مستري روڙو
سکر بندر گاڏي حاطي ۾ مستري روڙي پنجابي جو لوهارڪو دڪان هو،
دڪان چڱو رنگ ڄمايو، روڙو صاحب محنت ڪري دولتمند
بنجي ويو ۽ خير خيرات چڱي ڪندو هو، محتاجن ۽
درويشن کي ڪو نه موٽائيندو هو. گاڏي حاطي ۾ سندس
جوڙايل مسجد نه مٽجندڙ يادگار آهي. سندس پويان
ٺيڪيدار آهن، سکر جا ڪاسائي جلندري آهن.
قاضي
قاضي سومر
سردار علي شاهه جي ڪارخاني لڳ مرحوم قاضي سومر جون جايون آهن،
لئنڊلارڊ هو.
قاضي غلام دستگير
قاضي غلام دستگير ولد قاضي سومر گهڻن سالن تائين سکر ميونسپالٽي
جو ڪائونسلر ۽ سينيٽري ڪاميٽي جو ميمبر هو،
لئنڊلارڊ هو.
قاضي عبدالخالق
قاضي عبدالخالق صاحب روهڙي جي قاضين جو فرد سکر جو مجذوب پهريان روهڙي ۾ رمضان ٽيلر ماسٽر وٽ درزڪو ڪم سکندو هو. سندس
والد پوسٽ ماسٽر هو، جنهن هن کي پڙهائڻ جي گهڻي
ڪوشش ڪئي پر عبدالخالق پاڻ کي پچائڻ جي ڪوشش ڪئي.
هڪ دفعي ڪو درويش روهڙي شهر ۾ آيو، استاد رمضان ۽
سندس شاگرد عبدالخالق ٻئي درويش جا مريد ٿيا. قاضي
صاحب دڪان ڇڏي وعظ واري مسجد روهڙي جي ڀر ۾ وڃي
ويٺو. جڏهن اهو هنڌ ناڙا ڇوڙ ۽ رفع حاجت سان ڀري
ڇڏيائين ۽ ماڻهن سندس ڌيان ڇڪايو، تڏهن اتان اٿي
عيدگاهه واري ٽڪريءَ تي قاضين جي قبرستان ۾ وڃي
ويٺو، جڏهن اهو هنڌ به ڀري ڇڏيائين، تڏهن سکر
وڪٽوريا مارڪيٽ جي ڏکڻ پاسي واري ديوار ٻاهريان
چمنداس حلوائي جي دڪان جي سامهون ديوار کي ٽيڪ
ڏيئي ويٺو، ڪجهه وقت کان پوءِ مارڪيٽ جي شربت وارن
اڳيان ناليءَ تي وڃي ويٺو. بعد ۾ غريب آباد سڪي
تلاءُ ۾، جتي شهر جو ڪچرو اڇلائيندا هئا، اتي
ويٺو. آخر وزير نالي هڪ ناڙي وال قاضي صاحب کي کڻي
هڪ چوديواري ۾ بند ڪيو جتي ماڻهو مجذوب کي ڏسڻ
ايندا هئا ۽ وزير جي روزي کلي وئي، قاضي صاحب
هينئر سفيد ريش پنهنجي آستاني ۾ رهي ٿو ۽ مٿانس
ماڻهن جو هر وقت هجوم رهي ٿو.
مڪراني
سکر جا مڪراني بلوچ شيخ شينهن جي قبرستان پٺيان مڪراني محلي ۾
رهن ٿا ۽ پنهنجون بلڊنگون اٿن، 1908ع ۾ پشم جي
ڌنڌي ۽ واپار ڪرڻ جي ارادي سان سکر اچي ويٺا. اهي
اڪثرت هوت، لاشاري، درزاده ۽ نقيب ذاتين مان آهن.
1947ع ۾ هندن جي لڏپلاڻ ڪري سندن ڌنڌي ۽ واپار کي
نقصان پهتو.
سيٺ داد محمد خان
سندس ڀاءُ سيٺ رحمت خان ولد خالق داد خان لاشاري لکا پتي سيٺيون
هئا، وٽن پشم جا ڪارخانا هئا، جن ۾ مزور مرد ۽
عورتون ڪم ڪندا هئا. 1947ع تائين ڪارخانا قائم
رهيا.
جمعدار
جمعدار داد محمد کي شڪارپوري روڊ تي هوٽل ۽ بلڊنگ هئي، 1937ع ۾
وفات ڪيائين، پٽس علي محمد خان ڪراچي ۾ پشم جو
ڌنڌو ڪري ٿو. جمعدار محمد، جمعدار الياس، جمعدار
محمد عيسيٰ ولد فيروز شاهه پشم جو ڌنڌو ڪندا هئا.
مولوي احمد
مولوي احمد ۽ سندس ڀاءُ منشي جان محمد ۽ ڪي ٻيا عالم، فاضل ۽
پرهيزگار هئا، مولوي احمد ۽ جان محمد جو والد محمد
بيت الله خان هو، بندر تي مڪرانين جي مسجد سکر جي
مشهور مسجدن مان آهي، جنهن جو خرچ محلي وارن
مڪرانين جي چندي سان هلي ٿو. مولوي احمد جو قرآني
تعليم جو جيد عالم ۽ مفسر پيش امام هو، هينئر
سندس ناٺي مولوي خير محمد ولد جان محمد پيش امام
۽ مسجد جي نگراني ڪري ٿو. ڪي موٽر ڊرائيوري ۽ ڪي
مزوري ڪن ٿا.
ڀٽي
حافظ عبدالحميد
ڀٽي راجپوت چند رونسي ڪل مان آهن، جيسلمير جي راولن جي دعويٰ آهي ته ڀاٽي سري ڪرشن جو اولاد آهن. وري جيڪي مسلمان ٿيا، سي
ڀٽي سڏجڻ لڳا. حافظ جان محمد بزرگ عالم هو جنهن
المنار سکر مان شايع ڪئي ۽ مدرسو قائم ڪيو. سنڌ ۾
چوڻي آهي ته:
”سنڌ سمو، ڪاڇو چنو، ڀٽي جيسلمير“ حافظ عبدالحميد ولد حافظ جان
محمد، فاضل جامعه عربيه ٺيڙهي ايڊيٽر هفتيوار
المنار ۽ مالڪ محموديه پريس اصل اروڙ جو رهاڪو هو،
سکر جو جهونو صحافي ۽ قومي خدمتگار خلافت جي زماني
کان خدمت ڪندو اچي ٿو. مسجد منزلگاهه واري سوال تي
ٻين مجاهدن سان جيل ڪاٽيو هئائين. حافظ سکر جو وڏو
واپاري ۽ ڪتب فروشي به ڪري ٿو. سندس پٽ مسٽر رشيد
ڀٽي ايڊووڪيٽ مزاحيه ناول نويس ۽ سنڌ جو اديب آهي.
هن وقت سکر جي اخبارن مان ”المنار“ سڀني کان جهوني
آهي.
مولوي دين محمد وفائي
سکر جي علمائن بلڪ سنڌ جي علمائن ۾ مولوي دين محمد وفائي جو
نالو مشهور آهي. سکر جو هي شهر واسي وڏو اديب،
محقق، محدث، مفسر ۽ بي مثل صحافي ۽ سياستدان ٿي
گذريو آهي. مولانا دين محمد صاحب 27 رمضان 1311 هه
۾ پنهنجي اباڻي ڳوٺ نبي آباد تعلقي ڳڙهي ياسين ۾
ڄائو. سندس والد جو نالو خليفو گل محمد هو جو ذات
جو ڀٽي هو. ابتدائي تعليم مولوي صاحب والد وٽ
پرائي، اڃا 9 ورهين جو مس ٿيو ته پيءُ جو سايو سر
تان کڄي ويس. پر مادر مشفقه جي ڪوشش سان تعليم کي
جاري رکندو آيو. پارسيءَ جي رهيل تعليم پنهنجي
عزيز ميان محمد عالم وٽ پوري ڪيائين ۽ عربي تعليم
واسطي مولانا فيض عالم جتوئي وٽ ڳوٺ سوني جتوئي
تعلقه لاڙڪاڻي ۾ پنجن سالن تائين شاگرد رهيو،
پهريان 19 ورهين جي عمر ۾ ڪراچي مدرسي ۾ تعليم
ڏيندا رهيا. انهيءَ وچ ۾ کيس مخدوم حاجي حسن الله
پاٽائي جي صحبت مان بيحد فيض حاصل ٿيو. مولانا
وفائي جي علمي شهرت کان سنڌ واقف ٿي سندس پهرين
اهليه وفات ڪئي. 1914ع ۾ ڪراچي ڇڏي راڻي پور جي
جيلاني صاحبزادن جي تعليم ڏيڻ تي مامور ٿيو. 1916ع
۾ راڻي پور ڇڏي سکر پهتو ۽ ٻي شادي ڪيائين، جنهن
مان اولاد ٿيس. بعد ۾ ٺلاه شريف پهتو، جتي حاجي
سيد امام الدين شاهه راشدي جي فرزندن کي تعليم ڏيڻ
لڳو. انهيءَ زماني ۾ قدوت العارفين پير سيد محمد
رشد الله جهنڊي واري کان فيض پرايائين. خلافت
تحريڪ شروع ٿيڻ سان مولانا ٺلاه شريف مان نڪري سکر
جي اخبار الحق ۾ انگريزن خلاف پروپئگنڊا شروع ڪئي،
ڇو ته انگريزن ترڪن خلاف هڪ رسالو ڀاڙيتو ملن کان
لکرائي مولوي عبدالحق حقاني دهلوي کان شريف حسين
جي فائدي ۾ صحيحون وٺي مهر هڻائي هئي. انهيءَ
رسالي جو نالو ”تحقيق الخلافت“ هو. جنهن جي رد ۾
صدر جميعت العلماء سنڌ مولانا تاج محمد صاحب
امروٽي، مولوي وفائي صاحب کان رسالو ”اظهار
الڪرامت“ لکرائي مارچ 1920ع لاڙڪاڻي جي خلافت
ڪانفرنس ۾ مفت ورهايو. هن ڪانفرنس ۾ مولانا ابو
الڪلام، مولانا عبدالباري لکنوي ۽ مولانا شوڪت علي
شريڪ ٿيا هئا. اظهار الڪرامت شريف حسين جا وکا
پڌرا ڪري ڇڏيا. هن تحريڪ ۾ مولانا کي جميعت
العلماء جو ناظم مقرر ڪري ڪراچي ۾ رکيو ويو.
انهيءَ دور ۾ سنڌي صحافت وجود ۾ آئي ۽ هن ڏس ۾ سکر
صوبه سنڌ ۾ پهريون شهر هو، جنهن ۾ مسلمانن جون ٻه
روزانه اخبارون نڪرنديون هيون. راڻي پور واري
زماني ۾ وفائي صاحب قاديانين جي رد ۾ ماهوار رسالو
”صحيفه قادري“ جاري ڪيو هو ۽ ٺلاه واري زماني ۾
”لليڪاشفي“ جاري ڪيو، جنهن جو سرپرست پير سيد
عبدالغفار راشدي هو. مارچ 1920ع ۾ سيٺ عبدالله
هارون ڪراچي مان روزانه ”الوحيد“ اخبار جاري ڪري
وفائي صاحب کي ايڊيٽر مقرر ڪيو. 1923ع ۾ مولانا هڪ
ماهوار ادبي، مذهبي ۽ تاريخي رسالو ”توحيد“ جاري
ڪيو. 1936ع ۾ سنڌ بمبئي کان آزاد ٿي هن موقعي تي
مولانا الوحيد جو اسپيشل نمبر شايع ڪيو جو سندس
علمي لياقت جو ثبوت آهي. اهڙو نمبر اڳ سنڌ ۾ ڪو نه
شايع ٿيو هو. 1927ع مولانا وفائي پير سيد حزب لله
شاه جي سرپرستي هيٺ سکر مان اخبار ”الحزب“ جاري
ڪئي. 1939ع ۾ مولانا عبيدالله سنڌي ،سنڌ ۾
”عبدالاهي“ تحريڪ شروع ڪئي.مولانا وفائي هن تحريڪ
جو ڪارڪن ٿي رهيو.مٿئين تحريڪ سان ايتري قدر
والهانه محبت هئس، جو 1943ع ۾ لاڳتين 23 سالن جي
رشتن کي ٽوڙڻو پيس. ڪجهه وقت روزانه آزاد ڪراچي جو
ايڊيٽر ٿي رهيو.
تصنيفات
مولانا وفائي هونءَ ته زندگيءَ جو وڏو عرصو اخباري دنيا ۾ صرف
ڪيو. ان هوندي به سندس تصنيفات جي فهرست هن طرح
آهي:
(1) تاريخ محمد مصطفيٰ (2) فاروق اعظم (3) صديق اڪبر (4) سيرت
عثمان (5) حيدرِڪرار (6) خاتون جنت (7)غوث اعظم
(8) نومسلم هندو راڻيون (9) راحت الروح تذڪره
مخدوم نوح هالائي (10) توحيد اسلام ترجمو تقويت
ايمان (11) اعتقاد صحيح (مذهب اهلِ حديث ) (12)
مقصد زندگي (فلسفهء علم نفس) (13) الختم علي فم
الخصم (رد- قادياني) (14) لاجواب تحرير (15) قرآني
صداقت (16) هندو ڌرم ۽ قرباني (رد- آريا هنود)
(17) العالم الباري ترجمه تجريد بخاري 5 جلد (18)
ترجمه فتح الغيب (تصوفِ نامڪمل) (19) تذڪره مشاهير
سنڌ (20) اظهار الڪرامت (21) شاهه جي رساله جو
مطالع (22) لطف لطيف. مولانا وفائي شاعري تي چڱو
عبور رکندڙ هو.
1942ع ۾ سنڌ سرڪار سنڌي ٻولي جي واڌاري ۽ ادبي ترقي لاءِ جيڪو
سنڌي ادبي بورڊ قائم ڪيو، تنهن جو ميمبر مقرر ڪيو
ويو. 22 جمادي الاخر 1369 هه مطابق 11 اپريل 1950ع
۾ مولانا دين محمد وفات ڪئي ۽ شهيد آدم شاهه جي
قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو. راقم سان گهرا تعلقات
هئس. دين محمد وفائي صاحب جا ٻه پٽ وڏو شفيع محمد
آبڪاري کاتي ۾ انسپيڪٽر آهي ۽ ننڍو علي نواز وفائي
ڪجهه وقت ڪراچي مان توحيد کي جاري ڪيو ۽ بعد ۾
هفتيوار آزاد ڪراچي مان جاري ڪيائين جا هن وقت به
جاري آهي، جنهن ادبي ادارن ۾ چڱي خوشبو پيدا ڪئي
آهي.
چنيوٽي خواجه
سکر جا چنيوٽي شيخ زاده خواجا ”مگو“ ڪُل جا کتري آهن، جيڪي چمڙي
جي واپار سانگي اسٽيشن روڊ تي سکر جي شهر واسين
کان زمينون خريد ڪري بلڊنگون جوڙائي چمڙي جو واپار
ڪن ٿا. سمورا تعليم يافته ۽ مخير واپاري آهن،
چنيوٽ جي سر زمين هونءَ به نيڪ نامن جي ڪري مشهور
آهي، چنانچه حڪيم عليم الدين انصاري جو نواب وزير
خان جي لقب سان تاريخي شخصيت آهي، ٻيو علامي سعد
الله خان جو نواب وزير خان جي لقب سان تاريخن ۾
مشهور آهي، لاهور جي مسجد وزير خان ۽ وزير آباد
سندس جوڙايل يادگارون آهن، سندس تعريف ماثر الامرا
۾ ڏنل آهي. چنيوٽي شيخ رازدن سيٺين مان سيٺ چراغ
الدين ۽ سيٺ امير الدين پاڻ ۾ پڦاٽ ۽ ماروٽ هئا.
سندن مورث اعليٰ ميان سلطان کي مهاراجا رنجيت
سنگهه جي درٻار ۾ وڏي رسائي هئي. خالصا راڄ ۾
چنيوٽ ضلع شيخوپوره ۾ هو ۽ هينئر ضلع جهنگ ۾ آهي.
ميان سلطان کي خالصا درٻار مان جيڪي جاگيرون مليون
هيون سي سندس پوين وٽ اڄ تائين موجود آهن، جن جي
قيمت لکين روپين جيتري آهي ۽ اڄ مملڪت پاڪستان جي
اقتصاديات ۾ سٺ في سيڪڙو چنيوٽين جو حصو آهي.
چنيوٽي خواجا پنهنجو کاتي ناگري خط ۾ رکن ٿا.
سيٺ چراغ الدين
الحاج سيٺ چراغ الدين صاحب جو واپار اعليٰ پيمانه تي هلندو هو ۽
ميونسپل ڪائونسلر ۽ آنرري مئجسٽريٽ به هو. پراڻي
وضع قطع جو بزرگ هو. نهايت مخير ۽ معقول شخص هو.
سيٺ امير الدين
الحاج سيٺ امير الدين صاحب به ميونسپل ڪائونسلر هو ۽ 1936ع ۾
ميونسپل جي فيصلي موجب وڪٽوريا مارڪيٽ کان وٺي لوڻ
گدام تائين ويندڙ رستي تي حاجي امير الدين روڊ
نالو رکيو ويو هو. سيٺ صاحب قرآن جو حافظ ۽ پابند
صوم صلوات هو، سڄي عمر فوٽو ڪو نه ڪڍايائين. 1955ع
۾ وفات ڪيائين. سندس پٽ محمد رفيق صاحب پنهنجي
پيءُ جي ڌنڌي کي سنڀاليندڙ آهي.
محمد صديق
حافظ محمد صديق صاحب سکر جو سماجي ورڪر آهي. ڪيترا سال سکر
عيدگاهه جي انتظام کي سنڀاليندو رهيو. اڄ به قومي
خدمت ڪرڻ سندس شيوه آهي. پاڪستان جي قيام کان پوءِ
ميونسپل ڪائونسلر رهيو.
سيٺ محمد الدين
مٿين سيٺين کان سواءِ چنيوٽي سيٺين مان سيٺ فضل احمد صاحب،سيٺ
محمد دين صاحب ۽ سيٺ نور حسين جا نالا به ناقابل
فراموش آهن. نوجوان چنيوٽين خواجه لائبرري قائم
ڪئي. 1930ع ۾ سکر جي هندو – مسلم فساد وقت ڪيترن
هندن چنيوٽي سيٺين وٽ پناهه ورتي هئي. اهي مخير
سيٺيون وقت بوقت شهر واسي مسلمانن کي مدد ڪندا
رهيا. 1939ع ۾ مسجد منزگاهه واري موقعي تي جڏهن
مسلمانن عيدگاهه کي مورچو ٺاهي ستياگره ڪرڻ لاءِ
دستا موڪلڻ لڳا، تڏهن چنيوٽي سيٺين مجاهدن جي
خوردنوش لاءِ دل کولي چندا ڏنا هئا.
منگي
منگي عرب آهن ۽ بنو تميم قبيلي مان آهن. محمد بن قاسم جي لشڪر
سان سنڌ ۾ پهتا. وري جڏهن سلطان محمود غزنوي 1025ع
۾ سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ عربن کي سنڌ مان نيڪالي ڏني
تڏهن پيشه ور عربن پنهنجا ڌنڌا شروع ڪيا. منگي
جراح هئا. اڄ ڪلهه ولايت پاس ڪيل جراحن ۽ ڊاڪٽر کي
فئشن ايبل نالي سان سرجن ۽ فزيشن سڏين ٿا. حالانڪ
منگين جو به ساڳيو ڌنڌو هو. فرق اهو جو ڊگري يافته
جراحن وانگي ڪوٽ سوٽ ڪو نه پائيندا هئا.
محمد اسحاق
الحاج محمد اسحاق منگي اصل شڪارپور جو رهاڪو هو. 1883ع ۾ سکر
ضلع جو هيڊ ڪوارٽر ٿيو ته گورا عملدار سکر آيا،
تنهنڪري محمد اسحاق صاحب کي پنهنجي ڌنڌي سکر ڇڪي
آندو. گورن جي سنوارت ڪرڻ مان کيس ڪافي آمدني هئي.
ميان محمد اسحاق جهوني وضع تي پابند هو، پر پنهنجن
پٽن کي تعليم ڏيارڻ لڳو.
عبدالرشيد
ميان عبدالرشيد ولد اسحاق، پوليس کاتي ۾ اڪائونٽنٽ جي عهدي تان
رٽائرڊ ٿيو ۽ سول اسپتال سکر لڳ ڪنڀار واڙي ۾
بنگلو تعمير ڪيائين. اڄ ڪلهه شڪارپور ۾ رهي ٿو.
سندس پٽ پوليس کاتي ۾ عهدن تي آهن.
عبدالحق
عبدالحق خان صاحب ولد محمد اسحاق منگي پوليس کاتي ۾ ملازمت
اختيار ڪري ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ جي عهدي تان رٽائرڊ
ڪيائين.
محمد حنيف
محمد حنيف صاحب منگي سکر ۾ وڪالت ڪري ٿو ۽ سکن جي گردواري وٽ
پنهنجون جايون اٿس.
صالح محمد
الحاج صالح محمد صاحب منگي غريب آباد ۾ جراحي جو پيش ڪري ٿو ۽
فنِ جراحت ۾ مڃيل استاد آهي. اسپتالن مان نا اُميد
ٿيل ڦٽن ڦرڙين واري پري کان وٽس اچيو شفا حاصل ڪن
ٿا. ميان صالح محمد پابند صوم ۽ صلوات آهي. سکر
شهر جا وڏا ماڻهو پنهنجن ڇوڪرن جو کانئس ختنو
ڪرائين ٿا.
گل حسن
الحاج گل حسن منگي صاحب سکر ضلع مان چونڊيل صوبائي ڪائونسل جو
ميمبر ۽ پنهنجي خلق ۽ اخلاص ڪري لاهور اسيمبلي ۾
سنڌين جي حقن لاءِ پوري طرح مطالبا ڪري فرض ادا
ڪري ٿو. هن صاحب لاڙڪاڻي ضلع مان لڏي پنهنجي ڀاءُ
علي حسن منگي سان گڏ سکر ۾ رهائش اختيار ڪئي.
مهر
امير بخش
خان صاحب امير بخش خان مهر زميندار ۽ سکر جي سماجي ورڪرن ۾ شمار
ٿئي ٿو ۽ گهڻين ئي ڪاميٽين جو ميمبر آهي، خوش خلق
۽ ملنسار آهي. مير محمد خان سکر ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي
رهيو ۽ وفات ڪري ويو. سندس ڀاءُ پير بخش خان ليوڪس
پارڪ جي سامهون ٽڪري تي رهندو هو. اڳ وڪالت ڪندو
هو. هينئر زمينون سنڀاليندو آهي.
عبدالرسول خان
عبدالرسول خان بيراج ڪالوني ۾ رهندو آهي، وڏو زميندار ۽ اثر
رسوخ وارو ماڻهو آهي.
ايراني
پير صبغت الله
پير صبغت الله صاحب ايران جو مڃيل عالم ۽ مريدن وارو آهي،
پهريان سکر بندر تي رهندو هو ۽ احياء دين جي تبليغ
ڪندو رهيو سردار محمد علي خان محمد زئي پوليٽيڪل
پينشنر ۽ زميندار جي دختر نيڪ اختر سان شادي
ڪيائين، پر پوءِ انگريزي حڪومت هن بزرگ کي جاسوسي
جي شڪ ۾ فيض آباد (يو – پي) ڏانهن جلاوطن ڪيو.
قيام پاڪستان کان پوءِ موٽي سنڌ ڏانهن آيو ۽
حيدرآباد رهي ٿو. سردار محمد علي خان جي ٻارن جي
تعليم ۽ ميرپور ماٿيلي واريون زمينون سنڀالي ٿو.
سندس خطبن ۾ تاثير آهي.
عبدالرزاق
عبدالرزاق غفوري ولد عبدالخالق ايراني جي هوٽل جيڪا هن وقت
”ڪيفي ايران“ سڏجي ٿي، ڪراچي ۽ حيدرآباد جي بهائين
سکر ۾ تبليغي مرڪز کولڻ جي ارادي سان ليوڪس پارڪ
جي ڀر ۾ کولي. عبدالرزاق غفوري هوٽل جو مئنيجر
آهي. 1947ع ۾ هي هوٽل بهائين کولي. بهائي فرقي جو
باني سيد علي محمد بابِ شيرازي پاڻ کي 25 سالن جي
عمر ۾ ظهورِ عيسيٰ سڏائڻ لڳو ۽ 1850ع ۾ تبريز جي
علمائن جي فتويٰ سان شهيد ڪيو ويو. اٽڪل 20000
ماڻهن، جن بهائي دين اختيار ڪيو هو، جامِ شهادت
پيتو. بعد ۾ مرزا حسين علي بهاء الدين جي لقب سان
1852ع ۾ مسيح ثاني يا ظهور حسين جي دعويٰ ڪئي.
ليوڪس پارڪ جي اوڀرندي ۾ بهائي جماعت جو تبليغي
مرڪز آهي. ايوبي دور ۾ شاهه ايران به سکر گهمڻ آيو
هو.
بغدادي
مولوي عبدالرحمان
سکر جي اردگرد ڪنگري، سوئي، ڀرچونڊي ۽ امروٽ شريف علم ۽ عرفان
جا مرڪز هئا، جتان توحيد جي طالبن کي شرابِ معرفت
جا لبريز جام ملندا هئا تهڙيءَ طرح 19 صدي جي آخر
۾ حضرت مولانا عبدالرحمان جي وجود مسعود ڪري سکر
شهر رحمت ۽ برڪت جو مرڪز بنجي ويو. مولوي
عبدالرحمان صاحب جا وڏا اصل بغداد کان آيا هئا.
مولوي صاحب ظاهري ناس وڪڻندو هو پر باطني غيب جي
خزانن جون وٽس چاٻيون هيون. مولانا حضرت
عبدالرحمان صاحب جي تعليم جو پتو ٻن ڪتابن مان
پئجي سگهي ٿو:
قدوه الواصلين حضرت خواجه محمد حسن صاحب قدس سره ولد عمدة
العارفين حضرت خواجه عبدالرحمان صاحب فاروقي مجددي
قدس سره جي مقدس نسب جو سلسلو ڏهن واسطن سان حضرت
مجدد الف ثاني شيخ احمد سرهندي سان ملي ٿو، ۽ حضرت
امام رباني جو پاڪيزه سلسلو ٻٽيهن پيڙهين سان حضرت
فاروق اعظم رضه سان ملي ٿو. حضرت خواجه عبدالرحمان
مجددي ۽ سندس پٽ خواجه محمد حسن ٻئي مجاهد بزرگ
هئا، خواجه عبدالرحمان مجددي جي وفات جو سال 1315
هه 1897ع آهي ۽ سندس مزار ٽکڙ کان 2 ميل اتر طرف
گنجي ٽڪر تي آهي ۽ خواجه معين محمد حسن جي وفات جو
سال 1365 هه 1945ع آهي. سندس مزار پنهنجي قبلي
گاهه جي روضي جي اوڀرندي ۾ آهي. خواجه محمد حسن جي
شاگردن مان خواجه عبدالله جان مد ظله العالي ڪتاب
”مونس المخلصين“ لکيو، جنهن ۾ پوري تفصيل سان سندس
سوانح حيات تي روشني وڌل آهي.
ڪتاب خواجه محمد حسن مجددي جو لکيل ”تذڪرة الصلحا“
آهي جنهن ۾ پنهنجي همعصر اهل الله بزرگن جو ذڪر
پوري تشريح سان بيان ڪيل آهي. هي رسالو نهايت قابل
قدر ۽ اهڙو مقبول آهي جو اردو ۾ به ان جو ترجمو
ڪري صوفي عبدالرحيم صاحب ڪلڪتي واري ڪراچي مان
ڇپرائي مفت تقسيم ڪيو. هن رسالي ۾ ان دور جي
عربستان، افغانستان، بلوچستان، هندستان ۽ سنڌ جي
ڪن قابل ذڪر علما ۽ صلحا جو به ذڪر ڏنل آهي ۽ حضرت
عبدالرحمان ساکرو جو به قدري بيان ڏنل آهي. حضرت
عبدالرحمان ساکرو رحه مشهور عالم، فاضل ۽ ولي ڪامل
هو ۽ سندن استاد مخدوم محمد صاحب مجذوب سيوهاڻي
قلندري رحه هو، جو صاحبِ جذب هو ۽ 1317 هه (1899ع)
۾ وفات ڪيائين. 19 صديءَ جي آخر ۾ سکر ۾ ٻه
درسگاهون هيون، جتي ”قال رسول الله“ جو آواز ٻڌجڻ
۾ ايندو هو. پهرين درسگاهه سکر پراڻي ۾ جامع خير
الدين گيلاني جي هئي ۽ ٻي سکر شهر جي قلب ۽ جگر ۾
مولانا عبدالرحمان جي جامع مسجد. انهن کان قديم
بکر ۾ مخدوم نوح جو مڪتب هو، جو پوءِ انقلاب دهر
ڪري مٽجي ويو هو. سکر پراڻي ۽ سکر نئين جي مٿين ٻن
درسگاهن ۾ فارسي ۽ عربي تعليم شاگردن کي ملندي هئي
۽ ٻئي درسگاهون حڪومت وٽ رجسٽرڊ هيون ۽ هتي جي
فارغ التحصيل شاگردن کي سرڪاري دفترن ۾ جلد نوڪري
ملندي هئي. ماستر شيخ حبيب الله مولوي عبدالرحمان
صاحب جي درسگاه جو شاگرد هو. راقم جو ذاتي تجربو
آهي ته ماستر صاحب فارسي اهڙيءَ طرح ڳالهائيندو هو
، ڄڻ سندس گهر جي ٻانهي آهي. مولوي عبدالرحمان
صاحب بين المملڪتي شهرت رکندڙ هو. چنانچه بمبئي ،
حجاز ، عراق ۽ شام تائين سندس علميت ۽ برڪتن جو
پڙاڏو ٻڌڻ ۾ ايندو هو ۽ انهن ملڪن ۾ سندس معتقدن
جو بيحد گهڻو تعداد هو. جيڪي شاگرد يا معتقد مولوي
صاحب سان حج ادا ڪرڻ ويندا هئا ۽ اتان موٽندي
جهوليون روپين سان ڀري موٽندا هئا.
سال 95 – 1896ع ۾ سکر شهر ۾ سخت پليگ پئي ماڻهو شهر ڇڏي ڀڄي ويا
پر مولوي صاحب وڏي همت سان شهر واسين جي خدمت ڪندا
رهيا ۽ لاوارثن جي ڪفن ۽ دفن جو انتظام ڪندا رهيا
ڇاڪاڻ ته ماڻهو بيمارن کي گهرن ۾ ڇڏي ٻاهران تالو
هڻي ڀڄي ويندا هئا جڏهن مردن جي بدبوءِ اٿندي هئي
ته حڪومت قفل ڀڃرائي گهرن جا وسلا ساڙائي ڇڏيندي
هئي. انهيءَ پليگ ۾ هن ڪامل بزرگ ۽ ولي الله وفات
ڪئي. جنازه کي مسلمانن شيخ شينهن آرائين جي
قبرستان ۾ دفنائڻ جو ارادو ڪيو پر ڊاڪٽرن ۽ حڪومت
اعتراض آندو. توڙي جو شهر خالي ٿي ويو، پر جنازي
سان هزارين مسلمانن جو هجوم هو. نوبت ايتري حد کي
پهتي جو پوليس جو اٽالو اچي پهتو ۽ خونريز هنگامه
جو امڪان هو مگر سکر جي مخلص ليڊر بابو شيخ محمد
سليمان جي تدبير سان معاملو خير ۽ خوبيءَ سان ختم
ٿيو. مسلمانن کي ڪليڪٽر شيخ شينهن جي قبرستان ۾
جنازه کي دفنائڻ جي اجازت ڏني.
انا الله وانا اليه راجعون
حضرت عبدالرحمان جي همعصر بزرگن جا نالا
حضرت عبدالرحمان ساکرو رح جي همعصر سنڌ جي بزرگن جا نالا ڏيون
ٿا ته انهيءَ وقت جا ڪهڙا بزرگ هئا.
(1) السيد الحاج محمد عثمان شاهه بخاري متوفي 1325 هه (1907ع)
لڳ ميرپور خاص (2) حاجي آخونند سچيڏنو بختيار پوري
تعلقه سيوهڻ وفات 1312 هه (1894ع) (3) حاجي محمد
ابراهيم نظاماڻي نم جو ڳوٺ (تعقله ٽنڊو محمد خان)
وفات 1320 هه (1902ع) (4) ميان محمد هاشم درس ڳوٺ
ڪلڙي (تعقله ٽنڊو محمد خان) وفات 1320 هه (1902ع)
(5) حاجي آخونند الواحد بوبڪ (تعلقه سيوهڻ) (6)
حضرت مولانا تاج الدين چوٽياروي (ضلع سانگهڙ) 1338
هه (1919ع) (7) حاجي محمد احسان جروار بلوچ ڳوٺ
جروار (تعلقه ٽنڊو الهيار) وفات 1320 هه (1902ع)
(8) حاجي حافظ ميان ابوبڪر سيوهاڻي جو وڍان جي پڙ
حيدرآباد ۾ رهندو هو وفات 1312 هه (1894ع) (9)
حڪيم سيد الحاج ميران محمد شاهه الحسيني ٽکڙائي
وفات 1309 هه (1891ع) (10) حاجي سليمان ٽکڙائي
وفات 1313 هه (1889ع) (11) حاجي ميان محمد طيب
ميمڻ وفات 1307 هه (1912ع)
[1]. (12) مولانا نور
محمد شهداد ڪوٽي وفات 1296 هه.
عطا الله
مولانا عطا الله صاحب مولانا عبدالرحمان ساکرو جو ڀاڻيجو، وقت
جو ڪامل ولي ٿي گذريو آهي.
عبدالڪريم
مولوي عبدالڪريم ولد الحاج مولانا عبدالرحمان 1907ع کان عيدگاهه
جو پيش امام ٿي رهيو. سندس وفات کان پوءِ پوين ۾
ڪو به اهڙو عالم ڪو نه ٿيو جو پيش امامي ڪري سگهي.
سندس فرزند مولانا غلام محمد عيدگاهه جو پيش امام
ٿي رهيو.
عبدالحڪيم
مولانا الحاج عبدالرحمان صاحب جو ٻيو پٽ الحاج ميان عبدالحڪيم
ٺيڪيدار هو. کيس ٻه پٽ عبدالعزيز ۽ عبدالغفور هئا.
غلام محمد
مولوي حڪيم غلام محمد ولد مولوي عبدالڪريم سکر بندر تي حڪمت جو
ڪم ڪندو هو. راقم جو دوست هو.
احمد
مولوي احمد ولد مولانا عطاءُ الله صاحب هن وقت مختيارڪار آهي.
1930ع ۽ 1939ع کان متاثر ٿي مولانا عبدالرحمان
صاحب جا پويان وچ شهر مان لڏي سکر پراڻي وڃي بيٺا،
مسجد شريف قائم ۽ دائم آهي.
اڄ نه اوطاقن ۾ سندي جوڳين ذات،
ساري سنياسين کي رنم ساري رات،
مون تَنَ جي تات، سي لاهوتي لڏي ويا.
(شاهه)
|