باب اٺون
سکر مغليه دور ۾
سنڌ بکر ۽ ٺٽو ٻن سرڪارن ۾ ورهايل هئي. بکر سرڪار جون حدون
سيوهڻ تائين هيون. منجهس اَٺ پرڳڻا هئا. پنج پرڳڻا
مهراڻ جي کاٻي ڪپ تي هئا: (1) ماٿيلو،(2) اروڙ،
(3) لڌو گاگن، (4) گاگڙي، (5) درٻيلو. ساڄي ڪپ تي:
(1) جتوئي، (2) چانڊڪو، (3)ٽڪري[1]،
پويون پرڳڻو سبي هو. بکر جا نواب ملتان جي ماتحت
هئا. بکر جي نوابن جي فهرست هن طرح آهي؛
1 |
گيسو خان |
982 هه |
2 |
ترسو خان |
983 هه |
3 |
سيد محمد امير |
983 هه |
4 |
سيد ابو الفضل |
984 هه |
5 |
اعتماذ خان |
985 هه |
6 |
فتح خان |
987 هه |
7 |
صادق خان |
994 هه |
8 |
اسماعيل قلي خان |
996 هه |
9 |
شيرويه سلطان |
997 هه |
10 |
صادق خان |
998 هه |
11 |
ابو القاسم نمڪين |
1004 هه |
12 |
مرزا خان |
1005 هه |
13 |
سعد خان |
1009 هه |
14 |
بقرا خان |
1014 هه |
15 |
سردار خان |
1015 هه |
16 |
قاضي خان |
1016 هه |
17 |
سيد تاج خان |
1020 هه |
18 |
بايزيد خان |
1025 هه |
19 |
هوشيار خان |
1028 هه |
20 |
مرزا محمد علي بيگ |
1031 هه |
|
|
21 |
محمد غني فوجدار |
1038 هه |
22 |
مرزا حسيني |
1039 هه |
23 |
عزت خان |
1041 هه |
24 |
سيد محمد |
1043 هه |
25 |
اسد خان |
1045 هه |
26 |
محمد يوسف خان |
1046 هه |
27 |
محمد خان |
1048 هه |
28 |
شاهه قلي خان |
1049 هه |
29 |
سيد جادن |
1050 هه |
30 |
التفات خان |
1051 هه |
31 |
محمد زمان خان |
1052 هه |
32 |
خواجه لطف |
1058 هه |
33 |
نواب خواجگي |
1061 هه |
34 |
شيخ احمد |
1062 هه |
35 |
مرزا لعل بيگ |
1065 هه |
36 |
خواجه عبد الواحد |
1066 هه |
37 |
خواجه محمد شريف |
1068 هه |
38 |
باقر خان |
1069 هه |
39 |
عبد الله خان |
1070 هه |
40 |
خنجر خان |
1070 هه |
41 |
شيخ ابراهيم |
1071 هه |
42 |
سيد عزت خان |
1047 هه |
43 |
سيد غلام مصطفيٰ خان |
1078 هه |
44 |
مير يعقوب خان |
1081 هه |
45 |
مير صادق علي خان |
1085 هه |
46 |
خدا يار خان |
1087 هه |
47 |
مير محمد اڪرم خان |
1091 هه[2] |
|
|
|
دارا شڪوه جو بکر ۾ قيام
1658ع ۾ دارا شڪوه، شاهجهان جي لاڏلي ۽ وليعهد پٽ آگره جي ويجهو
سمو ڳڙهه جي خونريز جنگ ۾ شڪست کائي، پيءُ کي منهن
ڏيکارڻ کان سواءِ دهليءَ جي شاهي خزاني مان جيڪي
هٿ لڳي سگهيس، توبخاني، حرم ۽ ڪارخاني سميت لاهور
پهتو ۽ اورنگزيب به سندس پٺيان هو. اُتان ٻيڙين تي
سامان کڻائي سکر جي مضبوط قلعي بکر ۾ اچي پناهه
ورتائين. اورنگزيب به سندس گرفتاري لاءِ پنهنجي پٽ
اعظم شاه کي لشڪر ڏيئي روانو ڪيو هو. دارا شڪوه وٽ
14 هزار لشڪر هو. ڪجهه لشڪر پنهنجن ٻن فوجي اميرن
بسنت خان ۽ عبدالرزاق جي سپرد ڪري باقي لشڪر ساڻ
ڪري گجرات پهتو، جتان لشڪر گڏ ڪري اجمير پهتو، هتي
اورنگزيب کان شڪست کائي مصيبتون سهندو ايران وڃڻ
جي ارادي سان بولان لڪ جي منهن واري شهر ڍاڍر
پهتو،
1659ع
۾ اتي جي حاڪم ملڪ جيوڻ (پني) باروزئي وٽ مهمان
رهيو. ڪڇيءَ جي ميدان مان لنگهندي سندس پياري زال
شهزادي نادره بيگم پيچش وگهي بيمار ٿي واٽ تي وفات
ڪئي، سندس وصيت موجب جنازي کي حضرت ميان مير جي
قبرستان ۾ دفن ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو ويو، ملڪ جيوڻ
تي شهزاده دارا شڪوه شهزادگيءَ جي ايام ۾ گهڻائي
احسان ڪيا هئا، پر هينئر صحرائي بگهڙ ٽي خچر
اشرفين سان ڀريل ڏسي، احسان فراموشيءَ جو پورو
ثبوت ڏيندي دارا شڪوه کي سندس ننڍي پٽ سپهر شڪوه
سميت گرفتار ڪري دهلي ۾ اورنگزيب جي سپرد ڪري،
بختيار خان جو سکڻو لقب حاصل ڪري موٽندي ڪڇيءَ مان
لنگهندي مارجي ويو، بسنت خان ۽ عبدالرزاق جيڪي بکر
جي قلعي جا محافظ هئا، تن دارا شڪوه جي گرفتاريءَ
بعد اورنگزيب جي لشڪر اڳيان هٿيار ڦٽا ڪيا[3].
دارا شڪوه جي شڪست جو سبب هو علمائن جي فتويٰ جن
هن کي بي دين سڏيو هو.
سکر ۾ ڏڪار
سمو ڳڙه جي جنگ، جا شاهجهان جي پٽن ۾ تخت ۽ تاج کي هٿ ڪرڻ لاءِ
لڳي، سا ايتري قدر هولناڪ هئي جو ان جو اثر سلطنت
جي سڀني صوبن تي پيو. داراشڪوه جي سياسي سرگرمين
جي ڪري سکر جهڙي دور دراز سرحدي شهر ۾ ڏڪار پئجي
ويو. اٽالين توبچي منوچي جو بکر ۾ داراشڪوه جو
توبخاني سان هو، لکي ٿو ته، سکر ۾ اهڙو ڏڪار پيو
جو في وهڙي جي قيمت 3 سؤ روپيا هئي ۽ في ڪڪڙ جي
چوزي جي قيمت 12 روپيا هئي[4].
ڀائرن جي جنگ مغل سلطنت جي سمورن ڪل پرزن کي هڪ
ٻئي کان جدا ڪري ڇڏيو.
مغليه دور ۾ سکر جي حالت
مغليه دور ۾ سکر، بکر جي قلعي جي سياسي اهميت ڪري، سنڌ جي سري
جو تختگاه شهر هو. بکر جي قلعي هئڻ ڪري تاريخن ۾
سکر بدران بکر نالو ڪتب آندل آهي، حالانڪ بکر جي
قلعي جي ايراضي ايتري ڪو نه هئي، جو سرڪاري دفترن
۽ فوجي ڇانوڻي هوندي، شهر به هجي. سرڪاري دفترن ۾
بکر نالي جي ڪري سکر به بکر جي نالي سان ڄاڻايل
آهي، ايتري قدر جو انگريزن جي قبضي وقت به سکر،
بکر سڏبو هو ۽ سکر پراڻي جا رهاڪو هندو خواه
مسلمان سکر بدران پاڻ کي ”باکرو“ ۽ ”بکري“
سڏائيندا هئا. انهيءَ طرح لاڙ ۾ ديبل ۽ ٺٽو هڪڙي
نالي سان سڏبا هئا. توڙي جو ٻئي شهر ڌار ڌار هئا.
ديبل جي ايتري قدر شهرت هئي جو لاهري بندر جي
تاريخن ۽ نقشن ۾ ”ديول“ ڏيکاريل آهي، حالانڪ ديول
1334ع ۾ ابن بطوطا جي اچڻ وقت ويران ٿي چڪو هو[5].
مغليه دور ۾ بکر سرڪار اٺن پرڳڻن ۽ 12 محالن ۾
ورهايل هئي. بکر (سکر) سرڪار جي سالياني اُپت 947،
424، 18 دام هئي. في روپيه جي قيمت چاليهه دام هئي
(2). بکر ۾ ضرب خانو به هو.
(1) ضرب خانو
سکر 981 هه 1573ع سنڌ فتح ٿيڻ کان اڳ اڪبر اعظم جي شهنشاهت جو
صوبو بڻجي چڪو هو ۽ ملتان جي ماتحت هو. اڪبري دور
۾ بکر جي ضربخاني ۾ فقط ٽامي جا دام ۽ ڪي چانديءَ
جا چوڪنڊا سڪا بکر جي ضربخاني ۾ تيار ٿيا. دام شير
شاهي پتل جا هئا جن جو وزن 311 ۽ 322 گرينس هو.
اهي پئسن طور هلندا هئا. چانديءَ جي روپيه جو وزن
ساڍا 11 ماشا هو، انگزيب جي ڏينهن تائين دام چالو
هئا. ڍلون به جنس، چوپايو مال ۽ دام جي حساب سان
وصول ٿينديون هيون، اڪبري دام جيڪي بکر جي ضربخاني
۾ ضرب ڪيا ويا تن تي اڪبري سال الاهي ۽ مهينا ڏنل
آهن. شاهجهان جي راڄ ۾ بکر ۾ روپيا تيار ۽
اورنگزيب جي ڏينهن ۾ فقط ٽامي جا سڪا بکر ۾ تيار
ٿيندا هئا. جهانداد شاهه، فرخ سير، محمد شاهه ۽
احمد شاهه جا بکر ۾ تيار ڪيل روپيا به هٿ لڳا آهن.
روپين تي هيٺيون عبارتون لکيل هيون:
اڪبر بادشاهه غازي محمد جلال الدين 985 ضرب بهکر.
شاهجهاني سڪن تي هڪ پاسي، ضرب بهکر بماه الهي، ٻي پاسي، فروردي
1040 هه ۾ ڪلمو.
هڪ پاسي، ڪلمو 1044 بصدق ابي بڪر، ٻئي پاسي بادشاه غازي شهاب
الدين محمد صاحب بهکر قرآن ثاني ضرب ابان الاهي.
محمد شاهي سڪا، هڪ پاسي، الله بادشاه زمان محمد شاه ٻئي پاسي،
سکه زد ز فضل الله بادشاه زمان محمد شاه.
چند بکر جي ضرب خاني جي سڪن جون عبارتون نموني طور ڏيون ٿا[6].
سال 1670ع ڌاري مغليه روپئي جي قيمت 2 شلنگ 3 پينس
هئي[7].
روپيو ٽنڪو سڏبو هو ۽ وزن ۾ هڪ تولو هو. مڻ جو وزن
28 سير هو. اڳ پئسا وچين زماني ۾ جيتل سڏبا هئا،
هينئر دام سڏبا هئا، مغلن جو دور فارغ البالي وارو
هو، هڪ ڪٽنب مرد، زال ۽ 4 يا 5 ٻار ڏهن ٽنڪن
(روپين) جي ماهوار آمدنيءَ سان بي فڪري جي زندگي
بسر ڪندا هئا، هڪ ڀاتي ڪمائي ڏهن کي کارائي سگهندو
هو. ابو الفضل آئين اڪبري ۾ کاڌ خوراڪ جي شين جون
جيڪي قيمتون ڏنيون آهن، هن طرح آهن:
ڪڻڪ جو اَٽو
ڪڻڪ
جَوَ
چڻا
جوئر
عمدا چانور
ڪنگڻي
ماه دال |
في مڻ
= =
= =
= =
= =
= =
= =
= = |
22 دام (پئسا)
= 12
= 8
= 16 ½
= 10
= 10
= 20
= 16 |
موٺ
ٻاجهر
مڱ
جون جو اٽو
گيهه
تيل
کير
ڌوئنرو
اڇي کنڊ
= =
ٻيون نمبر
= =
ٽيون نمبر
ڳاڙهي کنڊ
رڍ
ڍڳي |
= =
= =
= =
= =
= =
= =
= =
= =
في سير
= =
= =
=
=
في داڻو
= = |
= 12
= 8
= 18
= 11
= 105
= 80
= 25
= 18
= 6
= 5 ½
= 128
= 55
= 1 1/8
= 10 |
مٿين شين کان سواءِ ٻيون شيون به سستيون هيون، گوشت في مڻ 65
دام، اڄڪلهه مڻ جو وزن 82 پائونڊ آهي، اڪبري مڻ جو
وزن
½
55 پائونڊ هو. ليڪن اڪبري سير جو وزن هاڻوڪي چالو
سير جي وزن کان وڌيڪ هو. جهانگير مڻ جو وزن 36 سير
مقرر ڪيو[8].
شاهجهان مڻ جو وزن 40 سير مقرر ڪيو، سڪن جي چاندي
توڙي اشرفين جو سون خالص هو، پهرين درجي واري
ڪاريگر (مستري) جي روزانو ست دام مزوري هئي، پهرين
درجي واري واڍي کي روزانو ست دام ملندا هئا، عام
مزور جو روز 2 دام هو[9].
همايون جي سنڌ ۾ اچڻ وقت 1542ع ڌاري عمر ڪوٽ ۾ في
روپئي جون 4 ٻڪريون وڪامنديون هيون، گيهه، کنڊ،
مکڻ ۽ کير خالص غريب غربو خريد ڪري پي سگهيو، اڄ
هن ترقي جي دور ۾ ناڻي ڏيڻ سان خالص شيون بازار ۾
ملي نه ٿيون سگهن، جنهن ڪري غريب غربو درڪنار
وچولي طبقي جي زندگي نفس ۽ شڪم پُريءَ جي فڪرات ۾
گذري ٿي. 1658ع – 1660ع تائين سنڌ ۾ سخت ڏڪار پيو،
انگريز ايسٽ انڊيا ڪمپني ٺٽي جي ڪورين لاءِ، سورت
کان آن لاهري بندر ڏانهن موڪلڻ لڳي، جن کان ايجنٽ
ڪپڙو خريد ڪندا هئا.
هنر ۽ واپار
مغليه دور ۾ صنعت، زراعت ۽ زندگيءَ جي ٻين شعبن گهڻي ترقي ڪئي،
مغلن جي جدت پسند طبيعت نيون ڳالهيون ايجاد ڪيون،
جن کان اڳ هتي جا رهاڪو واقف ڪو نه هئا، مثلاً
ڪپڙن جا نوان قسم، تماڪ جي پوک، جنهن جو رواج
1605ع ۾ پيو. نير روانگي جي قيمت سٺي هئي، سکر نير
جي اُپت ڪري مشهور هو. شير شاهه سوري آگره کان
لاهور، لاهور کان ملتان، آگره کان جيسلمير رستا
جوڙايا هئا. جنهنڪري واپار جي آمدورفت ۾ سهوليت
ٿي. سکر، دهلي آگره ۽ وچ ايشيا جي وچ ۾ هڪ قافلي
سراءِ بڻجي ويو، وچ ايسيا جا قافلا، آگره جي قافلن
جي مال سان مٽا سٽا ڪندا هئا، آگره جا قافلا 16
ڏينهن ۾ براه دهلي، اجمير ۽ جيسلمير کان روهڙي
پهچندا هئا، نواب مير محمد معصوم سکر پراڻي ۾ هشت
پهلو قافلي سراءِ تعمير ڪرائي جنهن جي چوگرد ست
کوه هئا، خراسان جا واپاري خشڪ ۽ تر ميوا،
ڪيمخواب، ڪلاباتون، غاليچا نيڪال ڪندا هئا ۽ سکر
مان نير، جوڙيون روهڙيءَ جو دريائي ڪپڙو (تسر) ۽
هندوستان جو مال ۽ ملتان جا رنگين ڪپڙا خريد ڪندا
هئا، جيڪي مهراڻ ذريعي پهچندا هئا. سکر مهراڻ تي
وڏو پتڻ هو، جنهن تي مسافرن ۽ واپارين جي سهولت
لاءِ مسجد منزل گاه، آرامگاه ۽ باغ تعمير ڪرايا،
اهي عمارتون سکر جي تاريخ جا سونهري باب آهن. اڄ
اهي عمارتون خاموش آهن پر سندن هر هڪ سر اندر هڪ
هنگامو پوشيده آهي. هاري پنهنجي کٿيءَ ۽ ڪوڏر سان
مست ٿيا هئا. ڍلون زمين جي قسمن مطابق مقرر هيون.
ڏڪار ۽ خشڪ سالي کان سواءِ باقي اوقات هر طبقو بي
فڪري سان بسر ڪندو هو. امير ۽ منصبدار عيش ۽ عشرت
جي زندگي بسر ڪندا هئا. وچين طبقي وارا آمدني
مطابق خرچ ڪندا هئا. منشي مڙهي کي به تڪليف يا
تلخي ڪو نه هئي. ڏڪار جي حالت ۾ به شاهي خزانن جا
در پٽجي ويندا هئا ۽ شهنشاهه خيراتون ڪندا هئا.
ٺٽي کان ايندڙ مال سان ڀريل في قافلي ۾ هڪ هزار
اُٺ هئا، جن کي ڌاڙيل موقعي سر ڦريندا هئا. هارين
کي جنس يا نقد ڍل ڏيڻ کان علاوه ڍور ۽ چوپايو مال
به ڍل ۾ ڏيڻو پوندو هو[10].
هر وقت فساد پرڳڻن ۾ جاري رهندا آيا. سميجا،
جاڙيجا، نومردي، بلوچ، مغليه نوابن لاءِ هر وقت
مٿي جو سور هئا.
انهيءَ طرح ٻيڙين تي ڀريل مال کي درياه تي لٽيندا هئا[11].
سکر، روهڙي ۽ ملتان جو رنڱيل ڪپڙو خراسان ۾ مشهور
هو. ڌارين ملڪن جي واپارين کي پنهنجا سڪا هن ملڪ ۾
مٽائڻا پوندا هئا. اهو ڌنڌو ملتاني صراف ڪندا هئا.
هنڊين جو به رواج هو. سوداگر پنهنجو مال ويمو به
ڪرائيندا هئا. مغربي سياحن مان سيلبئنڪي جو 1609ع
۾ آگره کان سکر پهتو هو، ڄاڻائي ٿو ته ”سکر درياه
جي ڪپ تي خوبصورت شهر آهي ۽ شين جي سستائي ڪري
شهري سکيا ستابا آهن. مزور کي روزانو 3 پئسا ۽ وڏي
ڪاريگر کي روزانو ڏهه پئسا ملن ٿا ۽ ڌارين ملڪن جا
واپاري هتان پنجن آني في مڻ آن خريد ڪن ٿا“[12].
روسي واپاري 1900ع تائين هتان آن خريد ڪندا هئا.
1639ع ۾ ٻيو مغربي سياح مانڊ يلسلو آگره کان قنڌار
ويندي 14 ڏينهن ۾ پهتو هو ۽ سکر شهر جي تعريف ڪري
ٿو. هتان هڪري قافلي سان قنڌار ڏانهن ويو هو. رستن
تي ڌاڙيلن جو خوف هو. سيدي علي رئيس ترڪي ڪپتان جو
1554ع ۾ لاهور ڏانهن ويندي سکر پهتو هو. تنهن کي
سلطان محمود ڪوڪلتاش اڍائي سو محافظن جو دستو ڏيئي
لاهور وڃڻ جي اجازت ڏني هئي. انهن ڏينهن ۾ قنڌار
وارو رستو سلامت ڪو نه هو[13].
نڪولس وٿنگٽن آگره کان قافلي سان ويهن ڏينهن ۾ سکر
پهتو هو ۽ هتان ٻيڙي وسيلي 15 ڏينهن ۾ ٺٽي پهتو
هو. جوزف سيلامبڪي 1609ع ۾ سکر پهتو هو. بکر جي
مغليه نواب به هن جي آجيان ڪئي هئي. سکر جي
ترارين، چمڙي جي رڱائي، ڪپڙي اُڻڻ جي هنرن جي
تعريف ڪري ٿو. هن کي سکر کان قنڌار پهچڻ ۾ ويهه
ڏينهن لڳا. مٿين بيانن مان صاف ظاهر آهي ته آگره ۽
قنڌار جي وچ ۾ سکر وڏي تجارتي مارڪيٽ هئي، جتي مال
جي مٽاسٽا ٿيندي هئي[14].
روهڙي کان جيسلمير 150 ميلن جي مفاصلي تي هو. اهو
رستو براه اجمير، فتحپور سيڪري ۽ آگره ڏانهن ويندو
هو.
مهراڻ ذريعي واپار
پنجاب جي تختگاهه شهر لاهور کان ساليانو اٽڪل 16 هزار مال سان
ڀريل اُٺ ڪابل ۽ وچ ايشيا ڏانهن ويندا هئا. ساڳيءَ
طرح هندستان، ڪشمير ۽ پنجاب جو مال مهراڻ وسيلي
سنڌ جي لاهري بندر ڏانهن ويندو هو. لاهور ۽ لاهري
بندر ۽ ٺٽي جي وچ ۾ سکر مشهور بندر هو، جتي
سامونڊي غوراب لنگر انداز ٿيندا هئا، چنانچه جوزف
سلائمبڪي 1609ع ۾ سکر بندر تي کنڀات (گجرات) جا
مال سان ڀريل غوراب ڏٺا هئا[15].
عيسوي 16 صدي ۾ لاهري بندر وڏي اوج تي پهتل هو، 14
صدي جي وچ ڌاري ابن بطوطا لاهري بندر تي يمن، عمان
۽ سيلون جا جهاز ڏٺا هئا[16].
مغربي قومن مان پهريان پورچوگيزن هتي ڪوٺي وڌي
هئي. سنڌ جا حاڪم فرنگين کان مدد گهرندا هئا.
1592ع ۾ عبدالرحيم خان خانان، مرزا جاني ترخان کي
شڪست ڏيڻ کان پوءِ پورچوگيزن کي لاهري بندر مان
تڙي ڪڍيو هو.
سکر بندر جي دريائي واپار لاءِ معلوم هئڻ کپي ته ساليانو 4 هزار
ٻيڙيون ٺٽي ۽ لاهري جي وچ ۾ مال ۽ مسافرن آڻڻ ۽
نيڻ لاءِ سرڪاري طور مقرر هيون. اڪبر اعظم سنڌ جي
واپار کي ترقي ڏيارڻ لاءِ لاهور ۾ ٻيڙين جوڙڻ جو
ڪارخانو کوليو هو. پنجاب جي واپارين جون سکر ۽ ٺٽي
۾ ڪوٺيون هيون. مهراڻ ۽ سندس شاخن تي غوراب هلي
سگهندا هئا. 1002 هه – 1593ع ۾ اڪبر اعظم لاهور ۾
هڪڙو غوراب جوڙايو هو، جنهن ۾ 2936 ساڳ جا تختا ۽
428 مڻ لوهه جون ميخون لڳل هيون ۽ 420 واڍا لوهار
روزانو ڪم ڪندا هئا[17].
هڪ هزار مزورن ڏهن ڏينهن تائين ڇڪي مس مس درياء تي
لاٿو هو.
جهاز جو مستول 35 گز الاهي اونچو هو. واٽ تي فقط روهڙي ۽ سکر ۾
مال ۽ مسافر لاهيندو ۽ چاڙهيندو هو. پر سياري ۾ ڪن
هنڌن تي گپي پوڻ ڪري، جهاز کي ڌڪڻ ڪري وڏي دقت
ٿيندي هئي، تنهنڪري بيڪار ثابت ٿيو هو. 1004 هه –
1595ع ۾ 16338 روپين جي لاڳت سان هڪ ننڍو جهاز
شهنشاهه اڪبر جوڙايو هو، جنهن جو مستول 37 گز
اونچو هو ۽ 15 هزار مڻ مال کڻندو هو. مرزا جاني
بيگ ترخان سان جنگ ڪرڻ وقت اڪبر 25 جهاز لشڪر ۽
توبخاني ۽ سامان سميت ڀريل مرزا عبدالرحيم خان
خانان کي ڏيئي 1590ع ۾ تسخير ٺٽي لاءِ لاهور کان
روانو ڪيو هو. جنگ ٻن سالن تائين اينگهه ڪئي ۽
سمورو عرصو مهراڻ ذريعي مرزا عبدالرحيم کي اَن ۽
جنگي سامان ٻيڙين تي پهچڻ لڳو[18].
1615ع ۾ انگلينڊ جي بادشاهه جيمس اول، سرٿامس رو
کي جهانگير جي دربار ۾ سفير ڪري مڪو. هن سورت جي
ايسٽ انديا ڪمپني جي ڊائريڪٽرن کي لاهور کان لاهري
بندر واري دريائي شاهراه جي اهميت کان واقف ڪيو ۽
1616ع ۾ انگريزن ٺٽي ۾ واپار جي ڪوٺي کولي، سندن
ايجنٽ ديسي دلالن معرفت سنڌ جي شهرن مان ڪپڙو ۽
نير خريد ڪرڻ لڳا. لاڙ جا واپاري ڳاڙها چانور،
چمڙي جي گيهه جا دٻا سکر موڪلي هتان اڇا چانور ۽
هٿيار خريد ڪندا هئا. نڪولس وٿنگٽن جهانگير جي
ڏينهن ۾ سکر کان ٻيڙي وسيلي 15 ڏينهن ۾ ٺٽي پهتو
هو. لاهور کان ٺٽي تائين ٻيڙين تي هڪ هزار مڻ مال
تي اڍائي سؤ روپيا ڀاڙو هو ۽ في ٻيڙي مال سان ڀريل
تي چار روپيا سرڪاري محصول ڀرڻو پوندو هو. ايسٽ
انڊيا ڪمپني جي ديسي هندو دلالن جون ٺٽي، سکر،
ملتان ۽ لاهور تائين ڪوٺيون هيون[19].
ٺٽي، لاهري بندر ۽ سکر ۾ شين جا اگهه مقرر هئا.
مغلن جي پوئين زماني اورنگزيب جي ڏينهن ۾ ٺٽي جي
مغليه نوابن في ٻيڙيءَ تي محصول وڌائي ڇهه روپيا
ڪيو، جنهن ڪري گهڻائي پنجاب جا واپاري ٺٽي ۽ سکر
مان لڏي ويا. دکن ۾ مرهٽن سان سانده جنگين ڪري ملڪ
مان سستائي موڪلائي ويئي. سرڪاري خزانن ۾ کوٽ پوڻ
لڳي[20].
1652ع ۾ اورنگزيب کي سنڌ ۽ ملتان جاگير ۾ مليا.
لاهري بندر جو منهن واريءَ سان ڀرجڻ لڳو. شهزاده
نئون اورنگا بندر مهراڻ جي ڊيلٽا تي تعمير ڪرايو.
1617ع ۾ دائود پوٽن، مهرن کي شڪست ڏيئي لکيءَ تي
قبضو ڪيو ۽ شڪار گاهه واري هنڌ تي نئون شهر
شڪارپور تعمير ڪرايو، جنهنڪري خراسان جا قافلا
جيڪي اڳ مال سکر ۾ نيڪال ڪندا هئا هينئر شڪارپور ۾
نيڪال ڪرڻ لڳا. هي شهر جيئن پوءِ ويو ترقي ڪندو.
پر سکر کي مهراڻ جي ڪپ تي هئڻ ڪري جيڪا اهميت هئي،
سا شڪارپور کي نصيب ڪو نه ٿي. اڪبري اشرفيءَ جي
قيمت 9 روپيا هئي، عالمگيري اشرفي جي قيمت 16 رپيا
هئي. ايراني سڪا محمدي عباسي به چالو هئا ۽ انهن
جي قيمت فقط 4 آنا هئي، سکر ۾ مکڻ ۽ گيهه جي ايتري
جهجهائي هئي جو درياه رستي مسقط ڏانهن ويندو هو[21].
سيلاني پادري مانرتي، جنهن 1641ع ۾ لاهور کان ٺٽي
تائين مهراڻ تي مسافري ڪئي هئي، لکي ٿو ته:
”سکر ۾ وڏو واپار هلي ٿو، هر سال ايران ۽ خراسان ڏانهن مال سان
ڀريل قافلا وڃن ٿا.“
سکر محصول جو ناڪو هو. مانرتي کي هتي محصول ڀرڻ ۾ تڪليف ٿي هئي.
وليم فنچ 11 – 1608ع سکر، روهڙي ۽ ٺٽي کي عظيم شهر
ڄاڻائي ٿو: جن جو پنجاب سان واپاري ناتو هو[22].
جوزف سئلئمبڪي جو 17 صديءَ جي شروعات ۾ سکر پهتو
هو، لکي ٿو ته سکر ۽ روهڙي ٻه مکيه شهر آهن:
”روهڙي شهر ۾ ڪڙمي ۽ محنتي ماڻهو رهن ٿا، زراعت کان سواءِ سوٽي
ڪپڙي، نير ۽ ٻين شين جو واپار ڪن ٿا. هلت چلت ۽
وهنوار ۾ سڌا سنوان ۽ امن پسند آهن. بکر جو حاڪم
اسان کي احترام سان گڏيو ۽ آجيان ڪيائين. سکر ۾
عمديون تراريون جڙن ٿيون ۽ سستيون آهن...هتي ڪورين
۽ رنگريزن جا ڪٽنب رهن ٿا . . . ۽ بهترين قسم جو
نير وڪامي ٿو.“
[23]
پادري ماتري، شاهجهان جي ڏينهن ۾ ٺٽي ڏانهن ويندي روهڙي ۽ سکر
مان لنگهيو.
”اُتر سنڌ ۾ بکر (سکر) مهراڻ جي ڪپ تي سهڻو شهر آهي، جنهن جي
چوگرد چمن ۽ باغن ڪري بهاري هئي، بازار جا دوڪان
هر قسم جي مال سان ڀريل هئا، حقيقت ۾ روهڙي ۽ سکر
وارين ٽڪرين کي سنڌ جو چمن ڪوٺين ٿا“ (1).
مغليه دور ۾ سکر جي ثقافتي حالت
باب الاسلام سنڌ ۾ ملتان، اُچ، سکر جا شهر بزرگان دين ۽ باڪمال
علمائن جي وجود مسعود ڪري تبليغ جي لحاظ سان
روحانيت جا مرڪز هئا ۽ سکر جو دارالعلوم قرآن،
حديث، فقه، تصوف، منطق ۽ اقليدس جي تعليم ڪري وچ
ايشيا تائين مشهور هو، جتي شاگردن جي خوراڪ ۽
رهائش جو انتظام هو، مغل هن ملڪ ۾ آيا ته پاڻ سان
نوان هنر ۽ نيون ايجادون کڻي آيا، باغباني، ڪپڙي
سازي، عمارت سازي، مصوري ۽ ٻين هنرن ۽ علمن ڪري
هتي جي رهاڪن ترقي ڪئي، نووارد خانوادن جن هن شهر
کي وطن جوڙيو، تن هتي جي خاڪ پاڪ کي باغن، بوستانن
۽ نادر الزمان عمارتن سان معمور ڪري ڇڏيو، ڇو ته
قدرت شهر سکر کي حسين ٽڪرين جي ڪري دلاويز حسن
بخشيو هو، حڪيم ٽيڪچند هڪ دفعي ميونسپالٽي جي
ميٽنگ ۾ تقرير ڪندي ڄاڻايو هو ته ”سکر جون ٽڪريون
طلائي آهن“ نووارد خانوادن مان نواب محمد معصوم
پنهنجي مادر وطن سکر کي عمارتن جوڙائڻ کان پوءِ
سنڌ جو فتح پور سيڪري بڻائي ڇڏيو، هن وقت صوبي سنڌ
۾ ٺٽو ۽ سکر آثار قديمه جي لحاظ سان ٻه اهڙا شهر
آهن، جي ڌارين ملڪن جي سياحن لاءِ تفريحي اسباب
مهيا ڪن ٿا، ٻئي شهر گهڻو وقت تختگاه رهندا آيا،
سکر کي ته مهراڻ تحفو بڻائي ڇڏيو آهي ۽ ٺٽي جو
اڳوڻو اوج مٽجي چڪو آهي، مغليه دور ۾ پارسي لٽريچر
۽ ثقافت بيحد ترقي ڪئي، سکر جي خاڪ پاڪ مان هن دور
۾ چوٽيءَ جا شاعر مورخ ۽ دانشور پيدا ٿيا، جن کي
تاريخ دهرائي ٿي، مغل بي انتها پير پرست هئا، جنهن
ڪري مرشد سڳورن پيري ۽ مريديءَ جون سندون ايجاد
ڪيون، سکر ته پيرن جو منجو اڄ به آهي ۽ چپي تي
زيارتگاهون آهن، جن تي ماهوار ۽ ساليانو عرس
ملاهيا وڃن ٿا، اهڙو بيان اوهين بزرگان دين جي
حالات مان معلوم ڪري سگهندا، اسلام جي تصور توحيد،
هر مذهب ۽ هر طبقه جي ماڻهن کي ميلن ۾شريڪ ٿيڻ جي
دعوت ڏني.
هندي لٽريچر ۽ سکر جا هندو
[24]
مسلمانن ۾ سني، شيعا ٻه مذهبي فرقا هئا، ٽيون مهدوي فرقو به
سنڌ، بلوچستان، افغانستان ۽ خراسان تائين پهتو هو.
انهيءَ طرح هندن ۾ وقت بوقت ڌرمي پنٿ پکڙجڻ لڳا،
سکر جا هندو جن ۾ برهمڻ، لوهاڻا، ڀاٽيا، ڇاٻڙا ۽
ٻيون قومون شامل هئا، شهر ۾ مسلمانن کان ڪثير
التعداد هئا، مغلن جي صلح پسند حڪمت عملي هندو
مسلم اتحاد کي مضبوط ڪيو، مسلمان صوفين جي صحبتن
ڪري عيسوي 15 صدي ۾ وشنو پنٿ، ڪبير پنٿ ۽ نانڪ
شاهي پنٿ جيڪا بيداري پيدا ڪئي، تنهن هندو ۽
مسلمان قومن کي هڪڙي قوم جي قالب ۾ پلٽي ڇڏيو،
پارسي زبان ۽ لٽريچر 16 صدي ۾ ترقي ڪئي. نون پنٿن
جي جنم وٺڻ ڪري هندي برج ڀاشا زبان ترقي ڪئي،
مغليه درٻار کان علاوه هندي سماج جي ڌرمي ٻولي به
برج ڀاشا هئي، مسلمان به هن ٻولي ۾ طبع آزمائي ڪرڻ
لڳا، انهيءَ دور جا ڏوهيڙا ۽ ساکيون سلوڪ شهه پارا
آهن. شاعر ملڪ محمد ڊائسي جي ”پدماوت“ جا ظاهري
ميواڙ جي راڻي جي آکاڻي آهي، ڳوڙهي فلاسافي رکڻ
ڪري هنديءَ جو نئون دور شروع ڪيو ۽ برج ڀاشا جي
ميٺاج عوام ۽ خواص کي متاثر ڪيو. عبدالرحيم خان
خانان پڻ هنديءَ جو شاعر هو سندس ڏوهيڙا ”رحيم
سستاءِ“[25]
جي نالي سان مشهور هئا. ولڀ اچاريه پنٿ جي شاعرن
مان ”سورداس“، نند داس جو ”رس پنچا ڌايائي“ وٺل
ناٿ جو ”چوراسي ويسنا واجي ورتا“، پر ماننداس ۽
ڪڀنداس، رس خان جو ”پريم و تيڪا“ سري ڪرشن ۽
رامچندر جي ڪهاڻين ۽ ڀڳتين سان ڀريل آهن. ڀڳت
تلسيداس 1623ع – 1532ع جو رامائڻ، وٺل ناٿ جي اٺن
مهرن مان گوڪل ناٿ 1551ع جو ”چوراسي و سينا واجي
ورتا“، راڌا بلا ڀي پنٿ جوهري و مسا 1585ع ۾ جاري
ڪيو، هن فرقي جو وڏو ”راڌا“ مندر بندرا بن ۾ هو،
هن پنٿ وارا راڌا جا پوڄاري هئا. تلسي داس وشنو جي
اوتار رامچند جي پرچار لاءِ رومائڻ تيار ڪيو. هن
ڪوڀنٿ جاري نه ڪيو پر ڌرمي مصلح شمار ٿئي ٿو. سندس
ڪٿا تي اسلام جو اثر پيل نظر اچي ٿو. دادو ديال
1603 – 1544ع جي دوهن مان بت پرستي لاءِ نفرت ۽
خدا جي وحدانيت جو پرچار سادگيءَ سان ڪيل آهي ٻيا
پنٿ جهڙوڪر ”لال داسي“، ”ڌرمداسي“ وغيره – ڀڳتي
مالا مان روپا، سناتن؛ جيو گو سوامي؛ گوپال ڀٽ جا
نالا ملن ٿا. مهاراشٽر ۾ ٽڪارام 1600ع جي اڀنگا
سلوڪن ۾ روحاني پاڪائي جو پرچار ڪيو. رامداس مرهٽي
جون ڀڳتيون دکن ۾ مشهور رهيون. مٿين ڀڳتين،
ويدانتي پرچارن، دوهن، مالائن ۽ پنٿن جو اثر سکر
جي هندن تي پيو. جيئن ڪبير ۽ دادوءَ جا دوها اڄ به
زبان تي آهن.
مغليه دور جا سکر جا علماء ۽ بزرگ
سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ گهڻنئي باجبروت حڪمرانن جا مقبرا آهن، جن
جي تعمير تي لکين روپيا خرچ ڪيل ۽ اُهي ڪاريگرن جي
ڪمال جو بهترين نمونو آهن. ليڪن شمع ۽ گل انهن
مقبرن کي نصيب ڪو نه ٿيا، بلڪ سندن فلڪ فرسا مقبرا
جن کي هنن پنهنجي جيئري لکين غريبن جو رت چوسي،
سندن رت ۽ پگهر مان جوڙايا، اڄ زماني جون سٽون نه
سهندي بلڪل سنسان آهن ۽ اهل نظر جي عبرت لاءِ
افسانا بنجي چڪا آهن. ائين ڇو ٿيو؟ ان لاءِ هڪڙو
ئي جواب آهي ته انهن خون آشام ترار جي زور تي
حڪومت هلائي، جن جي نالن کي ٻڌڻ سان مغلوب انسانن
جا قلب ڪنبندا هئا. وري انهن گوشه نشين دلپوش
بزرگانِ دين جي مقبرن ۽ منارن کي ڏسو! جن گوشه
نشيني جي حالت ۾ رهندي مخلوق خدا تي روحانيت جي
طاقت سان حڪومت ڪئي. وٽن نه ترار هئي نه لشڪر نه
خزانا فقط علم عرفان جا وهندڙ چشما هئا، جن تان
معرفت جي متوالن کي پيئڻ لاءِ آبِ بقا ملندو هو ۽
سوز ۽ گدازِ عشق جي طالبن جي رڳن ۾ سماع جي
سرمستين ۽ دلنواز نغمن ڪري ڪيف ۽ سرور ۽ دائمي درد
پيدا ٿيندو هو ۽ اهو درد ۽ سرور قيامت تائين قائم
رهندو هو. اُهي بي سرور ساماني جي حالت ۾ ٻه صاحب
سيف و قلم هئا. جهاد جي وقت مٿن سان ڪفن ٻڌي خاڪ ۽
خون ۾ تڙڦندي جام شهادت نوش ڪندا هئا ۽ پونين لاءِ
لافاني سبق ڇڏي ويندا هئا. وقت جي ظالم شهنشاهن جي
روبرو وڃي، مخلوق خدا جي ڀلي لاءِ کريون کريون
ٻڌائيندا هئا. شهنشاه انهن بوريه نشينن کي خوش ڪرڻ
لاءِ هزارين ۽ لکين روپيا ڏيندا هئا، جن گرانقدر
رقمن کي بيٺي بيٺي لحظي اندر محتاجن ۽ نادارن کي
ورهائي ڏيندا هئا. اڄ وقت جي شهنشاهن جي عاليشان
مقبرن تي ڌوڙ وسي ٿي ۽ سواءِ خاموشي ۽ وحشت جي اتي
ڪجهه به ڪونهي! سندن ڪشور ڪسائي ۽ رنگين داستانن
کي تاريخن جي ورقن اندر پڙهي سگهون ٿا! وري جڏهن
انهن بي سرو سامان خاڪ نشينن جي نيلگوني گنبذن کي
نيري آسمان جي چمڪندڙ ڇت هيٺان چمڪندو ڏسون ٿا، جن
جي تربتن کي عقيدتمند ڏينهن جو رنگا رنگي خوشبوءِ
دار گلن سان سينگارين ٿا ۽ رات جو ڪافوري شمعن ۽
قنديلن سان روشن رکن ٿا ۽ هر سال هزارن ميلن کان
ڪهي اچي عرس ملهائين ٿا! ڪهڙي سبب ڪري؟ اُن جي
جواب لاءِ عارف حڪيم سنائي رح جون ٻه سٽون اهلِ
ذوق اڳيان پيش ڪجن ٿيون:
سر بر آ راز گلشن تحقيق تادر کوي دين
کشتگانِ زنده بيني انجمن در انجمن
در
يکي صف کشتگان بيني بتيغي چون حسين
درد
گر صف خستگان بيني بزهري چون حسن
شيخ ابو الحسن بکري
اڪبري دور جو وڏو محدث هو ۽ مڪي ۾ تعليم ورتي هئائين، حافظ ابن
حجر مڪي جو همعصر هو. علامه مجد الدين محمد بن
طاهر گجراتي، شيخ صاحب جو شاگرد هو، جنهن جي تصنيف
ڪيل لغت حديث ”مجمع بصار الانوار“ صحاح تسه جي شرح
آهي، شيخ ابو الحسن بکر جا ٻه شاهڪار ”ڪتاب المعني
في السماء الرجال“ ۽ ”تذڪره الموضاعت“ بي مثل آهن.
علامه مجد الدين آگره ڏانهن ويندي 986 هه ۾ اُجين
وٽ شهيد ٿيو.
ميان آدم شاهه بکري
سنڌ جي عباسي ڪلهوڙن جي صاحبي جو سربراه ميان آدم شاه بن ميان
نور شاهه بن صاحبڏنو بن ميان خان محمد بن طاهر بن
رافع بن شاهه محمد بن ابراهيم بن محمد طاهر بن
چنيه بن قائم بن احمد بن طاهر بن قائم بن
عبدالرحمان بن عباس بن مامون بن هارون بن ابو
عبدالله مهدي بن حضرت عباس، عم النبي صلي الله
عليه وآله وسلم[26].
آدم شاهه جا وڏا مڪران کان نڪري اچي سنڌ ۽ ملتان
۾رهڻ لڳا ۽ ميان صاحب سکر ۾ قيام فرمايو ۽ هتي
شيخ لنڪراچ ۽ شيخ ابوبڪر جتوئي بکريءَ جي ٻن واسطن
سان سيد محمد ميران مهدوي جونپوريءَ جو مريد ٿيو،
مهدوي تبليغ ڪرڻ لاءِ ڏوڪري تعلقه جي هٽڙي ڳوٺ ۾
پيري مريدي جي مسند وڇائي مهدوي فرقي جي تبليغ ڪرڻ
لڳا، هتي کٻڙ ابڙو پنهنجي قبيلي سميت بيعت ڪري
مرشد جي خدمت ڪرڻ لڳو، 1590ع ۾ مرزا عبدالرحيم خان
خانان کي اڪبر لاهور مان لشڪر، توبخاني ۽ هاٿين
سميت سنڌ جي ڏاکڻي حصي کي فتح ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو.
خان خانان درويشن جو دوست علمائن جو قدردان، فياضي
ڪري حاتم ثاني هو، جڏهن به ڪنهن مهم تي نڪرندو هو
ته جيڪي به بزرگ واٽ تي هوندا هئا، تن سان
ملاقاتون ڪري دعائون گهرندو ۽ نذر ۽ نياز پيش ڪندو
ويندو هو. لاهور کان رواني ٿيڻ کان پنهنجي اتاليق
علامه ابو الفضل جي صلاح سان، اُتي جي بزرگ شيخ
ماڌو لال حسين جي بارگاه ۾ پهچي دعا پنڻ ويو[27].
ملتان پهچڻ وقت پنج سؤ اشرفين سان ڀريل ڳوٿري
سهروردي سجاده نشين جي خدمت ۾ مڪائين، پر هن
اشرفين کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو، بکر سرڪار
جي پرڳڻي درٻيلي پهچي مخدوم عثمان جي قدمن تي مٿو
رکيائين، مخدوم صاحب ان وقت جو مجدد هو[28].
لاڙڪاڻي پهچڻ وقت ميان آدم شاهه جي تعريف ٻڌي،
درويش جي دهليز تي پهتو ۽ دعا گهري. رواني ٿيڻ وقت
کٻڙ ابڙي مريد فقيرن جي لنگر جي خرچ لاءِ گهر ڪئي،
جنهن تي مرزا عبدالرحيم چانڊڪو پرڳڻو ميان صاحب کي
لکي ڏنو جو چانڊيه ٻروچ قوم جي ملڪيت هو: قنبر،
لاڙڪاڻو ۽ نصير آباد چانڊڪي پرڳڻي ۾ شامل هئا:
”چون در آن وقت خان خانان نزد ميان آدم شاهه به استمداد دعا
آمده التماس نذري کرد، حسب درخواست کبرا ابره
مذکوره زميندار ئي زمين چانڊو که از انتقال قوم
چانديه به وي گرقته داد“[29].
چانڊڪي پرڳڻي جون حدون مديجي کان سيوهڻ تائين هيون ۽ سنڌ جو باغ
ڪوٺبو هو، جنهن جي سالياني آمدني ٻارهن لک روپيا
هئي. ابڙن نوان واهه کوٽرائي نوان شهر تعمير ڪيا.
اُهي مهدوي هئڻ ڪري ”مهديجا“ ڪوٺبا هئا. ابڙن ٻه
چار فصل کنيا ته سندن دماغ ڦري ويو. آس پاس جي
سميجن زميندارن سان کوئنس ڪرڻ لڳا ۽ ماڻهن کي
ستائڻ لڳا، جنهنڪري مسلسل فساد ٿيندا رهيا.
زميندار بکر جي نواب وٽ دانهن کڻي ويا. ٻئي طرف
ميان جي مريدن جو روزمره تعداد وڌڻ لڳو ۽ بکر جي
نوابن کي منجهانس خوف جاڳيو، حالانڪ ميان صاحب
خداپرست درويش پنهنجي دائري اندر استغراق ۾ رهندو
هو. کيس دنوي دولت سان ڪو لاڳاپو نه هو. بکر جي
نواب معاملي کي ملتان سرڪار وٽ پهچايو، جتان درٻار
اڪبري ۾ پيش ٿيو، جتان ميان صاحب جي گرفتاريءَ
لاءِ حڪم صادر ٿيو ۽ ميان صاحب کي ملتان جي
جيلخاني ۾ قيد ڪيو ويو. ايڇ – ڪزنس صاحب جو بيان
آهي ته جڏهن ميان صاحب کي ملتان آندو ويو ته وٽس
مريدن جو وڏو هجوم هو. پهريان سهروردي سجاده نشين
مخدوم لعل عيسن سان ملاقات ڪيائين، پوءِ جيل ۾
رکيو ويو[30].
قيد جي حالت ۾ ملتان جي ڪوٽوال محمد آقا، ميان آدم
شاهه جي هٿن تي بيعت ڪئي، جنهن کي ميان صاحب وصيت
ڪئي ته مرڻ کان پوءِ سندس جنازي کي وطن مالوف سکر
جي اولاهين ٽڪري تي دفنايو وڃي. ملتان جي نواب
1598ع ۾ ميان صاحب کي شهيد ڪرايو ۽ مريدن سندس
جنازي کي سکر جي اولاهين ٽڪريءَ تي آڻي دفنايو، جا
اڄ تائين سندس نالي تي ”آدم شاهه“ جي ٽڪري سڏجي
ٿي. ٽڪريءَ تي ٻه قبرون آهن: هڪ فقير ڄام فيروز
ٽالپور متوفي 1800ع ۽ ٻي فقير مستي بن رند جويه جي
آهي. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي، ميان آدم شاهه جي قبر
مٿان مقبرو ۽ مسجد تعمير ڪرائي، جن جو ڪم 1774ع ۾
پايه تڪميل کي پهتو. انگريزي دور ۾ 1890ع کان
1914ع تائين هن زيارتگاهه بندش پيل هئي، جنهن جو
سبب هو روس جي ڪاهه. چناچه 1884ع ۾ روسي فوجي اسڪ
آباد، مرو ۽ پنج ديهه تي قبضو ڪري، ريلوي لائين
سان مٿين شهرن کي وچ ايشيا جي رشين ريلوي لائين
سان ڳنڍي ڇڏيو. برٽش حڪومت روس جي مٿين سياسي چرپر
کان خوفزده ٿي، سرحد جي بچاءُ لاءِ وائيسراءِ لارڊ
لينسڊائون جي ڏينهن ۾ اٽڪ ۽ راولپنڊي کي مورچا
ڏياريا، ڇو ته ٻئي شهر خيبر لڪ جي سامهون هئا.
ملتان، شير شاهه، بهاولپور ۽ فيروز پور به سرحدي
شهر هئا، جن کي مورچن سان مضبوط ڪيو ويو. سکر جو
بولان لڪ جو ڦاٽڪ هو، ان جي اولهه وارين ٽڪرين تي
مورچا (خندقون) تعمير ڪرايون ويون، سڀني کان مضبوط
مورچو ميان آدم شاهه جي مقبري جي چوڌاري تعمير
ڪرائي هڪ پاڻيءَ جو تلاءُ پڻ تعمير ڪرايو ويو ۽ هڪ
فوجي سارجنٽ ۽ مورچن جي حفاظت لاءِ چوڪيدار مقرر
ڪيا ويا ۽ هن زيارتگاه تي بندش وڌي ويئي[31].
ليڪن 1914ع واري پهرين عالمگير جنگ وقت جڏهن هوائي
جهازن جي وجود ۾ اچڻ ڪري قلعن ۽ مورچن جي اهميت
گهٽجي ويئي، تڏهن سکر جي مورچن کي برٽش فوجي کاتي
ڊهرائي ڪاٺ، لوهه ۽ خاردار تارن کي نيلام جي ذريعي
نيڪال ڪيو. ميان آدم شاهه واري مورچي جي لوهي ڦاٽڪ
کي هندن خريد ڪيو، جو هن وقت هندو مسافر خاني کي
لڳل آهي ۽ زيارتين کي مقبري تي اچڻ وڃڻ جي اجازت
ڏني. ميان صاحب جي مقبره جي وقت بوقت ريلوي ورڪشاپ
جا مزور چندا گڏ ڪري مرمت ڪرائيندا رهيا. هينئر
يعقوب آئل ملز جو سيٺ مقبره جي سنڀال ڪري ٿو ۽
مقبره تي رهندڙ فقير کي گذرسفر لاءِ ڪجهه ڏئي ٿو.
قيام پاڪستان کان پوءِ پهريون دفعو ميان صاحب جي
مقبره مٿان رات جو برقي بلب ٻرن ٿا. جيڪڏهن سکر
ميونسپالٽي مقبره جي اڳيان ميدان تي ڪو پارڪ تعمير
ڪرائي ته بهترين تفريح گاه بڻجي پوندو.
شيخ فريد بکري
شيخ فريد بکري بن شيخ معروف بکري کي مغليه درٻار ۾ وڏو رسوخ
حاصل هو. سندس ڪتاب ”ذخيرة الخوانين“ پارسي جلد
اول، پاڪستان هسٽاريڪل ريسرچ سوسائٽي پاران اهتمام
سان 1961ع ۾ ڪراچي مان شايع ٿيو. شيخ فريد نظم ۽
خط جي تعليم مير ابو القاسم نمڪين کان ورتي هئي.
نواب فتح خان
اڪبر دور جي بکر جي نواب فتح خان روهڙي واري وار مبارڪ واري
درگاه جي لڳ مهراڻ جي ڪپ تي پُر فضا هنڌ گنبذن
واري جامع مسجد 992 هه ۾ تعمير ڪرائي. مسجد جا ٽي
گنبذ آهن، جن تي ڪاشيءَ جو عمدو ڪم ڪيل آهي. اڱڻ
واري پاسي ڏانهن مهاڙيءَ تي وچين دروازي مٿان
ڪاشيءَ جي سرن تي هيٺيون ڪتبو لکيل آهي:
خسرو دين پناهه شاهه اڪبر
که بود تاج بخش شهان ملک
شاه انجم سپاه چرخ سرير
حامي شرح مقتدائي زمان
بندگانش چو قيصر و فغفور
چاکرانش چو طغرل و خاقان
سروري نيک رائي دريا دل
منيع جود مجمع احسان
فتح خان آنکه تيغ خونريزش
کرد بنيادِ ظلم را ويران |
مسجد جامع از برائي ثواب
پر اميد ساخته قصر جنان
دلکشا همچو مسجد کعبه
جان فزا همچو روضه رضوان
تابرد گنبذ فلک برپاءِ
باد سالم ز آفت دوران
سال تاريخش از خود جستم
مسجد خان بگفت کرد روان
992 هه[32] |
نواب فتح خان 986 هه ۾ بکر جو نواب مقرر ٿي آيو هو. 1320 هه
مرزا ڪلب علي مختيار روهڙي ان مسجد جي مرمت ڪرائي
۽ پنهنجي نالي جو ڪتبو به هڪ پاسي ڏانهن هڻائي
ڇڏيو. جيڪڏهن مرزا صاحب مرحوم اها ڪوشش نه ڪري ها
ته ان تاريخي مسجد جي به اها ئي حالت هجي ها، جيڪا
روهڙيءَ جي ٻين بي شمار مسجدن جي ٿي وئي آهي.
نواب سعد خان
نواب سعد خان 1007 هه ۾ بکر جو نواب ٿي آيو. سندس نوابيءَ جي
زماني ۾ سال 1011 هه اندر روهڙي ۽ سکر جي مابين
خواجه خضر واري ٻيٽ تي هڪ مسجد تعمير ٿي جا ٻيٽاڙي
جي ڏاکڻي ڪنڊ تي شڪسته حالت ۾ آهي. ديوارن تان
چونو ڳچ لهي ويو اٿس. مسقف حصي واري محراب جي مٿان
ڇهن سٽن ۾ هي ڪتبو پٿر جي سر تي اُڪريل آهي:
خان عالي سعيد خان که بدهم
اوست بحر سخا و صحاب کرم
ساخت اين مسجد عيبر سرشت
که فرح راست همچو بيت حرم
بي تڪلف ز لطف آب و هوا
روضه گشت از رياض ارم |
از مقيما آستانش يکي
چون وفا بنده حميد شيم
کلکه قدرت به آب چشمه خضر
سال تاريخ ”روضه“ کرد رقم
1011 هه |
مير ابو القاسم نمڪين
مير قاسم خان نمڪين هروي جو پيءُ ملا هو. سبز واري امام موسيٰ
رضا رضه جي درگاه جو متولي هو، اُزبڪن جي ڪاهن وقت
هرات کان نڪري قنڌار ۾ آيو ۽ اُتي شهيد ٿيو. سندس
پٽ مير قسم لاهور ۾ اچي، اڪبر بادشاه جو ملازم ٿيو
۽ چار هزاري منصبي مليس. سبزواري ساداتن مان جن
بکر کي وطن جوڙيو، اهي قاسم خان ڪوٺجڻ لڳا. جيڪي
ٺٽي ۾ رهڻ لڳا، سي امير خاني سڏبا هئا، ڪي سيوستان
۾ رهندا هئا. مير ابو قاسم جي ذاتي جوهر کي ڏسي
اڪبر کيس پنجاب ۾ ڀيره ۽ خوشاب جاگير ۾ ڏنا، جن ۾
لوڻ جون کاڻيون هيون، جن جي ڪري مٿيان پرڳڻا ”نمڪ
سر“ سڏبا هئا. مير ابو القاسم لوڻ مان هڪ رڪابي ۽
هڪ پيالو ٺهرائي بادشاه جي خدمت ۾ موڪلي پنهنجي
نمڪ حلالي ڏانهن اشارو ڪيو. بادشاه سندس رمز کي
پسند ڪري کيس ”نمڪين“ جو لقب ڏنو[33].
مير ابو القاسم گهڻين ئي جنگين ۽ صوبن جي انتظام ۾
حصو ورتو هو. اڪبر اعظم 1003 هه بکر کيس جاگير ۾
ڏنو. هو تجربيڪار جنرل ۽ امور صوبيداريءَ مان واقف
هو. مير صاحب 1018 هه قنڌار کان موٽندي واٽ تي
انتقال ڪيو ۽ ستين جي ٿان ”صفهء صفا“ واري قبرستان
۾ دفنايو ويو.
ستين جو ٿان
مير ابو القاسم جو قبرستان روهڙيءَ جي سول ڪورٽ جي ويجهو، اتر ۽
اولهه جي ڪنڊ تي، درياءَ جي ڪپ تي هڪ ٽڪريءَ مٿان
ٺهيل آهي. اولهه کان ٻن فرلانگن جي پنڌ تي
لئنسڊائون پل آهي، سامهون اتر کان درياءَ جي ٻي ڀر
تي سکر جي شهر آهي ۽ ڏکڻ ۽ اوڀر جي ڪنڊ تي ٻن ٽن
فرلانگن جي فاصلي تي روهڙيءَ جو شهر آهي. بکر جي
قلعي جون ڊٺل ديواريون به اوڀر کان ڏسڻ ۾ اچن
ٿيون. ساڌ ٻيلو اتر کان وچ درياءَ ۾ سامهون وجود
آهي. جاءِ وقوع جي لحاظ سان هيءَ ٽڪري پنهنجي
دلڪشيءَ ۾ بي مثل آهي. چار ئي طرف کليل، ڪوهن
تائين نظر پوي ٿي، قدرتي مناظر صبح شام، پري پري
تائين ڏسي سگهجن ٿا. سڄو ڏکڻ طرف انبن ۽ کجين جي
باغن سان ڀرپور آهي. سکر کان ايندڙ رستو درياءَ جو
ڪپ ڏيو، انهيءَ ٽڪريءَ جي پهلوءَ کي ڇهندو، روهڙي
ڏانهن وڃي ٿو. انهيءَ ٽڪريءَ کي، انهيءَ قبرستان
ٺهڻ کان اڳ ”ستين جو ٿان“ سڏيو ويندو هو. يعني
ستين جو آستان، جنهن کي فارسيءَ ۾ ”ستياسر“ جي
نالي سان لکيو ويو آهي، جيڪو غالباً ”ستين سرتين“
يا ”ستن جو آستان“ جو بگاڙ ٿو ڀائنجي. اڪبر نامي ۾
ان کي ”ڪوهه هفت دختر“ لکيو ويو آهي[34].
ماثر الامرا جو مصنف انهيءَ ٽڪريءَ کي ”کار
ماتري“ سڏي ٿو[35].
هندن جي ڏند ڪٿائن ۽ مسلمانن جي روايتن مان معلوم
ٿئي ٿو ته اتي ستين جو آستان هو ۽ اڃا اها جاءِ
انهن خدا رسيده معصوم بيبين جي رهائش سبب متبرڪ
سمجهي ويندي هئي. مير ابو القاسم ”نمڪين“ جڏهن بکر
۾ حاڪم ٿي آيو ۽ بکر کي ئي پنهنجي مستقل رهائش
لاءِ پسند ڪيائين ۽ ان ۾ پنهنجا يادگار ٺهرايائين.
جڏهن انهيءَ ٽڪري جو ماحول، جاءِ وقوع ۽ چوڌاريءَ
جا منظر کيس پسند آيا، تڏهن ان ٽڪريءَ جي چوٽيءَ
کي صاف ڪرائين، مسطح ڪري، چوڌاري ديوار ڏيئي، سرن
جو فرش ٻڌائي، چئن ڪنڊن کان چار منارا ۽ گوشا
ٺهرائي، ان کي پنهنجي خاندان لاءِ قبرستان طور ڪتب
آڻڻ جو ارادو ڪيو. ليڪن ان کان اڳ جو ان ۾ ڪنهن
فوتيءَ کي دفن ڪيو وڃي، مير صاحب ان کي چانڊوڪين
راتين ۾ مجلس آرائي لاءِ ڪتب آندو ۽ ان جو نالو
”صفئه صفا“ رکيائين. سندس فرزند ميرڪ يوسف لکي ٿو
ته:
”پير غلام صفئه چهار گوشه ساخته، وهر گوشئه اين صفه مناري برپا
داشته، و ”صفئه صفا“ نام نهاده در شبهاي ايام بيض
اڪثر در آن جا ميگذر ايند، وبا اهل فضل مجلس
داشته، خرپز هاي موضع نيه بدره راکه درچار کروهي
اين صفه واقع است، بغايت خر پز هاي ولايتي آن خوب
مي شوند، صرف مي کرد.“
[36]
ڏکڻ سمت ۾ اتان چئن ڪوهن تي سنڌ جو قديم تختگاهه، اروڙ، آهي. ان
زماني ۾ مير صاحب جي جاگير ۾ هو. انهيءَ جي سامهون
واري ڳوٺ، ”نيه بدره“ ۾ مير صاحب گدرن جا باغ
ڪرائيندو هو. گدرن جو پاڻ به شوقين هو ۽ ويلي تي
هڪ مڻ گدرا کائي ويندو هو. دوستن، احبابن، عالمن ۽
اديبن کي چانڊوڪين راتين ۾ انهيءَ ٽڪريءَ تي گڏ
ڪري مجلسون ڪري، قدرتي نظارن مان لطف اندوز ٿيندو
هو. ماثر الامرا لکي ٿو ته ”چانڊوڪين راتين ۾
انهيءَ ٽڪريءَ جو نظارو بي نظير عالم هو.“
”برڪو هچه (که مشرق قلعه بکر است) جنوب روبه جانب قصه لوهري،
متصل درياي پنجاب مشهور به ”کار ماتري“ گورخانه
خود ساخته ”صفئه صفا“ نام گذاشت در شبهاي ماهتاب
بي نظير عالم است و همانجا مدفون گشت“.[37]
انهيءَ صاف صحن تي چانڊوڪين راتين جون مجلسون مير نمڪين جي
زندگيءَ تائين قائم رهيون. 1018 هه ۾ شهيد ٿيو، ۽
پهرين پاڻ اتي آرامي ٿيو ۽ بعد ۾ اصلي مقصد مطابق
اهو سندن خاندان جو قبرستان ٿي ويو. ڏکڻ کان مٿي
پهچڻ لاءِ جيڪا ديوار آهي، ان جي ٻنهي پاسن کان
خوبصورت حجرا ٺهيل آهن، جيڪي ڏينهن جي آرام لاءِ
ڪتب ايندا هئا. اهڙيءَ طرح، اتر جي طرف کان اوڀر
خواهه اولهه جي ڪنڊن تي به حجرا آهن، جن جو رخ
درياءَ طرف آهي. صبح شام درياءَ جي نظاري ڪرڻ لاءِ
نشيمن جو ڪم ڏيندا هئا.
Whitehead, R. B: Catalogue of Coins in the
Punjab Musume of Lahore,
Oxford 1914.
ايف – برنيئر، سفرنامو ص
200.
ايڇ – ريورٽي: مهراڻ ۽ سندس شاخون، ص
494.
سکر جي بازار ۾ وچ ايشيا جو مال جام وڪامندو
هو، عربن جي ڏينهن کان سکر جا واپاري ڪابل ۾
رهندا هئا.
نوٽ:
هندي شاعري ايتري مقبول ٿي جو مسلمانن به حصو
ورتو جهڙوڪر عثمان جي چتراولي، شيخ نبي جوگيان
ديپ قاسم شاهه جو هنس جواهر، نور محمد جي
اندراوتي ۽ فاضل شاه جو پريم رتنا شاعري جو
موضوع ڪرشن ڀڳتي آهي.
معارف اعظم ڳڙه مئي
1962ع
ص
347.
مخدوم عثمان جي ملاقات جو بيان شيخ فريد ذخيرة
الاخوانين ج
1،
ڪراچي ۾ تفصيل سان ڏنو آهي ۽ دلچسپ آهي.
MARSHMAN, J.C: Abridgement of the History
of India PP. 545 – 51.
|