سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: تاريخ سکر

باب؛ 12

صفحو ؛ 14

 

ست سنگهه سڀا

1919ع ۾ مسٽر لوڻيندا رام مهراج ۽ چند ٻين ڪارڪنن غريب آباد ۾ کولي ھئي. سڀا جو ڪم ھو ھندو اوتارن جون ورسيون ملهائڻ ۽ ايشور جي ھستيءَ جو پرچار ڪرڻ.

 

اُداسين منڊل

1920ع ۾ اُداسي ساڌن قائم ڪئي. ساڌ ٻيلي جو مهنت سوامي سنت پرساد پرڌان ھو.

 

سناتن ڌرم يووڪ سڀا

1924ع ۾ مسٽر چوئٿرام برپا ڪئي ھئي. 1936ع ۾ ھن سڀا بندر روڊ تي ميٺا رام لائبرري قائم ڪئي ھئي. سڀا وٽ ھڪ شوالو ھو جنهن ۾ ھندي زبان جو پرچار ڪرڻ مول متو ھو. مهراج شوو ڪمار، سيٺ ڪوٽو مل ، مهاشيه گوپالداس ميمبر ھئا.

 

ڀاٽيا سهڪار منڊل

1938ع ۾ ھندو ڀاٽين پنهنجيءَ قوم جي بهبودي لاءِ قائم ڪئي. مسٽر ڪندن داس صدر ۽ مسٽر ڪلاچند وڪيل سيڪريٽري ھو.

 

ھندو پرچارڪ ڌرم سڀا

1935ع ۾ ڀائي پنجومل برپا ڪئي. سڀا جو متو ھو ھندو جاتيءَ کي بيدار ڪرڻ ۽ اتحاد پيدا ڪرڻ.

 

آريو ويدڪ سڀا

1938ع ۾ قائم ٿي. مقصد ھو انگريزي دوائن بدران ويدڪ علاج ڪرايو وڃي. ويد نندلال صدر، ويد راج ڌرم سروپ سيڪريٽري ھئا.

 

شنڪر ڊراميٽڪ سوسائٽي

1932ع ۾ سکر پراڻي ۾ قائم ٿي. سوسائٽي جا کيل ھندن کي بيدار ڪرڻ لاءِ ھئا. جهڙوڪ : قتل حقيقتراءِ، ھريش چندر ڪامياب کيل ھئا. سوسائٽي جو صدر ڊاڪٽر منگهارام ھاسانند، ٽيڪمداس سيڪريٽري ۽ موٽڻداس ڪارڪن ھو.  سوسائٽي وٽ پنهنجو سامان هو.

 

ھندو ميڊيڪل ائسوسيئَشن

ھندو ڊاڪٽرن جي تڪليفن کي منهن ڏيڻ لاءِ 1915ع ۾ قائم ٿي. جنهن جو صدر سول سرجن ھو. ڊاڪٽر منگهارام ڪلاڻي، ڊاڪٽر ھيرانند ڪيسواڻي ڪارڪن ھئا. ڊاڪٽر ھيرانند اڄ به موجود آھي. مٿين منڊلين کانسواءِ ٻيون به انيڪ منڊليون ۽ سڀائون ھيون جهڙوڪ : گرسنگت، گرواڻي پرچارڪ سڀا، ھندو اپڪارڪ منڊل، نوجوان جل، ڪٽيا وغيره وغيره. ھر ھڪ ڳلي ۽ چونڪ ۾ ڪو نه ڪو ڌرمي يا سماجي دفتر ضرور ھو.

 

پارسي انجمن

پارسي ھن شهر ۾ 1838ع ۾ اچي ويٺا، جڏھن پهرين ڪابل جي ويڙھه شروع ٿي ۽ ملٽري کاتي جا ٺيڪا شروع ٿيا. ليمجي چاڙهي چارسين جو مسڪن ھو. جو اڄ به ساڳي نالي سان سڏجي ٿي. پارسي انجمن 1917ع ۾ قائم ٿي. جنهن پارسين لاءِ جدا ڪالوني، اسڪول ۽ آتشخانو تعمير ڪرائڻ جو ارادو ڪيو، خان بهادر  ڊاڪٽر چيٽيگرا ھر دلعزيز سول سرجن سکر ۽ سکر ميونسپالٽي جو سرڪاري چونڊيل ميمبر ھو. ھندن توڙي مسلمانن کي ھن لاءِ بيحد عزت ھئي. ڊاڪٽر شاپور جي اسسٽنٽ سرجن ھو. ميونسپالٽي پالسين کي بندر ويجهو برف شاپ لڳ اسڪول ۽ آتشخاني جوڙائڻ لاءِ زمين ڏني. جتي اسڪول ۽ آتشخانو اڄ به قائم آھي. سول اسپتال ھيٺيان کين رھائش لاءِ ڪالوني ڏني، جتي رستم جي، ماڻڪ جي، ڪاوءس جي ريلوي ملازمن ۽ مسٽر شاپور جي جايون جوڙايون، سيڪريٽري مسٽر ماڻڪ جي ھو. وقت گذرڻ کان پوءِ ڪي مري کپي ويا ۽ ڪي واپار جي سانگي جايون وڪڻي ڪراچي ڏانهن ھليا ويا. باقي ڪالوني ۽ آتشخانو جنهن ۾ ماما ھاءِ اسڪول ۽ خان بهادر ماڪر جي چندي سان جايون جوڙايون ويون. سي اڄ به موجود آھن. جن کي ڏسي چئي سگهبو ته ڪو وقت ھن شهر ۾ پارسي رھندا ھئا، انهن جاين جي سنڀال ھڪڙو پارسي ملا ڪندو آھي.ڪالوني وارا بنگلا خان بهادر نظام الدين ۽ ميجر عطا محمد ۽ ڪن وڏيرن خريد ڪيا پر ڪالوني اڃا تائين پارسي سڏجي ٿي. پارسين جو پهريون قبرستان سيشن ڪورٽ جي ڀر ۾ آھي. ٻيو قبرستان آدم شاهه ٽڪريءَ جي ھيٺيان آھي. پهرين جي حالت درست آھي پويون ويران آھي.

 

خالصا ينگ مين ائسوسيئَشن

خالصا ائسوسيئشن، خالصن 1927ع ۾ قائم ڪئي، سکر ۾ سکن جا ٻه گردوارا ھئا ھڪ نئين پنڊ ۾ ريلوي ٺهرايو ھو ۽ ٻيو غريب آباد ۾ ھو. ائسوسيئشن جو سيڪريٽري سردار بلونت سنگهه ريلوي جو ھڪ ڪلارڪ ھو. گردواري ۾ ديوان لڳرائڻ ائسوسيئشن جو ڪم ھو. جڏھن ڪا سکن جي ٽولي ٻاهران ايندي ھئي ته گروگرنٿ جو پاٺ ٿيندو ھو. گردواريءَ جي ٻاھرين دڪانن ۾ سکن جو تنور ھو. گردواري لڳ سک ٺيڪيدار سردار بوڙ سنگهه گرمکي تعليم جي پاٺشلا به تعمير ڪرائي ھئي. 1925ع ۾ گردوارو سکن تعمير ڪرايو.

 

مسلمانن جون انجمنون

انجمنِ اسلام

19 صدي جي پڇاڙي ۾ 1898ع ۾ پير غوث علي شاهه گيلاني ”انجمن اسلام“ قائم ڪئي ھئي. صدر خان بهادر پير بخش ۽ سيڪريٽري شيخ بابو سليمان انجمن ھو، جڏھن ته پير غوث علي شاه 1905ع ۾ وفات ڳئي، ھن انجمن ھڪ سنڌي اسڪول، ڊسٽرڪٽ مدرسو ۽ عيدگاه جهڙا نمايان ڪم ڪيا. سيد ڪرم علي شاه پير غوث علي جي ڀائٽي 1910ع ۾ ھڪ مخالف انجمن اسلام قائم ڪئي پر خان بهادر پير بخش جي موجودگيءَ ۾ پير ڪرم علي شاه جي انجمن ڪامياب ٿي نه سگهي. 1935ع ۾ خان بهادر پير بخش جي وفات کان پوءِ پٽس منشي ميان رحيم بخش پراڻي انجمن اسلام جو صدر ٿيو پر پير علي محمد شاه راشدي، سيد حسام الدين، راقم الحروف، جنرل غلام نبي بروھي پير ڪرم علي شاه جا معاون ھئا. ان ڪري ميان رحيم بخش گهڻو ڪامياب ٿي نه سگهيو ڇاڪاڻ جو انجمن اسلام جا ڪانڌي سياسي جماعتن جا ميمبر بڻجي چڪا ھئا.

 

انجمنِ حسيني

سکر پراڻي جا معصومي ۽ ميرڪي سادات اڪثر شيعا آھن. جن 9101ع ۾ ”انجمن حسيني“ قائم ڪئي ۽ ھر جمعرات امام بارگاھ ۾ مجلسون امام حسين جي يادگيري ۾ ڪندا رھيا. سيد علي شاهه معصومي انجمن جو انتظام ڪندو هو. محرم ۾ هڪڙو تابوت اڄ تائين کڄندو آهي. شيعن جون ٻيون به انجمون آهن.

 

انجمنِ حيدري

1917ع ۾ ميان عبرالرحمان شاه قائم ڪئي ھئي.

 

انجمنِ حسيني

1901ع ۾ نئين سکر ۾ سيد قائم علي شاه واري تڙ تي قائم ڪئي. سندس وفات کان پوءِ پٽس ميان نور شاه انجمن کي زنده رکندو آيو ۽ محرم جون مجلسون منعقد ٿينديون رھيون. ليڪن ڪا مستقل امام بارگاه مومنن وٽ ڪو نه ھئي، وري جڏھن آغا حسن علي خان پبلڪ پراسيڪيوٽر ٿيو، تڏھن سندس ڪوشش سان واري تڙ ڪوارٽر ۾ سکر ميونسپالٽي شيعن کي پلاٽ ڏنو، جتي ھاڻوڪي امام بارگاه تعمير ٿي. سيد نور شاه پيش امام ھو، جنهن 1962ع ۾ وفات ڪئي. آغا حسن علي خان اڄ تائين امام بارگاه جي نگراني ڪري ٿو. امام بارگاه جي تعمير جو خرچ مير علي نواز خيرپور واري ڏنو ھو.

 

انجمنِ خيرخواه اسلام

ھن انجمن کي چنيوٽي خواجن 1920ع ۾ قائم ڪيو. جنهن جو نگران سيٺ اسماعيل ميمڻ ھو. انجمن ”خواجه لائبرري“ غريب آباد ۾ قائم ڪئي ۽ لاوارث لاشن جي ڪفن ۽ دفن جو ڪم به ان جي سپرد ھو. 

 

انجمنِ اماميه

1922ع ۾ شيعن قائم ڪئي. جنهن جو الله ڏنو خان خاص رڪن ھو.

 

انجمنِ سيرت النبي

حضور سرور ڪونين صلعم جي سيرت پاڪ کي ملهائڻ لاءِ اھل سنت جماعت وارن انجمن سيرت النبي 1928ع ۾ قائم ڪئي. ھن انجمن جو ڪم اڄڪلهه حڪيم حاجي عطا محمد ايڊيٽر شمشير سنڌ جي نگراني ھيٺ ھلي رھيو آھي، ھر سال شان ۽ تجمل سان جلوس نڪرندو آھي ۽ سيرت النبي تي واعظ به ٿيندا آھن. ھن انجمن جو پايو بابو عبدالله خان رکيو ھو.

 

انجمنِ مسلم ايجوڪيشن سوسائٽي

تقسيم ھند کان پوءِ مسلمانن جي بيداريءَ لاءِ مٿئين تعليمي انجمن 1946ع ۾ سکر جي ماڻهن جي تعاون سان ھڪڙي مهاجر ماستر مسٽر نسيم الهديٰ قائم ڪئي ڇاڪاڻ جو گورنمينٽ ۽ ميونسپل اسڪولن جي تعداد ٿورو ھو. پهريان پرائمري اسڪول کوليو ويو جو 1951ع ۾ ھاءِ اسڪول بنجي ويو. مسٽر نصرت حسن ڪليڪٽر جي زير نگراني 1955ع ۾ سوسائٽي جو ادارو آرٽ ۽ ڪامرس ڪاليج بنجي ويو. ھن سوسائٽي پاران 15 پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪول ھلن ٿا. سيٺ حاجي محمد عثمان صدر ۽ مسٽر يوسف سيڪريٽري آھن. 

 

ميمڻ انجمن

انگريزي راڄ توڙي آزادي کان پوءِ سکر شهر جي ميمڻ واپاري حضرات کان مسلمانن کي گهڻو فائدو پهچندو رھيو. ڪڇي ميمڻ منشي خاندان جو بيان ڏيندا رھندا آھيون نو وارد ڪاٺياوڙي مهاجر ميمڻن اچڻ شرط پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪول کوليا ۽ 1951ع تائين ھڪ لائيبرري ۽ آزاد ريدنگ روم کوليائون. 1953ع ۾ ڇوڪرين لاءِ سبڻ ۽ ڀرت جي ھنرن سيکارڻ لاءِ ادارو ۽ فري اسپتالون کوليائون. 1957ع ۾ مڊل اسڪول کي ھاءِ اسڪول جي درجي تي پهچايائون. انجمن اڻ ٿڪ ڪوشش سان ڪم ڪري رھي آھي.

 

انجمنِ شوڪتِ اسلام

1948ع ۾ ھن انجمن يتيم خانو کوليو، جنهن ۾ 45 يتيم رھن ٿا. 1951ع ۾ يتيمن جي تعليم لاءِ انجمن پرائمري اسڪول کوليو. يتيمن لاءِ ھڪ شفاخانو ۽ ريڊنگ روم به انجمن کوليو.

 

آل پاڪستان وومن ائسوسيئَشن

ھيءَ ائسوسيئشن بيگم لياقت علي رعنا پاڪستاني خواتين لاءِ جاري ڪئي. اھو ناممڪن آھي ته سکر جهڙو صدر شهر ائسوسيئشن کان محروم رھجي وڃي. چنانچه 1949ع ۾ اپوا لاءِ سکر ميونسپالٽي ليوڪس پارڪ لڳ پلاٽ ڏنو ۽ 1951ع ۾ ڪليڪٽر سکر مسٽر مظفر حسين اپوا جو دفتر کوليو ۽ بيگم لياقت علي خان خواتين لاءِ ھنري ادارو کوليو ۽ غريب ڇوڪرين جي تعليم لاءِ اسڪول کوليو ويو. 1954ع ۾ آل پاڪستان اپوا ڪانفرنس جو اجلاس بيگم لياقت علي خان جي زير صدارت ٿي گذريو. 1957ع ۾ ۽ خواتين لاءِ فري ريڊنگ روم کوليو ويو ۽ ”اپوا ڪلب“ کوليو ويو وريس جڏھن بيگم مهدي حسن اپوا ڪلب جو ڪم سنڀاليو ته مينا بازار ۽ آل پاڪستان مشاعره آمدني مان نئين بلڊنگ تعمير ڪئي ويئي آھي ۽ لياقت ميمورئل اسڪول کي نئين جاءِ ۾ منتقل ڪيو ويو. اپوا ڪلب ترقي ڪري رھيو آهي. ميونسپل ڪاميٽي کان امداد ملي رھي آھي ۽ مينا بازارين مان وقت بوقت آمدني ٿئي ٿي. بيگم ظفر ھاشمي انجمن جي سيڪرٽري آھي.  

 

سکر جا ڪارخانا

مدينته الاوالياء

سکر ھر صدي سنڌ جي سري ۾ صنعت ۽ تجارت ڪري مشهور رھندو آيو آھي. انگريزي دور ۾ مشينن تي ڪارخانا ھلڻ لڳا ۽ ڪاريگر بي روزگار بنجي ويا. پراڻي تهذيب مٽجي ويئي. جديد تهذيب ۽ ڪلجڳ دنيا کي نئين ايجادن کان واقف ڪيو. فنڪار بيڪار ٿي ويا ۽ نئين انقلاب اقتصادي بدحالي جو دور آندو. اڳ سادگي جو دور ھيو. ڳوٺاڻان نير ۾ ٻڏل ڪپڙا پائيندا ھئا. سکر ۾ نيروٽين جا دڪان ھئا. ولايتي رنگين ڪپڙن اچڻ ڪري رنگيزن کي نقصان پهتو. مارواڙي موچي گهيتلا تيار ڪندا ھئا. ھڪ سنڌي جوتو سالن تائين ھلندو ھو. دولتمند طبقو گهيتلن تي نقرئي ڪم ڪرائيندا ھئا ۽ ملتاني گهيتلا جي تي ريشم جو ڪم ڪيل ھو اڪثر شرفا پائيندا ھئا. انگريزي بوٽن ۽ سليپرن جي اڇڻ ڪري ھن ديسي ھنر کي ڌڪ لڳي ويو. چمڙي جي دٻن ۾ گيهه سڄو سال تازو رھندو ھو، ٽين جي دٻن اچڻ ڪري چمڙي جي دٻن جو ھنر مٽجي ويو. خواتين گهرن ۾ ريشمي ٽوپيون تيار ڪنديون ھيون. شڪارپوري ٽوپيون مشهور ھيون اڪثر شرفا پائيندا ھئا. اھو رواج مٽجي ويو ۽ گهرو ھنرن جو خاتمو ٿيوـ مغربي تهذيب ۽ پوشاڪ پائڻ کان عوام نفرت ڪندو ھو. بافتو في گز 3 پئسا، محمودي اوچي في گز 6 پئسا، چڪنو في گز 9 پئسا. سادي زندگي جا اھي ڪپڙا ھئا. مغربي تهذيب ۽ لباس اھڙو زور ورتو، جو زندگي ماڻهن لاءِ مهانگي بنجي ويئي. اڳ ھڪ ڀاتي ڪامئيندو ھو ته اَٺ کائيندا ھئا. ھينئر اَٺ ئي ڪمائن ٿا ته به گهر جي ضروريات جي پورت ڪرڻ کان عاجز آھن. مغربي تهذيب ۽ سائنس جي ترقي ڪري ننڍي ٽهيءَ وارن مان سانڃهه موڪلائي ويئي بلڪ سوسائٽي ۽ سماج جي مزاج ۾ ڦيرو اچي ويو. اڳ سکر جي مياڻي روڊ تي ٻيڙين جا ڪارخانا ھئا. اڄ به آڳاٽا اھڃاڻ نظر اچن ٿا پر اڄ اُتي خاموشي ڇانيل آھي. اڳ بازار ۾ ناڻي ڏيڻ سان خالص شيون ملنديون ھيون. ھرڪو شهر واسي صحتمند ھو. نئين تهذيب شين ۾ ملاوٽ جو مرض پيدا ڪيو، جنهن ڪري بيمارين منهن ڪڍيو، جن جو شمار ڪونهي. ڪارخانا ترقي ڪندا رھيا ان سان گڏ بيماريون وڌڻ لڳيون. بک، بي روزگاري ۽ مهانگائي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي. 1963 ع جي پڇاڙيءَ ڌاري انگور جي في سير قيمت سوا رپيو ۽ گوار جي في سير قيمت ھڪ رپيو ھئي!

1895ع ۾ پهرين پليگ پئي، ماڻهو بيمارن کي گهرن ۾ ڦٽو ڪري ٻاھران قفل ھڻي ھليا ويا. 1915ع ۾ ٻيهر پليگ منهن ڪڍيو شهر واسين شهر ڇڏي ڀڄي ويا. 1919ع ۾ انفلوئنزا سنڌ کي نپوڙي نيست ڪري ڇڏيو. مسلمانن مئلن کي رلين ۾ لپيٽي پورڻ لڳا ۽ ھندن جي مسڻن ۾ ڪاٺين جو قحط ھو جو مردن کي ساڙي ڀسم ڪن. 1962ع ۾ رپورٽ موجب ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر جهڙن وڏن شهرن ۾ چاليهه سيڪڙو شهر واسي سلهه جا مريض ھئا. ويهين صدي ڌاري سکر صنعتي مرڪز بنجي ويو. چنانچه صابڻ سازي، برتن سازي، ٽجوڙيون ۽ لوھي سامان جهڙوڪ: ڍلائي، خراد، چانور ڇڙڻ جو مشينون، گنجيون ۽ جوراب، بسڪوٽ فئڪٽريون، ڪپڙي سازي، دوا سازي، سگريٽ سازي، قفل سازي جا جابجا ڪارخانا کلي ويا. 1947ع ۾ مهاجرن جي اچڻ ڪري گهرو ھنرن ويتر ترقي ڪئي، جهڙوڪ: لوھي ٽرنڪ، انگوڇا، چادرون اُڻڻ، بوٽ پالش، قفل سازي، کير مان مکڻ ڪڍڻ جون ڊائرون ۽ فراسيون ۽ رنگريزي جي ھنرن ڳوٽن ٺاھن جي ھنرن ترقي ڪئي.

 

جي ـ بي منگهرام فئَڪٽري

سيٺ منگهارام، سيٺ جيوڻ داس، سيٺ ٻالچند گڏجي ٻه ڪارخانا باغ حيات علي شاه ۽ شڪارپور روڊ تي کوليا جن جو عمارتون عاليشان آھن. منجهن خوبصورت لذيذ بسڪيٽ، کٽمٺڙا، چاڪليٽ، الميونم جا باسڻ، دوائون ۽ ٻيون شيون جڙڻ لڳيون. جي ـ بي منگهارام جا بسڪيٽ ولايت تائين مشهور ھئا. انهن ڪارخانن ۾ ٽامي ۽ پتل جون چادرون ٺهڻ لڳيون. تقسيم ھند کان پوءِ باغ حيات علي شاه وارو ڪارخانو ھڪ مهاجر خاتون کي الاٽ ٿيو ۽ شڪارپور روڊ وارو ڪارخانو مهاجر سيٺ يعقوب کي الاٽ ٿيو. جي ـ بي منگهارام وارو محلات پاور ھائوس جي ڀر ۾ آھي، جنهن جي ھڪ حصي ۾ اسلاميه ڪاليج آھي.

ڪنيا لال نانڪرام ڪمپني

ٻئي ڀائر سکر پراڻي جا سيٺ ھئا، جن جو بسڪيٽ ۽ کٽمٺڙن جو ڪارخانو پراڻي برف شاپ وٽ ھو.اھو ھينئر ايوب ڀائرن کي مليو.

 

سکر بسڪيٽ فئَڪٽري

پراڻي سکر ۾ ريل جي رستي جي لڳ آھي. جا سيٺ دولترام ۽ سيٺ ويرومل تعمير ڪرائي، جن دهلي جي سيٺ نواب احمد سعيد سان جائداد جو تبادلو ڪيو.

 

سنڌ سوديشي ھائوزري مل

سيٺ چوئٿرام ۽ سيٺ رامداس مياڻي روڊ تي تعمير ڪرائي ھئي جنهن ۾ عمدا مفلر ۽ سوئيٽر تيار ٿيندا ھئا. جن جو سنڌ ۽ پنجاب ۾ کاپو ٿيندو ھو.سال 1939 ع واري ھندوـ مسلم فساد ۾ سڙي ٻري وئي.

 

سکر ٽائيلس فئَڪٽري

سکر پراڻي ۾ ميان نعمت الله قريشي دٻي وٽ 1934ع ۾ کولي. صوبي اندر واحد فئڪٽري آھي. جنهن ۾ ٽائيلس تيار ٿين ٿا. منجهس سيمنٽ جون ڪونڊيون ۽ پائيپ به تيار ٿيندا آھن. راقم 1962ع ۾ قريشي صاحب جي دعوت تي فئڪٽري جو معائنو ڪيو ھو.

 

گنيش ٽائيلس فئَڪٽري

سکر پراڻي جي سيٺ مٺومل چوھڙمل پارڪ وٽ کولي ھئي. تقسيم ھند کان پوءِ مسٽر نعمت الله قريشي فئڪٽري جي مشينن کي خريد ڪيو ۽ ٻئي ھلن ٿيون.

 

ڊيمبلا ۽ ڪرشنا فلور ملون

ڊيمبلا مل شمس آباد ۾ ۽ ڪرشنا مل پراڻي برف شاپ وٽ ھندو سيٺين تعمير ڪرايون. جن ۾ روزانو سوين مڻ اٽو، سوجي ۽ ميدو تيار ٿيندو آھي جو سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان ڏانهن وڃي ٿو.

 

اپر سنڌ سگريٽ فئَڪٽري

ھندو سيٺين شڪارپور روڊ تي نئين ڳوٺ ۾ تعمير ڪرائي. جنهن ۾ سگريٽ ۽ چروٽ ٺهندا ھئا. جن جو سنڌ ۽ پنجاب ۾ کاپو ٿيندو ھو. مگر بازار جي چٽا ڀيٽي سان ڪارخانو مقابلو ڪري نه سگهيو. مکيه حصيدار راءِ بهادر لڇمڻداس ھو. تنهن کان پوءِ ڪارخاني ۾ لوھه جون شيخون تيار ٿيڻ لڳيون. تقسيم کان پوءِ لکا پتي ڪاٺياواڙي سيٺ ستار جي ملڪيت بنجي ويو. اڄڪلهه يعقوب آئل مل جي نالي سان تيل پيڙھڻ جي مل آھي. جنهن ۾ صابڻ جڙي ٿو.

 

گنيش کوپرا مل

کوپري جي تيل جو ڪارخانو نئين ڳوٺ پريان شڪارپور روڊ تي سيٺ دنيچند کوليو ۽ سيٺ پنجومل مئنيجنگ حصيدار ھو. ھن مل جو پڪل کوپري جو تيل سنڌ ۽ ھند ۾ مشهور ھو. تقسيم کان پوءِ بند ٿي ويو. 

 

ڪنيا لال ھريرام سلڪ فئَڪٽري

پئنچاتي ٿلهي وٽ کولي ويئي. ھن ڪارخاني جو زالاڻو ريشمي ڪپڙو مقبول عام ھو.

 

گرونانڪ سلڪ فئَڪٽري

ليوڪس پارڪ وٽ زنانن ڪپڙن تيار ڪرڻ جو ڪارخانو ھو.

 

گانڌي ھوزري فئَڪٽري

بندر تي ڀوسي گدام سامهون ھئي.

 

پريسنگ مشين

ھي ڪارخانو ڪپهه ۽ پشم کي پريس ڪري ڳٺڙيون تيار ڪندو ھو، جو سيٺ دوارڪاداس ڪاٺ مڏي طرف کوليو ھو.

 

چمڙا پريسنگ مشين

نئين ڳوٺ ۾ چمڙا فروش خواجن چمڙي کي پريس ڪري بنڊل ٺاھڻ لاءِ کولي ھئي ۽ اڄ به چالو آھي.

 

سردار علي شاھه جو ڪارخانو

ڊيمبلا مل جي سامهون سيد سردار علي شاھه جو ڪارخانو آھي. جنهن ۾ ڍلائي، خراد کان سواءِ مشينن جا پرزا ٺهن ٿا، جن مزورن ۽ ڪاريگرن ھن ڪارخاني ۾ ڪم ڪيو سي اڳتي ھلي پاڻ ڪارخانن جا مالڪ بنجي ويا.

 

غلام حسين صادق علي آٽو موبائل انجنيئَرس

شيخ حاجي غلام حسين ۽ حاجي صادق علي ٻه ڀائر آھن. جن جو موٽر رپيئرس جو ڪارخانو غريب آباد ۾ مشهور آھي، وٽن موٽرن صاف ڪرڻ، پيٽرول پمپ ريس ڪورس روڊ تي آھي.

 

جمال الدين ڪارخانو

سڪي تلاءُ تي موٽرن جي مرمت جو ڪارخانو آھي. ٻيا به شهر ۾ چپي چپي تي ڪارخانا آھن. جهڙوڪ: گلٽ سازي، رنگسازي وغيره جن جي بيان کي نظرانداز ڪريون ٿا.

 

نواب انڊسٽري

1918ع ۾ کولي ويئي، جنهن ۾ علي ڳڙه قسم جا قفل ٺهن ٿا، سڄي شهر جي ڪارخانن جو تعداد 230 آھي.

 

واپڊا جو ڪارخانو

واپڊا جو ڪارخانو بئراج ڪالوني ۾ آھي. جنهن ۾ ٽرئڪٽر ۽ مشنري سامان جڙي ٿو.    

 

سئَنيمائون

سئنيمائن کان اڳ ناٽڪن (ڊرامن) جو رواج ھو،19 صدي جي پڇاڙيءَ ۾ سکر ۾ فقط ھڪڙو مانڊوو ناٽڪ ڪمپنين  لاءِ ھو، غريب آباد جي اڇي مسجد جي ڀر ۾ ڏکڻ طرف ھو، جو ٺارو مل ۽ ٻانها مل ٻن ھندن جي ملڪيت ھو، ٺارو مل دڪاندار ھو ۽ ڀاڻس ٻانهو مل ريلوي ۾ بئلسٽ انسپيڪٽر ھو. انهيءَ ٻانهي مل غريب آباد سڪي تلاءُ جي اتر اولهندي طرف جل آشرم، شوالو ۽ کوھه کڻايو ھو. بدقسمتي سان کوھه جو پاڻي ٻاڙو نڪتو، اھي جايون اڄ به موجود آھن. ٻيو ماڊوو ھو ريلوي يورپين انسٽيٽيوٽ، جنهن ۾ ھر ڇنڇر شام جو پيانو جي ساز تي منڊمون نچنديون ھيون. ھال سينٽ ۽ لويبنڊرن جي خوشبوءِ ڪري پرستان بنجي ويندو ھو، فقط يورپين نچندا ھئا. ويهين صدي ۾ مارڪيٽ مسافر خاني جي سامهون ھڪڙي ھندو سيٺ ڪالڪا ٿئيٽر تعمير ڪرايو، ٻاھرين ڪمپنين کان علاوه سکر پراڻي جي شنڪر ڊراميٽڪ سوسائٽي به ھن مانڊووئي ۾ کيل ڏيکاريندي ھئي. ازانسواءِ بمبئي، دھلي، لاھور ۽ ڪاٺياواڙ جي ڪمپنين جا کيل راقم ڇوئٿرام ڪالڪا ٿئيٽر ۾ ڏٺا ھئا. ھيئنر اهو ٿئيٽر ھائوس حفيظ ٽاڪيز سڏجي ٿو. 1929ع ۾ لڪشمي ٽاڪيز سڏبو ھو، ڪارونيشن ڪمپني، نانڪ چند ڪمپني ۽ سري واڪانير ڪمپني چڱو نالو ڪڍيو ھو، چنانچه ڪارونيشن ڪمپنيءَ ۾ عبدالرحمان ڪابلي ھيرو جو عمدو پارٽ ادا ڪندو ھو. نانڪ چند ڪمپنيءَ جي ائڪٽر ڦوسيا لال مشهور ھئي واڪانير ڪمپنيءَ جو گجراتي ۾ ”راڌا پريم ڀڳتي“ کيل چڱو نالو ڪڍيو، حفيظ ٽاڪيز جي سامهون 1928ع ۾ امپيرل ٽاڪيز ھائوس تعمير ٿيو، اڳ ان ھنڌ تي مارڪيٽ جو گند اڇلائيندا ھئا، 1926ع ۾ بئراج جي ڪم شروع ٿيڻ کان پوءِ شمس آباد ۾ منروا ٽاڪيز ھائوس تعمير ٿيو جو اڄ نشاط سڏجي ٿو. تنهن کان پوءِ جڏھن سئنيما جو شوق وڌندو ويو ته نوان ھائوس تعمير ٿيڻ لڳا، واٽر ورڪس ٽڪريءَ ھيٺيان موتيرام جي ٽڪاڻي پٺيان ريجينٽ سئنيما تعمير ٿي، جنهن جي ھال جي ديوارن تي مشرقي آرٽ جي نموني تي تصويرون نڪتل ھيون جي ھينئر مٽجي ويون آھن. بعد سکر چڪلي جي ڀر ۾ فردوس سئنيما عمارت تعمير ٿي. پويون سئنيما ھائوس سکر پراڻي ۽ سکر نئين جي وچ ۾ ميجر عطا محمد خان شاليمار سئنيما ھائوس تعمير ڪرايو جنهن ۾ عاليشان عمارت ايئر ڪنڊيشنڊ آهي.

 

ليوڪس پارڪ مسجد

ليوڪس پارڪ جي اُتر اوڀرندي ڪنڊ تي ھڪ ٽڪنڊو ٽڪرو 1937ع

 

۾ زالن لاءِ پارڪ جوڙيو ويو ھو. گاهه جي ٻوٽن سان چوطرف پردي جي ديوار ڏنل ھئي. تقسيم کان پوءِ مسلمانن ھن پارڪ ۾ عاليشان مسجد تعمير ڪرائي آھي. ھينئر ليڊيز پارڪ عيد گاه جي سامهون لٽرسي ٽاور واري ٽڪري تي آھي.

 

ڊسٽرڪٽ ريڊڪراس آفيس

ريڊ ڪراس عام جي ڀلي لاءِ آھي. انجمن صليب احمر ضلع سکر ڳوٺن کي مليريا ۽ سلهه هي خلاف دوائن پهچائڻ لاءِ 1961ع ۾ 19 ھزارن روپين جي خرچ سان ائنبيولنس ڪار خريد ڪئي ھئي ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي بنگلي جي ھيٺيان اُتر طرف ضلع آفيس 40 ھزار روپين جي خرچ سان تعمير ڪرائي آھي. جا مليريا خلاف مرڪز آھي. چنانچه آبڪلاني جي مند کان پوءِ ھر سال سنڌ ڳوٺن کي موسمي بخار کان نقصان پهچي ٿو. ميجر عطا محمد خان 16 سال ان جو سيڪريٽري ٿي رھيو. سکر ضلع جو ڊپٽي ڪمشنر صدر ھو.

 

ڇاپخانا

19 صدي جي آخر ۾ ماستر ھريسنگهه وٽ ڇاپخانو ھو. جنهن ۾ عشقيه آکاڻيون ڇپبيون ھيون. 1917ع ۾ سندس مرڻ کان پوءِ سندس پٽ ڪم ڪندا رھيا. تقسيم کان پوءِ ھريسنگهه جو ڇاپخانو ختم ٿي ويو.

 

محموديه پريس

حافظ عبدالحميد ايڊيٽر محموديه پريس ۾ ڪي آکاڻين جا ڪتاب ۽ ڪي مذھبي ڪتاب شايع ڪيا.

 

حبيب ڇاپخانو

1954ع ۾ فريئر روڊ تي کوليو ويو. جتي شيخ اياز، شيخ عبدالرزاق راز، بدوي ۽ بشير مورياڻي جا ڪتاب شايع ٿيا.

 

عجائب اسٽور

ڪتب فروش گهڻو ڪري ٻاراڻا ۽ تعليمي ڪتاب شايع ڪرائي ٿو، تعليم کاتي لاءِ تجارتي ايجنسي آھي ۽ مشهور آھي.

 

گل بڪ ڊيپو

عجائب اسٽور وانگي گل بڪ ڊيپو به تعليم کاتي جا ڪتاب شايع ڪرائي ٿو.

مٿين ڇاپائيندڙن کان علاوه مڪتب انسانيت، عليڳڙه بڪ ڊيپو، حسيني بڪ ڊيپو، روئوف برادرس ۽ ڪياني بڪ ڊيپو وٽان انگريزي، اردو ۽ سنڌي رسالا ۽ ڪتاب ملي سگهن ٿا.

 

اخبارون

19 صدي جي پڇاڙي ۽ ويهين صدي جي شروعات ۾ سکر جي مسلمانن وٽ ٻه روزانيون سنڌي اخبارون آفتاب ۽ الحق ھيون. الحق حيدرآباد ڏانهن کڄي ويئي ھئي. سا 1907ع ۾ ٻيهر سکر کان شايع ٿيڻ لڳي. ھن جو ايڊيٽر شيخ محمد سليمان ھو ۽ انگريزي ڪالم مسٽر محمد علي دھلوي بارائٽ لا لکندو ھو. جو پوءِ بمبئي کاتي جو وزير ٿيو ھو. 1908ع ۾ شيخ محمد سليمان جي وفات کان پوءِ پٽس عبدالعزيز ايڊيٽر ٿيو. 1915ع ۾ الحق بند ٿي ويئي.

 

سنڌ زميندار

زميندار لاھور وانگي سنڌ جي زميندارن اپر سنڌ لاءِ مسٽر ايم ـ اي کهڙو 1927ع ۾ جاري ڪئي جا سه روزه سنڌي ۾ ھئي. شروعات ۾ ايڊيٽر ميان عبدالوھاب ھو، پوءِ احمد علي عليگ غلام نبي، آغا نظر علي، پير علي محمد راشدي ۽ مولوي سيتائي عبدالغفور ايڊيٽر ٿي رھيا. 1960ع ۾ اخبار بند ٿي ويئي. آفتاب جو بيان موقعي سر ڏبو.

 

دعوتِ اسلام

ھيءَ سنڌي اخبار 1928ع ۾ ڊاڪٽر محمد يامين قريشي دندان ساز جاري ڪئي ۽ مسلمانن جي حقن لاءِ لڙندي ھئي. پوءِ مسلم ليگي پرچو بنجي ويو. دعوتِ اسلام بيباڪي ڪري مشهور اخبار ھئي.

 

المنار

پهريان ماھوار رسالو سنڌي ۾ شايع ٿيندو ھو، ايڊيٽر مسٽر عبدالرحيم کرل ھو. جو پوءِ خيرپور جو چيف جج ٿيو. رسالو 1930ع ۾ جاري ٿيو. حافظ عبدالحميد ڀٽي پرنٽر ۽ پبلشر ھو. 1933ع ۾ المنار حافظ عبدالحميد جي ايڊيٽري ۾ ھفتيوار بنجي ويئي. اخبار جي پاليسي سنڌ جدائي جي فائدي ۾ ھئي. رسالي واري زماني ۾ پير علي محمد راشدي، پير حسام الدين راشدي، راقم مکيه مضمون نگار ھئا[1]. المنار اڄ تائين ھفتيوار شايع ٿئي ٿي.

 

ستاره سنڌ

1934ع ۾ سکر مان پهريان ھفتيوار پير علي محمد شاه راشدي جاري ڪري پاڻ ايڊيٽر ٿيو. بعد روزانه ٿي. ھن اخبار سياست ۽ ادبي دنيا ۾ چڱو نالو ڪڍيو. ان جو مزاحيه ڪالم ”ملا لٽر“ مشور ھو. سيد حسام الدين، لطف الله بدوي ۽ راقم مضمون نگار ھئا. 1938ع ۾ بند ٿي وئي. ستاره سنڌ کي پنهنجي پريس ھئي.

 

انقلاب

آغا بدرالدين ڳڙھي ياسين واري سکر مان ڪوئينس روڊ تان 1945ع ۾ سنڌي زبان ۾ روزاني جاري ڪئي. مرحوم درمحمد اويسي ۽ علي احمد بروھي ايڊيٽر ھئا. اخبار ڪانگريسي اخبارن جي مقابلي ۾ مسلم ليگ جي حامي ھئي. اپر سنڌ جي مسلمانن کي بيدار ڪرڻ ۾ چڱو حصو ورتو. ڪن سوشل خرابين جي خلاف به محاذ کڙو ڪيائين حڪومت ٻه دفعا مٿس بندش وڌي تاھم 1958ع تائين جاري رھندي آئي. وٽس پنهنجي پريس ھئي ۽ ھينئر نوائي انقلاب جي نالي سان روزانو شايع ٿئي ٿي.

 

پاڪستان کان پوءِ

1947ع ۾ ھندن جي لڏپلاڻ کان پوءِ سکر مان اُردو اخبارون شايع ٿيڻ لڳيون جن جا نالا ڏجن ٿا. 

 

ڪليم

مسٽر مهر الاھي شمسي بريلوي اردو ۾ ھفتيوار جاري ڪئي. اخبار جي پاليسي آزاد ھئي. 1959ع ۾ روزانه ڪئي وئي.

 

مجاھد

مسٽر محمد اختر فاروقي 1951ع ۾ اردو ۾ ھفتيوار شايع ڪئي. ھيءَ آزاد اخبار آھي جا اڄڪلهه ھفتي ۾ ٻه دفعا شايع ٿئي ٿي.

 

نعرهء حق

سکر جي جهوني اُردو اخبار ھفتي ۾ ٻه دفعا 1938ع کان سکر ۽ ڪوئيٽا مان شايع ٿيندي آھي. مسٽر گلزار احمد ايڊيٽر آھي.

 

رھنما

1954ع ۾ ھفتيوار اردو ۽ سنڌي ۾ شايع ٿيڻ لڳي. 1958ع ۾ خيرپور ڏانهن مستقل ٿي ويئي پر ھڪ سال کان پوءِ واپس سکر آندي ويئي. 1960ع ۾ پيڪر نقوي جي ايڊيٽري ھيٺ روزانو اُردو ۾ شايع ٿئي ٿي. پيڪر  صاحب نوجوان آھي.

 

بشارت

1954ع ۾ مسٽر بشارت بي ـ اي جاري ڪئي جا 1956ع ۾ حيدرآباد ڏانهن منتقل ٿي ويئي. مشرف رضا جعفري ان جو ايڊيٽر آھي.

 

نمودِ سحر

1960ع ۾ شاگردن پاران اردو ۾ شايع ٿي ۽ شاگردن جي تڪليفن کي پيش ڪندي ھئي. ليڪن 1961ع ۾ بند ٿي وئي.

 

سرچ لائيٽ

مسٽر بشارت انگريزي ۾ شايع ڪئي، ٻن سالن کا پوءِ 1958ع ۾ حيدرآباد ڏانهن کڄي ويئي.

 

منشور

مسٽر علي احمد بروھيءَ سنڌي ۾ ھفتيوار 1952ع ۾ شايع ڪئي. ھڪڙو صفحو خبرن جو انگريزيءَ ۾ شايع ٿيندو ھو. اخبار چڱي مقبوليت حاصل ڪئي پر 1953ع ۾ بند ٿي ويئي. 

 

روشني

ھفتيوار سنڌي 1950ع ۾ حاجي محمد عالم مڱريو جاري ڪئي جا اڄ به شايع ٿئي ٿي.

 

شمشيرِ سنڌ

ھفتيوار سنڌي 1951ع ۾ حڪيم حاجي عطا محمد شايع ڪئي جا اڄ تائين جاري آھي.

 

الخير

سنڌي ھفتيوار ايڊيٽر عبدالله خان بلوچ جي ايڊيٽري ھيٺ شايع ٿئي ٿي.

 

ھندو اخبارون

ڌرم وير

مهراج امرداس 1908ع ۾ جاري ڪئي جا 1940ع تائين چالو رھندي آئي. سنڌيءَ کان پوءِ ٻيو نمبر اخبار ھئي.

 

ھندو ليگ گزٽ

1931ع ۾ مسٽر آرت مل جي ايڊيٽري ھيٺ جاري ٿي.

 

سکر گزٽ

1935ع ۾ مسٽر بيکچند جي ايڊيٽري ھيٺ جاري رھي. 

 

ڪانگريس

1937ع ۾ جاري ٿي. مسٽر ٺاڪرداس ايڊيٽر ھو. اخبار جي پاليسي سندس نالي مان ظاھر آھي.

 

سجاڳي

1937ع ۾ جاري ٿي. مسٽر نرسومل ايڊيٽر ھو. 1948ع ۾ ھندن جي لڏپلاڻ ڪري سڀ ھندو اخبارون بند ٿي ويون.

 

ھوٽلون ڪالي خان

شڪارپور روڊ تي چاءِ جي ھوٽل ھئي. ڪالي خان کان پوءِ مٽجي ويئي.

 

گل خان

حاجي گل خان ھوٽل مارڪيٽ لڳ کاڌي پيتي جي شين جي ھوٽل آھي.

 

اسٽار ھوٽل

سکر ۾ رھائش لاءِ اسٽيشن روڊ تي پهرين وڏي ھوٽل آھي. جنهن ۾ لاجنگ ۽ بورڊنگ جو انتظام ڪيل آھي. مالڪ مارواڙي آھي. مسافرن جي سهولت لاءِ آھي،

رائل ھوٽل

مارڪيٽ ٽاور وٽ جديد نموني جي ھوٽل آھي.

 

محمدي ھوٽل

ٽي ماڙ ھوٽل نئين ٺهي آھي، مارڪيٽ ويجهو آھي.

 

افغان ھوٽل

مارڪيٽ ويجهو عمدي ھوٽل آھي.

 

نياز ھوٽل

غريب آباد ۾ چاءِ ۽ ڪباب جي عمدي ھوٽل آھي.

 

المنظر

اسٽار ھوٽل ھيٺيان جديد نموني تي چاءِ جي ھوٽل آھي.

 

گلستان ھوٽل

بئراج روڊ تي سٺ ڪمرن واري ھوٽل آھي. جنهن ۾ اندر ننڍڙو لان به آھي.

 

پرنسيز ھوٽل

معصوم شاه جي مناري ھيٺان عمدي چاءِ جي ھوٽل آھي.

 

ڪيفي ايران

ليوڪس پارڪ وٽ ايراني کاڌي پيتي جي شين جي ھوٽل آھي. اھڙي قسم جي ھڪڙي ھوٽل ڪوئينس روڊ جي منهن وٽ آھي. جا ھڪڙو مهاجر ھلائي ٿو. ھوٽل نشاط سڏجي ٿي.

 

المهراڻ

انٽر پاڪ ان سکر آثار قديمه جو شهر تاريخي حيثيت رکندڙ آھي ۽ ڌارين ملڪن جي سياحن لاءِ آماجگاه آھي. اھڙي تاريخي اھميت جي ڪري سياحن جي سهوليت لاءِ بئراج ڪالوني ۾ بئراج پل جي ساڄي پاسي واري منهن وٽ ”لبِ مهراڻ“ ھوٽل ٽن لکن روپين جي لاڳت سان سکر ميونسپالٽي تعمير ڪرائي آھي. جتان لاھور، ڪراچي ۽ ڪوئيٽا شاھي رستو لنگهي ٿو، قدرت پاڻمرادو سکر کي سندس طبعي بيهڪ ڪري سينگاري رهي آھي ۽ نئين شهر جي جڙڻ کان پوءِ گوسڙجي کي وڃي دنگ ڪندو، ڪيڊٽ ڪاليج ۽ ميڊيڪل ڪاليج تعمير ڪرڻ لاءِ تياريون زير ويچار آھن. 

 

لبِ مهراڻ

بئراج وٽ درياهه جي ڪپر تي ايريگيشن ڊپارٽمينٽ وارن ھڪ تفريح گاه بنايو آھي. ڄڻ ڪراچي جو ڪلفٽن آھي. ماڻهو اونهاري ۾ تفريح جي خيال سان شام ۽ رات جو وقت اُتي گذاريندا آھن.

 

روٽري ڪلب

1956ع ۾ سکر روٽري ڪلب کي تيار ڪرڻ لاءِ مسٽر آفتاب احمد ڊپٽي ڪمشنر جي نگراني ھيٺ 24 ميمبرن جي ھڪ ڪاميٽي جوڙي وئي ۽ سيد مصطفٰي اڪبر سيڪريٽري چونڊيو ويو. ڪلب جو مقصد آھي تعليمي ۽ صحت جي ادارن کي مدد ڪرڻ، ڪم کي پسندگيءَ سان ڏٺو ويو ۽ ھڪڙي خيرخواه سماهي ورڪر سيد حسن ميان کي امدادي گورنر چونڊيو ويو، ڪلب جو صدر مرزا افضل حسين ۽ ڊاڪٽر محمد شريف اعزازي سيڪريٽري آھي. ڪلب جي عمارت المهراڻ ڪلچر جي ڀر ۾ زيرِ تعمير آھي. 30 ھزار خرچ لڳندو.

آفيسر جيمخانا

سکر 1838ع کان پهرين ڪابل ويڙهه وقت فوجي ڇانوڻي بنجي چڪو ھو، 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ يوروپين عملدارن منگل باغ جي ڀر ۾ ھڪ جيمخانا کوليو ھو. جنهن ۾ لائبرري به ھئي، ان جو ھڪ حصو اسٽيڊيم (راندين جي ميدان) ۾ اچي ويو، تنهنڪري سموري عمارت کي ڊھرائي ھڪ لک روپين جي لاڳت سان نئون جيمخانو تعمير ڪرايو ويو جنهن جو افتتاح پاڪستان جي ان وقت جي وزير ذوالفقار علي ڀُٽي 1962ع ۾ ڪيو.

 

ادبي سرگرميون

سکر ھر صديءَ ۾ علميت جو مرڪز رھندو آيو آھي ۽ ھتي جي خاڪ مان اديب ۽ شاعر پيدا ٿيندا رھيا، سنڌي ادبي سنگت شيخ اياز ايڊوڪيٽ قائم ڪئي، جنهن ۾ شيخ عبدالرزاق راز، مقبول صديقي، رشيد ڀٽي، شيام سندر، راقم ميمبر ھئا. انهن ميمبرن مان شيخ اياز ۽ شيخ راز شاعري ۽ ناول نويسي ڪري مشهور آھن. مقبول صديقي ۽ شيام ڪمار به ناول نويس آھن. رشيد ڀٽي مزاحيه مضمونن لکڻ ۾ ھوشيار آھي. راقم صحافي ۽ تاريخ جو ڄاڻو آھي. پهرين سنڌي ادبي ڪانفرنس 1953ع ۾ مسٽر اي ـ ڪي بروھي مرڪزي وزير جي زير صدارت ٿي گذري، جولاءِ 1954ع ۾ سچل سرمست جو عرس جوھر پارڪ ۾ زير صدارت راقم جي ٿي گذريو، جنهن ۾ مقالا پڙھيا ويا ۽ خير پور ڊويزن جي راڳيندڙن حصو ورتو، ھن موقعي تي مشاعرو مسٽر غلام قادر قيس جي زير صدارت ٿيو[2]. عرس جي ڪاروائي خطبه صدارت شايع ڪيو ويو.

 

پاڪ ڪلچر سوسائٽي

اپريل 1955ع ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر سکر آفتاب احمد خان سوسائٽي جو چيئرمين ٿيو ٻن سالن کان پوءِ سوسائٽي تي ”لطيف اڪيڊمي“ نالو رکيو ويو. شيخ راز  ان  جو چيئرمين ۽ آفاق صديقي سيڪريٽري ھو.

 

انڊو پاڪ مشاعره

56 – 1957ع ۾ ريڊڪراس سوسائٽي جي امداد لاءِ ٻه انڊوـ پاڪ مشاعره منعقد ٿيا.

 

رائٽرس گلڊ

        1959ع ۾ پاڪستان رائٽرس گلڊ قائم ٿيو، جنهن ۾ لطيف ايڪيڊمي مد غم ٿي ويئي. سکر رائٽرس گلڊ جو سيڪريٽري آفاق صديقي ۽ شيخ اياز صاحب ائڊوڪيٽ، شيخ راز صاحب، رشيد ڀٽي، سيد حسن ميان صاحب، شهزاده اياز صاحب، حميد عظيم آبادي صاحب، اشتياق اظهر صاحب، صمد رضوي صاحب، حسين حميدي صاحب، راقم، مهر الاھي شمسي صاحب وغيره. فيبروريد 1960ع ۾ ڪلچر شو ملهائڻ جو فيصلوٿيو جنهن ۾ ڪلچرل ايسوسئيشن جو مسٽر جمشيد رضا رحيم ڊپٽي ڪمشنر ايسوسئيشن جو صدر سيد حسن ميان سيڪريٽري ۽ ڪلچرل ايسوسئيشن جو صدر ڪي ـ اين ذاڪر حسين ميونسپل ايڊمنسٽريٽر ڪلچر شو منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ڊاڪٽر جي ـ وي ـ برائين آمريڪن ڪلچر اتاشي ۽ سيمينٽ فئڪٽري روھڙي جي جنرل مئنيجر ايم ـ ايڇ انصاري حصو ورتو. نومبر 1960ع ۾ المهراڻ آڊيٽوريم جي خوبصورت عمارت تعمير ڪئي ويئي. سکر سب ريجن رائٽرس گلڊ پاران وقت بوقت ڪنوو ڪيشن ٿيندا رھيا. جن ۾ پروفيسر وقار عظيم، جميل الدين عالي، صوفي غلام مصطفيٰ تبسم، ڊاڪٽر فقير محمد حاجره مسرور، طفيل احمد جمالي حصو وٺندا رھيا، سنڌي ۽ اردو جو پاڻ ۾ سنگم چڱو نتيجو ڪڍيو. شيخ عبدالرزاق راز سب ريجن پاران ”ماروئي ڪي ديس ۾“ اردو زبان ۾ ڪتاب شايع ڪرايو ۽ آفاق صديقي ”ريگزار ڪي موتي“ لکيو جو سب ريجن شايع ڪيو. شيخ اياز کي سندس ڪتاب ”ڀونر ڀري آڪاس“ جو سنڌ ريجن رائٽرس گلڊ شايع ڪرايو. ان لاءِ ھڪ ھزار روپيا مليا. 1960ع  ۾ مسٽر نعماني جي صدارت ھيٺ ”مجلسِ ادب“ قائم ڪئي ويئي. سيد حسن ميان جي زير صدارت ”انڊوـ پاڪ“ مشاعرو سڏايو ويو ھو. جنهن ۾ چوٽيءَ جي شاعرن جوش مليح آبادي، فيض احمد فيض ۽ معين احسن جا نالا سکر شهر جي ادبي سرگرمين لاءِ يادگيري طور رھندا. مجلسِ ادب پاران سهه ماھي رسالو ”جامِ جم“ به نڪري ٿو. ازانسواءِ شاعر شاد عظيم آبادي جو ديوان به شايع ٿيو. جو اڳ جو شايع ٿيل ھو. مهاجرن جي اچڻ ڪري شاعريءَ جو بازار گرم ٿيڻ لڳي آھي.

 

براڊڪاسٽنگ اسٽيشن

1954ع ۾ سکر ميونسپالٽي شهر واسين جي تفريح لاءِ براڊ ڪاسٽنگ اسٽيشن ميونسپالٽي شهر جي ھڪڙي دفتر ۾ کولي. جنهن جو اعزازي سيڪريٽري مسٽر مهر الاھي شمسي آھي. عبدالرزاق راز ۽ راقم اعزاري ميمبر آھن. حڪومت سکر ۾ ريڊيو اسٽيشن کولڻ لاءِ ويچار ڪري رھي آھي.

 

ٽيلي پرنٽر

سيپٽمبر  1959ع ۾ ڊويزنل ڊولپمينٽ بورڊ اخبارن جي سهوليت لاءِ ۽ ترت خبرن پهچائڻ لاءِ اي ـ پي ـ پي خبر رسان ايجنسي جي ٽيلي پرنٽر دفتر کولڻ لاءِ 19 ھزار روپيا منظور ڪيا ۽ صوبائي حڪومت به اوتري رقم ڏيڻ منظور ڪئي. ائسوسيئيٽڊ پريس پاڪستان جي ٽيلي پرنٽر جو دفتر ميونسپل اسپتال ويجهو کولي، مسٽر بشارت کي پهريون نمائندو مقرر ڪيو.

 

ايوب پل

لئنسڊائون لوھي پل کي 73 سال گذري چڪا ھئا، ۽ پوڙھي ٿي چڪي ھئي. حڪومت سندس ڀر ۾ نئين پل تعمير ڪرائڻ جو ارادو ڪيو. جنهن جي ڊزائين آمريڪن انجنيئر ڊاڪٽر اسٽين مئن تيار ڪئي ۽ 26 نومبر 1959ع ۾ نئين پل جو ڪم شروع ٿيو ۽ پهرين ڊسمبر 1961ع ۾ ٻن ڪروڙ روپين جي لاڳت سان ھيءَ ريلوي پل تيار ٿي، جنهن جو افتتاح اُن وقت جي صدر پاڪستان فيلڊ مارشل ايوب خان ڪيو ۽ مٿس ايوب پل نالو رکيو ويو. ھيءَ پل ھڪڙي ڪمان تي بيٺل آھي. آسٽريليا ۽ متحده آمريڪا جي ھڪ ڪماندار پلين کان پوءِ ھيءَ پل دنيا ۾ ٽيون نمبر آھي ۽ لئنسڊائون پل وانگي عجائبات ۾ شمار ٿئي ٿي. 

 

ٿرمل پاور اسٽيشن

سکر جي ماڻهن لاءِ ھڪ وڏي نعمت آھي. اھو پاور ھائوس درياه جي ڪناري سکر پل جي ڀرسان آھي. ھن مان لاڙڪاڻي، جيڪب آباد، ضلع خيرپور ۽ سکر جي ڳوٺن تائين بجلي پهچائي ويئي آھي سکر شهر جي ميونسپل ڊي سي پاور ھائوس کان شهرين جي جان آجي ٿي آھي.

 

مهراڻ مرڪز

وڪٽوريا مارڪيٽ جي سامهون اڳوڻي ميونسپل مسافرخانه ۾ مهراڻ مرڪز تعمير ڪيو ويو آھي. اھو ڪم سکر ميونسپالٽي طرفان ٿيو. ھي مرڪز ٽن ماڙين تي آھي. ھيٺيان دڪان آھن. ٻي ماڙ تي آفيسون آھن ۽ ٽين ماڙ تي رھڻ جا فلئٽس آھن. جيتوڻيڪ سکر ميونسپل لاءِ آمدني جو ذريعو آھي، پر اقتصادي ۽ معاشي طور ماڻهن جي سهوليت کي مدنظر رکيو ويو آھي. ھن مرڪز ۾ دڪانن جو تعداد 110، آفيسون 48 ۽ فلئٽس 26 آھن. 

 

راڳ رنگ

مهراڻ جي ماٿري جي خاڪ ۾ راڳ رنگ جو خمير گڏيل آھي. سنڌي شاعر جي، خدارسيده بزرگ به ھئا. جهڙوڪ: شاهه ڀٽائي، شاهه نصير، سچل سرمست ۽ بيدل. تن جي ڪافين ۽ بيتن سنڌي  ٻولي کي جادو بنائي ڇڏيو. سنڌي ساز به سادا آھن يڪتارو، گهڙو، سرندو ۽ نڙ. جن جو آواز شهري مجلسن کان وٺي ماروئڙن جي ماڳن ۽ پنوھارن جي پکن تائين ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. سکر جي اوائلي راڳيندڙن مان شاه دوران پٺاڻ، ڀائي چيلو، مٺو مارواڙي ۽ رحمون جان جا نالا ياد اچن ٿا. اھي جتي به ڳائيندا ھئا، ماڻهن جا ھشام لڳي ويندا ھئا. خوشحالي جو دور ھو. ھر ماه پهرين سومر يا ھفتي جي يارهين تاريخ ڏينهن رات اوليائن جي خانقاھن تي ملاکڙا لڳلندا ھئا. ڳائيندڙن لاءِ عوام کي عزت ھئي. رحمون جان قداور پارسي ڪمپني جي ناٽڪ سان بمبئي کان سکر پهتي، ھتي جي آب و ھوا اھڙو کيس موافق لڳي جو سکر جي مٽيءَ ۾ پيوند ٿي ويئي. شيرين فرھاد جي ڊرامي ۾ شيرين جو پارٽ ادا ڪندي ھئي. سندس نقرئي آواز پري تائين پهچندو ھو. مطلب ته ڪلڪتي ۾ گوھر جان ۽ سکر ۾ رحمون جان مشهور ھيون. رحمون جان جا رڪارڊ ھر ھنڌ وڄندا ھئا. ھوءَ سنڌي ۾ ڪافيون به چوندي ھئي ۽ وڏن ماڻهن جي مجلسن ۾ ڳائيندي ھئي. عمر جي آخري منزل تي پهچڻ وقت گداگري گذر سفر لاءِ ڪندي هئي ۽ شهري کيس جهجهو ڏيندا هئا. شاه دوران باگڙجي جي پٺاڻ مان مشهور راڳيندڙ ھو.

مٺو مارواڙي ميلن تي ڪافيون چوندو ھو. عبدالرحمان ھندوستاني به پهريان ناٽڪن ۾ ائڪٽر ھو، پوءِ خوشيءَ جي موقعن ۽ مجلسن ۾ ڳائيندو ۽ نچندو ھو. سکر جا اھي اوائلي راڳيندڙ ھئا. گرامو فون نڪرڻ کان پوءِ راڳيندڙن جي ڪاروبار ۾ رخنو پئجي ويو. جن مجلسن کي راڳيندڙ گرمائيندا ھئا، اتي سندس مسند گراموفون والاري ورتي. ھندو ھر سال ھوليءَ جي ڏڻ تي پنڊت نارائڻ راءُ وياس، پٽورڌن، اومڪرناٿ، وسنت راءُ، عاشق علي خان، ڀائي لال ۽ سينڌو خان کي راڳ لاءِ گهرائيندا ھئا. سائين بچل شاهه جي ميلي تي ھر سال پنجاب جون رقاصائون اچي ناچ ۽ راڳ ڪنديون ھيون. ميلو ڌوم ڌام سان لڳندو ھو. سکر جي معصومي ساداتن مان ماسٽر منور علي شاه کي راڳ سان بيحد دلچسپي ھئي، جنهن کي عاشق علي پٽيالا واري ٽي سال وٽس رھي تعليم ڏني ھئي. شاه صاحب ھر سال برصغير جي استادن مان جهڙوڪ: عبدالوحيد خان، مبارڪ علي خان، مراد علي خان ۽ ٻين راڳيندڙ کي سکر ۾ گهرائي تعليم وٺندو رھيو. نتيجي طور منور علي شاه پاڻ استاد بنجي ويو. ھڪ لڱا سکر پراڻي ۾ برصغير جي چوٽيءَ جي راڳيندڙن راڳ جي مجلس ۾ حاضري ڏني ھئي، راڳ ھندن جي ڌرم جو جزو آھي. سکر جا ھندو ھر سال ڏڻن تي راڳيندڙن کي گهرائي راڳ ڪرائيندا ھئا. بندر تي نواب جو ڪارخانو، جو ان وقت ميونسپل مڊل اسڪول ھو. ان جي ڪمپائونڊ ۾ اھڙيون مجلسون برپا ٿينديون ھيون. دسهڙي جي موقعي تي شهر جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رام ليلا جا ڊراما ٿيندا ھئا. اڳ ناٽڪن ۾ زنانو پارٽ ڇوڪرا ادا ڪندا ھئا، پر ويهين صدي جي 27 سالن گذرڻ بعد جڏھن فلمي ھنر ترقي ڪئي ته فلمن ۾ عورتون حصو وٺڻ لڳيون ۽ اسٽيج تي طبقه نسوان قبضو ڪيو. تقسيم ھند کان پوءِ راڳ جي ھنر اڳي کان وڌيڪ ترقي ڪئي. علمي ادارن ۾ ڇوڪرين کي راڳ جي تعليم ملڻ لڳي. ادبي مجلسن توڙي ريڊيو جي مجلسن ۾ زالون حصو وٺڻ لڳيون. سکر لطيف ايڪيڊمي 1957ع ۾ ادبي ڪانفرنس منعقد ڪرائي، جنهن ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي راڳيندڙ ھنرمندن حصو ورتو. 1960ع ۾ تهذيبي مجلس ضلع ائسوسيئشن جي زير نگراني فيبروري ۽ نومبر ۾ ٻه ترنم زير مجلسون منعقد ٿيون. پهرين راڳ جي مجلس ۾ روشن آرا، مختار بيگم بنگالي راڳيندڙ خاتون حصو ورتو ۽ فلمي ستاره اقبال بانو سامعين کي ناچ سان خوش ڪيو. ٻي اجلاس ۾ ته چوٽيءَ جي آرٽسٽ جي حصي وٺڻ ڪري المهران جو اسٽيج پوري موج ۾ اچي ويو، جڏھن طوفان زده جي فنڊ گڏ ڪرڻ لاءِ ھن مجلس ۾ ”رائل ايرانين ايڪيڊمي“ جي آرٽسٽن حصو ورتو. 

تقسيم کان اڳ سکر جا ٻه سازنده مينگهراج جاجڪ ۽ پيسومل مشهور طبلچي ھئا. سارنگي نوازن ۾ صالح محمد ۽ حاجي مشهور ھئا. لالو نوناري ۽ پٽس الله ڏنو ۽ انور جان راڳ ڪري مشهور ھئا. منور علي شاه ريڊيو سنگر آھي ۽ سندس شاگردن مان عصمت بانو ۽ رسول بخش ڀٽ جو مستقبل شاندار نظر اچي ٿو. پاڪستان اسلامي جمهوريه بنجڻ لاءِ ڪوشان آھي، ڏسجي ته اسلامي جمهوريه بنجڻ کان پوءِ اُٺ ڪهڙو ٿو پاسو بدلائي.

 

ھوائي ميدان

1894ع ۾ آدم شاه جي مقبره پريان ھڪ انگريز دوشيزه گئس سان ڀريل غبارن وسيلي اڏامي ھئي ۽ ريلوي ورڪشاپ جي مزورن کان چندو اڳاڙيو ويو ھو. آسمان ھيٺان پهچڻ کان پوءِ ڇوڪري غباره کي ڇڏي ڇٽيءَ ذريعي ھيٺ پهتي ھئي. ان کان پوءِ ھوائي جهازن جو سکر ۾ پهريون ميدان انگريزي دور ۾ نئين ڳوٺ جي قبرستان پٺيان تعمير ڪرايو ويو. مگر اُن ھنڌ جي زمين ڪلراٺي ھئي ۽ انگريزن ٺيڪيدار پورو ڪم ڪو نه ڪرايو ھو جنهنڪري مينهن وٺي کان پوءِ ڪلر اُڀامي پوندو ھو. ھوائي جهازن جي سهوليت لاءِ آدم شاه جي مقبره جي ڀر ۾ سرچ لائيٽ جي بتي کوڙي ويئي جا رات جو گول چڪر ھڻندي ھئي. ھڪ لڱا مينهن وسڻ کان پوءِ ھڪڙو ھوائي جهاز ميدان تي لٿو پر جهاز ڪلر ۾ گپي پيو.  جهاز جي عملي ھزار حيلا ڪيا پر جهاز نڪري نه سگهيو، لاچار جهاز چڏي ھليا ويا، جڏھن زمين خشڪ ٿي تڏھن جهاز ڪڍي ويا، انهيءَ واقعي کان پوءِ ھي ميدان بند ڪيو ويو باقي سرچ لائيٽ جو ٿنڀو گهڻائي ڏينهن لڳل ھو[3].

 

نئون ھوائي ميدان

قيام پاڪستان کان پوءِ سکر کان ٽن چئن ميلن جي فاصلي تي آرائين ڳوٺ لڳ پڪي زمين تي حڪومت پاڪستان تعمير ڪرايو، جنهن جو رستو شڪارپور سان ڳنڍيل آھي، انهيءَ ميدان کي وڌايو ويندو ڇاڪاڻ ته ھن ميدان کي ھوائي سروس جي آمد ورفت لاءِ اسٽيشن بنايو ويندو ۽ اھڙو منصوبو حڪومت جي زير ويچار آھي.

 

1947ع کان اڳ سکر جون ھندو سياسي جماعتون ڪانگريس ڪاميٽي

ھن ڪاميٽيءَ جو بنياد ھندن 1905ع ۾ رکيو ھو ۽ 1908ع ۾ پهريون سوديشي ڪپڙي جو دوڪان فريئر روڊ تي کوليو ويو، جنهن جي بورڊ تي ”بندي ماترم“ لکيل ھو، انڊين نيشنل ڪانگريس جو مول متو ھو، هندستان ۾ رام راڄ قائم ڪيو وڃي ۽ ھندو پاڻ کي برصغير ۾ برتر تصور ڪرڻ لڳا. تقسيم کان اڳ ھن ڪاميٽيءَ جو صدر مسٽر چوئٿرام وليڇا ھو، جو ڪٽر ڪانگريسي ھو ۽ سيڪريٽري  مهاشيه گوپالداس ھو. ھي منظم جماعت ھئي.

 

ھندو مهاسڀا

1933ع ۾ برپا ٿي. مسٽر ويرو مل بيگراج ايڊيٽر روزانه سنڌي مهاسڀا جو پرڌان ھو ۽ مهاشيه گوپالداس گدومل پرچار منتري ھو. مهاسڀائي سورما جڏھن ٻاھر نڪرندا ھئا ته ”جئي گنگي“ جا نعرا ھڻندا ھئا.

 

ھندو وديارٿي منڊل

سيٺ لئومل راڌاڪشنداس ھندو اسڪولي شاگردن جي سياسي بيداريءَ لاءِ 1932ع ۾ قائم ڪئي، اھڙي مقصد لاءِ شهر جي ھر ڪنڊ ۽ ڳليءَ ۾ لائبرريون قائم ڪيون ويون.

 

ھندو نوجوان سڀا

1935ع ۾ مهاشيه لال چند آريا سماج پرچار ڪرڻ لاءِ قائم ڪئي ھئي. ھي سڀا ”ھندو يووڪ سڀا ناگپور“ جي ھڪ شاخ ھئي، جنهن جو مددگار ڊاڪٽر مونجي ھو.

 

فارورڊ بلاڪ

ھي ڪاميٽي 1939ع ۾ ڪانگريس ھل چل کي زور وٺائڻ لاءِ قائم ڪئي ويئي، جنهن جو تعلق بابو سباش چندربوس بنگالي سان ھو. ڊاڪٽر پرسرام ڀوڄراڄ بلاڪ جو صدر ھو.

ڀارت ايڪتا منڊل

سوديشي شين جي وڪري کي زور وٺرائڻ لاءِ 1938ع ۾ قائم ڪئي ويئي. مهاشيه ماڌو داس منڊل جو مکيه ڪارڪن ھو، ھندن وٽ جيڪي به منڊل، سڀائون ۽ ڪاميٽيون ھيون، تن وٽ پروپئگنڊا ڪرڻ لاءِ اشتهار، جهنڊا، بئندون، لائوڊ اسپيڪر ۽ اخبارون ھيون، انهن جو پاڙون دکن، باگپور، ڪلڪتي، سابرمتي ۽ پرياگ (الله آباد) جي انند ڀوم سان گڏيل ھيون. وٽن خرچ پکي جي حساب ڪتاب رکڻ لاءِ باقائدي رجسٽر ھئا.

 

مسلمانن جون سياسي جماعتون

مجلس احرام

1934ع ۾ ڊاڪٽر شيخ محمد عمر سماج ورڪر برپا ڪئي، سندس معاون مرزا عبدالغفور ھو. ڏھن سالن کان پوءِ مسلم ليگ ان جو خاتمو ڪيو.

 

انجمن اتحادِ ملت

ھندو مسلم اتحاد لاءِ قائم ڪئي ويئي، پر 1928ع ۾ مسئله منزلگاه اُن جون ڌڄيون اڏائي ڇڏيون، يعني ته ھڪ سال به جٽاءَ ڪري نه سگهي، انجمن اسلام به ساڻس شريڪ ھئي.

 

خاڪسار تحريڪ

شروعات ۾ چپ، راست جون شهرن ۾ پريڊون ڪيون ويون. ليڪن سکر ۾ سواءِ ايڪڙ ٻيڪڙ جي ھن شهر ۾ ان جو ھنگامو سرد رھيو.

مسلم ليگ

خلافت تحريڪ جا 1914ع ۾ پهرين عالمگير جنگ ۾ جيڪا مقبوليت حاصل ڪئي، سا 1923ع ۾ ڪمزور ٿي ويئي. مسلم ليگ پراڻي جماعت جنهن 1906ع ۾ جنم ورتو ھو. پهريان دولتمندن جي تفريح طبع لاءِ مشغلو ھو پر پوءِ قائد اعظم جي رهنمائي ھيٺ مکيه پارٽ ادا ڪيو، سکر ۾ 1938ع ۾ مسٽر احمد علي عليگ ان جو صدر ھو، 23 مارچ 1940ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ ڪانفرنس جي لاھور واري اجلاس جي موقعي تي قائد اعظم محمد علي جناح پاڪستان جي آزادي جو اعلان ڪيو.  1938ع ۾ سکر جي ليوڪس پارڪ ۾ مسلم ليگ جو پهريون اجلاس منعقد ٿيو. ان سال کان پوءِ مسلم ليگ مکيه سياسي جماعت بنجي ويئي، سندس مقبوليت ۾ اضافو ٿيندو ويو.

 

جميعت اسلامي

جميعت اسلام سکر ۾ سياسي جماعت کڙي ڪئي ويئي، توڙي جو مٿس حڪومت بندش وڌي ھئي پر ھر سال جميعت جي ساليانه اجلاسن سنڌ ۽ پنجاب تائين بيداريءَ جي پيغام کي بلند ڪيو، مسلمانن وٽ پروپئگنڊا لاءِ نه دهل ھئا نه شرنايون نه وري چندن جا باقائده رجسٽر، الله جي سڏ تي مٿن سان ڪفن ٻڌي ميدان ۾ نڪرڻ سندن ايمان ھو. منجهان فائدو فقط مسلمانن جي سياسي ليڊرن پرايو جيڪي پنهنجي مفاد لاءِ وقت جا پورا فرعون ثابت ٿيا.


 [1] ڪريم بخش خالد:  سنڌي صحافت 142 143

[2] شيخ عبدالرزاق راز:  سکر قديم ۽ جديد ص 68 70 انقلاب پريس سکر 1962ع.

[3] نوٽ: ھندوستان ۾ 1913ع ۾ اله آباد ڪانگريس جي ساليانه ڪانفرنس جي موقعي تي انگريزن پهريون دفعو ھوائي جهاز آندو ھو، سکر ۾ ھوائي اڏو بئراج کلڻ کا پوءِ چالو ٿيو ھو، پاڪستان کان پوءِ آرائين جو اڏو ٺهيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org