سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: هندستان جي تواريخ

باب؛ -

صفحو ؛ 13

 

64- لارڊ امهرسٽ، اٺون گورنر جنرل

       1823 عيسوي کان 1828 عيسوي تائين

1- 1824ع ۾ برما جي بادشاهه جنهن آسام جو ملڪ جو بنگالي جي سرحد تي آهي، ورتو هو، انگريزن تي ڪاهه ڪئي ۽ ڪن ماڻهن کي، جي ڪناري تي هڪڙي ٻيٽ جا راکا ٿيا ويٺا ها، مارائي وڌائين. گورنر جنرل هن ڏي لکيو ۽ پڇائينس ته اِئين ڇاڪاڻ ٿيو؟ پر هن جو جواب اِهو مليو جو هن بنگالي جي اُتر اوڀر ڪاچر جي ملڪ تي لشڪر چاڙهي مڪو. هيءُ لشڪر تڙجي ويو ۽ جهازن ۾ سمنڊ جي رستي رنگون تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ لشڪر موڪليو ويو ۽ رنگون ورتو ويو.

2- برما جي بادشاهه کي سڌ ڪانه هئي ته انگريز اهڙا زور وارا آهن، هن پنهنجي سپهه سالار بنڊولا کي گهڻي لشڪر سان موڪليو ته سر. اي. ڪئمبيل انگريزي جنرل کي وڃي لوڌي ڪڍي. بنڊولا گورنر جنرل کي ٻڌي باندي ڪري گاديءَ جي هنڌ آوا ڏي وٺي وڃڻ لاءِ پاڻ سان سونا زنجير کڻي آيو هو. پر هن جي لشڪر ڌَڪُئي ڪين جهليو ۽ هو جنگ ۾ مارجي ويو. پوءِ انگريزن جي جنرل سڄو آسام ۽ آراڪان ورتو ۽ ايراودي نديءَ جي رستي آوا ڏي ويو. جڏهين شهر کي وڃي ويجهو پهتو، تڏهين برمين جي بادشاهه آڻ مڃي ۽ 1826ع ۾ يندابو جو عهدنامو ڪيائين.

ڀرتپور جو قلعو

 

3- اُنهيءَ عهدنامي پرماڻي انگريزن کي برما جو ڪنڌيءَ وارو ملڪ (آسام آراڪان ۽ ٽناسيرم) هٿ آيو.

4- ڀرتپور جو قلعو هندستان جي سڀني کان مضبوط قلعن مان هڪڙو هو. ٻه ڀيرا اڳي انگريزن اُن کي گهيرو ڪيو هو، پر سوڀارا ڪين ٿيا ۽ ڀرتپور جي راجا ۽ هندستان جي ٻين گهڻن راجائن ڀانيو ته هو وٺي ڪونه سگهندو. سنه 1826ع ۾ اُتي جو راجا مري ويو ۽ راڄ هڪڙو سردار وٺي ويهي رهيو، جنهن جو اُن تي ڪو حق ڪونه هو. لارڊ امهرسٽ لارڊ ڪومبر مير جي حڪم هيٺ لشڪر چاڙهي موڪليو ته قلعه فتح ڪري اڳئين راجا جي پٽ کي گاديءَ تي وڃي وهاري. ڀرتپور جون ڀتيون دارونءَ سان اُڏائين. قلعو ورتائون ۽ حقي وارث کي گاديءَ تي وهاريائون.

 

65- لارڊ وليم بينٽنڪ، نائون گورنر جنرل

1828 عيسوي کان 1835 عيسوي تائين

1- ويڙهين کي هاڻي ٻنجو اچي ويو هو ۽ پهريون ئي پهريون دفعو ساري هندستان ۾، اُتر ۾ هماليه جبل کان وٺي ڏکڻ ڏي ڪيپ ڪامورن تائين ۽ اُلهندي ۾ ستلج نديءَ کان وٺي اُڀرندي ڏي بنگالي جي اُپسمنڊ تائين، صلح سانت ٿي ويو هو. ڪنهن به ملڪ تي وڏي ۾ وڏي نعمت آهي صلح سانت ۽ بُريءَ کان بُري پِٽَ آهي ويڙهه. ڪنهن به وڏي حاڪم لاءِ، دشمن کي هٽائڻ لاءِ يا قاعدي ۾ ڀڃڪڙي وجهندڙن کي ماري مڃائڻ لاءِ، ويڙهه ڪرڻ واجب آهي. لارڊ ويلسلي ۽ لارڊ هيسٽنگس جيڪي ويڙهيون ڪيون سي خاص اِنهيءَ لاءِ ته ملڪ ۾ صلح سانت ٿئي. جيڪڏهن هو ويڙهيون نه ڪن ها ته هندستان جا سردار توڙي حاڪم هڪ ٻئي سان وڙهندا وتن ها ۽ ملڪ ۾ صلح سانت هرگز ٿي ڪين سگهي ها.

لارڊ وليم بينٽنڪ

 

2- ويڙهه جي وقت ۾ ملڪ جي حاڪمن جو خاص ڌيان هوندو آحي لشڪر تي ۽ دشمن سان پوريءَ طرح مقابلي ڪرڻ تي. ويڙهه ۾ ملڪ جو ڳپل پيسو خرچ ٿي ويندو آهي. صلح سانت جي وقت ۾ حاڪمن کي فرصت ملندي آهي ويچار ڪرڻ جي ته ملڪ توڙي ماڻهن جي حالت ڪئَن بهتر ڪجي.

3- لارڊ وليم بينٽنڪ سياڻو، ٻاجهارو ۽ چڱو حاڪم هو. پنهنجي حڪومت جي ستن ورهين ۾ هن گهڻين ريتين سان، هندستان جي ماڻهن جو جيترو ڀلو ڪيو، اوترو کانئس اڳي جيڪي گورنر ٿيا ها، تن مان ڪنهين ڪين ڪيو هو. هو جو هي سڀ ڪري سگهيو، سو هن ڪري ته ملڪ ۾ صلح سانت هو.

4- بينٽنڪ جو پهريون ڪم ڪيو، سو هيءُ هو، جو مسافرن لاءِ رستن جي سلامتيءَ جو بندوبست ڪيائين. مرهٽا هاڻي ملڪ ۾ ڪين ٿي رليا ۽ پنڊاري به مات ٿي ويا ها؛ پر ڊاڪو يا ڌاڙيل ۽ ٺڳ يا گُهٽا ڏيئي ماريندڙ، جتي ڪٿي جام ها. گهڻا ويچارا ماڻهو مسافريءَ تي ويا ۽ وري نه موٽيا. گهڻا ويچارا پنهنجو گهر ڇڏي ويا ۽ وري اُنهن جي ڪا خبر ڪانه پيئي، اُنهن کي ڌاڙيلن پورو ڪري ڇڏيو.

5- ڌاڙيل ٽيهن يا چاليهن ماڻهن جون ٽوليون ٿي عام مسافرن جي پوشاڪ ۾ گهمندا ها. هو ڪنهن شاهوڪار جو گهر ڳولي لهندا ها ۽ رات جو

ٺڳ

ڏياٽين سان منجهس ڪاهي پوندا ها، هو گهر وارن ماڻهن کي ڦريندا ها، اُنهن سان بيرحميءَ جي هلت ڪندا ها ۽ اڪثر اُنهن کي ماري وجهندا ها.

- ٺڳ، ڪالي ديويءَ کي پوڄيندا ها ۽ ٻارهن يا وڌيڪ ماڻهن جون ننڍيون ٽوليون ٿي گهمندا ها. اُهي به  سانتيڪن ڳوٺاڻن جهڙا ڪپڙا ڍڪيندا ها ۽ ڪو مسافر گڏبو هون ته پهرائين هن سان ٺهي ويندا ها، پوءِ ڪنهن هيڪلي دڳ يا گهاٽي جهنگ ۾ هن جي ڳچيءَ ۾ رومال وجهي گُهٽي ماريندا هئس. جيڪي ساڻ هوندو هوس سو ڦري پوءِ هن کي پوري ڇڏيندا ها. هو ڀانئيندا ها ته هن پر جي خونن تي سندين ديوي راضي ٿي ٿئي. جڏهين هو هيُ ڀَو جهڙو ڪم ڪين ڪندا ها تڏهين ٻين ماڻهن وانگر هو ٻنيءَ ۾ يا دڪان تي رڌل رهندا ها، ۽ ڪنهن کي سڌ ڪانه هوندي هئي ته هو ڪو ٻين ماڻهن جهڙا نه آهن. سڀني ٺڳن کي پنهنجي هڪڙي ڳجهي ٻولي ۽ ڳجهون نشانيون هيون، جنهن جي اُنهن ڌاران ٻئي ڪنهن کي خبر ڪانه هئي.

7- بينٽنڪ انگريزي عملدارن کي حڪم ڏنو ته وڃي ٺڳن ۽

سَتي

ڌاڙيلن کي ڳولي هٿ ڪن. ستن اٺن ورهين ۾ 1500 کان وڌيڪ ٺڳ جهليائون. ٿورن ورهين کان پوءِ هڪ به ڪونه رهيو ۽ سون ورهين جي مدت ۾ اِهو پهروين وقت هو، جو مسافرن ڪاڻ رستن تي سلامتي ٿي.

8- هڪڙي تمام بيرحميءَ جهڙي رسم جنهن کي سَتي ڪري سڏيندا ها، جُڳن کان وٺي ڪن هندن ۾ هلندي ايندي هئي؛ اُها هيءَ هئي ته جڏهين ڪنهن زال جو مڙس مرندو هو، تڏهن اُها وڌوا پنهنجي مئَل مڙس سان گڏ پاڻ کي جلائيندي هئي. اِنهيءَ ريت ويچاريون هزارين وڌوائون جلنديون هيون. پٽ پنهنجن مائرن کي پنهنجين هٿين جيئَرو وڃي جلائين، اِها اهڙي ڀيانڪ ڳالهه آهي، جو جيڪر وسهڻ ۾ ڪين اچي. پر رڳو بنگالي ۾ هڪڙي ورهيه 1817ع ۾ 700 کان ٻاهر وڌوائون جيئَريون ساڙيون ويئون. اڪبر اِنهيءَ بيرحم رسم بند ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي هئي؛ پر اُنهيءَ مان ڪين وريو. بينٽنڪ سو اِنهيءَ رسم جي پاڙ پٽي ڇڏي ۽ اِنهيءَ ڪري سڀ هندو سندس ڏاڍا شڪرگذار آهن.

9- 1833ع کان اَڳي هندستان جي رهاڪن کي ايسٽ اِنڊيا ڪمپني ڪي وڏيون يا چڱي مواجب واريون جايون ڪين ڏيندي هئي. پر اِنهي ورهيه ۾ هڪڙو قاعدو منظور ٿيو ته ڪا به جاءِ يا عهدو هندستان جي ديسي ماڻهوءَ کي ڏجي، جيڪڏهين هو سڀڪنهن طرح اُن جو لائق هجي. پهرائين گهڻا ديسي ماڻهو لائق ڪين ها؛ پر سال به سال وڌيڪ مقرر ٿيندا ويا؛ تنهنڪري هاڻي تمام گهڻيون سرڪاري نوڪريون هندستان جي ديسي ماڻهن کي آهن. هندستان جي ديسي ماڻهن لاءِ سرڪاري نوڪريءَ جا در پهرائين بينٽنڪ پٽيا ۽ تڏهانڪر اُهي در پٽيائي پيا آهن. گهڻا ڏيهي ماڻهو ڊيپوٽي ڪليڪٽر ۽ سب جج مقرر ٿيا.

10- جڏهين ايترا ڏيهي ماڻهو انگريز سرڪار جي نوڪريءَ ۾ گهڙي پيا ۽ انگريزي عملدارن سان سندن ايترو لاڳاپو ٿيو، تڏهين ضرور هو، ته هنن کي انگريزي ٻولي چڱيءَ طرح اچي، جنهن ۾ هو پڙهي، لکي ۽ ڳالهائي سگهن. سڀ ڪنهن پر جي ڪمائتي علم، سڀني هنرن ۽ گيان جو انگريزي ڪتابن تان وڏو ذخيرو ملي ٿو، جو هندستان جي ٻولين جي ڪتابن مان ڪين ٿو ملي. ۽ جيسين هندستان جا ماڻهو انگريزي نه سکن، تيسين اُهو علم هنن کي ڪئَن ملي؟ ڪنهين به ملڪ جي ڪتابن ۾ جيڪي چڱيون يا ڪمائتيون ڳالهيون آهن، سي انگريزي ڪتابن ۾ لڀن ٿيون؛ ڇاڪاڻ جو انگريز سڄي دنيا ٿا گهمن ۽ سڀڪنهن ملڪ جي ٻولي ٿا سکن ۽ جيڪي ڪمائتو آهي، تنهنجو پنهنجي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري ٿا وٺن. انگريزي ٻولي خزانه جي جاءِ وانگر آهي، جا سڄي جهان جي عقل ۽ علم سان ڀريل آهي ۽ انگريزي ٻوليءَ جي واقفيت ڄڻڪ هڪڙي ڪُنجي آهي، جنهن سان ماڻهو در پٽي اُنهيءَ جاءِ ۾ وڃي ٿو ۽ جيڪي وڻيس سو وٺي سگهي ٿو.

بينٽنڪ حڪم جاري ڪيو ته هندستان جي ڏيهي ماڻهن کي انگريزي سيکارڻ ڪاڻ سڪول کولجن. هن جي وقت کان وٺي ڏينهان ڏينهن وڌيڪ سڪول پئي کليا آهن ۽ هاڻي ته هزارين سڪول ٿي ويا آهن، جن ۾ انگريزي سيکارڻ ۾ ٿي اچي.

11- هندستان جا ماڻهو گهڻين قومن ۽ ذاتين ۾ ورهايل آهن، جن مان هر هڪ کي پنهنجي پنهنجي ٻولي آهي، جا ٻين سڀني ٻولين کان نرالي آهي. هڪڙو وقت هو، جو مدراس جو رهاڪو پنجاب جي رهاڪوءَ جي ٻولي نٿي سمجهي سگهيو؛ ڇاڪاڻ ته هن جي ٻولي ٻي هئي. پر هاڻي پنجابي مدراسيءَ سان انگريزيءَ ۾ ڳالهائي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته انگريزي جئَن پنجاب جي سڪولن ۾ سيکارڻ ۾ ٿي اَچي، تئَن مدراس جي سڪولن ۾ به ٿي سيکارڻ ۾ اَچي. پنجاب ۽ مدراس جي ماڻهن لاءِ چڱو آهي ته هو هڪ ٻئي سان ساڳيءَ ٻوليءَ ۾ ڳالهائي سگهن؛ ڇاڪاڻ جو هو ساڳئي بادشاهه جي رعيت آهن ۽ ٻئي ساڳئي وڏي هندستان جي قوم جا ماڻهو آهن.

12- جڏهين هندستان ۾ مغلن ۽ افغانن جي حڪومت ٿي هلي، تڏهن اِنصافي محڪمن ۽ سرڪاري دفترن ۾ پارسي ٻولي چالو هئي. هاڻي جڏهين انگريز هندستان جا حاڪم ٿيا آهن، تڏهين بينٽنڪ پارسيءَ جي جاءِ تي انگريزي وڌي.

66- لارڊ وليم بينٽنڪ (هلي پيو)

1- گورنر جنرل کي هندستان جو رئيس ٿي ڪري نه رڳو هندستان جي راجائن کي هڪ ٻئي سان وڙهڻ کان روڪڻو هو؛ پر هن کي اِهو به ڏسڻو هو، ته هو پنهنجي رعيت تي چڱيءَ پر حڪومت ڪن ۽ اُنهيءَ کي ايذاءُ نه ڏين. بينٽنڪ جي وقت ۾ اِها ڳالهه پوريءَ طرح محسوس نه ٿي ڪئي ويئي ۽ ڪن ڏيهي رياستن ۾ ماڻهن سان تمام خراب هلت ڪئي ٿي ويئي، امير هڪ ٻئي سان پيا وڙهندا ها ۽ اڪثر ڪري گهروُ ويڙهيون پي لڳيون. پهريائين ته بينٽنڪ اهڙين رياستن کي ڇڏي ڏنو ته ڀلي جئين وڻين تئن پيئون هلن پر پوءِ سمجهائين ته جيڪڏهن ڪو قدم نه کڻندس ته اُهي رياستون چٽ ٿي وينديون.

گواليار ۾ دولت راءِ سنڌيا مري ويو؛ هن کي پٽ ڪونه هو، ۽ هن جي راڻي ۽ سردار پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان وڙهڻ ۾ لڳي ويا. بينٽنڪ راڻيءَ کي چيو ته جنڪاجيءَ کي گود جو پٽ ڪر؛ ۽ اڃا وڏو ٿيو ته هن کي ملڪ تي حڪومت هلائڻ لاءِ گاديءَ تي کڻي وهاريائين.

ملهار راءِ هولڪر به مري ويو. هن به پٽ ڪونه ڇڏيو. هن جي راڻيءَ به حڪومت هٿ آڻڻ لاءِ جهٽ هنيون ۽ گهروُ جنگ ٿي پيئي. بينٽنڪ اڳئين راجا جي پٽ کي جو ماڻهن کي وڻندو هو، گاديءَ تي وهاريو، پوءِ سانت ٿي ويئي.

ڪرشنا راجا ميسور جو راجا

راجپوتانا جي ڪيترين رياستن ۾ به بينٽنڪ ساڳي اِنهيءَ ريت ڪيو. جيڪي حقي راجائن سان ڦريا، تن کي هن جُرات سان دٻائي ڦٽو ڪيو. ويڙهه هلي ها، ته هزارين ماڻهن جي جان وڃي ها؛ سي هاڻ بچي پيا.

2- مٿي چيل آهي ته 1799ع ۾ جڏهين ٽيپو مئو، تڏهين لارڊ ويلسلي ڪرشنا راجا نالي هڪڙي ننڍي ٻار کي ميسور جو راجا ٿاڦيو. جڏهين ڪرشنا راجا 16 ورهين جو ٿيو، تڏهين هو گاديءَ تي ويٺو، پر هو تمام خراب حاڪم نڪري پيو. هن پنهنجو سڀ خزانو اجاين رونشن ۾ وڃائي ڇڏيو. لائق ماڻهن کي عهدن ملڻ بدران جن گهڻا پيسا ٿي ڏنا، تن کي ٿي جايون مليون. هن پنهنجي لشڪر کي مواجب نٿي ڏنو ۽ ميسور جا ماڻهو ڏاڍي آزار ۾ ها. نيٺ 1830ع ۾ ماڻهو جڏهين وڌيڪ سهي نه سگهيا، تڏهين راجا سان ڦري بيٺا. تنهنڪري بينٽنڪ ملڪ ۾ وري صلح سانت ڪرڻ لاءِ لشڪر ڏياري موڪليو. راجا کي مواجب جوڙي ڏنائين ۽ تنهن کان پوءِ پنجاهن ورهين تائين ميسور ۾ انگريزي عملدار، جن کي ”ميسور ڪميشن“ ڪري سڏيندا ها، حڪومت هلائيندا رهيا. ملڪ سائو ۽ آسودو ٿيو ۽ رعيت سکي رهي. راجا کي گود جي پٽ وٺڻ جي موڪل ملي ۽ اُهو پٽس جڏهين وڏو ٿيو، تڏهين ميسور جو راجا ٿاڦيو ويو ۽ ”ميسور ڪميشن“ بند ٿي ويئي.

3- 1813ع سوڌو انگريزي ايسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ کي هندستان ۽ چين سان واپار ڪرڻ جو خلاصو حق هو. 1813ع ۾ لارڊ هيسٽنگس جي ڏينهن ۾ هندستان جو واپار سڀني لاءِ کليو رهيو، ته جنهن جي مرضي پئي، سو واپار ڪري، پر جئَن مٿي چيل آهي ته جڏهين ڪمپنيءَ جي موڪل ڌاران ڪو انگريز هندستان ۾ رهي ڪين ٿي سگهيو، تڏهين اِهو قانون اجايو هو. ويہ ورهيه پوءِ 1833ع ۾ انگريزن جي پارليمينٽ ويهن ورهين لاءِ ڪمپنيءَ کي سَنَد تازي ڪري ڏني، پر اِهو قانون ٺهرايائون ته ڪمپني هندستان سان پٽيءَ واپار نه ڪري. سَنَد ۾ اُنهن کي رڳو ملڪ تي حڪومت ڪرڻ جي موڪل ملي. هن وقت کان وٺي ڪوبه انگريز ڪنهن کان موڪل وٺڻ ڌاران هندستان ۾ وڃي ۽ جتي وڻيس تتي رهي سگهيو ٿي. هن کان پوءِ گهڻائي انگريز هندستان ۾ واپار ڪرڻ ۽ ملڪ ڏسڻ لاءِ آيا. واپار جو گهڻو واڌارو ٿيو ۽ هندستان جا رهاڪو اڳين کان وڌيڪ دولت وارا ٿيا. اُنهيءَ ساڳئي وقت چين جو واپار به سڀڪنهن ماڻهوءَ لاءِ کليو رهيو.

4- اودهه جي نواب 1801ع ۾ جيڪو ملڪ انگريزن کي ڏنو هو ۽ جيڪو ملڪ سنڌيا کان ورتو ويو هو، سي ٻئي گڏي هڪڙو نئون کاتو ٺاهيائون، جنهن کي اُتر اُلهندي جا علائقا ڪري سڏيائون، ۽ اُنهن کي هڪڙي ليفٽننٽ گورنر جي هٿ هيٺ رکيائون. هاڻي اُنهن کي چوندا آهن آگرهه ۽ اودهه جا گڏيل علائقا.

هڪڙو ڪرگ سردار

 

5- ڪُرگ هڪڙو ننڍڙو جابلو ملڪ ميسور جي اُلهندي، اُلهندي گهاٽن ۾ آهي. ماڻهو ٽولين يا وڏين آڪهين ۾ وراهيل آهن ۽ هر هڪ اهڙيءَ ٽوليءَ کي پنهنجو پنهنجو سردار آهي. صدين کان وٺي اُتس هندو راجائون راج ڪندا ها. حيدر ۽ ٽيپوءَ اُهو ملڪ ورتو، پر جهلي ڪين سگهيس، ڇاڪاڻ جو ڪرگين وري وري فساد مچائي ڏنو. ٽيپوءَ جي مرڻ کان پوءِ جيڪو راجا اُن وقت راڄ ڪندڙ هو سو آرام ۾ رهيو. هن کان پوءِ جيڪي ٻه راجائون ٿيا، تن حڪومت خراب طرح هلائي، پر ويرا راجا جو بينٽنڪ جي ڏينهن ۾ راجا هو، سو ته اڳين کان به ڏهه رتيون ڪسر هو. هن سوين ڪرگي مارائي ڇڏيا ۽ پنهنجا ڀائر ۽ ڀينر سڀ ڪهارايائين. ڪوبه سلامت  نه هو، جيڪي ڀڄي سگهيا، سي ملڪ مان نِڪري ويا. ڪيترائي انگريزي عملدار هن کي خبردار ڪرڻ لاءِ موڪليا ويا. پر هن ڪنهن جي ڳالهه ڪانه ٻڌي. 1834ع ۾ بينٽنڪ ڪرگ ڏي لشڪر ڏياري موڪليو. راجا جا سپاهي بهادريءَ سان وڙهيا؛ پر راجا پاڻ ٻيلي ۾ ڀڄي ويو. هو سگهوئي جهليو ۽ پوءِ گورنر جنرل ڪرگ جي سردارن کي ٻئي راجا ڏئڻ لاءِ چيو. سڀني هڪ راءِ ٿي چيو ته ڪرگ ۾ انگريزن جي حڪومت ٿئي ۽ راجا نه ٿئي. گورنر جنرل اُنهن جي مرضيءَ موجب ڪيو ۽ ڪرگ برٽش اِنڊيا جو ڀاڱو ٿي ويو. اُنهي وقت کان وٺي ڪرگين کي بنا موڪل هٿيارن کڻڻ جي اجازت آهي. ڪُرگ جي راجا کي ملڪ ڇڏي وڃڻو پيو. کيس پينشن ڏياري ويئي ۽ هو پهرين ويو ويلور ۾ جتان وري ويو بنارس ۾. 1852 عيسوي ۾ ويو اِنگلنڊ جتي گذر ڪري ويو.

سر چارلس ميٽڪاف

 

67- سر چارلس ميٽڪاف، ڪم هلائيندڙ گورنر جنرل

      1835 عيسوي کان 1836 عيسوي تائين

1- سر چارلس ميٽڪاف اُتر اُلهندي علائقن جو گورنر بينٽنڪ کان پوءِ 1835 عيسوي ۾ هڪ سال لاءِ گورنر جنرل ٿي ڪم ڪيو. بينٽنڪ جيڪي قانون ٺاهي ويو هو ته هندستان جا ماڻهو ڀلي پنهنجون اخبارون جاري ڪن جن ۾ بنا ڪنهن جي به موڪل وٺڻ جي، جيڪي وڻين سو لکي سگهن، بشرطيڪ هنن جو لکيو ڪنهن کي ڏکوئي نه، سي هن قاعدي جي صورت ۾ آندا. اخبارن مان اسان کي خبر پوي ٿي ته ٻين هنڌ ڇا پيو وهي واپري. اسين ته جتي ڪٿي حاضر ٿي نه ٿا سگهون پر اخبارن پڙهڻ سان اسان کي هر هنڌ جي خبر پئجي سگهي ٿي. ملڪ جا حاڪم اڪثر ڪري اخبارن مان ئي سهي ڪندا آهن ته سندن قاعدا ۽ قانون رعيت کي ڪيتري قدر آئرن ٿا ۽ جيڪڏهن ڏسندا ته ڪي قاعدا يا قانون پورو ڪارج نه ٿا ڏين يا ماڻهن کي ڪو نقصان رسائين ٿا ته هنن ۾ ڦيرڦار ڪري سگهن ٿا. پهرين پهرين اخبار جا هندستان ۾ ڇاپي ويئي سا هڪ انگريز 1780ع م ڇاپي. پهرين پهرين هندستاني اخبار 1822ع ۾ بمبئي ۾ ڇاپي ويئي. 1835ع کان اڳي رُڳيون ڇهه هندستاني اخبارون هيون؛ هاڻي ته اٺن سَوَن کان به وڌيڪ آهن.

 

68- لارڊ آڪلنڊ، ڏهون گورنر جنرل

     1836 عيسوي کان 1842 عيسوي تائين

1- افغانستان جو ڪنهن وقت مغل شهنشاهت جو هڪ پرڳڻو هو تنهن تي احمد شاهه (جنهن سنڌ ۽ بلوچستان فتح ڪيو هو) جي وقت کان وٺي امير راڄ ڪندا ها. احمد شاهه جي وفات کان پوءِ سکن جي هڪ وڏي سردار، رنجيتسنگ نالي، افغانن کان پنجاب هٿ ڪري اُن ۾ پنهنجي حڪومت جاري ڪئي. سنڌ پڻ هڪڙن چئن بلوچي سردارن (جن کي امير ڪري ڪوٺيندا ها) فتح ڪئي. خود افغانستان ۾ ڪيترا سال ويڙهه ۽ خونريزي لڳي پئي هئي، ڇاڪاڻ ته ڪيترا افغان سردار تخت لاءِ هڪ ٻئي سان پيا وڙهندا ها.

لارڊ آڪلنڊ

2- لارڊ آڪلنڊ جي زماني ڌاري ٻه سردار ها، جن  افغانستان جي تخت جي دعويٰ ٿي ڪئي: هڪڙو هو شاهه شجاع جو احمد شاهه جو اولاد هو ۽ ٻيو هو دوست محمد جو احمد شاهه جي مکيه وزير جي پيڙهيءَ مان هو. دوست محمد ٻنهي مان زور وارو هو. هن شاهه شجاع کي ڪابل مان تڙي ڪڍيو. شاهه شجاع هندستان ڏي ڀڄي آيو، جتي انگريزن هن کي گذران لاءِ مواجب جوڙي ڏنو.

3- دوست محمد گورنر جنرل کي لکي موڪليو ته رنجيت سنگه کي چؤ ته اسان کي پنجاب جو ڀاڱو، پشاور، موٽي ڏي. اِئين ته هو ڪري نه ٿي سگهيو ڇاڪاڻ ته رنجيت سنگه انگريزن جو دوست ۽ طرفدار هو. اِنهيءَ تي دوست محمد کي ڪاوڙ لڳي.

4- هن وقت روس ويو ٿي وچ ايشيا مان افغانستان ڏانهن ڌوڪيندو. هنن ڪئين ملڪ ورتا هوا ۽ ڪڇ انديشو هو ته متان هندستان تي ڪاهي اچي. هنن دوست محمد ڏي هڪ عملدار موڪليو جنهن سان هن عهدنامو ڪيو.

شاهه شجاع

- گورنر جنرل ڀانيو ته افغانستان ۾ ڪو خيرخواهه  اَمير هجي ته چڱو، جو انگريزن کي مدد ڏئي ۽ جيڪڏهن رشيا واراکڻي هندستان تي ڪاهه ڪن، ته هو ساڻن وڙهي. هن انهيءَ ڪري وري هيڪر شاهه شجاع کي افغانستان جي گاديءَ تي وهارڻ جو ٺهراءَ ڪيو؛ ڇاڪاڻ ته هو حقي وارث به هو ۽ انگريزن جو سڄڻ به هو.

6- 1839ع ۾ انگريزي لشڪر سنڌوندي لنگهي پار ٿيو ۽ بولان جي دري جي رستي بلوچستان مان لنگهي قنڌار تي چڙهي ڪري ويو. قنڌار وٺي لشڪر غزنيءَ تي ڪاهي ويو؛ سخت جنگ کان پوءِ اُها به ورتي. پوءِ دوست محمد اُتر ڏي بخارا جي پاسي ڀڄي ويو ۽ شاهه شجاع کي افغانستان جي گاديءَ تي وهاريائون ۽ سر ڊبليو مئڪناٽن کي کيس حڪومت ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ لاءِ اُتي ڇڏيائون.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org