سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: تاريخ سکر

باب؛ 5

صفحو ؛ 5

 

باب پنجون

 

سکر خلجي دور ۾

 خلجي ترڪن جو قبيلو هو، جن کي غلام سلاطين جي ڏينهن ۾ فوجي عهدا مليل هئا. هن گهراڻي جي بادشاهن 687 هه 1288ع  کان 720 هه 1320ع تائين دهليءَ تي بادشاهي ڪئي. سنڌ به سندن ماتحت هئي. هن خاندان جو باني جلال الدين فيروز شاه خلجي هو، جو غلام سلطان معز الدين ڪيقباد جي ڏينهن ۾ وڏو وزير ۽ سپه سالار هو، ڪيقباد جي مرڻ کان پوءِ ستر سالن جي عمر ۾ تخت تي ويٺو ۽ 696 هه 1297ع ۾ پنهنجي ڀائٽي علاوء الدين جي همراهن هٿان مارجي ويو. 716 هه 1316ع ۾ علاوء الدين جي مئي کان پوءِ پٽس       قطب الدين مبارڪ شاهه دهليءَ جي تخت تي ويٺو جو آرام طلب ۽ عياش جيئڙو هو. سندس نومسلم سپه سالار خسرو خان 720 هه 1320ع ۾ هن کي قتل ڪري تخت هٿ ڪيو ۽ خلجين جي پڄاڻي ٿي.

 

تاتاري مغلن جون ڪاهون

مغل لفظ ”منگ“ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”بهادر“. مغلن جو وطن منگوليا چين جي اتر ۾ هو، تنهنڪري منگول ڪوٺبا هئا. مسلمانن پنهنجي لهجي ۾ مٿن مغل نالو رکيو ۽ هن نالي سان تاريخن ۾ ڄاڻايل آهن تاتاري مغلن 1221ع ۾ چنگيز جي سرڪردگي هيٺ طوفان وانگي وچ ايشيا جي وسندڙ شهرن کي جي اسلامي علمن ۽ تهذيب جا گهوارا هئا. ڪاهي، بلخ، بخارا ۽ سمر قند کي لٽي شهرين کي بي رحميءَ سان قتل ڪري، ملڪن کي ويران ڪرڻ لڳو. خيوا جي حاڪم جلال الدين خوارزم شاه سندس مقابلو ڪيو پر شڪست کائي پنجاب پهتو. هن سلطان التمش کان مدد گهري جا نه ملڻ سبب سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن کي ڦريندو عراق ڏانهن ويندي قتل ٿيو. 683 هه 1294ع ملتان تي مغلن ڪاهه ڪئي. بلبن جو لائق فرزند شهزادو محمد قاآن دغا سان مغلن هٿان شهيد ٿيو. امير خسرو درٻاري شاعر هن واقعي کي ڪربلا سان تشبيهه ڏني آهي. انهيءَ کان اڳ 1241ع بهرام شاه جي ڏينهن ۾ مغل اُڙدن لاهور تائين ملڪ کي لٽيو هو. علا ؤ الدين خلجي جي ڏينهن ۾ مغلن پنجاب، ملتان ۽ سنڌ تي ڪاهون ڪيون. 1298ع ۾ مغليه سيلاب دهلي جي دروازن تائين پهتو، هن دفعي مشهور سپهه سالار ظفر خان قتل ٿيو. 1304ع ۾ مغليه سيلاب لاهور کي لوڙيندو سيوالڪ جبلن طرفان امروها تائين پهتو. ليڪن علاؤ الدين وقت بوقت دشمنن کي اهڙيون شڪستون ڏنيون جو وري هندوستان تي ڪاهه ڪرڻ جو خيال دماغ کان ڪڍي ڇڏيائون، ڇو ته سلطان موصوف جا چار سپهه سالار‘ الخ خان، ظفر خان، نصرت خان ۽ الپ خان بهادر ۽ تجربي ڪار حڪومت جا ٿنبا هئا، جن جي بازن جي قوت سان علاؤ الدين هندستان فتح ڪري پاڻ کي ”اسڪندر ثاني“ سڏائڻ لڳو.

چنگيز کان پوءِ پٽس چغتائي خان گومل نديءَ کان وٺي مڪران سوڌو، سنڌ جي اُتر ۽ الهندي وارن سرحدي علائقن تي قبضو ڪيو. کير ٿر جي لڪن کان مغل سنڌ جي علائقن تي ڪاهون ڪندا رهيا. سيوهڻ جي راجا صاديو مغلن جي چرچ تي بغاوت ڪئي، پر گرفتار ٿي مارجي ويو.

 

سکر جي فوجي ۽ اقتصادي حالت

غلام سلاطين جي ڏينهن ۾ سنڌ جو تختگاهه شهر ملتان هو. التمش جي ڏينهن ۾ نظام الدين جنيدي قباچه کي شڪست ڏئي سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ التمش بکر کي سنڌ جو تختگاهه ڪيو. بکر ته ٽڪريءَ تي محض هڪ قلعو آهي، جنهن جي جمله پکيڙ اُوڀر کان الهندي تائين اَٺ سو يارڊ ڊگهائي ۾، ۽ ويڪر ۾ اُتر کان ڏکڻ تائين فقط 3 ٽي سو يارڊ آهي. ايتري سوڙهي اراضي تختگاهه ٿئي، سو غير ممڪن آهي. تنهن ڪري سنڌ جي تختگاهه شهر سکر هو، جو بکر جي فوجي قلعي جي اهميت ڪري بکر سڏبو هو[1]. نظام الملڪ کان پوءِ التمش نور الدين محمود کي سنڌ مٿان گورنر مقرر ڪيو جنهن جو صدر مقام بکر هو، ۽ بکر جو گورنر لوور سنڌ جي نگراني ڪندو هو. 1236ع مغلن رڪن الدين التمش جي ڏينهن ۾ اُچ تي ڪاهه ڪئي. رڪن الدين جو پٽ مسعود شاهه دهلي کان لشڪر وٺي اُچ جي قلعي کي بچايو. نور الدين محمود ڪا به مدد ڏيئي نه سگهيو هو ان سبب ڪري مسعود بکر پهچي نور الدين کي معزول ڪري، جلال الدين کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو. 1246ع ۾ التمش جو ننڍو پٽ ناصر الدين محمود دهلي جي تخت تي ويٺو. هن سنڌ ۾ ٻه گورنر مقرر ڪيا. بکر کان وٺي سمنڊ تائين قليچ خان کي گورنر مقرر ڪيائين جو سکر بدران سيوهڻ ۾ رهڻ لڳو. بکر کان ملتان تائين سنجر کي گورنر مقرر ڪيائين. 1257ع ۾ بلبن جي ڏينهن ۾ مغلن سنڌ تي ڪاهه ڪئي، ان وقت ڪشلو خان سنڌ جو گورنر هو. پر بلبن مغلن کي هڪالي ڪڍيو. ملتان ۽ سنڌ مٿان شهزاده محمد بلبن جو پٽ گورنر هو. 1285ع ۾ شهزادو محمد مغلن هٿان شهيد ٿيو، سلطان محمد جي پٽ ڪيخسرو کي سنڌ مٿان گورنر مقرر ڪيو. خلجين 1288ع ۾ دهلي جو تخت هٿ ڪيو. 1290ع ۾ جلال الدين خلجي ارڪلي خان کي ملتان ۾ اُچ جو گورنر مقرر ڪيو ۽ نصرت خان کي سنڌ مٿان گورنر ڪيائين. ٻئي بهادر ۽ تجربيڪار جرنيل هئا. نصرت خان بکر ۾ رهندو هو. انهن جي ڏينهن ۾ 1297ع ۾ مغل لشڪر سيوهڻ تي ڪاهه ڪئي، سيوهڻ جي راجا به بغاوت ڪئي. نصرت خان اطلاع ملڻ تي ملتان ۽ بکر کان ٻيڙين ذريعي لشڪر وٺي سيوهڻ تي ڪڙڪيو ۽ راجا صلديو، جنهن مغلن جي مدد سان بغاوت ڪئي هئي، تنهن کي گرفتار ڪري دهلي ڏانهن اُماڻيائين.          

مٿين بيان مان معلوم ڪندا ته بکر ۽ سکر ۽ سيوهڻ سنڌ ۾ وڏي اهميت رکندا هئا ۽ زبردست بچاءُ جا قلعا هئا، جيئن ملتان گومل لڪ جي سامهون مضبوط قلعو هو، تهڙي طرح بکر بولان ۽ موله لڪن جي پاسباني ڪندو هو ۽ سيوهڻ ڪوهستاني علائقي جي حفاظت ڪندو هو. غلام سلاطين بکر جي سياسي اهميت کي معلوم ڪري هن کي سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ مقرر ڪيو. برصغير کان بچائڻ لاءِ اولهندي سرحد تي، سيوهڻ، بکر، ملتان، سمانا ۽ ديپالپور مشهور ڇانوڻيون هيون، جن جي آڌار تي دهليءَ جو بچاءُ منحصر هو. اها هئي سکر جي فوجي حالت اقتصادي حالت بلڪل ٺيڪ آهي، مغلن جي مسلسل ڪاهن جي ڪري پنجاب ۽ سنڌ ۾ هر وقت هنگامي حالتون هيون، سکر ۽ خلجين جي يادگار رضوي سيدن جو روهڙي اسٽيشن جي لڳ ڪچو قلعو آهي، جن کي انهيءَ ڪوٽ ڪري ”ڪوٽائي سيد“ چون ٿا، سلطان علاءالدين خلجي سکر جي رضوي سيدن کي روهڙي جي آسپاس جاگيرون ۽ سندون ڪرايائين، جنهن تي ٽي قبا ۽ بلند[2] منار دروازي وٽ آهن: ٻنهي پاسن کان حجرا جڙيل آهن، مسجد زماني جي انقلابن ڪري ڊٺل صورت ۾ اڃا بيٺل آهي، مٿس ڪاشيءِ جو ڪم ڪيل هو جنهن جون سرون اکڙجي ويون آهن. مٿيون بيان روايتن مان معلوم ٿيو. والله اعلم باالصواب، سلطان علاء الدين اڻ پڙهيل ۽ جبرو حاڪم هو، پر ملڪي انتظام جنهن نموني ۾ هن رکيو تنهن لاءِ مؤرخ هن جي تعريف ڪن ٿا، هنگامي دور هئڻ ڪري سلطان حڪومت اندر ”راشن سسٽم“ جاري ڪيو جو نهايت ملڪ ۽ رعايا لاءِ ڪامياب ثابت ٿيو. ملڪ جون پيداوارون حڪومت خريد ڪري سرڪاري گدامن ۾ رکندي هئي، جتان واپاري خريد ڪندا هئا، هر هڪ شهر جي آدمشماري جو رجسٽر رکيل هو. شهرين کي راشن ڪارڊ ورهايا ويا ۽ رجسٽر جي نالن مطابق هر هڪ شهري کي روزانه راشن ملندو هو. ذخيره اندوزي ڪرڻ وارن کي سخت سزائون ملڻ لڳيون، هر هڪ شهر مٿان هڪ محتسب مقرر هو، جو رجسٽرن جي چڪاس ڪندو هو، دڪانن جا وٽ ۽ ترازيون جاچيندو هو ۽ شين جا اگهه مقرر ڪندو هو. سئي سڳي کان وٺي ويندي چوپايه مال ۽ ٻانهن ۽ ڪنيزن جي وڪري تائين اگهه مقرر هئا، محتسب شهرن جي محلن مان شريف ماڻهن کي چونڊي ڪاميٽيون مقرر ڪيون هيون، ڪاميٽيءَ جا ميمبر غنڊن جا نالا محتسب کي پيش ڪندا هئا. ۽ محتسب انهن کي سر بازار سزائون ڏيندو هو، اهڙي انتظام ڪري شهرن ۾ امن امان هو، محتسب روزانو شهر جي ڪارخانن، علمي ادارن، شفاخانن ۽ پتڻن جي به چڪاس رکندو هو. قاضيءَ کي مجال نه هئي جو محتسب جي ڪمن ۾ دخل ڏيئي سگهي، باقي مجرمن کي اجازت هئي، ته قاضي وٽ اپيل ڪن، شهرن جي ڀروارن ڳوٺن جي هارين کي حڪم هو ته زميندارن ۽ جاگيردارن ۽ تپيدارن خلاف تڪليفون ۽ شڪايتون محتسب کي پهچائين، سوداگر ۽ شاهوڪار کي اجازت هئي ته سرڪاري خزاني مان قرض وٺن، علائي حڪومت زمينداري ۽ جاگيرداري نظام جو خاتمو ڪيو هو، چور بازاري، ذخيره اندوزي ۽ رشوت جو نالو نشان مٽجي ويو. شهرن ۾ سرڪاري دڪان به هئا، جن تان ضروريات جون شيون آسانيءَ سان ملنديون هيون، سلطان وٽ مضبوط جاسوسي کاتو هو. جيتل ٽامي جا پئسا ۽ چاندي ۽ سون جا ٽنڪا (روپيا) چالو هئا، علائي حڪومت اندر سستائي ڪري ماڻهو فارغ البال هئا، اهڙي آسودگي وري ڪڏهن به برصغير کي نصيب ڪا نه ٿي، ضرورت آهي ته شين جي فهرست ۽ اگهه  ڏنا وڃن.

 

سکر ۾ شين جا اگهه

علائي حڪومت جي في چانديءَ جي ٽنڪي جو وزن تولي جيترو هو ۽ في ٽنڪي چاندي جي قيمت 64 جيتل (پئسا) هئي في مڻ جو وزن 28 سير هو.

 

شين جون جنسون

قيمت

ڪڻڪ في مڻ

جَو          =     =

ساريون  =     =

اڇي کنڊ       =

ڳاڙهي کنڊ في سير

لوڻ في مڻ

ڳئون هڪ

ٻڪري هڪ

ٻڪري يا رڍ جو گوشت في مڻ

گيهه

حسين ٻانهيون يا ڪنيز

عام ٻانهيون هڪ

تازي في گهوڙو

وچين قسم جو في گهوڙو

رواجي في گهوڙو  

ڏيڍ جيتل

4       =

5       =

ڏيڍ ٽنڪو

11/3  جيتل

2       =

3 کان 14 ٽنڪا

10 کان 14 جيتل

10 جيتل

16       =

120 ٽنڪا

5 کان 10 ٽنڪا

100 کان 120=

80 کان 90      =

65 کان 70      =

ڪپڙن جا قسم

قيمت

اعليٰ سنهي ململ

اوني ڪپڙو

اوني ڪمبل

عمدي محمودي

اوني ۽ سوٽي ڪپڙو

شيرين زنانو رنگين ڪپڙو

چادر

 

سون

في ٿان 55 ٽنڪا

=            3       =

في داڻو 6 جيتل

في ٿان 20 گز 1 ٽنڪو

في ٿان 40 گز 1     =

في ٿان 2 کان 3      =

في داڻو 10 جيتل

نوٽ: اعليٰ سنهي ململ اميراڻو طبقو خريد ڪندو هو[3]

في درم جي قيمت پائلي سنڌ ۾

 

سکر جو واپار

غلام سلاطين توڙي خلجي دور ۾ ملتان، سکر ۽ سيوهڻ کي فوجي قلعن ۽ سرحدي ڇانوڻين هئڻ ڪري دهلي وارين حڪومتن جي ڏينهن ۾ وڏي اهميت حاصل هئي، ٽئي شهر وقت بوقت سنڌ جا تختگاهه ٿي رهيا. اڳ انهن شهرن کي ميدن جي ڦرلٽ کان هميشه خطرو رهندو هو، جو ڇانوڻي هئڻ ڪري مٽجي ويو. ملتان کان پوءِ سمنڊ تائين سنڌ جو وڏو شهر سکر هو، جتي دهلي درٻار جا نواب رهندا هئا. مغلن جي ڪاهن ڪري ملڪ ۾ هنگامي حالتون هيون پر وچ ايشيا سان خشڪي رستي واپار هلندو رهيو، غلام، هٿيار ۽ گهوڙن جو واپار هن شهر سان هلندو هو، جو برصغير جي اولهندي واري سرحد تي سنڌ جو وڏو شهر هو. هتان وچ ايشيا ڏانهن رستا ويندا هئا. سکر کان پوءِ قلات وچ ايشيا جي ايندڙ ۽ ويندڙ قافلن جي وڏي قافلي سراءِ هو. مهراڻ وسيلي سکر اُتر ۾ ديپالپور، ملتان ۽ لاهور سان واپار رستي ڳنڍيل هو. ساليانو هزارها ٻيڙيون مال سان ڀريل پهچنديون هيون. ديبل جو اوج مٽجي چڪو، مهراڻ جي ڊيلٽا تي لاهري بندر جنم ورتو، جنهن جو وجود شاهجهان جي دور تائين قائم رهندو آيو. شين جا اگهه مقرر هئا ۽ علائي دور ۾ رستا محفوظ هئا. ڌارين ملڪن جا سفير علائي درٻار ۾ رهندا هئا. اهڙين سهوليتن جي ڪري سوداگر ڌارين ملڪن کان اچي سون، چاندي ۽ گهوڙن جو واپار ڪندا هئا. مال سان ڀريل قافلا گجرات، مالوه، دکن ۽ بنگال تائين ڏيتي ليتي ڪندا هئا.  پڙهندڙن جي معلومات لاءِ سکر کان نڪرندڙن وچ ايشيا ڏانهن ويندڙ رستن جو نقشو پيش ڪيون ٿا[4]. وچ ايشيا جا سوداگر سکر ۾ ريشم نيڪال ڪري هتان نير خريد ڪندا هئا. ازانسواءِ سکر جو نير ٻيڙين وسيلي سنڌ جي لاهري بندر کان سوداگر خريد ڪري ٻاهرين ملڪن ۾ نيڪال ڪندا هئا، سکر ۾ ڪپڙي سازي ۽ رنگريزي جا ڪارخانا هئا[5]. سکر جو واپار هندن جي هٿن ۾ هو، جيڪي گهڻو ڪري ”سارسوت“ برهمڻ هئا، مئڪمروڊ سکر جي عام هندن کي ”سورياني“  ڄاڻيو آهي، يعني سورج بنسي کتوي، لوهاڻا به رهندا هئا، جن جو اصل وطن افغانستان جي اوڀرندي ۾ لغمان ۾ هو ۽ قافلن ذريعي افغانستان ۽ هندوستان سان واپار ڪندا هئا، سڄيءَ سنڌ ۾ پکڙيل هئا. چچ بن سيلائج جي ڏينهن ۾ اگهم لوهاڻو برهمڻ آباد جو حاڪم هو، افغانستان جا لوهاڻا سبڪتگين جي ڏينهن ۾ مسلمان ٿيا ۽ سندن قبيلو اڄ به ”لوهاڻي“ سڏجي ٿو[6]. ڀاٽيا به هندن جي هڪ قوم هئي.

سکر جي علمي حالت

سکر رضوي ۽ بخاري ساداتن ۽ قاضين جو مسڪن هئڻ ڪري تعليم ۽ عرفان جو گهوارو هو، سهروردي قريشين به ملتان پهچڻ کان اڳ هن شهر کي وطن جوڙيو هو، تاتارين جي ڪاهن ۽ سندن هٿان  چنگيز جي پوٽي هلاڪو 656 هه – 1258ع ۾ عروس البلاد بغداد جي سر سان سر وڄائي ڇڏي. بغداد جو پنجن صدين کان يورپ ۽ ايشيا جي وچ ۾ اسلامي تمدن ۽ علمن جو مرڪز هو، ان جي برباديءَ ڪري ڪيترائي عراق ۽ عجم جا عالم فاضل سنڌ  ۽ هند ۾ اچي پناه گزين ٿيا، جن جي اچڻ ڪري اسلامي تعليم جا ادارا کلي ويا. سکر سرحدي شهر هو جنهن ۾ گهڻن عالمن ۽ فاضلن ادارا کوليا. سوال آهي ته انهن ڏينهن ۾ ڪهڙي تعليم ڏني ويندي هئي، اهڙو ڏس به تاريخن مان ملي سگهي ٿو، عربن جي ڏينهن ۾ قرآن، حديث ۽ فقه جي تعليم مسجدن ۾ رائج هئي، علم بديع ۽ بيان، اصول فقه، اصول دين، نحو ۽ تفسير جي تعليم رائج هئي، دهلي جا سلاطين علم پرور ۽ معارف نواز هئا، مڪتب جيڪي مسجدن سان ملحق هئا، تن جي ذريعي معلمن ۽ شاگردن جي خرچ پکي لاءِ اوقاف کاتو کوليو هئائون، جن جي ذريعي معلمن کي زمينون ۽ کوهه مرحمت ڪيا هئائون، جن جي آمدنيءَ مان مڪتبن، علمائن ۽ شاگردن جو گذر سفر ٿيندو هو. حضرت صدرالدين خطيب جڏهن هر جمعي تي وعظ ڪندا هئا ته هزارين هندو اسلام جي دائره ۾ اچي ويندا هئا. چونڪ تبليغي دور هو، تنهنڪري مناظرن جو سلسلو جاري رهندو آيو. مسلمان علماء ڪرام سنسڪرت ۽ پراڪرت زبانن جو اڀياس ڪندا هئا ۽ هندو شاگرد حڪومت جي عهدن هٿ ڪرڻ لاءِ مسلمان شاگردن سان گڏ فارسي پڙهندا هئا. شعر و شاعري جي بساط به وسيع هئي، علمائن وٽ وڏا ڪتبخانا هئا. صوفين جي سماع جي مجلسن ۾ مسلمان ۽ هندو گڏجي شريڪ ٿيندا هئا. تصوف متعلق داتا گنج بخش هجويري رحه جا ڪتاب ڪشف المحجوب، ڪشف السرار، منهاج الدين ۽ البيان الاهل العيان ان زماني ۾ ادبي ۽ علمي ادارن ۾ پهتا. جڏهن شيخ شهاب الدين سهروردي جو ڪتاب عوارف المعارف ۽ ابن العربي جو فصوص الحڪم اڃا قلمبند ڪو نه ٿيا هئا، داراشڪوه المحجوب جي تعريف ڪندي لکي ٿو ته:

”ڪشف المحجوب مشهور و معروف است و هيچکس رابران سخن نيست – و مرشدي است ڪامل – و در کتبِ تصوف به خوبي آن در زبان فارسي تصنيف نه شده“.            

سهروردي بزرگن جي تبليغ ڪري سومرا دين حنفيت جي دائري ۾ اچي ويا. صوفيا ڪرام جي تبليغ ۽ تربيت جي ڪري هزارين حق جا طالب راهه حق تي گامزن ٿيا، سکر ۾ سهروردي خلفاء جهڙوڪ: مخدوم نوح بکري ۽ رضويه ساداتن جي اُچ جي بخاري سيدن سان مائٽي هئڻ ڪري بخاري سکر ۾ سڪونت پذير هئا، قرمطين جو خاتمو سلطان محمود ڪيو هو، پويون دفعو سلطان رضيه جي ڏينهن ۾ مدرسي معزيه تي حملو ڪيائون پر سمورا قرمطي قتل ٿي ويا. دور علائي تائين ديني ڪتابن کان علاوه ڪيترن فنن تي ڪتاب قلمبند ٿي چڪا هئا. مثلاً البيروني جو ڪتاب هند، قانون مسعودي (هئيت تي)، التمش جي ڏينهن ۾ فخر مدبر جو فنون جنگ متعلق ڪتاب ”آداب الحرب“ فن تاريخ تي بيهقي جي تاريخ يمني، نظامي الدين حسن جي تاريخ ”تاج الماثر“ جنهن ۾ قطب الدين ۽ التمش جا واقعات ڏنل آهن. علي بن حامد ڪوفيءَ جو چچنامه فارسي، مولانا منهاج السراج جي تاريخ طبقات ناصري، سديد الدين عوفي جو ”تذڪره فارسي شعرا“. سلطان بلبن بغداد کان ٻه ڪتاب ”آداب السلاطين“ ۽ ”ماثر السلاطين“  گهرايا. التمش جي ڏينهن ۾ تاريخ مبارڪ شاهي قلمبند ٿي، مويد جاجرمي امام غزاليءَ  جي احياء العلوم جو فارسي ترجمو ڪيو. ازانسواءِ رڪن الدين فيروز جي ڏينهن ۾ امام رازي جي ڪتاب ”سَرّ َ مڪتوم“ جو فارسي ترجمو ڪيو ويو. شعراء ڪرام مان فردوسي، عنصري، فخري، منو چهري، مسعود سعد سلمان، عارف سنائي، عسجدي، شهاب مهمره، فخرالدين عميد سنامي، تاج الدين سنگريزه، طوطي هند امير خسرو، امير حسن جا ديوان ۽ صوفياء اعظام مان خواجه معين الدين چشتي، خواجه بختيار ڪاڪي، مخدوم بهاء الدين ذڪريا ملتاني، شيخ فريد الدين شڪر گنج، خواجه نظام الدين اولياء، مخدوم علاء دين صابر، سيد موليٰ، شيخ جمال الدين هانسومي، شيخ حميد الدين ناگوري، شيخ بدر الدين عارف، قاضي مغيث الدين، مولانا ضياء الدين سنامي، علاء الدين مقري، جمال الدين شاطبي جهڙا عالم، مفسر، صوفي، محدث، فقهي، محدث جي تعليم ۽ تربيت ڪري دهلي، اجمير، لاهور، ملتان، اجوڌن، اُچ ۽ بکر (سکر) علمي لحاظ ڪري بخارا، سمرقند، بغداد، قاهره، دمشق ۽ تبريز کان وڌيڪ شهرت حاصل ڪئي. سنڌ ۾ منصوره کان پوءِ سکر علمي مرڪز بنجي ويو. حضرت لعل شهباز قلندر بلبن جي ڏينهن ۾ سيوهڻ ڏانهن ويندي ڪجهه وقت بکر ۾ رهيا هئا[7].


[1] ايڇ – ڪزنس، 142.

[2] نوٽ: پهرين عالمگير جنگ تائين سکر شهر لاءِ ميونسپالٽي پاران مارڪيٽ انسپيڪٽر مقرر هو، جو وٽن ۽ ترازن جي علاوه مشين جي چڪاس ڪندو ۽ شهرين جون شڪايتون ٻڌي انهن جا بروقت فيصلا ڪندو هو. 

[3] مٿيان فرخ عبدالمجيد سالڪ جي ڪتاب مسلم ثقافت ۽ ٻين تاريخن تان ورتل آهن.

نوٽ: هر سال 15 هزار مال سان ڀريل اٺ گومل لڪ کان قنڌار ۽ وچ ايشيا ڏانهن ويندا هئا.

[4] سيد ابو ظفر: مختصر تاريخ هند، ص 62 – 63 مطبع معارف اعظم ڳڙه  1938ع.

[5] Sindh Histrocial Journal, P, 32, March, 1935, Karachi

[6]  Sindh Histrocial Journal, ‘Ancient towns of Sindh’ March, 1935.

نوٽ:  علاء الدين خلجي دينار شمار نٿو ٿئي پر مولانا ضياء الدين سندس درٻار جي علمائن جو تعداد 46 ڏيکاري ٿو جن ۾ مولانا ظهير الدين بکري به نظر اچي ٿو. معارف اعظم ڳڙهه ص 18 جولاءِ  1962ع.

[7] علمي بيان آثار الڪرام، چشمهء ڪوثر ۽ هندوستان ۾ مسلم ثقافت تان ورتل آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ