جي عنوان سان ”سنڌ زميندار“ سکر ۾ شايع ٿيا ھئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org