سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: هندستان جي تواريخ

باب؛ -

صفحو ؛ 8

10- شواجيءَ پوءِ مرهٽن جي راجائيءَ جو ڇَٽُ پهريون ۽ وڏو لشڪر وٺي ڏکڻ ويو. هو مدراس جي ڀرسان ويو، پر اُنهيءَ شهر تي ڪاهه ڪانه ڪيائين. هن ميسور ۽ ڪرناٽڪ جا سڀ قلعا گنجي، ويلور، آرني، بنگلور ۽ بيلاري ورتا ۽ ارڙهين مهني جي غير حاضريءَ کان پوءِ وري پوني ڏي موٽيو. جن ملڪن کي هن لُٽيو، تن سڀني ملڪن جي حاڪمن هن کي پنهنجي پيدائش جي چوٿ ڏن ۾ ڏيڻي ڪئي.

11- شواجي 52 ورهين جي عمر منجهه سنه 1680ع ۾ مري ويو. ٻيو ڪو مرهٽو سردار هن جهڙو ڏاهو يا ڦُڙت ڪونه هو. مرهٽا ماڻهو اڪثر هن جون تصويرون اهڙيءَ ريت جون ٺاهيندا آهن، ته هو گهوڙي تي چڙهي چانورن جا داڻا وات ۾ پيو اُڇلائي وجهي؛ جنهنجو مطلب اِهو آهي ته هن کي ڪٿي ترسي ماني کائڻ جيتري به فرصت ڪانه هئي.

12- شواجيءَ کان پوءِ پٽس سنباجي راجا ٿيو؛ پر هو پيُ جهڙو پٽيءَ ڪين هو. هو ڪٺور ۽ آلسي هو ۽ سگهوئي اورنگزيب هن کي قيد ڪيو ۽ مارائي ڇڏيائينس.

 

34- مغل شهنشاهت جي ڦِٽاڻي

    ( 1707 عيسوي کان 1748 عيسوي تائين)

1- مڙيئي 15 مغل شهنشاهه ٿيا آهن. پهريان ڇهه زور وارا بادشاهه ها ۽ اُنهن بادشاهي به سچي ڪئي. اورنگزيب اُنهن ڇهن مان پويون هو ۽ اُن جي راج ۾ شهنشاهت اهڙي وڏي ٿي ڏٺي، جهڙي اڳي ڪڏهين ڪانه هئي. پر اورنگزيب خراب ريت سان حڪومت هلائي؛ تنهنڪري جتي ڪٿي زوراور دشمن اَچي کڙا ٿيا. سِکن، راجپوتن ۽ مرهٽن سڀني فساد مچايو ۽ اورنگزيب جا پويان ويهه ورهيه مرهٽن کي دٻائڻ ڪاڻ اجاين ڪوششن ڪندي جنگ جي ميدان ۾ گذريا.

بهادر شاهه

 

Text Box: محمد شاهه
2- اورنگزيب جو وڏو پٽ بهادر شاهه جو لقب وٺي پيُ جي گاديءَ تي ويٺو؛ پر هن رڳا پنج ورهيه راڄ ڪيو. ٻين ستن ورهين جي مدت ۾ ٻيو ڪين  ته ٽي دهليءَ جا بادشاهه ٿيا؛ جن کي درٻار جي زور وارن اَميرن کڙو ڪيو، وري ڊاٺو ۽ پوءِ ماري ڇڏيو. سنه 1719ع ۾ اورنگزيب جي مرڻ کان 12 ورهيه پوءِ سندس پووين مان هڪڙي محمد شاهه نالي کي گاديءَ تي وهاريائون ۽ ٽيہ  ورهيه کن 1748ع تائين نالي ڪاڻ مغل شهنشاهه رهيو.

 

محمد شاهه

3- اورنگزيب جي مرڻ کان پوءِ سڀڪنهن وڏي علائقي جو صوبه دار شهنشاهه جي ڏوريءَ مان نڪتو ۽ پنهنجي علائقي جو سچو حاڪم ٿي ويٺو. هو اڃان سوڌو شهنشاهه کي پيسا پيا موڪليندا ها؛ پر جيڪي وڻندو هون سو ڏيندا ها. ظاهري ڪري سڀڪو صوبه دار شهنشاهه کي پنهنجو رئيس ڪري مڃيندو هو؛ پر سچ پچ شهنشاهه هو رڳو دهليءَ جو بادشاهه.

4- اُنهيءَ ساڳيءَ ريت وري اڪثر نواب صوبه دارن جي وس کان نڪري ڇڙواڳ ٿي ويا ۽ جيتوڻيڪ چوڻ ۾ ايندو هو ته صوبه دارن جي تابع ۾ آهن، پر هو پاڻ مالڪ ٿي ويٺا.

 

نظام الملڪ

 

5- هنن عهده دارن مان مکيه ها اُتر ۾ اَيوڌيا جو صوبه دار ۽ بنگالي ۽ بهار جو نواب ۽ ڏکڻ ۾ حيدرآباد جو صوبه دار، جنهن پاڻ کي نظام الملڪ ۽ ڪرناٽڪ جي نواب جو لقب ڏنو.

35- مرهٽن جي راڄن جو واڌارو

    ( 1708 عيسوي کان 1748 عيسوي) تائين

1- مٿي چيل آهي ته مرهٽن کي شيواجي ساري دکن ۾ وٺي ويو. سڀڪنهن سال ۾ هو اڃا فصل کڻي رهندا ها ۽ مينهن بس ٿيندا ها، ته هٿيار کڻي وڏيون ٽوليون ٿي نڪرندا ها ۽ سڄي وچ هندستان کي تاراج ڪندا ها.

2- ڪجهه وقت کان پوءِ هو هيڪاري وڌيڪ شنگهه ٿيا ۽ ونڌيا جبلن جي اُتر جيڪو ملڪ هو، سو سڀ ويندي دهليءَ سوڌو لُٽيائون. هو جتي جتي ويا، اُتي اُنهي ملڪ جي حاڪم کان چوٿ يعني پيدائش جي چوٿين پتي گهرايائون.

3- اورنگزيب جي مرڻ پڄاڻا مرهٽن جو راجا ساهو هو. اُهو سنباجيءَ جو پٽ هو، جنهن کي اورنگزيب جهلائي مارائي ڇڏيو هو. هو نپنو هو اورنگزيب جي درٻار ۾ ۽ اورنگزيب هن کي ساهو يا ايماندار ڪري سڏيندو هو ۽ شيواجيءَ جي نالي هو چوندو هو ته چور آهي. اورنگزيب جي مرڻ پڄاڻا هن کي پنهنجي ملڪ ڏي موٽڻ جي موڪل ملي ته اُتي وڃي مغل شهنشاهه جي تابع هيٺ راجا ٿي حڪومت ڪري؛ هن جي گادي هئي ستاري ۾.

4- پر ساهو هيڻو ۽ نڪمو راجا هو. هن کي مزن ۽ خوشين جو چاهه هو ۽ سخت محنت کان بڇان لڳندي هيس.

 

مرهٽن جا راڄ

 

هن سڄي اختياري کڻي سونپي پنهنجي برهمڻ وزير کي جنهن کي پيشوا سڏيندا ها. اُهو عهدو پيڙهيءَ به پيڙهيءَ پيُ کان پٽ کي ملندو ويو؛ جنهن ڪري پيشوائن جو راجائن وانگر هڪڙو گهراڻو ٿي هليو. درجه بدرجه پيشوا مرهٽن جو سچو حاڪم ٿيو، اگرچه هو بهانو، راجا جي نالي تي حڪومت هلائڻ جو ڪندو هو. مرهٽن جي سڄي قوم هن کي سچو سردار ڪري سمجهندي هئي. جنگ ۽ صلح به هو ڪندو هو ۽ مرهٽن جي ملڪ تي حڪومت به هو هلائيندو هو.

5- پهريون پيشوا هو بالاجي باجي راءِ؛ سنه 1714ع ۾ ساهوءَ هن کي پيشوا ڪيو ۽ هو 1720ع تائين مکيه وزير هو. هن محمد شاهه کان سڄي دکن مان چوٿ وٺڻ جي زوريءَ سان موڪل ورتي.

6- ٻيو پيشوا باجي راءِ هو، جنهن 1720ع کان 1740ع تائين حڪومت ڪئي. هن مرهٽن سردارن مان هر هڪ کي جدا جدا ڀاڱي مان چوٿ وصول ڪرڻ جو حڪم ڏنو. دهليءَ کان پري رهن، اِنهيءَ واسطي محمد شاهه مرهٽن کي موڪل ڏني ته سڀ ڪنهن هندان چوٿ وٺن ۽ جنهن صورت ۾ اڃا هو نالي طور پراڻي مغل شهنشاهت جو حاڪم هو، تنهن صورت ۾ مرهٽن چيوته هندسان جي سڀ ڪنهن علائقي مان ڍلن جي چوٿينءَ پتيءَ اُڳاڙڻ جو کين حق آهي.

7- هن جي وقت ۾ مرهٽن جا پنج وڏا راج ٺهيا. مرهٽن جا مکيه سردار جتي ڪو هيڻو صوبه دار يا نواب ڏسندا ها جو ساڻن پڄي نه سگهندو هو، تنهن کان نه رڳو چوٿ وٺندا ها، پر هن کي سندس ملڪ مان لوڌي ڪڍندا ها؛ ۽ پاڻ ملڪ جا حاڪم ٿي ويهي رهندا ها.

8- مهاراشٽر يا مرهٽن جو اصل ملڪ اُهو هو، جنهن کي هاڻي بمبئي کاتو ٿا چون. اُن جو حاڪم نالي جو مرهٽن جو راجا هو جو ستاري ۾ رهندو هو، پر سچو حاڪم پيشوا هو، جنهن جي گادي پوني ۾ هئي جو بمبئيءَ جي ڏکڻ اوڀر آهي. گجرات هڪڙي مرهٽي سردار جي هٿ هيٺ هو، جنهن کي گائڪواڙ چوندا هئا. مالوا ۾ ٻه وڏا سردار ها، هڪڙو سنڌيا ٻيو هولڪر جن جون گاديون هيون گواليار ۽ اِندور ۾، برار ۽ گوندوانا جي جهوني مغل علائقي ۾ ڀونسلا نالي هڪڙو سردار هو؛ جنهن جي گادي هئي ناگپور ۾.

9- هنن سردار مان هر هڪ پنهنجي اختياري پنهنجي پٽ کي ڏني؛ اِنهي ڪري خاص مهاراشٽر کانسواءِ سچ پچ چار وڏا مرهٽن جا راڄ ٿيا. پهرائين اِهي مرهٽا سردار جيڪا چوٿ اُڳاڙيندا ها، سا پيشوا ڏي موڪليندا ها؛ پر ڪجهه وقت کان پوءِ اها موڪلڻ بند ڪيائون. اُنهن مان ٽي مرهٽڪا راڄ بڙودو، گواليار ۽ اِندور اڄ ڏينهن سوڌو هليا اچن.

10- مرهٽن حيدرآباد پنهنجي هٿ آڻڻ لاءِ وڏا وس ڪيا؛ پر هٿ آڻي ڪين سگهيا. اُنهن ۽ نظام جي وچ ۾ هميشه ويڙهه لڳي پيئي هوندي هئي. هنن هن کان چوٿ گهري، پر جي هو نٽائي سگهيو ٿي ته پٽيءَ نٿي ڏنائين.

11- بالاجي باجيراءِ ٽئين پيشوا پنهنجي پيُ ۽ ڏاڏي کان پوءِ 1740ع کان وٺي 1761ع تائين حڪومت ڪئي.

12- اورنگزيب جي مرڻ پڄاڻا پنجاهن ورهين تائين هندستان جو ساڳيو اهڙو حال هو جهڙو پٺاڻن بادشاهن جي ڏينهن ۾ هو.

جئَن هاڻي آهي تئَن ڪا زور واري بالا سرڪار ڪانه هئي، جا ڦورن کي بند ڪري ۽ ماڻهن جي سلامتيءَ جو جوڙجڪ رکي. سڄي ملڪ ۾ ڦورن جا مُچ هوا، جن پنهنجن گهوڙن لاءِ اَنّ جون پوکون پئي لڻيون ۽ ماڻهن کي پئي ڦريو ۽ ماريو. اُنهن ڏينهن ۾ ڌاڙيلن کان بچڻ لاءِ سڀڪنهن ڳوٺ کي چوڌاري مضبوط ڀتيون يا ڪَنڊن جا لوڙها ڏنل هوندا هئا. جيڪو ماڻهو ٻني

کُڏڻو

کيڙيندو هو، سو پنهنجي ڀرسان ترار رکي ڇڏيندو هو ۽ گهڻن هنڌن ۾ ته کُڏڻا ٺهيل هوندا ها، جن تي ماڻهو بهي پريان نظر ڪندو هو ته رئي ته ڪين ٿي اُٿي؛ جي رئي ڏسندو هو ته ڄاڻبو هو ته ڦورو اچن ٿا. سڀڪنهن ڳوٺ ۾ هڪڙو وڏو نقارو رکيل هو، جو مئل پنڌ تي ٻُڌبو هو. اڃان ڪو ڦورو ڏسڻ ۾ ايندو هو ته نقارو وڄندو هو ۽ سڀڪو ماڻهو جيڪو ٻنيءَ ٻاري ۾ هوندو هو، سو ڳوٺ جي ڀتين جي پٺيان وڃي لڪندو هو.

13- ڪابه واٽ سلامت نه هئي؛ تنهنڪري ڪوبه ماڻهو مضبوط پهري ڌاران مسافريءَ تي وڃي نه سگهندو هو. ملڪ جا وڏا ڀاڱا غير آباد پيا رهندا ها. اڳين ڏينهن ۾ جي ٿورا رستا جُڙيا ها، سي رستائي ڪين ها؛ ڇاڪاڻ جو اُنهن جي سنڀال ڪو ڪونه ڪندو هو. گاڏيون نه ملي سگهنديون هيون؛ تنهن ڪري ماڻهو هڪڙي هنڌان ٻئي هنڌ گهوڙن يا ڍڳن تي ويندا ها. سڄي ملڪ ۾ ننڍا ننڍا سردار هوندا ها، سڀڪو پنهنجي ملڪ مان لنگهي وڃڻ جي موڪل ڏيڻ واسطي هر هڪ مسافر کان ڪجهه وٺندو هو. هن کي هو چوندو هو راهداري ۽ اُها راهداري اڪثر ويهن مئلن ۾ ٻارهن ڀيرا به ڏيڻي پوندي هئي.

14- ڪنهن ڳوٺاڻي کي چورن اچي جهليو ته پوءِ سندن وس ڇا آهي جو پنهنجو ناڻو لڪائي ڇڏي. اُهي سندس ڪَنَ يا نَڪُ ڪپي ڇڏيندا ها، يا ڏند ڀڃندا ها يا تيل ۾ ٻُڏليون اڳڙين جون وٽيون آڱرين کي ويڙهي اُنهن کي موم بتيءَ وانگر ٻاريندا ها، جيسين هو نه ڏَسيندو هو ته ناڻو ڪٿي لڪل آهي. هن کي پنهنجو ناڻو ڏيڻو پوندو هو يا پنهنجي جان ڏيڻي پوندي هئي. گهڻا غريب ڳوٺاڻا پنهنجا گهر ڇڏي ويندا ها ۽ جيسين اُهي ڌاڙيل هليا نه ويندا ها، تيسين هو جهنگ ۾ ڀڄي ويندا ها.

 

36- نادر شاهه

      (1739 عيسوي)

1- اورنگزيب جي مرڻ کان ٽيهارو کن ورهيه پوءِ نادر خان نالي هڪڙو سردار نادر شاهه جو خطاب وٺي ايران جي تخت تي ويٺو ۽ افغانستان فتح ڪيائين. هن جئَن هڪڙو بادشاهه ٻئي ڏي ايلچي موڪليندو آهي تئين محمد شاهه ڏي وڪيل موڪليو. هن هٺي مغل چيو ته نادر شاهه نئينءَ مان ٿيو آهي ۽ هنجي موڪليلن ماڻهن سان بڇڙي هلت ڪيائين.

2- نادر شاهه جو ڪٺور مسلمان هو، تنهن محمد شاهه تي هيءَ اِلزام آندو، ته سچي مسلمان بادشاهه تي جيڪو فرض آهي، تنهن ۾ هو گُٿو آهي. هن هندن کان جزيه نه ورتو آهي ۽ مرهٽن کي، جي بُت پَرست ها، مغل بادشاهت جي پيدائش جي چوٿين ڀاڱي ڏئڻ ۾ هنکي ڪا غيرت ڪانه آئي؛ تنهنڪري نادر شاهه چيو ته آءٌ هن کي سيکت ڏيندس. ٽن سَون چاليهن ورهين کان اڳي جئَن تيمور منڊو آيو هو، تئَن هو به ايرانين ۽ افغانن جو وڏو لشڪر وٺي خيبر جي دري کان آيو ۽ پنجاب مان لنگهي دهليءَ تي ڪاهي ويو.

3- نادر شاهه وڏو قداور مڙس هو، ڇهه فوٽ ڊگهو هو ۽ سانوري رنگ هو، مُنهن ۾ گُهنڊ هوس، ڀرون گهاٽا هئس، آواز گجڪار جهڙو ۽ اکيون وڄ جهڙيون هيس. ريدي ڪاريءَ کل جو جُبو پيل هوس. هندستان ۾ هن مٿي تي وڏي ڳاڙهي پڳ اَچي ٻڌي، پر ايران ۾ هو ڊگهي ايراني ٽوبي پائيندو هو. ڪمربند ۾ هڪڙو ڪٽارو هوس ۽ هٿ ۾ هڪڙي فولاد جي جنگي ڪهاڙي هيس. هندن ڀانيو ته اڳئين سمي ۾ جهڙا ڪارا دئت ريه لوڪن سان وڙهندا ها، هيءَ به تهڙو هو.

نادر شاهه

4- نيٺ هن چيو ته جيڪڏهين مون کي تمام وڏي رقم ملندي ته آءٌ دهليءَ جي شهر کي ڇڏي ڏيندس. پر رات جو دهليءَ جا ماڻهو جي اُٿيا، تن هن جي ننڊ ۾ ستلن ڪن سپاهين کي ماري وڌو. صبح جو نادر شاهه پنهنجا مئَل سپاهي جو ڏٺا، سو جوش ۾ اچي ويو. هن پنهنجي لشڪر کي حڪم ڏنو ته ماڻهو ماريو ۽ شهر لُٽيو. سڄو ڏينهن اَفغانن ۽ ايراني سپاهين تيمور جي تاتارين وانگر ماڻهو قتل ڪيا ۽ شهر ساڙيو ۽ لُٽيو. سانجهيءَ مهل محمد شاهه شهنشاهه نادر شاهه جي پيرن تي اچي ڪريو ۽ عرض ڪيائين ته ڪوس بند ٿئي. نادر شاهه پنهنجن ماڻهن کي حڪم ڏنو ته ڪوس بند ڪريو ۽ هنن حڪم مڃو.

5- ٻئي ڏينهن نادر شاهه ۽ سندس ماڻهو دهليءَ جو سڀ خزانو ۽ جواهر، جي بابر جي ڏينهن کان وٺي وڏن مغل شهنشاهن پئي ڪٺا ڪيا، کڻي اُٿي هليا. شاهه جهان وارو ”طائوسي تخت“، سونا ڇَٽَ ۽ جواهر، تمام سٺا هاٿي گهوڙا ۽ توبون، قيمتي ريشمي ڪپڙا ململيون ۽ شاهي خزانا ۽ دهليءَ ۽ ايوڌيا جي اميرن جو گهڻو ناڻو سڀ ايران ڏي کڻي ويا. شاهه وٽ ايترو ناڻو اچي گڏ ٿيو، جو هن کي خبر نٿي پيئي ته اُهو ڪيڏانهن ڪبو. هن هر هڪ سپاهي کي ٽن مهنن جي تنخواه ڏني ۽ ايران جي ماڻهن کان هڪ سڄي سال جون ڍلون ڪين ورتائين.

6- نادر شاهه جي ڪاهه مغلن جي شهنشاهت کي هڻي پٽيءَ ڊاهي وڌو، صوبه دارن ۽ نوابن دهليءَ ڏي نذرانا جيڪي اڳي موڪليا سي موڪليا، وري ٻيا ڪين ويا. مرهٽن جي هيڪاري اچي ٻيگهي متي. بنگالي ۽ ڏکڻ هندستان کي چٽ ڪري ڇڏيائون ۽ جتي ويا اتي چوٿ جي دعويٰ ڪيائون. ڪلڪتي ۾ جيڪي انگريزي واپاري ها، تن هنن کي دور رکڻ لاءِ هڪڙي اونهي کاهي کڻي کوٽائي؛ اُها ”مرهٽن جي کاهي“ سڏبي هئي.

7- 1740ع ۾ مرهٽا ڪرناٽڪ مان ڌوڪيندا ويا ۽ وڃي ٽرچناپولي هٿ ڪيائون. ٽانجور ته گهڻو اڳي، شواجيءَ جي ڀاءُ، اورنگزيب جي وقت ۾ هٿ ڪيو هو. پانڊيچريءَ تي وڃي گهيرو ڪيائون، پر فرينچ گورنر کين هٽائي ڪڍيو. جڏهن محمد شاهه ٻڌو ته فرينچن مرهٽن کي شڪست پهچائي آهي تڏهن اهڙو ته خوش ٿيو جو پانڊيچريءَ جي گورنر کي نواب جو لقب عطا ڪيائين.

8- هن وقت ڪرناٽڪ ۾ اهڙو ته وڳور اچي متو هو جو ٻڍو نظام جنهن جي ڄمار 90 ورهين کان به وڌيڪ هئي، سو لشڪر وٺي حيدرآباد مان ڪهي آيو، اِنهيءَ لاءِ ته روبروڏسي ته حالت ڪٿي وڃي بيٺي هئي. آرڪاٽ تائين اچي پهتو ۽ حيران ٿي ويو جڏهن ڏٺائين ته ڪئين ڇوٽا سردار هوا جن بنا سندس منظوريءَ جي پاڻ کي ”نواب“ پي سڏايو. هڪڙي ڏينهن جڏهن اهڙا 18 نواب سندس حاضري ڀري رهيا ها تڏهن پنهنجن خاص پهريدارن کي حڪم ڪيائين ته آئينده جيڪڏهن ڪوبه ماڻهو پاڻ کي ”نواب“ سڏائي ته اُن کي چهبڪن سان ڪُٽي ڪچهريءَ مان هڪالي ڪڍو. چيائين ته فقط هڪڙي ماڻهوءَ کي اِنهي لقب تي حق آهي. پنهنجي هڪ بهادر عملدار، انورالدين کي ڪرناٽڪ جو نواب ٿاڦيائين ۽ سندس گادي آرڪاٽ مقرر ڪيائين. ٽرچناپولي جو شهر مرهٽن کان موٽي هٿ ڪيو ويو ۽ اُهو پڻ سندس حوالي ڪيو ويو.

9- 1748ع، هندستان جي تواريخ ۾ هڪ مشهور سال ٿي گذريو آهي. اِنهيءَ سال محمد شاهه وفات ڪئي؛ نظام الملڪ سؤ ورهين جي ڄمار جو ٿي وفات ڪئي؛ ساهو، مرهٽن جو راجا، پڻ مري ويو. مغل شهنشاهت صفا ٽٽي ويئي انگريزن ۽ فرينچن جي وچ ۾ پهرين ويڙهه (جنهنجو اسين هيٺ ذڪر ڪنداسين) هن سال پوري ٿي ۽ انگريزي توڙي فرينچ ڪمپنيون ڪرناٽڪ جي ڏيهي سردارن جي ويڙهين ۾ بهرو وٺڻ لڳيون.

 

37- انگريزن ۽ فرينچن جي وچ ۾ پهرين جنگ

     ( 1744 عيسوي کان 1748 عيسوي تائين)

1- سنه 1744ع ۾ يورپ ۾ انگريزن ۽ فرينچن جي وچ ۾ اچي جنگ لڳي؛ اِنهيءَ ڪري سڄي جهان ۾ جتي انگريز ۽ فرينچ ها، اُتي هو هڪ ٻئي ۾ وڙهڻ لڳا. مگر ڏکڻ هندستان ۾ مدراس ۾ جيڪي انگريز ها، ۽ پانڊيچريءَ ۾ جيڪي فرينچ ها سي پنهنجي زمين جي مسوار ڪرناٽڪ جي نواب انورالدين کي پهچائيندا ها ۽ هن کين حڪم ڪيو ته منهنجي موڪل کان سواءِ منهنجي ملڪ ۾ نه وڙهو.

2- انگريز سانتيڪا واپاري ها ۽ اُنهن جي وڙهڻ تي دل ڪا نه هئي. مدراس ۾ رڳا واپاري ۽ سندن ليکاري ها. اُنهن ۾ جيڪو مکيه واپاري هو، تنهن کي گورنر ڪوٺيندا ها. هنن وٽ ڪي ٿورا ماڻهو فورٽ سينٽ جارج جي سنڀال ڪاڻ ها. ٻيا سپاهي وٽن ڪين ها.

ڊيوپلي

 

3- پانڊيچريءَ ۾ جيڪو فرينچن جو گورنر هو، سو ڏاڍو هوشيار ماڻهو هو؛ هنجو نالو هو ڊيوپلي. هن کي ملڪ ۾ آئي گهڻا ڏينهن ٿيا ها، ۽ ديسي ماڻهن کي چڱيءَ ريت ڄاڻندو سڃاڻندو هو. هن جي مرضي هئي ته انگريزن ۽ ٻين سڀني يوروپي واپارين کي هندستان مان لوڌي ڪڍجي، ته هندستان جي واپار مان جيڪو کٽيو آهي، سو سمورو فرينچن کي ٿئي. پر هو رڳو واپار تي راضي ڪين هو، هن جو ارادو هو ته ڏکڻ هندستان فتح ڪريان ۽ اُن تي حڪومت ڪريان.

4- ڊيوپلي وٽ چار هزار ڏيهي سپاهي ها، جن کي وڙهڻ لاءِ فرينچ عملدارن يوروپين وانگر تعليم ڏني هئي ۽ قواعد سيکاريو هو. هن هڪدم فرانس مان وڌيڪ ماڻهو گهرايا ۽ اڃا اُهي ماڻهو آيا ته هو مدراس تي ڪاهي ويو ۽ سنه 1742ع ۾ اُهو ورتائين.

5- انگريزن ڪرناٽڪ جي نواب کي دانهن ڏٺي ڇاڪاڻ ته هو ملڪ جو حاڪم هو. هن ڊيوپلي کي حڪم ڪيو ته فورٽ سينٽ جارج انگريزن، کي موٽائي ڏي، پر ڊيوپلي ته ويهي مٿس کليو. اِنهيءَ تي هن پنهنجي پٽ کي ڏهه هزار ماڻهن جي لشڪر سان موڪليو، اِنهيءَ لاءِ ته وڃي فرينچن کي هڪالي ڪڍي. پر فرينچ اڳواڻن کين هٽائي ڪڍيو ۽ فقط 100 فرينچن ۽ 700 سپاهين جو لشڪر ساڻ وٺي نواب جي ساري ڪٽڪ کي ڀڄائي ڪڍيو. اِها پهرين جنگ هئي جا کليل ميدان ۾ يورپي لوڪن ۽ هندستاني لشڪر جي وچ ۾ لڳي.

6- پوءِ فرينچن فورٽ سينٽ ڊيوڊ جي وٺڻ لاءِ ڪوشش ڪئي؛ پر ايتري ۾ انگريزن جا به ڪي سپاهي اِنگلنڊ مان اچي سهڙيا ۽ اُنهن فرينچن کي ٽي ڀيرا تڙي ڪڍيو. ميجر لارينس جو همت وارو انگريزي عملدار هو، سو اِنگلنڊ مان لشڪر وٺي آيو ۽ انگريزن به پانڊيچري وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڳالهه مان ڪين وريو.

7- 1747ع ۾ فرينچ ۽ انگريز لوڪن جي وچ ۾ يورپ ۾ صلح ٿيو؛ تنهنڪري هندستان ۾ به اُنهن جو وڙهڻ بند ٿيو. مدراس انگريزن کي موٽي مليو ۽ 1756ع تائين اَٺ ورهيه انگريزن ۽ فرينچن جي وچ ۾ نالي جو صلح رهيو.

 38- ڪلائيو

  هندستان ۾ انگريزن جي شهنشاهت جو پايو وجهندڙ

1- جنهن سال ۾ انگريزن ۽ فرينچن جي وچ ۾ جنگ لڳي هئي، اُنهي ساڳئي ورهيه ۾ هڪڙو غريب نينگر ليکاريءَ جي ڪم تي ڪمپنيءَ جو نوڪر ٿي مدراس ۾ آيو. هو رڳو اوڻيهن ورهين جي عمر جو هو ۽ نڪو هوس پيسو ۽ نڪي هئَس ڪي دوست، اُهو تمام جلد وڃي هڪڙو وڏو جنرل ٿيو ۽ جيڪي تمام ناليرا انگريز ٿي ويا آهن. تن مان هيءُ به هڪڙو هو. هن جو نالو هو رابرٽ ڪلائيو.

2- جڏهن ننڍڙو ڇوڪر هو تڏهن پنهنجي ڳوٺ ۾ ٻين ڇوڪرن سان ايترو ته وڙهندو هو جو ويچارو پڻس ته منجهي پيو ته مان هن سان ڪئن پڄان. تنهن ڪري موڪليائينس سڪول ۾. اُتي کيس همت ڀريو ۽ جگر وارو ڇوڪرو ڪري ليکيندا ها؛ ڪنهن جو به چيو ڪين مڃيندو هو. وڙهڻ لاءِ هميشہ تيار هو. ننڍڙن ڇوڪرن جي ٽولي پاڻ سان وٺي، هٿن ۾ پٿر کڻي، ڪاهي ويندو هو ڳوٺ جي دڪاندارن تي ۽ جيڪڏهن هو کيس ڪڇ نه ڏيندا ها ته سندن دڪانن جي درين جا شيشا ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيندا ها. هڪڙي ڀيري هڪڙي دڪان تي گهيرو ڪيائين. ڇا ڪيائون جو هڪڙيءَ ڪسيءَ ۾ ويهي رهيو، اِنهيءَ لاءِ ته سندس بدن جي اڏ ڪري ڪسيءَ جو پاڻي اٿل کائي دڪان ۾ وڃي هليو. سڪول جي سڀني ماسترن چيو ته منجهانئس ڪي وَرِڻو ڪونهي؛ تنهنڪري اڃا سڪول ڇڏيائين ڪين ته پڻِسِ پاڻ ڇٽائڻ لاءِ ڪري هندستان ڏانهن موڪليُسِ.

رابرٽ ڪلائيو

 

3- جڏهين فرينچن مدراس ورتو، تڏهين ڪلائيو ڇا ڪيو جو ديسي ماڻهوءَ جا ڪپڙا ڍڪي فورٽ سينٽ ڊيوڊ ڏي ڀڄي ويو. فرينچن ٽي ڀيرا هن قلعه وٺڻ لاءِ مٿا هنيا، پر ميجر لارينس همت ڪري هن کي بچائي ورتو.سپاهگيريءَ جا پهريان سبق ڪلائيو جي سکيو، سي هتي سکيو. هو اهڙو چڱو وڙهيو، جو گورنر هن کان ليکاريءَ جو ڪم ڇڏايو ۽ لشڪر ۾ هن کي هڪڙو ننڍو عهديدار مقرر ڪيائين.

4- علم (جهنڊو) بردار ڪلائيو، جنگي جوان، پنهنجي ٽوليءَ جو اڳواڻ ٿي، هٿ ۾ ترار کڻي جڏهن دشمن تي ڪاه ٿي ڪئي تڏهن سندس دل گَدِ گَدِ ٿي ٿي. ننڍي هوندي کان وٺي سندس دل اهڙيءَ ڳالهه لاءِ پي تڙڦي. سگهوئي ڏيکاريائين ته ماڻهن جي اڳواڻ ٿيڻ لاءِ منجهس اصلي ڪا خدائي ڏات هئي. ڊپ جي ته کيس خبر به ڪانه هئي. جئن خطره وڌيڪ هو تئن سندس اوتساهه وڌيڪ ٿي جاڳيو. وَري وَري اهڙي اهڙي وقت ڌوڪيندو ويندو هو جو جيڪي پيا ڏسندا هوا سي ته چوندا ها ته پڪ موت جي چنبي ۾ ٿو وڃي، پر هميشه ويڙهه مان جيئرو جاڳندو نڪري ايندو هو.

5- ڪلائيو جي سندن اڳواڻ، ته پوءِ ديسي سپاهين کي جيڏانهن چئو اوڏانهن وڃڻ لاءِ به تيار ۽ جيڪي چئون، تنهنجي ڪرڻ ڪاڻ به تيار. اُنهن هن تي ويڙهه ۾ بيهڪ جي ڪري ”ثابت جنگ“ نالو رکيو ۽ هن نالي سان پوءِ هو ساري هندستان ۾ مشهور ٿي ويو. اُهو ڏاڍو چڱو نالو هن کي مليو هو؛ ڇاڪاڻ جو ڪلائيو نه رڳو بهادر هو؛ پر تمام ڏڍيءَ ويڙهه ۾ به سانتيڪو ۽ ڏيرج وان هوندو هو.

 

39- آرڪاٽ جو مشهور گهيرو

      1751 عيسوي

1- جيتوڻيڪ هينئَر انگريزن ۽ فرينچن جي وچ ۾ صلح سانت هو تنهن هوندي به انگريزن ڀليءَ ڀت ڄاتو ٿي ته ڪنهن به وقت ويڙهه وري ڦاٽڻ جو اِمڪان آهي ۽ جيڪڏهن ويڙهه ڦاٽي ته ڊيوپلي، جيترو جلد پڄي سگهندس اوترو جلد، مٿن ڪاهه ڪري ايندو. هو اڃا تائين پانڊيچريءَ ۾ فرينچن ۽ ڏيهي سپاهين جو مضبوط لشڪر رکندو پي آيو ۽ جيستائين هن اِئين ٿي ڪيو تيستائين هنن جي همت نٿي ٿي جو پنهنجو لشڪر موٽائي موڪلين.

2- ڊيوپلي جي ڏاڍي مرضي هئي ته جيڪر انگريزن کي مدراس مان هڪالي ڪڍان، پر جيسين اِنگلنڊ جي بادشاهه ۽ فرانس جي بادشاهه جي وچ ۾ صلح سانت هو تيسين مٿن ڪاهه ڪري نٿي سگهيو. پر سندس لشڪر ڳرو خرچ ٿي چڪيو ۽ اِنهيءَ ڪري هن چوڌاري نظر ورائي ته لشڪر لاءِ ڪو ڪم ڳولي ڪڍان. سگهوئي جيڪي گهريائين ٿي سو مليس.

3- 1748ع ۾ پوڙهو نظام الملڪ مري ويو. هن جو وڏو پٽ ناظر جنگ سندس جاءِ تي دکن جو صوبه دار ٿيو؛ پر سندس ڀائٽي مظفر جنگ گاديءَ واسطي هن سان وڙهڻ جو ٺهراءُ ڪيو. ۽ پانڊيچريءَ ۾ وڃي فرينچن کان مدد گهريائين. اِنهيءَ ساڳئي وقت چندا صاحب نالي هڪڙو سردار جاڳيو، جنهن ڀانيو ته انورالدين جي بدران آءٌ ڪرناٽڪ جو نواب ٿيان. هو به پانڊيچريءَ ويو ۽ ڊيوپلي کان وڃي مدد گهريائين.

4- ڊيوپلي خوشيءَ سان ٻنهي کي مدد ڏيڻ قبول ڪئي. هن کي ته کپندوئي اهڙو ڪم هو. هن بُسي نالي هڪڙي فرينچ عملدار جي هٿ هيٺ ماڻهن جي هڪڙي مضبوط ٽولي ڏنين ۽ ٽيئي لشڪر ارڪاٽ تي

 

ڪرناٽڪ

ڪاهي ويا. هو انور الدين تي وڃي ڪڙڪيا، هن کي مات ڪيائون ۽ ماري وڌائنس ۽ ارڪاٽ ورتائون. هن جو پٽ محمد علي ترچناپليءَ ڏي ڀڄي ويو ۽ اُتي پاڻ بچائڻ جو سانباهو ويهي ڪيائين. پوءِ ڪُمڪي لشڪر دکن تي چڙهي ويو؛ ناظر جنگ به مارجي ويو ۽ بُسي سوڀ کٽي حيدرآباد تي ڪاهي ويو.

5- اِنهيءَ ريت ڊيوپلي پٽيءَ سوڀارو ٿيو. نئين نظام فرينچن کي اُڀرندي ڪناري تي اُتر سرڪار جا ضلعا ڏنا ۽ خود ڊيوپلي کي ”ڪرناٽڪ جو نواب.“ اِهو خطاب ڏنائين ۽ چندا صاحب کي ڪرناٽڪ جو نواب هن جي هٿ هيٺ ڪري رکيائين. چندا صاحب فرينچن کي ڪرناٽڪ ۾ ملڪ جو وڏو ڀاڱو ۽ گهڻو ناڻو ڏنو.

6- محمد علي جنهن کي ٽرچناپليءَ ۾ چندا صاحب ۽ فرينچ گهيرو ڪيو ويٺا ها، تنهن انگريزن ڏي مدد لاءِ چوائي موڪليو. انگريز هاڻي ڪن سو ڪن ڇا؟ کين پڻ لشڪر هو جنهن جي پگهار جي خرچ ۾ ئي سندن واپار جو اڪثر ڪري سارو فائدو ڳيسجي ٿي ويو؛ ۽ انگريزي گورنر چڱي طرح معلوم ٿي ڪيو ته جيڪڏهن فرينچ ۽ سندن طرفدار محمد عليءَ تي غالب پوندا ته پوءِ هنن لاءِ ته ميدان صاف کليل رهندو؛ ڊيوپلي پوءِ ڪاهي ويندو انگريزن تي ۽ مدراس مان سندن تڏوئي کڻائي ڇڏيندو. خيال ڪيائين ته جيڪڏهن محمد عليءَ کي مدد پهچائبي ته نه فقط اسان جي لشڪر لاءِ ڪم توڙي پگهار نڪري ايندو پر فرينچن جي اُسرندر طاقت کي ٻنجو اچي ويندو ۽ اسين پڻ وڏي خطري بچي وينداسين.

7- انگريزن جو گورنر اهڙو زور وارو نه هو، جو فرينچن کي ٽرچناپليءَ مان به لوڌي ڪڍي ۽ پنهنجن ٻن قلعن جو به بچاءُ ڪري. تنهن ڪري هن ٿورو لشڪر هٿيارن ۽ خوراڪي سامان سميت محمد عليءَ ڏي پنهنجي خط سان ڏياري موڪليو جنهن ۾ لکيائينس ته ”پڇاڙيءَ تائين بيهڪ ڪجو ۽ منهنجي مدد جو آسرو رکجو.“ ڪلائيو اُهو لشڪر وٺي ويو ٽرچناپليءَ ڏي، ويندي ۽ ايندي واٽ تي اهڙيءَ همت سان وڙهيو، جو هن کي اُنهي ننڍي عهدي مان وڌائي ڪپتان جو عهدو ڏنائون.

8- جڏهين هو مدراس ۾ آيو، تڏهين هن گورنر کي چيو ته محمد علي، اهڙو نستو آهي، جو گهڻي وقت تائين بيهڪ ڪري ڪين سگهندو. انهيءَ وقت هن کي هيءَ ڳالهه به ڏيکاريائين ته فرينچ لشڪر جو ڪجهه ڀاڱو آهي ٽرچناپليءَ ۾، ڪجهه ڀاڱو آهي پانڊيچريءَ ۾ ۽ ڀاڱو آهي پري حيدرآباد ۾ بُسيءَ سان. ارڪاٽ جو ڪرناٽڪ ۾ مکيه شهر آهي، سو اِئين ڇڏي ويا آهن ۽ هن جي بچاءَ ڪاڻ جي ماڻهو آهن، سي آهن تمام ٿورا. آءٌ ارڪاٽ تي ڪاهي وڃان ۽ وڃي وٺانس. اِئين ڪبو ته آءٌ ڀانيان ٿو ته چندا صاحب ٽرچناپلي ڇڏيندو ۽ ارڪاٽ ڏي ايندو ۽ هن جي وري وٺڻ لاءِ ڪوشش ڪندو ۽ اِنهيءَ طرح محمد عليءَ جو ڇوٽڪارو ٿي پوندو.

9- ڪپتان ڪلائيو جي هيءَ صلاح اهڙي چڱي هئي، جو گورنر اُنهيءَ تي هليو. رڳا ٻه سَو انگريز سولجر ۽ 300 سپاهي ڏنائينس ۽ اُهي به تعليم ورتل ڪين ها ۽ اُنهن مان اڪثر ماڻهن جنهن کي سچي ويڙهه چئجي، سا ڪڏهين ڪانه ڪئي هئي. پر ڪلائيو ڪاڻ اُهيئي بس ها. مدراس کان ارڪاٽ ستر مئل آهي، سو جئَن پنڌ ڪندا ٿي ويا، تئَن هو ڏيهاڙي تعليم ڏيندو ۽ قواعد سيکاريندو ٿي وين. هن کي رستي ۾ ڇهه ڏينهن لڳا ۽ هو جئَن هڪ در کان شهر ۾ گهڙيو، تئَن چندا صاحب جو لشڪر ٻئي در کان ڀڄي ٻاهر نڪتو.

10- جيڪڏهن افغان يا مرهٽا آرڪاٽ هٿ ڪن ها ته شهر ۾ ڦرمار مچائي ڏين ها ۽ ڪئين ماڻهو قتل ٿي وڃن ها. پر جڏهن انگريزن اِهو شهر ورتو ته ڪنهن جو به نالو نه ورتو ويو. ڪلائيو کي جيڪو کاڌو پيتو کپندو هو سو پيسا ڏيئي ورتائين ۽ ماڻهن سان مهربانيءَ جي هلت ڪيائين. ماڻهو به سانس هر ڪنهن ڳالهه ۾ همراهه ٿي بيٺا؛ ڪلائيو هينئَر قلعي جي جهونين ۽ ڌڏندڙ ڀتين جي مرمت ۽ ڳچ وقت لاءِ کاڌي پيتي جي سامان ڪٺي ڪرڻ کي لگي ويو ڇاڪاڻ ته ڄاتائين ٿي ته کيس ڳچ وقت جي گهيري کي منهن ڏيڻو پوندو.

11- جڏهين چندا صاحب کي خبر پيئي ته سندس گاديءَ جو هنڌ ورتو آهي، تڏهين پنهنجي پٽ راجا صاحب جي مهنداريءَ هيٺ ڏهه هزار ماڻهو ۽ ڪجهه فرينچ لشڪر ڏياري مڪائين ته اُهو وري وڃي وٺي، جئَن ڪلائيو اڳي چيو هو ته هو ڪندو. پنجاهن ڏينهن تائين هيڏو سارو لشڪر ڪلائيو ۽ سندس ماڻهن کي ارڪاٽ ۾ گهيرو ڪيو ويٺو هو. هنن ڪوٽ وٺڻ لاءِ پنهنجي وس ۾ ڪين گهٽايو؛ پر ڪي ڪين وريو.

12- جڏهين ٻه مهنا کن گذري ويا، تڏهين مدراس جي گورنر ڪلائيو جي مدد لاءِ ڪي وڌيڪ ماڻهو موڪليا. راجا صاحب ٻڌو ته ٻيا ماڻهو اچن ٿا؛ تنهنڪري هن قلم وٺڻ لاءِ پوئين چوٽ ڏني؛ پر چار سو ماڻهو مارائي پٺ تي لوڌجي ويو. پوءِ هو بيدل ٿي پيو ۽ باقي جيڪو لشڪر بچيو هوس سو وٺي هليو ويو؛ ڊپ هوس ته ڪلائيو ۽ سندس ماڻهو ٿيندم اڳيان ۽ انگريزي لشڪر جو مدراس کان ٿو اچي، سو ٿيندم ا پٺيان، پوءِ آءٌ متان اُنهن جي وچ ۾ اچي ڦاسان.

13- اڃا ڪلائيو کي ڀرتي پهتي ئي ڪين ته هو نڪتو راجا صاحب جي پٺيان. ساري ملڪ ۾ هنڌ هنڌ پٺيان پيس ۽ وري وري شڪست رسايائينس. نيٺ راجا صاحب کي ڪلائيو جو اهڙو ته اچي ڊپ لڳو جو ساڻس وڙهڻ لاءِ ترسندو ئي ڪين هو ۽ اڃا ٻڌندو هو ته ڪلائيو اچي ٿو ته اُٿي ڀڄندو هو.

14- هيءُ ارڪاٽ جو هاڪارو گهيرو سنه 1752ع ۾ ٿيو. ڏکڻ هندستان ۾ انگريزن جي تواريخ ۾ فرقي ڦرڻ جو سنڌو اِهو گهيرو ٿيو. اِنهيءَ سال کان وٺي انگريز ويا زور وٺندا ۽ فرينچ ويا پئڻا پوندا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org